آغا گل
سنڌيڪار: آغا نور محمد پٺاڻ
(براهوي ڪهاڻي)
پوغٽ
چڙيا گهر به ڇا ته مزي واري جاءِ آهي، جيئن نوح جي ٻيڙي. قسمين
قسمين جانور، جتي انسان پڃرن ۾ بند جانورن کي ڏسي
خوش ٿيندا آهن. شهرن جو وري ڪهڙو حال آهي! الامان
والحفيظ! انسان ئي انسان... شهر انسانن جو دوزخ
بڻجي چڪا آهن، تڏهن ته شاهه لطيف چيو آهي ته ”ڀينر
هن ڀنڀور ۾ دوزخ جو دونهون“. آچر جي ڏينهن خاص طور
تي چڙيا گهر ۾ ڏاڍي رونق لڳل هوندي آهي ۽ مزي جي
ڳالهه ته چڙيا گهر ۾ دنگو ۽ فساد ڪڏهن به نه ٿيندو
آهي، ڇو ته جانور پڃرن ۾ بند آهن. پر هڪ ڏينهن
منهنجي دفتر ۾ پوغٽ هليو آيو ۽ چوڻ لڳو ته سائين
مون کي چڙيا گهر ۾ ڇڏي اچ، ڪيترائي پڃرا خالي پيا
آهن. مون هن کي چيو ته اڙي تون ته ڪو چريو آهين،
اسان توکي ڀوڳن ۾ پوغٽ چوندا آهيون، تون حقيقي
پوغٽ ٿوروئي آهين؟ مان ڪيئن حقيقي پوغٽ بڻجي سگها
ٿو، هن ڪاوڙ ۾ چيو، حضرت آدم عليہ السلام کان وٺي
هن مهل تائين ڪيترا نبي ۽ ولي آيا. پر انسان انسان
نه بڻجي سگهو ته مان پوغٽ ڪيئن ٿي سگهندس؟ وڃ،
چڙيا گهر جي ٻاهر ويهي ڪري بُوٽ پالش ڪر. مئنيجر
پوغٽ کي چيو. ”سائين مان ڇا ڪيان، ماڻهو بوٽن
بدران جوگر پائي ٿا اچن، ڌنڌو صفا ناهي، واندو
ويهي مکيون ٿوروئي ماريندس! پوغٽ جهٽ پٽ ۾ کيس
جواب ڏنو. پر ماڻهو تيزيءَ سان غريب ٿي رهيا آهن.
انهن جي رت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ چوسي رهي آهي،
هاڻي بوٽ ڪير پالش ڪرائيندو وتي. انسانن کي ته
پالش ڪري مسڪا لڳائي ڪري منسٽري (وزارت) تائين
حاصل وڃي ٿي پر بوٽ ته پيرن ۾ رهي ٿو. فيشن بدلجي
رهيا آهن. جوتو ۽ بوٽ پراڻن قدرن جيان ناپيد ٿي
رهيا آهن، هر طرف جوگر ئي جوگر پاتا ٿا وڃن.
سائين، جوگر پالش ته گهرندو ئي نه آهي. مئنيجر
پهرين ته پوغٽ جي انهن سڀني ڳالهين کي مذاق سمجهي
انهن ڏانهن ڌيان نه ڏنو پر هن جڏهن ڏٺو ته پوغٽ به
سندس جند ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ته هو خفا ٿي ويو.
هاڻي جيڪڏهن بڪواس ڪيئي ته ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيندو
مان، مئنيجر انتهائي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو. اهڙي
ڌمڪي ٻڌي پوغٽ جا به وائيسر ڦري ويا ۽ چوڻ لڳو ته
تون ٻين جانورن کي ڇو نٿو ڪڍين؟ ڪمال آهي، اِهي
پڃرن مان ڀڄڻ چاهين ٿا، اهو فقط مان آهيان جيڪو
مرضي سان قيد ٿيڻ ٿو چاهيان، پوءِ به تون مون کي
ڌمڪيون ٿو ڏين؟ پوغٽ هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو. اڙي
بيوفوفن جا سردار! شهر به چڙيا گهر کان گهٽ نه
آهن، پر پٽ تون اڳ ۾ ئي ان چڙيا گهر ۾ پيو رهين.
توکي هتي اچڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مئنيجر ڪاوڙ واري
انداز ۾ اهي جملا چئي ويو. پوغٽ وراڻيو ته ڪمال
آهي، جانور چڙيا گهر ۾ رهن، رهائش مفت کاڌو به مفت
ملي، نه ڪرايو ڏين نه پاڻي ۽ بجلي جو بل ۽ نه
ٽيڪس، پر اسان جي ته چيلهه ئي چٻي ٿي ويئي آهي ۽
وري چوين ٿو ته شهر چڙيا گهر آهي. ٻڌاءِ هاڻي ڪيڏو
فرق آهي چڙيا گهر ۽ شهر ۾! توکي ڇاهي، تون بس يڪدم
ٻڙڌڪ مچائي سڀ ڪجهه چئي ٿو ڇڏين. پوغٽ جي اهڙين
کرين ڳالهين تي مئنيجر مڇرجي ويو. سندس چهرو سرخ
ٿي ويو ۽ رڙ ڪري گارڊ کي چيائين ته اڙي هن کي ڌڪا
ڏيئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. محافظ ويچارا حڪم جا منتظر
هئا، بس انهن دير ئي نه ڪئي ۽ پوغٽ کي ٻاهر ڪڍي
ڇڏيائون.
پوغٽ هونئن سٺو ڀلو انسان هو. هڪ ڏينهن ٿيو ائين جو هڪ ٻار ان
کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ رڙيون ڪيائين: ”پوغٽ ماءُ
پيءُ حيران ٿي ويا ته اسان جي لا ڏلي کي ڇا ٿي ويو
اڳ مايوس هو ۽ هاڻي پوغٽ پوغٽ (ڏيڏر، ڏيڏر) چئي
ڪري ٽهڪ ڏئي رهيو آهي ته انهن کي به انتهائي سر
هائي ٿي. ڇو جو جنهن ڪري هو چڙيا گهر آيا هئا اهو
انهن جو مقصد پورو ٿي ويو ۽ ٻار پوغٽ سان کيڏي لطف
اندوز ٿي رهيو هو. جڏهن ته هوڏانهن وري غلط روين،
عدم توجهه ۽ بي نيازيءَ جو شڪار پوغٽ پهرين پاڻ
ڏانهن ڪنهن کي متوجهه ٿيندي ڏٺو ۽ محبت محسوس
ڪيائين ته ان کان به ٽهڪ نڪري ويا. جهٽ پٽ پنهنجون
آڱريون وات ۾ وجهي ڪري وات کي ڪنن تائين ڇڪيائين ۽
ڏيڏر جو آواز ڪري ’ٽران ٽران‘ ڪرڻ لڳو، جنهن تي
ٻار کل ۾ ٻڏي ويو ۽ سندس پيءُ خوش ٿي ڪري پوغٽ کي
هڪ رپيو به ڏنو. پوءِ ته اهو سلسلو هلي پيو. ننڍن
ٻارڙن تي نظر پوڻ سان ئي پوغٽ ڏيڏر بڻجي ٽران ٽران
جو آواز پوغٽ“ ڪڍندو هو، جنهن سان ٻارڙا ڏاڍو خوش
ٿيندا هئا. ائين آهستي آهستي ٻارڙا ان جو نالو ئي
وساري ويٺا
۽ پوغٽ (ڏيڏر) نالو ۽ سندس سڃاڻپ بڻجي ويو ۽ کيس ”پوغٽ، پوغٽ“
چوندا هئا. هونئن به غريبن جا نالا ٿوروئي ٿيندا
آهن. غريب ته بس غريب آهن. جڏهن ته مئنيجر کي وري
پوغٽ (ڏيڏر) سان دل ۾ ڏاڍي همدردي هوندي هئي، ڇو
جو دنيا ۾ ان (پوغٽ) جو ڪير به نه هو. سڄي جواني
”پاڪستان جو مطلب ڇا؟“ وارا نعرا هڻندي گهاري
ڇڏيائين، ۽ هاڻي 40 ورهين کان چڙيا گهر جي در تي
پوغٽ (ڏيڏر) بڻيو پنهنجي سوال جو جواب ڳولي رهيو
هو. پر کيس اها ڄاڻ ئي نه هئي ته جنهن سوال جو
جواب هو ڳولڻ ٿو چاهي ان جو جواب اصل ۾ هو پنهنجو
پاڻ ئي هو. مئنيجر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا پراڻا ڪپڙا به
کيس ڏيندو هو. ڏک جي ڳالهه وري ان لاءِ اها به هئي
ته پوغٽ ڏينهون ڏينهن چريو پئي ٿيندو ويو. سندس
دماغ صحيح ڪم نٿي ڪيو ۽ ان جي ڳالهائڻ جي انداز ۽
ادائن مان ئي سڀڪو چڱي ريت اندازو لڳائي ٿي سگهيو
ته پوغٽ (ڏيڏر) ذهني طرح اجڙيل آهي. پوغٽ (ڏيڏر)
اڪثر اجايون سجايون ڳالهيون ڪندو هو. لٻاڙ، بي
مقصد ۽ بيوقوفن واريون ڳالهيون ته ان ڳالهه جو
ثبوت هيون ته ان جي ڪل ٿڙيل آهي. سندس اهو حال ڏسي
مئنيجر جي دل ۾ ان لاءِ احساس پيدا ٿيو. پوغٽ سان
آهستي آهستي همدردي وڌنڌي ويئي. سرد راتين ۾ جڏهن
پهاڙن جي چوٽين تان برفاني هوائون اينديون هيون ته
مئنيجر پنهنجي خيال ڪرڻ بدران ان ويچاري جي ڳڻتي ۾
غلطان هوندو هو. تنهن وقت پوغٽ جا الائي ڪهڙا حال
هوندا. رڙ ڪندو هوندو ته کيس پائڻ لاءِ ڪجهه هوندو
به يا نه، يا زندهه به آهي يا نه. قانون جي
بالادستيءَ ۽ احترام ڪرڻ واري حڪم جو پابند هئڻ
ڪري هو ان کي چڙيا گهر ۾ رکي نٿي سگهيو. انسانن جي
لاءِ ته عقوبت خانا آهن، جيل آهن، پر پوغٽ ته
معصوم هو، ڪنهن ڏيڏر وانگر پيار ۽ محبت ڪرڻ وارو.
نقصان پهچائڻ واري نظريي جو قطعي مخالف ۽ وڏين پر
حيرت ڀريل اکين سان دنيا جي رنگينين کي ڏسڻ وارو
هو.
هڪ ڏينهن اوچتو چڙيا گهر ۾ هنگامو ٿي پيو. پوغٽ جي هيانءُ
ڏاريندڙ رڙين آسمان مٿي تي کنيو. مئنيجر اهو ٻڌي
گهٻرائجي ويو ۽ ٻاهر وٺي ڀڳو. ڇا ڏسي ته سپاهي
پوغٽ کي ڪٽي رهيا هئا. لتن، مڪن ٿڏن جي وسڪاري سبب
ويچارو پوغٽ رتورت ٿي ويو هو. سندس نڪ مان به رت
وهي رهيو هو. ماڻهن جو وڏو ميڙ حسرت ڀريل نگاهن
سان اهو تماشو ڏسي رهيو هو. پر ڪنهن کي به جرئت
نٿي ٿي ته پوڙهي ۽ بيوس پوغٽ جي جان جوتن مان
ڇڏائين. اهي سڀ ڊنل نظرن سان پوغٽ کي مار کائيندي
ڏسي رهيا هئا. ايتري ۾ مئنيجر به اچي پهتو ۽
مداخلت تي سپاهين هٿ ڍرا ڪيا ۽ پوغٽ ڦهڪو ڪري زمين
تي اچي ڪِريو. هن کي ڇا ٿيو آهي؟ هي ته پاڳل آهي،
هن کي سڀڪو پوغٽ پوغٽ ڪري سڏي ٿو. اوهان ان لاءِ
رڻ ٻاري ڏنو آهي، مئنيجر ڪاوڙ پيئندي حسرت ڀريل
نگاهن سان سپاهين کان سوال ڪيو. هي ڪمينو انسان
اسان سان بدتميزي ڪري رهيو هو ۽ چئي پيو ته هي
بندقون ڇا ڪنديون؟ اسان سمجهيوسين ته پوڙهو آهي
ڇڏيونس، بڪواس ٿو ڪري ۽ کيس چيو ته بابا هن سان
تنهنجي دشمنن کي ماريندا آهيون پر هو مُڙيوئي نه ۽
بڪ بڪ جاري رکيائين ته منهنجا دشمن ته مڇر آهن،
منگهڻ ۽ وڇون آهن انهن کي ماريو. انهن لاءِ هٿيار
ٺاهيو ۽ اهڙيون بندقون ٺاهيو جيڪي گهر اَڏين.
اهڙيون توبون ايجاد ڪيو جنهن جي فائر سان اٽي جي
ٻوري ٺهي وڃي ۽ اهڙو راڪيٽ ڇو نٿا ٺاهيو، جنهن سان
غربت ختم ٿي وڃي. سپاهي تڙتڪڙ ۾ سڄي ڪهاڻي مئنيجر
کي ٻڌائي ۽ چوڻ لڳو ته اڃا اسان تي ڏوهه آهي ته ان
کي ڇو ٿا ماريو. مئنيجر ٿڌو ساهه ڀريو ۽ چوڻ لڳو
ته ها اوهان سچ ٿا چئو. هي (پوغٽ) ڪميڻو ۽ پاڳل
آهي، ۽ پوءِ هن پنهنجي عملي کي سڏ ڪيو جيڪو اڳ ئي
سڄي صورتحال سبب گهٻرايل هو. ”هي پوغٽ آهي، ان
گستاخ کي چڙيا گهر ۾ رهڻ گهرجي. وڃو، هن کي ڪنهن
خالي پڃري ۾ بند ڪري ڇڏيو.“
(آغا گل، بلوچستان، جي هيءَ ڪهاڻي اُردوءَءَ ۾ ”منثور“ ۾ شايع
ٿي هئي.)
*
آَرنيسٽ هيمنگوي
سنڌيڪار: عرفان علي انصاري
هڪ روشن ۽ صاف جڳهه جي ڪهاڻي
اڌ رات ٿي چڪي هئي. سڀيئي ماڻهو ڪيفي مان هليا ويا هئا، فقط
هڪڙو پوڙهو ماڻهو بلب جي جهيڻي روشنيءَ ۾ جهرڪندڙ
وڻ هيٺ ويٺو هو. سڄو ڏينهن گهٽيءَ ۾ ڌوڙ اڏامندي
رهندي هئي، پر رات جو ماڪ پوڻ جي ڪري مٽي ويهيو ٿي
رهي. پوڙهو هر رات جو دير دير تائين ڪيفي ۾ ويٺو
هوندو هو. هو ڪجهه ٻوڙو به هو، انڪري هن کي رات جي
خاموشي وڻندي هئي، ڪيفي جي ويٽرن کي اها خبر هوندي
هئي ته پوڙهي کي اڃا ٿورڙا نشا چڙهيا آهن. پراڻي
گراهڪ هجڻ جي ڪري هنن کي اِها به خبر هئي ته
جيڪڏهن هن کي وڌيڪ نشا چڙهيا ته پئسن ڏيڻ کان
سواءِ ئي هليو ويندو، جنهن جي ڪري اُهي هن کي اک ۾
رکندا هئا.
”پوئين هفتي هن خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.“ هڪڙي ويٽر
ٻڌائيندي چيو.
”ڇو؟“
”هو مايوس ٿي چڪو هو.“
”ڇا لاءِ؟“
”ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“
”تون ڪيئن ٿو چوين ته ڪا خاص ڳالهه ڪانهي.“
”هن وٽ ڏوڪڙن جي گهٽتائي ڪانهي.“
ٻيئي ڄڻا دروازي وٽ رکيل ميز تي ويهي ٽيرس ڏانهن نهاري رهيا
هئا.
سڀيئي شيون خالي پيون هيون سواءِ پوڙهي جي ميز جي، جيڪا وڻن جي
پتين جي ڇانو ۾ وڇايل هئي. پن هوا ۾ آهستي آهستي
لڏي رهيا هئا. هڪ ڇوڪري ۽ فوجي گهٽيءَ مان
لانگهائو ٿيا. گهٽيءَ ۾ لڳل بلب جي ڪري فوجيءَ جي
ڪالر تي لڳل پتل جو ٻلو چمڪي رهيو هو. ڇوڪري مٿي
اگهاڙي فوجيءَ پويان وڃي رهي هئي.
”چوڪيدار هنن کي پڪڙيندو“، ويٽر ڀڻڪيو.
”جيڪڏهن هن کي پنهنجي مرضيءَ جي شيءَ ملي وڃي ته پوءِ هن کي
ڪهڙي پرواهه؟ پر هاڻي هن کي گهٽيءَ مان نڪري وڃڻ
گهرجي، ڇو جو چوڪيدار پهچي نه وڃي. پنج منٽ اڳ ۾
هو هتان چڪر هڻي ويو آهي.“
پوڙهي گلاس سان پليٽ وڄائي ته نوجوان ويٽر هن وٽ آيو.
”هاڻي وري ڇا کپئي؟“
پوڙهي هن ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين: ”هڪ ٻي برانڊي.“
”تون صفا ڌُت ٿي ويندين“، ويٽر چيس، پوڙهي ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺس ۽
ويٽر واپس هليو ويو.
”هو هاڻي سڄي رات هتي ئي ويٺو هوندو“ هن پنهنجي ساٿيءَ کي
ٻڌايو.
”مون کي هاڻي ننڊ پيئي اچي. ڪڏهن به ٽين وڳي کان اڳ هنڌ تي سمهڻ
نصيب ناهي ٿيو، ان ڪري بهتر هو ته پوئين هفتي هو
خودڪشي ڪري ڇڏي ها.“
ڪيفي جي ڪائونٽر تان هڪ برانڊيءَ جي بوتل ۽ هڪ پليٽ کڻي هو ٻيهر
پوڙهي جي ميز ڏانهن ويو. پليٽ ميز تي رکي گلاس ۾
برانڊي اوتيائين.
”توکي پوئين هفتي پنهنجي زندگيءَ جو قصو ختم ئي ڪري ڇڏڻ گهرجي
ها“، هن پوڙهي کي مخاطب ٿيندي چيو.
پوڙهي هٿ جي اشاري سان هن کي چيو ته ”اڃا ٿوري وَڌيڪ وجهي ڏي.“
ويٽر ڇا ڪيو جو گلاس ۾ برانڊي ايتري ته وڌائين جو
برانڊي گلاس مان وهي خالي پليٽ ۾ اچي پهتي.
”مهرباني“، پوڙهي چيو.
ويٽر باقي بچيل بوتل ڪيفي ۾ کڻي ويو ۽ پنهنجي ساٿيءَ سان اچي
ويٺو.
”هاڻي هو صفا ڌُت ٿي چڪو اهي“، هن ٻڌايو.
”هو هر رات ڌُت ٿي ويندو آهي.“
”هن خودڪشيءَ جي ڪوشش ڇو ڪئي؟“
”مان ڪڏهن به ايڏو پيرسن ٿيڻ نه چاهيندس. پيري به مصيبت آهي.“
”ضروري ناهي. هي پوڙهو به تمام صاف سٿرو ماڻهو آهي. ڍُڪ هارڻ
کان سواءِ شراب پيئندو آهي، هينئر به هو ڌُت آهي،
پر ڏسينس.“
”مون کي شوق ناهي هن کي ڏسڻ جو. آءُ ته فقط چاهيان ٿو ته هو
هينئر جيڪر گهر هليو وڃي، هن کي ٻين جو ته خيال
اصل ئي نٿو ٿئي.“
پوڙهي گلاس مان ديد ڪڍندي چوڪ ڏانهن ڏٺو ۽ بعد ۾ ويٽرن کي.
”هڪ ٻِي برانڊي“، هن گلاس ڏي اشارو ڪندي چيو. جنهن ويٽر کي گهر
وڃڻ لاءِ جلدي هئي، اهو هن ڏانهن ويو.
”ختم...“ هو نشي ۾ ڌُت ماڻهن يا وري پرڏيهه مان ايندڙ ماڻهن
وانگر اڌوگابرن جملن ۾ ڳالهائي رهيو هو: ”اڄوڪي
پوءِ نه.“
”بند.“
”هڪڙي ٻي کڻي اچ،“ پوڙهي چيو،
”نه... ختم...!“ ويٽر ميز صاف ڪندي مٿي سان نهڪار ڪيائين. پوڙهو
اُٿي کڙو ٿيو ۽ آهستي آهستي پليٽون ڳڻڻ لڳو، کيسي
مان چمڙي جو ٻٽون ڪڍيائين ۽ ٿوري ٽِپ سان بل ڏيئي
روانو ٿيو. ويٽر هن کي گهٽيءَ مان ويندي گهوري
رهيو هو. تمام پيرسنيءَ جي حالت ۾ پوڙهو جهولندو
جهومندو پر هڪ خاص وقار سان هلندو ويو.
”تو هن کي ڇو اُٿاريو؟ پيئڻ ڏينس ها“، ٻئي ويٽر، جنهن کي گهر
وڃڻ لاءِ جلدي نه هئي، تنهن پهرين کان پڇيو.
هو ڪيفي جو شٽر بند ڪري رهيو هو: ”اڃا ته اڍائي به نه وڳا آهن.“
”مان گهر وڃي سمهڻ چاهيان ٿو.“
”هڪ ڪلاڪ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي.“
”وقت ته سڀني لاءِ برابر آهي.“
”يار! تون ته صفا پوڙهن جهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين. هو جيڪڏهن
چاهي ته بوتل خريد ڪري پنهنجي گهر ۾ پِي سگهي ٿو،
پر گهر ۾ اُها ڳالهه ڪٿي جيڪا هن جڳهه تي آهي.“
”ها واقعي“، جنهن ويٽر کي زال هئي ان اتفاق ڪيو. ”هو زيادتي نٿو
ڪرڻ چاهي. اڄ هن کي اڳ ئي جلدي هئي.“
”۽ توکي...“ توکي معمول مطابق اڳ ۾ گهر وڃڻ کان خوف نٿو ٿئي؟“
”ڇا تون منهنجي توهين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين.“
”اڙي نه بابا! مذاق پيو ڪريان.“
”مون کي ڪهڙي خبر؟“
”هن خودڪشي ڪرڻ لاءِ طريقو اختيار ڪهڙو ڪيو؟“
”هن رسي سان خودڪشي ڪرڻ ٿي چاهي.“
”هن کي پوءِ هيٺ ڪنهن لاٿو؟“
”هن جي ڀاڻيجيءَ.“
”هن ائين ڇو ڪيو؟“
”هن جي روح کي عذاب کان بچائڻ لاءِ.“
”هن وٽ ڏوڪڙ ڪيترا آهن؟“
”تمام گهڻا.“
”پوڙهو اسي سالن جو ته ٿي چڪو آهي؟“
”ها بلڪل، اسي ورهين جو ته پڪو هوندو.“
”ڪاش، هو هاڻي جيڪڏهن گهر هليو وڃي. مان ڪڏهن به ٽين وڳي کان اڳ
گهر هنڌ تي نٿو پهچي سگهان. مار پويس، اِهو به ڪو
وقت آهي سمهڻ جو؟“
”هن کي دير دير تائين ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي.“
”هو ته اڪيلو آهي پر آءٌ اڪيلو ناهيان. منهنجي زال هنڌ ۾ منهنجو
انتظار ڪري رهي هوندي.“
”ڪڏهن هن جي به زال هئي.“
”جيڪڏهن هوءَ هينئر جيئري به هجي ها ته هن جي ڪهڙي ڪم جي؟ خير!
ان سلسلي ۾ اسين ڇا ٿا چئي سگهون؟ پر ٿي سگهي ٿو
ته زال جي هوندي هن جي اهڙي خراب حالت نه هجي ها.“
”هن جي ڀاڻيجي هن جي سار سنڀال لهندي آهي.“
”ها، تو ٻڌايو پئي نه ته هن سندس ڀاڻيجيءَ خودڪشي ڪرڻ کان بچايو
هو.“
”نه،“ پهرئين ويٽرن شٽر بند ڪندي چيو: ”مون کي پورو يقين آهي.“
”ها، تو وٽ ته جواني آهي، اعتماد آهي، روزگار آهي.“ پوڙهي ويٽر
چيو.
”تو وٽ سڀڪجهه آهي.“
”۽ توکي ڪهڙي شيءَ جي گهٽتائي آهي؟“
”روزگار کان سواءِ هر شيءِ جي.“
”تو وٽ اهو سڀ ڪجهه آهي جيڪو مون وٽ آهي.“
”اعتماد ته مون کي ڪڏهن به ناهي رهيو، ۽ هاڻي ته جواني به هٿن
مان ويئي هلي!“
”ڇڏ يار، اجايون ڳالهيون نه ڪندو ڪر، وات بند ڪر.“
”مان به اُنهن ماڻهن آهيان جيڪي رات جي پوئين پهر تائين ڪيفي ۾
ويٺا هوندا آهن.“ پوڙهي ويٽر ڳالهائيندي چيو.
”جنهن کي هنڌ تي سمهڻ جي جلدي ناهي هوندي، جن کي
رات جي وقت ۾ روشنيءَ جي تلاش هوندي آهي.“
”پر مون کي گهر وڃڻ ۽ هنڌ تي ليٽڻ پسند آهي.“
”انهيءَ جي ڪري ته اسان ٻنهي ۾ فرق آهي.“ پوڙهي ويٽر وري جواب
ڏنو. هو ڪپڙا بدلائي گهر ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار هو.
”سڄي ڳالهه جواني ۽ اعتماد جي آهي ۽ اهي تمام خوبصورت شيون آهن.
هر رات ۾ آءٌ ڪيفي کي بند ڪرڻ ۾ ڪيٻائيندو آهيان
ته متان ڪنهن رات جي ڪنهن سمئي ۾ ان جي ضرورت پئجي
وڃي.“
اڙي يار! ننڍا ننڍا شراب خانا هونءَ ئي سڄي رات کُليا پيا هوندا
آهن.“
”تون ڪونه سمجهندين. اسان جو ڪيفي صاف ۽ سڪون وارو آهي. هتي
روشني هوندي آهي ۽ روشني تمام سٺي شيءِ آهي. ان
کان علاوه هاڻي ته پنن جو سايو به ته آهي نه. چڱو
هاڻي سڀاڻي ملنداسين.“ نوجوا ويٽر روانو ٿي ويو.
”چڱو خدا حافظ!“ ٻئي ويٽر جواب ڏنو.
”بتيون وسائيندي هو پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو. روشني ته
خير پر جاءِ کي به ته صاف ۽ خوشگوار هئڻ گهرجي.
موسيقي جي اهڙي ضرورت ناهي، بلڪل به ضرورت نٿي
محسوس ٿئي، پر انهن شين کان سواءِ سڄي رات ويهڻ به
ته ناممڪن آهي. آخر هن کي ڪهڙي شيءِ جو ڊپ آهي. هي
ڪو خوف يا ڊپ ناهي. بس هڪ خيال هو ۽ هو ان کان
چڱيءَ طرح واقف هو. هر شيءِ خيال آهي، خود انسان
به ته خيال ئي آهي. ماڻهو سڄي عمر انهن شين جي وچ
۾ زندگي گهارين ٿا پر انهن کي اهڙو احساس ئي اندر
۾ پيدا نٿو ٿئي. پر هو ڄاڻندو هو ته هي سڀ ڪجهه
خيال ئي خيال آهن. اسين سڀ پنهنجا خيال پاڻ سان
ڪيو هن دونهي وانگر دنيا ۾ پيا رهون. هي سڀڪجهه
مايا آهي. رات ڏينهن سڀ مايا آهن ۽ مايا کان نجات
جي خواهش به مايا آهي. سڀڪجهه مايا آهي...“ پوڙهو
ويٽر اهو سوچيندو پنهنجي منهن کلندو هڪ بار جي
سامهون وڃي بيٺو. بار جي ٻاهران دٻاءُ تي ڪافي
نڪري اچڻ واري چمڪدار مشين رکيل هئي.
”توکي ڇا گهرجي؟“ بار واري هن کان پڇيو:
”خيال.“
”ٺيڪ آ ٺيڪ آ.“ باروارو ڪنڌ ڌوڻيندو هليو ويو هڪ ننڍو ڪپ
بارواري گلاس ۾ کنڊ اوتي.
”روشني ڪافي آهي ۽ خوشگوار به، پر بار ۾ صفائي ناهي.“ پوڙهي
ويٽر ڳالهائيندي چيو.
بار واري هن ڏانهن ڏٺو، پر جواب نه ڏنائينس.
رات جي پوئين پهر ۾ ايڏو ڳالهائڻ عجيب ٿو لڳي.“
”اڃا ٿوري ٻي کنڊ...“
”نه“، ويٽر ٻاهر هليو ويو. هن کي بار ۽ گهٽيا شراب خانا پسند
ناهن. ڪنهن صاف ۽ روشن ڪيفي جي ڳالهه ئي ٻي آهي.
هاڻي هو بنا ڪنهن سوچ ويچار جي پنهنجي ڪمري ۾ پهچڻ
چاهيندو هو. هو بستر تي ليٽندو ۽ وري کيس ننڊ پرهه
ڦٽي جو ايندي. هن پنهنجي پاڻ کي چيو ”اصل ۾ اها
زندگي بي خوابي ئي ته آهي جيڪا گهڻن کي ٿيو وڃي.“
* * * |