سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :17

انور جوکيو

 محبتن جو شهيد

 

”سپاهي عيسيٰ کي حاڪم جي محلات جي اڱڻ ۾ وٺي آيا ۽ پنهنجن ٻين همراهن کي سڏيائون. انهن عيسيٰ کي واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا ڍڪايا ۽ ڪنڊن جو هڪڙو تاج ٺاهي مٿي تي رکيائونس. پوءِ سلام ۽ ڪُرنشون ڀري، چوڻ لڳا ته سلام، اي يهودين جا بادشاهه! انهن کيس مٿي تي لٺ سان ڌڪ هنيا، گوڏن ڀر ويهي، سجدو ڪرڻ لڳا، جڏهن چٿرون ڪري چڪا ته واڱڻائي ڪپڙا لهرائي وري ساڳيا پنهنجا ڪپڙا ڍڪايائونس. پوءِ اهي کيس ٻاهر وٺي آيا ته صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس. اهو صبح جو نائين وڳي جو وقت هو جڏهن انهن کيس صليب تي چاڙهي ڪوڪا هنيا. منجهند جو سڄي ملڪ ۾ اوندهه ڇائنجي ويئي، جيڪا ٽپهريءَ تائين هلي. ٽپهري مهل عيسيٰ وڏي آواز ۾ رڙيون ڪيون ته ’الوئي، الوئي لِما سبقتني؟‘ جنهن جي معنيٰ آهي ته ”اي منهنجا خدا، اي منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟“ جيڪي ماڻهو اتي بيٺا هئا تن مان ڪن هن جا اهي لفظ ٻڌا ۽ چيائون ته ڏسو، هو الياس کي سڏي رهيو آهي. انهن مان هڪڙو ماڻهو ڀڳو ۽ اسفنج کڻي سرڪي سان ڀري، ڪاني جو چوٽيءَ تي ٻڌل عيسيٰ کي پيئڻ لاءِ ڏيندي چيائين ته ڇڏي ڏيوس، ڏسون ته هن کي الياس صليب تان هيٺ لاهڻ لاءِ اچي ٿو يا نه؟ وڏيءَ رڙ سان عيسيٰ دم ڏنو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو.“

*      *      *

صوبيدار وڏي ايندي سَٽ زمين تي اوڪڙو ويٺل مراد کي زومائتي لت سندس کٻي ڪُک ۾ وهائي ڪڍي. ”تون آن مراد موچي؟“

مراد تي اڳي ڪلاڪ کن کان، جڏهن رات جي سرحد آڌيءَ ويل کان اڳتي ٿي هلي هئي، موچڙي جو زيپٽ پئي پيو. سو مٿان وري وڏي صاحب ايندي شرط اهو تدارڪ ڪيو جو نه ڪيائين هم نه تم وهائي ڪڍيائين هڪ قهري لت هن جي کاٻي ڪُک ۾ ته هن کي ائين لڳو، ڄڻ هن جي بُڪيءَ ۾ چير اچي ويو  هجي. هن ان لمحي سوچي ورتو ’جي اڄ بچيس ته نئون ڄايس.‘

”اڙي بَڪين ڇو نٿو جوءِ جا...هان...تون آن مراد موچي؟“

”جي سرڪار...! پر سائين، مون کي منهنجو ڏوهه ته ٻڌايو... ڪلاڪ کان ماري ماري منهنجي بيخ ئي ڪڍي...

بس ايترو جو ڪُڇيائين ته همراهه جيڪي به اتي ڊيوٽيءَ تي موجود هئا سي مراد تي ائين وسي پيا جئين ميل ۾ ڪتا، رڇ يا سوئر تي حملي آور ٿيندا آهن. ڪنهن چنبو هنيس، ڪنهن موچڙو، ڪنهن لت، ڪنهن مُڪ. اڙي ڳالهائين ٿو وري...هان... زبان ٿو هلائين...“ مڪن، لتن، جوتن ۽ رڙين جي گوڙ کي نيٺ وڏي صوبيدار جي آواز هڪ گهڙيءَ لاءِ ماٺو ڪيو: ”موچيءَ جا پٽ! وات کي بندرک... اها نه جيڪا ڄڀ ٿَئي... هان... اها هيئن ٻن آڱرين سان ڪپي...“

”سائين مان ته تڏهن بڪيس جو توهان پاڻ پڇيو؟“

”اڙي وري... وري... وري هان...“ مُڇر جمعدار اهو چوندي هٿ واري نيٽ جو لڪڻ مراد جي پٺاڙن ۾ وهائي ڪڍيو... صوبيدار وڏي، جيڪو هاڻي ڪرسيءَ تي ويهي چڪو هو، تنهن وري هڪ قهري نظر مراد تي وڌي... ۽ سوال ڪيو.

”اڙي ڪهڙي ڪهڙي ٽولي سان مليل آن؟“

مراد ويچارو، جيڪو هيسيل هرڻيءَ جيان ڪنبي ۽ ڪنجهي رهيو هو، تنهن پنهنجيون نظرون مٿي کنيون.

”اڙي اکيون هيٺ رک.“

سٽ ڏيئي، ڪنڌ کي جهٽڪي، مراد اکيون ڇا، پورو منهن ئي هيٺ ڪري ڇڏيو.

”سائين ڪهڙا ٽولا...؟“ بس مراد ايترو جو چيو ته سپاهي وري اچي چهٽيس... مُڪن جا وسڪارا، لتن جي ڌمال، موچڙن جي ريهه.

”الاڙي... مري ويس...“

”چوان ٿو زبان بند رک... آواز نه اچي...“

”ڇڏيوس ڇڏيوس... مون کي ڳالهائڻ ڏيو سوئر جي پٽ سان.“ وڏي صوبيدار مداخلت ڪئي.

هاڻ ٻڌاءِ، ڪهڙن ڪهڙن ٽولن سان ٻڌل آن؟“

صوبيدار وڏي وري مراد کان سوال ڪيو، جيڪو هاڻي انهيءَ اٺ وانگر سهڪندي گِڦ وهائي رهيو هو، جنهن ڪي ڏينهن صحرا جهاڳيو هجي ۽ پوري سفر ۾ کيس پاڻي به نه مليو هجي.

”سائين...مان مسڪين...ننڍڙو سرڪاري ملازم... منهنجو ڇا ٽولن ٻولن...“

بس ايترو چيائين جو وري ساڳي ڪار... هن ڀيري زپ زپ جي آوازن ۾ گڏيل طور هر سپاهي ورائي ورائي هن کي ڌڪ به هڻي رهيو هو ۽ اِهو به چئي رهيو هو ته ”اڙي وري ٿو بڪ بڪ ڪرين... وري ٿو وات هڻين...“

موچڙن ۽ مُڪن اڳي ئي هن کي هيڻو ڪري ڇڏيو هو رهندو هُو ان صورتحال تي سوچي ڪڙهي رهيو هو ته ’آخر جڏهن مون کان سوال ڪيو ٿو وڃي ته مان ته ان جو جواب ڏيندس ئي نه، پوءِ مارين ڇوٿا ۽ ڇوٿا چون ته بڪ بڪ بند ڪيان. جي اها بڪ آهي ته پوءِ پڇن ڇو ٿا؟“ هن کي محسوس ٿي رهيو هو ته شايد مارجي گهڻ ڪري هن جا هوش خطا ٿي چڪا آهن شايد هن جي زبان منجهان ڪي گٿا لفظ نڪريو ٿا وڃن، جنهن تي همراهه چڙيو ٿا پون...پر، ڪهڙا گٿا لفظ؟ گاريون ته مون کي ٿا ڏين...“ سوچن جي انهيءَ وير ۾ هن ٻانهون ٻڌي چيو:

”سائين! مون کي نه ماريو... مون ڪجهه ناهي ڪيو... مان غريب آهيان... منهنجو ڪنهن به ٽولي ٻولي سان ڪو واسطو وڙو ڪونهي...“

اڃا جملو پورو ئي ڪونه ڪيو هئائين جو ڏاڙهيءَ واري سپاهيءَ هڪ زوردار لت هن جي منهن ۾ وهائي ڪڍي، جنهن سبب جملي جا پويان ٻه اکر هن جي وات ۾ ئي وچڙجي ويا. اها منهن واري لت هن کي سمورو ڌڪن کان وڌيڪ زومائتي ۽ شديد ٿي لڳي.

”وري بڪ بڪ. ڪُتي جا ڦر، ڳالهاءِ صفا نه!“ ان ئي ڏاڙهيل سپاهيءَ وري هن کي بس رهڻ جو چتاءُ ڏنو. هن محسوس ڪيو ته هن جو وات آلاڻ سان ڀرجي ويو آهي. وات کولي ان آلاڻ کي ٿو ڪاريائين ته رت جي گرڙي...!

”اڙي هي ائين نه سڌرندو...”صوبيدار وڏي جو قهري آواز،

”سائين مون کي جيئن حڪم ڪريو، مان...“ هن همٿ ڪري وري ڳالهايو...

”اڙي پوءِ ڪتي جا پٽ! ڇو ٿو اسان جو وقت وڃائين ۽ پاڻ کي به هلاک ڪرين. اسان ڪي واندا آهيون جو زالن جي ڪڇن مان اڌ رات جو نڪري اچي تو وٽ مهمان ٿيا آهيون. هان، ڪهڙي هتي جوڻهين ويٺي آ جو...“

”سائين توهان جيئن چوندا تيئن مان...“

”ها پوءِ ٻڌاءِ نه ڪهڙي ٽولي...؟“

”سائين، مون کي قسم آ مولا عليءَ جو، مون کان قرآن کڻايو... منهنجو ڪنهن به ٽولي سان...“ هڪ ڀيرو وري هن جي جملي ختم ٿيڻ کان اڳ هن تي لتن ۽ مڪن جا وسڪارا ٿي ويا. هن ڀيري شهپري پوليس واري جي نيٽ جي لڪڻ اصل جاءِ تان هن جي کل لاهي ڇڏي. جتي پئي لڪڻ لڳس اتان کَل جو ٽڪرو اُڏاميو ٿي.

”او منهنجا مولا! آهين ڪه نه...“ هڪ ڀيرو وري هن رت جي گرڙي زمين تي اڇلائي. هن کي لڳو، ڄڻ هن جي اکين منجهان به رت جون لارون وهي رهيون هيون.

وري صوبيدار ڳالهايو: ”هي ائين ڪونه سُڌرندو، صفا ڪو سوئر آ... هن جي پهرين مڳي لاهيو...“ ائين چئي هن مڇن واري سپاهيءَ کي سڏيو: ”خميسا!“

”هن کي هوائي جهاز بڻاءِ!“

”حاضر سرڪار... هاڻي آيس...“ هو ڪمري مان نڪرڻ لڳو.

”ڪاڏي؟“

”سائين جهاز جي پَرن ۽ پُڇ جي ضرورت پوندي.“

”اڙي بيهه. پرن کي ڇڏ؛ بس اڄوڪي ڏينهن پڇ لڳائينس.“

”اهو ته حاضر آ سرڪار.“ هن پنهنجي نيٽ جي لڪڻ کي نمايا ڪندي، ڦيرائيندي ۽ مرڪندي چيو. اها مرڪ انهيءَ شيطاني مرڪ کان به خراب هئي، جيڪا ان ماڻهوءَ جي منهن تي تري آئي هئي، جيڪو حضرت يسوع مسيح کان ڪاني جي نوڪ تي سرڪو رکي پياري رهيو هو ته جيئن هن جو دم آسانيءَ سان پرواز ڪري سگهي.

کن پل ۾ سمورا همراهه مراد کي چنبڙي ويا. لتون هڻي هن کي زمين تي ڪيرائي، اگهاڙو ڪري اونڌو ڪري زمين تي ليٽايائون. مراد پڙهيل ڳڙهيل باضمير ۽ عزت وارو نوجوان هو. هن اکين ۾ رت آڻي دعا گهري ته ”جيڪڏهن تون آهين ۽ هي سڀڪجهه ڏسي به رهيو آهين ته يا مون کي مار يا هنن کي. ”بهر حال اها دعا ته هن ڌرتيءَ تي پيدا ٿيندڙ هر ان انسان جي من تي هُري ايندي آهي، جيڪو ڪڏهن به ڪنهن به موقعي تي ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسبو هجي. پر لڳي ٿو آسمانن تان اِن دعا جي جواب ۾ ڪا مُرڪ ئي کِڙي پوندي هوندي اِن تاثر سان شايد ته انسان جي اِها تذليل انسان جي هٿان ئي آهي، جيڪو اسان جي اختيارن سميت آزاد ۽ خودمختيار آهي، (ڪنهن خاص مدي تائين)، ان ويل مراد جي دل جي آه به وڃي هنڌ ڪيو، جو هو بيهوش ٿي ويو ۽ وڌيڪ ذلت جو مشاهدو نه ڪري سگهيو.

انهي رات هو نائيٽ شفٽ ۾ هو. مهيني جا مڪمل ٻه هفتا ڏينهن جو، هڪ هفتو رات جو ۽ باقي هڪ موڪل، آرام عيش. مراد اٽڪل ٻن سالن کان ان اسٽيشن تي نوڪري ڪري رهيو هو. انهن ٻن سالن جي عرصي ۾ ڀيرا کن هن جي بدلي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي هئي، جتي هن جو گهر گهاٽ هو، پر ڄاڻي واڻي هن ٻيئي ڀيرا رئيس خدا بخش کي چئي اها بدلي رد ڪرائي هئي. بدلي رد ڪرائڻ جو جو سبب رڳو اهو هو ته مراد کي هيءَ اسٽيشن ڏاڍي آرامده ۽ سولي لڳي هئي. هڪ ته ڪم تمام ٿورو هو، جو ڪل ويهن فونن جي ايڪسچينج جن منجهان به ڏهاڪو کن نمبر ته رئيس جي گهرن ۽ اوطاقن ۾ هئا، باقي تر ۾ رڳو بچيل ڏهه ۽ ٻيو ته هتي رهندي مهيني مان پورو هفتو کيس موڪل ملي رهي هئي جو اتي پوسٽ ٿيل ٻئي آپريٽر ۽ هڪ هڪ لائين مين ۽ ٽيڪنيشن مڙئي گڏجي سڏجي هڪ هڪ ڪري ڊيوٽي ڏيندا هئا، جنهن ڪري هر هڪ کي مهيني مان پورو هفتو نويڪلو ملي پوندو هو مڪمل واندڪائيءَ ۽ وندر ورنهن لاءِ.    

”ٽر... ٽر... ٽر... ٽر...“

هو ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيو پنهنجيون ٻئي ڄنگهون بورڊ تي رکيو آرامي هو، جو گهنٽيءَ جي کهري آواز هن جي ڪچڙي ننڊاکڙي ۽ پنڪين ۾ ورتل وجود کي جهنجهوڙي ورتو.

”ٽر... ٽر... ٽر... رر رر...“

پهرين ته هن چاهيو ته فون کڻي ئي نه، جو رات جا اڍائي ٿي رهيا هئا ۽ اڄ رئيس به ڪراچيءَ ويل هو، جڏهن رئيس ڳوٺ ۾ هوندو هو ته هو به ڊيوٽي تي پورا پختا ۽ الرٽ هوندا هئا جو اها ايڪسچينج لڳرائي ئي رئيس خدا بخش خان پنهنجي سهوليت ڪاڻ هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته مراد کي ائين لڳندو هو ڄڻ هو سرڪار جا نه پر رئيس جي اوطاق جا ملازم هجن. ڇاڪاڻ جو رئيس هنن تي اهڙا حڪم هلائيندو رهندو هو. مٿان جي آفيسرن جو به حڪم هو ته رئيس سان مڙيئي ريهي ريبي هلڻو آ ۽ هونئن به ڊيوٽي تي جيڪو ماڻهو موجود هوندو، ان لاءِ باقاعده ماني ۽ چانهه پاڻي رئيس جي بنگلي تان ايندي هئي، جنهن کي تر جي زبان ۾ ”ڪوٽ“ ڪري چئبو هو. انهيءَ نمڪ خواري ڪري به ۽ رئيس جي سماجي ۽ سياسي حيثيت جي ڪري. جڏهن به رئيس ”ان“ هوندو هو ته هي همراهه ”اٽينشن“ هوندا هئا، پر جيئن ته اڄ رئيس ”آئوٽ“ هو ته هن پاڻ کي هونئن ئي رليڪس ٿي محسوس ڪيو، جو ٽنگون ٽيڙيو ٿي ڊيوٽي ڪيائين. ائين، ايتري ۾ وري گهنٽي جي باهه: ”صفا ڪو نرڄو آ.“ اهو ٻڌي مراد ڄنگهون بورڊ تان هيٺ لاهي، اکيون مهٽي کڻي مائوٿ پيس ۾ ”هلو“ چيو ڪي ساعتون ٻي طرف کان ڪوئي آواز نه آيو. مراد کي لڳو ڄڻ اڃا هو ننڊ ۾ هجي. اکيون مهٽيندي، حواسن کي يڪجاءِ ڪندي وري هن ڳالهايو: ”ڪير آهي؟ ڀلا کڻي ڳالهايو!“ ائين وري ڪو آواز نه آيو، ڪي ساعتون هو فون کي ڪن تي لڳايو ٻئي طرف جي آواز جو انتظار ڪندو رهيو، پر وري به ٻئي طرف کان خاموشي.

”ڀلا کڻي ڳلهاءِ، نه ته مان فون بند ٿو ڪريان.“

”نه نه...“ (ڪنهن عورت جو سنهڙو ۽ ڪنبندڙ آواز.)

هڪ سيڪنڊ ۾ مراد جي اکين جا کيپ ۽ من جا نشا سڪل ڪاني جيان ٽڙڪو ڏئي ٽٽي پيا. ”توهان مراد آهيو....“ وري اهوئي آواز. مراد کي ان آواز ۾ هڪ طرف انتها درجي جي خوف گاڏڙ کڙاهٽ محسوس ٿي ته ٻئي طرف حد کان وڌيڪ التجا وارو انداز. ”ڏسو فون بند نه ڪجو، مراد!“ ائين مٿان ايڏي بي حجابيءَ مان، پر نهايت ئي نرمي ۽ نوڙت مان آزي. مراد کي هڪ لمحي لاءِ ائين لڳو، ڄڻ هن جي ڪنن منجهه ماکيءَ جا مڻ اوتجي ويا هجن، هن سوچيو. ”ڪير ٿي سگهي ٿو؟“

”توهان ڳالهايو ڇو نٿا؟“ مان هڪ عورت ٿي ڪري، هڪ پابند ۽ باندي عورت هوندي به ڏسو هيڏيون ساريون ڳاليهون ڪيون اٿم....“ ايڏي پنهجائپ وارو لهجو، بلڪل پيار ڀريو، وري هن سوچي ورتو، ”شايد ڪو مذاق ٿو ڪري.“

”ڏس مراد ، مان مذاق نٿي ڪريان. مان سچ پچ، اڄ دل ٻڌي فيصلو ڪيو آ توسان ڳالهائڻ جو.“ مراد جو مٿو ڦرڻ لڳو. هي ڇا مان هيڏانهن سوچيان ئي مس ٿو ته ٺڪاءُ اها ڳالهه... ڪو جن ڀوت ته ڪونهي. هن وري به من ئي من ۾ ويچار ورتو.

”ڳالهاءِ نه، مان ڪو جن ڀوت ته ناهيان، جو...“

مراد کي ائين لڳو، ڄڻ  هن جو من پگهرجڻ لڳو هجي. واقعي پگهر جا ڪي ڦڙا هن جي نرڙ تي نمودار ٿي چڪا هئا.

”شايد توهان گهٻرائجي ويا آهيو... هان... پگهر ته ناهي آيو...“ اتي کل، ٽهڪ، ٽهڪ مٿان ٽهڪ، مراد کي ڄڻ ڪنهن منڊي ڇڏيو هو، پل لاءِ هن کي لڳو، ڄڻ هو ڪو سپنو ڏسي رهيو هو. ڳالهائڻ واري عورت جڏهن کلي کلي کيري ٿي پيئي ته هڪدم کلڻ جو آواز پهرين هڪ سڏڪي ۾ بدليون ۽ پوءِ هلڪن سڏڪن جي شڪل باقاعده روئڻ جو روپ ڌاريو.

”ڏسو مس!... توهان روئڻ بند ڪريو ۽ ٻڌايو ته توهان ڪير آهيو ۽ مون کي فون ڇو ڪئي اٿو. مان ڇا ٿو ڪري سگهان اوهان لاءِ.“ مراد پهريون ڀيرو نهايت ئي ادب وچان آواز ڪڍيو.

”مراد... مان گذريل ڏيڍ سال کان فون تي تنهنجو آواز ٻڌندي رهي آهيان ۽ دل ئي دل ۾...“ ايتري ۾ هن فون رکي ڇڏي، پر ايڏي ايتريءَ سان جيئن ڪو چوريءَ فون تي ڳالهائيندو آهي ۽ جڏهن محسوس ڪندو آهي ته هن جي چوري پڪڙجي پيئي آهي يا پڪڙبي ۽ ان خوف ۾ هو فون هڪدم بند ڪري ڇڏيندو آهي، بلڪل انهيءَ طرح ٻئي پاسي کان فون بند ٿي هئي، مراد محسوس ڪيو ته شايد وري گهڙيءَ پلڪ کان پوءِ فون ايندي ۽ ان آسري تي هن ڪن گهنٽيءَ ۾ ڪيو ۽ اکيون بورڊ ۾ کپايو اوسيئڙو ڪندو رهيو، تان جو صبح ٿي ويو.

اهو مراد جي نائيٽ ڊيوٽي جو آخري ڏينهن هو. هن چاهيو ته جيڪر ورندڙ ڏينهن تي هن جي ڊيوٽي هجي ها ته رات جو وري فون اچي ها ۽ هن جو تجسس ڪنهن حد تائين ختم ٿي وڃي ها توڙي جو هو سڄي رات جي پوئين پهر ۾ سوچڻ ڪري ڪجهه نتيجا ڪڍي سگهيو هو، جهڙوڪ فون واري عورت هن جي پيار ۾ اڻ ڏٺي طور ايمان آڻي چڪي آهي ۽ ٻيو ته هوءَ آهي به ڪنهن وڏي گهر مان ۽ گهڻو ڪري ٻارنهن آنا ته رئيس وڏي جي گهر مان، پر پوءِ به اهي ڳالهيون هو فون تي ٻڌڻ جو خواهشمند هو.

سڄو ڏهاڙو هو سوچيندو ئي رهيو. من ۾ مڪمل طور تي آنڌ مانڌ رهيس. هن جي جسم ۽ روح کي ان ويل ڪنبڻي وٺي ٿي ويئي، جڏهن هن نتيجن تي ڀوڳڻ جو ويچاريو: اگر عورت پاڻ واري رئيس خدا بخش جي ڪوٽ جي ڪا تر جيتري به واسطيدار نڪتي ته رئيس خدن، تر جو مشهور پاپي ۽ ڏاڍو مڙس، رئيس جي ابن ڏاڏن لاءِ مشهور هو ته هو زائفائن کي به سزا ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏيندا هئا، جو انهن جي سٿڻين جا پائنچا هيٺ پير جي مرن وٽ نوڙي سان ٻڌائي، سٿڻين جي اندر ٻلين جا ٻچڙا وجهرائي ڇڏيندا هئا. خود رئيس جي وڏي سرائي گامڻ خان وٽ اوطاق جي پويان، جتي هاڻي چبچڙو کتل آهي، هڪ اونداهون ڪمرو هو، جنهن ۾ چيو ٿو وڃي ته سون جي تعداد ۾ چمڙا پاليل هئا. ان ڪمري کي نه دري نه منگه، ڇڙو هڪ در هوندو هو. پوءِ شل نه ڪو مسڪين سندس عتاب هيٺ اچي. ٻه ٻه ڏينهن به اهو ماڻهو انهي ڪمري ۾ بند رکبو هو جي بکيا چمڙا هن جي جسم جي ماس سان پنهنجي پيٽ جي دوزخ کي ٻنجو ڏيندا هئا. ان ڪمري مان ڪو شايد ئي جيئرو موٽيو. سو اهو رئيس جي ڀيانڪ ماضيءَ جي راويتن جو قصو، کڻي جو موجوده رئيس وٽ اهي دقيانوسي حربا موجود ناهن، پر پوءِ به ڪتن ۽ سوئرن جا ڌڻ، رهزن ڌاڙيلن جا ڪجهه ٽولا ۽ تر جو پوليس ٿاڻو  هن لاءِ هڪيا تڪيا حاضر هوندا آهن. جي ڪو ڏوهه جو ڏوهاري  نامزد ٿيو ته اها آ رئيس جي مرضي ته هو کيس ڪتن جي آڏو اڇلائي، سوئرن جي ڌڻ ۾ واڙيس، جهنگ جي بادشاهن جي حوالي ڪريس يا پوليس جي روهيءَ تي رڳڙيس.

مراد رئيس جي انهن مڙني ڪرتوتن کان واقف هو، جو هو ڳچ عرصي کان انهيءَ تر ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. نه رڳو اهو پر فون آپريٽر جي حيثيت ۾ هو رئيس جي گفتگو اڪثر ڪري ٻڌندو رهندو هو، جنهن مان هن جي آڏو رئيس جي مڙني ڪرتن جو کاتو نرواز ٿي هن جي آڏو ڪر کنيو بيٺو هوندو هو. هو رئيس جا فون تي حوال، هدايتون ۽ ڀڀڪيون ٻڌي ڇرڪي اٿندو هو ۽ سوچيندو هو ته وڃ!... سنڌ جا زميندار ايڏا ڏاڍا مڙس آهن ايڏا ظالم.... تازو رئيس جي ڪتن هڪ رڇ کان شڪست فاش کاڌي، اهو مقابلو ڳوٺ ۾ موجود هڪ چؤگان تي ٿيو. مقابلي جو ٻڌي، خاص ڪري رئيس جي ڪتن جي جئين ته ملڪان ملڪ مشهوري هئي، سو ڀانت ڀانت جا ۽ تر بر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. ان ڏينهن مراد به شوق مان سيڙجي وڃي ان مقابلي واريءَ جاءِ تي پهتو. لڙيءَ منجهند جو وقت هو. سياري جا ڏينهن، سج جو هلڪو هلڪو تڙڪو. اس ۾ تپش نالي ماتر. چؤگان جي چوڌاري پوري تر جا هاري ناري، مڇن کي وٽ ڏيو ۽ پن جي ٻيڙي يا سادي سگريٽ جي ڪش مٿان ڪش هڻي ڏاڍا سرها ٿيو پئي ڳاهٽ ٿيا. ڪجهه ماڻهن لاءِ موڙا ۽ ڪرسيون رکيل هيون. نيٺ رئيس چؤگان ۾ نمودار ٿيو ۽ مقابلو چالو. رڇ ويچاري کي وچ ميدان ۾ ڪلو کوڙي ٻڌو هئائون، التب رسو ان جو وڏو هو. جنهن ڪري هو ڪافي ايراضيءَ ۾ آساني سان چرپر ڪري ٿي سگهيو. رڇ جي وات منجهان گڦ وهي رهي هئي ۽ اکين مان ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ پاڻي پيو وهيس. بار بار رڇ جو مالڪ ڀولائي فقير رڇ جي ڀرسان وڃي هن جي بج تي هٿ پئي ڦيريو. ڄڻ چوندو هجيس، ”پٽ! پرواهه نه ڪجانءِ. رئيس جا ڪتا ته ڇا، خود رئيس به توکي چڪ هڻي نٿو سگهي،“ يا ٿي سگهي ٿو هو ائين نه به چوندو هجي پر الاءِ ڇو مراد ائين ئي سوچي ورتو ۽ مرڪي پيو، رڇ جي حالت ۽ بيچيني ڏسي مراد کي ڏاڍي ڪهل آئي، اک ڇنڀ ۾ ”الا توهار“ ٿي ۽ رئيس جا ٽي عدد زبرا ڪتا ”هئو هئو“ ڪندا اچي رڇ سان چنبڙيا. چؤطرف هوڪرا پئجي ويا: ”ڀلا ٿي...“ ، ”متان ڇڏيو ٿس...“ رڇ ويچاري حال آهر پنهنجي بچاءُ ۾ هٿ پير پئي هنيو. ڪتا ور ور ڪري ڪي پويان ڪي اڳيان ته ڪي وري پاسي کان هن کي چڪ هڻي رهيا هئا. ماڻهو کلي کجي داد ڏيئي مزو به وٺي رهيا هئا ۽ ڪتن کي همٿائي به رهيا هئا ويچاري رڇ جو اتي ڪوبه حال ڀائي ۽ غمخوار ڪونه هو، سواءِ ڀولائي فقير جي، جيڪو پنهنجي انگوڇي سان ڪڏهن مٿي تي آيل پگهر ڦڙا اگهي رهيو هو ته ڪڏهن اکين کي، شايد هو رڇ جي حالت ڏسي ڏکارو ۽ پريشان ٿي رهيو هو. مراد اهو لقاءُ ڏسي سوچيو، هئه ڙي پيٽ، مراد کي لڳو ته ڀولائي فقير کي رڇ سان سورنهن آنا همدردي ۽ پيار هو، پر پوءِ به هو خاموش هو، چند سو رپين جي عيوض.

هاڻي رڇ صفا هلاک ٿي پيو هو، جو ڪتن هڻي کيس جاءِ جاءِ تان چيري ڇڏيو هو. ڏسندي ئي ڏسندي ڪاري ڪتي رڇ جي دون ۾ چڪ هنيو. رڇ به ٻين ڪتن کي ڇڏي انهيءَ دون واري ڪاري ڪتي جي نڙي ۾ زومائتو چڪ هڻي کڻي پٽ تي ڪيرايائينس. ڪتي جي ڪياڙيءَ ۾ رڇ جا هڙئي ڏند گهڙي گهر ڪري ويا هئا. مٿان رڇ ڪتي کي دسي کڻي هيٺان ڪيو ۽ اڳين چنبن سان هن جو منهن پٽڻ لڳو. مراد صاف ڏٺو ته ڪتي جي اک جيرو ٿي ويئي ۽ رت ريلا ڪري ڪتي جي سسيءَ مان وهي نڪتو. ”ڪئون ڪئون“  ڪتي جي ڀؤنڪ جي ريهه ٿي پيئي. ٻين ڪتن جو ان کي ائين مرندي ڏٺو سو وٺي ڀاڄ کاڌائون. مجمع ۾ هوڪرا پئجي ويا، ”واه واه“ ٿي ويئي. ڀولائي فقير جي منهن جو پنو، جيڪو اڳي لهي ويو هو، سو وري آيو. ڪتي کي رڇ ان وقت تائين صفا نه ڇڏيو، جيسين ان ڀؤنڪڻ مڪمل طور بند نه ڪيو ۽ صفا ختم نه ٿيو.

چوڌاري همراهن ۾ هوڪرو پئجي ويو. مڱڻهار فقيرن سواءِ ان ڏسڻ جي ته ڪنهن کٽيو، ڪنهن هارايو. مجمع جي جوش جو جائز فائدو وٺندي، شرناءِ ۽ دهل کي جيئاري ڪا خوشي ۽ جوش جي لازوال سنڌي ڌن ڇيڙي ڇڏي هئي. ڀولائي فقير جي خوشي ان مهل ڏسڻ وٽان هئي، جو ڪتن جي هار تي پنجن هزارن جو انعام رکيل هو ۽ رڇ جي هار تي رڳو اڳڙي پهي جو خرچ. ان حالت ۾ ڀلا ڀولائي پاڻ کي روڪي ته ڪيئن روڪي، سو فقير نه ڪئي هم نه تم، وٺي ناچ شروع ڪيو. جيئن جيئن دهل جو ڌڌڪو، تيئن فقير جي ٻانهن جي اڇل. انهيءَ پرجوش گهڙيءَ ۾ ڪنهن کي ڪو هوش ڪونه هو، تان جو رئيس جنهن جو منهن ان سڄي وايو منڊل کي پسي ٽامڻي هڻي ويو هو، سٽ ڏئي اُٿيو. هن جي منهن تي ڪاوڙ جي سختي صاف ظاهر هئي. جنهن جنهن رئيس کي ان حال ۾ اُٿندي ڏٺو، تنهن پنهنجا وات بند ڪري، هوڪرا ۽ نعرا ٻنجي ڇڏيا. جڏهن دهلارين رئيس جي اها حالت ڏٺي ته هڪدم واڄو بند ڪيائون. رئيس کي ڪتي جي مرڻ جو سور هڪ طرف، پر اصل ۾ هن کان ڀولائي فقير جو ناچ ڪُڏ برداشت نه ٿي سگهيو. انهيءَ نچڻ کي هن سڌو سنئون پاڻ تي ٺٺولي ڪري سمجهيو هو. باوجود ان جي ته واڄو بند ٿي چڪو هو ۽ ڪنهن قدر تماشائي به ماٺا ٿي رهيا هئا، فقير جي ڊانس اصل وڃي وڌندي. جهڙي فقير ٿي ٻانهن کنئي تهڙي وک. مٿان شادماني جو لاڏ ڪوڏ، اندر ۾ کٽڻ جي خوشيءَ جو ڇوليون هڻندڙ سمونڊ، ان عالم ۾ فقير کي سُڌ ئي ڪانه پيئي ته ڪو واڄو بند ٿيو آ ۽ رئيس ڪاوڙ ۾ ڪارو ٿي اُٿيو آ. تان جو رئيس وڏو اچي فقير جي آڏو بيٺو، فقير کي ان تي به هوش نه آيو. کٽڻ جو نشو ڪو سولو نه ناهي لهندو. پلڪ ۾ رئيس خدا بخش خان پاسي مان مائوزر ڪڍيو. اتي سموري چوگان ۾ جهڙو راڪاس گهمي ويو هجي. فقير جي تڏهن به ساڳي ڪار، ساڳيا پير.

”ٺا...“ هڪ فائر، ٻيو...ٽيون...فقير ڍيري...

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com