سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :12

 

نسخو، 40:

سائيز: ڊيگهه 28 + ويڪر ساڍا 18 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 22 + ويڪر 14 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 17

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي، هيڊي ۽ ڪاري رنگ جي گلڪاري سان سينگاريل آهن. ٻين صفحن تي ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون، لفظ الله ۽ هر سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. چند صفحن تي پاسن کان حاشيه آرائي به مختصر طرح سان ڪئي ويئي آهي. صورتخطي سٺي اٿس.

مٿس چرمي جلد چڙهيل آهي ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 41:

سائيز: ڊيگهه 27 + ويڪر 20 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 22 + ويڪر 15 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 14

وڌيڪ ڪيفيت: نسخي جا پهريان لکيل شروع وارا 22 صفحا ڦاٽي ويا هئا. جنهنڪري بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص اهي صفحا ٻيهر لکي ڇڏيا آهن. اُن بعد اصل ڪاتب جي لکيل هر هڪ صفحي جو بارڊر ڳاڙهي مس سان نڪتل هر هڪ صفحي تي لفظ ”الله“ بيهڪ جون نشانيون ۽ هر هڪ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. آهي. اصل ڪاتب جي صورتخطي بهترين آهي. جلد چرمي اٿس. اهو ڦاٽي چڪو آهي. حالت سٺي اٿس.

 

نسخو، 42:

سائيز: ڊيگهه 32 + ويڪر 22 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 23 + ويڪر ساڍا 13 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 13.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو شروع ۽ آخر کان ناقص آهي. هِن آيت سان شروع ٿئي ٿو. ”يَوُمَ يَقُوُلُ اُلٰـُنِفِقُونَ وَاُلُناَوَالمنُاَفِقٰتُ لِلَّذِينَ آمَنُو انظُرُو نَانَقتَبِسُ“ (پاره 27، قَالَ فَمَا خَطبُکُم سورة الحديد، آيت 13) ۽ آخر ۾ هن آيت تي ختم ٿئي ٿو. ”بِارَبُعَةَ شُهَدَآءَ فَاِذُلَمُ يَاُتُوُابِاشُّهّدَاءِ فَاُؤلَـٰئِڪَ عِندَاللهِ“ (پاره 17 قدافلع، سورة النور، آيت 13) هر هڪ صفحي جي چوڌاري ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي، بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل مس سان لکيل آهي ۽ هر سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏنل آهي. صورتخطي سُٺي اٿس. حالت زبون اٿس.

 

نسخو، 43:

سائيز: ڊيگهه 25 + ويڪر ساڍا 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 18 + ويڪر 10 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: سورة فاتحه (پهريون صفحو) ۽ سورة بقره جو پهريون صفحو ڳاڙهي ۽ ڪاري مس جي بارڊر سان آهي ۽ متن جي هر هڪ سِٽ جي هيٺان ۽ مٿان به ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان لڪير ڏنل آهي. باقي ٻين صفحن تي ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو پڻ ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ هر سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان مس سان ٻه لڪيرون نڪتل آهن. جلد چرمي اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 44:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 24 + ويڪر ساڍا 17 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 21 + ويڪر ساڍا 12 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 13

وڌيڪ ڪيفيت: شروع وارا پهريان لکيل ست صفحا ڦاٽي ويا آهن. جنهنڪري بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص اِهي صفحا لکي دوباره نسخي سان ڳنڌي ڇڏيا آهن. انهن کان علاوه چند صفحا ٻيا به ڪٿان ڪٿان ڦاٽي چڪا آهن، جنهنڪري بعد ۾ اِهي ڦاٽل لفظ به ڪنهن شخص ٻيهر لکي ساڳي هنڌ تي هڻي ڇڏيا آهن. هر صفحي جو بارڊر ڳاڙهي مس سان ڏنل آهي. بعد واري شخص صرف مذڪوره صفحن تي بيهڪ واريون نشانيون ڳاڙهي مس سان ڏنيون آهن، ليڪن اصل ڪاتب اِنهن نشانين سان گڏ هر هڪ صفحي تي پهرئين وچين ۽ آخري سٽ، هر صفحي تي لکيل لفظ الله ۽ هر سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيو آهي. ڪٿي ڪٿي بِسم الله به ڳاڙهي مس سان لکي اٿس. اصل ڪاتب جي صورتخطي به سُٺي آهي. جلد پڪو چڙهيل اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

نسخو، 45:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 27 + ويڪر 16 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 23 + ويڪر ساڍا 11 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 11.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو شروع کان ناقص آهي. سورة فاتحه ڦاٽل اٿس. سورة بقره کان شروع ٿئي ٿو. سورة بقره وارو پهريون صفحو ڳاڙهي ۽ ڪاري رنگ جي نقش نگاري سان آراسته آهي. ٻين صفحن جا بارڊر ڳاڙهي ۽ ڪاري مس سان نڪتل آهن. بيهڪ جون نشانيون ۽ هر هڪ سورة جو نالو به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي ۽ هر هڪ سورة جي نالي جي مٿان ۽ هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪيرون ڏنل آهن. ڪٿي ڪٿي ڪا سورة به ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. جلد پڪو چڙهيل اٿس، ليڪن اهو ڦاٽل آهي ۽ حالت به ڪجهه زبون اٿس.

 

نسخو: 46:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 25 + ويڪر ساڍا 14 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 19 + ويڪر 12 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره وغيره نه ڄاڻايل.

هر هڪ صفحي تي سٽون 16.

وڌيڪ ڪيفيت: هي نسخو شروع کان ناقص آهي ۽ هنن لفظن سان شروع ٿئي ٿو: ”وجه الفاسقون مِنهم لايومنون اُتوالڪتاب.“ هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ هر سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي. شروع ۾ هڪ صفحي تي سورة فاتحه لکيل آهي، ليڪن هر آيت ٻه ٻه دفعا لکي ويئي آهي. آخر ۾ 19 صفحن تي قرآن مجيد جي بيهڪ جي قاعدن يعني (رموز اوقاف) متعلق فارسي ۾ سمجهاڻي ڏنل آهي. صورتخطي سٺي اٿس ۽ حالت به ٺيڪ اٿس.

 

تفاسر

(1) تفسير حسيني (جلد اول) از: ملا حسين واعظ ڪاشفي:

سائيز: ڊيگهه ساڍا 25 + ويڪر 15 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه ساڍا 18 + ويڪر س م

صفحا: 846/ هر هڪ صفحي تي سٽون 24

ڪاتب جو نالو: نا معلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه ڄاڻايل.

 شروع: ”﷡ بعد از تمهيد قواعد محامد الاهي و تاسيس معاني ثناخواني حضرت...........“

آخر ”اولـٰئڪ هم الخاسرون....................نقل تتارخاني.“

وڌيڪ ڪيفيت: قرآن مجيد جو هي فارسي تفسير آهي. هن نسخي جا پهريان لکيل شروع وارا 11 صفحا ڦاٽي ويا هئا، جو بعد ۾ ڪنهن ٻئي شخص اِهي صفحا ٻيهر لکيا آهن. اِنهن صفحن جي چوڌاري ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي ۽ قرآن پاڪ جي آيتن يا لفظن جي هيٺان ڳاڙهي مس سان لڪير ڏني ويئي آهي. اصل ڪاتب جا لکيل اکر سنها آهن ۽ سٺا آهن. هن جا لکيل سڀ صفحا بارڊر کانسواءِ آهن. انهن صفحن تي قرآن پاڪ جا الفاظ ڳاڙهي مس سان ليکل آهن. ڪاتب طرفان صفحا به نه ڄاڻايل آهن.

(2) تفسير حسيني (جلد دوم) از: ملا حسين واعظ ڪاشفي:

سائيز: ڊيگهه 28 + ويڪر ساڍا 116 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه  21 + ويڪر 11 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جي تاريخ، ”تمت تمام شد روز سه شنبه بتاريخ نوزد هم شهر رجب المرجب سنه 1114هه.“

صفحا: 928/ هر هڪ صفحي تي سٽون 19

شروع: ”سورة مريم عليہ السلام، ﷡ در مواهب صوفيا ماديه از مواهب الاهي...“

آخر: ”الدوام منصوبة و آيات حشة علي صحايف الايام مکتوبة باتمام رسيد، تمت تمام شد روز سه شنبہ...“

وڌيڪ ڪيفيت: هي جلد سورة مريم کان شروع ٿئي ٿو. هر صفحي جي چوڌاري ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان خوبصورت بارڊر نڪتل آهي. قرآني الفاظ ڳاڙهي مس سان ۽ باقي متن ڪاري مس سان لکيل آهي. ڪاتب جي صورتخطي تمام سٺي آهي. هن نسخي جي حالت زبون آهي. (نوٽ:- تفسير حسيني جا اِهي ٻيئي جلد جدا ڪاتبن جا لکيل آهن.) تفسير حسيني ڇپيل آهي.

(3) تفسير (نامعلوم)

سائيز: ڊيگهه 30 + ويڪر 21 س م/ لکيل تختي، ڊيگهه 25 ويڪرا ساڍا 15 س م

ڪاتب جو نالو: نامعلوم/ ڪتابت جو هنڌ ۽ سن وغيره نه لکيل آهي.

صفحا: 410 هر هڪ صفحي تي سٽون 36.

وڌيڪ ڪيفيت: هي تفسير عربي زبان ۾ آهي. هي نسخو اول آخر کان ناقص آهي. (شروع کان چند تمهيد وارا صفحا نه اٿس.)

شروعات هن طرح اٿس: قُلنا وقد روي هو راعين اهم ڪرهوا ان عمرح اقل من ثمرو منهم من.“ آخري عبارت هن طرح اٿس: ”وثالثها کثره اندرية والنسل... ان شانڪ هوالابتر مکاه الحاکم والرازي“ قرآن پاڪ جون آيتون ۽ لفظ ڳاڙهي مس سان لکيل آهن ۽ باقي متن ڪاري مس سان لکيل آهي. هن نسخي جي صورتخطي سٺي آهي. آخري چند صفحا اڏوهي کاڌل آهن. جنهنڪري حالت درست نه اٿس. ڪاتب طرفان نسخي جا صفحا ڄاڻايل نه آهن.

قرآن مجيد جي مذڪوره قلمي نسخن تي هڪ نظر:

قرآن مجيد مذڪوره نسخن مان:

(الف) 43 عدد وڏي سائيز ۾ آهن ۽ ٽي عدد (6، 13 ۽ 14) ننڍي سائيز (حمال شريف) ۾ آهن.

(ب) چار عدد (5، 35، 45، ۽ 46) ناقص الاول آهن. هڪ (12) وچ مان ناقص آهي. چار عدد (14، 21، 31، ۽ 42) ناقص الاول ۽ آخر آهن ۽ ٽي عدد (3، 4 ۽ 13) ناقص الآخر آهن ۽ ٻيا سڀ مڪمل آهن.

(ج) سورهن عدد (4، 7، 12، 14، 18، 20، 21، 22، 23، 24، 25، 30، 36، 37، 42 ۽ 45) زبون حالت ۾ آهن ۽ باقي ٻيا سڀ درست حالت ۾ آهن.

(د) ٻارهن عدد (8، 9، 10، 12، 15، 18، 22، 25، 29، 37، 41، ۽ 44) هر هڪ نسخو ٻِن ٻِن ڪاتبن جو لکيل آهي، جنهن جو سبب مذڪوره نسخن جي تعارف ۾ ڄاڻايو ويو آهي.

(هه) چار عدد (4، 32، 33 ۽ 37) تي ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جي تاريخ ۽ سال ڄاڻايل آهي ۽ ٽي عدد (8، 30 ۽ 39) تي صرف ڪاتب جو نالو لکيل آهي.

(و) صرف هڪ عدد (6) جا صفحا ڪاتب پاران ڄاڻايل آهن. باقي ٻيا سڀ صفحا نمبرن کان سواءِ آهن.

(ز) 16 نمبر جا 40 کن صفحا اڳ وارا ۽ آخر ۾ ننڍين سورتن وارا صفحا فارسي ترجمي سان آهن. 33 نمبر تي عربي ۾ حاشيو لکيل آهي ۽ 40 نمبر جي صرف چند صفحن تي حاشيو لکيل آهي.

(ح) (ا) نمبر 1، 10، 12، 18، 28، ۽ 44 جي هر هڪ صفحي جي پهرين، وچين ۽ آخري سٽ ڳاڙهي مس سان لکيل آهن

(2) نمبر 1، 5، 8، 16، 22، 26 ۽ 31 کانسواءِ ٻين سڀني 39 نسخن تي بيهڪ جون نشانيون ڳاڙهي مس سان لکيل آهن.

(3) نمبر 2، 5، 7، 8، 10، 12، 15، 22، 25، 40، 41، ۽ 44) جي هر هڪ صفحي تي لکيل لفظ ”الله“ ڳاڙهي مس سان لکيل آهي.

(4) نمبر 1، 2، 3، 4، 15، ۽ 28، کان سواءِ ٻين سڀني 40 نسخن تي هر سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي.

(ط) يارهن عدد (4، 6، 11، 16، 19، 20، 23، 27، 28، 30 ۽ 33) هر هڪ نسخو صورتخطي ۽ نقش نگاري جي لحاظ کان تمام خوبصورت آهي.

قرآن پاڪ جي انهيءَ قلمي ذخيري ۾ موجود ڪيترن نسخن جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي به آهي.

مثال طور:

- ڪنهن هڪئي ڪاتب جا لکيل ٻه ٻه يا ٽي ٽي نسخا به موجود آهن.

- ڪيترن ئي جو صرف سورة فاتحه ۽ سورة بقره وارو پهريون صفحو گلڪاري ۽ نقش نگاري سان آراسته آهي انهن ٻن صفحن جو بارڊر به ٻين صفحن کان مختلف آهي.

- ڪيترن ئي نسخن ۾ هر هڪ صفحي تي بيهڪ جون نشانيون ۽ هر هڪ سورة جو نالو ڳاڙهي مس سان لکيل آهي.

- ڪيترن ئي نسخن ۾ ﷡ ۽ هر سورة جي نالي جي هيٺان ۽ مٿان ڳاڙهي مس سان لڪيرون ڇڪيل آهن.

- ڪيترن ئي نسخن ۾ هر هڪ صفحي تي لکيل لفظ ”الله“ ڳاڙهي مس سان لکيل آهي.

- تقريباً سڀني نسخن جي هر هڪ صفحي جي چوڌاري ڳاڙهي يا ڪاري ۽ ڳاڙهي مس سان بارڊر نڪتل آهي.

- سڀني نسخن جي عربي متن ۾ ڪاري مس استعمال ٿيل آهي.

چند نسخن کانسواءِ (جن تي معنيٰ ۽ حاشيو لکيل آهي) ٻين سڀني تي صرف عربي متن ڏنل آهي.

----

عزيز ڪنگراڻي

 

جوهي تعلقي ۾ زردشتي آثار

 

ضلعي دادوءَ جي هيل تائين ڪابه جامع تاريخ سهيڙي نه ويئي آهي. ٽڙيل پکڙيل انداز ۾ ڪن ماڳن، واقعن، شخصيتن يا ٻين چند موضوعن جي نسبت سان ڪنهن اگر قلم کنيو به آهي ته سو به پيرائتو ڪونهي يا ڪنهن ترتيب سان تاليف ٿيل ڪونهي. سنڌ جي ٻين ضلعن جي تاريخ ڪي قدر مرتب ڪئي ويئي آهي، پر دادو ضلعو انهيءَ ڏس ۾ تقريباً مڪمل نظرانداز ٿيل آهي. توڙي جي هيءُ ضلعو ادبي، تاريخي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان ڪنهن به طرح پٺتي پيل نه آهي. ان ڏس ۾ ڪا خاطر خواهه دلچسپي نه وٺڻ جي ڪري هن سلسلي ۾ ڪوبه مثبت قدم کڄي نه سگهيو آهي. بهر ڪيف، مون انهيءَ ڏس ۾ ارادو ڪيو آهي ته ضلعي دادوءَ جي مختصر تاريخ ترتيب ڏيان. انهيءَ ارادي جي پهرين ڪڙي طور تعلقي ”جوهي“ جي ادب ۽ تاريخ کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو آهي. مختلف دؤرن ۽ مختلف موضوعن هيٺ مون جوهي تعلقي جي تاريخ جو گهڻو ڀاڱو ترتيب ڏئي ورتو آهي. جيڪي موضوع تعلقي جوهيءَ جي تاريخ ۾ شامل آهن اهي موضوع ضلع دادوءَ سان به لاڳاپيل آهن يا اهڙا ماڳ ۽ آثار ضلعي جي ٻين هنڌن يا تعلقن جي حدن اندر به ٿي سگهن ٿا پر وقت ۽ وسيلن جي ڪمي ۽ دشواري سبب ائين ڪرڻ تي آماده ٿيو آهيان ته في الوقت تعلقن جو مواد ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان. اهڙيءَ ريت مرحليوار ضلعي جي تاريخ گڏ ٿي ويندي ۽ پوءِ ٻيهر ضلعي جي مختصر تاريخ مرتب ڪري سگهبي. انهيءَ سلسلي ۾ اوليت طور جوهي تعلقي کي چونڊيو ويو آهي.

ضلعي دادوءَ جو ڏتڙيل ۽ انتهائي پسمانده تعلقو جوهي پنهنجي دائري يا حدن ۾ تاريخ توڙي قبلاز تاريخ جا متعدد آثار ۽ اهڃاڻ سانڍيندو اچي. وقت به وقت هن خطي جي حدن جو لاڳاپو سنڌ جي تاريخ جي تسلسل سان ڳنڍيل رهيو آهي. جتي جوهي تعلقي ۾ قديم تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جا ٻيا آثار ۽ اهڃاڻ موجود آهن، اُتي ”زردشتي آثار“ به موجود آهن پر اڄ سوڌو تحقيق جا طلبگار آهن. اهو حال صرف انهن آثارن جو نه آهي پر جوهي تعلقي ۾ ڪافي اهڙا ٻيا ماڳ به آهن جن تي صدين کان وٺي بي ڌياني ۽ بي خبريءَ جي دز چڙهيل رهي آهي. انهن جون اصل حقيقتون پڌريون نه ڪرڻ يا انهيءَ سلسلي ۾ کوجنا نه ڪرڻ سبب اُهي مقامي روايتن جي رک ۾ پورجي پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن. ڪن محققن انهيءَ سلسلي ۾ قلم کنيو به آهي ته اُتاڇري نظر يا معمولي ذڪر کان وڌيڪ ڪجهه به ظاهر نه ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري اهي ماڳ پنهنجي اصل شناخت کان وانجها رهجي ويا آهن. لاعلميءَ جي انهيءَ عالم ۾ اصل تاريخي حقيقتون گم ٿيندي نظر اچن ٿيون، جيڪو دراصل تاريخ جو وڏو الميو چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته سنڌ جي ٻين خطن وانگر جوهي تعلقي ۾ به ڪيترائي اهڙا ماڳ آهن جيڪي اڃان تائين روايتن يا مبهم تاريخي تذڪرن جي نذر ٿيل آهن.

جوهي تعلقي جي سرحدن ۾ کيرٿر جبل پڻ صدين کان ڪَر کنيو جُڳن جو تاريخ جي گواهه بڻيو بيٺو آهي. سنڌ جي قديم تهذيب، تمدن ۽ تاريخ جو گهڻو تڻو انحصار سنڌو درياهه ۽ اُن جي سرحدن اندر جابلو سلسلن تي آهي. جوهي تعلقي ۾ به ٻين تاريخي ماڳن سان گڏوگڏ ”زردشتي آثار“ کير ٿر جبل جي سلسلي ۾ آهن. انهن آثارن کي مقامي ماڻهو رومين، ڪافرن يا غير مذهب رکندڙ ماڻهن سان منسوب ڪن ٿا.

ڪي عالم يا محقق انهن کي ”گبر“ نالي ڪوٺين ٿا ته ڪن انهن کي ”زردشتي آثار“ چيو آهي ته ڪي وري انهيءَ ڳالهه جا انڪاري آهن. مون کي سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته اِهي ماڳ ۽ آثار اهڙن ماڻهن جا تاريخي اهڃاڻ آهن جيڪي ”زردشتي مذهب“ سان منسلڪ رهيا آهن. اهڙي قسم جي آثارن ۾ ڪي تمام اوائلي ۽ قديم آهن ۽ ته ڪي وري پوءِ جا ٿا ڀانئجن. پوءِ وارن آثارن منجهان ائين ٿو ڀائنجي ته اهي آثار اهڙن ماڻهن جا آهن جيڪي شروع ۾ ته زرد شتي مذهب سان منسلڪ رهيا، ليڪن بعد ۾ انهيءَ مذهب کي ترڪ ڪري ڇڏيائون ۽ پنهنجين پراڻين مذهبي روايتن کي برقرار رکندا آيا. جوهي تعلقي ۾ ڪاڇي جي ڪنڌيءَ سان لڳ جابلو سلسلن ۾ اهڙا ماڳ نمايان نظر اچن ٿا، جن لاءِ گمان ڪري سگهجي ٿو ته هي زردشتي مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن جا ماڳ آهن. انهيءَ گمان کي وڌيڪ پختو ۽ يقين جي حد جي قريب آڻڻ لاءِ ڪن تاريخي پنڌن ۽ گسن تان گذرندي ويچار پيش ڪرڻ جي جسارت ڪجي ٿي. ماڳن جي نوعيت ۽ نسبت سان انهن ئي الڳ الڳ تفصيلوار بحث ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

رومين يا زردشتين جون قبرون: کير ٿر جابلو سلسلي کي سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تاريخ جو امين چئجي ته مبالغو نه ٿيندو سنڌو درياهه جي ڪنارن جيان کير ٿر پهاڙي سلسلي ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جا نهايت جهونا اهڃاڻ موجود آهن. سنڌ جا ماڳ قديم جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻا هجن ته سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن جي قطارن (جوهي) ۽ سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي طرف جا اهي ماڳ، جي سنڌوندي ۽ الهندي ناري کي ويجها آهن، سي خاص ڪري سيوهڻ ۽ لڪيءَ وارو پاسو ڳولي جو سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اُتان پوڻو آهي. آڳاٽن ماڻهن کي هن پاسي پاڻي آساني سان ملي سگهيو ٿي ۽ غارن ۾ رهڻ جو سَهنج به هون، تنهن ڪري سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي (دادو پڻ) وارو اهو پاسو سڀاويڪ طرح سنڌ جي قديم سڀيتا جو پهريون گهر آهي(1). جوهي تعلقو ڪنهن زماني ۾ ڪراچي سان ڳنڍيل رهيو، پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آندو ويو. ضلعي بڻجڻ کان اڳ خود دادو به لاڙڪاڻي سان هو. بعد ۾ جڏهن دادوءَ کي ضلعو (1933ع) بڻايو ويو تڏهن يا ڪي قدر پوءِ جوهيءَ کي ضلعي دادوءَ  ۾ شامل ڪيو ويو. ان ڪري لاڙڪاڻي سان گڏيل ضلعي دادو وارن جبلن جي قطار پڻ انهيءَ قديم تهذيب جي ضامن آهي. انهن قديم آثارن ۾ جوهي تعلقي جي ڳوٺ واهي پانڌي کان سر اولهه ۾ ٽڪرين تي اٽڪل پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ”رومين جون قبرو“ مقامي نالي سان موجود آهن. ان کان علاوہ ساڳئي نموني جون قبرون ڳوٺ مراد جمالي (هليلي) کان اولهه ڏکڻ ۾ مٿانهين ٽڪريءَ تي سماعيل فقير جي مزار جي ايوان ۾ پنج قبرون ۽ ساڳي ئي ڳوٺ جي اولهه،ڏکڻ ۾ سماعيل فقيرن کان به اولهه ۾ ڪجهه مفاصلي تي قبرون سنڌ جي قديم ترين آثارن جو مظهر آهن. اهي قبرون رومي ماڻهن جون نه بلڪ ”زردشتي مذهب“ سان تعلق رکندڙ ماڻهن جون آهن. اهو انومان يقين جهڙو لڳي ٿو ته ايران جي اوائلي مذهب جي پيغمبرن زردشت جا پيروڪار هن علائقي ۾ ڪي وقت رهيا ۽ پنهنجا اهڃاڻ ۽ آثارن ڇڏي ويا يا مقامي ماڻهن ۾ ضم ٿي ويا. انهن قبرن جي آسپاس سندن بستين جا آثار پڻ ملن ٿا. جيڪي پٿرن جون اڏيل هيون. اهڙا آثار ڳوٺ واهي پانڌي وارين قبرن جي سر اولهه ۾ جابلو علائقي ۾ موجود آهن، مذڪوره قبرن جي طرز تعمير نرالي ۽ ان ۾ مَڙهه رکڻ يا پُورڻ جو عجيب ۽ انوکو نمونو نظر اچي ٿو. قبرن ۾ ڪتب آيل پٿر جي سرن تي نهايت خوبصورت انداز ۾ گلڪاري اُڪريل آهي. اهي پٿر جون سرون ڊيگهه ۾ اٽڪل چار، پنج فوٽ ۽ ويڪر ۾ ٻه يا ڏيڍ فوٽ ٿينديون. ڪي پٿر جون اهڙيون چٽن گلن واريون سرون ننڍيون به آهن. ڪن پٿرن تي فارسي خط ۾ نالا، فارسي عبارتون، دعائون ۽ قرآن شريف جون آيتون به اڪريل آهن. قبرن جي اڏاوت نهايت انوکي آهي. زمين تي پٿر جي انهن گهڙيل وڏين سرن جو فرش ٻڌي، ان مٿان لاش رکي ٻنهي پاسن کان نقش ٿيل پٿر جي پاسيرين سرن سان اهڙيءَ ريت بند ڪيو ويو آهي جو چٽن گلن وارو پاسو ٻاهر ٿي بيهي ٿو. قبر جا اُتر ۽ ڏکڻ وارا پاسا سيراندي ۽ پيراندي کان بلڪل کليل آهن. انهيءَ خانيدار قبر ۾ اهي ماڻهو پنهنجو مڙهه رکندا هئا. سيراندي ڏکڻ ۽ پيراندي اُتر طرف ڪندا هئا، يعني پير اتر طرف ۽ مڙهه جو مٿو ڏکڻ طرف ڪندا هئا. اڄ به انهن قبرن ۾ لاشن جا هڏا نظر اچن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com