ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي
سنڌي لغت- نويسيءَ جي تاريخ
سنڌي ٻولي ۾ لغتون (شبد ڪوش
-
(Dictionaries
ڪڏهن کان وٺي تيار ڪيون ويون، هن مضمون ۾ انهيءَ
تي ٿوري روشني وڌي ويئي آهي. ملڪ جي آزاديءَ کان
پوء ڀارت ۽ سنڌ (پاڪستان) ۾ سنڌي لغتون چڱي تعداد
۾ شايع ٿيون آهن. سنڌي ٻوليءَ جون ڪجهه ننڍيون
لغتون ٻين ملڪن ۾ به ڇپيون آهن. (جيئن ته
جپاني-سنڌي ۽ سنڌي-جپاني گلاسري) اسڪولي شاگردن جي
لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جون ڪجهه پاڪيٽ سائيز
ڊڪشنريون به تيار ڪيون ويون آهن. هتي مون اُنهن جو
ذڪر نه ڪيو آهي؛ اُنهن کي ڇڏي باقي ٻين اهميت
وارين سڀني سنڌي لغتن جي ڄاڻ گڏ ڪري هتي ڏني اٿم.
ممڪن آهي ته ڪن بابت مون کي معلومات حاصل نه ٿي
سگهي هجي، اِنهيءَ بابت جيڪڏهن ڪي سڄڻ منهنجي ڄاڻ
۾ واڌارو ڪندا ته شڪر گذار رهندس.
سنڌي لغتن جي شروعات:
ڪنهن به ٻوليءَ جو اڀياس ڪرڻ لاءِ اُنهيءَ جي وياڪرڻ ۽ لفظن جي
معنيٰ، اصطلاحن، محاورن ۽ پهاڪن جي معنيٰ جو علم
هئڻ ضروري آهي. سنڌ ۾ ڪهلوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت
واري دؤر ۾ مڪتبن ۽ مدرسن ۾ گهڻو ڪري فارسيءَ جي
تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو ويندو هو. سنڌي ٻولي، جيڪا
مڪاني ماڻهن جي ”مادري زبان“ هئي، اُنهيءَ جي
سيکارڻ لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪونه هو. اِهو ئي سبب
آهي جو اُنهيءَ دؤر جا ڪنهن به ڏيهي عالم جا لکيل
سنڌي ويا ڪرڻ ۽ سنڌي شبدڪوش روشنيءَ ۾ نه آيا آهن.
اِنهيءَ ڏِس ۾ شروعاتي ڪوششون يورپي عالمن ڪيون
آهن.
ٽالپرن جي حڪومت واري دؤر جي آخري سالن ۾ انگريز سرڪار جي ڪن
عملدارن سنڌي ٻوليءَ جواڀياس ڪيو. اِنهيءَ جو مکيه
مقصد اِهو ٿو نظر اچي ته هُنن جون نظرون سنڌ تي
قبضو ڪرڻ واريون هيون. هنن سنڌ سان واپار ڪرڻ لاءِ
سنڌونديءَ رستي آمدرفت واسطي ميرن کان اجازت ورتي.
ان طرح هُو سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن کان به
واقف ٿيا. سنه 1835ع ۾ جيمس پرنسيپ سنڌي ٻوليءَ جو
وياڪرڻ انگريزيءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.[1]
ٻئي سال 1836ع ۾ بمبئيءَ جي رهاڪوءَ واٿين نالي
عملدارن سنڌي ٻوليءَ جو وياڪرڻ ۽ لفظن جو ننڍڙو
ذخيرو انگريزيءَ ۾ شايع ڪيو. هن بمبئي ۾ رهندڙ
سنڌي واپارين کان سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس ڪيو.[2]
سنه 1843ع ۾ جڏهن سرچارلس نيپئر دوکي سان ميرن کي شڪست ڏيئي سنڌ
۾ انگريزن جي حڪومت برپا ڪئي، اُنهيءَ سال انگريزي
فوج جي ٻن عملدارن ڪئپٽن ايسٽوِڪ
[3] ۽ ليفٽيننٽ ليچ[4] سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ننڍڙا ذخيرا رومن لِپيءَ ۾ انگريزي
معنيٰ سان گڏ ڇپائي پڌرا ڪيا. اِنهن جي ڄاڻ اسان
کي ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال، ڪلڪتا“ جي
شايع ٿيندڙ جرنل جي پرچن مان ملي ٿي.
سر چارلس نيپئر، جنهن جي اڳواڻي هيٺ انگريزي فوجن سنڌ فتح ڪئي
هئي، تنهن کي سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو.
هن ملڪي انتظام ۽ سماجي سُڌارن طرف گهڻو ڌيان ڏنو.
هن جي ڏينهن ۾ ئي ڪن يورپي عملدارن سنڌي ٻوليءَ،
سنڌي ادب ۽ ريتن رسمن وغيره جو چڱو اڀياس ڪيو.
اُنهن ۾ رچرڊ برٽن ۽ ڪئپٽن اسٽئڪ مکيه هئا. ڪئپٽن
جارج اسٽئڪ حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي ڪم
ڪري رهيو هو. کيس ٻولين جي اڀياس ڪرڻ جو گهڻو شوق
هو. سنڌ ۾ رهندي اسٽئڪ گهڻي ڪوشش ڪئي ته سنڌي
سيکاريندڙ ڪو سُٺو اُستاد ملي، پر کيس اهڙو ڪو
سنڌي نظر نه آيو، جيڪو انگريزيءَ يا هنديءَ ذريعي
کيس ”سنڌي“ سيکاري سگهي. اِنهيءَ تي هن پنهنجي
ليکي سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس شروع ڪيو. سنه 1847ع ۾
اسٽئڪ انگريزيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو گرامر لکي بمبئي
سرڪار کي ڇپڻ لاءِ ڏنو. اُنهيءَ کان پوءِ انگريزي-
سنڌي ۽ سنڌي انگريزي ڊڪشنريون تيار ڪرڻ ۾ لڳي ويو.
هن پنهنجي گرامر جي مهاڳ ۾ لکيو آهي- ”مون پنهنجي
وياڪرڻ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ بابت جيڪي قاعدا
ڏنا آهن، اُهي سموري سنڌ جي ٻوليءَ سان لاڳو ٿين
ٿا. جتي اپڀاشائن جا ڪجهه تفاوت آهن اتي انهن طرف
فوٽ نوٽس ۾ ڌيان ڇڪايو اٿم. مون کي ڏيهي سنڌي
عالمن جون اهڙيون ڪي به تصنيفون هٿ نه اچي سگهيون
آهن، جن تان ٿوري گهڻي ڄاڻ حاصل ٿئيم. اِن ڪري
سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ بيهڪ بابت جيڪي مون قاعدا
ڏنا آهن، اُهي سڀ مون پاڻ سنڌين جي گفتگون ٻڌي
جوڙيا آهن. مون کي هڪ به اهڙو سنڌي نه مليو آهي،
جنهن کي پنهنجي مادري زبان جي وياڪرڻ جي نيمن جي
ذري به ڄاڻ هجي. مون ئي سنڌين جو سندن مادري زبان
سنڌيءَ جي خاصيتن طرف ڌيان پئي ڇڪايو آهي. تعليم
حاصل ڪيل سنڌي پڻ سندن مادري زبان جي اڀياس طرف
ڌيان ڏنائين. مسلمان عربي ۽ فارسي جي تعليم ٿا
وٺن. ٻئي طرف سنڌي هندو فارسي يا پنجابيءَ ۽
هنديءَ جو اڀياس ٿا ڪن. اُها ٻولي جيڪا هو
پنهنجيءَ ماءُ جي ٿڃ پيئندي سکيا هئا، اُنهيء
مادري زبان کي هو فقط مسخرن جي لائق ٿا سمجهن.
انهيءَ هوندي پڻ مون کي پوري خاطري آهي ته ٻوليءَ
جي ماهرن لاءِ ئي هندستان جي ٻين گهڻين ٻولين جي
ڀيٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس وڌيڪ ثابت ٿيندو.“
اسٽئڪ جو تيار ڪيل سنڌي گرامر ۽ سندس مرتب ڪيل انگلش-سنڌي
ڊڪشنري بمبئي سرڪار 1849ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. اسٽئڪ
جي اِنهي ڊڪشنريءَ ۾ اٽڪل ٻارهن هزارن انگريزي
لفظن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل آهن. اِن ڊڪشنريءَ
سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگلش ڊڪشنري به جوڙي رهيو هو.
اِن ۾ گهڻي ئي جهونا سنڌي لفظ ڏنل آهن، جيڪي اڄ
ڪلهه جي ٻوليءَ ۾ واهپي ۾ نٿا اچن. اِنهيءَ
ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ حيدرآباد جا ٻه سنڌي عالم
پنڊت برهم سچدانند ۽ پنڊت جيشٺ برهم يا
جيتارام-سندس ٻانهن ٻيلي هئا.
ڪئپٽن اسٽئڪ اِنهن ڪتابن تيار ڪرڻ ۾ ايتري قدر جفاڪشي ڪئي جو
سندس صحت ڊهي پيئي. لاچار هو موڪل وٺي علاج لاءِ
يورپ هليو ويو. تندرست ٿيڻ بعد جڏهن وري هندستان ۾
واپس آيو ته سرڪار کيس ڪنهن ٿڌي ۽ موافق آبهوا
واري علائقي ۾ ڪم لاءِ آڇ ڪئي. پر سنڌي ٻوليءَ تي
فدا ٿيل هِن عالم اهڙي آڇ قبولڻ کان ناڪار ڪئي.
اسٽئڪ انگريز سرڪار کي عرض ڪيو ته کيس وري ساڳئي
عهدي تي سنڌ ۾ مقرر ڪيو وڃي. اِن طرح هو وري
حيدرآباد ۾ موٽي آيو، ۽ ڊڪشنريءَ جي اڌ ۾ ڇڏيل ڪم
کي جنبي ويو. اِنهيءَ جا اڃا 160 کن صفحا ڇپيا هئا
جو ڊسمبر 1853ع ۾ راهه رباني وٺي رمندو رهيو.
سنڌي-انگلش ڊڪشنري رايل سائيز جي 437 صفحن جي آهي.
اِنهيءَ جي ڇپائيءَ جو ڪم بي. ايڇ. ايلس پنهنجي
نگرانيءَ ۾ پورو ڪرايو. هو بارٽل فرئير جو زيردست
هو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي عهدي تي هو. ايلس اِها
ڊڪشنري 1855ع ۾ بمبئيءَ مان سرڪار جي تعليم کاتي
طرفان ڇپائي پڌري ڪئي. اِنهيءَ ۾ اٽڪل ويهه هزار
کن سنڌي لفظ ڏنل آهن.
ڪئپٽن اسٽئڪ ٽنهي ڪتابن ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ’ديوناگري لپي‘
استعمال ڪئي آهي. انهيءَ جو سبب هن صاف لفظن ۾ اهو
ڄاڻايو آهي ته اِهي ڪتاب خاص طور اُنهن سرڪاري
عملدارن لاءِ کين مڪاني ٻولي سنڌيءَ جو علم حاصل
ڪرڻ لازمي آهي. جيئن ته اُهي هندي، مراٺي وغيره
ٻوليون ڄاڻڻ ڪري ديوناگري لپي اڳ ۾ ئي ڄاڻن ٿا،
اِنهيءَ ڪري هو اِنهن ڪتابن جي مدد سان سنڌي ٻولي
جلد ئي سکي سگهندا. ايلس سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ جي
مهاڳ ۾ لکيو آهي ته کيس ڪئپٽن اسٽئڪ گهڻيئي دفعا
چيو هو ته اِنهن ڪتابن ۾ ديوناگري لپيءَ ۾ سنڌي
لکيل هئڻ ڪري ائين نه سمجهڻ گهرجي ته مان سنڌي
ٻوليءَ لاءِ ديوناگري اکرن اپنائڻ جي وڪالت ٿو
ڪريان، پر جيستائين سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکاوٽ مقرر
ڪرڻ بابت سرڪار ڪو فيصلو ڪري، تيستائين سنڌيءَ ۾
ڪتابن جي ڇپائيءَ جو ڪم روڪي رکڻ سياڻپ جو قدم نه
ٿيندو. ايلس پاڻ عربي-فارسي اکرن ۾ سڌارا وڌارا
ڪري سنڌيءَ لاءِ لکاوٽ تيار ڪرڻ جي فائدي ۾ هو.
سنه 1853ع ۽ سندس صدارت هيٺ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي
ويئي هئي، جنهن عربي-سنڌي لپيءَ کي هڪ معياري روپ
ڏنو هو. ايلس صاف صاف لفظن ۾ سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ
جي مهاڳ ۾ لکي ٿو ته جيڪڏهن وٽس اِهي دستخط رکيا
هجن ها، ته پاڻ به سنڌي لاءِ سرڪاري سطح تي لکاوٽ
جي فيصلي ٿيڻ تائين نه ترسي ها. هو اِهي ڪتاب
ديوناگريءَ ۾ ئي جلد ڇپائي پڌرا ڪري ها، ڇاڪاڻ ته
آفيسرن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ انهن جي گهڻي ضرورت
هئي.
سنڌيءَ جي مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو تحقيق ۽ تصنيف
ڪيل هڪ ڪتاب تازو شايع ٿيو آهي. اِنهيءَ جو نالو
آهي ”سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي.“[5]
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، حيدرآباد سنڌ مان
اِهو ڪتاب سنه 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
اِنهيءَ جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته ”انگريز
حڪمرانن جي آفيسرن جي هڪ منظم گروهه ڪئپٽن اسٽئڪ
جي اڳواڻيءَ هيٺ، صدين کان وٺي استعمال ٿيندڙ
عربي-سنڌي رسم الخط کي ختم ڪري، اُنهيءَ جي جاءِ
تي ’ديوناگري رسم الخط‘ کي رائج ڪرڻ جو منصوبو
سٽيو هئو. اُنهيءَ اِرادي سان ڪئپٽن اسٽئڪ جلدي
جلدي سنڌي گرامر ۽ انگريزي-سنڌي توڙي سنڌي-انگريزي
ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپائي پڌريون ڪيون. اُنهن ۾ هُن
سنڌي ٻولي ديوناگري رسم الخط ۾ لکي اِها ڳالهه
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ لپيءَ ۾ سنڌي ٻولي
لکڻ ۾ ڪابه ڏکيائي نه آهي.“ منهنجي ويچار ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي مخلص خدمتگار ڪئپٽن اسٽئڪ جي نيڪ اِرادن
۾ شڪ ظاهر ڪري ڊاڪٽر بلوچ صاحب هن عالم سان گهڻي
زيادتي ۽ بي انصافي ڪئي آهي. ڪئپٽن جي لکيتن مان
هتي جيڪي حوالا ڏنا ويا آهن، اُنهن مان صاف ظاهر
آهي ته هن عالم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديوناگري لپي ڇو
استعمال ڪئي هئي؟[6]
سنڌي- فارسي لغت:
”جواهر لغات سنڌي اَڪيچار“ پهرين سنڌي-فارسي لغات آهي، جيڪا
روشنيءَ ۾ آئي آهي. انهيءَ جو جوڙيندڙ آهي آخوند
عبدالرحيم عباسي. هو ڪوهستان طرف جو رهاڪو هو ۽
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ لڏي وڃي ڪراچيءَ
۾ رهيو هو.
آخوند زباني روايتن مان سنڌيءَ ۾ چيل ڪجهه قصا قلمبند ڪري، سنڌ
جي تعليم کاتي کي ڏنا هئا، جيڪي سرڪار ڇپائي ظاهر
ڪيا. هن جي تيار ڪيل سنڌي-فارسي لغات جو دستخط پڻ
سرڪاري دفتر ۾ پيو هو، پر شايع نه ڪيو ويو. انگريز
سرڪار سنه 1851ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ڪاروبار
۽ لکپڙهه لاءِ تسليم ڪيو هو. اِنهيءَ ڪري شايد هن
جي تيار ڪيل سنڌي-فارسي لغات جي ڇپائڻ جي ضرورت نه
سمجهي ويئي. سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
اِنهيءَ جو هٿ لکيل مسودو حاصل ڪري، سنه 1993ع ۾
حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي ظاهر ڪيو آهي. آهي ته اِها
1845ع کان 1851ع واري عرصي ۾ لکي تيار ڪئي ويئي
هئي. هن ۾ سنڌي لفظ اُنهيءَ جهوني عربي-سنڌي رسم
الخط ۾ لکيل آهن، جيڪو آخوند پاڻ ٺاهيو هو. هو سنه
1878ع ڌاري گذاري ويو.
اوڻويهين عيسوي صديءَ جون ٻيون لغتون:
گذريل صديءَ جيڪي ٻيون لغتون شايع ٿيون، اُهي هن ريت آهن:
اکر ڌاتو:- پادري شرٽ هيءُ ننڍڙو ڪتاب تيار ڪري سنه 1866ع ۾
ڇپايو ڪتاب ۾ ڪل 44 صفحا آهن ۽ ليٿو ۾ ڇپيل
آهي.انهيءَ ۾ چونڊ سنڌي لفظن جا ڌاتو يعني بنياد
ڏنل آهن، جيڪي سنسڪرت مان سنڌيءَ ۾ بدلجي آيا آهن.
ترتيب هن ريت چئن ڪالمن ۾ رکي ويئي آهي. (1) ڌاتو
سنسڪرت جو سنڌي اکرن ۾ لکيل. (2) ڌاتو انگريزي رسم
الخط ۾ لکيل. (3) معنيٰ. (4) سنڌي لفظ مثال طور:
اَ
(a)
معنيٰ ’نه‘ سنڌي لفظ: اَڄاڻ اَڌَرَ،اَمَرُ اَڀاڳي،
اَڪَٿُ.
جَنّ
(Jan)
پيدا ٿيڻ، سنڌي لفظ: جات، جنم، جنني، ڄڻيو، ڄَمُ،
ڄمارَ، ڄڻائڻ، ڄمڻ، ڄَڻو، ڄڻڻ، ڄڻِي.
وئتپتي ڪوش:- جهمٽمل نارومل وسڻاڻيءَ، پادري شرٽ واري ساڳي طرز
تي سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن چونڊ لفظن جي وئتپتي
(Etymology)
هن ڪوش ۾ ڏني آهي، جيڪي سنسڪرت مان سنڌيءَ کي
وراثت ۾ مليا آهن هن ڪوشش جو پهريون ڇاپو لِٿو ۾
سن 1886ع ۾ ڇپيو ۽ بيو ڇاپو سن 1904ع ۾ ڪراچي مان
شايع ٿيو ٽيون ڇاپو ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ طرفان
ڇاپي پڌرو ڪيو ويو. پهرين ٻن ڇاپن ۾ مول سنسڪرت
لفظ ديوناگري لپيءَ ۾ ڏنل آهن. پر ٽئين ڇاپي ۾
اِهي عربي-سنڌي رسم الخط ۾ ڏنل آهن، ڇاڪاڻ ته سنڌ
۾ ديوناگري ڪمپوزنگ جي سهولت ڪانه آهي. مثال:
ڪامَ- عشق:- ڪامُ، ڪامي، ڪامنا، نهڪام، نشڪام، سُڪام، نهڪامي،
ڪامِڻِ- ڪامڻي.
ايڪشن (ڏسڻ): ويکڻ، پرکڻ، پريکبا، پريچار، پارکو، پرک، پارکا،
پرکائڻ، پرکائي.
انگريزي- سنڌي ڊڪشنري:- سنه 1868ع ۾ مهارا شٽر جي هڪ عالم لڪشمڻ
وشئو پراجپئي هيءَ ڊڪشنري ڇپائي. انهيءَ جو حوالو
گريئرسن جي ”لنگئسٽيڪ سروي آف انڊيا“ ڪتاب جي جلد
اَٺين ۾ ڏنل آهي.
سنڌي-انگلش ڊڪشنري:- سنڌ جي تعليم کاتي طرفان جيڪا عربي- سنڌي-
الف - ب 1853ع ۾ ٺاهي ويئي، اُنهيءَ ۾ لوهي ٽائيپ
ڪرائي، ڪمپوزنگ ذريعي ڇپيل هيءَ پهرين ڊڪشنري آهي.
اِها ڪراچيءَ ۾ ڪمشنر جي پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيل آهي.
اِنهيءَ جا تيار ڪندڙ آهن. آخوند پادري شرٽ،
اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ۽ مرزا صادق علي بيگ.
اِنهيءَ جي تيار ڪرڻ ۾ آخوند عبدالرحيم (”جواهر
لغات سنڌي اَڪيچار“ جو مصنف) به ٽنهي ايڊيٽرن جو
چڱو مددگار هو. جيئن ته هيءَ ڊڪشنري سنه 1879ع جي
ڇپيل آهي ۽ اُن جي مهاڳ ۾ آخوند جا شڪرانا مڃيندي
کيس ”مرحوم“ لکيو ويو آهي، اُن مان ظاهر آهي ته هو
ڊڪشنري ڇپجي ظاهر ٿيڻ کان سال-ٻه اڳ گذاري ويو هو.
هن لغات جي خاصيت اِها آهي ته لفظن تي زيرون-زبرون
ڏيئي اُنهن جا صحيح اُچار لکڻ تي گهڻو ڌيان ڏنو
ويو آهي. ايڊيٽرن جارج اسٽئڪ جا به گهڻا شڪرانا
مڃيا آهن، جنهن جي سنڌي-انگلش ڊڪشنريءَ تان هنن
گهڻي ۾ گهڻي مدد ورتي آهي. هن ۾ اَٽڪل ٻاويهه هزار
کن سنڌي الفاظ ڏنل آهن.
سنڌ جي هڪ يورپي عملدار ”مري“ (
(J. A. Murray جا تيار ڪيل ٻه انگريزي ڪتاب سنه 1881ع ۾ شايع ٿيا. اُنهن جا
نالا آهن:-
1- Vertebrate Zoology of
Sind.
2- Plants and Drugs of
Sind.
انهن ۾ سنڌ جي پشن-پکين جڙين ٻوٽين ۽ وڻن ٽڻن جا لفظ گڏ ڪري
رومن لپيءَ ۾ انگريزيءَ معنيٰ سان ڏنل آهن.
ليلا رام وتڻمل لالواڻي ’خاڪي‘ انگريزيءَ ۾ شاهه لطيف جي
حياتيءَ ۽ ڪلام تي هڪ تحقيقي ڪتاب سنه 1890ع ۾
شايع ڪيو. اُنهيءَ جو نالو آهي:-
The Life, Religion Poetry of Shah Latif
اِنهيءَ ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ شاهه جي رسالي جي اؤکن لفظن جي
معنيٰ انگريزيءَ ۾ ڏنل آهي. شاهه جي رسالي جي هيءَ
پهرين لغت آهي.
ويهين عيسوي صديءَ ۾ سنڌي لغت نويسي
1900 کان وٺي 1947ع تائين:
ويهين صديءَ جي پهرئين اَڌ ۾ ملڪ جي ورهاڱي تائين سنڌي لغت
نويسيءَ ۾ چڱو ئي اَهم ۽ بنيادي ڪم ٿيو آهي.
انهيءَ دؤر ۾ شايع ٿيل مکيه ڊڪشنريون هن ريت آهن:
ديوان ڪوڙيمل چندنمل کلڻاڻي سنه 1904ع ۾ انگريزي- سنڌي ڊڪشنري
ڇپائي. اُن کان پوءِ هن هڪ سنڌي-انگلش ڊڪشنري به
تيار ڪري شايع ڪئي، جنهن ۾ اَهڙا سنڌي لفظ درج ڪيل
هئا، جيڪي شرٽ اُڌارام ۽ مرزا بيگ واري ڊڪشنريءَ ۾
ڏنل نه هئا.
ڀيرومل مهرچند آڏواڻي شاهه جي رسالي جو گهرو اڀياس ڪندڙ هو. هن
”غريب اللغات“ نالي سان رسالي جي ڏکين لفظن جي
معنيٰ جدا جدا جلدن ۾ ڇپائڻ شروع ڪئي. پهريون ڀاڱو
سنه 1908ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي ظاهر ڪيائين.
انهيءَ ۾ سُرڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر کنڀات جا
ڏکيا لفظ ڏنل آهن. اِهو ڀاڱو سٺ صفحن ۾ آهي ۽
ڪيترن هنڌن تي لفظن جي وئپتي پڻ ڏنل آهي. اِنهيءَ
کان پوءِ نظر ٿو اَچي ته هو ٻيا ڀاڱا ڇپائي ظاهر
ڪري نه سگهيو.
پرمانند ميورام، سنڌي- انگلش ڊڪشنري تيار ڪري، سنه 1910ع ۾
حيدرآباد سنڌ مان شايع ڪئي. اِنهيءَ لاءِ هن نه
فقط اڳين سنڌي ڊڪشنرين تان مدد ورتي آهي، پر
پنهنجي ليکي پڻ سنڌ جا جدا جدا ڳوٺ گهمي،
ڪمين-ڪاسبين ۽ ڌنڌي وارن جا اصطلاح گڏ ڪري درج ڪيا
آهن. اڄ تائين اِها لغت سَندَ طور استعمال ڪئي وڃي
ٿي. اِنهيءَ ۾ سنڌي لفظن جو تعداد اَٽڪل پنجويهه
هزار کن آهي. پر مانند جي ٻي انگلش-سنڌي ڊڪشنري
سنه 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان شايع ٿي. هاڻي ويهين
صدي ختم ٿي چڪي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻيئي نوان
لفظ ۽ اصطلاه جذب ٿي ويا آهن، اِنهيءَ ڪري اِنهن
ڊڪشنرين ۾ اضافو ڪري ۽ ضروري سُڌارا آڻي، نيون
جامع ڊڪشنرين تيار ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.
مرزا قليچ بيگ لغت نويسيءَ جي کيتر ۾ پڻ ٻين عالمن کان گهڻو
اڳتي هو. هن شاهه جي رسالي جو نئون ڇاپو تيار ڪري
ڇپائڻ سان گڏ سنه 1913ع ۾ ”لغات لطيفي“ به شايع
ڪئي. اُن ۾ سندس تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي ايڊيشن
مطابق سُرن موجب لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي. مرزا صاحب
1921ع ۾ انگريزيءَ ۾ هڪ ننڍڙو ڪتاب
(Philological Curiosites)
نالي به ڇپايو اُنهيءَ ۾ هُن سنڌي لفظن جي ٻين
ٻولين سان ڀيٽ ڪئي آهي. انگريزي، عربي، فارسي،
وغيره لفظ ڪيئن سنڌيءَ ۾ بدلجي آيا آهن، اُنهن تي
به روشني وڌل آهي. مرزا قليچ بيگ جو ٽيون ڪتاب
آهي. ”لغات قديمي“ جيڪڏهن 1993ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
انهيءَ ۾ شآهه لطيف جي ڪلام سان گڏ ٻين به جهونن
سنڌي شاعرن جي شعر مان ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل
آهي. مرزا صاحب جو هڪ ڪتاب باغبانيءَ بابت به ڇپيل
آهي. اُن ۾ هُن اِنهيءَ جي فن سان واسطو رکندڙ
گهڻيئي لفظ ڏنا آهن.
ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻيءَ ”شاهه جو رسالو“ ٽن جلدن ۾ مرتب ڪيو.
هر هڪ جلد جي آخر ۾ سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ ڏکين
لفظن جي معنيٰ ۽ اُنهن جي وتپتي به ڏنل آهي. اِهو
حصو جيڪڏهن الڳ ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي ڇپائجي
ته شآهه جي رسالي جو شبد ڪوش بڻجي پوندو. هن دؤر ۾
اسڪولي شاگردن جي ڏانءُجون به چڱيون ئي ڊڪشنريون
شايع ٿيون. انهن ۾ اَنندرام. ٽي. شهاڻيءَ جون
انگلش- سنڌي ۽ سنڌي- انگلش ڊڪشنريون خاص طور ذڪر
لائق آهن. هُن انگلش ڊڪشنريءَ ۾ انگريزي لفظن جا
اُچار پڻ جدا ڪالم ۾ ڏنا آهن.
خاص موضوعن تي شايع ٿيل ڊڪشنرين ۾ ”فرهنگ جعفري“ (1935ع) قابل
ذڪر آهي. ان جو تيار ڪندڙ حيدرآباد سنڌ جو رهاڪو
حڪيم محمد جعفر آهي، جيڪو مشهور يوناني طبيب هو.
هن لغت ۾ دوائن، جڙين-ٻوٽين، بيمارين ۽ اُنهن جي
علاج جا ٽيڪنيڪي لفظ ڏنل آهن. اُنهيءَ جو نئون
سڌاريل ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد طرفان شايع
ٿيل آهي، جنهن کي سنڌ جي نامياري اديب ۽ شاعر (پڻ
سنديافته ’طبيب‘) نياز همايونيءَ وڏيءَ محنت سان
ايڊٽ ڪري، سوڌي ۽ سنواري، عمدگيءَ سان تيار ڪيو
آهي.
پهاڪن ۽ محاورن جا مجموعا: ٻوليءَ جي اڀياس جي خيال کان پهاڪن ۽
محاورن جي مجموعن کي به گهڻي اهميت آهي. اِنهيءَ
ڏِس ۾ شروعات گذريل صديءَ جي ٻئي اَڌ ۾ ٿي هئي.
ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ سنه 1869ع ۾ ”گل شڪر“
نالي سان سنڌي پهاڪن جو مجموعو لکي سرڪاري جي
تعليم کاتي کي ڇپائڻ واسطي ڏنو هو. اُهو ڪيترا سال
دفتر جي ڪٻٽن ۾ بند پيو هو. نيٺ 1905 ۾ اُهو ڇپجي
ظاهر ٿيو. اِن ڪتاب ۾ ڪل 570 سنڌي پهاڪا سمجهاڻيءَ
سان گڏ ڏنل آهن. گذريل صديءَ ۾ ئي ڪوڙيمل کلڻاڻيءَ
”سنڌي پهاڪا“ نالي هڪ ننڍو مجموعو سنه 1889ع ۾
ڇپائي ظاهر ڪيو. اِن ۾ ٻارهن سؤ کن سنڌي پهاڪا ڏنل
آهن. اُنهن جي سمجهاڻي ڏنل نه آهي ليکڪ جي لکڻ
موجب ائين ڪرڻ سان ڪتاب چڱو وڏو ٿي وڃي ها، انڪري
غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي نه سگهي ها. سنڌيءَ ۾
پهاڪن جو ڇپيل اِهو پهريون ڪتاب آهي. روچيرام
گجومل ڪرپالاڻي، جيڪو انگريز عملدارن کي سنڌي
پڙهائيندو هو، تنهن اَٺ سؤ کن سنڌي پهاڪا
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1992ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا.
ڪتاب جو نالو رکيائين
“A Hand Book of Sindhi proverbs” اِهو ڪتاب ايترو ته عوام ۾ پسند پيو جو اُنهيءَ جا پوءِ
چار ڇاپا ڇپيا.
گهنشامداس رامنداس ڀڳت پهريون سنڌي عالم آهي. جنهن سنه 1910ع ۾
سنڌي اصطلاحن ۽ ورجيسن جو پهريون مجموعو ڇپائي
پڌرو ڪيو. ڪتاب جو نالو آهي ”سنڌي ٻوليءَ جي
سونهن“ (سنڌي ورجيسون ۽ اصطلاح). اِن ڪتاب ۾ سوا
ٻه هزار کن سنڌي محاورا معنيٰ ۽ جملن ۾ پريوگ سان
گڏ ڏنا ويا آهن.
مرزا قليچ بيگ سنه 1925ع ۾ ”پهاڪن جي حڪمت“ نالي سان ننڍڙو ڪتاب
ڇپايو. اُنهيءَ ۾ سنڌي پهاڪن سان گڏ، جدا جدا
ٻولين ۾ ملندڙ پهاڪا پڻ چونڊي الڳ الڳ بابن ۾ ڏنا
ويا آهن. ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو ننڍڙو ڪتاب
”پهاڪن جي پيڙهه“ به اُنهيءَ دؤر ۾ شايع ٿيو، جنهن
جي ڇپجڻ جو سال ڏنل نه آهي اِنهيءَ ۾ ليکڪ هڪ سؤ
ٻائيتاليهه سنڌي پهاڪا سمجهاڻيءَ سان گڏ ڏنا آهن.
ڀيرومل پوءِ 1926ع ڌاري ”گلقند“ نالي سان پهاڪن ۽
اصطلاحن جوسنگرهه ڇپايو. اِن ۾ ٻه ڀاڱا آهن.
پهرئين ڀاڱي ۾ 912 سنڌي پهاڪا الف-ب وار ڏنل آهن.
ٻئي ڀاڱي ۾ 1450 اصطلاح معنيٰ سان گڏ ڏنل آهن.
موهن لال جوت سنگهه شهاڻيءَ
“Sindhi Idioms” نالي سان سنڌي اصطلاحن جو سنگرهه ڇپايو. ڇپائيءَ جو سال ڏنل نه
آهي. اُن ۾ هڪ ڪالم ۾ سنڌي اصطلاح ۽ ٻئي ڪالم ۾
اُنهن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ يا هم-معنيٰ انگريزي
اِڊيم ڏنل آهن. ملڪ جي آزاديءَ کان اڳ ٻيا به ڪجهه
سنڌي پهاڪن ۽ اصطلاحن جا ننڍا مجموعا شاگردن جي
لاءِ ڇپيا هئا. اُنهن جو هتي ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
1947ع کان پوءِ سنڌ ۾
ملڪ جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌي لغت نويسيءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪم سنڌ
(پاڪستان) ۾ ٿيو آهي. اِنهيءَ ۾ پهرئين نمبر تي
آهي ”جامع سنڌي لغات“، جيڪا پنجن جلدن ۾ سنڌي ادبي
بورڊ حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيل آهي. (پهريون
جلد 1960ع؛ ٻيون جلد 1981ع؛ ٽيون جلد 1984ع؛ چوٿون
جلد 1985ع ۽ پنجون جلد 1988ع). ڊڪشنريءَ جو ايڊيٽر
آهي سنڌي ٻوليءَ جو مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ.
”جامع سنڌي لغات“ جي تاريخ چڱي وڏي آهي. اِنهيءَ جي تيار ڪرڻ جي
شروعات آزادي کان اڳ 1940ع ۾ ڪيئي ويئي. سنڌ سرڪار
جي برپا ڪيل ”سنڌي ساهت (اَدب) لاءِ مرڪزي صلاحڪار
بورڊ“ طرفان سنڌي عالمن جي هڪ ڪاميٽي 1940ع ۾ مقرر
ڪئي ويئي. اُن کي هن لغات ٺاهڻ جي ذميواري سونپي
ويئي. ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ۽ لالچند اَمرڏنومل
جڳتياڻي ان ڪاميٽيءَ جا ميمبر هئا. انهيءَ لغات جو
مسودو الف-ب جي پهرين چئن حرفن (ا، ب، ٻ، ڀ،)
تائين تيار ڪيو ويو هو ته ملڪ جو ورهاڱو ٿيو. لغات
ٺاهڻ جو ڪم ڪجهه سال ڊانوان ڊول ٿي ويو. پاڪستان
جي قيام کان پوءِ سنڌ سرڪار 1951ع ۾ نئين سر ”سنڌي
اَدبي بور“ نالي سان هڪ ادارو برپا ڪيو ۽ ”جامع
لغات سنڌي“ جي رٿا مڪمل ڪرڻ جو ڪم اِن اداري کي
سونپيو ويو. رٿا جو دفتر سنڌيونيورسٽي حيدرآباد جي
پراڻي ڪئمپس (جيڪو آزاديءَ کان اڳ نؤ ودياليه هاءِ
اسڪول هو) واري بلڊنگ جي هڪ ڪمري ۾ کوليو ويو. سنه
1951ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي اِنهيءَ ڊڪشنري
جي رٿا مڪمل ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي. ڊاڪٽر
بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ 1952ع کان ڪم جي نئين سر
شروعات ڪئي ويئي. سنڌ جي جدا جدا ايراضين مان ۽
سنڌي ادب جي ڇپيل ڪتابن مان توڙي دستخطن مان لفظن
جي گڏ ڪرڻ جو ڪم شروع ٿيو. ان طرح گڏ ڪيل لفظن جي
ذخيري جو پهريون مسودو سن 1954ع ۾ جوڙي تيار ڪيو
ويو ڊاڪٽر بلوچ جي لکڻ موجب لغات جو پهريون جلد
ڇپائي ظاهر ڪرڻ ۾ گهڻيئي رڪاوٽون درپيش آيون. اُهو
جلد (جنهن ۾ ٽن حرفن سان شروع ٿيندڙ لفظ آهن الف-
ب- ٻ) نيٺ ڇهن سالن جي ڊگهي عرصي بعد سنه 1960ع ۾
شايع ٿيو. اِها نهايت ئي ساراهه جوڳي ڳالهه چئبي،
جو اِنهيءَ پهرئين جلد ۾ درج ڪيل سنڌي لفظن جو
ذخيرو اٽڪل سورهن هزار آهي. پنجن ئي جلدن ۾ اَٽڪل
ڏيڍ لک کن مکيه لفظن جون داخلائون آهن. اِنهيءَ
ڊڪشنريءَ جي پهرئين ايڊيشن ۾ تحقيقي لحاظ کان ڪجهه
گهٽتايون آهن. انهيءَ کان سواءِ زباني روايتن مان
جڏهن چاليهن جلدن ۾ سنڌي لوڪ ادب گڏ ڪري ڇپايو ويو
ته اُنهيءَ ۾ پڻ گهڻيئي نوان نوان سنڌي سُڌاريل ۽
وڌايل ايڊيش تيار ڪرڻ جي ضرورت باقي آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان
گڏجي ٻه ڊڪشنريون ڇپائي پڌريون ڪيون آهن:
|