*****
سنڌي ٻوليءَ جي بقاءَ ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت
آهي. ڀائرو، سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي
ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو ۽ هڪ صحتمند زندگي
گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل
زنده ناهي، مگر اُهي، جو ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا
هئا، تن خاطر. پيئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي نيڪين
سببان تڳي رهي آهي، ۽ نه اسان جي عملن ڪري. جڏهن
اوهين پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي
ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوت تخليق ذريعي نون خيالن
پيدا ڪرڻ بدران محض جامد جسم بنجي ويندا، تڏهن
قانون فطرت مطابق نه توهين رهندا، نه توهان جي
ٻولي، ڪوبه سياستدان يا دانا انهيءَ حالت ۾ اوهان
کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز صدا ڏيندو ته
”ظالم قوم کي پري ڪيو وڃي.“
”فبعد اللقوم الظالمين.“_ شال ڌڻي تعالٰي اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري.
علامه آءِ. آءِ. قاضي
مقالا
*****
هن وقت تائين اهو تصور ڪيو ويندو سنڌو سڀيتا، جنهن قديم انساني
تهذيب جو بنياد وڌو.
اها ساڍا چار هزار ورهيه قديم آهي. آثار قديم جي ماهرن ان ڳالهه
۾ هن کان اڳ ۾ هن کان اڳ اهو اضافو ڪيو هو ته موهن
جي دڙي کان آمريءَ جي تهذيب، ڇهه سو کان اٺ سو
ورهيه وڌيڪ قديم آهي، ليڪن اوهان کي معلوم آهي ته
سبيءَ جي ڀرسان تازو مهرڳڙهه وٽ فرانسيسي ماهرن هڪ
دڙو کوٽيو آهي، جنهن جي تهذيب ست هزار ورهه قديم
آهي. مهر ڳڙ جي ڀرسان نوشهري جو ٻيو دڙو به کوٽيو
ويو آهي جو به ايتروئي پراڻو آهي. ڪاڪي ڀيرومل
پنهنجي ڪتاب ”قديم سنڌ“۾ انهن دڙن کي دمدما ڪوٺيو
آهي. مان اهي ٻيئي دڙا هڪ دفعو نه پر ڪيتر ڀيرا
ڏسي آيو آهيان ۽ اعتماد سان چئي سگهان ٿو ته
درحقيقت مهر ڳڙهه جي تهذيب قديم سنڌي تهذيب جي هڪ
اڳوڻي ڪڙي آهي، ڇو ته سبيءَ تائين صاف سنڌي
ڳالهائي وڃي ٿي. سبيءَ تائين سمورو علائقو سنڌو
درياءَ جو ميداني علائقو آهي. بلوچستان جاجبل ان
بعد شروع ٿين ٿا. سبي صدين جون صديون سنڌ جي تاريخ
جو حصو رهي آهي. ڪلهوڙن جي دور تائين، اها سنڌ جي
حڪومت تسلط هيٺ هئي. دولهه دريا خان سنڌ جي سرحد
تي سبيءَ وٽ ارغونن سان مقابلا ڪيا هئا ۽ کين شڪست
فاش ڏني هئي.
هاڻي اوهان ذراتصور ڪريو ته جيڪا تهذيب ست هزار ورهيه قديم
هوندي، جتي جنت مان درياءَ وهي ايندا رهيا آهن، ان
جا رهاڪو ڪيڏا نه مهذب ۽ متمدن هوندا، ان جي زبان
ڪيڏي نه شاهوڪار هوندي. هزارين ورهين جي عرصي اندر
اُن ٻين ٻولين جا ڪيترا نه لفظ جذب ڪيا هوندا،
چنانچه سنڌ سرزمين جي علميءِ ۽ ادبي روايت ڪيڏي نه
پڪيءِ پختي هوندي. سنڌ جي ثقافت ۾ ته دوستو! انڊلٺ
جا سمورا رنگ سمايل هوندا.
غلام رباني آگرو
*****
غلام رباني آگرو
خَطَ
شاهه ولي الله دهلويءَ
جا
مخدوم معين ٺٽويءَ
ڏانهن
(قسط-2)
”مهراڻ“ جي گذريل پرچي ۾، ”خط – شاهه ولي الله دهلويءَ جا مخدوم
معين ٺٽويءَ ڏانهن“ عنوان سان، منهنجو مضمون ڇپيو
هو، جنهن تي اهلِ علمُ اصحاب خوش ٿيا. مون
کي سندن قرب ڏسي، شدت سان ادراڪ ۽ احساس ٿيو ته ”تحسينِ
ناشناسُ“ ۽ ”سُڪُوتِ سخُن شناسُ“ محاري ۾، معنٰي
جو ڪيڏو نه درياءُ موجزن آهي.
پهريان ٻاجهارا ٻول، سنڌ جي ڏاهي، سائين محمد ابراهيم جويي کان
ٻڌم. سڪ سان چيائين ته ”ادا، مهراڻ شايع ٿيو، ته
پهريائين تنهنجو مضمون پڙهيم. پوءِ پنهنجو.“ --
مان ايڏيءَ عزت افزائي جي لائق ته نه هئس. دل ۾
کيس دعا ڏنم:
جکرا، جيئن شالَ، تنهنجو مدو ڪنين نه سڻان،
جيئن تو اچي ڪالهه، نالائق نوازيا.
لاڙڪاڻي مان محترم امام راشدي صاحب پنهنجي مخصوص محبتي انداز
سان ياد فرمايو، تاريخي خطن جي اشاعت تي مبارڪباد
ڏنائين ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پير پاڳارن جي حد امجد جي
ٺهرايل مسجد شريف ڏسڻ جي دعوت ڏنائين. ستت، سنڌ
يونيورسٽي جي ممتاز محقق ۽ ”تحقيق“ رسالي جي
ايڊيٽر، رٽائرڊ پروفيسر نجم الاسلام مبارڪون
مُڪِيونُ.
هفتو ڏهه ڏهاڙا مسَ گذريا، ته ٽپال ۾ ٻه اهم خط
آيا: هڪ سنڌ جي نامور عالم، ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ جو ۽ ٻيو صادق آباد مان ملڪ جي مشهور علم
پرور شخصيت، محترم سيد انيس شاهه جيلانيءَ جو.
ٻنهي عالمن جي قداور شخصيتن جي ادب ۽ احترام جي
تقاضا آهي، ته سندن خط هوبهو ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن
جي ملاحظي لاءِ پيش ڪجن:
** ** **
مخدوم محمد معين ڏانهن شاهه ولي الله دهلويءَ جا خَطَ، سڀ هڪ ئي
هنڌ گڏ ڏيڻ گهربا هئا رڳو انڪري نه، جو جيڪو به
عالم، اَديبُ ۽ مُحَقِقُ اڳتي هلي، انهن تي تحقيق
ڪري، تنهن کي سولائي ٿئي. پر، انڪري پڻ، جو مبادا،
اڳتي هلي، کيس ”مهراڻ“ جو هڪ پرچوته ملي، پر ٻيو
هٿ ئي نه اچي. (حقيقت اها آهي ته اڄ مهراڻ جا
ڪيترا پرچا اڻلڀ آهن).
بلاشبه، اصولي طرح، ائين ئي ٿيڻ گهربو هو. پر، سڀ ڳالهيون انسان
جي اختيار ۾ ڪونه آهن انسانَ ۽ نسيان* جو رشتو
ڏاڍو ڪو قريبي آهي. جڏهن مون اصل ڪتاب ۾ هندستان
جي هاڪاري شاه جا مخدوم معين ڏانهن خط ڏٺا هئا،
تڏهن ڏاڍي خوشي ٿي هئم. مهراڻ ايڊيٽر مسٽر ناشاد
سان ذڪر ڪيم، ته کيس به اوتري ئي خوشي ٿي، بلڪ
حقيقت اها آهي ته هن تاريخي خطن جي اشاعت لاءِ هو
مون کي مسلسل يادگيري ڏياريندو رهيو. مون اصل ڪتاب
جلد بنديءَ کي ٽوڙايو، جيڪا نهايت خوبصورت هئي،
سو، رڳو انهيءَ ڪري ته سڀني خطن جا عڪس وٺي، مضمون
جي آخر ۾ ترتيبوار ڏجن. تاهم، جڏهن رسالو شايع
ٿيو، تڏهن ڏسان ته ’مار، چار خط ته مضمون ۾ شامل
ٿيڻ کان رهجي ويا آهن.‘ اهو ڪيئن ٿيو، سو سمجهه ۾
ڪونه آيو. پر، ڏک ڏاڍو ٿيو. مسئلي جو هڪڙوئي حَلُ
نظر آيو، ته چارئي خط مهراڻ جي هن لاڳيتي پرچي ۾
فوراً شايع ڪري ڇڏجن.
*****
هندستان جي هاڪاري شاهه جي هنن چئن ئي خطن ۾ ’ذهين پڙهندڙ‘ کي
هونئن ته گهڻيون ڳالهيون نظر اينديون، پر جنهن
ڳالهه مون کي حيرت ۾ وڌو، سا هيءَ ته انهيءَ دؤر ۾
به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جن اهڙين اعليٰ شخصيتن
کي به ڪو نه بخشيو. مثلاً، هڪ خط ۾ شاهه مخدوم
معين سان همدردي ڪندي لکيس ٿو ته، ”اوهان زماني جي
مصائب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيو. اوهان کان جاگير کسجي
وئي آهي.“ ڪنهن ٻئي خط ۾ سندس بيماريءَ ۽ پيريءَ
جو ذڪر ڪري ٿو. پر، هڪ خط ۾ ائين به لکيس ٿو ته،
”مون ته اوهان کي اهڙو ڪو خط لکيوئي ڪونهي جنهن ۾
ڪنهن اختلافي مسئلي تي تبصري آرائي ڪئي هجيم.
يقيناً اتي (ٺٽي جي) شرانگيز ماڻهن، منهنجي ڪنهن
خط ۾ گمراهه ڪندڙ اکر وڌا آهن. دل ٿي چوي ته اهڙن
شريرن جي گهرن اڳيان اچي هنگامو ڪجي.“
هنن خطن مان مون کي انهيءَ تاثر جي تصديق ٿئي ٿي ته اِنسانُ، هن
معنيٰ ۾، هر دؤر ۾ هڪ جهڙو رهيو آهي ته ڀلا ۽ برا
ماڻهو هر دؤر ۾ هر معاشري ۾ پيدا ٿيندا رهن ٿا.
سو، اهو چوڻ اجايو آهي ته اڳي ماڻهو ڏاڍا سچا ۽
سادا هوندا هئا. اهو سونو زمانو هو. هي ڪلجڳ آهي ۽
هاڻي اسان اچي جنجال ۾ پيا آهيون.
غالباً، هيءَ دنيا هميشہ ائين ئي رهي آهي، جيئن هاڻي آهي.
چيچنيا ۾ روسين جو ڪيل ڪُوسُ، دهليءَ ۾ نادر شاهه
جي ڪوسَ کان ڇا ۾ گهٽ آهي؟ نادر شاهه ته ٿيو هڪ
جهنگلي ريڍار يا ٻڪرار، جيڪو سراسر وحشي هو، ۽
تهذيب ۽ تمدن سان ناآشنا هو. پر، روسي ته خود سندن
پنهنجي ئي دعويٰ موجب، مارڪس ۽ اينجلس جي تعليم
سان سرشار هئا. انساني تاريخ ۾، پهريون ڀيرو، يوري
گاگارين کي خلا ۾ موڪليو هئائون. چيچنيا ۾، جيڪي
ڪجهه ڪيائون، تنهن مان ته ثابت ٿيو، ته روسي رِڇَ
پنهنجون پراڻيون خصلتون اڃا ڪونه مٽايون آهن، شيخ
اياز جو هي شعر انساني رت سان رنڱيل چيچنيا جي
پهاڙن تي اڄ ڪيترو نه صحيح ۽ صادق آهي:
ماڻهوءَ منجهه مرون، اڳي کان اڳرو ٿيو
روس ته ٿيو پرڀرو. اسان جي پنهنجي پاڙي ۾، سڄيءَ دنيا جي اکين
اڳيان ڪشمير ۾ انساني بنيادي جمهوري حقن جي جيڪا
پائمالي ٿي رهي آهي، سا مهاتما گانڌيءَ جي امن ۽
اهنسا واري اصول تي ڪيڏي نه وڏي ٽوڪَ آهي! فلسطين
جي رهاڪن سا يهودي، جيڪو ڏاڍُ ۽ ظُلمُ ڪري رهيا
آهن، سو سڄيءَ دنيا ۾ جمهوريت ۽ اخلاقي قدرن جي
پاسباني ڪندڙ، مغربي طاقتن ۽ خاص طرح، آمريڪا کان
مخفي آهي ڇا؟-- پر، اسان کي خود پنهنجي ئي تاريخ
جي ورقن ۾ وحشانيت ۽ بربريت جا اهڙا بيشمار مثال
ملن ٿا.
سعيد بن المسيب حضرت عمر جي خلافت جي ٻئي سال پيدا ٿيو. تابعين
۾ سندس درجو وڏو آهي. فقہ ۽ حديث ۾ سندس بلند مقام
هو امام زهريءَ جي شيوخ ۾ شمار ٿئي ٿو. چاليهه حج
ڪيا هئائين. بنو اميه جي د ؤر خلافت ۾ سچ چوڻ سبب
معتوب ٿيو. مديني منوره جي گهٽين ۾ پوليس وارا،
(جيڪي به سمورا مومن مسلمان هئا) مٿس ڪؤڙا
وسائيندا رهيا. سندس زخمن مان رت وهندو رهيو. پر،
پوءِ به سچ چوندو رهيو. ٻيو ڪو رستو نه ڏسي، کيس
جيل ۾ موڪليائون.
امام مالڪ بن انس فقه مالڪيءَ جو باني آهي. سندس ڪتاب ”مؤطا“
حديث جي معتبر ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. حضور پيغمبر
صلّي الله وآلہ عليہ وسلم جن اوائلي سيرت نگارن پڻ
کانئن استفادو ڪيو آهي. امام مالڪ ڏانهن اها روايت
به منسوب آهي ته مديني منوره ۾ ڪڏهن به پيرن ۾ جتي
پائي ڪو نه گهميو. پيرين اگهاڙي هلڻ جو سبب؟--
متان ڪنهن اهڙي هنڌ تي پير پئجي وڃي، جتي حضور
پيغمبر صلّي الله عليہ والہ وسلم جن جو پيرُ پيو
هجي!
حضور پيغمبرصلّي الله عليہ وآلہ وسلم جن سان سندس عشق ۽ عقيدت
اها. پر، اسلامي خليفو منصور عباسي مٿس ڪاوڙجي
پيو. سو، مديني جي مومن مسلمان گورنر، کيس ذليل
ڪرڻ لاءِ، اٺ جي اگهاڙيءَ پٺيءَ تي سوار ڪري،
مديني شهر جو گشت ڪرايو ۽ سمورو وقت، الله ۽ رسول
تي ڪلمو پڙهندڙَ، نماز ۽ روزي جا پابندَ، سرڪاري
مومن مسلمان جلادَ، مٿس ڪؤڙا وسائيندا رهيا.
تاريخ جو ٻيو ورق ورايو. امام احمد بن حنبل، مسلمان خليفي معتصم
بالله جهڙي با جبروت فرمانروا جي سامهون بيٺو آهي.
سندس ڏوهه اهو آهي، ته سچ چيو اٿس. هڪ نه سڄا سارا
نَوَ سرڪاري جلادَ سندس پٺن تي ڪؤڙا وسائي رهيا
آهن. سڄي پٺي زخمن سان ڀريل اٿس، جن مان. رت سمي
رهيو آهي. پر، زبان تي اهوئي حق جو ڪلمو جاري آهي.
امام ابو حنيفه بغداد جي قيدخاني ۾ اخلاقي ڏوهين وانگر قيد ٿيو
پيو آهي. ڏوهه اهو اٿس ته منصور عباسيءَ جهڙي قاهر
جي اڳيان ڪنڌ نٿو جهڪائي.
امام شافعي ........... کان قيد ٿي بغداد وڃي رهيو آهي. سندس
خطا اها آهي ته حق جي ڳالهه ڪري ٿو.
احمد بن تيميه کي ٽي ڀيرا مصر جي جيل ۾ وڌو ويو آهي. آخر
قيدخاني ۾ ئي دم ڏئي ٿو. کيس قيد ۽ بند ۾ وجهڻ
وارو ڪوبه عيسائي يا يهودي ڪونهي. خود خليفہ
المسلمين ۽ امير المؤمنين آهي.
اسان عام طور محمد بن قاسم کي ”فاتح سنڌ“ ڪوٺيون ٿا. پر، ڪير
انڪار ڪندو، ته ان مهم جو ”روح روان“ ته حجاج بن
يوسف هو، جنهن جي قهري ڪارنامن ڪري، مسلمان مورخ
ته ٺهيو، خود غير مسلمان مورخ به سندس نالو ادب
سان کڻڻ ۾ شرم محسوس ڪن ٿا. پر، محمد بن قاسم،
’فاتح سنڌ‘ جو انجام خود مومن مسلمانن جي هٿان
ڪهڙوٿيو؟
هندستان ۾ مغل سلطنت وارو زمانو مسلمانن جي حڪومت جو ’سونهري
دور‘ ليکيو وڃي ٿو ۽ انهيءَ دؤر ۾ وڏي ۾ وڏو
ديندار بادشاهه، محي الدين اورنگزيب عالمگير کي
مڃيو وڃي ٿو، جنهن ڪابه تهجد جي نماز قضا ڪانه ڪئي
۽ پنهنجو ڪو به ڀاءُ جيئرو ڪونه ڇڏيو.
ڪيترا مثال ڏيئي ڪيترا ڏجن؟ -- ”تن همہ داغ شد، پنبه کجا کجا
نهم.“
هن قسم جي صورت حال رڳو مسلمان ملڪن جي معاشري تائين محدود
ڪانهي. هر قوم هر ملڪ جي معاشري ۾ نڪي ته سڀ انسان
نيڪ آهن ۽ نه وري سڀ برا آهن. ڀلا ۽ برا هر هنڌ
موجود آهن. اڳي به ائين هو ۽ هاڻي به ائين آهي.
ڳالهه ڪندا آهن ته عيسائي مذهب جي ڪنهن پيشوا ديول ۾ دعا گهري
ته ”اي مسيعَ، اسان جو سڄو معاشرو بدڪارن سان ڀرجي
ويو آهي. ڌرتي تي موٽي اچ ۽ مهرباني ڪري معاشري کي
اچي پاڪ ڪَرِ.“
ديول ۾ ويٺل ماڻهن مان هڪ ڄڻي دعا ۾ ڪا به دلچسپي ڪانه ورتي.
خاموش رهيو. سو، جڏهن سڀ ماڻهو ديول مان دعا گهري،
ٻاهر نڪتا، ته سندس دوست کيس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته
”تو دعا ئي ڪانه گهري.“
هن شخص چيس ته ”مون چپن سان ته برابر ڪجهه ڪونه چيو. پر، دل ۾
دعا گهريم ۽ حضرت مسيح کي عرض ڪيم ته متان، هنن
ماڻهن جي دعا قبول ڪري ڌرتيءَ ڏي موٽيو آهين. هي
حرامي توکي پڪڙي، وري صليب (سوريءَ) تي چاڙهيندا.“
ڊاڪٽر نجم الاسلام پنهنجي محبت ڀرئي پيغام ۾ اهو
به مشورو ڏنو آهي، ته شاهه ڏي مخدوم معين جا لکيل
خط سنڌ ۾ ڳولي، هٿ ڪري، ڇپايو. سندس مشورو اکين
تي. پر، مون گذريل مضمون ۾ ئي عرض ڪيو هو ته مخدوم
معين شاهه ولي الله کي جيڪي خَطَ لکيا هئا، تن جو
ڪو پتو ئي ڪونهي، سنڌ جي جاگيردارانه معاشري ۾
مخدوم معين رحمتہ الله عليہ جا ڪتاب ئي محفوظ
ڪونه رهيا، ته باقي سندس خطن جي ڪهڙي پچار ڪجي!
هائو، جيڪڏهن ڪُتنِ ۽ ڪڪڙن جو ڪو معاملو هجي ها،
ته سندن بڻ بڻياد کي بچائڻ لاءِ اسان جا ڀوتار وسَ
ڪن ها. پر، هي هو قلم ۽ ڪتاب جو معاملو، تنهن کي
ڇا ڪبو!
قدرت جي ڪارخاني ۾ عجب اسرارَ آهن. انهن ئي ڏينهن ۾، مون کي
ٽپال ۾ هڪ وڏو فل سائيز جو لفافو اچي مليو. کوليم،
ته منجهانئس خط جي نموني تي، فارسي زبان ۾ شڪسته
عبارت جي نموني تي، ڪاريءَ مَسُ سان لکيل هڪ تمام
پراڻو ڪاغذ نڪتو، جنهن تي مُهر به لڳل هئي. چتائي
پڙهيم، ته پتو پيو ته مخدوم معين رحمتہ الله عليہ
جي مهر مبارڪ لکيل آهي. ڏاڍي حيرت لڳم. جتان اهو
لفافو آيو هو، اتان پڇا ڪيم ته چيائون ته ”اهو ته
اوهان ئي اسان کي موڪليو هو.“ اهو جواب ٻڌي،
هيڪاري وائڙو ٿيس. ايڊيٽر ”مهراڻ“ مسٽر ناشاد کان
پڇيم. هن به سراس لاعلميءَ جو اظهار ڪيو. ماٺڙي
ڪري، اهو خط، لفافي ۾ وجهي، پروفيسر نجم السلام کي
ترجمي لاءِ موڪليم. خبر پئي ته مخدوم معين رحمتہ
الله عليہ ڪا زرعي زمين مقاطعي تي ڏني هئي، تنهن
جو دستاويز آهي. مٿس تصديق لاءِ پنهنجي مهر به
هنئي اٿس. اصل دستاويز جو عڪسُ، پڙهندڙن جي پيش
خذمت آهي:
مخدوم محمد معين رحمته الله عليه جي اصل فارسي دستاويز جو عڪس
اقرار نامو
(سنڌي ترجمو)
(تمسڪ شرعي: دستاويز)
سر نامہ: خدا وند تبارڪ و تعاليٰ
مهر: ... محمد معين 1189
(دستاويز جو اقرار روبرو ٿيو ۽ مٿس مهر هنئي وئي).
مشيخت پناهه، شيخ ورپي ولد مرحوم شيخ محمد بن مغفور شيخ محمد
رمضان قاضيزادي اقرار ڪيو ۽ معتبر شرعي اعتراف
ڪيو، ته مبلغ تيرهن رپيا چار آنا، جنهن جو اڌ ٿيو،
ڇهه رپيا، ٻارهن آنا بطور قرض مشيخت پناهه، شيخ
محمد پناهه ولد شرافت نگاهه، غلام محي الدين کان
ورتم، (هيءَ رقم انهيءَ اڳئين قرض کان الڳ آهي،
جيڪا مذڪور شيخ غلام محي الدين ۽ شيخ مولاڏني،
تمسڪ شرعي جي عيوض ورتي هئي) ۽ پنهنجي قبضي ۽ تصرف
۾ آندم ۽ انهيءَ رقم جي عيوض ۾:
* جيڪا زرعي زمين معلن (اعلان ٿيل آهي يعني سڀني کي معلوم آهي)
هن علائقي ۾ منهنجي آهي ۽ منهنجن شريڪن جي آهي ۽
* ڪڙئي نورنگ جي زمين، ۽ جملي حدود ۽ حقوق سان گڏ، (ايراضي)
يارهن بيگا، جيڪا مذڪور شيخ غلام محي الدين ۽ شيخ
مولاڏني مون کان شرعي دستاويز موجب ورتي هئي، شيخ
محمد پناهه کي مون مقاطعي تي ڏني ۽ شرعي طور قبول
ڪيو، ته مذڪور شيخ محمد پناهه، مقرله (يعني جنهن
سان اقرار ٿيو) منهنجيءَ هن قبوليت تي، اها پنهنجي
قبضي ۽ تصرف ۾ آڻي ته مٿس ٻن چرخن (نارن) جي وسيلي
آبادي ڪرائي. انهن ٻن نارن جي پاڻيءَ ۾ مذڪور
مقرله (جنهن سان اقرار ٿيو) يعني شيخ محمد پناهه
سان گڏ مان به شريڪ هوندس. ساڳئي نموني، تخم (ٻج؟)
۽ ٻنهي نارن تي جيڪو به خرچ ٿيندو، انهيءَ جو اڌ
مان، مقر (يعني اقرار ڪندڙ) ڏيندس ۽ ٻيو اڌ،
مذڪوره مقرله (يعني شيخ محمد پناهه) ڏيندو. انهيءَ
مان جيڪا پيداوار ٿيندي، يعني سرڪاري ڍل کان پوءِ
جيڪا بچت ٿيندي، سا اسان ٻنهي جي ٿيندي. پر، مان
مالڪاڻه نصف ڪاشت (حقدار جو حصو) مذڪور مقرله (شيخ
محمد پناهه) کان وٺندس. موازي يارهن بيگا زرعي
زمين، جيڪا شيخ غلام محي الدين جي خريد ڪيل آهي،
انهيءَ جي پوک ۾، سواءِ انهن ٻن ڳالهين جي جن جو
مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، مذڪور مقرله سان منهنجي ڪابه
شراڪت ڪانهي. يارهن بيگا زمين (جيڪا مٿي درج ٿيل
آهي) مالڪاڻه وجوهات لاءَ آهي ۽ جا مذڪور مقرله
کان وٺندس ۽ تمسات شرعي کان سواءِ، جي مذڪوره جي
هٿ ۾ آهن، هڪٻئي سان... مون هي روبرو اقرار ڪيو ۽
مذڪور مقرله پڻ روبرو قبول ڪيو. سو، هي چند جملا
شرعي دستاويز ۽ تمسڪ طور لکيا ويا.
بتاريخ ڇهين ماه رجب المرجب هجري.
سنه 1217 (هڪ هزار ٻه سؤ سترهن)
علامت: ستخط
صراحت: هيءَ علامت منهنجي مهر آهي
(نوٽ: هت هيءَ ڳالهه توجهه طلب آهي، ته اقرار نامي جي منڍ ۾
”مهر: .... محمد معين جي ڀرسان 1159 جو انگ لکيل
آهي. پر، اقرار نامي جي خاتمي وٽ، مهر سان گڏ هجري
سنه 1217 ڄاڻايل آهي.)
*****
مخدوم محمد معين رحمتہ الله عليہ جي هن دستاويز جو هٿ اچڻ به
بورڊ جي ’ڪتبخاني‘ ۾ سندس ’ڪليات‘ جي اوچتو دريافت
ٿيڻ وانگر حيرت جهڙو آهي. بهرحال، اصل ڳالهه اها
آهي ته هي تاريخي ورق محفوظ ٿي وڃن، ته جيئن
مستقبل جي مورخ کي، سنڌ جي تاريخ مرتب ڪرڻ ۾ ڪم
اچن.
انگريزن جي زماني ۾، برصغير جي هڪ عظيم تاريخ سازشخصيتَ، مفڪَر
۽ مدبرَ، پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”تاريخ
لکڻ ۽ پڙهڻ سٺو ڪم آهي، پر تاريخ ٺاهڻ ان کان به
بهتر ڪم آهي. اڄ اسان برصغير جي تاريخي ٺاهي رهيا
آهيون.“
سنڌ جي تاريخ جي طالب العلم کي انهيءَ نڪتي تي وڏي توجهه سان
غور ڪرڻ کپي، ڇو ته وقت بيپرواهه بادشاهه آهي. اهو
فردن ۽ قومن جي غفلت کي درگذر ڪونه ڪندو آهي، بازي
انهيءَ جي ئي آهي، جيڪو بروقت وک اڳتي وڌائي:
هي مورن جو ميدان، هِتِ ڪانئر جاءِ نه ڪا.
چچنامي کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن حضور پيغمبر صلّي الله
عليه وآله وسلم جن مڪي شريف کان مديني شريف ڏانهن
هجرت ڪري رهيا هئا، تڏهن سنڌ جي سُلطَنَتَ جي
ڏاکڻينءَ سرحد کي عربي سمنڊ جون ڇوليون ڌوئي رهيون
هيون ۽ اتر واريءَ سرحد تي، سنڌ جو جهنڊو، ڪشمير
وٽ جهولي رهيو هو.
لڳ ڀڳ هڪ سو سال پوءِ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ته، سنڌ جي
سلطنت جون سرحدون سُسِي، اچي ملتان تي بيٺيون
هيون. سنه 1843ع ۾ انگريزن ميرن کي شڪست ڏني، ته
سنڌجي سرحَدَ اڃا به سُسِي اچي ريتيءَ تائين پهتي
هئي.
سنڌ جي تاريخ جي هِنَ مسلسل هيٺ ڪِرندڙَ گِرافَ کي ڏسي، فيض جو
شعر ياد اچي ٿو:
پاپوش کي کيا فکر هي دستار سنبهالو
پاياب هي جو مؤج، گذر جائيگي سر سي
تاريخ قومن جي ڪمال ۽ زوال جو اعمالنامو به آهي، ۽ ’آئينه
سڪندري‘ پڻ، جنهن کي ڏسڻ سان پتو پوندو آهي ته
جيڪا قوم هيئن بلنديءَ تان، ڏاڪي به ڏاڪي، هيٺ
ڪرندي رهندي آهي، سا مستقبل ۾ آخرڪار ڪهڙيءَ کڏ ۾
وڃي پوندي آهي. چنانچه، قرآن ڪريم ۾ پيغمبر کي هڪ
دعا اها به سيکاري وئي آهي ته، ”رب سائين تون اسان
کي دنيا ۾ به سِرخرو ڪر ۽ آخرت به سهڻي ڪر.“
هن پس منظر ۾، هندستان جو هاڪارو شاهه، پنهنجي هڪ دوست مولوي
ميان داد نالي هڪ عالم کي هڪ خط ۾ لکي ٿو ته:
”ڪو زمانو گذري ويو آهي، جو اوهان جي خيريت جي خبر ڪانه ملي
آهي. جنگ و جدل جي غوغاءَ واري هن زماني ۾ پريشاني
آهي، ته اوهان تي الائي ڇا ٿي گذريو؟ اوهان
هندستان ڏانهن ايندڙ بادشاهي لشڪر ۾ ڪنهن سان
ملاقات ڪئي يا نه؟... ملا شير محمد ۽ ملا امان
الله جي دوستن مان ڪوبه انهيءَ لشڪر ۾ آهي يا نه؟
ان جو به اطلاع ڏيو.“
تاريخ جي طالب العلم کي معلوم آهي، ته هندستان جو هاڪارو شاهه
مڪتب جو ڪو ملان ڪونه هو. پاڻيپٽ جي ٽين جنگ سندس
ئي تحريڪ جو نتيجو هئي، جنهن مر هٽن جي اسرندڙ
طاقت کي هميشہ هميشہ لاءِ ڀور ڀور ڪري ڇڏيو، ۽
هندستان جي تاريخ جو وهڪرو بدلائي ڇڏيو. – ورنه ٿي
سگهي ٿو ته اسپين وانگر هندستان ۾ به مسلمانَ قصهء
بارينه“ ٿي وڃن ها.
ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته پاڻيپٽ جي ٽينءَ جنگ، مرهٽن سان گڏ
هندستان ۾ مسلمانن جي ’مغل سلطنت‘ جو ڪم به لاهي
ڇڏيو. پر، انهن مؤرخن کي ادب سان عرض آهي ته اها
مغل سلطنت ڪٿي ۽ ڪيستائين هئي؟ لال قلعي تائين يا
ان کان ڪجهه پرڀرو به؟-- ۽ لال قلعي ۾ به مغل
شهنشاهه جو شغل ڪهڙو هوندو هو؟ هو هڪ فرمانروا
وانگر، مختلف جاين تي فسادين کي ڪچلڻ ۽ انصاف قائم
ڪرڻ لاءِ فوجون موڪليندو رهندو هو، يا سڄو ڏينهن
ڪڃرين جي ناچ گاني جو شغل ڪندو رهندو هو. ”مرقع
دهلي“ نالي هڪ اردو ڪتاب آهي. منجهانئس دهليءَ جي
انهيءَ دؤر جو احوال معلوم ڪجي. مان هِتِ فقط هڪ
مثال ڏيان ٿو. هڪ خوبصورت رقاصه هوندي هئي، جا
روزانو شاهي درٻار ۾ سڀ لٽا لاهي، پنهنجي ننگي جسم
تي نقاش کان رنگين گل ٻوٽا ٺهرائي شهنشاهه هند جي
اڳيان ’عريان رقص‘ ڪندي هئي. روهيلن اهي منظر ڏسي،
دهليءَ تي ڪاهه ڪئي هئي ۽ تخت تي ويٺل مغل بادشاهه
جون اکيون ڪڍي، سندس نياڻين ۽ ڀينرن کي پنهنجي
اڳيان ’عريان رقص‘ ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو هو.
احمد شاهه ابداليءَ واريءَ ڪاهه جي سلسلي ۾، شاهه ولي الله تي
اڃا به هڪڙو الزام هيءُ آهي ته ’هن هندستان جي
وحدت کي ڌڪ هنيو.‘ گويا، هندستان، هاڻوڪي ماڊرن
مفهوم موجب هڪ ئي ملڪ هو ۽ انهيءَ جا رهاڪو- هندو
۽ مسلمان- پاڻ ۾ کير کنڊ هئا. سڄو ڪم احمد شاهه
ابداليءَ اچي ڦٽايو. ان سلسلي ۾ هِتِ ايتروئي عرض
ڪرڻ ڪافي آهي، ته احمد شاهه ابداليءَ کي هندستان
تي حملي لاءِ ڏوڪڙ پئسي جي مدد ڏيڻ ۽ سندس لشڪر کي
رسد پهچائڻ ۾ اسان جا سنڌي هندو ڀائر سڀني کا
اڳڀرا هئا. ملاحظ ڪجي هي اقتباس:
Claude Markovits for the first time constructs the
fescinating story of the Shikarpuri and
Hyderabadi merchants, which lies buried in the
archives and state papers of the times... the
Hindu marchants capitalized on the movement of
the Afghan armies and provide louns to Ahmed
Shah Abdali for his Indian compaigns. They
supplied commodities of daily use to his army
and luxury goods to the court worked as
tax-farmers, perchased war booty and solid it
again... and subsequently, monopolized the
finances.
THE GLOBAL WORLD OF INDIAN MERCHANTSE:
TRADERS OF SINDH FROM
BUKHARA TO PANAMA
By Claude Markovits,
Cambridge University press.
تاريخ جي طالب العلم کي شاهه ولي الله ۽ مخدوم معين جي دؤر کي
سمجهڻ لاءِ هي سڀ حقيقتون خيال ۾ رکڻ گهرجن. ڪابه
حقيقت سمجهڻ لاءِ ان جو پس منظر سمجهڻ ضروري آهي.
پس منظر بدلبو، ته حقيقت بدلجي ويندي، ڇو ته سَچُ
هميشہ اضافي
(Relative)
آهي.
هندستان جو هاڪارو شاههُ پنهنجي دؤر جو مايه ناز ’مُفَڪُر‘ هو.
سندس سوچَ ڌرتيءَ ۾ زلزلا آندا ۽ تاريخ جو وهڪرو
بدلائي ڇڏيو. هن بي سبب ڪونه چيپ هو:
اين دؤر دؤرِ ما است
___________ |