حميد سنڌي
ڪهڙي مومل، ڪهڙو راڻو
ڪمري ۾ اوچتو روشني ٿي ته هُن ڪنڌ مٿي ڪيو. سامهون ماڻس بيٺي
هئي. هن جي اکين ۾ ڪي سوال هيا. ماڻس وڌي وٺس آئي
۽ کيس ڀاڪر پائي جيئن مِٺي ڏنائينس ته ڏٺائين ته
هوءَ سڄي پگهري پيئي هئي. يڪدم وڃي دريون
کوليائين، پوءِ پکي کي هلايائين.
”شانان! هن گُهٽ ٻوسٽ ۾ پاڻ کي مارينديئن ڇا؟ اُٿي، هٿ منهن
ڌوءِ ۽ ڪپڙا مَٽاءِ. سانجهي ٿي ويئي.“
ماڻس گهڻن ڏينهن کان پوءِ کيس سندس اصلوڪي نالي سان سڏيو هو.
شانان ڇرڪي ويئي. پوءِ دري مان ٻاهر نهاريائين.
ٻاهر اونده ڦهلبي پئي ويئي.
”امان! مان اڄ شاناسن ٿي لڳان؟“
”تون منهنجي ته شانان آهين،“ ماڻس پيار سان وراڻيس.
هن ڏٺو ته ٻاهر اوندهه وڌندي پئي ويئي، پر هن کي انهيءَ اوندهه
کان وڌيڪ اندر جي اوندهه جي ڳڻتي هئي. ماڻس ٿرماس
مان پاڻي ڪڍي کيس پياريو. هن جيئن ٻه ڍُڪ ڀريا ته
اندر ٺري پيس. هوءَ سڄو گلاس يڪساهي پي ويئي.
”سڄو ڏينهن هُن جي انتظار ۾ ائين ئي گذاري ڇڏيئه!“
”هون!“
”هو هِن هفتي به نه آيو نه!... هي چوٿون ڇنڇر آ نه! انتظار ۾
پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو اٿئي. نه ننڊ نه آرام،
پنهنجون سهڻيون اکيون ته ڏس!“
”هون!“
”پوءِ به ڳالهه نٿي سمجهين؟“
”ڇاسمجهان،“ شانان جواب ڏنو.
”هاڻ هُو نه ايندو.“ ماڻس آهستي چيو.
”ڇو نه ايندو، امان! هن کي اچڻو ئي پوندو. ڪيئن نه ايندو؟“ هن
وڏي ڀروسي سان چيو.
”هو نه ايندو، جو هن شادي ڪري ڇڏي آ.“ ماڻس هڪ ڌماڪو ڪيو، هوءَ
سڄي ڏڪي ويئي.
”توکي ڪنهن ٻڌايو؟“ هن ڀڻڪيو.
”پاڻ واري هاڻوڪي مئنيجر گل محمد مون سان ڳالهه ڪئي. هن کي مون
چيو هو ته پڇا ڪري.
۽ هُو لڳو پيو هو. هو هيٺ اڃان به ويٺو آ، پڇڻ چاهين ته پڇينس
کڻي. مان مٿي چڙهيس پئي ته مون کي سڏ ڪري جاچ جوچ
کان پوءِ پڪي ڳالهه ڪري ٻڌايائين. کيس ڏاڍو ڏک
هيو. هن ڪيترن ڏينهن کان پئي منهنجا ڪن کڻايا، مان
توکي ڇا ٻڌايان...؟“
هوءَ وڌيڪ پگهر جي ويئي ۽ پوءِ کڙائي سان اُٿي بيهي رهي. ٿرماس
مان گلاس ۾ پاڻي اوتي هڪ سَٽ ۾ سڄو گلاس پي ويئي.
هن دفعي پاڻي سندس اندر نه ٺاريو. اندر جي باهه ڄڻ
وڌيڪ ڀڙڪي پيئي. هوءَ رڙهي ڊريسنگ ٽيبل جي سامهون
وڃي بيٺي. هن پاڻ کي ڏٺو. هوءَ پنجٽيهه ٽپيل عورت
لڳي پئي، پر سندس ڀريل مضمبوط جسم ۽ چهري جا تِکا
نقش ٻڌائي رهيا هئا ته هوءَ جهڙي تهڙي جسم ۽ منهن
مهانڊي واري عورت نه هئي. هن ويلي به سونهن سندس
منهن مان بکي. هوءَ هينئر به پنهنجي عمر کان گهٽ
پئي لڳي. قدرت هن کي پنهنجو رنگ روپ ڏنو هو. هوءَ
آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندي رهي. هن ماءُ جو عڪس آئيني ۾
ڏٺو. هن آهستي اچي سندس وار کولي هٿ سان وکيريا.
سندس وار لهرو کائي سندس چوڌاري ڦهلجي ويا. ماڻس
وارن کي سنيڌ کان وٺي هيٺ تائين ڏٺو. کيس ٻانهن
کان وٺي ڪرسيءَ تي ويهاريائين. پوءِ کوپري جي تيل
جي شيشي کڻي آئي. مٿي ۾ تيل وجهي مالش ڪرڻ لڳي.
”تو ڪهڙا حال کڻي ڪيا آهن؟ هاڻي اُٿي تيار ٿي. اقبال اچي يا نه
اچي، وڃي ڌوڙ پائي. تو سڄي حياتي مڙسنهين جي مرڻ
کان پوءِ ڪنهن ڏي اک کڻي نه نهاريو. اقبال کي ڏسي
هرکي پئين جو ننڍو نيٽو ۽ سهڻو نوجوان هو. توکي
اهڙو وڻيو جو تو نه ڏٺو اڳ يا پوءِ. اسان توکي ڇا
سمجهايون؟ پاڻ وهيڻي آهين، توکي ڪير جهلي. ڏس اڄ
هيءُ حال آهن. گل محمد مون کي سندس قصا پيو
ٻڌائيندو هو، پر مون ڌيان نه ڏنو. گل محمد اسان جو
هڏ ڏوکي آهي ۽ هتي جو ئي ماڻهو آهي. هاڻي ترقي ملي
اٿس، هتي ئي مئنيجر ٿيو آهي. جي توکي مڙس ڪرڻو هو
ته گل محمد جي زال کي ڪي سال مئي ٿيا. پري ته ڪونه
هو. ڪئين ٻيا به هئا جن پئي چورايو، پر اقبال ڏٽن
۽ آسرن تي ٻه سال ڪڍي ويو ۽ توسان شادي به نه
ڪيائين. هاڻي حيدرآباد ۾ ويٺو نئين زال سان موجون
ڪري. تو ڪڏهن پنهنجين ٻن نياڻين جي به سنڀار نه
ڪئي. جڏهن کان اقبال آيو ته تو پٺ ڏئي نه نهاريو.
اسڪول کان گهر ايندي هئينءَ، پوءِ سڌو هن ماڙي تي.
هيءَ ماڙي، هيٺين بينڪ، دوڪان، زمين، جائداد،
مڙسهين جي توکي ملي، پر ڪنهن جي مهابي؟ انهن ٻن
نياڻين جي ڪري نه ته مرهيات علي محمد جا واسطيدار
مٽ مائٽ گهٽ هئا؟ انهن ڪيسن ڪڙن کان گهٽايو؟ پر
هنن نياڻين جي ڪري ڪورٽن ۾ تنهنجي سرسي ٿي. اڄ
يارُ مِٺو، اولاد ڪؤڙو ڏاهي ٿي مومل!“ ماڻس هن
دفعي سندس پيار جو نالو کنيو. ماڻس هٿ ڍرو ڪيو
پرڳالهائيندي مومل سندس هٿ کي هٽايو ۽ ڏانهس
نهاريندي پڇيائين.
”نرمل ۽ ڪومل ڪٿي آهن؟“
”ڪٿي وري ڪٿي آهن، کين ساڻ وٺيو آئي هيس. سڄو ڏينهن پئي
پُڇيايون. ننڍيون ته ڪين آهن سڀ سمجهين ٿيون. توکي
اوندهه ۾ فڪرن ۾ ٻڏل ڏسي اڱڻ ۾ هليو ويون آهن.“
سدوريون اهڙيون آهن جو ٻڙڪ به ٻاهر نه ٿيون ڪڍن
ڪيئن نه چپ ويٺيون آهن. هوءَ ٽپ ڏئي اُٿي بيٺي ۽
ورانڊو ٽپي اڱڻ ۾ آئي. سندس ٻيئي نينگريون کٽ تان
اُٿي ڊوڙي اچي کيس چنبڙيون. هو هيٺ جهڪي ۽ پوءِ
ويهي رهي، ۽ کين ڇاتيءَ سان لائي مٺيون ڏيڻ لڳي.
”ممان! تون وهنتين به ناهين. وار به چِپ ڄِپ پيا
ڪن. اَمان وڏيءَ تيل وڌو اٿئي نه. ڏس منهنجا وار.“
هن سندس پشم جهڙن وارن تي هٿ گهمايو ۽ آخر تائين سندس هٿ هليو
ويو. هن کي محسوس ٿيو ته هيءَ ننڍڙي ڪومل ڪيڏي نه
وڏي ٿي ويئي آهي. هن وڏيءَ نرمل ڏانهن نهاريو، کيس
هوءَ ڊگهي قد سان ٻارنهن سالن جي نينگري سفيدي جي
وڻ جيان وڌندڙ لڳي. هن کين اڱڻ ۾ پيل کٽ تي
ويهاريو.
”ممان! توهان وڃو، پهريائين تيار ٿي اَچو، پوءِ ڳالهيون
ڪنداسين.“ هوءَ مشڪي پيئي.
ڪمري ۾ ويئي ته وري ويچار وڪوڙي ويس. هنن ڏينهن تي اقبال هتي
هوندو آهي، هو ۽ پاڻ نڪو فڪر نڪو غم. هوءَ پلنگ تي
اُن پاسي آهلي پيئي، جنهن پاسي اقبال ليٽندو هو.
هو هيترا ڏينهن نه آيو ته به اُميد تي پئي هلي، پر
اڄ سندس شاديءَ جو ٻڌائين ته جهڄي پيئي. هن ڏاڍيان
روئڻ پي چاهيو پر نينگرين جو خيال ڪري هن وهاڻو
کڻي منهن تي ڏنو هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي.
اوچتو سندس نظر هڪ رومال تي پيئي جيڪو وهاڻي سان
گڏ چهٽيو پيو هو. وهاڻو هٽائي رومال کڻي ان کي چمڻ
لڳي هيءَ اقبال جو رومال هو جيڪو هن وهاڻي هيٺيان
رکي ڇڏيو هو. هن رومال کڻي منهن تي رکيو ته کيس هڪ
عجيب هڳاءُ آيو. هن جو روئڻ ته بيهي ويو، پوءِ
هوءَ رومال کي چمندي رهي. کيس لڳو ته رومال به کيس
چمڻ لڳو آهي، ائين جيئن اقبال هر گهڙي هر پل پيار
ڪندو هو ۽ هوءَ کيس پنهنجين ٻانهن ۾ لڪائڻ جي ڪندي
هئي. هو سڄو سارو ويڙهجي سيڙهجي اُن ڀاڪر ۾ سمائجي
ويندو هو. مومل جي مڙس کي مئي ورهيه ٿيا. هن مڙس
جي مرڻ کان پوءِ ڪنهن ڏي به نه نهاريو. پهريائين
هو اندر شهر ۾ رهندا هئا. مڙس وڏو واپاري، زميندار
۽ پيسي وارو هو. هن مومل کي جيئري ته سک ڏنو پر
مئي به محل ماڙيون ڇڏيون. مومل آهستي آهستي هن هڪ
ماڙيءَ واري گهر ۾ رهڻ شروع ڪيو. مڙس به کيس شانان
بدران مومل سڏيندو هو ۽ هن ماڙي کي مومل جي ماڙي.
هيٺيان دوڪان ۽ ٻي عمارت بئنڪ کي ڪرائي تي ڏنل هئي
هوءَ ٻن نياڻين ۽ ماءُ کي وٺي هتي اچي رهندي هئي.
هڪ ته هيءُ هنڌ شهر کان ٻاهر مين روڊ تي هو، ٻيو
اسڪول کيس ويجهو هو جت هوءَ نوڪري به ڪندي هئي.
شادي کان پوءِ به مڙسس کيس نوڪري نه ڇڏائي. ماستري
اڳ سندس گذر سفر هو هاڻ وندر ورونهه. هاڻ ته اسڪول
به هاءِ اسڪول ٿي ويو هو. هوءَ منجهند جو ساهيڙين
سان ۽ شام جو پنهنجي مڙس سان گهڻو تڻو هن ماڙيءَ ۾
اچي رهندي هئي. خوشي ۾ وقت پئي گذريو، جو اوچتو
سندس مڙس کي دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. مڙس
کانئس عمر ۾ چڱو وڏو ته هو پر نه ڪڏهن عمر
لکايائين ۽ نه وري بيماريءَ جي لکا ڏنائين. مڙس جي
مرڻ کان پوءِ هوءَ حيران پريشان ۽ ويڳاڻي ٿي پيئي.
ڪڏهن پراڻي گهر ۾ رهي ته ڪڏهن هتي. هن کي هميشه
ڪپڙي لٽي سينگار جو شوق هوندو هو. پنهنجي حسن تي
ناز هوس، سو هوءَ هلندي ئي شان مان سان هئي. مڙس
مري ويو ته اهو شوق ته هليو ويس پر سندس سونهن
سوڀيا کي ڏسي ڪئين ڪڍ پيس، پر هن لوڻو ئي نه هنيو.
کيس خبر نه رهي ته اقبال جيڪو بينڪ ۾ نئون مئنيجر
ٿي آيو هو، هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. واٽ
ويندي، بينڪ ۾ ايندي ويندي ٻولاچاري وڌندي ويئي ۽
هو نه رڳو سندس من کي وڻيو پر اندر ۾ پيهٿي ويو.
جڏهن هئو مئو ٽرندي هئي ۽ هُو ماڙيءَ جي پوئين
ڏاڪڻ ٽپي مٿي ايندو هو ته هوءَ ٽڙي پوندي هئي. عمر
جو ننڍو، سدا ملوڪ، ڪپڙي لٽي ۾ ٺهيل ٺڪيل، پڙهيل
ڳڙهيل ڇوڪرو، سندس من پرپائي ويو. هن به کيس ايڏو
پيار ڏنو جو هُو ڪي هفتا پنهنجي ڳوٺ به نه ويندو
هو. بينڪ جي پويان ٻه ڪمرا ٺهيل هئا، جتان مٿي
ماڙيءَ ڏي ڏاڪڻ ويندي هئي. هونئن ته ورهين جا
ورهيه ڏاڪڻ بند رهي پر اقبال جي نينهن سڀ دروازا
کولي ڇڏيا. در کلندو هو ته اقبال ٽپا ڏيندو چڙهي
ايندو ته سهڪي پوندو هو. مومل کلي پڇندي هيس:
”اڃان ته ننڍو نيٽو آهين، هاڻي ئي سهڪين ٿو.“
”مومل! هيءَ مومل جي ماڙي چڙهڻي آهي، جتي جهڙي تهڙي جي جاءِ
ناهي. هن ڏاڪڻ تي چڙهڻ به ڏکيو ته لهڻ به ڏکيو!“
پوءِ هو اڱڻ ۾ بتيون وسائي ويهندا هئا، تارن جي
جهرمر، ٿڌڙي هوا جا جهوٽا کين جهومائي ڇڏيندا هئا.
اقبال جي مٺين ڳالهين سان سندس اکين تي کيپ چڙهي ويندا هئا. رات
به ڳالهين ڪندي ڪندي وهامي ويندي هئي ۽ هيءُ ٻيئي
بنا ڪنهن منزل يا مستقبل جي يا ڪنهن سوچ ويچار جي
هلندا ويندا هئا. رات ٺرندي هئي ته ٻيئي ڪمري ڀيڙا
ٿيندا هئا، جت هوءَ ٽيپ کولي پهريائين پٺاڻي خان
جي ڪيسٽ وجهندي هئي. ”ميڏا عشق وي تون، ميڏا پيار
وي تون....“ پوءِ ويٺي کيس تڪيندي هئي. سندس اکيو
آهستي آهستي ڳوڙهن سان ڀرجي اينديون هيون. پوءِ
اُٿي اقبال کي ايڏو ته پيار ڪندي هئي جو خود اقبال
ڊڄي ويندو هو. هوءَ رڳو ايترو چوندي ويندي هئي:
”منهنجا راڻا، منهنجا راڻا، ڀيرو نه ڀڃجانءِ.
راڻا، مون کي نه ڇڏجانءِ.“ اقبال صرف اهو چئي
سگهندو هو: ”مومل، منهنجي مومل، ڀلا ائين ٿي سگهي
ٿو؟“
هن سندس عشق جو جنون ڏسي نيٺ کيس چيو: ”مومل! آخر ڪيستائين هيئن
ملندا رهنداسين؟ ماڻهن ۾ به چؤپچو آهي، ڇو نه شادي
ڪيون.“
مومل پهرين ته لنوائي ڇڏيو، پر اقبال جڏهن ماڻهن ۾ چوٻول ڏٺو ته
گهڻو زور ڀريائين. مومل سندس منهن کي نهاريندي
چيو:
”ڏس اقبال! منهنجا راڻا، شادي ڪو مسئلو ناهي. شادي ڪڏهن به ڪري
سگهون ٿا، پر ڏس تنهنجي منهنجي عمر ۾ ڏهن ٻارنهن
سالن کان وڌ جو فرق آهي. مان جلدئي پوڙهي ٿي
وينديس، پوءِ تون هونءَ ئي مون کي ڇڏي ڏيندين، ۽
اهڙي انت کان بهتر آهي ته هاڻ ئي انت اچي وڃي. من!
جي نڀائڻي اٿئي ته هينئن ئي نڀاءِ. ڀلي راڄ ڇا به
چون، مان ايستائين بيهندس جيسين تون پاڻ ڀاڙي ٿي
نٿو ڀڄين. وفا ڏسڻي اٿئي ته نڀائي ڏس. مون کي به
ڏسڻو آهي ته هن اڻ ميي پيار جي موٽ ڇا ٿو ڏين.“
”مان نڀائيندس منهنجي مومل! تون آزمائي ته ڏس.“
”اڄ آزمائش پوري ٿي ويئي. بنهه ڌوڙ ڪري ڇڏيائين. هو ائين ڀاڙي
ٿي ڀڳو هو، جو اطلاع به نه ڏنائين. ڪرڻي هيس ته ٻه
لفظ وات ٽڪاڻي جا ته ڪري ها. عشق ائين جو انگ
وڃائبو آهي؟ موٽ ائين ڏبي آهي؟“ هن سوچيو ئي پئي
ته ماڻس اندر آئي.
”اڃا ويٺي آهين؟ تيار به نه ٿئين؟ چڱو مٿو ڍڪ ۽ ٻاهر اچ، گل
محمد پاڻ آيو آهي. اقبال جي سربستي ڳالهه ٻڌائي
ٿو، ته ٻڌ ته سهين. اُٿي اَمان اُٿي، ڏاهي ٿي،
هيءَ چادر ويڙهه، اچ ٻاهر.“
پهريائين ته هن سوچيو ته هاڻي ڪهڙا احوال ڪهڙا ليکا. هيترا
ڏينهن تڙپي هئي، هن جو حال ساڻو هو، پر ماءُ جي
زور ڀرڻ تي ٻاهر نڪتي. ڇوڪريون گل محمد سان کل
مشڪري ۾ لڳيون پيون هيون. گل محمد بينڪ جو پراڻو
ملازم هو. مڙس جي زماني کان وٽن ايندو ويندو هو.
پوءِ ڪرايي وٺڻ ڪرڻ ۽ بينڪ ۾ اڪائونٽ سنڀالڻ ۾ به
سندن مدد ڪندو هو. هوءَ وڌي آئي ته گل محمد اُٿي
بيٺو. هوءَ کانئس ڪو حجاب ڪانه ڪندي هئي، هن کيس
سلام ڪيو، هن جواب ڏنو. پوءِ هوءَ ڇوڪرين جي پاسي
کان واڏڻ تي ويهي رهي. گل محمد پنهنجي جاءِ آڇيس:
”ڀلا هتي ويهو.“ ماڻس ٻي کٽ تي ٽپ ڏيئي ويهي رهي
هئي. ”مان هت ٺيڪ آهيان. ڀلا احوال ڏيو.“ هن
نياڻين کي پيار ڪندي چيو: گل محمد نياڻين ڏي ڏٺو.
هن ماءُ ڏي ڏٺو. ماڻس ٽپ ڏئي بيهي رهي. ”مان
نينگرين کي گهر ڇڏي ٿي موٽان. هنن کي لڳي آ بک،
ماسي جنان ماني تيار ڪيو ويٺي هوندي، مان تولاءِ
به ماني کڻي وران ٿي.“ مومل ڪوبه جواب نه ڏنو،
رڳو ڪنڌ ڌوڻيو.
هو ويون ته هوءَ سامهون کٽ تي چڙهي ويٺي.
”ها، پوءِ ڪهڙي خبر آهي، گل محمد!“
”ڪهڙيون خبرون؟ توهان جو مون تي اعتبار ئي نه آهي. ٻه ٽي دفعا
ڳالهائڻ جي ڪيم، پر توهان رخ ئي نه ڏنو. توهان جي
اميءَ کي ڪيترا ئي دفعا ٻڌائڻ جي ڪيم هن ڪجهه به
نه ڪڇيو.“
”ڀلا ڳالهه کڻي ڪر.“
ڳالهه ڇا، اقبال هيڏانهن اوهان سان چڪر هلائي رهيو هو، هواڏانهن
حيدرآباد ۾ مائٽن سندس چڪر پئي هلايو. هيءُ به
راضي هيو. مان سندن ڳالهيون ٻڌندو هيس. بدلي به
پاڻ ڪرايائين. ڪيترا دفعا مون کي فون ڪئي اٿائين.
زور اهو ته سندس شادي جي ڀڻڪ اوهان تائين نه پهچي.
هو چوندو هو ته هو پاڻ ئي اوهان کي پرچائي وٺندو.
توهان هن کان سواءِ رهي نه سگهندو. اڄ به فون ڪئي
هئائين، شايد اڄ يا سڀان اچي ۽ پرچائي وٺي. مون
کيس سمجهايو به هيو. اوهان ته کيس سڀ ڪجهه ڏنو.
پيسا ڏوڪڙ به سندس حوالي. گاڏي وٺي ڏني، پر ان سان
گڏ قرب جون گاڏيون ڀري ڏنيون. ايڏو پيار... ايڏو
پيار........اسان پاري ماڻهو کي ڪير ڏئي ته نئون ۽
نوبنو ٿي پوي ۽ ان جا پير ڌوئي پيئي.“ مومل اک کڻي
مٿي نهاريس، سندس اک ڪرڙي هئي. هو هٻڪي بيهي رهيو،
پوءِ هوءَ بي اختيار کلي پيئي.
”عمر گهڻي هوندو.“
”اها پنجيتاليهه ورهيه“، مومل کي خبر هئي ته هو عمر لڪائي رهيو
هو.
”پوءِ به نوبنا ته لڳا پيا آهيو، اوهان کي ڪهڙي پيار محبت جي
ضرورت.“
”اها ڳالهه ناهي سانئڻ، مون امان سان ڳالهه به ڪئي هئي. اسين
ڪنهن کي به ڪٿي ٿا آئڙجون يا وڻون؟“ گل محمد رومال
۾ ويڙهي ڳالهه ڪئي. مومل جي منهن تي گهنج پئجي
ويا. هيءُ پنجاهه ٽپيل. ڪارو بيڊولو شخص ڪيتري
عرصي کان سندس خواب پيو ڏسي. کيس خبر هئي ته سندس
مڙس جي مرڻ کان پوءِ هيءُ به اميدوار هو. زال ميس
ته هن سندس ماءُ کي وٽ وڪڙ ڏنا، پر سندس نه هلي.
پوءِ جو اقبال جي عشق جو سڻيائين ته هو ماٺ ٿي
ويو. ماڻهو سياڻو هو. اقبال جو زيردست ته هو پر
پوءِ رازدار بڻجي ويو.
اڄ هيءُ سندس سامهون هلڪو کُليو هو. مومل کي بڇان اچڻ لڳي ۽ خار
پڻ. جيسين کيس تڙو کڙو جواب ڏئي، ڏاڪڻ هيٺان ڪار
جي بيهڻ جو آواز ٻڌائين.
”گل محمد! توکي اقبال اڄ اچڻ لاءِ چيو هو؟“
هن کانئس تڪڙ ۾ پڇيو.
”هن چيو هو اڄ يا سُڀان.“
هن ڊوڙ پائي ڏاڪڻ جو مٿيون در بند ڪري ڇڏيو. هوءَ پرڀرو ٿي بيهي
رهي. ڏاڪڻ تي تڪڙي ٺپ ٺپ ٿي. دروازو وڄڻ لڳو.
ڪيتري دير دروازو وڳو، پوءِ اقبال جو آواز گونجيو.
”مومل دروازو کول، مان آهيان، مان...“
هوءَ دروازي کان هٽي آئي ۽ گل محمد کي اشارو ڪيائين. کيس ڪمري ۾
اچي ويهاريائين. هوءَ خاموش صوفي تي ويهي رهي.
دروازي جو کڙڪڻ بند ٿي ويو. چوڌاري خاموشي ڇانئجي
ويئي. هوءَ خلا ۾ گهوري رهي هئي ۽ اُڀا ساهه کڻي
رهي هئي. ائين ماڙيءَ جي ٻي ڏاڪڻ جو در کڙڪڻ لڳو.
اُهو در جتان اقبال ايندو هو. اُهو در جيڪو اڳ
ڪڏهن نه کڙڪيو، هوءَ ان در کي سندس اچڻ جي ويل کان
اڳ ئي کولي رکندي هئي. در پهريائين آهستي پوءِ
ڏاڍيان کڙڪڻ لڳو. گل محمد کڙڪي تي کڙو ٿي ويهي
رهيو ۽ ڏانهس تڪڻ لڳو. هو هراسيل پئي لڳو. مومل
جهٽ رکي اُٿي ۽ پوءِ ڪمري جي ٻاهران ئي اُن در جي
ويجهو ويئي. هن لوهي در جي لوهي ڪڙي کي چيڪ ڪيو ۽
پوءِ اُن کي چڱيءَ طرح بند ڪيو. قدمن جي آواز ۽
دروازي کي ڇڪي بند ڪرڻ مان اقبال محسوس ڪيو ته
مومل ئي در جي پريان بيٺي آهي.
”مومل! مومل...!“
”ڪير آ“، اوچتو مومل ڳالهايو.
”مان آهيان تنهنجو راڻو، مومل!“
”ڪهڙو راڻو؟ مان ڪنهن راڻي کي نٿي سڃاڻان. هِت ڪابه مومل نه
رهندي آهي.“ مومل جي اندران ائين آواز نڪتو، جو
هوءَ پاڻ حيران ٿي ويئي. انهن لفظن ۾ سندس پيڙا
سمايل هئي.
”منهنجي ڳالهه ته ٻڌ. منهنجي شادي زوريءَ مائٽن ڪرائي آهي. مان
ساڳيو ئي تنهنجو آهيان، تو جيئن چوندين مان ڪرڻ
لاءِ تيار آهيان. مان ته توسان شادي ڪرڻ لاءِ اڄ
به تيار آهيان، تو به رڳو ها ڪر. دروازو کول من!
مون کي ٻڌ ته سهين.“
اقبال جو آواز رئڻهارڪو هو، پر هن جو هيترا ڏينهن لوڙيو هو،
فراق جون گهڙيون گهاريون هيون. هن دفعي سندس دل
لوڏو ئي نه کاڌو. مومل ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڪمري ۾ هلي
آئي. گل محمد وري اُٿي بيٺو. هن ڪمري جي در بند
ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ٽنگ ٽنگ تي رکي. وڏي طمطراق سان
صوفي تي ويهي رهي. هن سائيڊ ٽيبل مان سگريٽ ڪڍي
دُکايو. هوءَ اقبال سان گڏ سوٽا هڻندي هئي پر هاڻي
ته آئي وئي پيئندي هئي. دروازي کڙڪڻ جو آواز جهڪو
ٿيندو ويو ۽ پوءِ بند ٿي ويو. مومل گل محمد کي
اشاري سان وهڻ جو چيو، پوءِ ڏاڍي کڙائي سان
چيائين:
”گل محمد! تو سويل ڇا چيو هو.“
گل محمد سندس هيءُ رخ ڏسي گهٻرائجي ويو. کيس هيءُ مومل ئي نه
پئي لڳي، جنهن جي چهري تي عجيب سختي هئي. هوءَ
حاڪماڻي انداز سان سگريٽ پي رهي هئي.
”جي، الائجي ڇا چيم“.
”هاڻي ئي وسارين ٿو. تو چيو هو ته توکي ڪير ايڏو پيار ڏئي ته
تون به رڳو نئون نه پر نوبنو به ٿي پوندين، ۽ تون
ان جا پير ڌوئي پيئندين.“
گل محمد منجهيل هو، پر هن ٻه دفعا ڪنڌ لوڏي ها ڪئي.
”توکي جي ايڏو پيار ملي ۽ جي ’مان‘ به ملي وڃان ته تون...“ هو
هڪو ٻڪو ٿي ويو.
”راضي آهين يا نه.“
”مان ۽ نه راضي ٿيان“، گل محمد ٻئي صوفي تان اُٿي اچي سندس پيرن
۾ ويهي رهيو.
”جيئن چوان تيئن ڪندين.“ مومل جو انداز حاڪماڻو هو.
”تون حڪم ته ڪر سانئڻ! مان تنهنجو ٻانهو ٿي گذاريندس.“
هن سندس مضبوط جسم ۽ ڳاڙهي بَکندڙ چهري کي ڏٺو، پوءِ سندس ملڪيت
جي باري ۾ سوچيو ته سندس دل ٽپا ڏيڻ لڳي. بنهه
خوشي ۾ نه پيو ماپي.
”تون رڳو حڪم ڪر سانئڻ!... حڪم سانئڻ.“ هو ڄڻ وڦلي رهيو هو.
”توکي مون سان شادي ڪرڻي پوندي.“
”قبول آ.“
”پر اڄ جو اڄ. ڪلاڪ جي اندر... نڪاح جو بندوست ڪر. امان، ماسي ۽
نينگرين کي گهرائي وٺ. ٻه چار ماڻهو پڻ، دير نه
پوڻ کپي.“
هو يڪدم اُٿي بيهي رهيو.
”ڳالهه چڱيءَ طرح ٻڌ. ٻاهريون سڀ کٽون وڇرائي اُن تي چادرون
وجهرائي ڇڏ. مٺائي چانهه پائي جو به بندوست ڪر.
هاڻي تکو ٿي، دير نه پوڻ کپي. سمجهيئه.“ هو ائين
ڊوڙيو جو کيس خبر نه پئي پيئ. ڪيترا دفعا ته
ٿاٻوڙيو. هيءَ پويان ڏاڪڻ تائين آيس.
”گل محمد! آهستي... هن ماڙيءَ جي هر ڏاڪڻ ڏکي آ. چڙهڻ به ڏکي ته
لهڻ به ڏکي.“ پوءِ هن دروازو بند پئي ڪيو ته اقبال
گل محمد کي ٿيلهو ڏئي مٿي چڙهڻ جي ڪئي: ”پري ٿي گل
محمد!“
”ڪير آن تو؟... خبردار ميان! جو پرائي گهر جي ڏاڪڻ ٽپيون آهين.“
مومل اُتان ئي رڙ ڪئي. سندس رخ ئي ڦريل هو.“
”مان اقبال! تنهنجو راڻو، ڇا ٿيو آ توکي.“
”ڪهڙي مومل، ڪهڙو راڻو؟ ڇو ڇتو ٿيو آهين. مان شانان آهيان ڌي
رجب علي. گل محمد سان پنهنجي رضا خوشيءَ سان هاڻي
هن وقت ئي نڪاح ڪري رهي آهيان، سمجهيئه ميان محمد
اقبال.“
پوءِ هن گل محمد کي گهوري ڏٺو.
گل محمد توکي غيرت نٿي اچي؟ هيءُ ڪير ٿيندو آ جو ائين گهر ۾
گهڙي اچي.“ هاڻ گل محمد جو وارو هو. هن ٿيلهو ڏيئي
اقبال کي پٺتي ڪيو ۽ ڏاڪڻ مان ڌوڪيندو هيٺ ويس.
مومل وري گل محمد کي سڏ ڪيو.
”سائين گل محمد...!“ گل محمد ’سائين‘ ٻڌي ٺري پيو.
”ٻڌو،... بينڪ واري چوڪيدار کي چئو ته هاڻ هن در جي سنڀال ڪري،
توهان جلد موٽجو... پهريائين امان جن کي موڪلجو.“
هن دفعي هن جو لهجو ٻيو هو. هن مٿيون دروازو بند
ڪيو. هن جي هلڻ ۾ کڙائي هئي هو. پڪا پختا قدم کڻي
ڪمري ۾ آئي. آئيني آڏو ٻيٺي ته هوءَ مومل نه پر
شانان هئي. هن ڪٻٽ مان زريءَ جو ڀريل پکو وڳو
ڪڍيو. وهنجي سهنجي تيار ٿي نڪتي. وڳو پائي، سينگار
سڙو ڪيائين، ته هوءَ پاڻ کي نه پئي سڃاڻي سگهي.
کڙڪي تي دروازو کوليائين. ماڻس اچي ڀاڪر پاتس،
مٺيون ڏنائينس. هن رئي سان ڪنوار وانگر مٿو ڍڪيو ۽
ٽپ ڏيئي پلنگ تي پلٿي ماري ويهي رهي. ٻاهران هاڻ
ماڻهن جا آواز اچي رهيا هئا. هن وڏو ٿڌو ساهه
ڀريو، پوءِ نياڻين کي ڀر ۾ ڪري ڀاڪر ۾ قابو
ڪيائين. چيائين، ”ڏسي اچو، گهوٽ آيو آهي.“ هو هن
جي سرتين وانگر ٽهڪڙا ڏيڻ لڳيون، هو به ساڻس گڏ
کلڻ لڳي. پوءِ هو کلنديون ٻاهر هلي ويون.
هوءَ خاموش ويٺي هئي. سڀ ڪجهه خاموشي سان ٿي ويو. نڪاح ٿيو،
ڇوهارا ورهايا ويا. آهستي آهستي ماڻهو به هليا
ويا. ماڻس به نينگرين کي وٺي هلي ويئي. هوءَ ائين
ئي پلنگ تي ويٺي هئي. ڪافي دير گذري ويئي پر گل
محمد نه آيو. هو اُٿي اڱڻ ۾ آئي، جتي ڪير ڪونه هو.
وري ڪمري ۾ اچي پلنگ تي ويهي رهي. چڱي مهل گذري ويئي، ائين
ٻاهرين در جي بند ٿيڻ جو آواز آيو. گل محمد اندر
آيو ته ٿڙيو پئي! چانپن ڪبابن جا پُڙا ٿيلهين ۾
وجهيو کنيو آيو هو. ٽيبل تي ٿيلهيون رکيائين ۽
پوءِ شانان وٽ هليو آيو. هن دفعي ڏاڍو پراعتماد
پئي لڳو. سندس ڀرسان ويهي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي کيس
پاڻ ڏانهن ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ ڇڪيائين. لڳو پئي ته هو
نشي ۾ ٽُٻ هو.
”من! دل!... هيڏي ته اچ.“
شانان ڇهاءُ تي سجاڳ ٿي ويئي. هن کي وري اُهائي بڇان اچڻ لڳي
جڏهن هُن شام جو ساڻس کُلي ڳالهايو هو. جڏهن گل
محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ پيار ڪرڻ لڳو ته سندس
بيڊولن چپن کي محسوس ڪندي سندس هنيانءُ ڪچو ٿيڻ
لڳو. هن کي اُٻٿ آئي ۽ ٽپ ڏيئي سندس هنج مان نڪري،
باٿ روم ۾ ڊوڙي ويئي. دروازو ڏيئي واش بيسن آڏو
بيهي اوڪارا ڏيڻ لڳي. هڪ ٻه اُلٽيون به آيس، سندس
دل خراب ٿي ويئي هئي. آهستي آهستي گرڙيون ڪيائين،
پيسٽ هنيائين. خوشبو هنيائين ته ڪجهه سامت ۾ آئي.
ساڻي ٿي ٻاهر نڪتي ته گل محمد صوفي تي چڙهيو بوتل
کوليو، گلاس ۾ وهسڪي پيٽي رهيو هو. هو کيس ڏسي
کليو ۽ گلاس ڀريائين.
”هيٺ ويٺي پيتم پر اڃان نشائي نه چڙهيا آهن. اچ ويهه، ڪجهه
کاءُ، سڄو ڏينهن بک تي رهي آهين، طبيعت خراب نه
ٿيندءَ ته ٻيو ڇا ٿيندو.“
هوءَ آهستي آهستي اچي صوفي تي ڀرسان ويٺي. گل محمد دونا کولي
کڻي اڳيان رکيس. هوءَ ڪا گهڙي خاموش رهي پوءِ
اوچتو هن سَٽ ڏيئي سندس گلاس کنيو ۽ هڪ ساهي اکيون
ٻوٽي ائين پي ويئي ڄڻ پياڪ هجي. گل محمد گهڻي
’هان! هانٰ‘ ڪئي پر هن گلاس خالي ڪري ميز تي رکيو.
هاڻ گل محمد پيلا ڏند ڪڍي کِلڻ لڳو. شانان گلاس
ڀرڻ لاءِ اشارو ڪيس. ۽ هاڻ گل محمد کي ته مزو اچي
ويو. هن سندس گلاس به ڀريو ۽ پنهنجي لاءِ به پيگ
ٺاهيو. سگريٽ دکائي ڏنائينس.
”سهڻا سائين! آهستي پيءُ... تڪڙ ڇا جي آهي.“
پر شانان اهو گلاس به تڪڙا ڍُڪ ڀري ختم ڪيو ته ٽئين پيگ پيئڻ ۾
به دير نه ڪيائين، ٻه ٽي سگريٽ پي ويئي. ٿوري دير
کان پوءِ سندس دماغ ڦرڻ لڳو. آهستي آهستي گل محمد
جي ويجهو ايندي ويئي ۽ هن جي ٻانهن ۾ جُهلي پيئي.
هن دفعي جڏهن گل محمد کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيس ۽
بي ڊولن چپن سان مٺيون ڏيندو رهيس، ته نه کيس بڇان
آئي نه اُٻٿ محسوس ڪئي. هوءَ ائين ئي سندس هنج ۾
جهولندي رهي. گل محمد آهستي سرٻاٽ ڪيس منهنجي مٺي
مومل! منهنجي شانان! اکيون ته کول، ڏس ته سهين.“
مومل خماريل اکيون کوليون.
”ڪهڙي مومل! ڪهڙي شانان!... گل محمد، توکي ته هيءُ سڀ ڪجهه
کپي.“ هن پنهنجي جسم ڏانهن اشارو ڪندي آهستي چيو.
”اجهو مان حاضر آهيان.“
پوءِ خماريل نيڻ پوري گل محمد جي ڀاڪر ۾ سمائجي ويئي. گل محمد
ٽڙي پيو. خوش ٿي ٻانهن ڊگهي ڪري ٽيبل تان پڪل گوشت
جي چانپ کڻي چٻاڙڻ لڳو. |