سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2000ع (4)

 

صفحو :5

 

عبدالحميد ”آس“ ٻٻر

 

پرين جي گهر تي نظر رکين ٿو،

اڙي چندرما! سَلام چئجان:

۽ کيس چئجان، هتي جي موسم،

غمن جون راتيون ۽ هيڪلايون،

انيڪ ڀيرا اندر ڀَڃن ٿيون،

انيڪ ڀيرا جگر وڍن ٿيون!

اڙي چندرما! اهو به چئجان:

ته چيٽ جا ڦُول ڀي ڇڻن ٿا،

اهو به چئجان ته ٻيرين ۾،

پچي ويا هِنِ هي ٻير ٻيهر،

۽ کيس ساري ٿو ڪير ٻيهر.

اهو به چئجان اڙي چندرما!

ته ڪڻڪ نسري وئي سڄي آ.

تون آءُ ڍوليا! لِڪي ڇُپي آ.

هي ديد تولئه رُڳي بُکي آ،

جا ديد تولئه ڪَتِي تڪيندي،

هِي چيٽ سِر تان به آ گذاريو.

ڪتيون لهي ويون ۽ چيٽ گذريا،

پڇڻ هَلي آ ڪيئن نيٺ گذريا!

هي ڏينهن جيڪي پلئه ۾ آهن،

ڏسڻ هلي آ، دري کُليل آ،

اڙي چندرما!

اِنهي دريءَ مان هي ديد توکي

چَئي رهي آ، ڏکي بُکي آ، ڪسي ڦڪي آ

پرينءَ جي گهر تي به تون رهين ٿو،

اڙي چندرما!

سلام ساري، سلام ساري

سلام چئجان،

اڙي چندرما! سلام چئجان.   

 

ساحر ٿهيم

 غزل

 

سڀ مهانگا قرار، هڪڙو مان،

خواهش جا خرار، هڪڙو مان!

هيڪلو گل گلاب ٽاريءَ ۾،

۽ اُڀا کوڙ خار، هڪڙو مان.

سانوري! ايترا پئي ٺاهين،

آجيان لاءِ هار، هڪڙو مان.

سونهن ۽ پيار، نيڻ، ميخانا،

ڪيترائي خمار، هڪڙُ مان!
ڪيئن هلي گهر سڄو سگهي مون کان؟

بي چيا منهنجا ٻار، هڪڙو مان!

ڪا ته ٿيندي نه نيٺ ڪوتاهي،

دوست آهن هزار هڪڙو مان

ڪنهن کي ڪنهن کي ڏسي ڏسان، ”سحر“،

ڪامڻين جي قطار، هڪڙو مان!

 

مرتضيٰ ڦل

 

غزل

 

شهر تنهنجي ڏي وکون جيڪي کڄن،

بهشت ڏي ويندي اُهي مون کي لڳن.

 

خواهشن جو سلسلو جوڙيو اَٿي،

روح ۾ ڪي رنگ ٿا منهنجي ڦُٽن.

 

هو فضائن ۾ نشو اوتن پيون،

سار تنهنجي جون هوائون جي گهلن.

 

ماڪ جي قطرن جهڙو آ آدمي،

پيار جون ديويون پيون تنهن کي سڏن.

 

ڪنهن گلابي نيڻ جا ڳوڙها هتي،

مرتضيٰ ڪيئي ڪهاڻيون ٿا لکن.

***

گل بهار باغائي

 

غزل

 

جيت منهنجي هار وانگي ٿي لڳي،

هر گهڙي ڄڻ دار وانگي ٿي لڳي.

 

روز آٽا ٿي ڪري تو سان ملان،

دل به ننڍڙي ٻار وانگي ٿي لڳي.

 

هيکلو جيون سکي ڀاسي ائين،

زندگي بيمار وانگي ٿي لڳي.

 

ڄڻ نڙي ۾ ڪا ڪنڊي ڦاٿل هجي،

يا ته جڪڙيل ڄار وانگي ٿي لڳي.

 

زندگي سگريٽ وانگي ٿي دُکي،

۽ خوشي هر ڇار وانگي ٿي لڳي،

 

خوبصورت خواب جهڙي، مئڪشي،

جاڳ ۾ مئخوار وانگي ٿي لڳي.

***

مسڪين ابراهيم ملاح

وائي

 

پرين جي هٿن تي حنا خوبصورت،

۽ زلفن جي بادِ صبا خوبصورت.

 

اوهان جي نگاهن جو مون کي قسم آ،

وڻي ٿي اوهان جي ادا خوبصورت.

 

نه حاذق حڪيمن جي مون کي لڳي ٿي،

لڳي ٿي ته تنهنجي دوا خوبصورت.

 

سڄڻ! هونءَ ته دنيا سموري سٺي آ،

مگر توکي ٺاهيو خدا خوبصورت.

 

نه پيرس نه لنڊن، نڪي آمريڪا،

پنهنجي سنڌ ساري صفا خوبصورت.

***

شائق ڪمبوه

وائي

 

منهنجي راهن ۾ پرين!

شال تنهنجي پيار جي،

روشني ٻرندي رهي!

 

جيسين هي جيون رهي، تيستائين سار جي،

روشني ٻرندي رهي!

 

ڏات جي هِن ڏيهه ۾، گيت جي گونجار جي،

روشني ٻرندي رهي!

 

ڀل نه اُڀري چنڊ پوءِ، تنهنجي ديدار جي،

روشني ٻرندي رهي!

***

اسحاق سميجو

 وائي

 

پؤڻيون جرڪن آجيان ۾،

چنڊ ڦُٽين تي اُڀري ٿو.

 

ڳوٺ سڄي جا ڪچا گهر، چُپ ٿي بيهن آجيان ۾،

چنڊ ڦُٽين تي اُڀري ٿو.

 

واءُ خوشيءَ مان ڳائي ٿو، وڻ ٿا جهومن آجيان ۾،

چنڊ ڦُٽين تي اُڀري ٿو.

 

وينگس ڇاتين جهڙا کيت، ڀاڪر آڇن آجيان ۾،

چنڊ ڦُٽين تي اُڀري ٿو.

 

چانڊوڪيءَ جو مينهن وسي، سپنا ٻهڪن آجيان ۾،

چنڊ ڦُٽين تي اُڀري ٿو.

***

بخت عابد

 وائي

 

نيڻ نٿا ٿڪجن

توکي ڏسندي پرين.

 

مَن جي صحرا تي ٿا ڪيئي گل ٽڙن،

توکي ڏسندي پرين.

 

ڀؤنر وٺڻ لاءِ واس، مڙيو ٿا مِڙن،

توکي ڏسندي پرين.

 

پيار ۽ امن جون هوائون ٿيون روز گهلن،

توکي ڏسندي پرين.

 

ٿا سنڌوءَ جا ڪنارا، مستيءَ منجهه نچن،

توکي ڏسندي پرين.

 

چپ چُمڻ لاءِ آتا، رهجي دنگ وڃن،

توکي ڏسندي پرين.

***

سرور نواز ٻگهيو

 وائي

 

هير برکا جي گهُلي،

تون نه آئين او پرين.

 

باغ ۾ سڀ خوش پيا ڏسجن، ڀؤنر، گل هر ڪلي،

تون نه آئين او پرين.

 

سانوڻي رُت جي سموري سندرتا مهڪي پئي،

تون نه آئين او پرين.

 

دل جي نگريءَ جي صدا، درد آ بڻجي وئي،

تون نه آئين او پرين.

 

هاءِ، هُو مورن ٽهوڪا گونجيا من جي گلي،

تون نه آئين او پرين.

 

آ لٿي ”سرور“ اڱڻ تي، شام سُرمئي ۽ خوشي.

تون نه آئين او پرين.

***

هرچند ”ساگر“

 سنڌ جو سائين

 

ديس مان هُو هليو ويو بهارن جيان،

چُپ رهجي وياسين نظارن جيان.

چنڊ ويو آ لهي، ٻاٽ گهيري وئي،

چاندني ديس لئه هئي قرارن جيان.

ڳوڙها هُن جي ڳلن تان ائين ٿي ڍريا،

مون کي ڀاسڻ لڳا آبشارن جيان.

ديس منهنجو خزائن جي خطي ۾ آ،

نير هوندي به آهيون اُڃارن جيان.

تو اجازت گهري، سنڌ سُڏڪي پئي،

ڪيڏو لڇندي رهي بيقرارن جيان.

***

خليل عارف سومرو

وائي

 

مون کي لکڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

 

مان به ٻران ٿو تون به ٻر، سُور ته سَهڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

 

وسمڻ متان ڪرين، توکي ٻرڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

 

ياد به هُن جي خواب ڀي، عڪس به چٽڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

 

اُجالي جي آس ۾، روشن رهڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

 

عارف بس هي آخري، ڪاڳر ڀرڻو آ،

ٻرندو هجان اي ڏيئا!

***

ساگر محمد حسين مهر

 

وائي

 

هر ياد روئاري ٿي،

گهاوَ گهٽجن ئي نٿا.

 

هر ياد ڏنگي تنهنجي،

مرڪ وري ماري ٿي،

گهاوَ گهٽجن ئي نٿا.

 

هر سار سکي تنهنجي،

هي اندر ڏاري ٿي،

گهاوَ گهٽجن ئي نٿا.

 

کنيل هر تيز نظر،

”ساگر“ کي ڳاري ٿي،

گهاوَ گهٽجن ئي نٿا.

***

اياز امر شيخ

وائي

 

نفرتن جي ديس ۾،

پيار پوکيندو وتان.

 

ڪٿ اميري ۽ ڪٿي، مان، فقيري ويس ۾.

پيار پوکيندو وتان.

 

آئيندي جي وقت لئه، ديس کان پرديس ۾.

پيار پوکيندو وتان.

 

جت انڌيرو آ اُتي، روشنيءَ جي ويس ۾،

پيار پوکيندو وتان.

 

تون پڙهي ڏسجان پرين، ڪوتا جي سنديس ۾،

پيار پوکيندو وتان.

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com