هن مشعاري ۾ محمد هاشم مخلص، محمد بخش واصف، حافظ
حيات شاهه، مرزا فاضل، ميان غلام سرور فقير ۽ ٻين
گهڻن شاعرن شرڪت ڪئي.
ٽين ادبي ڪانفرنس:
1932ع ۾ شڪارپور ۾ سنڌ ساهت سميلن ٿي، جنهن جي
صدارت پروفيسر ڄيٺمل پرسرام ڪئي. استقباليه
ڪميٽيءَ جو صدر مرزا غلام مصطفيٰ صاحب هو ۽ جنرل
سيڪريٽري آغا غلام نبي صوفي هو. مشاعري جي طرح
هئي:
”تنهنجو عارض مہِ تابان، تنهنجو رخ نيرِ انور،
هن سميلن ۾ گهڻن ئي شاعرن شرڪت ڪئي. خاص طور اتر
سنڌ جي شاعرن جو تعداد گهڻو هو، جن مان نياز، جوش،
عاشق، بيوس، صوفي، رام، ناظم، خادم، بشير ۽ گدائي
جا نالا قابل ذڪر آهن. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي
ترقيءَ لاءِ ڪي ٺهراءُ بحال ڪيا ويا ۽ سنڌ کي
بلوچستان سان ملائڻ لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
چوٿين ادبي ڪانفرنس:
چوٿين ڪانفرنس 1942ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ٿي، جنهن جي
صدارت ڪشنچند ”بيوس“ ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو
صدر مسٽر ڄيٺمل پرسرام هو ۽ سيڪريٽري هري دلگير
هو. مشاعري جي طرح هن ريت هئي:
”مورتي تنهنجي کي من مندر ۾ اسٿاپن ڪندس“
هن ڪانفرنس ۾ هڪ نئين ۽ مزيدار ڳالهه ٿي؛ اها هيءَ
هئي ته پهريون ڀيرو ڪانفرنس جي صدر جي سرگس ڪڍي
ويئي، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان اديب ۽ شاعر شامل
هئا. هن ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌ جي مختلف هنڌن
کان گهرايل قلمي نسخن جي نمائش ڪئي ويئي. ان موقعي
تي سنڌ مان ڪافي شاعر ڪٺا ٿيا. ان طرح تي قادربخش
بشير جيڪو غزل لکيو هو، سو هندن توڙي مسلمانن تمام
گهڻو پسند ڪيو. ان غزل جي خوبي اها آهي ته ان ۾
بشير مرحوم جيڪي ڪافيا استعمال ڪيا آهن سي گهڻو
ڪري هندي نه صرف ڪافيا پر ٻولي به گهڻي ڀاڱي هندي
استعمال ڪئي اٿس. سامي جيڪي انسان جا پنج دشمن
ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار ٻڌايا آهن، بشير
انهن مان هر هڪ تي هڪ هڪ بيت لکيو آهي. نموني خاطر
شعر پيش ڪجن ٿا:
مورتي تنهنجي مان من مندر ۾ اسٿاپن ڪندس،
جوت تنهنجي مان ڏِيو دل جو پيو روشن ڪندس.
لوڀ لالچ ۾ نه من کي مبتلا ڪڏهن ڪندس،
خاڪ جي مٺ ئي ڪري سونو نه سنگاسن ڪندس.
هٺ هزارن کي هڻي هيڻو ڪيو هڪدم ”حقير“
ان ڪري دلدار جي در رات ڏينهن رودن ڪندس.
پنجين ادبي ڪانفرنس:
1944ع ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي جي سهاري هيٺ ادبي
ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جو صدر
خان صاحب محمد صديق ميمڻ هو، پر اوچتو سندس طبيعت
ناساز ٿي پيئي، تنهنڪري ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر
شيخ محمد ابراهيم خليل ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو
صدر عبدالوهاب ناظم ۽ جنرل سيڪريٽري حاجي محمود
خادم هو. مصرع طرح هيءَ ڏني ويئي هئي:
”منهنجي دنيا هن لٽي ٿي، مان مگر خاموش هوس“
هن ڪانفرنس ۾ سنڌي – اردو مشترڪه مشاعرو ٿيو. اردو
طرح هئي:
”ميري دنيا لٽ رهي تهي، مين مگر خاموش تها“
ان وقت جي ڪليڪٽر هاشم رضا هن ڪانفرنس کي ڪامياب
بنائڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي، تنهنڪري هيءَ ڪانفرنس هر
طرح ڪامياب رهي.
هن ڪانفرنس ۾ مختلف شهرن کان شاعر حضرات آيل هئا،
جن مان مرزا افضل بيگ، مرزا اجمل بيگ، محمد خان
غني، آغا گل حسن گل، محمد بخش واصف، حافظ حيات
شاهه، جمع خان غريب، غلام احمد نظامي جا نالا قابل
ذڪر آهن. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي تقريرون ٿيون، شعر ۽
مقالا پڙهيا ويا، سي سڀ ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا ويا.
لاڙڪاڻي جي هڪ شاعر واحد بخش عاشقجا
ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:
نور جان مون ٿي نهاريو پاٽڙن ڏي پيار مان،
ڀائرن ٿي ڀت کاڌو مان کڙو خاموش هوس،
رعب هن جي حسن جو يا ساڻ ليمون ڪوش
هوس،
”منهنجي دنيا هن لٽي ٿي، مان مگر خاموش هوس“.
ڇهين ادبي ڪانفرنس:
1945ع ۾ دادو ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس جو صدر ضياء
الدين ايس.بلبل هو. استقباليه ڪاميٽيءَ جو صدر
ماستر جمع خان غريب هو ۽ جنرل سيڪريٽري حافظ احسن
چنا هو. مصرع طرح هئي:
”اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو“
هن ڪانفرنس ۾ به گهڻن ئي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
مشاعره ۾ فقير هدايت علي تارڪ جي شاگرد رشيد دادن
فقير جو ڪلام تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هن ڪانفرنس
جو مختصر احوال اديب سنڌ رسالي ۾ شايع ٿيل آهي.
ستين ادبي ڪانفرنس:
1946ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سڌار سوسائٽيءَ جي سهاري
هيٺ منعقد ٿي. ڪانفرنس جو صدر شمس العلماء ڊاڪٽر
دائود پوٽه مرحوم هو.استقباليه ڪاميٽيءَ جو صدر
ميان غلام عباس جوش قادري ۽ سيڪريٽري مسٽر
عبدالفتاح وڪيل هو. طرح مصرع هيءَ هئي:
”ڪو زمانو هو جو مون تي ناز هو تلوار کي“
هن ڪانفرنس ۾ ڪيترن ئي شاعرن پنهنجا شعر ٻڌائي،
ٻڌڻ وارن کان داد حاصل ڪيو. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل
سان ماڻهن کي مسرور ڪيو ويو.
هن ڪانفرنس جي ان ڪري وڏي اهميت آهي جو هن ڪانفرنس
جي موقعي تي ”جميعت الشعراء سنڌ“ قائم ڪئي ويئي،
جنهن جي سهاري هيٺ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيتريون ئي
ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ٿي چڪا آهن، ۽ اهو نيڪ
سلسلو اڃا سوڌو جاري آهي.
جميعت الشعراء جون ڪانفرنسون عروضي شاعريءَ جي
ترقيءَ لاءِ قابل تعريف آهن. نه صرف جميعت طرفان
هر سال مشاعرن جون محفلون مچائڻ جو رواج پيو، پر
شاعريءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ سال 1941ع ۾ ”اديب
سنڌ“ رسالو پڻ جاري ڪيو ويو. ان رسالي معرفت نون
شاعرن کي عروض متعلق سمجهاڻي ڏني ويندي هئي. ان
دور جا شاعر هڪٻئي تي خوب تنقيدون ڪندا هئا.
اهڙيءَ طرح شاعرن ۾ تنقيد جو شعور وڌيو، ۽ سندن
رهبري ٿيندي رهي. پر اهي تنقيدون ڪڏهن ڪڏهن دل
آزاريءَ جو سبب بنجنديون هيون. ان سلسلي جا مقالا
جيڪڏهن ڪٺا ڪيا وڃن، ته جيڪر شاعريءَ تي تنقيد
بابت سٺو مواد جمع ٿي وڃي.
جمعيت الشعراء سنڌ طرفان جيڪي ڪانفرنسون ڪوٺايون
ويون، تن مان جيڪڏهن هر هڪ جو هتي احوال ڏنو ويندو
ته هيءُ هڪ طويل مقالو بنجي ويندو، تنهنڪري هتي
صرف ايترو چوڻ ڪافي ٿيندو ته هن جمعيت سنڌي زبان ۾
ادب جي جيڪا خدمت ڪئي آهي. سا قابل قدر آهي.
آخر ۾ اهو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته لاڙڪاڻي
کي ان سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. خاص طور
قادري خاندان جي ادب پرور بزرگن پنهنجي اوطاق تي
مشاعرن جون محفلون منعقد ڪرائي علم دوستيءَ جو وڏو
ثبوت ڏنو. ان کان علاوه هفتيوار اخبار ”الحقيقت“
ذريعي انهن مشاعرن جون ڪارروايون ان دور ۾ پري پري
تائين ماڻهن کي معلوم ٿينديون رهيون ۽ ان سان
گڏوگڏ ان دور جو ادبي ذخيرو ”الحقيقت“ جي فائلن ۾
محفوظ ٿي ويو. ”الحقيقت“ جي فائلن ۾ ان قسم جو
تمام گهڻو احوال محفوظ آهي. هتي صرف نموني خاطر هڪ
مثال پيش ڪجي ٿو، جو سال 1932ع جو چوٿون مشاعرو
هو. ان جي ڪارروائي هفتيوار الحقيقت لاڙڪاڻي ۾
شايع ٿي هئي. ان مشاعري جي ڪارروائي ڪجهه هن ريت
هئي:
”سال 1932ع جو مشاعرو نمبر 4 تاريخ 10 برسات هئڻ
سبب تاريخ 11- جولاءِ سن 1932ع وقت ساڍي 9 بجه کان
ڏيڍ بجي تائين بصدارت جناب بهادر محمد ايوب خان
جنهن ۾ مندرجه ذيل حاضر صاحبن جي فهرست مان ادازو
لڳائي سگهجي ٿو ته گذريل جلسن کان ڪيترو نه وڌيڪ
هي جلسو ڪامياب ٿي گذريو.
ٻاهر جي معزز حضرت مان سيٺ محمد رفيق صاحب غازي،
مولانا نظر علي صاحب ۽ پير حسام الدين صاحب راشدي
نائب مدير ”سنڌ زميندار“ سکر قابل ذڪر آهن.
شهر جا معزز صاحب ۽ شائقين حضرات تمام گهڻي انداز
۾ موجود هئا. مهتمم مشاعره ميان غلام عباس صاحب
جلسه جو بندوبست اليڪٽرڪ جي پکي وغيره ۽ شربت
پاڻيءَ سان نهايت اعليٰ درجي جو رکيو.
سنڌي شاعر
1. جناب حاجي ميان علي محمد صاحب قادري:
چشم مئي گون ماه روبان بي خودي جو جام آ،
جونگ ان جي سان دل مخمور صبح و شام آ.
تنهنجي ڪعبي منهنجو هردم ٿو ڪيان طواف مان،
عشق ماکي هي ٻڌايو صدق جو احرام آ،
ڏي پياڪن باده نوشن عيبدارن کي مدام،
مغفرت جي مئي سان ساقي تو ڀريو جو جام آ،
زاهدا ڇڏ زهد وٺ ڪجهه باده خوشيءَ جو مزو،
فصل گل ساقي سمن برباده گلفام آ،
دل ربا محبوب ساقي شان خوبان نازنين،
خاص محبوب خدا بيشڪ محمد ڄام آ،
دل ربا محبوب ساقي شان خوبان نازنين،
خاص محبوب خدا بيشڪ محمد ڄام آ،
باده عشق محمد جي ڪئي مخمور دل،
”قادري“ عشق بتان ۾ مفت ٿيو بدنام آ.
2. جناب غلام سرور صاحب ”فقير“:
جنهن جي لب تي روز شب مئي ناب جو پر جام آ،
تنهنکي سڌ ڪهڙي ته ڪهڙي گردشِ ايام آ،
عشق چرچو ناهه هٿ آهي حياتي تان ڌئڻ،
دل لڳي ڪنهن سان ته گويا موت جو پيغام آ،
رخُ ۽ تنهنجا زلف، ٻئي تشبيہ صدين آهه گڏ،
صبح هي آهي، شب ديجور جي هو شام آ،
ڇو وجهين ٿو دام ٻي صياد ڦاسائڻ جي لئي،
مرغِ دل لئي تنهنجي تارِ زلف تارِ دام آ،
ڪيننتڪش دلِ سوزان ٿيندي شمع جي،
داغ دل شام غريبان لئي چراغِ شام آ،
ڪين ناقص بڻبو ڪامل دم هئڻ مان اي ”فقير“
ڪين اڪسير آهه سڏبو ڪشتو جيڪو خام آ،
3. ميان غلام عباس صاحب ”جوش“
ڏي سنيهو اي صبا دلبر کي جو گلفام آ،
گلبدن گلگون قبا گلرو ۽ گل اندام آ،
حسن سهڻن جي تي هرگز دل کي مائل ڪين ڪر،
دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ،
زلف مشڪين منهن منور جي تصور ۾ اي ”جوش“،
والضحيٰ وليل مانکي ورد صبح و شام آ،
4. ماستر رامچند صاحب ”رام“
ڇو مرن ماڻهن ۽ مَلڪن ۾ متو ماتام آ،
ياد شايد ڪربلا جو پيو اچي قتلام آ،
ٿا پين مشتاق مئي خانه منجهان وِههُ جون وٽيون،
سر رکڻ آڻي اڏي تي عشق جو انجام آ،
عشق وارن جي محبت آهه عزرائيل سان،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
شاهه دلدل، دادلا، مشڪل ڪشا، خيبر شڪن،
”رام“ پوڄاري بڻي پڻ رام تنهنجي رام آ.
5. جناب ميان علي حيدر صاحب ”حيدري“.
تنهنجي فرقت ۾ سڄڻ دل کي نه ڪجهه آرام آ،
ٿيو بپا مون لاءِ محشر صبح توڙي شام آ.
حيدري مشڪل جو هرگز ڪين ڪر ڪجهه فڪر تون،
سوڪندو حل تنهنجو مشڪل جو تنهنجو همنام آ.
6. جناب مولوي محمد عظيم صاحب ”شيدا“:
هجر تنهنجي ۾ هميشه منهنجي لئه ماتام آ،
پلڪ توريءَ دلربا مون کي نه ڪو آرام آ،
نزع ۾ مونکي ڏسي دلبر چيو ”ارمان آ“
”دل لڳي جنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ،
بي وفا گل بي بقا سان پنهنجي دل ”شيدا“ نه لاءِ،
پنهنجي دل ڏي الهه کي جنهنجو پيارو نام آ،
7. جناب ميان جان محمد ”گلشن“:
يادگيري يار تنهنجي منهنجي دل ۾ جام آ،
ملڻ هجان پر ياد توکي هي خيالِ خام آ،
دام گيسو ۾ ڦاسائي دل کي قابو تو ڪيو،
تيغ ابرو سان وري اڄ تو ڪيو قتلام آ.
دل لڳائڻ کي نه چرچو تون سمجهه ”گلشن“ ادا،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
8. جناب حافظ محمد صاحب ”احسن“:
بر زبان مون کي سڄڻ تنهنجو سدائي نام آ،
بس ايهو ئي ورد منهنجو صبح توڙي شام آ.
ڏاگهه تي مومل چڙهي، سهڻي ٻڏي درياهه ۾،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
مون چيو، ”دلبر! وسارج ڪين هي احسن غلام“،
هن چيو، ”مون کي هميشه ياد تنهنجو نام آ“.
9. جناب مانڌو داس صاحب مانڌو:
خوش نصيبان اڄ صنم جي وصل جو انجام آ،
ڇو ته جانان جو مليو مدت کان خوش پيغام آ.
عشق سهڻن کان گهران يارو خدا جي ٿو پناهه،
دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ.
باغ جوڀن مان ڇني ”مانڌو“ وتو ڪو ناهه گل،
مفت هن مسڪين مٿان چوريءَ سندو الزام آ.
10. جناب ماستر حبيب الله صاحب ”آزاد“:
تو بنا دلبر پيارا ڪهڙو ڏس ماتام آ،
آهه زاري، بيقراري، مون کي صبح و شام آ!
سچ چيو ٿي يار مون کي هيئن سڏي ڀرسان ڪري،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهوموت جو پيغام آ“.
بي وسي علمي ڏسي مون کي ٿا سڀ بيوس سڏن،
منهنجي هستي بزم ۾ لاچار تڏهن رام آ.
11. جناب ميان فيض محمد صاحب ”فيض“:
دردِ فرقت کان عزيزو ڪين ڪجهه آرام آ،
جو تصور سيمتن جو دل ۾ صبح و شام آ.
سير ۾ درياءُ جي ٻڏندي چيو سهڻي ٿي هيئن،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
درد فرقت کان ڪري فرياد زاري ”فيض“ ڪيئن،
جو دلِ مضطر کي قابو زلف جو پيو دام آ.
12. جناب ميان ممتاز علي صاحب ممتاز:
دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو عشق جو پيغام آ،
عشق جو آغاز گويا عشق جوانجام آ.
اي فلڪ ڇا ٿو پڇين مون کان مقامِ ڪُوئي دوست،
عرش اعليٰ جي به منزل جنهن جي زيرِ بام آ.
هن ۾ جي ”ممتاز“ توکي آهه اُميدِ وفا،
پو ته سمجهان ٿو وري تنهنجو هي سودا خام آ.
13. جناب پرڀداس صاحب ”وفا“:
هي محبت جو ڀريل ساقي جي هٿ ۾ جام آ،
جنهن ڪيو ساغر کي پر آ، تنهن ڏنو آرام آ.
تنهنجي مون کي تيز زن تيرِ نگه ماري وڌو،
طائرِ دل کي وڌو تو زلف جو ڪو دام آ.
ٿا ٿين سهڻا ستمگر بي وفا تون دل نه لاءِ،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
14. جناب ماستر رازق ڏنو صاحب ”سائل“:
حسن انور ۾ سدا نورِ محمدﷺ ڄام آ،
خود دلِ عاشق جو خالقِ عاشقِ اسلام آ،
موتوا قبل انت موتوا عشق جو پهريون آ شرط،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
گنج پنهنجي مان خدا جو حصو سائل کي ڏيو،
هي خدا جو سڀ جو تنهنجو اصل کان انجام آ.
15. جناب ميان رفعت علي صاحب قلندر:
صبح رو جي ابرو هيٺان صبح جا سجدا ڪيم،
نزد ڪاڪل جي ارادو ٿيو نمازِ شام آ.
مان رقيبن جي جماعت کان جدا آهيان سدا،
جنگ ۾ ناهي جيڪو تنهن کي چون وريام آ.
16. جناب مولوي شفيع محمد صاحب ”هاتف“:
”دل لڳي ڪنهن سان ته گويا موت جو پيغام آ“،
پر نه يارو موت هي ڀي آخر الانجام آ.
موت هن ۾ جو مئوسو آهه زنده تا قيام،
مُوتو اقبل الموت سمجهج ڏس اشارو عام آ.
عشق جو آخر نتيجو ٿيو وڇوڙو نا وصال،
واءِ قسمت ”هاتفا“ ڏس بخت ٿيو ناڪام آ.
17. حاجي محمود ”خادم“ (سيڪريٽري بزم):
رخ ۽ زلفن جو تصور مون کي صبح و شام آ،
ڪفر سان گڏ منهنجي دل ۾ الفتِ اسلام آ.
مون چيو ”دل لايان توسان“، هن چيو، ”ڪجهه هوش رک“،
”دل لڳي ڪنهن سان ته سمجهو موت جو پيغام آ“.
ڪو سڏي مجنون ٿو مون کي، ڪو سڏي وحشي چريو،
گرچه سڌ سڀني کي آ محمود منهنجو نام آ.
ايندڙ مشاعرو
تاريخ 31- جولاءِ 1932ع آچر رات 9 بجي رات کان
هيٺين طرح تي ٿيندو
(طرح ڏيندڙ: جناب حضرت غازي صاحب)
(اردو) ”شب وصل کيا مختصر هو گئي“.
(قافيه) مختصر (رديف) ٿي ويئي:
ان زماني جي شاعرن جو ماحول سٺو هوندو هو. هوٽنگ
جو ايترو رواج ڪونه هو. اڄ جهڙي شوراشوري ۽
گوڙگهمسان ڪونه هوندو هو، تنهنڪري اهي محفلون
پروقار ۽ شاندار نموني ٿينديون هيون.انهن محفلن
ذريعي ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا ۽ ڪيترن ئي شاعرن جي
ڪلام ۾ پختگي آئي. مطلب ته مشاعرن ذريعي خصوصاً
جمعيت الشعراءُ جي محفلن سنڌي عروضي شاعريءَ کي
وڏي ترقي وٺرائي.
مختصر ته سنڌي شاعريءَ کي ترقي وٺرائڻ خاطر ٻيون
ادبي انجمنون پڻ پاڻ پتوڙينديون رهيون، جن جو
احوال مٿي اچي چڪو آهي.
سنڌي نثر توڙي نظم کي ترقي وٺرائڻ ۾ سنڌ جي ادبي
مجلسن ۽ سندن ڪارڪنن جو برابر وڏو هٿ رهيو آهي، پر
هن سلسلي ۾ سنڌ جي اخبارن ۽رسالن جون خدمتون
ساراهه جوڳيون آهن، خاص طور ”گلدسته سنڌ“، ”اديب
سنڌ“ ۽ ”الحقيقت“ هن سلسلي ۾ ٻه قدم اڳتي آهن. پر
هفته وار ”سنڌ زميندار سکر“ ماهوار ”سنڌو“ به هن
سلسلي ۾ پاڻ ملهايو آهي. سنڌ جي مشهور شاعر قادر
بخش بشير جو نظم پهريون ڀيرو هفتيوار ”سنڌ
زميندار“ ۾ 13- ڊسمبر 1922ع واري اشاعت ۾شايع ٿيو.
ان نظم جا ٽي شعر پيش ڪجن ٿا:
ڇا ٻڌايان حال دنيا جو اوهان کي يار اڄ،
مهر ماڻهن مان وئي ۽ يار ٿيا اغيار اڄ،
وقت عشرت جي گهڻا دم ٿا هڻن ياري سندو،
پر مصيبت ۾ وڃن ٿا دور ٿي دلدار اڄ،
ڏوهه ڪنهن تي ڪين ڏي ۽ صبر ڪر تون اي ”بشير“،
ٿي وئي سڀني جي آهي هاءِ ڪج رفتار اڄ،
اهو ساڳيو نظم مارچ 1926ع ۾ ”گلدسته سنڌ“ ۾ شايع
ٿيو. ان ساڳي اخبار يعني ”سنڌ زميندار“ ۾ بشير جا
ڪيترائي اصلاحي نظم شايع ٿيا، مثلاً 24-جون 1924ع
۾ سندس هڪ نظم شايع ٿيو، جنهن جو عنوان هو
”خوشامد“. اهڙيءَ ريت 12 جولاءِ تي نظم غرض ۽ 27-
جولاءِ 1927ع ۾ نظم بعنوان”ترقي تجارت ۾“ شايع
ٿيو.
”سنڌ زميندار“ کان علاوه روزانه ”الوحيد“، ”دعوت
اسلام“ سکر، ”صداقت“ شڪارپور، هفته وار ”الجماعت“
شڪارپور، هفته وار ”پيغام صلح“ ڳڙهي ياسين، هفته
وار ”الحنيف“ شڪارپور، ماهوار ”توحيد“ ڪراچي،
ماهاور ”گلستان“ ڪراچي، ماهوار ”اخبار تعليم“
حيدرآباد، ماهوار .تحفه احباب“ حيدرآباد، ماهوار
”جعفر زٽلي“ حيدرآباد، هفته وار ”مرغ فلڪ“
حيدرآباد، ”الحافظ“ حيدرآباد، ”سنڌ سڌار“ حيدرباد،
هفته وار ”بيداري“ ڪراچي، وغيره ۾ وقت بوقت ان دور
جي شاعرن جو ڪلام ڇپجندو رهندو هو. ڪن رسالن ۾
مصرع طرح ڏني ويندي هئي، جنهن تي شاعر پنهنجو ڪلام
تيار ڪري ان رسالي کي لکي موڪليندا هئا.
”بهار اخلاق“ ۽ ”تحفئه احباب“ رسالن ۾ اڪثر مصرع
طرح تي طبع آزمائي ٿيندي هئي. اهڙين قلمي مجلسن ۾
ميان امام بخش خادم پوري ريت بهرو وٺندو هو. سندس
هيٺيون غزل ”تحفه احباب“ جي هڪ اهڙي مشاعري جو
يادگار آهي:
بي اثر ناهي ادا، آهه و فغان اصل درد
درد ۽ غم سان ڀريل آداستان اهل درد
.بهار اخلاق“ جي اهڙي مشاعري جو هيٺيون غزل سندس
ٻيو يادگار آهي:
شڪر لک لک رب جا، جو طالع بيدار آهه،
گنج دل ۾ نقد عشق سيد الابرار آهه“
مشاعرن جون طرحون:
ان دور ۾ جيڪي طرحي مشاعرا ٿيندا هئا، تن جون
طرحون گهڻو ڪري عشقيه هونديون هيون، هن هيٺ ڪجهه
مثال پيش ڪجن ٿا:
بزم مشاعره لاڙڪاڻه 2 جون 1933ع
مصرع طرح:
”نه بعد مرگ ڪڏهن آيو منهنجي تربت تي.“
بزم مشاعره حيدرآباد سنڌ، 6 جون 1937ع
مصرع طرح:
”نه پهلو ۾ ئي دل آهي نه دل ۾ آروز باقي“
بزم احسن ملڪاڻي: 10 مئي 1933ع
مصرع طرح:
”عاشق کان يار توکي ڪهڙو حجاب آهي“
بزم مشاعره حيدرآباد سنڌ: 14 اپريل 1937ع
مصرع طرح:
”آب داڻو ڇو ڪيو بيمار جو تو يار بند“
بزم مشاعره حيدرآباد سنڌ: 2 مئي 1937ع
”شب فرقت جي اي مولا سحر ڪر“
بزم مشاعره ڪراچي: 21 آڪٽوبر 1933ع
مصرع طرح:
”مزو انگور جو ميخوار کان پڇ“
ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن غير
عشقيه طرحون به ڏنيون وينديون هيون. مثال طور 16
ڊسمبر 1933ع ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ مشاعره ۾ هيٺين طرح
ڏني ويئي:
”قلب مان ڪينو ڪڍي هڪ ٿي وڃو هر حال ۾“
ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ سڌار سوسائٽي“ طرفان جيڪي مشاعره
ٿيندا هئا، تن ۾ مصرع طرح ڏيڻ بجاءِ ڪو عنوان مقرر
ڪيو ويندو هو ۽ شاعر حضرات ان عنوان تي نظم لکي
ايندا هئا. اهڙيءَ ريت غزل جي شاعرن ۾ نظم لکڻ جو
شوق پيدا ٿيو. ان سوسائٽيءَ جي سهاري هيٺ 30 اپريل
1933ع ۾”قرباني“ عنوان مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي ريت
”مردانگي“ ”برسات“ ”عالم جي ناپائداري“ ۽ ”قادر جي
قدرت“ وغيره جي عنوانن تي مشاعرن جون محفلون ٿيون،
جن ۾ شاعرن خوب حصو ورتو ۽ سهڻا نظم پيش ڪيا. مثال
لاءِ فقير هدايت علي تارڪ جو نظم پيش ڪجي ٿو، جو
هن سنڌ سڌار سوسائٽيءَ جي 30 اپريل 1933ع واري
مشاعري لاءِ لکيو هو:
نظم قرباني
جڳائي ملڪ ۽ ملت جي خاطر سر جي قرباني،
پوي من سا قبول خالق تو ڪمتر جي قرباني.
وطن تي قوم تي يارو ڪرڻ گهرجي اسان کي،
ٿي دل و جان آل مال وسيم جي ۽ زر جي قرباني.
اسان جي ٿيندي عالم ۾ عيان ثابت سچائي سڀ،
ڪنداسين راهه ملت ۾ کڻي جي گهر جي قرباني.
اسان کي آهه سيکاريو سبق اسلام هي دل سان،
ڪريو منجهه واٽ حق جي چيز خوش بهتر جي قرباني.
ڀلا جي ڪو خوشامد ۽ ريا سان ڪجهه ڪندو صدقو،
ته ڪيئن منظور ٿيندي تنهن ريا پرور جي قرباني.
خدا قرباني هر ڪنهن جي اگهائي پنهنجي در تي ٿو،
وٽس هڪ جهڙي آه آقا جي ۽ نوڪر جي قرباني.
اسان ڪنهن کي مڃئون ڪنهن کي نه ٿا پنهنجي جهالت
کان،
خدا تان ڪين موٽائي ٿو ڪنهن ڪافر جي قرباني.
هو ابراهيم کي ارشاد قرباني سندو رب کان،
اتان هن پنهنجي ڪئي دل بند پٽ نينگر جي قرباني.
سخن نيڪيءَ جو عالم کي چوڻ روئي ريا جي ريءَ،
اها دنيا ۾ ٿي تارڪ سخن گستر جي قرباني.
|