ميوو خان موج لغاري
مصحف رو يار منهنجو، تفسير ڪونه ڄاڻان،
خوابن ۾ خوبرو گڏ، تعبير ڪونه ڄاڻان.
محبوب جي محبت، مستان من بنايو،
ملندي نه ملندي دل کي، ڪا دير ڪونه ڄاڻان.
دل ۾ ڇڪي مصوّر، تصوير دلربا جي،
صورت اُنهيءَ بنان ٻي، تصوير ڪونه ڄاڻان.
دز يار جي قدم جي، سرمو اکين جو مون لئي،
مان مٽ اُنهيءَ مٽيءَ جي اڪسير ڪونه ڄاڻان.
آهن عجيب سان جيئن، اکڙيون اڙيون اچانڪ،
جاري اکين مان آهن، ڇو نير ڪونه ڄاڻان.
ڪا چيز چڻنگ وانگر، چُهٽيل اندر ۾ آهي،
۽ دل ۾ ڄڻ چڀي ٿو، ڪو تير ڪونه ڄاڻان.
مطلوب سان ملڻ جو، ڏاهن کان ڏس پڇان ڪو،
مان يار جي ملڻ جي، تدبير ڪونه ڄاڻان.
تعويذ ڪو لکايان، پنهنجو ڪريان پرين کي،
جوڳي کان مَنڊ پڙهايان، سو وير ڪونه ڄاڻان.
درويش ڪو پُڇايان، ڪوئي فقير ڳوليان،
ڪهڙي وڃان وليءَ تي، ڪو پيرُ ڪونه ڄاڻان.
عامل ڏسي عمل ڪو، ڪهڙو پڙهان وظيفو،
ڪيئن يار ٿئي مسخر، تسخير ڪونه ڄاڻان.
ڪنهن ٻي جي دل جي گهر ۾، ڪيئن گهر بنايان پنهنجو،
مان پاڻ پنهنجي گهر جي، تعمير ڪونه ڄاڻان.
ڪيئن حال دل جو اوريان، دلدار سان مُنهان مُنهن،
تحرير ڪجهه نه ڪجهه پر، تقرير ڪونه ڄاڻان.
قاصد نيازمندي، جي خط سان موڪليان ڀي،
پر اهڙي پُر فصاحت، تحرير ڪونه ڄاڻان.
دلبر کان ڌار گهارڻ، دم ناگوار دل کي،
ڪهڙي گنهه جي مليم، تعذير ڪونه ڄاڻان.
ڪهڙي سبب علحده، آهي عجيب مون کان،
مون کان ٿي ”موج“ ڪهڙي، تقصير ڪونه ڄاڻان.
نشتر ناٿن شاهي
غزل
يار سان سنيو سهائڻ آ ڏکيو،
پيار سان ايڏو ڦٽائڻ آ ڏکيو.
نانگ جو کاڌل بچي سگهندو، مگر،
عشق جو کاڌل بچائڻ آ ڏکيو،
ڊاڪٽر هرڪو سر ڏيڻ جي ٿو هڻي،
قتل گہ ۾ پير پائڻ آ ڏکيو!
عشق جي پيدائش خود انسان آهه،
عشق کان خود کي بچائڻ آ ڏکيو!
هرڪو جاني آ زباني دوستو،
نينهن ۾ ناتو نباهڻ آ ڏکيو!
خون جو ڏوهي ڇٽي سگهندو، مگر
پيار جو پڪڙيل آ ڇڏائڻ ڏکيو!
بخت بگڙيل کي بنائي سگهجي ٿو،
پيار بگڙيل کي بنائڻ آ ڏکيو!
شير سان ڀي ٿي مقابل سگهجي ٿو،
حسن سان سينو سهائڻ آ ڏکيو!
منهن ڏئي طوفان کي سگهجي ٿو، مگر
عشق جو جهولو پچائڻ آ ڏکيو!
وار شمشميري خطا ٿي ٿو سگهي،
تير نظرن جو گسائڻ آ ڏکيو!
عشق جي ساگر کان هُن ڀر دوستو!
پيار جو ٻيڙو رَسائڻ آ ڏکيو!
خوف خطرن جا ڏئي منزل کان اڳ،
واٽ تان مونکي ورائڻ آ ڏکيو!
جادو ”نشتر“ تي هلائڻ آ سُکيو!
عشق تي جادو هلائڻ آ ڏکيو!
نثار بزمي
ڪَرين ڇا جي لئه ٿو وفا جي تلاش،
نَه ڪَر پانَ پنهنجي سزا جي تلاش.
وفا ڪنهن ۾ ڪانهي اهو ڪر يقين،
نه ديوانا ڪر دلربا جي تلاش.
هڻي پيرَ هٿَ، موتي مطلب جو لهه،
نه دنيا ۾ ڪر تون دعا جي تلاش.
گريبان ۾ مُنهن وجهي ويهه تون،
نه ڪر هيڏي هوڏي خدا جي تلاش.
سُڃي دار ڇا لاءِ پيئي هُجي،
زماني کي آ بي خطا جي تلاس.
فنا ٿي وڃڻ فتح جو آ نشان،
اِهائي آ بهتر بقا جي تلاش.
نه ڏس ڪنهن طرف تون اکيون بند ڪر،
نه ڪر جان جي لئه جفا جي تلاش.
ٿڌا جذبا منزل تي ٿي ٿا وڃن،
نه ڪر ”بزمي“ تون انتها جي تلاش.
پير بخش پياسي
نظم
(1)
آءُ پرين تون آءُ پرين،
مان پَلپل توکي پيار ڪريان.
گلن ڦلن جي سيج تي وهاري،
سَوَ سَوَ تو سينگار ڪريان.
(2)
ڪنول تون آهين ڪينجهر جو،
يا گل کڙيل ڪنهن ٽاريءَ جو،
جو ڀي آهين من جو موتي،
پُهي گلي جو هار ڪريان.
(3)
تون مکڙي آهين موتئي جي،
مان خوشبوءِ تنهنجي پن پن جي،
تون هير هوا تي گل ٿي ٽِڙ،
مان هنڌ هنڌ سڀ هُٻڪار ڪريان.
(4)
دل ۾ درد جو دونهن دکائي،
تَنِ جي تنهنجي تند تپايان،
تڙپي نه اُٿي جان تنهنجو من،
تان ڪوئل واري ڪار ڪريان.
(5)
تون تڙڪو تڙڪو سورج جو
مان چنڊ جي آهيان چانڊوڪي،
آءُ ته جڳمڳ روشن روشن،
سپنن جو سنسار ڪريان.
(6)
مان پياسي پياسي ڌرتي آهيان،
تون برساتي ڄڻ آهين بادل،
وس وس جي وسڪار ڪرين،
پيو برکي باغ بهار ڪريان.
(7)
تون بجلي آهين بادل جي،
مان تنهنجي شعلن جو چمڪاٽ،
تون ڪارونڀار ۾ جوت ٿي جل،
مان اوندهه تي يلغار ڪريان.
(8)
ٻيجل وارا ٻول تون ٻول،
مان پنهنجي من کي مست ڪريان،
تون ڪات کڻي ويهي ڪنڌ کي ڪور،
مان ڌڙ سِسيءَ کان ڌار ڪريان.
(9)
تون مورتي آهين من مندر جي،
مان ”پياسي“ تنهنجو پوڄاري،
چاهيان ٿو چرنن ۾ ويهي،
پاڻ پنهنجو ٻلهار ڪريان.
احمد خان ”مدهوش“
غزل
فنا جي ضرب کان اڳ ۾ ڪرڻ هستي فنا گهرجي.
جهان اندر مرڻ کان اڳ مري ماڻهن بقا گهرجي.
نظر ديد آشنا گهرجي، ۽ دل درد آشنا گهرجي،
محبت جو ڀرم رهجي اچي، اهڙي ادا گهرجي.
بجز تنهن جي نه ڪائي چيز دنيا جي سڄڻ گهرجي،
اگر گهرجي ته مون کي چاهتن جي انتها گهرجي.
محبت جي نگاهن سان نگاهن کي ڪجي قائل،
زبان پنهنجي مٿان آڻڻ نه حرفِ مدعا گهرجي.
اگر چاهين محبت ۾ ”رهي تُون تُون، نه ڪي مان مان“،
هلائڻ دم سان دم گهرجي، ملائڻ ها ۾ ها گهرجي.
نِشانو غير جي آڏو بڻائي منهنجي دل کي ويو،
نوازش يار جي گهرجي ته اهڙي بي بها گهرجي.
اکين تي هٿ رکي تنهنجا سمورا سُور سهنداسين،
ڏکن تي جو هريل آهيون، ٿيڻ ڪهڙو خفا گهرجي.
ڀلي هٿ ٺار پنهنجا تون، ستم سان اي ستمگر، پر
ستم جي وقت ڪجهه دل ۾ ڪرڻ خوفِ خدا گهرجي.
رکي ”مدهوش“ من پنهنجي خدا جي ياد کان غافل،
بتن جي عشق ۾ دل کي ڪرڻ ڇو مبتلا گهرجي.
ناظم منگي
خدا گهريو ته سڄڻ تان نثار ٿي وڃبو،
نظر ملي ته وڏو باوقار ٿي وڃبو.
ويا جي روزا ته پو عيد جي آهي اميد،
مليو ته پلصراط تان به پار ٿي وڃبو.
ڀلي ڏي پهرو صنبم جي حرم تي او حاسد،
نڀايو وقت ته پوءِ آشڪار ٿي وڃبو.
لڙيا جي خار ته لڙنداسين بي نقاب، مگر،
نثار ٿي پو چمن ۾ بهار ٿي وڃبو.
وصالِ يار کپي، پر خدا ڪري ته ٿئي،
ڏسڻ ليءِ يار جي دُرِ اشڪبار ٿي وڃبو.
نگاهِ ناز کان قسمت ڪهاڻي پو قاتل،
صفِ شهيد ۾ شايد شمار ٿي وڃبو.
ڏئي ٿو حسن جي خيرات حشر ٿئي ٿو چڱو،
هي زر وٺو جو پرين وٽ پينار ٿي وڃبو.
قدم چمان ٿو ته راضي رهي سڄڻ، ڇو جو،
هِتي رُٺو ته هُتي گنهگار ٿي وڃبو.
نڀائي نينهن جو ناتو جي تاحيات سڄڻ،
پو وار وار تان ”ناظم“ نثار ٿي وڃبو.
سوز هالائي
وائي
تو ۾ ڏونگر ڏورڻ ناهي، تو ۾ وندر ووڙڻ ناهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
ننڊ سان تو آ نينهن لڳايو، توکي سڪ سمهڻ جي آهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
توکي سُڌِ نه ڪائي سسئي، ڏونگر ڇاهي، گوندر ڇاهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
ويجهڙ ۾ ڪا وستي ڪانهي، چور ڦِرن ٿا پيا چوراهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
ڪيچ وڻن جا ”ڪارا راڱا“، بَر ۾ بيٺا باهي باهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
رند رُلڻ لاءِ رت کپي ٿو، تو وٽ بوند نه ڪائي آهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
جيڏين پنهنجو جيءُ مٺو ڪيو، ڪابه نه هلندءِ ڪيچ ڏي
ڪاهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
هن بُري ڀنڀور ۾ ڀينر، ڪير ٿو ڪنهن سان نينهن
نِباهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
جي تون محب ملڻ لاءِ ماندي، سندرو ٻَڌجان ساهي
ساهي.
ڪوهه پڇين ٿي پار پنهونءَ
جا.
اصغر آزاد منگي
وائي
ڪينجهر ۾ ٿو ڪنول ٽڙي.
پيارا پَرچي آ.
ڏسڪي پيو ٿو ڏينهن الاڙي، توريءَ رات رڙي؛
پيارا پَرچي آ.
روح اوهان سان ريجهي ويو آ، ڪڙيو منجهه ڪڙي؛
پيارا پَرچي آ.
سيج اسان کي سيلهه هڻي ٿي، ڇڏيو ننڊ تڙي؛
پيارا پَرچي آ.
سڏڪا سڏڪا سڏڻا بڻجن، جيئن ٿي رات لڙي؛
پيارا پَرچي آ.
ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ
وائي
منهنجو يارو جيون جوڀن، محنت هاڻي قرب ڪهاڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
منهنجي من مانڊاڻ مچايو، دل ٿي انهيءَ راڄ جي
راڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
هي جڳ جوٺو، جهونو ٿيندو پريت نه ٿيندي ڪڏهن
پراڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
پوءِ به ڪيان ٿو پريم جي ورکا، مون نه ڪڏهن آ محبت
ماڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
دُکَ جي نگري دنيا ساري، شل سک ڏسي هيءَ ساهه
سيباڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
من ڪو واءُ گهلي پڻ اهڙو، وائي ٻڌجي دور هي واڻي،
سور کنيان مون ڄاڻي واڻي.
شاد عباسي ٻورڙائي
غزل
با وفا هي آههِ جيسين زندگي،
حُسن جي تيسين ڪنداسين بندگي.
سي محبت ۾ ويا مخدوم ٿي،
عشق ۾ جن ڀي ڪئي آ عاجزي.
ناههِ دنيا جو ۽ عُقبا جو خيال،
عشق جي گهُر جي فقط آسودگي.
مون تي هُن جورو جفا پيهم ڪيا،
سوز ۾ مُنهنجي ڏسي هُو سادگي.
آههِ نادان يار جي ياري کان بَس،
دانا دشمن جي به بهتر دشمني.
ڪهڙي هَٿ جي ئي ڪَنگڻ کي دوستو!
آ ضرورت جو ڏيکاريون آرسي.
بَس خدا مون تي فقط راضي هجي،
ڀَلِ سڄي دنيا وڃي مون کان رُسِي.
قيصر و ڪُسريٰ کان ڀي آهي بُلند،
”شاد“ عباسي مقامِ عاشقي.
محمد اسحاق ”راهي“
صنم سونهن وارن کي پرکي ڇڏيم،
مگر، يار! يارن کي پرکي ڇڏيم.
بهارن ۾ ڀي چين دل کي نه آ،
خزان ۽ بهارن کي پرکي ڇڏيم.
نظر کي نظارن آ دوکو ڏنو،
چمن جي نظارن کي پرکي ڇڏيم.
طلاطم ۽ طوفان ۾ ڪونه پهتو،
سهارن ڪنارن کي پرکي ڇڏيم.
لُٽيو چين دل جو نزاڪت سحر جي،
گهڻو ئي قرارن کي پرکي ڇڏيم.
خمارن کان ڀي لطف حاصل نه ٿيو آ،
شرابن خمارن کي پرکي ڇڏيم.
ٿيو اجنبي کان اسان جو آ مطلب،
گهڻو آشڪارن کي پرکي ڇڏيم.
مليو هر قدم تي حسين دوکو آ،
الا! حسن وارن کي پرکي ڇڏيم.
شڪايت توهان جي ته ”راهي“ نه آ، پر
دلي دوست يارن کي پرکي ڇڏيم.
علي نواز صابر نظاماڻي
ڪافي
دمبدم دل ٿي گهري دلبر ڌنارن کي ڏسان!
ساهه ٿو ساري سندم سهڻن سنگهارن کي ڏسان!
هِت هِنيون منهنجو هَڄي ٿو، جسم سارو ٿو جهڄي،
شل ڪري ڪوٺيون پون سڀ، ڪوٽ هي تنهنجو ڀڄي،
پنڌ پيرن سان ڪري، پنهنجن پيارن کي ڏسان...
مون جيڏيون سڀ ملڪ منهنجي ٿيون کلن کيڏن سدا،
ڇڏ! ڏسان سرتيون وڃي هُت، سومرا سڻ تون صدا.
سڪ منجهان ساڻيهه ۾ سانگين سچارن کي ڏسان...
منهنجي لنون لنون ۾ وطن جا لوڙها ۽ لانڍيون رهن،
ڪرڙ، ٻيريون ۽ ٻٻر ٿا ڪين سي دل تان لهن،
پرت مان کايان پسيون، ڏونرن جي ڏارن کي ڏسان...
سربسر ”صابر“ سندا ڏي تون صبا ساري سلام،
چاهه مان چئجانءِ تون من مارئي مارو مُدام،
هر گهڙي هاريان هنجهون، هينئڙي جي هارن کي ڏسان...
”ساجد“ لعل پوري
غزل
حبيب هڪڙي گهڙي پاڻ کان جدا نه ڪري،
عذابِ هجر ۾ شل مبتلا خدا نه ڪري.
ڪڏهن به جڳ ۾ سو الفت جي ابتدا نه ڪري،
جهان ۾ جو به محبت جي انتها نه ڪري.
وفا جو نام نه آڻي اهو لبن تي ڪڏهن،
جفا جو روز ڪري پر ڪڏهن وفا نه ڪري.
ٻڌايون درد جو ڪهڙو انهي کي افسانو،
اسان جي درد جي بي درد جو دوا نه ڪري.
خطا جو پتلو ته آدم ازل کان آهه جڏهن،
جهان ۾ ڪهڙي طرح پو اهو خطا نه ڪري.
جي سمجهي عشق جي مفهوم کي ته پڪ آهي،
جهان ۾ عشق کي رسوا هو جابجا نه ڪري.
اسان جي حال جي هن کي اڳيئي آهه خبر،
چڱو ته حال جي ٻيهر سڄڻ پڇا نه ڪري.
جهانِ عشق ۾ پائي نه پير سو ”ساجد“
جو راه عشق ۾ سِرُ مال و زرفدا نه ڪري.
جوهر بروهي
وٺجي وئين اجايا وعدا ڪري ڪري،
ٿڪجي پئين اسان کان پاسا ڪري ڪري.
مان ڪيئن رهي سگهان ٿو هن شهر ۾ اڪيلو،
تون ڪئن گذاري سگهندين پردا ڪري ڪري.
سورن کي سک ٿا ڀانيون ڏک تي هري وياسين،
دل منجهه روز محشر برپا ڪري ڪري.
افسوس ڪو به حال جو واقف نه ٿي سگهيو،
چئوسول تي پڪاريم واڪا ڪري ڪري.
مان ڪجهه به ڪونه آهيان مان ڪجهه به ڪونه آهيان،
توکي ته اوج بخشيم وهوا ڪري ڪري.
تون ڪونه آئين ورنه مون حد ڪري ڇڏي آ،
راهن تي تِت گُلن جي ورکا ڪري ڪري.
”جوهر“! وفا کي سوچي هن جي جفا کي سوچي،
سوداءِ ٿي پيو آ ليکا ڪري ڪري.
خليل لاکير
غزل
محبت جي حسين تِن يادگارن کي ته سمجهايو،
نهوڙي ٿا وجهن تَن من نظارن کي ته سمجهايو.
اسان ڏي شوخ نظرن سان نهاري ڇو نهوڙيو ٿا،
هڻن ٿيون تير اکڙين جي اشارن کي ته سمجهايو.
هڻن ٿا ڏنگ سيني تي وجهن ٿا ونگ واسيهر،
حُسن وارا خدارا پنهنجي وارن کي ته سمجهايو.
روش گلچين جي هيڪر گلستان ۾ ڏسي همدم!
ڪليون ڪومائجي ويون گلعذارن کي ته سمجهايو.
حياتي پنهنجي سورن ۾ وئي گذري خدا ڄاڻي،
ڏين ٿا سور ويتر غم گسارن کي ته سمجهايو.
گهِڙي آ سيرَ ۾ ڪشتي وڌي خطرات ويا آهن،
ڪنارن رخ آ بدلايو ڪنارن کي ته سمجهايو.
ڏسان ٿو عابد و زاهد لڙي پيا پاڻ ۾ آهن،
خدارا ناصحن ۽ ديندارن کي ته سمجهايو.
اکين آڏو ڦري تصوير ڪنهن جي ٿي، وري ويتر،
ڦٽائن ننڊ ٿا منهنجي ستارن کي ته سمجهايو.
”خليل“ آهي خيالِ يار ۾ مدهوش متوالو،
ڏين ٿا سور صدما يار! يارن کي ته سمجهايو. |