سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :21

منڇر جا پکي

]مهراڻ 1-2/1980ع، ص 228 سان لاڳاپيل[

(19) ٽيٽيهر:

سنڌ جي مشهور ۽ ننڍي وڏي جي ڄاتل سڃاتل پکڙي آهي. سنڌ جا ماڻهو فقيرياڻي به سڏينس. نه رڳو منڇر جي ڪنڌيءَ ۽ ڪک ۽ ڪاني تي ويهي جيت جڻيو کائي گذر سفر ڪري پر هنڌين ماڳين ٻنيءَ ٻاري جي پاڻيءَ، شاخن ۽ واٽرن جي ڪپن ۽ دٻن ڍنڍن تي موجود هوندي آهي ۽ درياءَ سنڌ جي هر ٻيٽ ۽ ڪناري تي چوڻي پاڻيءَ سانگي پيئي ٻولي ٻوليندي آهي ۽ لامارا ڏيئي لهندي آهي. جهٽ جهٽ کان پوءِ ڀڙڪو کائي اٿندي ۽ مٿان لمندي لات لوندي وتندي. قد پورو پنو، ڪانوَ کان ٿوروکڙو ڇو ته ٽنگون وڏيون اٿس. بت ۾ بنهه هلڪي ۽ هيڻي، هوا جو هلڪو جهوٽو اچي ته به ويچاريءَ کي لوڏيو وڃي. ٽنگون صفا سنهيون جهڙيون ٽيٽي جون. پٺي مٿان هلڪي ناسي. مٿو ڪارو، ڳچيءَ تي ڪنن وٽان ٻنهي پاسي ارهه تائين اڇا پٽا ۽ نڙي به ڪاري، پنج پري به ڪاري.

رات پئي ۽ هن جيتامڙيءَ جو سک ڦٽو. ننڊ ۽ آرام حرام، مجال جو کڻي اک ٻوٽي. سڄي رات وارا وارا ڏيئي پئي اڏامندي ۽ سُتن کي پيئي جاڳائيندي. دانهن به اهڙي درديلي ۽ دل واري اٿس جو پاهڻ دليون به پگهاريو ڇڏي. درد واريءَ دل جا ته چاڪ چڪايو ڇڏي. ڪيترن ئي سرت وارن ۽ سڀاڳن کي جاڳايو سبحان جي سيوا ڪرڻ جي ياد ڏياري. سندس ٻاجهاري ٻوليءَ ۾ مونکي ته هيءَ صدا ٿي سجهي ته”اُٿي ڌڻي ياد ڪر“، ”اُٿي ڌڻي ياد ڪر“ ”اُتي ڌڻي ياد ڪر“ ۽ هن دانهن کان بنهه بس نه ڪري، جيسين ڪا لهر نه لوڏيس ۽ پساهه پورا نه ٿينس. هن جون جاڳايل۽ سبق سيکاريل ڦٽيل دليون پڪ ساڻ ڪنهن غوث ۽ قطب جون هونديون. شل هي جيتامڙو جڳ جڳ جئي ۽ ستا اُٿاريندو رهي.

هيءُ به چون ته عالم جي ڏاڍي اون اٿس. سو اتفاق جي کڻي جهٽ گهڙي ساهي پٽڻ لاءِ رات جو سمهي ته پٺيءَ ڀر، پير مٿي ڪري ته متان آسمان ڪري ته پير ڏئي جهلي وٺيس. ويچاري ڪمزور پکڙي! جنهن ڌرتيءَ تي رهي ٿو، اتي جي مخلوق جو ڪيڏو نه اوسيئڙو اٿس، واقعي فقير آهي!

(20) ڦدي

جيءَ جهرڪيءَ جيڏو، پر جيڏي پاڻ اوڏوئي پڇ ساڻ. هن ۾ به ٻه-ٽي ذاتيون آهن. هڪڙي عام ته اڇي ڪاري چٽامڙي ٿئي. پيٽ اڇو۽ ٽنگون جهرڪيءَ جهڙيون سنهيون ڪاريون. چهنب به هوبهو جهرڪيءَ جي چهنب جيڏي ۽ ڪاري. ماديءَ جا ساڳيائي رنگ، پر چٽا ڪونه ٿين. ٻي وري پيلي ٿئي، پيٽ به پيلو، پر پرن مٿان ڪارا ليڪا ٿينس. چڱي ئي سهڻي ٿئي. اڏامندي پڇ کولي يا ٽيڙي ائين جيئن لهرن مٿان ٿي تري. ويندي هيٺ مٿي ٿيندي، سڌو ڪڏهن به ڪانه اُڏامي. پت پت ڪري ٻوليندي آهي، پر رڳو اڏامڻ ويل. کائي پيئي جيت جڻيا، پر اول جا سنهڙا ڪوڏ ۽ جيت کائڻ گهڻو وڻندا اٿس.

سنڌ ۾ ”ڌوٻياڻي“ به ڪوٺينس. هيءَ ويچاري اها ته ڌوٻياڻي ڪانه آهي جا ميرا لٽا ڌوئي اجرا ڪري ڏئي، پر هر گهيڙ ۽ گهٽ ۽ تڙ تي موجود رهندي آهي، تنهنڪري اهو نالو پئجي ويو اٿس. ڪي ته وري ”تِڏي“ به چونس. کنڀ ايڏا سڻڀا ڪونه اٿس، تنهنڪري پاڻيءَ ۾ ڪونه تري. پاڻيءَ ۾ ڪکن ۽ ڪانن ۽ گاهه وغيره تي ويهندي آهي، نه ته گهڻو ڪري ڪپرن ۽ ڪنڌين تي مڙهه مقام اٿس. آکيرو پٽ تي نر مادي ٻئي گڏجي ٺاهين. وسي رسي سنڌ ۾ ۽ سنڌ پنهنجو پراڻو ديس اٿس. مائٽ ڪشمير، هماليه، بنگال ۽ سيلون ۽ هندستان ۾ به اٿس. ٻچا ڪپرن ۽ ڪنڌين تي پاڻيءَ جي وٽ سان ڪري، آنا وڌ ۾ وڌ چار لاهي.

(21) ڪنگري

بت ۾ ڳيري جيڏي، پر نموني ۾ بلڪل جدا. رنگ تيز اڇو ڪارو چٽڪمرو. چهنب ڏيڍ انچ کن ڊگهي، ڪاري ۽ صفا قهري ۽ قاتل. اکيون بنهه تکيون ۽ ڏائڻ. پاڻيءَ جي مٿيئن تهه کان اندر به مڇي تاڙيو وٺي. ڪنڌيءَ تي ڪنهن ڀڪ ڀر ويهندي يا پاڻيءَ يا ڪپر تي پيل ڪنهن ڍنگر يا لئي لاڻي تي. ڪو سڌو لڪڙو يا ونجهه پاڻيءَ ۾ کتل ڏٺائين ته ان جي چوٽيءَ تي وڃي پير ڄمائي ويهندي. ننڍي مڇيءَ لاءِ ته جهڙي عزرائيل. بک لڳيس ته بازن کان بڇڙي. اڏامندي ۽ پاڻيءَ جي مٿان ٽيهارو چاليهارو فوٽن تي کنڀڙاٽين جي زور تي هڪ هنڌ ٽڪ ٻڌي بيهندي ۽ شڪار تاڙي ايندي هيٺ لهندي ۽ امالڪ زور سان پاڻيءَ ۾ گهت هڻندي، چڀڪو ٿي ويندو، ڄڻ ڪنهن زور سان پاڻيءَ ۾ پٿر هنيو. بنا ويرم پتڪو ڏيئي ٻاهر نڪرندي ته مڇي چهنب ۾ هونديس ۽ وڃي پاسي تي ويهي ٻٽي سٽون چاڙهي ماري کائينديس. گهڻو ڪري وار خالي اصل ڪونه وڃيس. جي داءُ نه لڳس ته وري ٿورو پرڀرو وڃي ٻيهر مٿان لنوڻ شروع ڪندي ۽ ساڳي ڪار ڪندي-واهيري جي ويل گهڻو ڪري ڪنڌيءَ تي سڪل ڍنگر يا سائي وڻ تي اچي ويهندي ۽ ڏينهن جا ڏينهن انهيءَ هڪ ئي هنڌ تي ٽڪاڻو هوندس، جيسين وڃي ڪو ٽاهه نه پويس. ٻچا اڀ ڪپرن هنڌن تي پاسن ۾ پٽ کوٽي ان ۾ ڪک رکي ڪندي آهي. آنن لاهڻ جي مند مارچ کان جولاءِ تائين اٿس. پنج ڇهه رنگ جا اڇا آنا لاهي.

رهي ڪري به سنڌ ۾ ئي وڌي ويجهي به هتيئي، گهڻو ڪري ٽي کن ذاتيون اٿس، عام ڪنگري سنڌ کان سواءِ هندستان، يورپ، اتر آفريڪا ۽ سڄي ايشيا ۾ به ٿئي.

(22) گُلَيل

ڪنگريءَ جيڏو۽ ڪنگريءَ جهڙو پر رنگ ۾ رنگا رنگي، پٺي ڳوڙهي فيروزي، ۽ٻيو سارو بدن ڪارو ناسي، رنگ صفا چٽا ۽ چلڪيدار، چهنب نارنگي ۽ ٽنگون ۽ پير ڳاڙها، اکيون نيريون، ڪنگريءَ وانگر لنوي لڏي. شڪار ڪرڻ ڪونه اچيس، ڪنهن ڍنگر يا وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺو شڪار تاڙيندو ۽ اڏامي پاڻيءَ ۾ گهت هڻي مڇي وٺندو. ويٺي ۽ اُڏامي ڪنگريءَ مان ذرو نه لاهيندو پر رنگن ۾ ڪنگري کان سهڻو ۽ ڪثر کنيل اٿس. هرڪو ور ور ڏئي پيو هن جي سونهن ڏسندو ۽ ساراهه ڪندو. منڇر ۾ به ٿئي ۽ هر پاڻيءَ واري هنڌ پيو چوڻي پاڻيءَ سانگي ڏسجي. ڏيهي آهي. ڏکيا سکيا ڏينهن هتيئي گهاري.

(23) ڪينو

ڏيهي پکي آهي. هر مند ۾ منڇر ۾ موجود ۽ گهڻو ڪري وڏي پاڻيءَ ۾ وچ تي پيو  ترندو آهي. جڏهن اڏامندو ته سرڻ جيئن پيو لامارا ڏيندو ۽ پاڻيءَ ۾ رڳو پير پسائي وري مٿي ٿي ويندو آهي. منزلون هڻڻ ۽ طوفانن سان آمهون سامهون اڏامي مقابلي ڪرڻ ۾ ڀڙ آهي. سوين ڪوهه اڏامندو ته سهڪندو ئي ڪونه. اڃ لڳنديس ته اڏامندي ئي پاڻيءَ ۾ چهنب هڻندو پاڻيءَ ڍڪ ڀريندو ويندو. هي جڏهن ولر ڪري اڇ ڪري اڏامندو آهي ته ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. هنن ۾ ننڍا ۽ وڏا ٻه چار ذتيون ٿين. گهڻن وڏن ڪين جو ڪارو ٿئي کنڀ ميرانجهڙا چهنب ننڍي پر مٿين ڄاڙيءَ جي نوڪ ور کاڌل جيئن مٺوءَ جي ٿئي. رنگ ڳاڙهو پيٽ اڇو ٿئيس، ٽنگون ننڍيون، پير بدڪ جي پيرن وانگر ڳنڍيل پر ننڍا سهڻا، وڏي ۾ وڏو سرڻ جيڏو ۽ نمونو به اهڙوئي ٿئي. هن جا پر ابابيل جي پرن وانگر پهرين تاريخ جي چنڊ وانگر يا ڪمان وانگر گولائيءَ تي ٿين، پڇ پورو پنو يعني سرڻ جي پڇ جيتروئي، ويهندوته قد بت ۾ به سرڻ جيئن پيو لڳندو. اڏامڻ ويل سرڻ جيئن پَر جهلي روَ ۾ نه ويندو آهي، پر لاڳيتو کنڀڙاٽيون هڻندو ويندو آهي. وچولي درجي واري ڪيني جا پَر مٿان هلڪا چٽامڙا ٿين. منڇر يا درياءَ جا ماڻهو هن کي ماري ٻين پکين کي مارڻ لاءِ هن جو ڪنڌو[1] به ٺاهيندا آهن. کائيندو مڇي آهي، جيڪا اڏامندي لامارا ڏيئي پاڻيءَ مان جهليندو آهي. ٿڌ جي موسم سري ۽ وچولي ۾ رهندو آهي، پر جڏهن گهڻي ڪاڙهي جي مند اچي ته لاڙ جي پاسي وڃي پاڻيءَ جا پاسا وٺي. هن جا ساٿ سمنڊ جي پاسي ته بنهه گهڻا ٿين. سمنڊ ۾ ته ڪيترا ڪيترا ڏينهن طوفانن جي سامهون وچ ۾ اڏامي ويندوآهي ۽ اڏامڻ جو عشق پورو ڪري واپس ڪناري ڏانهن وري ايندو آهي. ٻچا سمونڊ وٽ سان واريءَ تي آنا لاهي ڪندا آهن.

(24) ڪينائي

ڪيني جي بڻ مان آهي، پر قد بت ۾ ڪي ڪبوتر کان وڏيون، ڪي ڪبوتر جيڏيون ته ڪي بنهه ننڍيون. شڪل شباهت ۾ هوبهوڪيني جهڙيون. ڪن جو مٿو ڪارو، ڪن جو اڇو، چهنب ڳاڙهي، پير صفا پدمڙا، ڪن جي پنجه پري ڪاري به ٿئي. ور ور ڏئي پئي لامارا ڏيندي ۽ اڏامندي ئي پاڻيءَ ۾ رڳو چهنب هڻي مڇي جهلي قوت ڪندي. نظر هن جي به ڏاڍي تيز آهي. هن جا ولر به سون هزارن ۾ ٿين. ڪڏهن مٿي ڪنڌيءَ تي يا ٻيٽن تي ويهندي ته ڪڏهن پاڻيءَ ۾ پيٽ کوڙي پئي ترندي ۽ تڙڳندي. ڪيني وانگر هيءَ به اڏامڻ ۽ تيز هوائن سان مقابلو ڪرڻ جي ڪوڏي آهي. ذري اوڀاري پئي ويندي ته ذري لهواري. جيئن واچ وڌندي تيئن”چري ڪيئن چي: ويرون ويرون وڌ.“ سنڌوءَ جي ٻيٽن تي به اڇ ڪيو ويٺي هوندي يا اوڀاري لهواري پئي لامارا ڏيندي. ٻچا هيءَ به واريءَ تي پاڻيءَ جي وٽ سان آنا لاهي ڪندي آهي. سنڌ پنهنجو ڏاڏاڻو ۽ ناناڻو ڏيهه اٿس. هتي ڪا اوپري ۽ پرديسڻ ڪانهي.

(25) ڪانئر:

رنگ جو ڪوئلن جهڙو ڪارو، البت پيٽ ميرانجهڙو، قد بت بدڪ کان ٿورو هلڪو، پير بدڪ وانگر، چهنب ٻه انچ کن سنهي ڪاري، سئين. ڄاڙيءَ جي نوڪ ڪلوئڙي وانگر هيٺ وريل، ڳل ۽ ڳراڙو اڇو، پڇ گولائيءَ تي ڪارو پر چٽو. مڇي پڪڙڻ جو وڏو ماهر آهي.پاڻيءَ ۾ ترندو ته رڳو ڳچي ٻاهر هونديس، باقي بت پاڻيءَ ۾ اندر. ترڻ جو به اهڙو تکو ڄڻ پيرن ۾ لانچ جو پکو لڳل هجيس. پاڻيءَ ۾ اونهو ٽٻي هڻي وڃي مڇي پڪڙيندو ۽ اڌ فوٽ تائين به مڇي ور چڙهيس ته ٻه لوڏا ڏئي اڌ مئو ڪري ڳڙڪائي ويندس. مڇيءَ جو به اهڙو تکوماري آهي جو پري کان خبر پونديس ته مڇي ڪٿي گهڻي آهي ته اتي وڃي چڙهائي ڪندو. ڪٿي ڪا واهوندي هوندي ۽ وهڪري تي مڇي اوڀاري ٽپندي هوندي ته هي ٻلاڙو به اتي وڃي بُل چُٽيندو۽ ڪنڌ پيو کڄندس ۽ ٽوٻ ٽوٻان لايو بيٺو هوندو. ڍو ٿيندس ته ڪنڌيءَ تي يا ڪنهن وچ تي ٻيٽاريءَ تي ويهي پاڻ سڪائيندو. لڳي ويامي سنڌ ۾ ۽ آهي به هتي جو ڏيهي پکي. ٻچا هيءُ به وڻن جي مٿان آکيرا ٺاهي ڪري. گوشت ۾ گهڻي ڇٽ اٿس، تنهنڪري ماڻهو ڪونه مارينس. پر ويلي وقت سان سنڌو درياءَ جا ماڻهو هن جو به ڳنڌڻ ڪندا آهن.

(26) کنڀو

ڪانئري جي ذات مان آهي، پر گهڻو زبرو ٿئي. رنگ ۽ نمونو هوبهو ڪانئري جهڙو ۽ ڪنڌا، پر نڙي اڇي ٿئيس ۽ ٽنگن جا سنڌن وٽان کڇ اڇا ٿينس، اکيون سايون ۽ سهڻيون، ڪم به ساڳيا، هن جا ولر گهڻا گهٽ ٿين ۽ هر هنڌ به نه هوندو آهي، گهڻو ڪري منڇر ۽ ٻين وڏين ڍنڍن ۾ يا سنڌو درياءَ تي جتي ڪنڊ ڪوڇي ۾ ڪارو پاڻي هجي اتي ٿئي. لڙاٽي پاڻيءَ ۾ نه ڪانئرو۽ نه کنڀولڀي، ڇو ته لڙ ۾ ڪجهه نظر ئي ڪونه اچيس. شڪار هيءُ به ڪانئري وانگر ٽٻي هڻي ڪري، سڻڀو ۽ سوکو گهڻو ٿئي، تنهنڪري پاڻيءَ کان نڪتي ٿوري اس لڳيس ته وات پٽي ڄڀ ڪڍي ۽ پر لاڙي پيو سهڪندو، اونهاري ۾ ڪاڙهو تپائيس ته لاڙ منهن ڪيووڃي. سري يا وچولي ۾ هن جا ٻچا ڪنهن ڪونه ڏٺا آهن، ممڪن آهي ته لاڙ ۾ ڪنهن ٻيلي جي ڀر لڳندو ويامندو هجي. سنڌ جو ڏيهي پکي آهي، پاڻيءَ ڀر رهندڙ هرڪو ڄاڻيس سڃاڻيس، گوشت گهڻو ککو اٿس پر تڏهن به منڇر ۽ درياءَ وارا کائينس.

(27) ڪڪڙو

ڪانئري ۽ کنڀي جي ذات مان آهي ۽ شڪل شباهت ۽ رنگ وغيره ۾ به ڪانئري ۽ کنڀي جهڙو ئي ٿئي. قد بت ۾ ڪانئري کان ڳرو ۽ کنڀي کان چڱو هلڪو آهه، رنگ مٿان ڪڪو ٿئيس، ڳراڙو۽ ڳل اڇا، گهمي ڦري ڪانئرن ۽ کنڀن جي ولرن سان ۽ ڪرت ۽ ڪار به ساڳي ڪري. پنهنجي ذات وارن ۾ چڱوئي سهڻو ٿئي، جيئن ”انڌن ۾ ڪاڻو“ کنڀي وانگر هن جا ولر به هر پاڻيءَ واري هنڌ ڪونه ٿين، جتي راهو هنڌ هوندو ۽ ڪاري پاڻيءَ ۾ مڇي جام هوندي، اتيئي ڪر کنيو پيو ترندو ۽ ٽٻيون هڻي مڇي ماريندو. منڇر وارا رُکائي ۾ هن جو به ٻوڙ ڪن، پر مارو اٿس مڇيءَ تي، سو گوشت مان کک جي ڇٽ کپيو وڃي. پر لاچار رهو پاڻي ڪنس، ٻچا هيءُ به ٻيلن ۾ دٻن جي وٽ سان وڻن تي ڪري.

(28) سري

نه اوڙي جي نه پاڙي جي، نه ساٿ جي نه سڳر جي، اويل نه سويل پئي پاڻي ولوڙيندي ۽ مڇي ماري کائيندي. اهڙو ٽوٻو پکي ڪو ورلي هوندو، ساهي ايڏي ڊگهي اٿس جو سمجهبو ته هيٺ وڃي ڪنهن دڙي يا ڍنگر ۾ ڦاٽي ۽ دم نڪري ويس، پر ڏسبو ته سوين پرهه پنڌ هڻي وڃي ڪٿان جوڪٿي نڪتي آهي. مڇي جهلي ٻاهر ايندي ته جهٽڪو ڏياري مٿي اڇلينديس ۽ وري چهنب سان جهٽي وٺنديس ۽ اهڙيءَ طرح ٻه چار گهمرا سٽون چاڙهي ماري پوءِ ڳڙڪائي وينديس ۽ مڇي اڇلڻ ۽ جهپڻ جوواه جوڏانءُ اٿس.

ڪانئري، کنڀي ۽ ڪڪڙي جي ويجهي مائٽياڻي آهي، رنگ روپ ۾ به ذات وارن جهڙي، پر ڳچي ڏيڍ فوٽ کن ڊگهي ۽ سنهي اٿس، تنهنڪري انهن مڙني کان سونهن ۾ سرس ۽ سوائي ٿئي. بت ۾ ڪڪڙي کان ٿوري ڳري ۽ کنڀي کان هلڪي آهي. ترندي ته پٺا به پاڻيءَ ۾ اندر هوندس. گهڻوڪري ويجهي ڇڪ ۾ ٽٻيون هڻندي وڌندي ويندي، جيسين ڪا اڏامڻ جي خاص ضرورت محسوس نه ٿئيس.

ايڏا وڏا ولر هن جا به ڪونه ٿين، پر ته به ويهارو ٽيهارو کن ولر ۾ ٿئيس. هونءَ به ڪانئري، کنڀي ۽ ڪڪڙي سان گڏ به وتندي گهمتاريون ڏيندي، شڪار ڪندي. هنن کان شڪار جهلڻ ۾ به تيز آهي. سنڌ ۾ سدائين رهي ۽ ڪانئري ۽ ڪڪڙي وانگر ٻچا به گهاٽي جهنگ يا ٻيلي ۾ دُٻن جي ڪپ سان وڻن تي آکيرا ٺاهي ڪري. سنڌوءَ تي رهندڙ پکين جا خاص ماري هن کي به ڪنڌي سان شڪار ڪري ٻوڙ ڪندا آهن، پر گوشت هن جو به ڇٽارو ٿئي، تنهنڪري شوق سان شڪار هن جو به ڪونه ڪن.

(29) ڪونج

پرين جي پيامبر ۽ پانڌيئڙو، سدا سهڻي، جهڙي ماڙيءَ ۾ مومل. ڪر مٿي کڻي بيهندي ته قد ٽي ساڍا ٽي فوٽ کن ٿيندس. چهنب ٽي انچ کن ڊگهي نوڪدار سنهڙي ڳاڙهسري، اکيون چيرايون ڪجليون ڪاريون، مٿي تي پويان وينگس واريون اڇيون ڪاريون چوٽيون، جنهن کي جُتَ چون.اکين کان ڪنن ڏانهن اڇا پٽا. ڳچي نڙيءَ کان اُرهه تائين ڪارسري. اُرهه تي به ڪارسرا چونرا لڙڪيل ٿينس. پٺيءَ تي سرمائي پشم جهڙا نازڪ چونرا. ٽنگون سنهيون، ڳاڙهسريون ٻه فوٽ کن ڊگهيون. پير ننڍا پدمڙا ڳاڙهسرا. بدن چمڪندڙ خاڪي ڪبوترائون. پنج پري ڪاري. سنڌ ۾ ڪنهن ناريءَ جي سونهن جي وڌي چڙهي ساراهه ڪندا ته چوندا ته فلاڻي اهڙي سهڻي آهي جهڙي ”ڪونج“. بس جهڙي آهي سهڻي. اهڙائي اٿس لڇڻ سهڻا. هن جي دانهن ۾ اهڙو سوز آهي جوجيڪڏهن ڪنهن جا مٺا پيارا رُٺل يا وڇڙيل هوندا ۽ سرءُ ۾ ڪونج مٿان اچي ڪرڪي ته هِنيون جهڄي پوندو۽ ڳوڙها ڳڙي پوندا. هيءَ مُٺي به اهڙي محبت جي ماريل آهي، جو ايندي ته رڙندي ايندي ۽ ويندي ته رڙندي ويندي. ولر کان وڇڙي ته محشر مچائي ڏيندي. وتبي سٽبي، ڪِرندي ڪَرڪَندي، ”ڪُر ڪُر“ ڪندي رهندي ۽ جتان وڇڙي هوندي، وارا ڏيو پئي اتي لهندي ۽ هِنيون ڦاڙيو پئي دانهون ڪندي. ساٿ ۽ سڳر ڇڏڻ ته بس موران نه سکي آهي. مار ۾ ته مشڪل سان اچي پر جي فضا سان ڪنهن هڪڙي کي ڪنهن ماريءَ ماري وڌو ته سڀئي اچي مٿانئس سر ڏينديون. مرندي مري وينديون، سڄو ساٿ لٽجي ويندن، پر سنگت ڇڏي واپس وڃڻ جي وائي ئي نه وارينديون. هن جو اهو حال ڏسي سڀ ڪنهن جي اها وائي وات هوندي ته بس صفا اٻوجهه اوڳو پکي آهي، پر يار! نينهن نڀائي ڄاڻي ۽ پرت پڄائي ڄاڻي!

اڏامندي آهي ته گهڻو مٿي چڙهي ٻه لامون ٺاهي وي(V) جو نمونو ٺاهي اڏامندي آهي ۽ ڳچ ڳپل پنڌ کان پوءِ گهيرو ٺاهي ڦيرو ڪندي آهي ۽ مٿي چڙهندي يا لهندي ڪرڪندي رهندي آهي. ڪيتري ئي مٿي ڇونه هجي، پر سندس آواز زمين وارن جي ڪنن تي ضرور پوندو.

سنڌ سان پراڻو پيار اٿس ۽ هر سال پنهنجي ٻاجهاري ٻوليءَ سان اچيو سنڌ کي سلام چوي ۽ پراڻا پيار ياد ڏياري. سياري جا چند مهينا سنڌ ۾ رهي، مارچ ڌاري پنهنجي ماڳ موٽيو وڃي، پر ويندي به ستل سور جاڳايو وڃي.

ترڪستان، اوڀر سائبيريا ۽ مانشوريا (Manchuria) ۾ لڳي، ويامي وڃيو پنهنجي ماڳ مئي ۽ جون جي مهينن ۾.

(باقي آئنده)

ڪئپٽن ڊاڪٽر محمد زمان شيخ

سنڌ ۾ طب- صدين جي آئيني ۾

]مهراڻ 1-2/1980ع، ص 243 سان لاڳاپيل[

جيستائين سنڌ ۾ طب جي تاريخ جو لاڳاپو آهي ته اها ٻين تهذيبي ۽ تمدني قدرن وانگر شروعات ۾ مبهم نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ طب جي وجود ۾ اچڻ جا ڪجهه چٽا شروعاتي اهڃاڻ موئن جي دڙي جي تاريخي کنڊرن مان ظاهر ٿين ٿا. دنيا جي تاريخ ۽ آثار قديمه جي کنڊرن جي مطالعي کان پوءِ هر ملڪ جي تهذيب۽ تمدن بابت جيڪي حقيقتون هٿ آيون آهن، تن ۾ اهوئي قبائلي رنگ جهلڪي ٿو، جيڪو سڌريل دور کان اڳ هر هنڌ هو. ساڳي ڳالهه سنڌ جي بابت ڪري سگهجي ٿي. ظاهر آهي ته سنڌ به باقي دنيا کان الڳ ٿلڳ ڪانه رهي هوندي. طب جي شروعات هر هنڌ ساڳي هئي، چاهي اهومصر هجي، عراق هجي، هند هجي يا سنڌ.

ٻين علمن وانگر طب جي علم جي شروعات به وهمي معلومات سان ٿي ۽ تمدن جي ترقيءَ سان گڏ هن ۾ ترتيب ۽ تهذيب جي شان پيدا ٿيندي وئي. جالينوس، بقراط جي ڪتاب ”الايمان“ جي شرح ۾ طب جي شروعات لاءِ لکيو آهي ته ان لاءِ طبيبن، مورخن ۽ محققن جا ٻه گروه آهن:

(1) اهو گروه، جنهن جي راءِ ۾ طب تمام قديم آهي ۽ انسان سان گڏ ان جو وجود آيو، ڇاڪاڻ ته هي علم هر دور ۾ انسان لاءِ ضروري هو. (2) ٻيوگروه طب کي حادث قرار ڏئي ٿو. ان جا ٻه رايا آهن. پهريون ته هي فن تجربي ۽ قياس سان پيدا ٿيو. ٻيوته طب جو فن وحي الهام جو نتيجو آهي. بقراط آخري گروه سان واسطو رکندڙ هو. جالينوس به ”تفسير العهد“ ۾ ساڳي الهام جي ڳالهه ڪري ٿو. افلاطون به پنهنجي ڪتاب ”ايساستا“ ۾ اسقليبوس کي الهامي مڃي ٿو. يهودين جو خيال آهي ته هن علم کي خدا حضرت موسيٰ تي نازل فرمايو. مجوسين جو پڻ خيال آهي ته هن علم کي خدا حضرت موسيٰ تي نازل فرمايو.مجوسين جوپڻ خيال آهي ته زردشت تي جن چئن قسمن جي علمن جا ڪتاب نازل ٿيا،تن مان طب به هڪ آهي. هندو به آيورويدڪ کي وحي ۽ الهام جو سرچشمو سمجهن ٿا. (ان جو مفصل احوال باب 4 ۾ ايندو) ”صائبي“ جو رايو به اهو آهي. اهو علم سندن عبادت گاهن مان جاري ٿيو، پر ”فيلن“ ۽ ”ثاسلس“ ان علم کي انساني ڪوشش جو نتيجو سمجهن ٿا. اسلام وحي ۽ الهام کي طب ۾ نٿو مڃي، پر ابو جابر ان کي الهامي سمجهندي ڪيترا دليل ڏنا آهن ۽ موقف الدين اسعد بن الياس مطران، پنهنجي ڪتاب ”بستانالاطباد روضه اوليا“ ۾ مغربيءَ جي دليلن کي رد ڪيو آهي. ابن خلدون ان علم کي تحقيق ۽ کوجنا سان لاڳو ڪيو آهي. قرآن پاڪ ۾ جابجا قياس و نظر جو ارشاد ٿيو آهي. حضور جن ڏانهن جيڪي علاج منسوب آهن، انهن کي مستقلاً ”طِب نبوي، قرار ڏنو ويو آهي، ڇو ته حضور جنﷺ جي هڪ حديث آهي ته ”اَذُ ڪَانَ الشي مِن اَمر دُنيا فَاَنتُم اَعلمُ و اَذ ڪَانَ مِن اَمرء دِينَڪُم فَانِي“. ]يعني جڏهن دنياوي ڳالهه ٻولهه هجي ته توهان مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا، پر جڏهن ڪا ديني ڳالهه هجي ته آءٌ توهان کان بهتر ڄاڻان ٿو[

طبي ۽ ارضي تخمينا ان جي خلاف آهن ته تهذيب ۽ تمدن کان اڳ جو دور ڪو مرضن کان آجو هو. اها راءِ ظاهر ڪئي وئي آهي ته اڄ کان 16000000 سال اڳ به جراثيم موجود هئا، جڏهن ته سر آرٿرڪيٿ جي تخميني مطابق انسان ٽي لک پنجاهه هزار سالن کان هن ڌرتيءَ تي آباد آهي. انهيءَ مان روسوءَ جي پوئلڳن جوچوڻ غلط ٿو ثابت ٿئي ته سڌاري ۽ شهريت کان اڳ جو دور بيمارين کان آجو هو. ڪن کوٽي لڌل قديم جانورن جي هڏين ۾ ڳوڙهيون مليون آهن. سن 1891ع ۾ ڊاڪٽر ڊوباٽس ٽريسيل جاوا ۾ هڏيون (هڪ کوپڙي، هڪ ران جي هڏي ۽ ٽي ڏند) ڪڍيون، اهي سر آرٿرڪيٿ مطابق بن مانس (Ape Man) جون هيون، جيڪو ساڍا ٽي لک سال کن اڳ جو هو.ان جي ران جي هڏيءَ ۾ هڪ وڏي ”زاده عظيم“(هڏيءَ جو وڌي وڃڻ، جئين، گهڙ سوارن ۾ ٿيندو آهي) جو نشان ملي ٿو. آثار قديمه جي کوٽاين مان ماڻهن ۽ جانورن جون جيڪي هڏيون لڌيون ويون آهن، تن مان ڪن اڄوڪين بيمارين جي خبر پوي ٿي جهڙوڪ هڏين جي سوزش، سنڌن جي سوڄ، پٺيءَ جي سلهه، پٺي جي ڪنڊي جو وريل هجڻ وغيره. جيتوڻيڪ انهن ”ماڻهن“ جي هڏين ۾ مرضن جو نشان لڌو ويو آهي، پر پراڻي پٿر واري سڀيتا ۾ جراحيءَ جو ڪو نشان ڪونه مليو آهي.

ان کان پوءِ اٽڪل 9000 سال ق.م. اوڀر ۾ نئين پٿر واري سڀيتا جي شروعات ٿي. اتر اولهه يورپ ۾ وري اها 2000 سال ق.م. تائين هلي، جنهن کان پوءِ ڪانسيءَ جي دور (Bronze Age) جو آغاز ٿيو. نئين پٿر واري دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڍ ڪٽ جي آپريشن جي وجود ۾ اچڻ جي خبر پوي ٿي. اهو آپريشن هوکوپڙيءَ ۾ سوراخ ڪرڻ،جيڪو گهڻو ڪري گول هو. ڪنهن ڪنهن کوپڙيءَ ۾ اهوچورس به هو. ان جي ماپ سئيءَ جي سوراخ کان ٻن انچن تائين ماپي ويئي آهي. اهي مرد، عورتن ۽ ٻارن ٽنهي جي کوپڙين ۾ لڌا ويا آهن. هڪ ئي کوپڙيءَ ۾ ڪيترائي سوراخ پڻ هئا. اهي سوراخ انهن سوراخن کان سواءِ هئا، جيڪي عام کوپڙين ۾ هوندا آهن. اهو آپريشن آخر ڇو ڪيو ويندو هو؟ سرجن اڄ تائين اهڙو آپريشن ڪندا آهن. اهو انهن مريضن تي ڪيو ويندو آهي جن جي کوپڙي ڪنهن حادثي ۾ ڀڄي پئي يا جيڪڏهن ڪن سببن ڪري دماغ جو دٻاءُ وڌي وڃي. هاڻي انهن قديم کوپڙين مان ڪي چند ئي آهن، جن جي هڏي ڀڳل هجي، ان ڪري ضرور ڪي ٻيا سبب هوندا، جن جي ڪري کوپڙيءَ ۾ سوراخ ڪيا ويندا هوندا. دراصل ان دور جي حياتيءَ ۾ جادو ۽ منترن جو مکيه حصو هو. ڪي دماغي ۽ نفسياتي بيماريون وري جنن ۽ ڀوتن ڏانهن منسوب ڪيون وينديون هونديون. اهڙو اعتقاد اڄ تائين اسانجي ٻهراڙين ۾ موجود آهي. انهيءَ وقت جا جراح ضرور چاهيندا هوندا ته اهو جن يا ڀوت ٻاهر ڪڍجي، جنهن جي لاءِ اهو سوراخ ڪيو ويندو هوندو. ٻيو سبب هي ٿو ڏسجي ته مرگيءَ جي هڪ قسم ۾ کوپڙيءَ جي هڪ ميخ جي ڪري جيڪا دماغ تي داٻ وجهندي آهي، دماغي دورا پوندا آهن. هاڻي جيڪڏهن ان کوپڙيءَ جي حصي کي اتان ڪڍي ڇڏجي ته دورا پوڻ بند ٿي ويندا. ٿي سگهي ٿوته انهيءَ وقت ۾ ڪنهن مريض سان ائين ٿيو هجي ۽ پوءِ اهڙو علاج هر قسم جي دماغي بيمارين لاءِ اختيار ڪيو ويو هجي.ان آپريشن جو ٽيون سبب هي ٿي سگهي ٿو ته نئين پٿر واري سڀيتا ۾ ڪي ماڻهو کوپڙيءَ مان نڪتل گول هڏا اڇليندا نه هئا، ڇو ته اهي ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر ٻڌل هئا. ٿي سگهي ٿو ته دنيا جو ”پهريون آپريشن“ علاج لاءِ نه پر احتياطي اُپاءَ طور ڪيو ويندو هجي.

غرض ته انساني ارتقا جي تاريخ، جيڪا عالمن ۽ آثار قديمه جي ماهرن بيان ڪئي آهي، سا ٻڌائي ٿي ته لکين سال اڳ جڏهن انسان تي اڃا علم ۽ شعور جو سج طلوع نه ٿيو هو، انسان اونداهين غارن ۽ گهاٽن جهنگن ۾ جانورن سان گڏ انگن اگهاڙو ۽ پيٽ بکيو هو، تڏهن سندس غلط سلط سوچ، اڻ گهڙيل ۽ منتشر جذبا، سمجهه ۽ پروڙ جا هلڪا تڙڪا کيس مجبور ڪندا هئا ته هو موسم جي انتها ۽ ان کان پيدا ٿيندڙ مرضن جي لاءِ نماڻين نگاهن ۾ پيدا ٿيل سوال کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪن. سمجهيو وڃي ٿوته اول جڏهن انسان تي مرض حملو ڪيو هوندوته سُور جي ڪري عجيب ۽ غريب ڪيفيت ۽ مصيبت سان واسطو پيو هوندس. هو ڏينهن جو سورج ديوتا ۽ رات جو چنڊ تارن جي سامهون سر بسجود ٿيو هوندو۽ پنهنجي ڪيل (يا نه ڪيل) گناهن جي معافي ورتي هوندائين. اڳ هُو جنهن به شيءَ کي غير معمولي سمجهندا هئا، ان کي پوڄڻ شروع ڪندا هئا، پوءِ جڏهن هن جي درد ۾ آرام آيو هوندو ته انهن جو اعتقاد ٿي ويو هوندو ته اهي ئي سندن مسيحا آهن. جڏهن کان مرض جي تڪليف پيدا ٿي، تڏهن کان خبيث روحن ۽ جادوءَ جو تخيل پيدا ٿيو ۽ پوءِ جادوءَ ذريعي علاج شروع ٿيو. ڪاهنن ۽ مذهبي پيشوائن کان دم جهاڙ ڪرائي ويندي هوندي. آڳاٽي زماني جي وحشي قومن مرضن جي سببن کي هيٺين چئن حصن ۾ ورهايو:

(1)    جنن ۽ ڀوتن ۽ مافوق الفطرت (غئبات) جي اثر سبب

(2)    جادو

(3)    خبيث مڙده روحن جي اثرن کان

(4)    ديوتائن جي ناراضگيءَ کان


[1] ڪنڌو- ڪوبه پکي ماري هن جي کل پيٽ کان چير ڏئي جتن سان لاهيندا آهن، جيئن ڳچي، پَر ۽ ڪوبه حصو خراب نه ٿئيس. پوءِ ڪاٺ جو هڪڙو ڳچيءَ ۽ مٿي سميت پکيءَ جهڙو پڃرو ٺاهيندا آهن ۽ وچ ۾ مٿي وجهڻ لاءِ خال ڪندا اٿس ۽ منهن کان اکين لاءِ ٽنگ به ڇڏيندا اٿس، پوءِ پکيءَ جي کل ان تي چاڙهي پکي ٺاهيندا آهن ۽اهو هوبهو پکي لڳندو آهي. ماري پوءِ جتي پکي لهندا آهن ته اهو مٿي ۾ پائي پاڻيءَ ۾ گهڙي آهستي آهستي پکين ڏانهن ويندا آهن، ۽ ان کي پاڻيءَ ۾ به اهڙيون گهمتاريون ڏيندا ويندا آهن ڄڻ ڪو پکي ترندو وتي ۽ اهڙيءَ طرح يا هٿ سان يا بندوق سان يا اوائلي دور ۾سيڱ گز سان پکي ماريندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com