سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :7

وقت تير بڻجي، ڪمان جي گرفت مان نڪري ويو. هن جي شادي ٿي وئي. پُٽ به ڄايس. ڪلارڪي مليس. جوڻس ساندهه بيمار رهڻ لڳي. ساهه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي محسوس ڪيائين.

اقبال زندگيءَ جي بيٺل ڦيري کان گهٻرائجي، ڪلارڪي ڇڏي، سکر کان ڪراچيءَ هليو آيو. هڪ پرائيويٽ اداري ۾ سٺي پگهار تي نوڪري مليس. انگريزي سکڻ جو شوق، کيس آمريڪن سينٽر ڇڪي آيو؛ جتي ماضيءَ جي ورجاءَ لاءِ زرينا خوابن جي دنيا مان نڪري اچي آڏو بيٺي هُئس.

مغرب جي وات ۾ ڦاٿل سج آخري هڏڪين ۾ هو. سندس آخري ڪرڻا فريئر هال جي مُناري واري چوٽيءَ تي بيٺل بادنما ڪڪڙ تي پئجي، چئوطرف ڦهلجي ٿي ويا.

اقبال هن جي منهن ۾ چتائي ڏٺو. پڇيائين: ”تون ڪيئن آهين زرينا؟“

”جيئري آهيان“.

”تنهنجو مڙس؟“

”آخري هڏڪين ۾“.

”هو ڪير آهي؟“

”شهر جو وڏو سيٺ-پوڙهو غفور“.

اقبال لرزي ويو.

”ڇا تو اِها شادي پنهنجي مرضيءَ سان ڪئي“؟

”اَبي-امڙ جي رضا سان. کين ٽي هزار هر ماهه ملندا آهن“.

”تون ايتري بي حس ڇو آهين زرينا“؟

”حساس هئڻ سبب“.

”تون بزدل آهين-ڪائوورڊ“!

”لفظ ”جيئڻ“ ٻڌو اٿئي اقبال؟“ زرينا پڇيو.

”هائو“.

”سمجهي سگهيو آهين اِن لفظ کي“؟

”تنهنجي حالت ڏسي“. صبر جي واڳ اقبال جي هٿان ڇڏائجي ويئي.

”ڇا پنهنجي حال تي شرمسار آهين“؟

”بيشڪ“.

”تنهنجو پيار بابت ڇا نظريو آهي“؟ زرينا پڇيو ۽ محسوس ڪيائين، ته پنج سال اڳ به هن اقبال سان ان مسئلي تي ڳالهايو هو، ۽ پڪ هيس، ته اقبال جو جواب اڄ به ساڳيو ئي هوندو. کيس خبر هئي ته اقبال بيحد جذباتي آهي. اظهار هن جي ڪمزوري آهي. پر زرينا ڇا ٿي محسوس ڪيو، سو چپڙن جي ڪنارن تي پهچڻ کان اڳ ئي هڪ ٿڌي ۽ ڊگهي ساهه جي صورت وٺي اقبال جي روح کي ڇُهڻ بنا چئوطرف ڦهلجي ويو.

”اُهو پيار ئي ڇا، جنهن ۾ ميلاپ نه هجي!“

”ميلاپ مان مراد؟“

”شادي، وصال، وهانءُ، سنجوڳ!“

”ڀلا شاديءَ جي انتها؟“

”طلاق!“

”۽ طلاق جي انتها؟“

”شادي!“

”پوءِ ڪهڙو فرق آهي ٻنهي لفظن ۾؟“

اقبال منجهي پيو.

هوءَ اُٿي بيٺي. چيائين: ”مونکي اسپتال وڃڻو آهي، هُن جو حال پڇڻ.“

”زرينا!“ ڄڻ هن جو نالو اقبال جي وات مان نه، پر اکين مان نڪتو هجي.

”اقبال!“ هن چيو: ”تون به گهر وڃ. ٿي سگهي ٿو تنهنجي زال جو ساهه ٻوساٽبو هجي سندس اکيون ٽنگيل هجن تنهنجي اوسيئڙي ۾.“

۽ هوءَ هلي وئي.

اقبال پئليس سئنيما جي چوواٽي تي بيهي پنهنجي لاءِ ڪا واٽ چونڊڻ لڳو. سندس ڪنن ۾ حيدرآباد وڃڻ کان اڳ زرينا جي ڇڏيل خط جون ٻه سِٽون ٻُري رهيون هيون.

Neither distance nor death can separate you from me, I will be dear to you always.

رزاق مهر

جنم جَلي

هوءَ روئي رهي آهي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، ٽي ڀينر ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون آهن. هن جي مڙس جو لاش هن جي سامهون رکيو آهي، جنهن کي مري وئي چار ڪلاڪ گذري ويا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هڪ هڪ پل ۾، هوءَ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جهڙي ڪيفيت مان گذري آهي. هن ڀوڳيو آهي، هن جي اندر ۾ لوچ آهي، ڦٿڪو آهي. ازل کان هڪ روڄ آهي، جو وڌي رهيو آهي، ڪٺو ٿي رهيو آهي. هن جي روح ۾ پيل صدين کان پوسرجي ويل ڦٽ، هن جي ڪٺي ٿيل روڄ سان وڌيڪ ڪنا ٿي رهيا آهن. هوءَ چئن ڪلاڪن کان لاڳيتو رئندي رهي آهي. روئي روئي هن جي نڙي ويهجي وئي آهي. هن جي اندر جي عورت ڀڄي ڀري ڊهي پئي آهي. هن جو حال، هن جو مستقبل، ڊهي موئن جو دڙو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي اندر جي تباهه ٿيل عورت مٿان روئي رهي آهي. هن کي رئندي پورا چار ڪلاڪ گذري ويا آهن ۽ هن کي لڳي رهيو آهي، هوءَ صدين کان ائين ئي روئي رهي آهي. هر جنم ۾ صدين جا سور کڻي رئندي رهي آهي. هڪ لمحي لاءِ به هن ماٺ ناهي ڪئي ۽ هاڻي منهن تي ٻانهن ڏئي، منهن کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي ڇڏي ٿي. سندس روح جي پراڻن ڦٽن مان اٿندڙ ازلي ايذاءَ جون سٽون هن جي آواز ۾ لهي اچن ٿيون. ۽ پوءِ اوڇنگارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو، جنهن گهر جي ديوارن جا ڄڻ ته بنياد ئي لوڏي وڌا آهن.

هوءَ جنهن گهراڻي سان تعلق رکي ٿي، ان جو شمار هيٺئين درجي واري وچولي طبقي ۾ ڪري ٿو سگهجي، جت خواهشن جا شمشان گهاٽ ماڻهو پاڻ سان گڏ کڻن ٿا، جيئن جت سندر سپنن جي ڀيانڪ تعبير آهي. تاريڪ گهٽيون آهن ۽ گدلا گدلا گهر، جن ۾ رهندڙ ماڻهو انهن گهرن کان وڌيڪ گدلا آهن. جت سڄي ڏينهن جي هڻ هڻان کان پوءِ به زندگي اڻپوري آهي، بک آهي، لوساٽيل چهرن تي قبرستان جهڙي ويراني آهي. زرينا انهيءَ گهراڻي سان تعلق رکندڙ عورت آهي، جت گهر جو سمورو بار ڪنهن اڪيلي جيو کي ڍوئي، زندگيءَ جي ٿڪائيندڙ ڊوڙ ۾ حصو وٺڻو پوي ٿو ۽ هن جو پوڙهو پيءُ، هاڻي وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو آهي. هاڻي هو ڏاڍي تڪليف سان زندگيءَ جي انهيءَ ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهندو آهي.

هو جڏهن بوٽن جي هڪ دڪان تي هڪ سئو رپيا ماهوار پگهار تي، زندگيءَ جي گهرجن جو بار اڪيلي سر ڍوئيندو هو، تڏهن زرينا سوچيو به ڪونه هو ته سندس پيءُ جي دڪان تي آيل هڪ گراهڪ هن جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويل اونداهين کي دور ڀڄائي ڪڍندو. هن جي ذهن جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، انهيءَ خواب جي ڪا تصوير چِٽيل ڪانه هئي. هن گهڻو اڳ اهڙا خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا هئا، جو وقت جي ڀيانڪ سچائي هن کان اهڙن خوابن جو حق ڦري ورتو هو ۽ هوءَ حقيقي دنيا ۾ هلي ويئي هئي، جا بک ۽ مفلسيءَ جي ننگي دنيا هئي.

انهيءَ رات، ها اها رات، جا زرينا آڏو ائين ئي گذري ويندي هئي، ٿڪل ٿڪل، سڪرات واري ماڻهوءَ جي اُڀن اُڀن ساهن وانگر مرڻينگ حالت ۾. پر ان گهڙيءَ، ان بيجان مرڻينگ رات ۾ ڄڻ ته زندگيءَ جي بهار اچي ويئي هئي ۽ ان گهڙي دنيا جي تمام تر خوبصورتي پنهنجي ڪاري وجود سموئي، ڏاڍي نرالي، ۽ ڏاڍي وڻندڙ لڳي هئي. کيس انهيءَ رات هڪ ڪَچي گهر جي ڪوٺي ۾، ٻن پراڻين سوڙين مٿان نئين چادر وڇائي سيج ٺاهي ويئي هئي. ۽ تڏهن انهيءَ سيج مٿان دل جي تيز ڌڙڪڻ سان پورو ڪيو هئائين ان گهڙيءَ جو اوسيئڙو، تڏهن ٽڙي پيا هئس دل جي ويرانيءَ ۾ ڪيئي ڪنول. هن جي مئل خواهشن ۾ زندگيءَ جي حرارت ڊوڙي رهي هئي. مانيءَ جي، پئسي جي ڪا ڳڻتي ڪانه. رڳو هڪ ڳڻتي ۽  ”اڙي نيٺ ڪڏهن ايندي اها ٽي-وي؟“ ڏاڍي ناز ڀري انداز ۾ مڙس کان پڇندي. ۽ مڙسهنس وراڻي ڏيندو ساڳئي لهجي ۾. ”بس جاني، هاڻ رڳو هڪ ڇاپو لڳي. پوءِ عام ٽي-وي ڇا، مان توکي رنگين ٽي-وي وٺي ڏيندس. رنگين ٽي-وي!“ ان ڏينهن مڙسهنس هن اڳيان خواهشن جي ڀَري کڻي پَٽَ تي رکي هئي. سمگلنگ ٿيل ڊبل گهوڙا بوسڪي جا ٻارنهن ٿانَ هن جي آڏو پيا هئا، جي مڙسهنس ڇاپو هڻي پنهنجي حصي ۾ کڻي آيو هو. ڏينهن ٻن اندر، گهر ۾ ايندڙ نئين ٽي وي جي خوشيءَ ۾ هوءَ هر غم کان بي نياز هئي. کيس اها خبر ئي نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن ۾ هن جي خوشين جو، هن جي تمنائن جو شهر اُجڙي ويندو. کيس خبر نه هئي ته ايندڙ هڪ ڏينهن سپر ها وي ڪنٽرولنگ اسٽيشن تي، سندس مڙس ڪنهن بدحواس سمگلر جي ٽرڪ جو کاڄ بنجي ويندو.

ان ڏينهن! ها ان ڪاري ڏينهن، مڙسهنس جو لاش اڱڻ ۾ رکيل کٽ مٿان پيو هو. ۽ هوءَ انهيءَ مٿان رڙيون ڪري روئي رهي هئي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، ٽي ڀينر ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون هيون.

مڙسهنس جي موت سان گڏ، سندس زندگيءَ ۾ آيل نئين تبديلي به ختم ٿي ويئي. ڄڻ سينيما جي پَڙدي مٿان، ٽن ڪلاڪن جي ڪا فلم، هڪدم پنهنجي الميه پڄاڻيءَ کي پهتي هجي. پوءِ ساڳي ئي رڙيون ڪندڙ ويراني! هوءَ پُٺتي موٽي، زندگيءَ جي پراڻن پيچرن مٿان ڏک وستيءَ ۾ هلي آئي. هوءَ هئي، ۽ هن جي پيءُ جو پراڻو ڪَچو گهر هو. پر هن ڀيري هوءَ اڪيلي زرينا نه هئي. ڇوڪريءَ منجهان عورت بنجڻ واري لمبي سفر دوران، هٿ آيل ٻئي ٻار به ساڻ آندا هئائين ۽ هن جي گهر ۾ هئي ساڳي بک، مفلسي ۽ ڪروڌ. ڪا تبيلي ئي ڪانه. سڄي گهر ۾ رڳو هڪ شيءِ بدليل. پڻس پنجن سالن جي عرصي ۾ پوڙهائپ جي سرحدن ۾ گهڻو اڳتي نڪري ويل. گهر اڳ ۾ ئي اڻپورين خواهشن جو قتل گاهه. هڏ رت پنهنجو هوندي، هڪٻئي جا چهرا ڄڻ ڏٺئي نه وڻن. رهندو زرينا جا ٻه ٻار، پوءِ اهو ڏينهن خالي ڪونه، جڏهن ٻارن تي، مانيءَ تي، ۽ ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو نه ٿيندو هجي ۽ جهيڙي ۾ سوين مهڻا. ڦٺ لعنتون. ڄڻ مڙسهنس کي ماريندڙ اهو پٺاڻ هن جو يار هجي.

”ڏائڻ! مڙس مارائي هاڻي پيءُ جو سِر کڻندينءَ!“ جهيڙي ۾ ڏنل طعنه. نه صرف ڀينرون هردم هن سان جهيڙي لاءِ آتيون، پر ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻس به پنهنجائپ جا لِيڪا لتاڙي بلڪ غيرن جيان لڳندڙ. ڏاڍي عجيب عورت. ڪڏهن شديد مامتا واري جذبي کان مغلوب ٿي ايترو ته پيار ڏيندس، جو لڳندو هو ته اهو پيار مرڻ پڄاڻان ئي ٽٽندو ۽ ڪڏهن زندگيءَ کان بيزار ڪندڙ به اهائي ماڻس. (۽ اهو سڀ پُٺتي پيل معاشي حالتن سبب پنهنجو پاڻهي ٿي ويندڙ ڪنهن جو به انهيءَ ۾ ڪو ڏوهه نه.) گهر ۾ پنهنجن هوندي لڳندڙ غيرن وچ ۾. هڪ پڻس ئي اهڙو، جنهن وٽ هن لاءِ احساس، جو سندس مٿي تي هٿ گهمائي ڪيتري دير تائين پرچائيندورهندو هوس. باقي گهر جي ٻين ڀاتين جا ڄڻ ته احساس ئي مئل. سندس نازڪ دل تي بي رحميءَ سان، طعنن ۽ مهڻن جا سوين تِير هڻي زخمي ڪيو ويو. ۽ اهوسڀ هن جي سهپ کان ٻاهر ٿيندو ويو. بيزار ٿي پئي انهيءَ گهر مان ۽ پوءِ هڪ رات ٻن ٻارن سميت زندگيءَ جي ان ٻي رات جو اوسيئڙو پورو ڪيائين پوءِ هوءَ ٻي شاديءَ جي ونگن ۾ ٻَڌجي ويئي. ڄڻ ڪا ڦرن سوڌي مينهن ڪنهن نئين هاڏر اڳيان اچي بيٺي هجي. انهيءَ رات هن کي پنهنجو پهريون مڙس ڏاڍو ياد آيو. انهي جون ڳالهيون ياد آيس، جنهن سان گهاريا هئائين، زندگيءَ جا ارڙهن سئو ڏينهن ۽ ڪجهه لمحا.

هوءَ ساڳي ئي هنڌ، ٻن سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي ڪنوار بڻي هئي. ساڳيون ئي پهرين رات وانگر عورتون هن جي چوڌاري ميڙو لايو بيٺيون هيون ۽ هن جي ڀر ۾ ويٺل هن جا ٻئي ٻار، عورتن جي انهيءَ هل هنگامي سبب هراسجي ويا هئا. هو روئي رهيا هئا ۽ تڏهن زرينا کي ائين لڳو هو، ڄڻ هوءَ راڻي باغ اندر لوهي شيخن ۾ ڦاٿل ڪو جانور هجي.

انهيءَ رات ماءُ جي چوڻ تي ڏاڍي ڪوشش ڪيائين ته پنهنجي چهري تي نئين نويلي ڪنوار جو چهرو چنبڙائي ڇڏي، پر هوءَ ائين ڪري نه سگهي.

۽ ائين نه ڪري سگهڻ ئي هن جي زندگيءَ جي ڪتاب جو المناڪ باب بنجي ويو. سندس نئين مڙس، هر مرد جيان هن کي به رڳو زال جي روپ ۾ ڏسڻ ٿي گهريو. ان زال جي روپ ۾، جنهن جي من مندر جو ديوتا ڪو ٻيو نه، سندس مڙس هجي، پر هوءَ ٻن ٻارن لاءِ دل جا طاق بند ڪري، گهڙي کن لاءِ به هن کي ديوتا بنائي نه سگهي.

هڪ رات.

”ڇا ٿي ڪرين؟“

”ڇوري کي کير ٿي پيئاريان.“

”ڇوري کي کير ڏيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪم به ايندو اٿئي؟“ ڌڪار ڀريو آواز.

”بس اجهو آيس. رڳو ٻه منٽ.

”اوهه...“ چڙ. پوءِ سخت ڪاوڙ ۾ ڏند ڪرٽي پرتي منهن ڪيائين.

”ڪجهه گهڙين کان پوءِ هڪ کٽ تان اُٿڻ جو آواز... ۽ گهڻي دير کان پوءِ زرينا جي گهٽيل گهٽيل آواز رات جي خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو.

”مٺا.“

”هون.“

”هڪ ڳالهه چوانءِ؟“

”هڪ ڇو، ڪيئي چئه. هي جو مان سڄو ڏينهن تنهنجي ڳالهائڻ لاءِ ترسان ٿو، تنهن سان ڇا رڳو هڪ ڳالهه ڪندينءَ؟“

”ڏس مٺا، مونکي خوش رکڻو اٿئي، ته انهن معصوم ٻارن جو....“ جملي پوري ٿيڻ کان اڳ رات جي خاموشيءَ ۾ زوردار چماٽ جو آواز گونجي ويو. پوءِ ڪاوڙ. زهر جهڙو ڪسارو، ڪَڙو لهجو:

۽ هڪ عرصي کان پوءِ، هڪ ٻي رات.

”اهو ڇو ٿو رڙيون ڪري ڇورو. چپ ڪرائينس!“

”ڪلهه لاڪون بيمار آهي!“

”بيمار آهي ته پيڪن ڏانهن ڇو نٿي موڪلي ڏينس. هيءَ ڪا پڻس جي اسپتال آهي ڇا!“

اوتروئي لهجي کي ڪسارو بنائي هن به چيو، ”اها ڳالهه ڪرڻ کان اڳ اهو ڇو ٿو وسارين ته مون هيءَ شادي پنهنجي سک لاءِ نه، ٻارن جي خوشين لاءِ ڪئي آهي. سمجهئي!“

”ته ڇا تون چاهين ٿي ته اسان جي ازدواجي زندگي ڊانواڊول ٿي وڃي؟“

”آخر انهن معصومن تنهنجو ڇا بگاڙيو آهي؟ تون انهن کان ايڏي نفرت ڇو ٿو ڪرين؟ جڏهن ته هڪ پيءُ وٽ جيڪي جذبا هئڻ گهرجن، سي هاڻي تو وٽ به موجود آهن. پوءِ انهن ڳالهين جو آخر سبب“

”جيڪڏهن مان توکي سبب ٻڌائي ڇڏيان ته پوءِ ڪيتري دير ۾ ٻارن مٿان هن گهر جا در بند ڪندينءَ ٻڌاءِ؟“

”مان پهريان سبب معلوم ڪرڻ ٿي چاهيان.“

مون کي خبر نه هئي ته شاديءَ جي نالي ۾ تنهنجي ڇورن جي شيطان وانگر هر هنڌ موجودگي، منهنجي لاءِ دائمي عذاب بنجي ويندي.“

”ته ڇا مان تنهنجي ڪري گهُٽو ڏئي انهن کي ماري ڇڏيان؟ تون اهو ٿو چاهين؟“

”ڪيئن به سهي. مان انهن کي هن گهر ۾ هڪ پل لاءِ به سهي نٿو سگهان.“

۽ ٻئي ڏينهن گهر ۾ زبردست جهيڙو ٿيو. مڙسهنس اڳئين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار کي ڌرتيءَ کان چار فوٽ مٿي ڪري پوءِ زور سان هيٺ اُڇليو. ٿڏي تي ئي ڇوڪر جي ساڄي ٻانهن ڀڄي پئي. گهر ۾ رڙين جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو. رڙيون ڪوڪون- چرين جيان منهن مٿو ڪٽڻ: ”اڙي منهنجو بيمار پٽ... او ماريا... شل ڪا هن معصوم جي...“

۽ تڏهن ئي ٻنهي جي وچ ۾ طلاق ٿي وئي. پوءِ ساڳيو ئي پراڻو گهر. جت خواهشون ۽ تمنائون، محروميءَ جي مضبوط هٿن ۾ تڙپي ڦٿڪي موت جو شڪار ٿيو وڃن. هوءَ انهيءَ گهر ۾ واپس هلي آئي، جنهن سان بيزار ٿي وڃڻ جي نتيجي ۾ اڃان هڪ ٽئين ٻار جي ماءُ بڻجڻو پيو هئس، ۽ هن جي پيءُ جي گهر ۾ هئي، اهائي پٺتي پيل ملڪن جي هيٺئين درجي واري گهرن ساڻ تعلق رکندڙ اگهاڙي بک. گهر جو ساڳيو ئي نقشو. ڪجهه بدليل نه.

سياري جا ڏينهن هئا، ٽئي ٻار موسمي حملي جا شڪار. کنگهه، زڪام ۽ بخار. هڪڙي کي ٻن جي ڀيٽ ۾ سخت بخار. ۽ هوءَ بيوس، ڏاڍي مجبور. ٽن ٻارن جي پرورش هن لاءِ پيچيده مسئلو بڻجي ويل. انهن سڀني ڳالهين مڙي، حد درجي جو چيڙاڪ بڻائي ڇڏيس.

هڪ ڏينهن ته هن جي چڙ آسمان جي بلندين کي ڇهي ورتو. ڪا نئين ڳالهه ڪانه ٿي هئي. اها ئي ڳالهه جا اهڙن گهرن لاءِ ڏاڍي پراڻي هوندي آهي. ايڏي پراڻي جا روزمره جي زندگيءَ جو معمول بڻجي ويل لڳندي آهي.

ان ڏينهن هن جي ڀينرن گهر کڻي مٿي تي کنيو. ٻيو ڪجهه نه ٿيو، زرينا جي پهرين مڙس مان ڄاول وڏي پٽ، زرينا جي پيءُ لاءِ تختي تي رکيل ماني چورائي کاڌي هئي، ۽ پوءِ ته گهر جي ايوان ۾ ڄڻ قيامت لهي آئي هئي ۽ تڏهن زرينا ٻيو ڪجهه نه ڪيو، ماري ماري شموءَ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيائين. ايترو، جو هن جي ٻانهن جي هڏيءَ جو جوڙ هڪ ڀيرو وري ٽٽي پيو، ۽ پوءِ رات جي تاريڪيءَ هن جي وجود اندر انڌي مامتا واسو ڪري وئي ۽ تڏهن شموءَ کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڪيتري در تائين پيار ڪيو هئائينس. رات جي خاموشي هن جي سڏڪن جي آواز سان چيربي رهي هئي.

انهيءَ سموري عرصي ۾ زرينا لاءِ ٽي مِٽيون اچي چڪيون هيون. پر زرينا هئي، جنهن کي نفرت ٿي وئي هئي شاديءَ جي نالي کان. هڪ ڏينهن ته مِٽيءَ جو پيغام کڻي ايندڙ عورت کي الاهي ساريون گاريون ڏئي ڀڄائي ڪڍيو هئائين.

۽ ان ڏينهن، جنهن ڏينهن گهر ۾، ماني واري چوريءَ جو واقعو ٿيو هو، تنهن جي ٻئي ڏينهن، ساڳي ئي گارين کاڌل مائي، زرينا لاءِ ساڳئي ئي چاليهن کان ٽپيل مرد جي مائٽيءَ جو نياپو کڻي آئي. جنهن کي زرينا جي ماءُ زرينا جي مرضي نه هئڻ سبب وري به موٽائڻ چاهيو، پر زرينا کيس پاڻ ڏانهن سڏ ڪري مامتا جي انڌي جذبي کان مجبور ٿي پنهنجي لاءِ بڻايل اصول پاڻ ٽوڙي ڇڏيا.

۽ هن کي وري هڪ ڀيرو انهن ٻن سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر مٿان ويهڻو پيو. انهيءَ رات هن جي چهري تي، بيٺل پاڻيءَ جهڙو ٺهر مڙي ويو هو. هن پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪئي هئي. پنهنجي اصولن کي مامتا جي بندوق هٿان زخمي ڪرڻ بعد ئي، انهن ٻن سوڙين مٿان اچي ويٺي هئي.

”مان سڀ کان پهريان، هن کان ٻارن جي حقن جي ضمانت وٺنديس. هن کي ٻڌائي ڇڏينديس ته مون هيءَ شادي پنهنجي تمنائن کي دفنائي، ٻارن جي زندگيءَ لاءِ ڪئي آهي.“ ۽ تڏهن هن جي چهري تي مڙي ويل بيٺل پاڻيءَ وارو ٺهر، پاڻيءَ ۾ اڇلايل وزني پٿر کان پوءِ جي پيدا ٿيل هلچل ۾ تبديل ٿي ويو، نِرڙ ۾ گهنج پئجي ويس. اڻ ڏٺل انديشا سندس وجود کي وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي ويا. ”۽ جي هو اڳتي هلي، ٻارن کي ڪنهن به صورت ۾ گهر ۾ رهائڻ تي راضي نٿو ٿئي... ته پوءِ...؟“ ۽ اڃان هوءَ سوچن جي سوريءَ تان لٿي ئي نه هئي، جو سندس ٽيون مڙس هن جي اڳيان اچي ويٺو. شاديءَ ۾ جيتريون به رسمون ٿينديون آهن، انهيءَ جي ٽين پَتيءَ جيتريون مس پوريون ڪيون ويون. (شايد پهرين شادي نه هئڻ ڪري) بهرحال آهستي ڪوٺيءَ ۾ آيل سڀ ماڻهو ٻاهر هليا ويا. تڏهن سندس ٽيون مڙس هن جي ويجهو، اڃا به ويجهو سرڪي ويٺو.

زرينا جي ذهن ۾ سوچن جا سٽ اُلجهي پيا. بي آواز روئڻ، ۽ سوچڻ ۽ وري سوچڻ. هڪ خوف هو جنهن سندس ساهه ٿي ٻوساٽيو. اڻ تڻ، ڳوڙها هن جي وس کان ٻاهر.

هن کي روئندو ڏسي هن جي ٽين مڙس ڳالهايو، ”پنهنجن کان جدا ٿيندڙ ڇوڪريون اڄوڪي رات مائٽن کي ياد ڪري، ضرور روئنديون آهن، پر مونکي خبر آهي ته تنهنجا اهي ڳوڙها انهيءَ جدائيءَ واري احساس کان نٿا وهن. تو سان ننڍي وهيءَ ۾ جيڪو وهيو واپريو آهي، مون کي انهيءَ جو سمورو علم آهي. مون کي ايتري به خبر آهي ته تنهنجي پهرين مڙس مان ڄاول هڪ ٻار جي ٻانهن، تنهنجي ٻي مڙس ڀڃي وڌي هئي.“ کن لاءِ هو چپ ٿي ويو. ”مون کي اهي سموريون ڳالهيون پنهنجي ماسيءَ وٽان معلوم ٿيون آهن.“ هو وري ڳالهائڻ لڳو، ”جنهن جو ڪم آهي پراون گهرن ۾ وڃي ڳالهيون هٿ ڪرڻ، ۽ وري ڪنهن گهر جي ڀاتيءَ آڏو انهن ڳالهين جا دفتر کولي ڇڏڻ. هوءَ به ڏاڍي عجيب عورت آهي. سڀاڻي جڏهن تون هن گهر جو ڀاتي بنجي ويندينءَ، تڏهن هوءَ توکي بنا ڪنهن سوچڻ جي گهر جي هر فرد سان تعلق رکندڙ ڪانه ڪا داستان کولي ٻڌائي ڇڏيندي. هوءَ شايد توکي اهو به ٻڌائي ته منهنجي هي توسان ٻي شادي آهي.“

لفظ ٻي شاديءَ تي زرينا جو منهن ائين لهي ويو، جيئن ڪنهن اجنبي شهر ۾ ڪو ماڻهو، ڪنهن ڄاتل شخص جو در کڙڪائي، پردو کُلڻ تي کيس خبر پوي ته اهو ڄاتل شخص هڪ عرصي کان اهو شهر ڇڏي، ڪنهن اڻڄاتل هنڌ وڃي چڪو آهي. هن جي منهن تي ڏک ۽ اچرج جون انيڪ ليڪون اُڀري آيون. تڏهن ڳيت ڏئي اکيون ٻوٽي ڇڏيائين. شايد تبديل ٿيندڙ حالتن سان ٽڪر کائڻ جي، پاڻ ۾ همت ساري نه سگهي هئي.

زرينا جو نئون مڙس سري اڃان به هن جي ويجهو ٿي ويٺو ۽ وري ڪجهه لمحن لاءِ ڪمري ۾ گهڙي آيل خاموشيءَ کي پنهنجي هستي وڃائڻي پئي.

”پر توکي پريشان ٿيڻ نه گهرجي.“ هن چيو، ”منهنجي پهرين زال هڪ حادثي ۾ اڄ کان پنج سال اڳ مون کان وڇڙي چڪي آهي.“ هن هڪ گهرو ساهه کنيو۽ پوءِ پراڻين سوڙين مٿان وڇايل نئين چادر تي پير ڊگهيري ليٽي پيو. هن جون نظرون زرينا جي چهري ۾ کتل هيون. زرينا رواجي ڪنوار بڻي هزارها ڳالهين جا طوفان سيني ۾ سانڍي ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي. چاهيائين ته مڙس سان ڳالهائي، ساڻس ٿيل هڪ هڪ پل جي ناانصافين ۽ زيادتين جي سموري داستان کيس يڪساهيءَ ٻڌائي ڇڏي. پر روايتي ڪنوار پڻي کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو. سندس نئين مڙس هن منجهان نظرون ڪڍيون ۽ پوءِ لالٽين جي ميرانجهڙي روشني ۾ دونهاٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو.

”زرينا!“ هو پهريون ڀيرو نالو وٺي ساڻس مخاطب ٿيو. ”زرينا هي جيڪو مان تنهنجي سامهون ليٽيو پيو آهيان، تنهنجي ڳالهين کي عام ماڻهو جي ڪند ذهن جي پيداوار نه سمجهجانءِ. مان توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته مون وٽ سوچڻ جو انداز ٻين جي ڀيٽ ۾ بنهه مختلف آهي. مان چاهيان ها ته هن وقت پندرهن سالن جي ڪا نوجوان ڇوڪري تنهنجي بدران منهنجي سامهون ويٺي هجي ها ۽ اهو سڀڪجهه ممڪن به هو. ڪتابن جي اسٽال تان جيترو ڪمايان ٿو، انهن انگن اکرن کي ٿورو وڌائي ٻڌائڻو پئي ها ۽ بس. پر مونکي اهو سڀ ڪوڙهه ورتل نوجوان ڇوڪريءَ وانگر لڳندو آهي.“ هو وري چپ ٿي ويو ۽ ڪا گهڙي زرينا جي خاموش نگاهن ڏانهن گهوريندو رهيو.

”زرينا!“ هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”زرينا تون پاڻئي سوچ. هڪ ٽن ٻارن واري، جنهن پنهنجي خوبصورتي جي ٽيهن ٻٽيهن سالن ۾ ٻن مڙسن کي ماڻيو هجي، تنهن جي حصول لاءِ هڪ ماڻهو آخر ايڏي جاکوڙ ڇو ٿو ڪري. جڏهن ته انهيءَ جي مائٽي کڻي ويندڙ عورت کي، هڪ ڏينهن انهيءَ گهر مان بيعزتو ڪري ڪڍيو به ويو هجي.“ کن لاءِ هو وري چپ ٿي ويو ۽ پوءِ ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ دونهين سان ڪاراٽيل ڀت ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”هي ڪو ان بيعزتيءَ جو بدلو ڪونهي.“ هن چيو، ”مون بوڪ اسٽال تي ويهي بي جان ڪتابن ۾ زندگي ڏٺي آهي ۽ هاڻي ان زندگيءَ کي اڃان به ويجهو، اڃان به سامهون ڏسڻ ٿو چاهيان. اُٿ زرينا، پنهنجا ٽيئي ٻار اندر وٺي آءُ. اڄوڪي رات اسان انهن جي بهتر مستقبل جي نانءُ ٿا ڪري ڇڏيون.“

۽ تڏهن زرينا روايتي ڪنوار پڻو ٽوڙي، هن جي هنج ۾ منهن ڏئي، ايڏي خوشي ملڻ کان پوءِ به سڏڪا ڀري روئڻ لڳي هئي!

۽ ڪالهه جڏهن گڏجاڻي بعد، پيڪن وٽان واپس ورڻ واري هئي، تڏهن سندس سئوٽ جي ننڍڙي ڌيءَ ڪن ۾ ڪجهه چيس، ته تڏهن زرينا جي نرڙ ۾ گهنج پئجي ويا. منهن ٽامڻي هڻي ويس ۽ نِڙيءَ ۾ ڄڻ ته زهر اوتجي ويو هئس. ڪاوڙ هئي، جا رت ۾ شامل ٿي سڄي وجود ۾ ڊوڙي وئي هيس. هوءِ جنسي ٽانڊا بنجي ويئي هئي. جيستائين مڙسهنس اچي تيستائين هن جو ڪروڌ، اندروني ولوڙ ويو شدت اختيار ڪندو. وقت ڪاٽڻ ڏکيو ٿي پيس. لڳو هيس وقت ڄڻ هماليه هيٺان دٻجي، چپجي بيهي رهيو هجي. ٽي ٻار موڪلي چڪي هئي، پنهنجي مڙس ڏانهن هن جي ڪتابن جي اسٽال تي. پر هو آيو، ان ساڳي ٽائيم تي جو هن جي ڪاروباري زندگيءَ جو هڪ حصو هو ۽ هوءَ ٽن ٻارن موڪلڻ جي باوجود، مڙس جي ساڳي ٽائيم اچڻ تي، زال جي حيثيت ۾، ڪاوڙ ۽ روسامي جو حق، جو هن وٽ موجود هو، سو پاڻ وٽ محفوظ رکيائين ۽ تڙتڪڙ ۾ اهي لفظ، جن هن جي اندر جي دنيا ۾ ڀنڀٽ ٻاري ڇڏيا هئا، سي ڪڍي مڙس آڏو رکيائين. پوءِ خاموشيءَ سان مڙس جي ڳالهائڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. مڙسهنس ڪوٽ هئنگر ۾ ٽنگڻ لڳو. هن جي چهري تي اهائي ڳنڀيرتا ڇانيل هئي، جا ڏيڍ سال اڳ شادي رات نظر آئي هيس.

”زرينا!“ هن جذبات کان خالي لهجي ۾ چيو، ”زرينا، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو اشتعال محض ان لاءِ وڌي وڃي، جو هن جي طلاق مليل زال، هن جي ئي شهر ۾ ڪنهن ٻئي سان شادي ڪري، ان جي غلط ماحول طرفان مليل اصولن کي قبول نٿي ڪري، ۽ انهيءَ ڪري هو ڇتو ٿي ڌمڪين تي به لهي ٿو اچي، ته پوءِ انهيءَ مٿان سڀاڻي پوليس ۾ رپورٽ درج ڪجي. هن کي اُبتو ٽنگرائي، پادر سان هن جي پُٺي رت ۾ ڳاڙهي ڪرائي ڇڏجي. تنهنجي چوڻ تي جيڪڏهن مان ائين ڪريان ته ڇا اهو فعل پاڻ نندڻ جوڳو نه ليکبو!“ هن زرينا ڏانهن ڏٺو. جنهن جي اکين ۾ سڄي ڪائنات جي وحشت لهي آئي هئي. ”زرينا!“ هن ڳالهائڻ کان چپ نه ڪئي، ”زرينا هڪ ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن اندروني ايذاءَ کان رات جي خاموشيءَ ۾ رڙيون ٿو ڪري، ته ڇا هن کان انهن رڙين جو حق انڪري ڦري  وٺجي، جو هو ستلن جي نِنڊ ۾ خلل وجهڻ جو ذميوار آهي؟ ڇا هن کي انهيءَ ڏوهه جي سيکت، هن کان زندگي ڦري وٺڻ جي صورت ۾ ڏجي، يا اثر رسوخ ۽ پئسي جي زور تي، هن کي اڌ مئو ڪرائي ڇڏجي، ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙي ۾، مئل زندگي گهارڻ تي مجبور ڪجي. ڇا تون اهو ٿي چاهين زرينا؟“

۽ تڏهن زرينا کي پنهنجي مڙس جي باهه جهڙي انتقامي جذبي کان خالي سرد ۽ مئل سوچ مٿان دلي صدمو رسيو هو. هوءَ حد کان وڌيڪ مايوس ٿي ويئي هئي. هن سوچيو هو، ”هن جو مڙس هن کي مليل ڌمڪي جو ٻڌي، هن پل ۾ پنهنجي زندگيءَ جا بڻايل سڀ اصول ٽوڙي ڇڏيندو. ان شخص کان ڀرپور بدلو وٺندو، جنهن هن جي زال جي ماضيءَ وارن زخمن جون ڪڙيون مستبقل ۾ وري پٽڻ ٿي چاهيون“. پر مڙس طرفان جڏهن سکڻي آٿت به نه مليس ته ڏاڍي ڏکايل لهجي ۾ چيائين، ”مان جيڪو چاهيان ٿي، توهين اهو ڪرڻ نٿا چاهيو. اوهان جي اندر ۾ ڏاڍ کي ٻوڙيندڙ جي انتقامي جذبن تي اوهان جي اصولن جا بند ڏنل آهن، نٿا ڀڃي سگهو اهي بند، ته مرڻ ڏيو مون کي!“

۽ انهيءَ ڪالهوڪي رات هن پهريون ڀيرو مڙس جي زندگيءَ ۾ داخل ٿيل اصولن خلاف احتجاج ڪيو هو، ۽ هن سان ڏيڍ سال جي سڄي عرصي ۾ پهريون ڀيرو ڪاوڙجي ٽن ٻارن کي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي سمهي پئي هئي.

۽ اڄ هن جي زندگي، اجڙي ويل نمائش گهر جي خالي ميدان ۾ تبديل ٿي وئي. سامهون بوڪ اسٽال تي ويهندڙ شخص جو لاش اڱڻ ۾ رت سان وهنتو پيو آهي. صبح زرينا جي اڳئين مڙس ساڙ جي باهه ۾، چاقوءَ جا ڪيئي وار ڪيا هئس، ۽ هن جو زندگيءَ سان لاڳاپو ڇني، پاڻ ماحول طرفان مليل زندگيءَ جي وروڪڙن ۾ گم ٿي ويو هو.... تڏهن بوڪ اسٽال تي رکيل ڪيترائي ڪتاب، جن ۾ هن زندگي ڏٺي هئي، زندگيءَ جو فلسفو سمجهيو هئائين، هن جي ئي رت سان رڱجي ڳاڙها ٿي ويا هئا، ۽ هاڻي هوءَ لاش مٿان بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي. هن سان گڏ هن جي ماءُ، ٽي ڀينر ۽ پاڙي مان آيل سموريون عورتون روئي رهيون آهن. هن جي مڙس جو لاش هن جي سامهون رکيو آهي، جنهن کي مري وئي چار ڪلاڪ گذري چڪا آهن ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هڪ هڪ پل ۾، هوءَ زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جهڙي ڪيفيت مان گذري آهي. هن ڀوڳيو آهي. هن جي اندر ۾ لوڇ آهي، ڦٿڪو آهي. ازل کان هڪ روڄ آهي، جو وڌي رهيو آهي، ڪٺو ٿي رهيو آهي، هن جي روح ۾ پيل صدين جا پوسرجي ويل ڦٽ، هن جي ڪٺي ٿيل روڄ سان وڌيڪ ڪنا ٿي رهيا آهن. هوءَ چئن ڪلاڪن کان لاڳيتو رئندي رهي آهي. روئي روئي هن جي نڙي ويهجي وئي آهي. هن جي اندر جي عورت ڀڄي ڀري ڊهي پئي آهي. هن جو حال، هن جو مستقبل، ڊهي موهن جو دڙو ٿي پيو آهي. هوءَ پنهنجي اندر جي تباهه ٿيل عورت مٿان روئي رهي آهي. هن کي روئندي پورا چار ڪلاڪ گذري ويا آهن ۽ هن کي لڳي رهيو آهي، هوءَ صدين کان ائين ئي روئي رهي آهي. هر جنم ۾ صدين جا سور کڻي روئندي رهي آهي. هڪ لمحي لاءِ به هن ماٺ ناهي ڪئي ۽ هاڻي منهن تي ٻانهن ڏئي، منهن کٽ جي ٻانهينءَ تي رکي ڇڏي ٿي. سندس روح جي پراڻن ڦٽن مان اٿندڙ ازلي ايذاءَ جو سُوٽون، هن جي آواز ۾ لهي اچن ٿيون... ۽ پوءِ اوڇنگارن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو، جنهن گهر جي ديوارن جا ڄڻ ته بنياد ئي لوڏي وڌا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com