(2) بناء الاسلام
عقائدالدين تي مخدوم عليہ الرحمہ جي منظوم سنڌيءَ
۾ هڪ عمدي تصنيف ۽ عقائد جي معلومات جو بيش بها
خزانو آهي. هيءُ ڪتاب 5- ذي الحج 1143 هجري ۾ لکي
پورو ڪيائون.
سنڌ جي سڀني باشندن عوام خواهه خواص لاءِ
نهايت سليس ۽ سلوڻي زبان ۾ هيءُ ڪتاب لکيو اٿن. ڪن
مصنفن هن ڪتاب کي عربيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو شمار
ڪيو آهي، جو صحيح نه آهي. اها ڳالهه سندس ابتدائي
شعرن مان واضح ٿئي ٿي: ع(12)
جن سان درست ٿئي ايمان مومنن
سي ميڙي لکيم سنڌيءَ ۾ ڪڍي عربيا
ته مان ٿين سولا سکڻ مومنن لاءِ
لکيم تفصيل تن جو صحيح سوکائي لاءِ
عربي ۽ فارسي اوکي اٻوجهن
سنڌي ڪيم سولي ڪڍي ڪارڻ تن.
آخر ۾ هن ڪتاب جي نالي ۽ سن تاليف متعلق
هيٺين ريت چون ٿا: ع(13)
بناء الاسلام سنڌيءَ ۾ مون نالو هن رسالي جو رکيو،
مهينو هو ذوالحج جو ۽ پنجين تاريخ سدا
يارهن سئو ٽيتاليهه آهي هجري سن اهو.
اعتقاديات جي تقريباً سڀني موضوعن جو هن
ڪتاب ۾ احاطو ڪيو اٿن. وڏن وڏن عالمن ۽ فاضلن جي
هزارها تصنيفن جو هن ڪتاب ۾ نچوڙ آهي.
ڪتاب ٻن ڀاڱن تي مشتمل آهي. پهرئين باب ۾
ايمان مفصل يا هفت صفت ايمان (ايمان جي ستن صفتن)
جواپٽار آهي. فاضل مصنف ايمان جي ستن صفتن کي قرآن
مجيد جي آيات ۽ احاديث نبويﷺ جي حوالن سان ڪيترن
ننڍن عنوانن ۾ ورهائي واضح ڪيو آهي. انهن عنوان
مان هيٺيان قابل ذڪر آهن:
الله تعاليٰ جي قدرت جو بيان. الله جون خاص
ست ذاتي صفتون. الله جي صفت ڪلام. الله جي نالن جو
بيان. الله جي وعدن ۽ وعيدن جو بيان ملائڪن جو
بيان. الهامي ڪتابن مڃڻ جو بيان. حضرت عيسيٰ عليہ
السلام جي نزول جوبيان. وحي جي نازل ٿيڻ جو بيان.
جيئرن نبين جو بيان. قيامت جي ڏينهن جو بيان. موت
جو بيان. حضرت مهدي عليہ السلام جوظهور ٿيڻ دجال
لعين جو بيان. حساب جو بيان. پل صراط جو بيان.
شفاعت النبيﷺ جوبيان. بهشت جي صفت. مئي پڄاڻان
جيئري ٿيڻ جو بيان.
ٻئي باب ۾ ايمان جي ستن صفتن کان سواءِ ٻين
اعتقادي امور جوا پٽار ڪيو ويو آهي.ع(14)
باب ٻيو ڪتاب جو سڻو سٻاجها
جنهن ۾ مسئلا اعتقاد جا آهن سي لکيا.
ڪنان ستن صفتن ايمان جي آهين جي سوا
سڻو دل جي ڪنن سان تن جو بيان
انهن اعتقادات ۾ پهريائين توحيد- رسالت- صلوات-
زڪوات- حج جو مختصر ذڪر ڪري لوح قلم جي وصف بيان
ڪئي اٿن. انهن امور کان پوءِ هيٺيان عنوان قابل
ذڪر آهن:
1 بيت المعمور، 2 سدرہ المنتهي، 3 ميشاق، 4
ڪراماً ڪاتبين 5 معراج النبيﷺ 6 حسن و قبح 7 اجل
جو بيان 8 رزاق جو بيان 9 رب جي فضل جوبيان 10
ڪبيرن ۽ صغيرن گناهن جو بيان 11 عذاب ۽ رحمت جو
بيان.
اڳتي هلي ايمان جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏني اٿن. 1 نيڪي
ڪرڻ سان ٻيون ڇڻن ٿيون. 2 شقي ۽ سعيد جو بيان 3
ولين جي ڪرامتن جو بيان. 4 اصحابن سڳورن جو بيان.
5 چار يار رضوان الله عليهم. 6 اهل بيت عليهم
السلام. 7 تابعي قلم ۽ تپع تابعي. 8 هن اُمت جي
فضيلت. 9 مومن عورتن جي ڀلائي ۽ فضيلت. 10 حضرت
محمدﷺ کي خواب ۾ ڏسڻ. 11 خالق کي خواب ۾ ڏسڻ. 12
چڱي ۽ مٺي ڪم جي جزا جو بيان.
هيءُ ڪتاب ڪيترا دفعا بمبئي ۾ ڇپيو، جن مان
پهريون دفعو قاضي عبدالڪريم بن قاضي نور محمد ساڪن
پلبندر پنهنجي اهتمام سان مطبع گلزار حسين بمبئي ۾
سنه 1903ع ۾ ڇاپايو.
محترم محمد يوسف ابڙي نصرپوري موجوده
صورتخطي ۾ آندو ۽ محترم احمد خان ابڙي فردوس
پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ٽي دفعا شايع ڪرايو، جن
مان آخري دفعو 1970ع ۾ ڇپيو آهي. ڊيمي سائيز صفحا
272.
تازو فقير محمد ڪنڀار موجوده صورتخطي ۾
آندو ۽ ميان عبدالحسين وينجهر ٺٽوي پنهنجي خرچ سان
وفائي پرنٽنگ پريس پاڪستان چوڪ ڪراچي مان 1975ع ۾
شايع ڪرايو. ڪرائون سائيز صفحا 132.
(3) اصلاح مقدمہ الصلواہ
شيخ ابوالحسن ٺٽوي (م 1128هه نماز تي هڪ
بهترين تصنيف مقدمہ الصلواہ جي نالي سان منظوم
سنڌيءَ ۾ لکي جا سنڌي صورتخطيءَ ۾ پهريون ڪتاب
شمار ٿئي ٿي. اهو ڪتاب سن 1115 هجري ۾ لکي پورو
ڪيائين ۽ عام طرح سان ”مخدوم ابوالحسن جي سنڌي“ جي
نالي سان مشهور آهي. فاضل مصنف کان ان ۾ ڪي غلطيون
ٿيون آهن. ان جي اصلاح ۾ اسان جي مصنف (مخدوم محمد
هاشم رحه) هڪ ڪتاب فارسيءَ ۾ تحرير ڪيو. اڳتي هلي
ان ڪتاب جو سنڌي زبان ۾ مختصر منظوم ترجمو ڪيائون.
هن ڪتاب جي تمهيد ۾ مخدوم صاحب، شيخ
ابوالحسن جي علم و فضل جو اعتراف به ڪيو آهي، ليڪن
ان سان گڏ اهو به ٻڌائي ٿو ته ڪيترن هنڌن تي شيخ
موصوف کان غلطيون ٿيون آهن ۽ حديث نبويﷺ آهي ته سچ
کي ڪڏهن به نه لڪائجي. جيڪڏهن سچ ۽ حقيقت کي لڪايو
ويو ته عوام الناس غلط عقائد ۽ اعمال جا مرتڪب
ٿيندا. ازانسواءِ کيس ڪيترن دوستن به مجبور ڪيو ته
”مقدمہ الصلواہ“ جي غلطين جي اصلاح ڪئي وڃي. ان
ڪري پاڻ ان نيڪ ڪم لاءِ قلم کنيائون ۽ مذڪور ڪتاب
تيار ڪيائون.(15)
شيخ ابوالحسن رحه جي ڪيترن دوستن، مداحن ۽
شاگردن کي اها ڳالهه پسند نه آئي. بالخصوص مخدوم
محمد قائم (م 1157هه)(16)، جنهن اسان جي مصنف جي
ڪتاب ”اصلاح مقدمہ الصلواہ“ جي رد ۾ هڪ ڪتاب الرد
علي الصلاح مقدمہ الصلواہ نالي لکيو.(17)
اسان جي مصنف، مخدوم محمد قائم جي ڪتاب جي
رد ۾ هڪ ڪتاب ”حمل السلاح علي معانہ الاصلاح(18)
نالي لکي موخرالذڪر عالم کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
(اصلاح مقدمہ الصلوہ، مخدوم محمد قائم جي رد ۾
مخدوم صاحب جي ڪتاب حمل السلاح جو مفصل جائزو.
انشاء الله ڪنهن ٻي ڪچهري ۾ ڪنداسون.
مخدوم محمد هاشم رحه جو غالباً اهو به
ارادو هو ته مقدمہ الصلواہ جي بدران فقہ تي سندن
عربيءَ ۾ تصنف فرائض الاسلام جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
ڪري ان وقت جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ليڪن شيخ
ابوالحسن مرحوم جي شاگردن ۽ عقيدتمندن جي ناراضگي
کي ملحوظ رکندي فرائض الاسلام کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ
جو خيال ترڪ ڪيائون ۽ ”مقدمہ الصلواہ“ کي ضروري
درستين کانپوءِ اڳي وانگر نصاب ۾ شامل رهڻ قبول
ڪيائون. پنهنجي طرفان اهي درستيون (اصلاح مقدمه
الصلواه اصل ڪتاب (مقدمه الصلواه) جي حاشيي تي
قلمبند ڪري طالبن کي انهن درستين جي روشني ۾
مطالعي ڪرڻ جي تلقين ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو
سندن اهو اصلاحي ڪتاب (اصلاح مقدمہ) الڳ ڇپيل ڪونه
ٿو ملي ۽ سندن اهي درستيون مذڪور ”ابوالحسن جي
سنڌي“ جي حاشيي تي بمبئي ۽ سنڌ جي پريسن مان وقت
بوقت شايع ٿينديون رهيون آهن.
هت اسان هڪ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ٿا چاهيون.
ڪن تذڪره نگارن مخدوم عليہ الرحمہ جي مٿي ذڪر ڪيل
عربي ڪتاب ”فرائض الاسلام“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو
مخدوم صاحب ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جا ڳالهه صحيح نه
آهي. دراصل مخدوم صاحب جو ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمي
ڪرڻ جو خيال ضرور هو؛ ليڪن مٿي ذڪر ڪيل حالات کي
مدنظر رکندي اهو خيال ترڪ ڪيائون. سندس وفات کان
پوءِ ٻن عالمن فرائض السلام جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو
آهي. (1) علي بن حافظ رحه جنهن جو ترجمو 1177هه ۾
مڪمل ٿيو.(2) مخدوم عليہ الرحمہ جي لائق فرزند
مخدوم عبداللطيف جو ترجمو.
(4) زاد الفقير
مخدوم صاحب روزي جي احڪام ۽ مسائل تي هڪ ضخيم ڪتاب
پهريائين عربيءَ ۾ تحرير ڪيو جو مظهر الانوار جي
نالي سان مشهور آهي. ڪجهه وقت کان پوءِ محسوس
ڪيائون ته ڪيترا ماڻهو سندس تحرير مان ڪوبه لاڀ
پرائي نه سگهندا، ان ڪري هن ڪتاب جو نالو ”حيات
الصائمين“ ۽ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب جو نالو ”زاد
الفقير“ رکيائون، جنهن حقيقت جو اظهار ”زاد
الفقير“ ۾ هيٺين ريت ڪيو اٿن.ع (19)
1. عربي اڄاڻن کي گهڻي ڏهکي هوءِ
سنڌي ڪيم سهکي جان سکي سڀو ڪوءِ
ته مان مومن پڙهي ياد ڪن
جيڪي آهن ان ۾ سي مسئلا ياد ڪن
کڻي هٿ هاشم کي مان ڪڏهن دعا ڪن
مانَ مرهي ڏوهه، ڏيهه ڌڻي ڏسي ڏوهارين.
2. لکيم رسالو روزن جو ڪري محنتا (20)
ميڙيم مسئلا تن جا ڪري وس وڏا
”زاد الفقير“ سنڌي رکيم تنهن جو نانءُ
رحمت ڏنہ رحمان جي آهيم اميدا.
ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان
جي محقق عالم ڪيترن ئي ڪتابن مان استفاده ڪري هيءُ
ڪتاب تحرير ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل مصنف ڪيترائي
مسئلا جمع ڪيا آهن، جن مان ٿورا پيش ڪجن ٿا.
1. چنڊ ڏسڻ جو حڪم.
2. رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي شهادت.
3. عادل جي وصف.
4. عيد جي چنڊ جي شهادت.
5. مطالع جو اختلاف.
6. سحري کائڻ بابت.
7. شڪ جو روزو ڇا آهي.
8. سرمي ۽ تيل وجهڻ جو روزي تي اثر.
9. روزي جي فديي جي مقدار متعلق.
10. ڪفاري جي ادائگي.
11. پاڻيءَ ۾ ٽٻي هڻڻ جو روزي تي اثر.
بهرحال اسان جي هن جيد عالم ڪتاب ۾ سڀ فقهي
احڪام جمع ڪيا آهن ۽ هر حڪم جي سهڻي وضاحت ڪئي
آهي.
هن ڪتاب جي روزي متعلق لکيل ٻين عالمن جي
ڪتابن کان وڏي اهميت آهي، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي هڪ
چوٽيءَ جي عالم ۽ ماهر فقيہ علم فهم سنڌي سلوڻي
زبان ۾ لکيو آهي.
تاليف جي تاريخ: مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب
رمصان مبارڪ 1125 ۾ لکي ختم ڪيو.ع(21)
ورهيه جا هجرت جا تنهن ڏينهن ليکيام
تان اڪاره سو پنجيهه هئا رمضان جا ايام
نسخو هن ناقص جو جڏهن ٿيو تمام.
هيءُ ڪتاب بمبئي، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان وقت
بوقت شايع ٿيندو رهيو آهي:
(1) مطبع ڪريمي، بمبئي.
(2) مطبع فيض رحماني، جهونا مارڪيٽ ڪراچي.
(3) سيد مٺڻ شاهه، تاجر ڪتب، فقير جو پڙ،
حيدرآباد.
(5) راحت المومنين
ذبح ۽ شڪار جي بيان ۾ ڪيترن ماڻهن کي اها
خبر نه آهي ته شريعت ڪهڙن جانورن يا پکين کي ذبح
ڪرڻ يا انهن جي شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ ڪيترن
ماڻهن کي اها به ڄاڻ نه آهي ته حلال جانورن ۽ پکين
کي ڪهڙي ريت ذبح ڪجي يا ڪهڙي طرح شڪار ڪجي.
بندوق جو استعمال ماضي قريب ۾ آيو آهي. ان
کان اڳ ماڻهو جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪتن، بازن ۽
ٻين جانورن جي مدد سان ڪندا هئا. مخدوم صاحب عام
ماڻهن جي اڻڄاڻائي جو احساس رکندي ذبح ۽ شڪار
متعلق شرعي مسائل تي هڪ خاص ڪتاب منظوم سنڌيءَ ۾
سنه 1130(22) ۾ جوڙي تيار ڪيو، جنهن ۾ ذبح ۽ شڪار
جي نسبت انهن سڀني شرعي مسئلن جو احاطو ڪيو اٿس جن
جي مڪمل تعميل کان سواءِ حلال جانور جو گوشت نه
مسلمان لاءِ جائز نه ٿيندو ۽ نه وري حلال جانور يا
پکي شڪار ڪرڻ کان پوءِ درست ٿي سگهندو. هن ڪتاب جو
اصل نالو ”رسالہ في مسائل الذبح و الاصطياد“ آهي،
ليڪن ذبح و شڪار جي نالي سان مشهور آهي.
ڪتاب جا ٻه باب آهن، جن مان پهريون باب زبح
تي آهي. ذبح جا ٻه قسم آهن. اختياري ۽ ذبح ضرورت.
ذبح اختياري جا 14 شرط ذڪر ڪيا ويا آهن، جن
مان 6 جو تعلق ذبح سان آهي ۽ اٺن جو تعلق ذابح
(ڪهندڙ) سان آهي! ذبح سان تعلق رکندڙ 6 شرط.(23)
(1) ڪنڌ جون چار رڳون وڍڻ: ساهه جي نالي، کاڌي جي
نالي ۽ رت جو ٻه شہ رڳون. انهن چئن رڳن جو ذبح وقت
وڍجي وڃڻ ذبح جو پهريون شرط آهي.
(2) ذبح ڪرڻ جو اوزار تيز هجڻ: ذبح ڪرڻ لاءِ جيڪو
اوزار ڪم آڻجي سو ڏاڍو تيز هئڻ گهرجي جيئن چارئي
رڳون تڪڙو تڪڙو ڪٽي ڇڏي ۽ رت به وهائي.
(3) ڪهڻ وقت بسم الله: ڪهڻ وقت بسم الله سڳوري
پڙهڻ کانسواءِ ڪٺي حلال نه ٿيندي.
(4) بسم الله کانسواءِ ٻين لفظن ۾ الله جو نالو
وٺڻ: بسم الله سڳوري کانسواءِ ٻين لفظن ۾ الله
تبارڪ و تعاليٰ جو نالو ضرور اچڻ گهرجي.
(5) بسم الله پڙهڻ ۽ ذبح جي وچ ۾ ٿورو وقفو هئڻ:
ذبح ڪري پوءِ بسم الله چئي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ مثلاً
وضو يا گفتگو ڪري پوءِ ذبح ڪبي ته اها ذبح حلال نه
ٿيندي، پر بسم الله ۽ ذبح جي وچ ۾ وقفو تمام ٿورو
هجي.
(6) بسم الله وڏي آواز سان چوڻ: ذبح ڪرڻ وقت بسم
الله شريف گهٽ ۾ گهٽ ايتري وڏي آواز سان پڙهڻ
ضروري آهي جو ڪهندڙ جا پنهنجا ڪن ٻڌي سگهن. مذڪور
ڇهن شرطن جو تعلق ذبح سان آهي، باقي اٺن شرطن جو
تعلق ذابح سان آهي. اهي هيٺين ريت آهن.
(7) ڪهندڙ جو ايمان: ذبح ڪندڙ مومن ۽ مسلمان هئڻ
گهرجي. اهل ڪتاب جو ذبحو به جائز آهي، پر مسلمان
جي ذبح ڪيل کائڻ ۾ وڌيڪ ثواب آهي.
(8) ذبح ۾ ٻن يا زياده شامل ماڻهن جو بسم الله
پڙهڻ: جيڪڏهن ٻه يا زياده مسلمان جن جو ذبح ڪرڻ
جائز آهي سي گڏجي ڪو جانور ذبح ڪن ته سڀني تي بسم
الله شريف پڙهڻ واجب آهي. فقط هڪ ڄڻي پڙهي ته ذبح
جائز نه ٿيندو.
(9) ذبح ڪرڻ وقت ڪهندڙ جو پنهنجي زبان سان الله
تعاليٰ جو نالو وٺڻ: جيڪڏهن ڪهندڙ شخص الله تعاليٰ
جو نالو پنهنجي زبان سان پاڻ نه ورتو پر ان جي
بدران اتي بيٺل ڪنهن ٻئي شخص چيو ته ذبح جائزو نه
ٿيندو.
(10) شڪار جي جانور تي احرام واري هٿان پيل تڪبير
مان ذبيحو حرام ٿيڻ: احڪام حج مان ڪي اهڙا به حڪم
آهن جن موجب ڪي جائز ۽ حلال شيون به عارضي طور
حرام ٿيو پون، مثلاً احرام واري حالت ۾ شڪار ٿيل
جانور يا پکي کي ذبح ڪبو ته اهو حرام ٿي پوندو.
اهڙي ريت حرم شريف جي حدن اندر احرام وارو يا ڪو
ٻيو جيڪڏهن شڪار ذبح ڪندو ته اهو به جائز نه
ٿيندو. پر حلال جانور جيڪڏهن احرام وارو عام حدن ۾
يا حرم جي حدن اندر به ذبح ڪندو ته اهو جائز آهي.
(11) الله تعاليٰ جي نالي کان سواءِ ٻئي جي نالي
تي ڪٺل جانور حرام آهي؛ جنهن ذبحي تي الله تبارڪ
و تعاليٰ جي نالي کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو پيل
هوندو ته اهو حرام آهي.
(12) ذبح ڪرڻ وقت ذبحي ۾ حياتي جي موجودگي: ذبح
جائز ٿيڻ لاءِ حياتي جو ڪجهه نه ڪجهه مقدار مذبوح
۾ هئڻ هڪ لازمي شرط آهي.
(13) اهو ئي جانور ذبح ڪرڻ جنهن جي ذبح لاءِ بسم
الله پڙهي وئي هجي: جيڪڏهن ڪنهن جانور کي ذبح ڪرڻ
لاءِ ذبح جي جاءِ تي آندو ويو ۽ ڪهندڙ بسم الله
شريف به پڙهي، پر پوءِ ارادو بدلائي ان جانور کي
ڇڏي ٻئي جانورن کي ڪُٺائين ۽ ان تي ڪُهڻ وقت بسم
الله به پڙهيائين ته اهو ذبيح حلال نه ٿيو. هر
جانور لاءِ جدا جدا بسم الله پڙهڻ گهرجي.
(14) فقط حلال جانور ذبح ڪرڻ: حرام جانور کي تڪبير
يا بسم الله حلال نه ڪندي، تنهنڪري گوشت کائڻ جي
ارادي سان فقط حلال جانور ذبح ڪرڻ گهرجي.
اسان جي فاضل مصنف مٿين 14 شرطن جي وضاحت
کان پوءِ ذبح جون مستحبات ۽ مڪروهات بيان ڪيون
آهن، جي سندس فقہ ۾ وڏي دسترس هئڻ جو کليل ثبوت
آهن، چند مستحبات ۽ مڪروهات ذڪر ڪجن ٿيون.
(الف) ذبح جون مستجبات: تيز ڪاتي ڪم آڻڻ. ذبح جي
وقت جانور جو رخ ڪعبي طرف ڪرڻ.
(ب) ذبح جون مڪروهات: مُڏي ڪاتي ڪم آڻڻ. ٽي رڳون
وڍڻ. ڪياڙي جي پاسي کان ذبح ڪرڻ، چئني رڳن جي وڍ
جي وڃڻ کان پوءِ به ڪهندو رهڻ.
ذبح اختياري جي تفصيلي ذڪر کانپوءِ اسان جي
مصنف ذبح ضرورت جي سمجهاڻي ڏني آهي. ۽ ان جي جلدي
مري وڃڻ جو امڪان هوندو آهي، ان حالت ۾ بسم الله
شريف چئي ان کي ڪنهن اهڙي تيز اوزار جو ڌڪ هڻجي جو
جانور به مري پوي ۽ رت به وهي. اهڙي حالت واري ذبح
کي ذبح ضرورت چئبو. اهڙي ريت ذبح ڪيل جانور جو
گوشت کائڻ حلال آهي.
اسان جي مصنف ذبح ضرورت جا ڇهه قسم بيان
ڪيا آهن.
ذبح جي قسمن، مسئلن ۽ شرطن جي ذڪر کان
فارغ ٿي اسان جي فاضل مصنف عالمانه بحث ڪندي ٻڌايو
آهي ته مختلف فقهاء جي نظرن ۾ ڪهڙا جانور يا پکي
حلال يا حرام، مڪروه تحريمہ يا مڪروہ تنزيہ آهن.
ٻيو باب شڪار جي مسئلن تي مبني آهي. شڪار
واسطي 14 شرط مقرر ڪيا اٿن، جي مختصر طور پيش ڪجن
ٿا.
1. چيريندڙ جانور يا شڪاري پکي کي شڪار ڪرڻ لاءِ
بسم الله شريف پڙهي شڪار ڏانهن اُماڻڻ. شڪاري
جانور جيڪڏهن شڪار کي تيز ڏندن يا چنبن سان گهاء
ڪيو ته ان جو گوشت کائڻ جائز آهي. جيڪڏهن سِير
وجهڻ کان اڳ به شڪار مري ويو ته ان جو هرج ڪونهي.
2. شڪاري جانور ۽ پکيءَ کي شڪار لاءِ خاص تربيت
ڏنل هجي. جيڪڏهن شڪاري جانور شڪار مان ڪجهه کاڌو
ته اهو شڪار جائز نه ٿيندو.
3. جنهن هٿيار سان شڪار ڪجي اهو ڏاڍو تيز هئڻ
گهرجي.
4. تيز هٿيار بسم الله شريف چئي شڪار کي هڻڻ، تيز
هٿيار لڳڻ سان شڪار کي ڪو گهاء ٿيو پر رت نه نڪتو
۽ شڪار مري ويو ته ان شڪار جو گوشت کائڻ جائز آهي.
5. شڪاري جانور کي شڪار جي پٺيان ڊوڙندو ڏسي مالڪ
بڇ ڪئي. ۽ بسم الله چئي ته شڪار حلال ٿيندو نه ته
حرام.
6. بسم الله شريف و يسر سبب رهجي وڃي ۽ نه ڄاڻي
واڻي ته اهو شڪار جائز ٿيندو.
7. فقط اهڙي شڪاري جو ڪيل شڪار جائز آهي جنهن جو
ذبح ڪرڻ جائز آهي. يعني مسلمان ۽ اهل ڪتاب، ٻين جو
ڪيل شڪار جائز نه آهي.
8. شڪار لاءِ موڪليل جانور يا پکي ويندي واٽ تي
ڪنهن ٻئي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو مثلاً پيشاب ڪرڻ، ڪجهه
کائڻ يا آرام وٺڻ، ان کان پوءِ وڃي شڪار جهليائين،
ته اهو شڪار حلال نه آهي. (ب) شڪاري جانور هڪ شڪار
جي ارادي سان ويو. اهو نه مليس ۽ ٻيوهٿ ڪيائين ته
اهو به حلال آهي.
9. جيڪڏهن شڪاري جانور سان ڪو اهڙو جانور شريڪ ٿيو
جنهن جو شڪار جائز نه آهي ته ٻنهي جو شڪار حرام
ٿيو.
10. شڪار ڪندڙ شخص سان به جيڪڏهن اهڙو شخص شامل
ٿئي جنهن جو ڪيل شڪار حرام آهي ته ٻنهي جو شڪار
حرام ٿيندو.
11. شڪار کي تير هڻڻ کان پوءِ شڪار ڪندڙ شخص کي ان
جي پويان تڪڙو ڊوڙي وڃڻ گهرجي.
12. تير ۽ شڪاري جانور يا پکيءَ جي گهاء سان فقط
تکو ڊوڙندڙ جائز طرح شڪار ٿي سگهندا.
13. شڪار گهاء کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب مرڻ نه
گهرجي. مثلاً جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ڪِريو ۽ ان سبب ئي
مري ويو ته حرام ٿيو.
14. جيڪڏهن تير يا شڪاري جانور يا پکي جي گهاء سبب
شڪار اُڏامڻ ۽ ڊوڙڻ کان عاجز ٿيو ۽ جيئرو ئي هٿ
آيو ۽ منجهس اڃا گهڻي حياتي آهي ته ان کي ذبح ڪرڻ
لازم آهي.
ڪتاب جي غاير مطالعي کان پوءِ چئي سگهجي ٿو ته
اسان جي مصنف هن ڪتاب جي جوڙڻ ۾ نهايت جفاڪشيءَ
کان ڪم ورتو آهي. ذبح ۽ شڪار متعلق سڀني شرعي
احڪامن کي يڪجا ڪيو آهي ۽ سڀني مسئلن جو ڪو به
پهلو تشنه رهجي نه ويو آهي.
هيءُ ڪتاب ڪيترا دفعا بمبئي، ڪراچي، سکر ۽
ٻين هنڌان ڇيپو آهي.
(6) رسالت في موعظہ القبر وما بعده (24)
اصل ۾ مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب ڪنهن ٻي ٻولي تان
ترجمو نه آهي. ليڪن سنڌيءَ ۾ تخليق ڪيو ويو آهي.
وڏي جاکوڙ کان پوءِ به اسان کي هن ڪتاب جو سراغ نه
مليو آهي.
فاضل مصنف جي بيان مان معلوم ٿو ٿئي ته پاڻ
هيءُ ڪتاب مرڻ کان پوءِ قبر ۾ پڇاڻي ۽ حشر ۾ ڪهڙي
ريت باز پرسي ۽ احتساب ٿيندو وغيره بابت تحرير ڪيو
اٿن. هي ڪتاب اڃان تائين نه ڇپيو آهي.
(7) تحفت التائبين(25) |