سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :15

(2)             Eggermont P.H.L. Alexander's Campaigns in  Sind and Baluchistan. Leuren, Univ. Press, 1976.

(3)             Eratosthenes. Extracts in Strabo and Ptolemy.

(4)             Gilmore, J.L. (ed.) Fragments of Ctesiaso. London, 1888.

(5)             Herodotus. Histories English translation by:

a.      Rawlinson and J.G. Wilkinson. History of Herodotus. 4 volumes, London, 1875.

b.     Macaulay G.C. History of Herodotus. London, 1904.

c.      Hude. K. Herodotus History. 2 volumes. London, 1927.

d.     Selincourt, Aubrey de. Histories. London, 1954.

(6)             Jones H.L. The Geography of Strabo. Vol. I-VII London, 1917-1933. (Loeb Classical Libarary).

(7)             Justinus Marcus Jumianus/. Epitome of Historiae Philipicae of Pompeius. Extracts in Mc Crindle's Alexander the Great, Westminister, 1896.

(8)             Lambrick, H.T. History of Sind Series Vol II, Sind before Muslim conquest, Sindhi Adabi Board Hyderabad, 1973.

(9)             Mc Crindle, John Watson, Commerce and Navigation of Erythraean Sea, being translation Periplus Naris Erythae. Calcutta, 1879.

(10)         ……….., Ancient India as described by Ktesia. India Antiquary. Bombay, 1882.

(11)          ……… Ancient India as described in Classical literature. 2nd edition, Calcutta, 1927.

(12)         Megasthenes. Fragments of Indika of Megasthenes, English translation by Mc Crindle John Watson, In Ancient India as described by Megasthenes and Arrian. London, 1877. Reprinted in Indian Antiquary, 1885.

(13)         Miller, J. Innes. The spice trade of Roman Empire. Oxford, 1969.

(14)         ……… Walter, Cyropadia. 2 volumes. London, 1970.

(15)         Nearchus. The Journal of Nearchu's. English translation by:

a.      Vincent, Rev. William. Dessertations on the vovage of Nearchus. London, 1997.

b.     Mc Crindle John Watson. India as described by Megasthenes and Arrian. London, 1877.

c.      Tomasche. Topographische Erlanterung der Kuston fahrt Nearchusvom Indus, biszum Eu phrat. Vol. XXI. Wien, 1890. English translaiton by Pansdoc Karachi. (M.S with M.H. Panhwar).

(16)         Panhwar, M.H. Chronology of Sind from the fall of Mohenjo Daro to the Arab conquest. Jour. Sind Quarterly, Vol. II, No. I, Karachi, 1976.

(17)         …………. Influence of Ancient Sciences including those of Sind on Al-Razi. Jour. Sindhology, Summer, 1977.

(18)         ……….. International trade of Sind, from its port of Barbaricon (Banbhore,), 200 B.C-200 A.D. Jour. Sindhology, Winter, 1980.

(19)         Perrin B. Plutarch's Lives. Vol. 7. London, 1919.

(20)        Pliny, Gais Secondus, Natural History translation by H. Rackham, Vol. I and II, London, 1967 (Loeb Classical Libarary).

(21)         Plutarch. Lives English translation by:

a.      Langherne, J.W. Plutarch's Lives. Edinburg, 1875.

b.     Mc Crindle John Watson. Extracts in Invasion of India by Alexander the Great. Westminister, 1896.

c.      Perrin B. Plutarch's Lives. Vol. 7. London, 1919. (Loeb Classical Libarary).

d.     Fuller, Edmund, Plutarch's Lives of Noble Greeks. London, 1968.

e.      Scott-Kilvert, Ian-Plutarch. The Age of Alexander the Great. London, 1973.

(22)        Ptolemy, Claudius. In Mc Crindle John Watson;s, Ancient India as described by Ptolemy. Bombay, 1884. Reprint Indian Antiquary, Vol. XIII, Bombay, 1884.

(23)        Rackham H. Pliny, Natural History. Vol. I and II. London, 1967. (Loeb Classical Libarary).

(24)        Rawlinson A.G. India and western World from the earliest times to fall of Rome. 2nd Edition, Cambridge, 1926.

(25)        Rennell, James, F.R. Geographical system of Herodotus. London, 1830.

(26)        Rolfe, J.C.Q. Curtius Rufus, History of Alexander. Books I-V, Vol. I, London, 1971. Books VI-X, Vol-II, London, 1972 (Loeb Classical Libarary).

(27)        Scoff, W.H.The Periplus of Erythraean Sea. Philadelphia, 1912.

(28)        Toussaint, Auguste. History of Indian Ocean. London, 1966.

(29)        Warmington, E.H. Commerce between Roman Empire and India. Cambridge, 1928.

(30)        Warner, Rex. Tr. The persian Expedition of XL/C. London, 1972.

(31)         Wells, C. Braford. Diodorus of Sicity. Vol. 8, London, 1963. (Loeb Classical Libarary).

(32)        XL/C. The Persian Expedition. English Translation by. Rex Warner, new edition, London, 1972.

 

قربان علي بگٽي

رسولﷺ جي شان ۾ شاعرن جي عقيدت

مطالعو ڪري ڏٺو ويندو ته ڪنهن به پيغمبر، رشي يا مصلح جي شان ۾ شاعرن ايڏي خراج عقيدت پيش نه ڪئي، جيڪا حضورجن جي فضل ۽ ڪمال لاءِ بطور نذرانه عرض رکي وئي. زردشت، ”مهاتما گوتم ٻڌ“ توڙي حضرت عيسيٰ جي فضائل جي باري ۾ شاعري جو ميدان بلڪل آهي. ان لحاظ کان به حضرت محمدﷺ جي زندگي منفرد آهي. خود آنحضرت جن جي حياتيءَ ۾ شاعرن ثناخواني ڪئي ۽ سندن شان ۾ قصيدا لکيائون. انهن شاعرن مان نبيﷺ جو صحابي حضرت حسان بن ثابت رضه خاص طرح مشهور آهي. عربيءَ ۾ حضرت حسان بن ثابت رضه جو ديوان مصر جي هڪ اديب عبدالرحمان البرقوتي 1929ع ۾ قاهره مان شايع ڪرايو. حضرت حسان فحول الشعراء مان هو، يعني ته هن جاهليت توڙي اسلامي دور ۾ شاعري ڪئي هئي.. ”فقال الاصمعي حسان بن ثابت احد فحول الشعراء“ يعني ته”مشهور اديب اصمعي چيو آهي ته حسان بن ثابت فحول الشعراء مان هڪ آهي“. هو رسولﷺ ۽ هن جي صحابين حضرت ابوبڪر صديق. حصرت عمر فاروق، حضرت ابن عباس ۽ حضرت زبير ابن العوام رضه جي مدح ۾ شعر چوندو هو. آخر ۾اکين کان وهجي ويو ۽ اٽڪل پنجاهه هجري ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. رسول الله ﷺ جي تعريف ۾ حضرت حسان چوي ٿو:

وضم الا الٰہ اسم نبي اليٰ اسمہ

اذا قال في الخمس الموذن اشهد

وشق لہ من اسمہ ليجلہ

فذ و العرش محمود و هٰذا محمد

فامسيٰ سراجاً مستنيرا و هاديا

يلوح کما لاح الصقيل المهند

و انذرنا نارا و بشر جنہ

و علمنا الاسلام فاللہ نحمد

       حضرت حسان نبي سائينءَ لاءِ چوي ٿو ته ”جڏهن موذن (بانگ ڏيندڙ) پنج دفعا روزانه اشهد چوي ٿو ته ان نموني الله تعاليٰ نبيءَ جي نالي کي پنهنجي نالي سان ملائي ڇڏيو. الله سائين نبي پاڪ جي نالي کي پنهنجي نالي سان اشتقاق هن کي بلند ڪرڻ لاءِ ڏياريو. ڏسو عرش وارو محمود آهي ۽ هي محمد. پوءِ حضرت محمدﷺ چمڪندڙ نبي ۽ هادي بڻيو. ائين ٿو چمڪي جيئن تلوار چمڪندي آهي. رسول ڪريمﷺ اسان کي باهه کان ڊيڄاري جنت جي خوشخبري ڏني. اسلام جي تعليم اسان کي ڏنائين، جنهن لاءِ اسين الله تعاليٰ جي تعريف ۽ واکاڻ ڪريون ٿا“. ٻي هنڌ چوي ٿو ته:

و انارلي في الدين صبح هدايہ

و ازاح ليل ضلالتي بمحمد

ما ان مدحت محمدا بمقالتي

لٰکن مدحت مقالتي بمحمد

       ” ۽ الله تعاليٰ مون لاءِ دين ۾ هدايت جو صبح روشن ڪيو ۽ منهنجي گمراهي واري رات محمد جي صدقي مٽائي پري ڪيائين. ائين نه آهي جو مان پنهنجن مقالن سان محمد جي تعريف ڪيان ٿو، پر پنهنجي مقالن جي تعريف محمد جي طفيل ڪيان ٿو.“

       عربي زبان ۾ ڪيترائي قصيدا لکيا ويا، جن ۾ رسول خدا جي مدح ٿيل آهي. ”ڪعب بن زهير جو قصيده بانت سواد“ انهن مان هڪ آهي. اسلامي تاريخ ۾ ”قصيده برده“ کي به وڏو مرتبو حاصل آهي. ان جومصنف شيخ شرف الدين بوصيري آهي. چون ٿا ته هو ڪوڙهه جي مرض ۾ مبتلا ٿيو هو. نبيﷺ جي مدح نهايت ئي دلسوزي سان ڪيائين، رات جو خواب ۾ حضور جن کي ڏٺائين، تنهن تي هو هڪدم هن موذي مرض کان شفاياب ٿيو. شيخ بوصيري نبيءَ جي تعريف ۾ چوي ٿو ته:

”فاق النبيين في خلق و في خلق

ولم يدانوه في علم و لاکرم

و کلهم من الرسول الله ملتمس

غرفا من البحر او رشفا من الديم

و واقفون لديه عند حدهم

من نقطه العلم او من شکلہ الحکم

فهو الذي تم معناه و صورتہ

ثم اصطفاه حبيبا باري النسم

منزه عن شريک في محاسنہ

فجوهر الحسن فيہ غير منقسم“.

       يعني ته ”اسان جو نبي سڀني نبين کان ظاهري شڪل و صورت توڙي اخلاق ۾ مٿانهون درجو ٿو  رکي ۽ ڪوئي به حضور جي علم و ڪرم جي ويجهو پهتو ئي نه آهي. ۽ تمام انبياء رسول الله جي نديءَ مان هڪ ٻڪ ڀرڻ ۽ ابرِ رحمت مان هڪ ڍڪ پيئڻ جا طالب آهن ۽ سڀ نبي رسالت جي درٻار ۾ پنهنجي منصب کي ڄاڻين ٿا ۽ پنهنجي حدود منصب تي حاضر آهن. نقطه علم جي صورت يا اعراب حڪمت جي مطابق. بس سندن ئي ذات مبارڪ پنهنجي ظاهري ڪمالات ۽ باطني ترقين ۾ مڪمل آهي، ۽ جنهن کي خالق ارواح پنهنجي محبوبيت لاءِ چونڊيو آهي ۽ اها هستي پنهنجي حسن ۾ ڪنهن سان شريڪ ٿيڻ کان بالاتر آهي ۽ هن جي حسن جو جوهر پاڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به حصي ۾ اچي نٿو سگهي“.

       ان کان علاوه عربي زبان ۾ شيخ سعدي جي هڪ شعر جو چرچو گذريل ست سو سالن کان هلندو ٿو اچي، جنهن جو آخري بند آهي ته:

”بلغ العليٰ بکمالہ – کشف الدجيٰ بجمالہ

حسنت جميع خصالہ – صلوا عليہ و آلہ.“

        ”هو پنهنجي ڪمال سبب بلندي کي پهتو. سندن سونهن سبب اونداهي کلجي وئي. هن جون سڀ خصلتون نيڪ آهن. هن جي ۽ هن جي آل مٿان صلواہ پڙهو.“

       فارسي زبان ۾ بي شمار شاعرن حضور جي شان ۾ نعتون ۽ مدحيه شاعري ڪئي آهي. اهي ڳڻ ڳاڻيٽي کان ٻاهر آهن، مثال طور، شيخ سعدي پنهنجي تصنيف ”بوستان“ ۾ حضور اڪرمﷺ جي تعريف هيٺينءَ طرح ڪري ٿو:

”کريم السجايا جميل الشيم

نبي البرايا شفيع الامم

امام رسل پيشوائي سبيل

امين خدا مهبط جبرئيل

شفيع الوريٰ خواجه بعث و نشر

امام الهديٰ صدر ديوان حشر

کليمي که چرخ فلک طور اوست

همہ نورها پرتو نور اوست

ترا عز لولاک تمکين بس است

ثناءِ تو طٰہٰ ويٰسن بس است

چه وصفت کنند سعدي نا تمام

عليک الصلواہ اي نبي والسّلام“.

       يعني ته ”شريف عادتن وارو، حسين خصلتن وارو. تمام مخلوقات جو پيغمبر، اُمتن جي شفاعت ڪرڻ وارو، رسولن جو امام، رستي جو پيشوا، خدا جو امين، جبرئيل جي لهڻ جي جڳهه، مخلوق جو شفيع، قيامت جو سردار، هدايت جو امام، قيامت جي ڪچهري جو صدر، اهڙو ڪلام ڪرڻ وارو ڪ چرخ فلڪ هن جو طور آهي. تمام نور هن جي نور جي ڇانو آهي. اوهانﷺ کي لولاڪ جي عزت ڪافي آهي. اوهان جي تعريف ۾ طٰہٰ ۽ ياسين ڪافي آهي. ناقص سعدي اوهان جي ڪهڙي تعريف ڪري. اي نبيﷺ! توتي درود وسلام هجي.“

       اسان جي سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيترن ئي شاعرن حضور جي شان ۾ نعت ۽ مدح چيا آهن، جنهن سان سنڌي لٽريچر معمور آهي. سنڌ جي شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمہ الله عليہ به نبيءَ جو وڏو عاشق ۽ سرفروش هو. فرمائي ٿو ته:

”وحده لاشريڪ لہ، جان ٿو چئين اي،

تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتون منجهان نيهه،

تان تو وڃيو ڪي، نايين سر ٻين کي“.

اڳتي چوي ٿو:

”وحده لاشريڪ لہ، جڏهن چيو جن،

تن مڃيو محمد ڪارڻي، هيجا ساڻ هين،

تڏهن منجهان تن، اوتڙ ڪونه اولئو“.

       لطيف سائين بنيادي طور صوفي شاعر ٿي گذريو آهي، ان ڪري هن رسول پاڪ جو تذڪره صوفيانه رمزن ۽ شطحيات ۾ ڪيو آهي. جيئن فرمائن ٿا ته:

راڻي جي رهاڻ مان ڪو آديسي آيو،

چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، ڪيو سامي سهائو،

لٿو اونداهو، جوڳيءَ سندي جوت سان.

        معلوم ٿو ٿئي ته مٿئين بيت جو آخري بند شيخ سعدي جي نقل ٿيل عربي نعت جو لڳ ڀڳ ترجمو آهي. لطيف ٿو چوي ته:

”بُرو هو ڀنڀور جو آرياڻيءَ اُجاريو،

لاٿو سڀني لوڪ تان هاڙي ڌڻيءَ هور،

ڇوريون ڇرڻ سکيون پنهون ڪيائون پور،

آيو سو اتور، جنهن ڏکيون ڏک وهاريون“.

       لطيف دانهون ٿو ڪري ته:

”ڇوري ندوري نه ڪو مائٽ منڌ جو،

سوين هلن ساٿ سين ڪمي ۽ ڪوري،

آءٌ انهن ۾ آهيان لنگهي ۽ لوري،

لنگهيائين لطيف چئي ٿرن جا ٿوري،

آهيان ازوري، تنهن جي جوري جبل لنگهيان.

       لسان الغيب غالب مرحوم به فرمائي ٿو ته:

”اس کي امت سي هون مين،

ميري رهين کيون کام بند،

واسطي جس شهه کي غالب گنبد به در کهلا“.

       اردو ٻوليءَ ۾ به تقريباً سڀني شاعرن حضور جي ثنا خواني ڪئي آهي. مرحوم مولانا ظفر علي خان (وفات 1956ع) پنهنجي هڪ شعر ۾ نبيءَ سان محبت جو اظهار هن نموني ڪري ٿو.

”نماز اچهي، حج اچها، روزه اچها اور زکواہ اچهي،

مگر مين باوجود اس کي مسلمان هو نهين سکتا،

نه جب تک ڪٽ مرون مين خواجه يثرب کي عزت پر،

خدا شاهد هي کامل ايمان ميرا هو نهين سکتا.

       ۽ لطيف ساڳيءَ مفهوم ۾ گهڻو اڳ فرمايو آهي ته:

”روزا ۽ نمازون اي پڻ چڱو ڪم،

او ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي“.

       ۽ علامه اقبال مرحوم پنهنجي هڪ فارسي بيت ۾ حضور جي شان ۾ چوي ٿو ته:

اي ظهور تو شباب زندگي

جلوات تعبير خواب زندگي

در جهان شمع حيات افروختي

بندگان را خواجگي آموختي“.

نيز:    ”عمرها در کعبهء و بتخانه مي نالد حيات

       تا ز بزمِ عشق يک داناء راز آيد برون“.

        الٰهم صل عليٰ مولانا محمد و عليٰ آل محمد و بارک وسلم

ڊاڪٽر مدد علي قادري

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جون سنڌي ۾ تصنيفات

       مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه (م 1174هه) (1) کي جيڪڏهن اسين ”سنڌ جو سيوطي“ سڏيون ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي. علامه جلال الدين سيوطي (2) وانگر وادي مهراڻ جي هن عظيم عالم ۽ مفڪر مختلف اسلامي علوم ۽ ادبي صنفن جي ماٿريءَ ۾ پنهجي قلم جي رخش کي ڇڏي ڏنو آهي. هن عالم  تفسير، فقہ، حديث، عقائد، قراہ، تاريخ اسماءالرجال، لغت ۽ ٻين ڪيترن ادبي صنفن ۾ ڪتاب لکيا آهن. هڪ بهترين نثر نويس سان گڏ هن شعر ۾ به طبع آزمائي ڪئي آهي. هن ٽن زبانن عربي، پارسي ۽ سنڌي ۾ شعر چيو آهي.

       سندس ڪتابن جي تعداد جو صحيح ڪاٿو ته نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو سندس ڪيترائي ڪتاب ناياب ٿي ويا آهن، ليڪن ڪيترن محققن تسليم ڪيو آهي ته سندس ڪتابن جو تعداد 300 کان مٿي آهي جن مان اڪثر عربيءَ ۾، ڪي فارسيءَ ۾ ۽ ڪجهه سنڌيءَ ۾ لکيا آهن. ازانسواءِ مختلف مسائل تي سندس تحريرن جو انداز ڪيترن هزارن ۾ آهي(3).

       هن مقالي ۾ اسان سنڌي زبان ۾ سندس لکيل ڪتابن جو جائزو وٺنداسون. مخدوم امير احمد مرحوم سنڌيءَ ۾ لکيل ڪتابن جو تعداد ڏهه(4) ڄاڻايو آهي، ليڪن جيئن سندس سڀني ڪتابن جي تعداد جي صحيح خبر نه آهي، اهڙي طرح سنڌيءَ ۾ لکيل تصنيفات جو صحيح تعين نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن محقق ڳولها ڦولها ڪندا ته يقيناً ڪن وڌيڪ ڪتابن جو پتو پئجي ويندو. هن مقالي پوري ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ راقم الحروف جو محترم جناب شير محمد نظاماڻي ساڪن ٽنڊو قيصر جي خدمت ۾ وڃڻ ٿيو ۽ حسن اتفاق سان سندس لئبريري ۾ ٻين مخطوطن سان گڏ مخدوم محمد هاشم رحه جو هڪ مخطوطه ڪتابڙو ”قصيده جيميہ مليو، جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪبو.

       اسان ڏسون ٿا ته سنڌيءَ ۾ سندس سڀئي لکيل ڪتاب”منظوم سنڌي“ ۾ آهن. هن جو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته مخدوم صاحب جي ڏينهن ۾ سنڌي لکڻي پنهنجي ابتدائي دور ۾ هئي ۽ سنڌي نثر ۾ ڪتابن لکڻ جو رواج نه هو. هن لکڻيءَ جا شه سوار هئا: مخدوم ابوالحسن (م 1128هه)(5)، مخدوم ضياءالدين (م 1171هه)(6)، مخدوم ابراهيم ولاده (1102هه)(7)، ۽ اسان جو مصنف.

       اسان سندس سنڌي تصنيفن جو جائزو پيش ڪري رهيا آهيون.

 

1. تفسير هاشمي

       هيءُ آخري پاري عم جو منظوم سنڌيءَ ۾ مختصر تفسير آهي. فاضل مصنف پهريائين عربيءَ ۾ هن ئي نالي سان تفسير لکيو هو، جنهن کي مڪمل ڪري نه سگهيو هو. ان تفسير جو سنڌيءَ ۾ اختصار ڪرڻ شروع ڪيائون پر فقط پاره عم پورو ڪري سگهيا.

       سوره فاتحہ جو تعارف ڪرائيندي فرمائين ٿا ته هن سورہ جا 36 نالا آهن.

ملاحظه ڪريو: ع(8)

نالا ان سوره مبارڪ جا ڇٽيہ لکن ٿا

فاتحہ آهي هيڪڙو پڻ نالو تن منجهان

سي مون لکي تفسير عربيءَ ۾ ڪيا هيڪاندا

جيڪو ڪڍي نهاري ان کي ته ٿين سڀ پڌرا

پر هتي نه لکيم تن کي اختصار جهتا.

شان نزول: هن سوره جو شان نزول هن طرح ذڪر ڪن ٿا ته هڪ دفعي پاڻ ڪريمﷺ جن مڪي جي ٻاهران گذريا ته ڪفارن جا ست قافلا ڏٺائون، جي بيشمار مال دولت، سون چاندي، هيرن ۽ جواهرن سان ڀريل هئا. پاڻ ڪريمﷺ کي دل ۾ ڪجهه تردد ٿيو ته ڪافرن وٽ ته هيتري مال دولت آهي، پر منهنجي امتين کي فقر ۽ فاقا ڪڍڻا پون ٿا. سندن رب پاڪ کين چيو ته اي منهنجا محبوب تون ڪو غم نه ڪر، توکي آءٌ اهڙيون ست آيتون عنايت ٿو ڪريان، جن جي پڙهڻ سان توکي هرڪا غنيمت ملي ويندي. اهي دنيا جون شيون بي بقا ۽ فاني آهن.

الحمدلله جو تفسير هيٺين ريت ٿا ڪن ع (9):

الحَمدُ لله

ته سڀڪا ساراهه ۽ واکاڻ جا صادر ٿئي مخلوقن کان

جي ٿا ڪرين پنهنجي رب کي حمدون ساراها

توڙي اڳوڻن مخلوقن کان ڪ جيڪي ٿيا ڪ ٿيندا

توڙي ڪنان قسم مَلَڪن جي ڪ انسانن جننئا

ڪ ڪنان حورن بهشت جي ڪ تنهنجي غلماننئا

ڪ جيڪا ساراهه ڪن حيوان بحر جا ڪ مڇيون منجهه دريا

ڪ ٿئي وڻن ڪ پهڻن کان ڪ جيڪي ٻيا اشياء.. الخ

       الرحمان جو تفسير هن ريت ٿا ڪن:ع(10)

الرحمان

جو الله آهي سڀني پرين ڪامل رحمتا

موران جنهن جي رحمت جي پڄاڻي نه ڪا

شال رحمتون تنهن جون مخلوقن مڙنيا

جو ٿو رزق رسائي دنيا ۾ مومن ۽ ڪافرن کا

لاهي اوک تن مٿان پورا ڪري ڪمڙا

مور نه ٽاري ڪنهن کي مومنن منجهان نه ڪنان ڪفارا

الرحيم جو تفسير هن طرح ٿا ڪن: ع(11)

الرحيم

جو آهي ڪريندڙ رحمتون مومنن سان روز قيامتا

بخشيندو ۽ بخشائيندو تن کي پنهنجي مهر ملا

پر نه بخشيندو ۽ بخشائيندو ڪافرن کي ان ڏينهن ۾ مورا

تانت آهي لفظ رحمان جو اڳرو رحيم ڪنا

جيئن آهي رحمت رحمان جي شامل مومن ڪافرنئا

جهڙو رسائڻ رزق، لاهڻ اوک، ڪرڻ ڪم پورا

۽ آهه رحمت رحيم جي خاص مومنن ساڻا

       هيءُ ڪتاب ڪيترا دفعا بمبئي ۽ سنڌ ۾ ڇپيو. ليڪن هن وقت اڻ لڀ آهي. هن جو هڪ نسخو اورنٽيل ڪاليج حيدرآباد ۾ موجود آهي. تازو محترم محمد يوسف ابڙي نصرپوري موجوده صورتخطي ۾ آندو آهي ۽ احمد خان ابڙي قرآن پريس حيدرآباد مان پڌرو ڪيو آهي.

       هن جو هڪ ناقص قلمي نسخو محترم شير محمد نظاماڻي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ڪتابت جو سن يا ڪاتب جو نالو نٿو ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com