سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :13

سندس جاگرافيءَ جو ترجمو (H.L.Jones, Geography of Strabo) 8 جلدن ۾ لوئب ڪلاسيڪل لائبرري طرفان ڪيو، جو لنڊن مان 1933-1917ع ۾ شايع ٿي چڪو آهي. بنبري (Bunbury) پنهنجي ڪتاب "History of Anceint Geography" ۾ اسٽرابو جو ذڪر ڪيو آهي. اسٽرابو تي حوالا ٻين هيٺين مصنفن جي ڪتابن ۾ ملندا، مئڪرنڊل، راولنس، ورمنگٽن ۽ چارلس ورٿ. انهن ٽن مصنفن جي ڪتابن جا نالا هئپولس ۽ يوڊوڪسز جي بيان ۾ ڏنا ويا آهن.

(15) اپولونيئس آف ٽيانا

ٽيانا جو اپولونيئس (Appollonius of Tyana)، پهرين صدي عيسويءَ جو فلاسافر ۽ نيوپٿاگورين (Neo-Pythagorean) مذهب جو معتقد، ڪئپادوشيا (Cappadocia) جي شهر ٽيانا ۾ پيدا ٿيو. ايران مصر، موجوده پاڪستان وارن علائقن ۽ هندستان ۾ سفر ڪيائين. نيرو (Nero) جي حڪومت جي دور ۾ روم ۾ هو. مسيحيت خلاف هڪ فرقو (Cult) قائم ڪيائين. هندستان ۽ سنڌ ۾ سندس اچڻ جو مقصد هو هندو فلاسافيءَ جو مطالعو ڪرڻ ۽ سڪندر اعظم جا ٺهرايل شهر ۽ يادگار ڏسڻ. ان وقت سنڌ ۽ پنجاب ۾ پارٿين بادشاهه گونڊوفيئرس (Gondophares) جي حڪومت هئي، جنهن سان گنڌارا شهر ۾ ملاقات دوران يوناني زبان ۾ گفتگو ڪيائين. سندس زندگيءَ جو احوال ۽ خط ڪانبيئرو (F.C. Conbearo) سنه 1912ع ۾ فلوسٽراٽس (Philastratus) جي ڪتاب تان ترجمو ڪري شايع ڪرايا. هڪ ٻئي مصنف ڪارپينٽيئر (Charpntier) "Travels of Appollonius of Tayana" جي نالي سان سندس سفرنامو ۽ زندگيءَ جو احوال پيش ڪيو آهي.

(16) ڊيوڊورس سائڪيولس

ڊيوڊورس سائڪيولس (Diodorus Siculus) يوناني تواريخ نويس سسليء جي شهر اگائريم (Agyrium) ۾ عيسوي سن کان هڪ صدي اڳ پيدا ٿيو هو ۽ سنه 30-60ق.م ۾ به زنده هو.

هن ڀونوچ سمنڊ جي ملڪن جي تاريخ، جنهن جو نالو ببلوٿيڪا هسٽاريڪا (Bibliothea Historica) آهي، 40 جلدن ۾ لکي. تاريخ لاءِ مواد ڪَٺي ڪرڻ لاءِ هن ڪافي سفر ڪيا. سندس 40 جلدن مان فقط پهريان چار ۽ 19 ۽ 20 جلد بچي ويا، باقي ضايع ٿي چڪا آهن. پوين ٻن جُلدن ۾ 302 – 480ق.م عرصي جو بيان آهي. دارا جي مرڻ بعد اخيمينين جو پوين ٻن جُلدن ۾ 302-480ق.م عرصي جو بيان آهي. دارا جي مرڻ بعد اخيمينين جو زوال، سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سڪندر جي مرڻ کان بعد سندس حڪومت جو ٽڪرا ٿيڻ، سنڌ ۽ هند ۾ چندر گپتا موريا جي حڪومت جو قائم ٿيڻ، انهيءَ عرصي ۾ اچي وڃن ٿا. مشهور تواريخ نويس هيروڊوٽس جي تاريخ  479ق.م تي ختم ٿئي ٿي. سنه 431-497ق.م لاءِ ته ٻئي ڪنهن هنڌان مواد ڪونه ٿو ملي. ٿڪائڊائيڊس (Thucydides) سنه 362-431ق.م وارو عرصو بيان ڪيو آهي، پر سن 302-363 عيسوي واري عرصي جو مسلسل بيان ڪنهن به تاريخ ۾ ڪونهي.

تواريخ نويسيءَ جي تحقيقات جي لحاظ سان ڊيوڊورس ايترو ڀروسي جوڳو ناهي. حقيقت جو مدار انهيءَ تاريخ تي آهي جا هن استعمال ڪئي، پر سڪندر جي موت بعد سندس جنرلن جي پاڻ ۾ جنگ، سندس سلطنت جي ورهاست ۽ هندستان ۾ چندر گپتا جو اُڀرڻ، انهي دور تي مٿس ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته انهيءَ عرصي لاءِ سندس ماخذ مستند هئا.

برصغير متعلق سڪندر سان وابسته حصا مئڪرنڊل پنهنجي ڪتاب "Invasion by Alexander" سنه 1896ع ۾ ترجمو ڪيا، جي 36 صفحن ۾ شايع ڪيا ويا، جن مان ڏهه حصا سنڌ متعلق آهن. انهن صفحن ۾ موسيڪئنس (Musicanus)، سمبس پارٽيڪئنوس (Particanos)، هرماٽيليا (Hermatelia) (جا شايد بهمن آباد هجي)، پٽالا، لس ٻيلي (Oritai) ۾ ماڻهن کي پورڻ ۽ هندستاني فلاسافر ڪالانوس (Kalanos) متعلق بيان آهي.

ڊيوڊورس، ٽالمي ۽ ارسٽوبولس کان سواءِ ڪلائٽارچس جي تواريخ پڻ استعمال ڪئي آهي، جا ايرين استعمال نه ڪئي هئي، پر ڪرٽيس استعمال ڪئي. اهوئي سبب آهي جو ڪڏهن ٽنهي تواريخ نويسن يعني ايرين، ڊيوڊورس ۽ ڪرٽيس جا بيان متفق آهن ته ڪڏهن فقط پوين ٻن جا. ڊيوڊورس، ڪرٽيس وانگر ٻڌائي ٿو ته اولهه سنڌ جي بادشاهه سمبس جي شڪست بعد سڪندر 80000 سنڌي قتل ڪرايا. اهو بيان ڪلائٽارچس تان نقل ڪيو ويو آهي. هر ماٽيليا شهر جو پٽالا شهر کان اڳ ۾ بيان ڪرڻ ڏيکاري ٿو ته هرما ٽيليا سيوهڻ ۽ پٽالا جي وچ ۾ هڪ وڏو شهر هو، پر ان جي ڪنهن به تاريخدان يا آرڪيالاجسٽ جستجو نه ڪئي آهي.

ڊيوڊورس متعلق تازه ترين ڪتاب ويلس (C.Bradford Wells) لکيو جو لوئب ڪلاسيڪل لائبرري سنه 1963ع ۾ لنڊن مان "Diodorus of Sicily" جي نالي شايع ڪيو.

(17) ڪرٽيئس رفس ڪئنٽس

رومن تاريخ نويس ڪرٽيئس رَفس ڪئنٽس (Curtius Rufus Quintus) سڪندر اعظم جي تارخ 50ع ڌاري رومن شهنشاهه ڪلاڊيس جي دور ۾ لکي. ڪتاب 10 جلدن ۾ هو، جنهن مان پهريان ٻه جلد ۽ ٻين جا ڪي حصا ضايع ٿي چڪا آهن. هي ڪتاب تاريخ جي مشابهت ۾ اتهاس جي لحاظ سان زياده دلچسپ آهي.

ڪرٽيس جي ماخذن ۾ ڪلائٽارچس به هڪ آهي؛ ڪلائٽارچس جون غلطيون اڳ ۾ بيان ڪيون آهن ۽ اهي هن ڪتاب جو جزو بنجي چڪيون آهن. ڪرٽيس ٽالمي ارسٽوبولس کانسواءِ ٻيا ڪتاب به استعمال ڪيا، جن مان ڪن جا مصنف سڪندر جا مخالف هئا ۽ ڪي هن کي پنهنجو سورمو (Hero) ڪري سمجهندا هئا. ان هوندي به ڪتاب پڙهڻ جوڳو آهي، جنهن ۾ ”شگفته بياني“ (Flowery Language) ۽ ”بلاغت“ Rhetorical) عام جام آهن. ۽ سڪندر جون تقريرون ڪنهن وڏي ”سخن ور“ (Orator) جون لڳن ٿيون. سندس زندگي ۽ ڪتاب تي رولف (J.C. Rolfe) پنهنجي ڪتاب Q. Curtius Rufus, "History of Alexander" ۾ تبصرو ڪيو آهي. اهو ڪتاب ٻن جلد ۾ لنڊن مان  1971ع ۽ 1972ع ۾ شايع ٿيو آهي.

ڪرٽيس جو بيان ته سڪندر اولهه سنڌ جي حاڪم ميوزيڪينس جا 80000 ماڻهو مارايا، ڪلائٽارچس تان ورتل ٿو معلوم ٿئي.

گڏيل هندستان متعلق ڪرٽيس جي ڪتاب جو ترجمو مئڪرنڊل "Alexanders invasion of India" نالي ڪتاب ۾ ڪيو جو 1896ع ڇپيو ۽ ان ۾ هندستان جي باري ۾ جي 87 صفحا آهن، انهن مان 14 صفحن جو تعلق ”سنڌ“ سان آهي.

(18) پلوٽارچ

پلوٽارچ (Plutarch) سنه 46ع ۾ بوئيوٽيا صوبي جي ڪئيرونيا (Chaeronea in province of Boeotia) شهر ۾ پيدا ٿيو. سرڪاري ملازمت ڪيائين ۽ ان سان گڏ علمي شوق سبب لکڻ ۾ مصروف رهيو. هن تاريخ ۽ فلسفي تي ڪئين ڪتاب لکيا، جن مان هو 50 مشهور زندگين تي لکيل ڪتاب "Parallel Lives" لاءِ خاص طرح مشهور آهي. اهي زندگيون يوناني ۽ رومي حڪمرانن، جنرلن ۽ سياستدانن جون هيون، جن ۾ سڪندر اعظم به اچي ٿي ويو، جنهن جي زندگيءَ سان سنڌ جو به واسطو آهي. سندس ڪتاب ڪئين دفعا ترجمو ٿي چڪو آهي، جن ۾ پيرن جوڪتاب B.Perrin, Plutarch's lives. London 1919؛ ائان سڪاٽ ڪلورٽ جو ڪتاب Ian Scott Kilvert, the age of Alexander, London 1977 ۽ ايڊمنڊفلر جو Edmund Fuller, Plutarch Lives of noble Greeks, London 1974 قابل ذڪر آهن.

هند و پاڪستان متعلق سڪندر جي زندگيءَ جي حصن جو ترجمو مئڪرنڊل ڪيو، جو سندس ڪتاب "Invasion of India by Alexander the Great" (London 1996) ۾ ڇپيو. ۽ 14 صفحن ۾ آهي، جنهن مان 7 صفحا سنڌ متعلق آهن. هن پنهنجي تاريخ ۾ سڪندر اعظم ۽ ٻين جا خط استعمال ڪيا آهن، جي گهڻو ڪري نقلي هئا، پر سندس ”انداز تحرير“ (Literary Style) تمام سٺو آهي، جنهن ۾ قصا، ڪهاڻيون، روايتون شامل ڪيون ويون آهن، پر تاريخي اعتبار جي لحاظ سان قابل قبول نه آهن. ڪرٽيس وانگر هي هندو يوگي ڪلانوس جو قصو دهرائي ٿو ۽ سمبس جي علائقي ۾ جوڳين سان سڪندر جي ملاقات ۽ بحث مباحثو بيان ڪري ٿو. شايد اهي سڀ قصا نقلي هجن، جي ڪلائٽارچس جي ڪتاب تان نقل ڪيا ويا هجن.

(19) پيريپلس

پيريپلس (Periplus of Erythraean Sea)، مارڪو پولو، ڪولمبس، نيئرڪس ۽ ٻين جي جرنل وانگر آهي، جنهن ۾ واپار ۽ واپار لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ جا رستا ۽ واپار جا مرڪز، يورپ وارن جي لاءِ لکيا ويا آهن، جيئن هو مشرق ۾ واپار خاطر آسانيءَ سان اچي سگهن. مصنف جي نالي جي معلومات ڪانهي، پر ان جو لکيل اهو ”گائيڊ بوڪ“ جهازران ۽ واپاري استعمال ڪندا هئا.

سڪندر جي فتح کان بعد هندستان ۾ جيڪي حڪومتون پيدا ٿيون، تن جي تهذيب ۽ تمدن واپار کي وڌايو. ٻئي طرف رومن سلطنت ۾ عمدين شين جي استعمال لاءِ هرص ۽ شوق پيدا ٿيو. واپار جو سلسلو وڌندو رهيو ۽ پهرين صدي عيسويءَ جي پوئين اڌ ۾ مغرب ۾ مشرق جي پيداوار جي ضرورت، پنهنجي ڪمال تي پهتي. هي ڪتاب انهيءَ وقت جو لکيل آهي. ان جي لکڻ جي تاريخ تقريباً 70 يا 71 آهي.

هن ڪتاب ۾ سنڌ جو بندر باربريڪان (Barbaricon or Banbhore) بيان ڪيل آهي، جنهن جي درآمد: تصويرن وارو فلئڪس مان ٺهيل ڪپڙو (مصر ۽ ميسوپوٽيما جو)، ”زرد ياقوت“ (Topaz)، ”مرجان“ (Coral)، ”سلاجيت“ (Storax)، ”لوبان“ (Frankincense)، شيشو، شيشي، سون ۽ چانديءَ جا برتن، سون، چاندي ۽ شراب هئي ۽ برآمد: Turquise، ”لاجورد“ (lapis lazuli)، ......... (Lycium)، نير، رنگ، ڪپهه، ريشمي ڪپڙو، ريشمي کلون..... (Costus)، گوگر (Bdellium)، کئونر، گهه عطر وغيره هئي.

يوناني سنڌو نديءَ کي سنٿوز چوندا هئا ۽ سنڌ کي سٿيا (Scythia) يا سٿين جو ملڪ، جن جي هتي حڪومت هئي. سنڌ جي اندر منانگرا (شايد برهمڻ آباد يا الور) شهر هو، جو تخت گاهه هو. سنه 50ع تائين باربريڪان هند ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو بندر هو، جتان گهڻي ۾ گهڻو واپار ٿيندو هو، پر انهيءَ کان پوءِ موسمي هوا جو جهازرانيءَ لاءِ ايجاد ٿيڻ ڪري، بڙوچ يابئريگازا (Barygaza) وڏي ۾ وڏو بندر ٿي چڪو هو. ڪڇ جو رڻ ان وقت تانگهو سمنڊ هو، جنهن کي آئرينان (Eirinon) چوندا هئا. منجهس ست ٻيٽ هئا ۽ جهازرانيءَ جي لائق نه هو. عربي سمنڊ کي ايرائٿرينين (Erythraean Sea) چوندا هئا ۽ ڳاڙهي سمنڊ کي سنس عرئبيڪسَ (Sinus Arabicus).

پيريپلس جا ٻه انگريزي ترجما موجود آهن. پهريون مئڪرنڊل سنه 1879ع ۾ ڪلڪتي مان "Commerce and navigation of Erythraean Sea"- Translation of Periplus Naris Erythae جي نالي ڇپرايو ۽ ٻيو سڪاف (Scoff. W.H.) جو ترجمو فلاڊيلفيا مان سنه 1912ع ۾ ڇپيو. انهن ۾ پويون ترجمو بهتر سمجهيو ٿو وڃي.

(20) پلني دَي ايلڊر

پلني دي ايلڊر (Pliny the Elder or Gais Pilnius Secondns) اٽلي جي ڪومو يا ڪومم (Comum or Como) شهر ۾ سنه 23ع ۾ پيدا ٿيو ۽ رومن سلطنت ۾ ڪيترن وڏن سول ۽ ملٽري عهدن تي رهيو. سنه 79ع ۾ ويسيوئيس ٻرندڙ جبل جي تباهه ٿيل ماڻهن جي مدد لاءِ اتي ويو ۽ ٻوساٽجي مري ويو. هن ڪَئين ڪتاب لکيا، جن مان "On Natural History" جو 37 جلدن ۾ آهي، هن وقت به موجود آهي، باقي ڪتاب ضايع ٿي ويا. اهو ڪتاب 146 رومين ۽ 327 غير رومين لکيو. ڪتاب ۾ جاگرافي، جانورن، مڇين، پکين، جيتن، وڻن، ٻوٽن، گلن، دوا جي ٻوٽين، ڌاتن ۽ قيمتي پٿرن وغيره جو بيان آهي. اهو ڪتاب قديم علم جي هڪ انسائڪلوپيڊيا آهي. هن ڪتاب لکڻ لاءِ هزارين ڪتاب استعمال ڪيا ويا. بدقسمتيءَ سان ڪَئين غلط احوال سندس ڪتاب ۾ درج ٿي ويا، خصوصاً حيوانيات (Zoology) جي جلدن ۾، اها تاريخ سنه 77 ع ۾ مڪمل ٿي.

هن جي جاگرافي واري حصي ۾ قديم سنڌ متعلق ڪافي مواد موجود آهي. مثلاً

1.     ڳاڙهي سمنڊ ۾ تجارت جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ انئٽيوڪس ٽئين ۽ چوٿين، گيرا (Gerrha) تي حملا ڪيا.

2.     سون جي سڪن جو وڏو تعداد هر سال هندستان موڪليو ويندو هو، جنهن جي عيوض هندستان مان مصالح ۽ ڪئين نفيس شيون (Luxury goods) روم روانا ڪيا ويندا هئا.

3.     سندس دور ۾ باربريڪان (Barbaricon) يا ڀنڀور سنڌ جو مکيه ۽ مشرق جو پهريون بندر هو، جتي مغرب کان ايندڙ جهاز لنگر هڻندا هئا.

4.     سنڌ ۽ هندوستان سان تجارت جي سلسلي جون شيون بيان ڪيون ويون آهن.

5.     هند، سنڌ ۽ مصر جي وچ ۾ خشڪي ۽ ساموندي رستا ڏيکاريا ويا آهن.

6.     پلني جي تاريخ تيار ڪرڻ وقت يعني 77ع ۾ ڀنڀور جي تجارت گهٽجي چڪي هئي ۽ بئريگازا (Barygaza) يا بڙوچ هندستان جو وڏو تجارتي بندر ٿي چڪو هو.

7.     هندوستان سان واپار جي حفاظت لاءِ ڳاڙهي سمنڊ ۾ رومن حڪومت طرفان بحري اڏو قائم ڪيو ويو هو.

(8)    جيڪو مال عرب قافلن رستي عدن کان روم پهچائيندا هئا، سو ڏاڍو مهانگو پوندو هو.

(9)    گڏيل هندوستان مان روم هيرا جواهر، سنگمرمر جو سامان، سليماني پٿر (agate)، عقيق (Cornelian)، عقيقِ احمر (sard)، عقيق سليماني (Sardonyx)، فيروزه (beryl)، ياقوت ڪبود (saphire)، لعل (ruby)، ... (turqaise)، سچو بلور (crystal)، نيلم (amethyst) دوڌيو پٿر (opal) ۽ ياقوت (garnet) وغيره روانا ڪيا ويندا هئا. انهن مان ڪي شيون افغانستان ۽ سوات مان اينديون هيون۽ باربريڪان مان ٻاهر وينديون هيون.

(10)   اسٽرابو ۽ پيريپلس وانگر، پلني پڻ موسمي هوائن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ ٻڌائي ٿوته ڪيئن هيئپولس جي ايجاد ڪري باربريڪان جو واپار گهٽجي ويو.

(11)   يوڊوڪسز جو هندوستان مان واپسي وقت آفريڪا جي چوطرف ڦري اسپين ۾ پهچڻ.

(12)   پلني سڪندريه کان ملبار پهچڻ لاءِ پورو حساب ڏنو آهي ته اهو سفر 114 ڏينهن ۾ ٿيندو هو، جنهن مان صرف 40 ڏينهن عربي سمنڊ ۾ گذرندا هئا.

13.    هندوستان مان مصر لاءِ سفر ڊسمبر يا جنوري ۾ ڪيو ويندو هو.

14.    قيمتي پٿرن کان سواءِ هندوستان مان عطر، عنبر، مُشڪ، کاڌي لاءِ ڪي هندوستاني جانور، جسم کي لڳائڻ جون دوائون، هندوستاني طوطا، ڀولڙا، شينهن ۽ چيتا پڻ روم روانا ڪيا ويندا هئا، جن مان ڪي خشڪي رستي.

(15)   هڪ سنڱ وارو درياهي گهوڙو (Rinoceros) جو سنڌ ۾ هوندو هو، روم موڪليو ويندو هو.

(16)   هندوستاني هاٿي، سڪندراعظم کان فوراً بعد سيليوڪس ۽ ٽالمي استعمال ڪيو ۽ اهو برآمد ٿيندو رهيو.

(17)   چيني، ٿٻيٽي ۽ چيني ترڪستان جي جانورن جون پشمي کلون (furs)، سنڌ جي بندر باربريڪان مان روم روانيون ٿينديون هيون.

(18)   گيندي (Rinoceros) جا سنڱ ۽ کل پڻ روم ويندي هئي. ازانسواءِ هندوستان جي هاٿين جو علاج پڻ.

(19)   سنڌنديءَ جي ڀرسان سڀ (Oysters) ۽ سنگ ٻڌيا (conchylia) لڀندا هئا، جي روم روانا ڪيا ويندا هئا.

(20)  هندستاني... (Sandyx) جا ڳاڙهي رنگ رنڱڻ ۾ ڪم ايندي هئي اڄ تائين اهو رنگ ڪن وڻن جي ڇوڏن مان ٺاهيو ويندو آهي.

(21)   ڪيئي قسم جا مصالحا ۽ دوائون، جي ڪن ٻوٽن مان پيدا ٿينديون هيون، روم وينديون هيون.

(22)  سُرڪي (Ginger) جو گاهه سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان مان روانو ڪيو ويندو هو.

(23)  پٽالا جي ڀرسان (Costus) نالي هڪ خوشبودار ٻوٽي پيدا ٿيندي هئي ۽ باربريڪان مان روانو ڪئي ويندي هئي.

(24)  ڪن وڻن جو کونر، جو سنڌ، بلوچستان، افغانستان، هرات ۽ قنڌار ۾ به پيدا ٿيندو هو، سو به روم روانو ڪيو ويندو هو.

(25)  نير، جو سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيدا ٿيندو هو۽ Lycium جو پيلي رنگ جو هو ۽ خوبصورتي لاءِ منهن کي لڳائڻ ۾ ڪم ايندو هو، پڻ باربريڪان مان اُٺن ۽ گينڊي (Rinoceros) جي کل ۾ روانو ڪيو ويندو هو.

(26)  هندستان کان ٻاهر کنڊ دوائن ۾ ڪم ايندي هئي، اها هتان رواني ڪئي ويندي هئي.

(27)  هندستان ۽ سنڌ مان چانور، جوار ۽ ٻاجهري پڻ روم موڪليا ويندا هئا.

(28)  پلني ان وقت جي ڪيترين شين جي قيمت ڏني آهي، جن ۾ سنڌ جي پيداوار جون به شيون آهن ۽ ان مان وقت جي معاشيات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

(29)  موسمي هوا جي جهازراني لاءِ استعمال واري ايجاد کان بعد باربريڪان بندر تي آمدورفت گهٽي ۽ هندستان جي ٻين حصن سان روم جو سڌو واپار ٿيڻ لڳو. روم وارن کي شيون سستي اگهه ۾ ملڻ لڳيون.

(30)  اهڙيءَ طرح ڪيئي معدني شيون (Minevral products) ۽ قيمتي پٿر پڻ روم موڪليا ويندا هئا، جن مان ڪي تاتار، ٿٻيٽ، چين، بدخشان ۽ هندوڪش مان سنڌوندي رستي باربريڪان پهچندا هئا.

(31)   جيڪي شيون درآمد ٿينديون هيون، ان ۾ يوناني عورتون (White women) مرجان (Coral) سنهو ۽ رنگين ڪپڙو (جو مصر مان ايندو هو ۽ باربريڪان تي لهندو هو) شراب، سلاجيت (Storax) جا پاڻياٺي شيءِ هئي ۽ دوائن ۾ ڪم ايندي هئي.

(32)  پتل، شيهو، لوهه، ٽامون، سينکيو (Drsenic)، سندر (Relead)، قلعي، سون، چاندي ۽ سون جا سڪا پڻ باربريڪان ۾ روم مان درآمد ٿيند هئا. اهي ساڳيون شيون هندستان جي بندرن تي پڻ روانيون ڪيون وينديون هيون.

(33)  هندستان ۽ روم جي واپار جي شين جي برآمد ۽ درآمد (Import and export) کان پوءِ روم جي درآمد زياده هئي، انڪري هو هندستان کي هر سال 55000000 سيسٽرسيز (Sesterces) سون جي صورت ۾ ڏيندا هئا. ان جو شروع ۾گهڻو حصو باربريڪان بندر تي ڏيڻو پوندو هو، پر 50ع کان بعد ۾ زياده حصو بڙوچ ۽ ملبار ڪناري تي خرچ ٿيندو رهيو. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو خرچ فقط بڙوچ ۽ باربريڪان ۾ ٿيندو هو ۽ ان ۾ ڪاري منڊل، سلون، تامل علائقن جو حصو ڏنل ڪونه آهي.

       پلني جي ڪتاب مان چند جملا صرف مثال طور ڏنا ويا آهن، پر ڪتاب ۾ مواد ايترو آهي، جو سنڌ جي واپارين ۽ ٻين ڳالهين تي هڪ جلد لکي سگهجي ٿو. منهنجو مضمون، International trade of sind, 200 B.C-200 A.D., through its port of Barbaricon پڻ ان ڏس ۾ صرف هڪ ابتدائي ڪوشش آهي.

       پلني جي ڪتاب جا جرمن، فرينچ ۽ لئٽن ترجما موجود هئا. تازو رئڪمن (H. Rackman) اُن جو ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو 1967ع ۾ لنڊن مان لوئب ڪلاسيڪل لائبرري طرفان Pliny-Natural History جي نالي سان شايع ٿيو آهي. منهنجي خيال مطابق جيڪڏهن پلني، اسٽرابو ۽ پيريپلس جو مطالعو ڪبو ته سنڌ تي وڏو مواد ملي ويندو. ان سان گڏ چارلسورٿ (Charlesworth)، ورمنگٽن (Wormington) ۽ مئڪرنڊل جي ڪتاب Anceint India as described in classical literature جي مطالعي جي به ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com