ڪيترن ئي پوئتي پيل ملڪن ۾ مرضن جا سبب اڄ تائين
اهي ساڳيائي سمجهيا وڃن ٿا، جهڙوڪ: آفريڪا،
ڏاکڻوآمريڪا، بنگال، سيام، برما، جاوا، بورنيو،
سنڌ جون ٻهراڙيون به ان کان بچيل ڪونه آهن. ويندي
انگلنڊ جهڙي ملڪ ۾ به ڏائڻ ڊاڪٽر
(Witch Doctors)
اڃا تائين مشهور آهن. اتي مرضن جو علاج ٽوڻن ڦيڻن
۽ تعويذن سان اڄ تائين ٿي رهيو آهي. اڳ جادو ۽
مذهب ڪي جدا جدا شيون ڪونه هيون. اهو ممڪن آهي ته
اڳوڻا ويد اصل ۾ ”جادوگر“ ئي هجن ۽ سندن طب علاج
جي معقول طريقي کان عاري هجي.
انسان گڏوگڏ دوائن(جڙي ٻوٽين) سان علاج شروع ٿيو،
ان جا ڪي سبب هوندا. غئبات جي لاءِ سمجهيو ويو
هوندو ته اهي بدبودار ۽ ڪَوڙين دوائن کان ڀڄندا
هوندا. پوءِ ڏٺو ويو هوندو ته ڪنهن خاص دوا ڏيڻ
سان ڪو خاص مرض واقعي دور ٿئي ٿو. پوءِ اها دوا ان
مرض لاءِ رائج ٿي وئي هوندي. ان طرح اڻ پوري ۽ غير
معقول قسم جي طب شروع ٿي هوندي. جانورن کان به
ماڻهن علاج ڪرڻ سکيو. مثال طور حيوان زخمي ٿيڻ بعد
پنهنجي ڦَٽَن کي پيا چٽيندا آهن، جيڪو ”تڪميد“ جو
هڪ طريقو آهي. ڪجهه طريقا وري تجربي سان مفيد ثابت
ٿيا هوندا. مثلاً ڪِني ۽ رکيل کاڌي کائڻ کان پوءِ
پيٽ خراب ٿيو هوندن ۽ الٽي اچڻ سان طبيعت ٺيڪ ٿي
هوندن. پوءِ الٽي مفيد ڄاڻائي هوندائون ۽ اهي
دوائون جي الٽي آڻن ٿيون، طب ۾ شامل ڪيون
هوندائون. ڪني ۽ رکيل کاڌي کي وري خراب ڄاڻايو
هوندائون. ساڳي طرح اُس ۾ گهڻو هلڻ سان مٿي ۾ سور
۽ ڪمزوري محسوس ڪئي هوندائون ته سخت سرديءَ ۾ وري
زڪام ۾ مبتلا ٿيا هوندا ۽ اڳتي جي لاءِ سخت اُسَ ۽
سخت ٿڌ کان پرهيز ڪئي هوندائون. ڪي دوائون اتفاقاً
معلوم ٿيون هوندن ته ڪن جي لاءِ چوڻ آهي ته اهي
خوابن (الهامن) جي شڪل ۾ نازل ٿيون.
باقي آئنده
حوالا
نوٽ:
باب نمبر 2 جي ترتيب ۾ هيٺين ڪتابن تان مدد ورتي
وئي آهي:
(1) هسٽري ايند ري ڪنسٽرڪشن آف طِب: از مرزا
علي احمد مغل
(2) ڪتاب طِب اسلامي: از حڪيم محمد يحييٰ.
(3) ڪتاب العلاج، جامع الحڪمت جلد اول. تاليف:
حڪيم محمد حسن قريشي
(4) آ شارٽ هسٽري آف ميڊيسن: از چارلس سنگر ۽
اِي- ايشورٿ ائنڊورڊ
غلام محمد لاکو
ڇا دريا خان ۽ مبارڪ خان ٻه الڳ شخص آهن؟
ويجهڙائيءَ ۾ سنڌالاجي ”ارغونن ۽ ترخانن جي تاريخ“
نالي هڪ ڪتاب انگريزيءَ ۾ ڇاپيو آهي(1). هي ڪتاب
ايم.ايڇ صديقي صاحب تاريخ معصوميءَ جي ترجمي ۽ شرح
سان بطور ڊاڪٽريٽ ٿيسز جي مئنچيسٽر يونيورسٽيءَ ۾
پيش ڪيو آهي. فاضل مولف، مير صاحب جي غلطين جي
اصلاح ڪندي؛ پنهنجي طرفان ڪتاب تي ڏاڍا قيمتي
حاشيا لکيا آهن. بهرحال هڪ حاشيي اندر صديقي صاحب
”سما دور“ جي هڪ سورمي، جنهن جو اصلي نالو
”قبوليو“ هو، جيڪو پوءِ ”دريا خان“ نالي ۽ ”مبارڪ
خان“ لقب سان مشهور ٿيو، تنهن بابت لکيو آهي ته:
"Darya Khan and Mubarak Khan are clearly two
different persons"(2).
ان بعد پنهنجي راءِ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ٽي رايا
ڏنا اٿس:
(1) مبارڪ خان، ڄام نندي جو وزير هو، جيڪو هڪ دفعي
شاهه بيگ سان وڙهيو هو، (طبقات
III،فرشته
۽ ماثر رحيمي
II).
(2) سندس ذڪر فيروز جي وقت ۾ نه ٿيو آهي، شايد اڳ
مري ويو هجي؟
(3) تاريخ طاهري مبارڪ خان ۽ دريا خان جو الڳ الڳ
ذڪر ڪيو آهي(3).
مناسب آهي ته پهرين فاضل مولف جي ٽنهي نقطن جو جدا
جدا جواب ڏجي ۽ بعد ۾ صحيح صورتحال لاءِ مجموعي
اڀياس ڪجي.
(1) فاضل مولف ٻڌائي ٿو ته مبارڪ خان، ڄام نندي جو
وزير هو ۽ هڪ دفعي شاهه بيگ سان وڙهيو هو. هت اسين
جنگ جي ممڪنه سال ۽ سنڌي قيادت بابت تفصيلي بحث
ڪنداسين. هن اڀياس ڪندي هن معاملي جي پڻ ڇنڊ ڇاڻ
ٿيندي ته مبارڪ خان ۽ ڄام نندي جي وچ ۾ ڪو سماجي
ناتو يا واسطو به هو يا هو صرف سندس درٻاري وزير ۽
امير هو؟ اچو ته تاريخ جا ورق اٿلايون. مقامي
مورخن مان قانع ۽ مير معصوم نندي جي دور ۾ سبيءَ
تي ٿيل حملي جو ذڪر ڪيو آهي. تازين کوجنائن جي
آڌار تي هيءُ معلوم ٿيو آهي ته هيءَ يلغار 892هه
ڌاري ٿي۽ سنڌي قيادت ان بعد پيدا ٿيل صورتحال تي
895ع ڌاري مڪمل قابو پاتو(4) حقيقت ۾ هن حملي بابت
طبقات، ماثر ۽ فرشته جي صاحبن رڳو ويهي ڌڪا هنيا
آهن. اهي اقتباس مڪلي نامي جي حاشيي تي ڏسي سگهجن
ٿا. هنن ليکڪن مبارڪ خان کي صرف ”يکي از امراء جام
ننده“ لکيو آهي، ته ٻئي طرف سنڌ جا تقريباً سڀ
مورخ کيس ”پسرخوانده جام ننده“ لکن ٿا.
اچوته تاريخ معصوميءَ جو سهاور وٺون ۽ حقيقت جي
ڄاڻ حاصل ڪريون. هي ڪتاب ”چچ نامه“ بعد، سنڌ جي
تاريخي اُڀياس لاءِ بنيادي ڪتاب آهي؛ جيڪو سنڌ
اندر لکيو ويو. مير محمد معصوم جو هي ڪتاب، جتي
ڪيترين خوبين سان ڀرپور آهي؛ اتي ڪجهه تاريخي
غلطين جو حامل به آهي. هت اسين هن تاريخ مان ٻه
اقتباس ڏسنداسين ته مذڪوره حملي ۾ سنڌي قيادت ڪهڙي
جوڌي جي هٿ ۾ هئي؟ هي ٻه اقتباس اصل ۾ هڪ واقعي ڏي
اشارو ڪن ٿا، پر لکيل جدا جدا موقعن تي آهن.
(i)
]ڄام
نظام الدين جي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ شاهه بيگ جي
لشڪر قنڌار کان اچي اڪڙي، چانڊڪي، ۽ سيديچي ۾ ڦر
ڪئي. ڄام هڪ وڏو لشڪر مغلن جي فساد بند ڪرڻ لاءِ
چاڙهي موڪليو، جن جلوگير نالي مشهور ڳوٺ وٽ اڳ وٺي
سخت لرائي ڪئي. انهيءَ لڙائيءَ ۾ شاهه بيگ جو ڀاءُ
قتل ٿي ويو ۽ ٻيا شڪست کائي قنڌار موٽي ويا ۽ ڄام
نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري سنڌ ۾ نه آيا.[(5)
هت سوال ٿواڀري ته سنڌي قيادت ڪنهن ڪئي ۽ ٻيو ته
ابوالمحمد هڪ دفعو سنڌين هٿان موت جو مزو چکي وري
محض ان لاءِ ٻيو جنم وٺي آيو ته هو پنهنجو پلاند
ڪري؟ تعجب آهي ته مير معصوم ساڳئي واقعي کي، ايندڙ
صفحن ۾ ڏاڍو منجهائي لکيو آهي. بهرحال هت سنڌي
قيادت لاءِ پڻ جواب ملي ٿو.
(ii)
]نيٺ
سنڌ جي فتح ڏانهن رخ رکيائون ۽ ٻيهر وڃي ڪوٽ ماڇين
۽ چانڊڪي ۾ ڦرلٽ ڪيائون. انهيءَ سال ٺٽي جي حاڪم
ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان اوچتو وڏو لشڪر وٺي
سبي ويو. شاهه بيگ انهن ڏينهن ۾ زرهي ۽ سيستان
ڪاهي ويو هو. مغلن ۽ سنڌين جي وچ ۾ سخت لڙائي لڳي،
جنهن ۾ ابوالمحمد مرزا شهيد ٿي ويو. روزي بيگ ۽
ٻيا ٿورا ارغون ۽ هزاري جا ماڻهو، جيڪي پوئتي رهيل
هئا، تن انهيءَ جنگ ۾ مقابلو ڪيو ۽ سنڌي ٺٽي واپس
موٽي ويا.[(6)
پهرئين اقتباس ۾ مير صاحب لڙائيءَ ۾ شاهه بيگ جي
ڀاءُ جي قتل جو اشارو ڪيو آهي ۽ مغلن جي شڪست توڙي
سنڌين جي فتح جو کليو اقرار ڪندي هي تسليم ڪري ٿو
ته ڄام نندي جي دور حڪومت ۾ ارغونن کي وري سنڌ تي
حملي جي جرئت نه ٿي. خبر نه آهي ته چاليهن صفحن
وڌيڪ لکڻ بعد مير کي ڪهڙو خيال ٿيو يا وري ارغونن
سان ڪنهن ناتي نباهڻ جو خيال پيش آيو، جو
ابوالمحمد ”شهيد“ به سڏيو، ارغونن مقابلو کٽيو ۽
سنڌين وري شڪست کائي ٺٽي ڏي پويان پير ڪيا!! ڏک
صرف هيءُ آهي ته تازي دور ۾ ايم.ايڇ صديقي صاحب پڻ
پهرئين اقتباس کي نظرانداز ڪندي، ٻئي اقتباس جي
تقليد ڪري، سنڌين لاءِ
"Retreat"
لفظ استعمال ڪيو آهي(7).
حقيقت ۾ هيءُ هڪ ئي واقعو آهي، جنهن کي مير معصوم
خبر نه آهي ته ڇو دوباره لکڻ وقت منجهائي ڇڏيو
آهي؟ بهرحال واقعي جي دهرائڻ سان هي خبر چڱيءَ طرح
پئجي وئي ته ڄام نندي جي دور ۾ سبيءَ تي جيڪو حملو
ٿيو، ان جي قيادت ڪنهن ڪئي؟ صاف ظاهر ٿيو ته مبارڪ
خان جو ذڪر شاهه بيگ جي ويڙهه جي سلسلي ۾ صديقي
صاحب ڪيو آهي؛ دريا خان به اهوئي آهي—نه ڪي ٻيو ڪو
شخص دريا خان آهي. قانع جي لکڻ موجب ”درياخان“
سندس سلطاني نالو ۽ لقب ”مبارڪ خان“ هو. هي شخص
صرف ڄام نندي جو وزير نه هو، بلڪ سندس پٽيلو پڻ
هو(8). هي دريا خان ڪوهتي ختم نه ٿيو؛ پر فيروز جي
دور ۾ پڻ سنڌ جي سلطنت جو وزيراعظم هو۽ آخر ۾
ارغونن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. هيٺ تفصيلي بحث ۾،
پڻ جيڪي ”اقتباس“ معصوميءَ مان ڏبا؛ تن جو واسطو
ته دريا خان سان آهي؛ پر اهي لکيا ويا آهن فيروز
جي دور لاءِ. اسين هاڻي ٻئي نقطي ڏي اچون ٿا.
(2) هت سوال ٿو اُٿي ته ڇا مبارڪ خان فيروز جي دور
کان اڳ مري ويو هو؟ اسان مٿي ثابت ڪيو آهي ته
سبيءَ ۾ سنڌي فوج جي قيادت ڪندڙ مبارڪ خان عرف
دريا خان هو؛ جيڪو ڄام نندي جو منهن ٻوليو پڻ هو.
اچوته ٿوري دير لاءِ
Retreat
جو سهاور وٺي هي فرض ڪيون ته مبارڪ خان هن ڀاڄ ۾
مارجي ويو هو. پر مبارڪ خان جي مدفن واري چوديواري
جي ڏاکڻي ڀت تي لڳل ڪتبو ٻڌائي ٿو ته هن سنڌي
سورمي هن ويڙهه ۾ مغلن تي سوڀ پاتي هئي. ڪتبو هن
ريت آهي:
”هٰذ المقام بامرخان الاعظم مبارک خان بن سلطان
نظام الدين شاهه بن صدرالدين شاه بن صلاح الدين
شاه بن سلطان رڪن الدين شاه. و هو المظفر علي ملان
الهروي والقندهار.“
(مڪلي نامه، صه 111)
ياد رهي ته اوڀارين ديوار تي لڳل ڪتبي ۾ سنه 895هه
نمايان آهي؛ جنهن مان هي اندازو ڪيو ويو آهي ته
مغلن ۽ سنڌين جي وچ ۾ هي فيصله ڪن لڙائي مذڪوره
سال ۾ ٿي گذري. سواسان جو هي تصور به غلط نڪتو.
مبارڪ خان جي قبر تي هڪ ڪتبو لڳل آهي جنهن مان صاف
ظاهر آهي ته، هي سنڌي جوڌو بستري موت نه مئو هو؛
پر وطن تان ريٽي رت کي قربان ڪري سنڌ تي ٿيل حملي
جي مدافعت ڪندي شهيد ٿيو. ملاحظه ڪريو ڪتبو:
ياالله
هٰذا مرقد المعطر
للخان الاعظم
شهيد مبارک خان
ابن سلطان نظام الدين (حاشيه مڪلي نامه، صه 102)
اگر نندي جي دور ۾ مبارڪ خان شهيد ٿيو هجي ها ته
يقيناً مغليه تاريخدان هن واقعي کي وڏي شان مانَ
سان لکن ها، پر اسان جي نظر مان ڪابه اهڙي تاريخ
نه گذري آهي، جيڪا هي ٻڌائي ته مبارڪ خان نندي جي
دور ۾مري ويو يا مارجي ويو. سڀ مورخ هن تي متفق
آهن ته مبارڪ خان عرف دريا خان 927هه ۾، فيروز جي
دور ۾ شاهه بيگ سان وڙهندي ساموئي جي ميدان تي
شهيد ٿيو. ان ڪري هي چوڻ ته مبارڪ خان فيروز جي
دور کان اڳ ۾ مري ويو، محض خام خيالي آهي.
(3) ٽئين نقطي ۾ فاضل مولف چوي ٿو ته تاريخ طاهري
درياخان ۽ مبارڪ خان جو الڳ الڳ ذڪر ڪيو آهي. اچو
ته ان بابت طاهريءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪيون. مندرجات ڪتاب
۾ ”طبقہ دويم“ اندر جن موضوعات جي فهرست آهي، ان ۾
هڪ مضمون جو عنوان آهي ”تربيت داشتن جام ننده دريا
خان راکه از لکهدير گرفتہ“. اڳتي مصنف جڏهن صفحي
چوونجاهه تي هن موضوع بابت قلم ڪاهي ٿو، تڏهن به
عنوان ساڳيو لکي ٿو.البته تفصيل ۾ ويندي صرف ايترو
لکي ٿو ته ڄام نندي، لکدير کان غلام زادو ”قبولئي“
نالي ورتو ۽ سٺي تربيت بعد کيس ”مبارڪ خان“ خطاب
ڏنائين(9). موضوع مان خبر پئي ٿي ته مصنف کي اصل
حقيقت جي باري ۾ پوري پوري ڄاڻ هئي. پر جيئن ته
پاڻ پنهنجي ڪتاب کي آخري طرح مرتب نه ڪري
سگهيو(10). ان ڪري دريا خان ۽ مبارڪ خان بابت صحيح
۽ واضح بيان به لکي نه سگهيو ۽ معاملو گڏيل رهجي
ويو.
ان کان علاوه عقلي دليل به هي آهي ته عنوان تي آيل
دريا خان جيڪو لکدير کان ورتو ويو ۽ خصوصي تربيت
ٿيس: سوئي مبارڪ خان به آهي ته درياخان به.. نه
ڪي ديوان کان لکدير نالي مبارڪ خان به ورتائين ۽
لکدير نالي درياخان به! بهرحال تاريخ کي پڙهڻ بعد
ازخود معلوم ٿيو وڃي ته نه طاهر محمد دريا خان ۽
مبارڪ خان بابت الڳ الڳ باب ڏنا آهن ۽ نه وري سندن
علحده تفصيل ڏنو ويو آهي.
هاڻي اچو ته مختلف تاريخي ماخذن، مڪليءَ جي مقام
توڙي اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي مورخن جا رايا ۽
بيان مطالعو ڪري، دريا خان ۽ مبارڪ خان بابت
پنهنجي بحث جي پڄاڻيءَ تي پهچون. هت اسين ٻن
انگريزن ليکڪن برٽن ۽ ميجر هيگ جو خاص طرح سان
اڀياس ڪنداسين.
(الف) معصوميءَ کان تحفتہ الڪرام تائين:
تاريخ معصومي، 1009هه/1600ع
چچ نامو جيتوڻيڪ سنڌ جي تاريخ جو پهريون ماخذ آهي،
پر هيءُ ڪتاب صرف عرب فتوحات تائين محدود آهي. مير
محمد معصوم جو ”تاريخ معصومي“ سنڌ جي تاريخ جو ٻيو
ماخذ آهي، جيڪو سنڌ اندر لکيو ويو. هي ڪتاب عربن
جي فتح کان ڪري سنڌ جي مغليه غلاميءَ تائين؛ ڏيهي
حالتن تي سٺي روشني وجهي ٿو. مير صاحب ڪتاب اندر
شاهه حسن جي معاصر بزرگن جو تذڪرو جدا ڪيو آهي، جن
مان مخدوم بلال، قاضي قادن ۽ شاهه حيدر سنائي مک
آهن. پر افسوس جو بخل کان ڪم وٺي درياخان بابت ٻه
اکر لکڻ جي تڪليف، مير صاحب کان نه پڳي. بهرحال
مير صاحب جي مٿي ڏنل ٻئين اقتباس کي نظر ۾ رکي؛
هيٺ اسين سنڌ جي هن سورمي بابت سندس ٻه ٻيا اقتباس
به پڙهون:
(1) ”نيٺ سنڌ جي فتح ڏانهن رخ رکيائون ۽ ٻيهر وڃي
ڪوٽ ماڇين ۽ چانڊوڪه ۾ ڦرلٽ ڪيائون. انهيءَ سال
ٺٽي جي حاڪم ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان اوچتو وڏو
لشڪر وٺي، سيويءَ ويو“.
(2) ”ڄام نندي جو پٽيلو دريا خان، ڄام فيروز کي
ٺٽي ۾ ڇڏي، وڏو لشڪر ساڻ ڪري، لڙائي لاءِ نڪتو.
ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اهڙي سخت لڙائي لڳي جنهن جي شرح
کان قلم جي زبان قاصر آهي“.(11)
آهي ڪو فرق؟ اهو ئي دريا خان جيڪو نندي جي دور ۾
سبيءَ جي ويڙهه ۾ شريڪ ٿيو ۽ سندس هٿان ابوالمحمد
قتل ٿيو ۽ اهوئي درياخان فيروز جي دور ۾ به شاهه
بيگ کي سامهون ٿيو ۽ وڏي ڳالهه ته مير صاحب سبيءَ
جي حملي کان ڪري ساموئيءَ جي ويڙهه تائين؛ کيس ڄام
نندي جو وزير ۽ امير نه، بلڪ پٽيلو سڏي ٿو.
بيگلار نامه 1068هه – 1608ع:
ادراڪي بيگلاري، درياخان بابت لکي ٿو، ”ڄام فيروز
تيرهن ورهيه حڪومت ڪئي هئي، ته اوچتو نواب شاهه
بيگ ارغون زبردست لشڪر ساڻ ڪري سنڌ تي ڪاهي آيو ۽
جبل لتاڙي سنڌو ندي اُڪري ساموئي شهر ۾ درياخان
سان اچي جنگ ڪيائين، جو ڄام نظام الدين جي وقت جو
هڪڙو بهادر ۽ سخي سردار هو. آخر درياخان مغلن جي
لشڪر وٽ قيد ٿي پيو ۽ قتل ٿي ويو.(12)
تاريخ طاهري 1030هه – 1621ع:
مير طاهر محمد جي هن ڪتاب ۾ درياخان عرف مبارڪ خان
بابت آيل اصل حقيقت جي اڳ ۾ ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي هن سورمي بابت هيٺ ٻه اقتباس هن ڪتاب مان
ڏجن ٿا، جيڪي هن بحث جي ڏس ۾ تمام گهڻي اهميت رکن
ٿا:
(1) مبارڪ خان جي پوزيشن بابت طاهر محمد لکي ٿي،
”بہ از فرزندان و اقربا او رامي دانست و مي ديد“.
(2) پوءِ جڏهن ڄام نندي وفات ڪئي، تڏهن حڪمران ته
فيروز ٿيو پر حقيقي بار سندس منهن ٻولئي پٽ مبارڪ
خان عرف درياخان جي سر تي هو؛ جنهن کي مٿي آيل
جملي موجب ڄام پنهنجن پٽن ۽ عزيزن کان به وڌيڪ
سمجهندو هو. اقتباس هي آهي، ”و فيروز بجاري پدر
گشت، روباد بار آن نهال پر بار، پرورده پدر يعني
دريا خان آورد“.(13)
تاريخ مظهر شاهجهاني 1044هه -1634ع:
جيتوڻيڪ ميرڪ يوسف هي ڪتاب شاهجهاني دور بابت لکيو
آهي؛ البت ڪٿي ڪٿي سمن، ارغونن ۽ ترخانن جي دور
بنسبت اشاراتي مواد به مليو وڃي. درياخان جو ذڪر
ڪندي مصنف لکي ٿو، ”سنڌ جي والي ڄام نندي (ڄام
نظام الدين) جي زماني ۾ چاڳلي نالي هندو وزير کي
ڄام نظام جي پٽيلي درياخان سان گڏي سيوهڻ موڪليو
ويو هو، جنهن هتي اچي باراني پاڻيءَ تي وهندڙ ساوه
(ساوي) واري واه کي وهايو هو“.(14)
ترخان نامہ 1065هه-1654ع:
سيد مير محمد لکي ٿو، ”دريا خان پسر خوانده ڄام
ننده ڄام فيروز را در تهتہ گذاشتہ با لشکر با
محاربہ در آمده بين الفريقين آتش قتال و جدال برا
فروخت و جنگي چنان در پيوست کہ از شرح آن زبان
قاصر است“.(15)
مٿين اقتباسن مان هي معلوم ٿئي ٿو ته، چئن ئي
مورخن جا دريا خان بابت ساڳيا خيال ۽ جذبا به
هڪجهڙا آهن. مقصد ساڳيو ۽ تقريباً لفظي صنعت گيري
به يڪسان آهي. دريا خان نندي جو نه رڳو امير-وزير
هو پر سندس پياري ۾ پيارو ۽ پٽيلو پڻ هو. هنن
مورخن مبارڪ خان ۽ درياخان جي الڳ هجڻ يا هڪ هجڻ
واري مسئلي کي نه ته ايتري اهميت ڏني ۽ نه وري ان
جي ضرورت ئي سمجهي آهي. قانع پهريون مورخ آهي،
جنهن نه رڳو هن معاملي جي اهميت محسوس ڪئي؛ پر ان
متعلق ضروري ڇنڊڇاڻ ڪرڻ به لازمي سمجهي.
تحفہ الڪرام 1181هه-1768ع:
ٺٽي جي علمي ماحول ۾، قانع جهڙي اهم قلمڪار تحفہ
الڪرام جهڙو شاهڪار ڪتاب لکيو. هيءُ پهريون مورخ
آهي، جنهن کي مبارڪ خان ۽ درياخان جي هڪ هجڻ واري
مسئلي تي ڳوڙهوويچار ڪرڻو پيو. ان ڪري هن مڪليءَ
جو اڀياس به ڪيو ته مختلف تاريخن کي به پڙهيو.
اهوئي سبب آهي جو هن بزرگ جي تاريخ جو حوالو پوين
سڀني مورخن، بنا ڪنهن هٻڪ جي کنيو آهي. سندس ڪتاب
۾، اسان جي موضوع بابت مکيه اقتباس هي آهن:
(1) ”سندس بادشاهيءَ جي پوين ڏينهن ۾، ”شاه بيگ“
جي لشڪر قنڌار کان اچي، اڪڙي، چاندوڪي، سنديچہ ۽
ڪوت ماڇيءَ جي ڳوٺن کي ڦريو. سندس پويان، درياخان،
سيويءَ تائين ڪاهي ويو ۽ سخت لڙائي ڪري، شاه بيگ
جي ڀاءُ ابوالمحمد مرزا کي ڪهي، فتح سان موٽي
آيو.“
(II)
”کانئس پوءِ ”ڄام فيروز“ ولد ڄام نظام الدين تخت
تي ويٺو. هيءُ ننڍيءَ عمر جو هو، تنهنڪري ڄام نظام
الدين جي وصيت موجب، سندس استاد ۽ مدارالمهام ڄام
نظام الدين جو پٽيلو ”درياخان“ مقرر ٿيو.
(III)
”مطلب ته ڄام کيس پٽ سڏيندو هو ۽ فوت ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجو پٽ کيس سپاري ويو هو.“(16)
ان بعد قانع جو هي اقتباس ڏجي ٿو، جنهن ۾ هن مبارڪ
خان ۽ درياخان جي هڪ هجڻ بابت، تفصيل ۾ ويندي لکيو
آهي: .قبولہ اَبدار لکهدير جام آب آورد، خسي در
وانداختہ تا جام بتاني آب خورد. و گفت: خس بجهہ آن
انداختہ که جام درين حرارت دفعہ آب نخورد، مباد
زيان يابد! اين لياست وي، مطبوع طبع جام افتادہ،
از لکهدير هما نجا گرفہ درا خانش خواند. و بمعائنہ
جوهر ذاتي تربيت يافتہ، عنقريب بمرتبہ بلند تصاعد
نموده بر دلشاد و زير و سايه امرا تفوق يافتہ
مدارالمهام و امير الامرا گرديه، مبارک خان خطابش
شد.“(17)
هن اقتباس موجب لکدير نالي وزير کان ڄام نندي
”قبولئي“ نالي ڇوڪرو ورتو. سندس لقب ”مبارڪ خان“ ۽
نالو ”دريا خان“ رکيائين. دلشاد وزير کان به مرتبي
۾ گوءِ کڻي ويو ۽ امير الامراء پڻ مقرر ٿيو.
معاملو سڄو صاف ٿي ويو، پر اسين هاڻي بحث جي ٻئين
ڀاڱي تي پهچي ويا آهيون.
(ب) مڪليءَ تي:
پنهنجن عزيزن، قريبن ۽ اهل اولاد سميت مڪليءَ تي
دريا خان شهيد، پنهنجي ئي ٺهرايل قبرستان ۾ دفن
ٿيل آهي. هي قبرستان سمن سلطانن جي مقبرن جي اولهه
۾ واقع آهي. هتي موجود ڪتبا اسين اڳ ۾ ڏئي چڪا
آهيون. جيتوڻيڪ ڪتبي ۾ درياء خان اکر ڪٿي به لکيل
ڪونه ٿو ڏسجي، تڏهن به جيئن اصل حقيقت هئي ته
مبارڪ خان ۽ دريا خان هڪ ئي شخص جا ٻه نالا آهن؛
ان ڪري مير قانع جڏهن تحفہ الڪرام ۾ سنڌي مشاهيرن
جو ذڪر ڪندي، سنڌ جي هن سورمي بابت لکيو، تڏهن بنا
ڪنهن هٻڪ جي موضوع جو عنوان ”درياخان“ رکيو. لکي
ٿو: ”927هه ۾ شاهه بيگ جي لشڪر هٿان شهيد ٿيو.
مڪليءَ ۾ دفن ٿيل ۽ اهل الله جي زيارتگاه
آهي(18).“ شمس العلماء مرزا قليچ بيگ به هن ڏس ۾
ٻه-ٽي سٽون لکيون آهن،”سن927هه ۾ شاهه بيگ جي لشڪر
هن کي ماريو. مڪليءَ تي رکيل آهي(19).“
حاصل ڪلام ته تاريخ جا بنيادي ماخذ، قديم آثار،
توڙي ان جا گس ۽ پيچرا درياخان ۽ مبارڪ خان جي هڪ
هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. بحث جو آخرين حصو 19 ۽ 20
صديءَ جي مکيه مورخن جي بيانن تي مشتمل آهي.
(ج) اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ جي مکيه محققن جا رايا:
ياد رهي ته فاضل مولف محترم ايم.ايڇ صديقي صاحب کي
پنهنجي ڪتاب جي تياريءَ ۾، جن انگريز ليکڪن کان
مدد وٺڻي پئي آهي، تن ۾ ڪوزنس، برٽن ۽ هيگ جا نالا
نامايان آهن. خاص طرح ان وقت جڏهن کيس ڪنهن پراڻي
ڦاٽ، واهه يا ماڳ توڙي ڦٽل شهر بابت تشريح ڪرڻي
پئي، ته هڪدم سندس هٿ ”سنڌو ماٿر جي دو آبي وارو
ملڪ“ ”آثار قديمہ سنڌ“ ۽ ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ
قومون“ ۾ پيا. صديقي صاحب اگر ميجر هيگ جو مطالعو
غور سان ڪري ها ته هو ڪڏهن به اهڙي تاريخي غلطي نه
ڪري ها.
رچرڊ برٽن:
”ڄام نندي کي ٻار ڪين ٿيندو هو، تنهن ڪري هن گود
جي هڪ ٻار وٺڻ جو خيال ڪيو. هڪڙي ڏينهن شڪار ڪندي
ڏٺائين ته هڪ ريڍار جو ٻار وڻ هيٺان سمهيو پيو
آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهيءَ کي جاچيندو رهيو.
ڏٺائين ته ٻار جي مٿان ڇانوَ ئي ڇانو بيٺي آهي.
سمجهيائين ته هيءَ غيب جي نشاني آهي ۽ ٻار وڏيءَ
ڳالهه وارو ثابت ٿيندو، تنهن ڪري هن کي کڻي گود ۾
ورتائين ۽ نالو رکيائينس دولهه درياء خان. خان
ساماڻندي ئي نالو ڪڍيو. گهڻائي بهادريءَ جا ڪم
ڪيائين ۽ سنڌ جي آسپاس وارا ملڪ فتح ڪيائين. آخر
قنڌار وٺڻ جو ارادو ڪيائين ۽ ان ۾ به ڪامياب
ٿيو.“(10)
ميجر هيگ:
ميجر هيگ جو رايو آهي ته حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ
ڄام نندي، درياء خان جي اڳواڻيءَ ۾ لشڪر موڪليو،
جنهن کي هاڻي. ”مبارڪ خان“ جو لقب پڻ ڏنو ويو هو.
ڏسو ته سَتَ ڌاريون محقق به ڪيئن؛ معاملي جي تهه
تائين پهچي ويو. ڪوزنس به اسان پڙهيو آهي، هن دريا
خان بابت چند سٽون ”سنڌ جي تاريخ“ واري باب ۾
ڏنيون آهن. اسين مذڪوره جملا ”آثار قديمہ سنڌ“ تان
حاشيي ۾ ڏئي رهيا آهيون.“(21)
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ:
”.... جڏهن ڄام کي اها حقيقت معلوم ٿي، تڏهن هن جي
سياڻپ پسند آيس ۽ انهيءَ مهل پئسا ڏيئي هن جي
ٻانهن لکدير کان ورتائين ۽ درياء خان نالو
ڏنائينس. سگهوئي وڏي درجي کي پهتو، بلڪ دلشاد وزير
کان به لنگهي ويو ۽ مدارالمهام ۽ امير الامرا ٿيو
۽ ”مبارڪ خان“ خطاب مليس.“(22)
شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽو:
تعليقات معصوميءَ ۾؛ تحفہ الڪرام جي سند تي لکي
ٿو، ”درياء خان، جنهن کي مبارڪ خان جو لقب مليل
هو.“(23)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ:
تعليقات تاريخ طاهريءَ ۾ رقمطراز آهي، ”کود کي
بنام ”قبوليه“ اورا بلقب ”دريا خان“ وبعد ازان بہ
خطاب ”مبارڪ خان“ سرفراز گشتہ، بلکه جام نظام
الدين ويرا پسر خود خوانده“(24)
پير حسام الدين راشدي
درياخان ابتدا ۾ هڪ لاوارث ڇوڪرو هو، بادشاهه
منجهس ڪارڪردگيءَ جا جوهر ڏٺا، پاڻ وٽ آڻي سندس
پرورش ڪيائين ۽ اعليٰ پيماني تي تربيت ڪري، معمولي
ملازم جي درجي تان چاڙهي کيس وزير اعظم جي عهدي
تائين وڃي رسايو. سنڌ جي فوجن جي سپهه سالاري به
سندس سپرد هئي. ”مبارڪ خان“ ۽ ”خان اعظم“ جا خاصا
خطاب ڏيئي، سندس مرتبو بلند ڪري آخر ۾ کيس پنهنجي
فرزنديءَ سان سرفراز ڪري عروج ۽ اقبال منديءَ جي
آخري منزل تي پهچايائين.“(25)
رحيمداد خان مولائي شيدائي:
”قبولئي نالي ڇوڪرو، جو پنهنجي سمجهه، ايمانداري ۽
وفاداريءَ ڪري، پهريان مبارڪ خان ۽ پوءِ دريا خان
جي لقب سان ممتاز ٿيو، تنهن تي ڄام نندي کي ايترو
ته ڀروسو هو، جو حڪومت جي وڏن اهم معاملن ۾ به
دريا خان کان مشورو وٺندو هو.“(26)
مولانا اعجاز الحق قدوسي:
”هن (ڄام نندي) کيس ان وقت ئي ”دريا خان“ جو لقب
ڏنو. زماني جي رواج موجب کيس اعليٰ تعليم
ڏياريائين. غير معمولي صلاحيتن ڪري دلشاد وزير کان
به گوءِ کڻي ويو. آخر ۾ وزيراعظم ٿيو ۽ ”مبارڪ
خان“ لقب مليس.“(27)
پڄاڻي:
هتي اچي اسان جي هن بحث جي پڄاڻي ٿئي ٿي. اميد آهي
ته صاحب تاريخ ۽ صاحب مطالع بزرگ معاملي جي اصليت
۽ حقيقت جي تهه تائين پهچي چڪا هوندا. آخر ۾ صرف
هي چئبو ته ”مبارڪ خان“ ۽ ”درياخان“ هڪئي شخص آهي،
نه ڪي ٻه شخص، جيئن صديقي صاحب جو رايو آهي. اسان
جي هن سنڌي جوڌي جو نالو اوائل ۾ ”قبوليو“ هو،
جيڪو پوءِ ”دريا خان“ نالي ۽ ”مبارڪ خان“ توڙي
”خان اعظم“ جي خاصن لقبن سان مشهور ٿيو(28). سما
دور جو هي سورمو شاهه بيگ ارغون سان سنڌ جي آزادي
۽ عزت خاطر لڙندي 927هه/1520ع ۾ شهيد ٿي، ”سنڌ جي
قومي تاريخ“ ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
حوالا
(1) M. H. Siddiqui 'History of Arghuns and
Tarkhans' Sindhology 1972 A.D.
(2) Ibid.
(3) Reference No. (3).
(4) ڏسجي ٿو ته جملي مورخن جي هن حملي بابت جدا
جدا راءِ آهي. سلطان حسين بايقرا (وفات 911هه) جي
پيپر ۾ لکيل وائٽ دور بنام ”فتح نامہ بلاد سند“
(892هه) جي دستياب ٿيڻ بعد هن متعلق بلڪل نئين
صورتحال سامهون اچي ٿي.امير ذوالنون 884هه کان
سلطان بايقرا پاران قنڌار جو والي هو. (معصومي ص
119) سلطان جي هدايتن تي، ذوالنون سبي ۽ شال تي
فوج ڪشي ڪئي، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ شامل هئا. فوج
ڪشيءَ ۾ ارغونن کي عارضي ڪاميابي ٿي. ذوالنون فتح
ڪيل علائقن تي پنهنجي پٽ ابوالمحمد کي گورنر مقرر
ڪيو. هي واقعو 892هه جو آهي (حاشيه ”مڪلي نامہ“ صه
183 از راشدي). هي خبر جڏهن سنڌ پهتي ته مبارڪ خان
عرف دريا خان سبيءَ تي ڪاهي ويو. سنڌي لشڪر ڪاميبا
ٿيو ۽ محمد مارجي ويو (معصومي ص 113 ۽ 115، تحفہ
الڪرام ص 136). هن فتح جو سال 895هه آهي (ترخان
نامہ، نسب نامہ
F،
۽ ڪتبو حاشيه ”مڪلي نامہ“، ص 111).
(5) مير معصوم ”تاريخ معصومي“ ص 4-113، سنڌي ترجمو
مخدوم اميراحمد، بورڊ ايڊيشن.
شاهه بيگ آزاد حاڪم طور، نندي جي دور ۾ سنڌ تي
حملو نه ڪيو. 910هه ۾ بابر جو ڪابل هٿ ڪرڻ (معصومي
ص 138هه) 913هه ۾ امير ذوالنون جو قتل (ص 143
معصومي) ۽ 915هه ۾ اسماعيل صفويءَ جو خراسان تي
مضبوط قبضو (ص 144 معصومي)؛ اهڙا لاڳيتا واقعات
آهن جن شاهه بيگ کي مجبور ڪيو ته هڪدم هتان ڪوچ
ڪري، ڪو ٻيو ملڪ وسائڻ گهرجي (ص 144 معصومي) عين
ان مهل کيس ٺٽي مان سنڌي سلطنت ۾ اختلافن جون
رپورٽون به ملي رهيون هيون. ان بعد هن سنڌ تي
مستقل نگاهه رکي.
(6) حوالو 5، ص 152.
(7) Reference No (2) Appendix (B) and Page 19,
F. Note-I
(8) تائيد لاءِ ڏسو ”تحفہ الڪرام“ صه 136، سنڌي
ترجمو مخدوم امير احمد بورڊ ايڊيشن.
(9) مير طاهر محمد ”تاريخ طاهري“ ص 5-54، ايڊٽ
ڊاڪٽر بلوچ، بورڊ ايڊيشن.
(10) EdL N.A. Baloch 'T. Tahri', Introduction P
14-16 Board edition.
(11) حوالو (5)، ص 4-152.
(12) ادراڪي بيگلاري: ”بيگلارنامہ“ ص 2 ۽ 3، از
محمد صديق ميمڻ، 1947ع.
ياد رهي ته سنڌ اندر، سنڌ بابت لکيل تاريخي ڪتابن
۾ قدامت جي لحاظ سان هي ٽئين نمبر تي اچي ٿو. هن
ڪتاب جو سنڌي اختصار محمد صديق ميمڻ، سنڌ مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد پاران 1947ع ۾ شايع ڪيو ويو
هو.(ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافي صه 295) اسان
سنڌي ايڊيشن ”سنڌ يونيورسٽي سينٽرل لائبريري“ مان
استفادي لاءِ کنيو. تازو، سنڌي ادبي بورڊ اهو ڪتاب
شايع ڪيو آهي. اصل فارسي نسخي کي محترم ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ ايڊٽ ڪيو آهي.
(13) حوالو (10) ص 7-55.
(14) ميرڪ يوسف ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ص 283، از
نياز همايوني، بورڊ ايڊيشن.
(15) سيد مير محمد ”ترخان نامہ“، ص 19 ۽ 18، ايڊٽ
سيد حسام الدين راشدي، بورڊ ايڊيشن.
(16) مير علي شير قانع ”تحفہ الڪرام“ ص 136، 137 ۽
141، سنڌي ترجمو
(17) علي شير قانع ”تحفہ الڪرام“ صه 109 ۽ 110،
ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي بورڊ ايڊيشن.
(18) حوالو (17)، ص 141.
(19) مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ“ ص 249، سنڌي ادبي
بورڊ 1966ع
(20)
(i)
رچرڊ برٽن ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“، ص 121
۽ 122، از حنيف محمد صديقي.
(ii)
ڪراچيءَ وارو انگريزي ايڊيشن، ص 130، ايڊٽ ايڇ.
ٽي. ليمبرڪ.
(21) هينري ڪوزنس
"The antiquities of Sindh"
۾ لکي ٿو:
"… but being a minor, an officer of the court,
and adopted son of jam Nindo, Daryakhan, was
consituteted regent,and mannaged all public
affiars (p.32).
(22) حوالو (20 صه 248.
(23) حوالو (6) تعليقات، صه 361.
(24) حوالو (10)، ص 310.
ڊاڪٽر صاحب تعليقات معصومي (اردو) ۾ هن موضوع تي
قدري تفصيل سان لکيو آهي. (ص 487 ۽ 488).
(25) قانع علي شير ”مڪلينامہ“ ص 96، ايڊٽ سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع)
(26) مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“ ص 359، سال 1958ع
سنڌي ادبي بورڊ.
(27) اعجاز الحق قدوسي ”تاريخ سنده“ جلد اول ص
8-477. مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
(28) دريا خان جي تفصيلي سوانح لاءِ ڏسو اسان جو
مقالو ”دريا خان شهيد.. سوانح ۽ مدفن“ الرحيم مارچ
– اپريل 1979ع شاه ولي الله اڪيڊمي، حيدرآباد سنڌ.
مددي ڪتاب
(1) M.H Sidiqui: 'History of Arghuns and
Tarkhans of Sndh' Sindhology 1972 A.D
(2) Burton: 'Sindh and the races that inhabit
in the valley of Indus' ed: Lambrick Oxford
Karachi.
(3) Major Haig: 'The Indus delta county,
Indus publications, Karachi, 1972 AD.
(4) H. Cousens: The Antiquities of Sindh'
Oxford edition, 1975A.D
(5) برٽن: ”سنڌ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ مترجم:
محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع
(6) مير معصوم: ”تاريخ معصومي“ مترجم: امير احمد
مخدوم، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع
(7) ايضاً، اردو ايڊيشن (مترجم اختر رضوي)، سنڌي
ادبي بورڊ 1959ع.
(8) ڊاڪٽر غلام علي الانا: ”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي
ببليو گرافي“، سنڌالاجي 1976ع
(9) مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ ان جا مشهور شهر ۽
ماڻهو“، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع.
(10) سيد مير محمد ”ترخان نامه“ ايڊٽ سيد حسام
الدن راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1965ع.
(11) طاهر محمد ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ 1964ع
(12) ادراڪي بيگلاري ”بيگلار نامہ“ محمد صديق
ميمڻ، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، حيدرآباد 1947ع.
(13) مولائي شيدائي ”جنت السنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ
1958ع.
(14) قانع علي شير ”تحفہ الڪرام“ امير احمد مخدوم،
سنڌي ادبي بورڊ 1958ع
(15) ايضاً، (فارسي ايڊيشن) ايڊٽ سيد حسام الدين
راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1971ع.
(16) قانع علي شير ”مڪلي نامہ“ ايڊٽ سيد حسام
الدين راشدي، سنڌي ادبي بورڊ 1967ع.
(17) قدوسي اعجاز الحق ”تاريخ سنده“ جلد اول،
مرڪزي اردو بورڊ، لاهور.
(18) ابو نصر محمد خالدي ”تقويم هجري و عيسوي“،
اردو بورڊ، ڪراچي 1974ع.
(19) ميرڪ يوسف ”تاريخ مظهر شاهجهاني“، مترجم:
نياز همايوني، سنڌي ادبي بورڊ 1979ع
مير حاجي محمد بخش خان ٽالپور
سومرا قوم جو حسب
نسب
(سومرا يا سميري جي جواب ۾)
(مهراڻ نمبر 3-4/1979ع، ص 218 سان لاڳاپيل)
حضور پاڪ جن جو ارشاد آهي ته منهنجي اُمت جو
اختلاف رحمت آهي. هن حديث جي حيثيت چاهي ڪهڙي به
هجي مگر هن مان مرد آهي علم جي جستجو ۽ تحقيق جو
اختلاف آخر مقصد آهي ته مختلف تحقيق لاءِ جيڪي به
ڪوششون ٿين ته انهن کي برو نه چئجي تاڪه آخر ۾ هڪ
صحيح مقصد تي پهچڻ آسان ٿئي.
منجهيل علمي ۽ تاريخي مسئلي ۾ آخر ته صحيح تحقيق ۽
اختلاف راءِ ظاهر ڪرڻ بعد ئي، ڪنهن هڪ مسئلي تي،
متفق ٿي سگهبو. مگر ضرورت هيءَ آهي ته ايمانداري ۽
مقرر اصولن موجب ان تي تحقيق ڪئي وڃي ۽ تحقيق ۾
ذاتي رجحانن کي پاسيرو رکجي.
سنڌ جي سومرن متعلق تاريخ ۾ مواد تمام گهٽ ۽ ٽڙيل
پکڙيل آهي ۽ سومرا قوم جي پنهنجي راءِ کي ته بلڪل
وساريو ويو آهي. ڇو ته ان متعلق جو ڪجهه مواد آهي،
ان کي لڪايو وڃي ٿو ۽ ان تي اڪثر محقق قلم کڻن ئي
ڪونه ٿا، بلڪ جيڪا راهه آسان ڏسن ٿا يا جيڪو رستو
کين پسند اچي ٿو، اوڏانهن هليا وڃن. مگر ان کي
ضرور تسليم ڪبو ته منجهيل مسئلي تي لکڻ کپي ۽ خوب
لکڻ کپي ته جيئن مختلف راءِ گڏجي ڪنهن صحيح حل تي
پهچي سگهن. |