مضمون ۽ جوابي مضمون ۾ تنقيد کان گهٻرائڻ نه
گهرجي، ليڪن ذاتي حملو نه ڪرڻ کپي ۽ نه وري علمي
تحقيق ۽ تنقيد کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪرڻ کپي.
سومرن متعلق فقط هڪ آکاڻي نما تاريخي ڪتاب تاريخ
طاهري يا ان تان ورتل ڪتابن ۾ ۽ ڪن انگريزي ڪتابن
۾ احوال ڇپيل آهي ته سومرا هندو اصل ۾ راجپوت نسل
آهن، جنهن جي مدلل تاريخي تحقيق ساڻ اسان ان جو
جواب ئي سمجهون، جيڪو رسالي مهراڻ ۾ شايع ڪرايو
آهي، ناظرين کي اهو ضرور پڙهڻ گهرجي.
هر وقت ۽ هر دور ۾ لکندڙن جو پنهنجو رويو رهيو
آهي. ڪو دور هو ته هر سنڌي قبيلو عربن سان پنهنجو
نسل ملائڻ فخر سمجهندو هو. ان بعد ئي نج سنڌي ٿيڻ
لاءِ عرب قبيلن کي به زوريءَ سنڌي اصل ۽ هندو نسل
سان ملائڻ فخر سمجهيو وڃي ٿو. پر ڪن صاحبن ته اڃا
به وک وڌائي وڌي. بلوچن مان ڪن صاحبن قديم تهذيب
جي وارث ٿيڻ جي شوق ۾ پاڻ کي اشوري ۽ ڪلدانيه جي
حڪمرانن سان شجرو ملايو ته ڪن صاحبن وري ان کان
وڌيڪ پراڻي تهذيب سوميرين سان سومرن کي ملائي وڌو
ته ڪي وري چاوڙن مان ڀٽي ۽ ڀٽين فونيشين تهذيب ۾
گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي.
آخر لکندڙ ته پنهنجا رايا لکي ويا مگر هر تحرير ته
تاريخ نه آهي نه وري اسان جو لکتيون ڪو قومن جي
تهذيب ۽ روايت کي ميساري سگهنديون. اسان فقط سامان
مهيا ڪري رهيا آهيون، ڪونه ڪو رازو ملي ويندو جو
عمارت تعمير اچي ڪندو. حاصل مطلب ته ڳالهه هئي
سومرن ۽ سميريءَ جي. مان هن وقت سومرن جي نسل تي
بحث ڪونه ٿو ڪيان. هتي فقط ان ڳالهه جو تحقيقي
جائزو وٺڻو آهي ته آيا سومرا ”سميري“ آهن يا نه.
ان ڏس ۾ محترم جناب محمد موسيٰ وڪيل جيڪو مقالو
لکيو آهي سوميري يا سومرن متعلق، ان جي تاريخي ۽
تحقيقي حيثيت ڇا آهي؟
تحقيق ۾ هڪ ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻ جهڙي آهي ته
اسان هڪ ٻه ڪتاب ڏسي جو ڪجهه مقاله يا مضمون لکون
ٿا ان جو حوالو ڏيون ٿا؛ ان لکڻ ۾ غلط نه آهيون
ڇوته مقاله لکڻ بعد اسان جي ڪنهن حد تائين
جوابداري اُن صاحب تي آهي جنهن جو اسان حوالو ڏيون
ٿا، مگر ساڳئي وقت اسان جي حيثيت به ان ماڻهوءَ
جهڙي آهي جيڪو صاحب ڪو فرهنگ يا خواص الادويه ڏسي،
ان مان ڪا دوا ٺاهي وجهي پوءِ فائدو ڪري يا نه ڇو
ته اسان سند يافته يا تعليم يافته طب موجب ڊاڪٽر
نه آهيون جيڪو دوائن جي خواص ۽ بيمارين جو ماهر
آهي. هن جي تشخيص ۽ تحقيق سڀني حالتن ۽ تجربن تي
محيط آهي. هن جي وسيع علم سان ڪواناڙي هرگز برميچي
نه سگهندو، چاهي هو ڪهڙي به محنت ڪري.
محترم محمد موسيٰ صاحب صد مبارڪ باد جو مستحق آهي
جنهن منجهيل مسئلي تي قلم کنيو آهي ۽ تحقيق جو
دروازو کوليو آهي ۽ جنهن خلوص محبت سان قلم کنيو
اٿن، اميد آهي ته ان خلوص سان تحقيق کي قبول به
ڪندا.
جناب محمد موسيٰ سومري صاحب شروع ۾ اظهار ڪيو آهي
ته سومرن تي ڏند ڪٿائن ۽ روايتن موجب تحقيق ڪئي
وئي آهي. پاڻ اهو به فرمايو اٿن ۽ اهو به لکيو اٿن
ته سنڌ تي به تاريخي تحقيق نه ڪئي وئي آهي ۽ نالي
وٺڻ بدران ڪن محققن تي تنقيد به ڪرڻ فرمائي اٿن ۽
اهو به لکيو اٿن ته کين عرب مورخن ۽ سياحن جي لکڻ
تي به اعتراض آهي. هو اسلامي يا عرب سان نسل ملائڻ
تي به معترض آهي ته وري مصنف ايلٽ جي سومرن کي
هندو اصل ۽ آريه نسل کي به غير معتبر ٿا سمجهن.
اسان جو محمد موسيٰ صاحب جي خذمت ۾ دسته بسته عرض
آهي ته قبلا اوهان کي ڇوهه ڇنڊڻ ۽ ٻين نظرين کي
غلط سڏڻ جو هرڪو حق آهي ڇو ته هر شخص پنهنجي راءِ
جو مالڪ آهي، مگر اهو به ضروري نه آهي ته هر شخص
اوهان جي بنان دليل ۽ بنان رد قد جي اوهان جي راءِ
کي صحيح سمجهي.
تحقيق جا به چند اصول آهن. حوالو ڪا شيءِ نه آهي،
جيتر ان ڪتاب جي صحت بابت مڪمل طرح معلوم نه ٿئي.
هر سوال جو جواب به آهي. پهرين ته اوهان ان تحقيق
کي تاريخي رد قد ڏيو پوءِ پنهنجي تحقيق پيش ڪيو ۽
ان جا ثبوت پيش ڪيو. رڳو چوڻ سان ته عرب تاريخدان
۽ سياح به غلط ته ايلٽ به غلط ته پوءِ صحيح ڇا
رهيو. نه هو غلط آهن نه فقط اوهان جي لکڻ سان قبول
نه آهن. رد ٿي نٿا سگهن.
سومرن جي نسل تي آءٌ تحقيق ڪري رهيو آهيان. سومرن
۾ اصلي ۽ قديم قوم جو نظريو هي آهي ته هو عرب نسل
مان آهن. ٻيونظريو ته هو هندو اصل ۽ راجپوت نسل
آهن. ٽيون جديد نظريو جيڪو اوهان صاحب ۽ شيخ سومار
بدين وارو پيش ڪري رهيا آهيو ته سومرا اصل ۾ سميري
آهن ۽ سنڌ مان عراق ويا وري اُتان شايد هت آيا.
چوٿون نظريو به آهي جنهن کي فروغ ملي نه سگهيو جو
اهو اسان جي شوقيه تاريخدانن جي نظر مان نه گذريو
ورنه يار ان تي به طبع آزمائي ضرور ڪن ها. جيڪو
مولانا عبدالحليم شر صاحب پيش ڪيو هو ته سومرا،
سامري نسل مان آهن جو يهودي هو.
جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته مان سومرا نسل تي
تحقيق ڪري رهيو آهيان.ان متعلق مقالي جو هڪ حصو
رساله ماهي مهراڻ جي 3-4/1979ع ۾ به شايع ٿيو آهي.
موصوف جي نظر مان اهو ڪونه گذريو آهي توڙي جو اڃا
ٻه قسطون رهيل به آهن، تاهم ان ۾ مون استدعا به
ڪئي هئي ته اگر ڪنهن صاحب کي اعتراض هجي يا ڪو
مسئلو هجي ته مونکي سمجهاڻي ڏيڻ جو موقعو ڏين. آءٌ
سومرا يا سميرين تي به لکان ها مگر صاحب موصوف پاڻ
مقالو لکي وڌو ته اسان به ان تي تنقيد ڪرڻ جو حق
رکون ٿا. ان بعد به صاحب موصوف کي تسليٰ نه ٿئي ته
لکي، ڇو ته ان طرح ئي تحقيق جو دروازو کلندو. اهو
آسان آهي ته يڪ لخته اسان به صاحب موصوف وانگر
چئون ته سندس مقاله به مفروض راين تي لکيل آهي.
پنج هزار سال بعد جي راءِ کي اسان قبول نٿا ڪريون
ته اسان لاءِ آسان آهي؛ مگر ڌڪي جو جواب ڌڪو نه
ٿيندو. اسان خود سندس سوال جو جواب دليل سان
ڏينداسين تاڪه تحقيق جو دروازو کلي ۽ ميدان وسيع
ٿئي.
اسان پهريائين اعتراف ڪيون ٿا ته اسان نه عالم نه
فاضل، نه ڊگري يافته عالم نه پيشه ور يا شوقيه
تاريخدان، سَنوان سڌا سنڌ جا بلوچ. جو ڪجهه اسان
سمجهون ٿا اُهو لکنداسين. غلط يا صحيح جو فيصلو
وقت ۽ عوام الناس ڪندي پر يقين رکو ته اسان جوان ۾
ڪوبه فائدو نه آهي ته سومرا سميري ٿين يا عرب يا
راجپوت يا سامري بني اسرائيل. اسان جو ڪجهه صحيح
سمجهنداسين اُهو لکنداسين. اسان جي راءِ تحقيق جي
تابع آهي. اسان کي ڪوبه ذاتي شوق يا رايو نه آهي
ته سومرا ڪير آهن؟ سومرن جي حڪومت يا قبضو مظفر
ڳڙهه، ملتان، رياست بهاولپور، سنڌ گجرات جي ڪنهن
نه ڪنهن حصي تي ڪونه ڪو وقت پئي رهيو آهي. انهن جي
500 سال حڪومت رهي آهي، پر قوم يا حڪمرانن ڪوبه
ڪتاب يا تاريخ ڪونه ڇڏيو آهي، يا زماني ۽ وقت گم
ڪري ڇڏيا آهن. پوءِ مصنفن جو ته برابر پر قوم به
ان ۾ شامل آهي. وڌ ۾ وڌ قوم پويان آکاڻيون ڇڏيون
آهن، جيئن دودو-چنيسر، عمر-ماروي، مومل- مينڌرو
جنهن جي هڪ روايت ٻيءَ سان نٿي ملي. اوهان تاريخن
کي به بنا سبب جي رد ڪري رهيا آهيو، ته پوءِ سومرن
جي تاريخ لاءِ ماخذ ڇا رهندو؟ عراق جا سميري؟ آخر
عراق وڃڻو آهي ڇا؟ اسان بلوچ ٻاهر جا آيل آهيون.
نَوَ پيڙهيون هت گذري ويون آهن، هاڻي ته مرڻ به
مادر وطن سنڌ ۾ آهي. اوهان جا بزرگ جي هت رهيا ته
انهن جي سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکندا.
قديم تاريخ و تهذيب کي سمجهڻ لاءِ ٻه-ٽي نقطه
سمجهڻ نهايت ضروي آهن.(1) هڪ قوم يا نسل يا قبيله
جو قيام(2) ڪنهن ملڪ ۾ وسڻ يا رهڻ ۽ ان تي نالو
پوڻ(3) معاشري ۽ تهذيب جو ارتقا مدغم ٿيڻ. جيڪڏهن
هي اصول سمجهي ورتا ته محمد موسيٰ صاحب جو منجهيل
مضمون به آسانيءَ سان سمجهي سگهنداسين.
نسل: نسل بابت مشرق ۽ مغرب جا جدا جدا نظريه آهن.
مغرب وارا چار نسل مڃين ٿا جيئن موسيو سيني ليس
(فرانسيسي) جي ڪتاب (سلسله تاريخ ملل قديم) جو
پارسي ترجمو مرزا محمد علي خان دڪاءُ الملڪ ڪيو
جنهن تان اردوءَ ۾ ترجمو سيد محمود اعظم فهمي ڪيو
۽ انجمن ترقي اردو وارن 1921ع ۾ ڪيو. ان موجب نسل
چار آهن:
1. سفيد نسل: هن جو رنگ ۽ چمڙو سفيد، نڪ ۽ چپ
سنهڙا، وار نرم ۽ قدري ڇليدار، ڏاڙهي گهاٽي. هي
ماڻهو يورپ، مغربي ايشيا ۽ اتر آفريڪا ۾ رهن ٿا.
2. زرد يا پيلو رنگ: هنن جو رنگ ۽ چمڙي زرد ۽
اکيون ڪي قدر ننڍيون ۽ اندر پيل، وار سخت ۽ ڏاڙهي
گهٽ ٿئي ٿي. چيني، جاپاني، مغل ۽ ترڪ هن نسل مان
آهن. هي ماڻهو ايشيا جي ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ رهن ٿا.
3. سياه نسل: هنن جورنگ ۽ چمڙي سياه، نڪ ويڪرو، چپ
ٿلها، وار سخت ۽ ان وانگر ٿلها آهن. هي ماڻهو
آفريڪا ۾ رهندا آهن.
4. قرمچي يا سرخ نسل: هنن جي بدن جو رنگ ٽامي
وانگر ٿيندو آهي. عضون جي ترتيب زرد رنگ وارن سان
ملي ٿي. آفريڪا جا قديم رهندڙ هن نسل مان آهن.
امام المورخين علامه ابن خلدون پنهنجي ڪتاب تاريخ
انبياءَ ۾ جنهن کي انتظام الله شهابي اردوءَ ۾
ترجمو ڪيو ۽ مطبع سعدي قرآن محل مقابل مولوي مسافر
خانه ڪراچيءَ وارن 1375هه ۾ شايع ڪيو، اهو صفحه 20
تي لکي ٿو ته:
”جمله عالم جو ابو آدم ثاني حضرت نوح عليہ السلام
آهي. توريت مقدس ۽ ٻين انساب جي عالمن (ان وقت) جو
اتفاق آهي. نوح جي ٽن فرزندن کان دنيا جا تمام نسل
هليا يافث، سام ۽ حام. تاريخ طبري موجب سام
ابوالعرب آهي، يافث ابوالروم ۽ حام ابوالحبش آهي.
بعض هيئن به چون ٿا ته سام ابوالعرب فارس و الروم،
يافث ابوالترڪ والصفاليه (سلا و نسل) وياجوج ماجوج
۽ حام ابوالقبط و السودان و البرير. بهرحال هي وڏو
قصو آهي. هن ۾ گهڻا ۽ مختلف رايا آهن، في الحال
اِتي ڇڏيون ٿا.
محمد موسيٰ صاحب جي لکيت مان ائين معلوم ٿو ٿئي ته
سوميري سنڌ کان عراق ڏانهن ويا هئا. هاڻي ڏسڻو هي
آهي ته اهي سوميري ڪير ۽ ڇا هئا، ڪڏهن ۽ ڇو
ايڏانهن ويا؟ پريان به سومري رهيا هئا يا نه؟
ڪتاب
Myth of Babylonia and Assyria by Donald A.
Mackenzie Printed in Great Birtian)
نهايت محققانه ڪتاب آهي. هن ۾ سوميرن جي نسل ۽ وطن
تي به دل کولي بحث ڪيو ويو آهي. هن باب ۾ اسان
عمومي طرع ذهني حياتيءَ جو ذڪر انهن ماڻهن
جوڪنداسين ۽ انهن جي ڏند ڪٿا ۽ آکاڻين کي مناسب
نموني بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيڪي ميسوپوٽيميا
اچي رهيا. مگر پڙهندڙن کي ياد ڏياريون ٿا ته انهن
جي اشاري بازي خصوصاً قديم وقت جي اڃا تائين
پوريءَ ريت معلوم نه آهي. تخمينه رُوءِ جيڪي
تاريخون ۽ سنه لکيا ويا آهن ۽ ڏنا ويا آهن، اڪثر
يورپي ۽ آمريڪي ماهرن لکيا آهن. اوائلي بائسلان جي
سوميرين جي تاريخ 3000 سال قبل مسيح ڌاري شروع ٿئي
ٿي. اڪاد جي ساراغون ڦهليو ڦوليو. 2650 ق.م ۽
جمورابي 2000 ق.م ۽ جيڪڏهن مصر واري وڌايل دستور
موجب ته 5500ق.م ۽ ساراغون 3800 ق.م مگر گهڻن ۽
مشهور آثار قديمه وارن هن راءِ کي رد ڪيو آهي.
تازو جيڪو ظاهر ٿيو آهي ان موجب نئون نظر علم
الفاضي هن جي تائيد ٿو ڪري (صفحه
(xxix
تاريخ جي سج جي طلوع کان اڳ قديم بائيبلان مختلف
شهري رياستن ۾ ورهايل هو. جيئن مصر جي (گهراڻي)
خانداني حڪومت کان اڳ هو ۽ اهي وري هڪ ڍلي اتحاد ۾
داخل هئا. اترين حصي وارن شهرن کي اڪاد ٿي چيو ويو
ته ڏکڻ وارن شهرن جي زمين کي سمر ٿي چيو ويو ۽ اها
ورهاست نه رڳو جغرافي طور تي هئي بلڪ نسلي طور تي
هئي. اڪادي البت بعد جا آيل هئا ۽ اُتر ۾ هنن
سياسي غلبو حاصل ڪيو ۽ هنن جي هٿ ڪيل ايراضيءَ کي
اري يا ڪري سڏيو ويندو هو ۽ سمر کي ڪينگي چيو
ويندو هو. اهي ماڻهو سامي زبان ڳالهائيندا هئا ۽
اُچار به لڳ ڀڳ اهي ڪندا هئا (صفحو 1 ۽ 2) هن مان
معلوم ٿيندو ته باوجود ان جي ته اڪاد ۽ سمير ٻه
الڳ ڪانهيد رسيون هيون ۽ نسل به ٻنهي جا الڳ الڳ
هئا. مگر زبان جيڪا استعمال ٿيندي هئي سا هڪ هئي
يعني ساميٽڪ زبان. هي ڊي.اي. مئڪنزي جو شخصي رايو
نه آهي بلڪ اڪثر مورخن ۽ محققن جي راءِ پڙهي پوءِ
ٻڌائي ٿو. آرنولڊ-جي-ٽائن-بي هڪ جڳ مشهور مورخ ۽
محقق آهي. هن پنهنجو نامور ڪتاب
(A Study of History)
(مطالع تاريخ) ڇهن جلدن ۾ لکيو، جنهن جا ٽي جلد
1939ع ۾ شايع ٿيا، جيڪي ڪافي ضخيم هئا. عوام جي
اسرار تي ڊي. سي. سمر ويل انهن جي تخليص 1944ع ۾
تيار ڪئي جا ٻن سالن تائين ٽائن جي ذيرِ غور رهي
بعد ۾ اها شايع ٿي ۽ ان جو اردو ترجمو مولانا غلام
رسول مهر 1957ع ۾ مجلس ترقي ادب لاهور مان شايع
ڪرايو. ان جا ٻه جلد مون وٽ آهن. هڪ ۾ 1050 ۽ ٻي ۾
615 صفحا آهن، تاريخ جي طالب علم کي هن جو مطالعو
ضروري آهي. هو عراق جي قديم تهذيب بابت لکي ٿو ته
”هي سلطنت عام سميريون ۽ اڪادين جي سلطنت (2298
ق.م) ۾ اراگون قائم ڪئي ۽ اموري جمورابي (1947
ق.م) ۾ هن جي قوت ۽ شان بحال ڪيو. ڇا اسان ان
معاشري جي شناخت ڪري سگهون ٿا، جن ۾ سميرين ۽
اڪادين سلطنت عام هئي (صفحو 74) جمورابي جنهن عظيم
الشان تختين تي لکيل لئبرري لڌي آهي اُهو به نسلاً
سميري نه بلڪ امورابي هو. هاڻي ڏسو ته امورابي يا
امورائي ڪير آهن.
پروفيسر فلپ ڪي هٽيءَ تاريخ شام اردو ترجمي ۾ لکي
ٿو ته”ديار عرب کان آدم وڌڻ ۽ ذريعي معاش جي ڪميءَ
سبب مختلف وقتن تي نسلي هجرتون ٿينديون رهيون آهن.
(1) هجرت جا 3500 ق.م اوائلي معلوم هجرت جي سميري
عراق جي آباديءَ تي ڇانئجي ويا ۽ مستقل اُت رهيا ۽
سلطنت قائم ڪئي، جنهن کي تاريخ ۾ اڪادي سڏيو وڃي
ٿو.
(2) ٻي هجرت شروع واري هجرت کان قريباً 1000 سال
بعد ۾ ٿي جنهن ۾ اموري شام ۾ ٿيا ۽ ٻين خطن ۾ ٻيا
نالا ڏنا ويا آهن. خبر نه آهي سندن اصلي نالو ڇا
هو. آيا اهو نالو کين همسايه سمير کان مليو
(65-64).
محمد موسيٰ صاحب جن ناراض آهن ته عرب سان کين ڇو
ٿو ملايو وڃي. پر پاڻ جيڪو احوال پيش ڪيو اٿن تنهن
جو به ڇيڙو نيٺ وڃيو عربن سان ملي، نه ڪي سميري
نسل سان. اميد ته هن نقطه تي صاحب موصوف جن ضرور
غور ڪندا.
سمير جو وطن اصل
شڪل: مواز نه ڪرڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته سوميرين جي
شڪل ڏاڙهي مڇون ڪوڙيل آهن. چهري جا هڏا ۽ نڪ مصرين
۽ يوناين سان زياده مشابهت رکن ٿا، بمقابل سامي
نسل وارن جي. سوميري مٿئين حصي جي بدن تي ڪپڙو
ڪونه ڪندا هئا. هيٺئين حصي تي گهاگهرو نما ڪپڙو
ڍڪيندا هئا. زراعت سندن پيشو هو. ٻيڙين هلائڻ کان
واقف هئا. هڪ روايت موجب ”اردو“ سندن قومي بندر
هو. اڪادي سسٽميٽڪس به سميرين جي تهذيب اختيار
ڪئي. ان تي ڳپل اختلاف آهي ته سوميرين جو اصل وطن
ڪهڙو آهي ۽ ڪهڙي نسل مان آهن. مثلاً هڪ خيال هي
آهي ته هو بنان ڏاڙهيءَ وارن منگولين مان آهن ۽
اهو شروع واري لڌل سنگراشي مجسمن جي شڪلين کي ڏسي
چيو ويو آهي. هنن جون اکيون به ترڇيون آهن. انهن
مان هي نتيجو ڪڍيو ويو آهي ته قديم پارٿين سرزمين
جي چيني ۽ سميرين جو وطن هڪ آهي، مگر بعد ۾ هن
نظريه کي به رد ڪيو ويو. ان کان پوءِ لڌل پُتلن کي
ڏسي چيو ويو ته سوميرين جون اکيون قديم مصرين ۽
ڏکڻ يورپ وارن جهڙيون آهن (صفحو3).
اسان جي خيال موجب ٻئي مجسمه صحيح آهن. جيئن اسان
اڳتي هلي سمجهنداسين ته اصلي سميري اگر منگولن
جهڙا آهن ۽ سنڌ مان ويا آهن ته پڪ سان هو چينين
جهڙا هوندا، ڇو ته ان وقت دَراوَڙ سنڌ ۾ هئا. پڪ
سان سميري دراوڙ هئا. بعد وارا مجسمه يقيناً بهتر
هئا، ڇو ته اهي سيمٽيڪ نسل جا هئا، ان ڪري اهي
مجسمه مصر وارن جهڙا هئا. ڪي نشانيون ۽ آثار هنن
جي مشابهت، هنگاري جي مگار ۽ ترڪن سان به آهن. هنن
جو ويڪرو ۽ ڊگهو مٿو فن نسل جهڙو آهي.
ٻئي هڪ نظريه موجب سوميرين کي ويڪري مٿي وارن
اولهه ايشيا جي ميدانن ۽ پوٺن۽ ڪي هنن کي آرمينن ۽
ڪردن مان به شمار ڪن ٿا. وچ ايشيا جا ذريعه سميرين
جي تهذيب بابت جدا رايو رکن ٿا رشين آثار قديمه جي
ماهرن جيڪي چين ۽ رشيا ۾ کوٽايو ڪيون آهن ۽ هنن
صاف معلوم ڪيو آهي ته هن قوت جو صحرا قديم زماني ۾
بلڪل وسندڙ ۽ گهاٽو آباد هو، جنهن ۾ منتظم ۽ سڌريل
انسان رهندا هئا، جتان اڏامندڙ واري ۽ پاڻيءَ جي
گهٽتائيءَ سبب اتان هجرت ڪئي هوندي.
Aneu
(انيو) رشين ترڪستان ۾ کوٽائين ۾ بلڪل قديم تهذيب
بلڪ ان کان به اڳ
(Stone age)
پٿر جي عهد جا ثبوت به مليا آهن. ٿانوَ جاميٽريڪل
نموني جي نقش نگار سان سينگاريل آهن ۽ انهن ٺڪرن
جي نقش ونگار سان مشابهت رکن ٿا، جيڪي ايلام جي
تخت گاه سوسا ۾ مليا آهن، جيڪو بئبلان جي دنگ تي
آهي. بفازڪوئي جيڪو ايشيا مائينر ۾ آهي، هتي قوم
جو مرڪز هو. مختلف مليل شيون پکڙيل شاهدي آهي ته
قديم نسلي وهڪرو وچ ايشيا مان نڪتو هو، جيڪي درجه
بدرجه ٽامي واري دور ۾ اهي ايراضيون خالي ٿي ويون.
انو (کندر) مان مٽيءَ جا باسڻ (منت ڪرڻ) وارا
مٽيءَ جا پتلا مليا آهن. اهي سميرين جي انهن پتلن
سان بلڪل مشابهت رکن ٿا، جيڪي هو مذهبي معاملن ۾
ڪم آڻيندا هئا. جيڪڏهن هنن مان نسلي مشابهت نه به
وٺون، ته به اهو ضرور ڏيکاري ٿو ته هنن ملڪن ۾
واپاري ناتا ضرور هئا. ايڏي دور مفاصلي تي سندن
ڪلچر جو اثر پهتو، جيڪو اسان تصور به نه ٿا ڪري
سگهون. اهو سڀ ڪجهه تاريخ جي دور طلوع ٿيڻ کان سڀ
ڪجهه اڳ ٿي گذريو آهي.مسٽر ولمپلي جو خيال آهي ته
سميرين ۽ مصرين جَوَ، ڪڻڪ ۽ ڪجهه گهَروُ جانور هٿ
ڪيا. پر مسٽر مڪنزي ان کي قبول نه ٿو ڪري. پروفيسر
ايلٽ سمٿ پنهنجي ڪتاب
Ancient Egyptions (page 41, ct seg)
۾ لکي ٿو ته ٽامون پهرين قديم
مصرين استعمال ڪيو. ان جي معنيٰ ته سميرين هٿان
اهو انو ۾ پهتو، مصر جي سٺ صدين پراڻين ممين مان
جيڪي شيون هٿ ڪيون ويون آهن، انهن ۾ جوَنَ جا
تُهه، جوئر ۽ ٿڻن وارن جانورن جا ٽڙيل پکڙيل هڏا
به مليا آهن، جيڪي پڪ سان رڍن، ٻڪرين ۽ انهن
جانورن جا هوندا، جيڪي ٺِڪرن تي نقش ٿيل آهن.
مئڪنزي چوي ٿو ته زراعت جو فن پوري مصر ۾ هو. بنا
شڪ جي چئي سگهنداسين ته ان ۾ سمير جو به حصو هو
(صفحه 6).
سميرين تهذيب جي متعلق جيڪي مختلف رايا ڏنا ويا
آهن ته اها ٻاهر کان هت (ميسو پوٽيما ۽ عراق) آئي
آهي، اهي سڀ خيالي آهن. ان قياس تي ته هت اچانڪ
عروج تي پهچي وئي، ڇو ته ان جي جاهليت واري دور جو
ڪو به نشان دجله ۽ فرات جي ڪنارن تي ڪونه ٿو ملي؛
جيتوڻيڪ ڪوبه قديم لکيت يا نقاشيءَ جو نمونو اڪاد
۽ سوميرين جي قديم ڦٽل ويرانن مان ڪونه مليو آهي،
نه ڪي ڪو ٻئي هنڌان مليو آهي، ان ڪري امڪان اهو ئي
رهي ٿو ته قديم بئبلاني تهذيب مڪاني آهي. پروفيسر
ايلٽ سمٿ چئي ٿوته ”ان خيال کان ته سوميرين کي ٻئي
ڪنهن هنڌان سومر ۾ آندل سمجهيو وڃي“. هو وڌيڪ لکي
ٿو ته ”وڏي حاضر جوابي ۽ ريڙهه پيڙهه بعد ڪيترن ئي
محققن ان ڳالهه جو اندازو ڪيو آهي ته سميري ڪٿان
ٻاهر کان آيا آهن، مگر ڪابه راءِ ان کان اڳتي ٻه
ٿي وڌي ته هو ڪو پيڙهين کان هت آباد نه هئا، جنهن
وقت کان هو تاريخ ۾ طلوع ٿيا، اهو ته سندن قديم
نشان نه ٿو ملي. اهو بي فائدي آهي، ڇو ته سميري
طبعي لحاظ کان پراڻي ياد کي سميٽڻ لاءِ اهڙا موزون
نه آهن، جهڙو درياءَ نيل جو ڇوڙ، مگر ٻيا ناڪاري
اصول، تن مان ڪوبه يقيني پتو نه ٿو پوي ته هو ڪو
ٻاهران آيل آهن.
مشهور ماهر علم الانسان جو به اهو رايو آهي ته
سوميري مصر جي قبل گهراڻي جي حڪومتن کان اڳ جا
مصري ۽ ڀونوچ سمنڊ وارا هڪ جنس آهن يا برائون نسل
مان آهن، جن جي اوڀر واري شاخ هندستان تائين پهتي
ته ٻي شاخ اولهه واري برٽش آئلس ۽ آئرلينڊ پهتي.
سميريا جي تباهيءَ جو هڪ مکيه سبب مسٽر مئڪنزي
هينئن به لکيو آهي ته عوام ڳرين ڍلن ۾ پيسجي رهيو
هو. سميريا آفيسرن جي لشڪر هٿان لُٽجي رهيو هو
جيڪي مشهور رشوتخور هئا. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي ته هنن
تي به مصر وانگر ڪا بازپرس ڪانه هئي. عظيم الشان
لاگاس جي تنظيم بي ايمانيءَ سبب جَڏِي ٿي چڪي هئي
جن تي انهيءَ جو مدار هو وغيره وغيره، بئبلاني
(ميسوپوٽيميا) جي تهذيب تي مصر کان گهٽ مگر موهن
جي دڙي ۽ هڙپا کان ڏهوڻو وڌيڪ مواد لکيل آهي. ان
تهذيب جي ته هِت جي آهي يا ٻاهر جي آيل آهي ان تي
به مختلف خيال ۽ رايا آهن، جيڪي هندستان يا سنڌ
سان نسلي رابطو ڏيکارين ٿا، اُهي بلڪل اقليت ۾آهن.
اهو به يقيني ڪونه آهي بلڪ رايا ۽ خيال ٻڌائين
ٿا.اهم ڳالهه جيڪا اسان جا دوست وساري ڇڏين ٿا سا
آهي سميري نسل ۽ سميري تهذيب جو فرق. سميري نسل
بعد اڪادي يا ڪلداني نسل جا ماڻهو ملڪ تي قابض ٿيا
جي سامي نسل جا عرب کان آيل هئا. اهو سيد سليمان
ندوي، ايلٽ سمٿ فلپ ۽ پروفيسر نولديڪي (جرمن) ٻين
ڪيترن محققن لکيو آهي. مغالطو ان ڪري ٿيو جو انهن
اڪادين يا ڪلدانين به سميري تهذيب اختيار ڪئي
تنهنڪري ملڪ جو نالو به سمير پئجي ويو. ان ڪري عام
طور تي اسان جهڙا لکندڙ به سمر ملڪ ۽ سمر تهذيب
سبب ڪلدانين کي به سمر سمجهي ويا. اسان جي سنڌ جو
مثال وٺو: هت دراوڙ، آريه، پارسي، يوناني، عرب،
ارغون، ترخان، ڪلهوڙا ۽ بلوچ آيا ۽ حڪومتون به
ڪيائون، مگر دير سان يا سويري سنڌ جي تهذيب اختيار
ڪيائون. اڄ هڪ سنڌ جو رهاڪو به موئن جي دڙي ۽ هڙپا
جي قديم ۽ سڌريل تهذيب تي فخر ڪري ٿو سگهي. ٻاهر
ڪٿ ائين چوندو ته اسان جو ملڪ قديم ترين تهذيب جو
علمبردار آهي، مگر ائين ڪونه چئبو ته هڪ عرب يا هڪ
سيد يا هڪ بلوچ نسل به موئن جي دڙي ۾ رهندڙ قوم جو
پڻ بنياد آهي.
ان طرح سميري نسل ۽ حڪومت ته ختم ٿي ان بعد جيڪي
ڪلداني آيا ته هڪ نظر انهن تي به وجهون. جيتوڻيڪ
سميرين کي اڪادين ختم ڪيو، مگر بعد ۾ مشهور قومون
ڪلداني (اڪادي) ۽ اشوري حڪومتون وڏي دٻدٻي ۽ شان
سان اُڀريون ۽ وڌيون ۽ هڪٻئي کي ختم به ڪيو، پر
نسلن عرب جون سامي نسل قومون هيون جي عراق ۾ هيون.
حالانڪ ان ملڪ تي ٻيون قومون ۽ قبيله به حڪمران
رهيا جيڪي غير سامي هئا، مگر ايتري وڏي شان وارا
نه هئا يا مٿي سامي نسل جي ٻڌايل قومن کان سواءِ
ٻيا سامي قبيله به حڪومت جا ڌڻي ٿيا مگر اهي اسان
جي موضوع کان ٻاهر آهن.
فاضل ليوس هينس پنهنجي ڪتاب”مٿ ائنڊ ليجندر آف
بئبلونيا ۽ اسيريا“ صفحو 16، بحواله تاريخ مغربي
پاڪستان رشيد اختر ندوي صفحي 80 ۾ لکي ٿو ته ”عراق
تي حمله آور سامين (اڪادين) ان سميري تهذيب کي وڏي
خوشيءَ ۽ رغبت سان پنهنجو ڪري ورتو جا انهن جي
داخله وقت عراق ۾ چالو هئي. انهن نه فقط سميري
تهذيب قبول ڪئي بلڪ جا زبان هو ڳالهائيندا هئا، ان
کي به سميري رسم الخط جو لباس پهرائي ڇڏيو.
افسوس اهو آهي ته رشيد اختر ندوي ٻيا ته ڪتاب
مطالع ڪيا، مگر هڪ اهم ڪتاب
H.H.Risely
جو ڪتاب
People of India
جنهن علم الانسان ۽ ٻوليءَ جي سائنس تي سير حاصل
بحث ڪيو آهي، جنهن ۾ سميرين جو لفظ به ڪونه ٿو
ملي. اگر رشيد اختر هي ڪتاب مطالع ڪري ها ته سندس
تحقيق اها ڪانه بيهي ها جيڪي هِن هن وقت ڪتاب ۾
لکي آهي نه ڪي اهو چوي ها ته دراوڙ سوميري هئا.
اڪادي
فاضل مئڪنزي پنهنجي ڪتاب ۾ صفحي 109 تي لکي ٿو ته
جڏهن به ڪو پردو بئبلان جي تهذيب جي ڊرامي ۾ ظاهر
ڪرڻ لاءِ کڄندو آهي ته اسين ڏسندا آهيون ته ڄڻ ته
ڊرامي جو پهريون پارٽ جنهن ۾ ڪي دل موهيندڙ نظارا
هجن ڏسڻ کان رهجي ويا آهن. سوميري ۽ اڪادي آيا ۽
ويا مگر اهو ڪو سولو نه آهي ته اسان هن فرق کي
سولائي سان ظاهر ڪري سگهون جيتوڻيڪ اڪثر سامي
پنهنجي ڊگهين ڏاڙهين ٻاهر نڪتل نَڪ ۽ ڊگهين عبائن
ڪري سڃاڻپ ۾ ظاهر آهن.مگر ڪي ته سوميرين کي اهڙو
ويجهو آهن جو هو سوميرين جو عڪس پيا لڳن ۽ پنهنجي
اصليت وڃائي ويٺا آهن. اُتر وارا اڪادي پنهنجي
سڃاڻپ ۾ ظاهر آهن. مگر ڏکڻ وارا اڪادي ظاهر نه
آهن، مگر اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهو شهر ملڪي نسل جي
ماڻهن جي هٿن ۾ هو يا اهي جيڪي ٻاهران اچي آباد
ٿيا. حڪومتون قائم ٿينديون هيون ۽ ختم ٿينديون
هيون جيئن مصر جا گهراڻا يا حڪومتون اُڀريون. قصا
ڪهاڻين جا ٽڪرا اوچتو روڪجو وڃن جا ڳالهه اسان جي
سمجهه ۾ اچي ان جي ضرورت معلوم ٿئي، موقعو روڪجو
وڃي. فقط هڪ ڳالهه جي اسان کي پڪ آهي ته تهذيب
ڪافي ترقي يافته هئي اُتر خواهه ڏکڻ ۾.
مئڪنزي صاحب صفحه 114 تي لکي ٿو ته ”اڪاد جي تهذيب
2800 ۽ 3000 قبل مسيح قائم هئي. مشهور بادشاهه
سرعون، جنهن کي سڪندرِ اعظم سان مشابهت ڏني وڃي
ٿي، اهو اڪادي هو.“ صحفه 124 ۽ 125 تي آهي ته
”سميرين جي مشهور شهر لاگاس کي ويران ڪندڙ جو نالو
لوگل زگيسي هو. هن جملي سميرين ملڪ تي به حڪومت
ڪئي. نسلاً هيءُ اڪادي هو. هن جو پٽ سرگون اول بعد
۾ حڪمران ٿيو.“ گويا جنهن سميري تهذيب يا سيميٽڪ
هئا، ان طرح ساڳي تهذيب وارا ساڳيا نسل نه هئا. |