هڪ عام سوال، جو اسان سڀني کي ستائي ٿو سو هي آهي
ته: تعليم جو مقصد ڇا آهي؟ ظاهر آهي ته تعليم بذات
خود ”مقصد“ ناهي مگر ”مقصد“ تائين پهچڻ جو هڪ
ذريعو آهي. اهو ”مقصد“ ڪهڙو آهي؟ جواب آهي ته جيڪو
به ڪا قوم يا سماج پنهنجي لاءِ اختيار ڪري. اهي
قومون جيڪي ترقيءَ جي اوج تي پهتيون آهن تن جو
”اجتماعي مقصد“ ئي سندن ٻي هر ڪوشش ۽ ڪاوش جو عين
مقصد رهيو آهي؛ ان لحاظ سان سندن ”تعيلمي مقصد“
سندن ”اجتماعي مقصد“ جو ئي هڪ اهم جز رهيو آهي.
البت حڪمران قومن جا ”اجتماعي مقصد“ ٻيا آهن، ته
محڪوم قومن لاءِ هنن ”تعليمي مقصد“ ٻيا رکيا آهن.
ظاهر طور آزاد پر پوئتي پيل قومن ۾، جتي ”حاڪم“ ۽
”محڪوم“ جو جو تخيل غالب آهي، اتي ”قومي يا
اجتماعي مقصد“ محض نالي ماتر آهي: اتي حڪمران طبقي
يا گروهه جو ”مقصد“ پنهنجو، ته ملڪ ۾ رائج تعليم
جو مقصد ٻيو. هڪ بيدار قوم ۽ سماج ۾ ”تعليمي“ ۽
”اجتماعي“ مقصد ۾ تضاد ڪونهي: اهي ٻئي هڪ ٻئي جا
حامي آهن.
اسان جي ملڪ ۾ انگريزن کان اڳ واري آزاديءَ جي
دور، ۽ انگريزن جي قبضي کان پوءِ غلامي واري دور
۾، ”تعليمي مقصدن“ جي نوعيت نرالي رهي آهي. وضاحت
خاطر هن سلسلي ۾ تاريخي پس منظر کي بيان ڪرڻ بيجا
نه ٿيندو.
ستين صديءَ ۾ عالمگير اسلامي انقلاب آيو، جنهن
توحيد جي نظريي هيٺ ”خالق جي وحدت ۽ برتري ۽ مخلوق
جي برادري ۽ برابري“ کي ”نظريه حيات“ طور پيش ڪيو،
۽ انهيءَ نظريي جي توسيع خاطر حق ۽ حقيقت جي تلاش
کي لازمي ٺهرايو ويو. نئين اسلامي سماج جو
”اجتماعي مقصد“ اهو ئي رهيو ۽ ”تعليمي مقصد“ پڻ
ساڳيو ئي رهيو. علم
(Comprehension)،
نظر
(Observation)،
بصر
(insight)،
فقہ
(Understading)،
عقل
(reason)
۽ عمل
(action)
کي تحقيقي ۽ تلاش جا موثر ذريعا قرار ڏنو ويو؛
جانچڻ ۽ ويچارڻ سان گڏ هٿن جي استعمال کي لازم
ملزوم ٺهرائي هٿ ۽ اکيون استعمال ڪندڙ محققن کي
”اولي الايدي والابصار“ جو امتيازي درجو ڏنو
ويو؛”ڪتاب“ جي مطالعي سان گڏ ان جي ”حڪمت“ يا
”حقيقي مقصد“ سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کي اعليٰ تعليمي
معيار ڪري مڃيو ويو؛ وجود انسان ۽ وجود ڪائنات
ٻنهي کي ”فطرت جي آيات“ جو سرچشمو قرار ڏيئي ٻنهي
جي مطالعي جي ترغيب ڏني وئي: علم کي محض علم خاطر
نه، پر ان کي ”صلاحيت بخش عمل“ ذريعي انسانذات جي
ذهني روشني، اخلاقي بلندي، ۽ مادي ڀلائي ۽
بهبوديءَ خاطر پرائڻ ۽ پڙهائڻ جي ترغيب ڏني وئي.
انهي انقلابي تعليمي نظريي ۽ ان بابت تاڪيدن ۽
ترغيبن سببان، اوائلي اسلامي سماج ۾ باشعور عالم ۽
محقق پيدا ٿيا، جن پنهنجي تحقيق سان علوم انساني
(Social Sciences)
۽ ”علوم آفاقي“
(Natural & Biological Sciences)
مان ڪيترن ئي علمن جو بنياد وڌيو؛ جانچڻ، ويچارڻ ۽
هٿن کي استعمال ڪرڻ، واري ترغيب مطابق هنن هڪ طرف
نظام تعليم ۾ علمي تجربن ۽ تجربي گاهن
(Laboratories)
جي نئين روايت قائم ڪئي، ته ٻئي طرف مختلف قسمن جي
هنرن ۽ دستڪارين کي اوج تي پهچايو ۽ پاڻ کي ”موچي“
(سراز)، ”تنبو جوڙيندڙ“ (خيام) يا ڍيريون ڪتيندڙ
(غزالي) سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪيو.
هن نئين نظام تعليم ۽ ان جي مقصدن جي حفاظت خاطر
ان کي حڪومت ۽ حڪمرانن جي مداخلت ۽ تسلط کان آجو
ڪري جماعتي رضامندي ۽ پڙهائيندڙ استادن جي اڳواڻي
سان وابسته ڪيو ويو. حڪمران طبقي کان خرچ گهرڻ
بدران تعليم جي اخراجات کي في سبيل الله، خيرات ۽
صدقات سان پورو ڪيو ويو. انهيءَ لاءِ ته متان حق ۽
حقيقت جي تلاش ۽ انساني ڀلائي خاطر معاشري ۾ انصاف
قائم ڪرڻ ۾ ڪا رنڊڪ پوي.
اٺين صدي ۾ سنڌ اندر پڻ اسلامي انقلاب آيو ۽ ان
سان گڏ اسلامي نظام تعليم جو بنياد پيو. اسلامي
معاشري وارو ”اجتماعي مقصد“ ئي ”تعليم جو مکيه
مقصد“ بنيو. پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کي انساني خدمت ڪري
سمجهيو ويو. مڪتبن جي وسيع نظام ذريعي ابتدائي
تعليم عام ٿي؛ مدرسن ۽ جامعن وڏا عالم ۽ محقق پيدا
ڪيا جي سنڌ کان ٻاهر پڻ مشهور ٿيا. سورهين صدي ۾
سنڌ اندر تعليم جو نظام ايترو ته وسيع هو ۽ ايترا
ته گهڻا اُستاد تعليم ڏيڻ ۾مشغول هئا، جو اُستادن
کي پيشه ورانه سکيا ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن
کي پوري ڪرڻ لاءِ بوبڪن(ضلعي دادو) جي درسگاهه جي
سربراهه ۽ فن تعليم ۾ پنهنجي وقت جي مشهور ماهر
مخدوم محمد جعفر بوبڪائي سنه 1550ع ڌاري هڪ خاص
ڪتاب ”نهج التعليم“ يعني ”تعليمي طريقو“
(Method of Education)
لکيو. برصغير ۾ اهو پهريون ڪتاب هو جو تعليمي
طريقي تي لکيو ويو، جنهن مان سورهين صدي ۾ سنڌ ۾
تعليمي معيار جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
ان وقت اعليٰ تعليمي نصاب محدود ۽ يڪطرفو نه هو،
پر جامع هو ۽ ان ۾ شرعي علمن سان گڏوگڏ، رياضي ۽
طبعي علوم شامل هئا. مخدوم جعفر ”طبعيات ۽ فلسفي“
جي دفعي هيٺ عملي علمن
(Practical)
۾”تدبير مدن“
(Political Science)،
”تدبير منزل“
(Economics)
۽ ”علم الاخلاق“
(Ethics)
کي شامل ڪيو آهي ۽ نظري علمن
(Theoretical)
جي دفعي هيٺ (الف) علم طبعي
(Physics)
يعني ”مادو“ ۽ ان جي تغيري حالتن جو مطالعو
(Matter and its changing condition)
( (ب) رياضي علمن
(Computational Sciences)
کي آندو آهي. ”رياضي“ ۾ هيٺين علمن کي شامل ڪيو
اٿس: جاميٽري، ايسٽرانامي، ميٿيميٽڪ، (الجبرا
سميت)، موسيقي، علم مناظر
(Spectroscopy)،
علم جر اثقال
(Mechanics)،
متحرڪ ڪُراً
(Moving Spheres)،
هيئيت
(Engineering)
۽ آلات
(Technology).
هيءَ سورهين صدي سنڌ جي هڪ تعليمي ماهر جو اعليٰ
نصابي تخيل هو.
سورهين صدي بعد مسلمانن جا سماج زوال پذير ٿيڻ
لڳا، ۽ ”اجتماعي مقصد“ جي فوت ٿيڻ سان اعليٰ
”تعليمي مقصد“ پڻ فوت ٿي ويا؛ نصاب جي وسعت ختم ٿي
وئي ۽ مطالعو فقط شرعي علوم تايئن وڃي محدود ٿيو.
ان هوندي به ويندي گذريل (اڻويهين) صدي جي پهرين
نصف تائين، انگريزن کان اڳ واري ٽالپوري دور ۾،
سنڌ ۾ مڪتبن توڙي اعليٰ تعليمي درسگاهن جي ڪمي
ڪانه هئي. رچرڊ برٽن، جيڪوپاڻ هڪ وڏو عالم هو ۽
کيس انگلستان جي تعليمي ادارن جو پورو علم هو،
تنهن ٽالپوري عهد جي ڇهن درسگاهن (سيوهڻ، ٽرپٽ،
کهڙا، مٽياري، ولهار ۽ چوٽياري) کي ان وقت جو
”ڪاليج“ ڪري شمار ڪيو آهي.
هنن حوالن جو مقصد اهو ٻڌائڻ نه آهي ته جيڪي هو سو
اڳ هو؛ البت انهيءَ غلط خيال جي ترديد پڻ ضروري
آهي ته ڪو انگريزن کان اڳ ملڪ ۾ نظام تعليم ڪونه
هو. انگريزن کان اڳ واري دور ۾ نه فقط تعليمي نظام
موجود هو پر اهو هڪ ”بامقصد“ نظام هو. ان نظام جو
”تعليمي مقصد“، سماج جي ”اجتماعي مقصد“ کي ويجهو
هو. اسلامي نظام تعليم جو بنيادي مقصد، توحيد جي
روشني ۾ حق ۽ حقيقت جي تلاش، اخلاق جي بلندي ۽
انسانذات جي ڀلائي ۽ بهبودي هو. انهيءَ ڪري پڙهڻ ۽
پڙهائڻ کي فرض بلڪ عبادت سمجهايو ويو. استادن بکون
ڪاٽي به محبت ۽ اخلاص سان پئي پڙهايو ته شاگردن ڏک
ڏسندي به دل و جان سان پئي پڙهيو. 1852ع ۾ ڪمشنر
فريئر صاحب جي ايماء تي بي.ايڇ. ايلس ”سنڌ ۾ تعليم
بابت رپورٽ“ تيار ڪئي، جنهن ۾ لکي ٿو ته هتان جا
ڪيترائي استاد محض ڀلائي ۽ ثواب خاطر پڙهائين ٿا.
انگريزن جي دور ۾ رائج ڪيل نئين نظام تعليم جو
مقصد شروع کان ئي گورنمينٽ جي نوڪري رهيو: اخلاق
جي تربيت يا سماج جي ڀلائي وارا مقصد هميشه لاءِ
ميٽجي ويا. انگريزن جي تسلط جي هڪ سو سالن کان مٿي
واري عرصي ۾ ”نوڪري ۽ ذاتي ڪمائي“ نئين تعليم جو
پڪو ۽ اڪيلو مقصد بنجي ويو، ۽ قومي آزادي کان پوءِ
ويندي هن وقت تائين تعليم جو بنيادي مقصد اهو ئي
رهيو آهي. ٻار جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ، لکڻ پڙهڻ سکڻ،
عام يا خاص مضمون پڙهڻ، امتحان ڏيڻ، سرٽيفڪيٽ حاصل
ڪرڻ.. انهيءَ سڄي ڪوشش ۽ ڪاوش جي پويان هڪ ئي مکيه
جذبو ڪارفرما آهي، يعني ته ڪا نوڪري ملي. اسان جي
ملڪ جي قومي ۽ تعليمي تاريخ ۾ اهو هڪ وڏو حادثو هو
جو حق ۽ حقيقت جي تلاش، اخلاق جي سنوار، ۽
انسانذات جي ڀلائي ۽ بهبودي واري جامع نظريي بدران
انگريزن جي غلامي واري دور ۾ ”ذاتي ڪمائي خاطر
نوڪري حاصل ڪرڻ، ئي تعليم جو مکيه مقصد بنجي ويو.
قوم جي وڏي ”اجتماعي مقصد“ هيٺ بيشڪ تعليم جو هڪ
ننڍو پر اهم مقصد اهو پڻ هئڻ گهرجي ته تربيت ذريعي
عاقل بالغ فرد کي عزت آبرو سان روزي ڪمائڻ جي لائق
بنائجي. پر اعليٰ ”اجتماعي مقصد“ جي عدم موجودگي
۾، اسان جي معاشري ۾ نه فقط ”نوڪري حاصل ڪرڻ“ پر
”ذاتي ڪمائي وڌائڻ“ تعليم جو اڪيلو ۽ اهم مقصد
بنجي ويو آهي، ايريقدر جو جنهن شعبي ۾ نوڪري ڪرڻي
آهي ان شعبي بابت گهربل معلومات حاصل ڪرڻ کي به
ضروري نٿو سمجهيو وڃي؛ هڪ استاد کي پاڻ ۾ پڙهڻ
پڙهائڻ جي اهليت پيدا ڪرڻ، يا هڪ انجنيئر کي
پنهنجي پيشي ۾ لياقت پيدا ڪرڻ لاءِ تعليم دوران
جيڪي پڙهڻو ۽ پرائڻو آهي انکي ايترو ضروري نٿو
سمجهيو وڃي جيترو ڪنهن به حيلي سان امتحان پاس ڪرڻ
۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ کي، محض انهي لاءِ ته نوڪري
هٿ ڪري ڪمائي جو ذريعو پيدا ڪيو وڃي.
اهڙن رجحانن واري حالت ۾، اسان جو تعليمي نظام هڪ
دائم المريض ۽ نيم- جان نظام بنجي چڪو آهي. باوجود
انهيءَ جي اسان جڏهن هن نيم-جان نظام کي وسيع ڪرڻ
جا پروگرام بنايون ٿا تڏهن ان کي صحتمند بنائڻ
ڏانهن گهٽ توجهه ڏيون ٿا. سوچڻ گهرجي ته شاندار
عمارتون اڏڻ، پگهارن کي وڌائڻ، ولايت مان ڪتاب ۽
سائنسي سامان گهرائڻ سان هي نيم-جان جسم ڪيئن ٿو
صحتمند ٿي سگهي! اهي مڙئي پاڻ کي ۽ ٻين کي آٿت ڏيڻ
جا حيلا ۽ بهانا آهن. اسان وٽ ”تعليمي معيار بلند
ڪرڻ“ جي صدا هڪ پيشه ورانه نعرو بنجي چڪو آهي؛
ڇاڪاڻ ته جڏهن پڙهائڻ وارو پڙهائڻ جو اهل ناهي، ۽
پڙهندڙ پڙهڻ خاطر باقاعدي حاضر رهڻ لاءِ تيار
ناهي، ته باقي عمارتن اڏڻ ۽ انهن کي سينگارڻ سان
تعليم جو معيار ڪيئن ٿو مٿي ٿي سگهي!
جن جي هٿن ۾ هن ملڪ جي تعليمي نظام جون واڳون پئي
رهيون آهن تن محض پاڻ وڻائڻ خاطر، سڌي يا اڻ سڌي
طرح، نهايت ئي نقصانڪار رجحانن جي حمايت پئي ڪئي
آهي، جنهنڪري بنا حاضري جي ”ٽرم“ حاصل ڪرڻ، گهران
ويهي خانگي طور پيشه ورانه امتحان ڏيڻ، وڌيڪ
مارڪون ڏياري امتحان پاس ڪرائڻ، امتحانن ۾
بيقاعدگين ڪندڙن جي سفارش ڪرڻ، نااهل استادن ۽
تعليمي منتظمن جي حمايت ڪرڻ، غير ذميدار شاگردن جي
پٺڀرائي ڪرڻ ۽ اهڙن ٻين قدمن کڻڻ کي جائز سمجهيو
وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ شاگردن توڙي استادن جي
اڪثريت بي حس ۽ بي وس بنجي چڪي آهي.
تعليمي نظام ذريعي قومون پنهنجي سماجي، اخلاقي ۽
اقتصادي حالتون سڌاري طاقتور ٿين ٿيون، ۽ پنهنجي
آزادي برقرار رکن ٿيون. اهو سڀڪجهه تڏهن ممڪن آهي
جڏهن ڪنهن قوم کي ”اجتماعي مقصد“ هجي، جيڪو
”تعليمي مقصد“ لاءِ حقيقي منزل بنجي. باوجود غربت
جي، اسان تعليم ڏيڻ لاءِ ڪيترا جتن ۽ اهتمام ڪريون
ٿا: درسگاهون قائم ڪريون ٿا، وڏيون عمارتون اڏيون
ٿا، ڪتاب ۽ ٻيا سامان گڏ ڪريون ٿا، استادن ۽
انتظامي عملي جي پگهارن تي لکين رپيا خرچ ڪريون
ٿا: جڏهن ايترو پاڻ پتوڙيون ٿا تڏهن ضروري آهي ته
اسان پاڻ کان پڇون، ۽ وري وري پڇون، ته ڪهڙي قسم
جي تعليم ٿا ڏيون ۽ ڇا جي لاءِ ٿا ڏيون؟
هن حقيقت کي سمجهڻ ضروري آهي ته جيستائين تعليمي
سرشتي ۽ ان جي مقصدن کي پوري ملڪ ۽ سماج جي زنده
جاويد ”اجتماعي نظريي ۽ مقصد“ سان ڪڙوڪڙي ۾ ملائي
نه ڳنڍيو ويو آهي، تيستائين تعليم محض رسمي ۽
نيم-جان رهندي، ۽ قومي لحاظ سان ڪارگر نه ٿيندي.
”نئين تعليمي پاليسي“ جنهن جو تازو اعلان ڪيو ويو
آهي، ان ۾ هن حقيقت جو اعراف ڪيو ويو آهي
ته”تيستائين ڪابه تعليمي رٿا ۽ ڪي به تعليمي سڌارا
ڪامياب نه ٿيندا، جيستائين خود تعليم ”قومي مقصدن“
تائين پهچڻ جو ذريعو نه بنجي“.
اهو اعتراف اميد افزاء آهي، ۽ ان تي عمل يقيني طور
اسان جي آئنده تعليمي ترقيءَ لاءَ راهه روشن ڪندو.
آخر ۾ آئون ڪانفرنس جي منتظمين جوممنون آهيان جن
مون کي هن شعبي جي صدارت جو شرف بخشيو، ۽ اوهان
سڀني جو دل سان شڪر گذار آهيان، جو اوهان مون کي
توجهه سان ٻڌو.
]سنڌ
سائنس سوسائٽي طرفان منعقد ڪيل پهرين سنڌ سائنس
ڪانفرنس ”تعليم ۽ سماجي علوم“ جي موضوع تي پڙهيل
صدارتي خطبو[
علامه غلام مصطفيٰ قاسمي
مسلمانن جا علمي ۽ تهذيبي ڪارناما
(فقهه۽ تفسير)
اسلام ئي هڪ اهو دين آهي، جنهن جي الهامي ڪتاب
قرآن مقدس جو انسانيت کي پهريون پيغام ”اِقرا“
(پڙهه) جو آهي. نبي اڪرم صلي الله عليہ و آلہ و
صحبہ وسلم پنهنجي صحابين سڳورن ۽ اهل بيت کي قرآن
مقدس جي تعليم ڏني ۽ حضور جي زندگيءَ ۾ ئي ڪيترا
قرآن حڪيم جا حافظ بنجي ويا. پهرين صديءَ ۾ اهو
پيغام برصغير ۾ سڀ کان پهريون سنڌ ۾ پهتو ۽ دنيا
جو پهريون ”مولانا“ ديني لقب هتي جي هڪ نئين مسلم
کي مليو، جيڪو تاريخ ۾ مولانا اسلامي ديبليءَ جي
نالي سان مشهور آهي. ان وقت حديث شريف جي اڃان
تدوين نه ٿي هئي. ان لحاظ سان مولانا اسلامي ديني
ڪتابن مان رڳو قرآن مقدس جو ڄاڻو هو.
نبي اڪرمصه جي تعليم سان هونءَ ته سندن
سڀئي ساٿي ۽ صحابه قرآن مقدس جا ڄاڻو عالم هئا پر
انهن منفسرين صحابه خاص طرح هنن صحابين سڳورن کي
ڳڻيو ويندو آهي. خلافت راشده جا مسند نشين چار وڏا
اصحاب، حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت عبدالله بن
عباس، حضرت ابي بن ڪعب، حضرت زيد بن ثابت، حضرت
ابو موسيٰ اشعري، حضرت عبدالله بن زبير، حضرت انس
بن مالڪ، حضرت ابو هريره، حضرت جابر، حضرت عبدالله
بن عمرو بن العاص رضوان الله تعاليٰ عليهم اجمعين.
جڏهن ته ٽي خلفاء سڳورا اڳ وفات ڪري ويا انهن کان
تفسيري روايتون گهٽ آيون آهن، ۽ سيدنا علي رضه کان
روايتون گهڻيون آهن. هن جي حضرت عبدالله بن مسعود
به شاهدي ڏني آهي. حضرت عبدالله بن مسعود رضه جڏهن
ته پاڻ کي قرآن پاڪ جي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو
هو، ان ڪري ان کان تمام گهڻيون تفسيري روايتون
آيون آهن. هن جي وفات مديني منوره ۾ سنه 32هه ۾
ٿي. حضرت ابن عباس جي وفات طائف ۾ سنه 68هه ۾ ٿي.
انکي ترجمان القرآن ۽ رئيس المفسرين جي القاب سان
ياد ڪيو ويندو آهي. قرآن مقدس کي ڄاڻڻ لاءِ حضور
عليہ الصلواہ و السلام به ان لاءِ دعا فرمائي هئي.
ان کان بيشمار تفسيري روايتون آيون آهن، جن مان سڀ
کان معتبر علي بن ابي طلحہ هاشمي وفات سنه 143هه
جي طريق آهي. امام بخاري پنهنجي صحيح بخاريءَ ۾ ان
تي ئي اعتماد ڪيو آهي. ڪَلبيءَ جي ابو صالح کان
جيڪا طريق آهي ان کي سڀ کان ڪمزور سڏيو ويو آهي.
اُمت محمديءَ جي عالمن هزارين تفسير لکيا. حضرت
ابن عباس رضه جو هڪ تفسير آهي جو گهڻو پوءِ اڳتي
هلي مدون ڪيو ويو. سڀ کان وڏي اهميت تفسير ابن
جرير طبريءَ کي ڏني ويئي آهي. امام نووي فرمائي ٿو
ته اُمت جو اجماع آهي ته تفسير طبريءَ جهڙو ڪو
تفسير نه لکيو ويو. هن جي وفات سنه 310هه آهي. اهو
عربيءَ ۾ چند ضخيم جلدن ۾ آهي. هن کي فارسيءَ ۾
ترجمو ڪيو ويو. هن کان پوءِ تفسير قرطبي آهي، جيڪو
ويهن جلدن ۾ ڇپيوآهي. هن ۾ احاديث جي صحت جو خيال
رکيو ويو آهي. ان سان گڏ عربي ادب جي خيال کان
مشڪل الفاظ جو عربي اشعار جي روشنيءَ ۾ حل پيش ڪيو
ويو آهي. سلف جي تفسير مان تفسير حافظ ابن ڪثير کي
به وڏي شهرت ملي آهي. معاني، بيان ۽ بديع جي خيال
کان علامه زمخشريءَ جو تفسير ڪشاف سڀني تفسيرن تي
سبقت رکي ٿو، ڇو ته علامه زخمشري بيان ۽ بديع جو
امام هو. قاضي بيضاوي ۽ ابو جعفر طوسي ٻنهي تفسير
ڪشاف مان استفادو ڪيو. معتزلن ۽ ٻين باطل فرقن جي
رد ۾ تفسير مفاتيح الغيب کي وڏي مقبوليت ملي. اهو
امام فخر الدين رازيءَ جو تفسير آهي.
برصغير جي اڳين عالمن مان قرآن مجيد جي سڀ کان اڳ
۾ خدمت ٽين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ٿي، جو منصوره سنڌ
۾ قرآن حڪيم جو سنڌي ترجمو لکيو ويو. اڳتي هلي پاٽ
سنڌ جي هڪ وڏي عالم شيخ طاهر محدث تفسير مجمع
البحار عربيءَ ۾ لکيو. علامه طاهر، علامه شهاب
الدين سنڌيءَ جو شاگرد هو. هن جي ٻين استادن مان
سندس سوٽ شيخ معروف، علامه عثمان سيتاپوري علائقي
بکر ۽ علامه عبدالڪريم ميران بوبڪائي وڏي شهرت جا
مالڪ آهن. ٻيو تفسير مخدوم عيسيٰ جندالله سنڌي
پاٽائي جو تفسير انوار الاسرار آهي. هن تفسير ۾
تصوف جي اسرارن ۽ نڪتن کي گهڻو آندو ويو آهي. هن
جو هڪ جلد سنڌ يونيورسٽيءَ جي مکيه لائبرريءَ ۾
آهي. شاهه حسن ارغون جي استاد شيخ مصلح الدين سنڌي
تفسير بيضاويءَ تي هڪ بسيط حاشيو لکيو. مدارڪ
تفسير علامه نسفيءَ جو دنيا ۾ مشهور آهي. شيخ طاهر
سنڌي هن جو اختصار لکيو، جنهن جو نالو آهي خلاصہ
المدارڪ. ڏهين صديءَ ۾ مخدوم نوح هالائي عليہ
الرحمہ قرآن پاڪ جو فارسيءَ ۾ ترجمو لکيو ۽ درميان
۾ مختصر تفسيري نوٽ لکيا. هيءُ ترجمو سنڌي ادبي
بورڊ پاران ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي. هن جي
وڏي خوبي اها آهي جو قرآن مقدس جي مقطعات جا اسرار
بيان ڪيا ويا آهن ۽ بسم الله الرحمٰن الرحيم جيترا
ڀيرا آئي آهي ان جي اڪثر مختلف معنيٰ ڪئي ويئي
آهي. ان کانسواءِ سنڌي زبان ۾ ڪئين تفسير ۽ ترجما
لکيا ويا آهن. هن صديءَ ۾ تفسير بيضاويءَ تي
عربيءَ ۾ هڪ طويل حاشيو علامه استاد ڪُورائي
سنڌيءَ ۾ لکيو جو ڪارخانه تجارت ڪتب ڪراچيءَ طرفان
گهڻا ڀيرا ڇپيو آهي.
اسلامي حڪومت جو دائرو جڏهن وڌڻ لڳو ۽ شرعي فيصلا
آڏو اچڻ لڳا ته قانون اسلام جي ڪتابن لکڻ جي ضرورت
محسوس ٿي. هن ڏِس ۾ سڀ کان اوليت امام ابو حنيفه ۽
ان جي فقهه حنفيءَ کي آهي. قاضي ابو يوسف ۽ امام
محمد شيباني ان جا شاگرد هئا. امام محمد فقهه جي
تدوين تي زور ڏنو. ظاهرالروايته جا ڪتاب مبسوط،
جامع صغير، جامع ڪبير ۽ زيادت جهڙا ڪتاب وجود ۾
آيا ۽ اهي هن فن ۾ ابتدائي ڪتاب آهن. امام ابو حفص
ڪبير بخاري امام محمد جو شاگرد هو، جنهن هن علم
فقهه کي ماوراء النهر، بخارا، سمرقند ۽ تاشقند ۾
پهچايو. ان جي تعليم ايترو ته ڦهلجي وئي جو اهو
ملڪ فقهه حنفي جو مرڪز ليکجڻ ۾ آيو. شيخ الاسلام
بزدوي، شمس الائمہ سرخسي ۽ علي مرغيناني جهڙا فقهه
جا امام پيدا ٿيا. شمس الائمہ سرخسيءَ جو مبسوط
فقهه ۾ هڪ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي، جنهن مان هر
فقيهه استفادو ڪيو آهي. هن دور جي وڏي محقق اُستاد
ابو زهره لکيو آهي ته شمس الائمہ سر خسيءَ جو
اُستاد سنڌ جو هڪ فقيهه علي بن حسن هو. هن مان هتي
جي فقهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. علي مرغيناني
هدايه ڪتاب جو مولف آهي، جيڪو ساري عالم اسلام ۾
پڙهايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ فقهه تي پهريون ڪتاب المتانہ
في مرمہ الخزانہ آهي، جيڪو مخدوم محمد جعفر
بوبڪائي جي تاليف آهي. هن تي 118 صفحن جو عربيءَ ۾
مقدمو ۽ حواشي لکي سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايو ويو
آهي.
|