هاڻي ته هوءَ مڪمل ڪاليج گرل بڻجي چڪي هئي. وٽس هر
رنگ جون جينز ۽ شرٽس موجود هيون. رئو ته هاڻي کيس
فالتو شيءِ لڳندو هو. هر ڪنهن سان بي تڪلف ٿي
ڳالهائيندي هئي. هاڻي ته ٻين مان خاميون به ڪڍڻ
اچي ويون هئس. ڪنهن کي ڪپڙن پائڻ جو ڍنگ نه هو ته
وري ڪنهن جي شڪل ڦڪي ڦڪي لڳندي هئس ميڪ اپ بنان.
”ڏٺئي منهنجو ڪمال، ڊيئر شهلا! نٿي مڃيئي نه.“
”واقعي صوفيه، مون کي پهريائين ته يقين ڪونه پئي
آيو.“
”سائين صوفيه به آخر صوفيه آهي. مون کان نه اهو ڪم
ٿيندو ته ٻيو ڪنهن کان ٿيندو.“ صوفيه پنهنجو پاڻ
کي پڏائيندي چيو.
”پر غريب سان تو ڪيو ته ظلم آهي.“ شهلا کي ڪجهه
رحم اچي ويو.
”پوءِ پاڻ کي ايترو مضبوط ڇو پئي سمجهيائين. مان
چيو هومانس فضيلت سان، پر پاڻ کي سمجهيائين پئي
وڏو ساڌ پاڪ.“
”پر ڏس نه، پنهنجي ٻي ڳالهه آهي. اسان لاءِ هي سڀ
ڳالهيون نيون ناهن ۽ اسان کي ڪير ڪجهه چئي به نٿو
سگهي. تو هن لاءِ ته مصيبت پيدا ڪري ڇڏي آهي.
مائٽن جا ته لاهه ئي ڪڍي ڇڏيا هوندائين.“
”شهلا، تون چري آهين، منهنجي ڳالهه کي ڇو
ٺڪرايائين. رلائڻ لاءِ ته ڪيو اٿمانس. سمجهيائين
ٿي پاڻ کي پوتر پاڪ، چيائين ٿي پاڻ تي ڇڏيل آهي،
هاڻي ڏٺئي نه.“ صوفيه جو لهجو اهڙو هو جو جهڙو ڪو
وڏو ڪارنامو ڪيو هجيس.
صوفيه سڀني کان بي نياز اهي ڳالهيون ڪري رهي هئي.
هن الف کان ي تائين سڀڪجهه ٻڌو. کيس ائين لڳو ڄڻ
هيرو ڏسندي ڏسندي ڪوئلو بنجي ويو هجي.ڪاوڙ کان
سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون. دل ۾ آيس ته سڀني جي
سامهون صوفيه کي ٿڦڙ وهائي ڪڍي، پر نه، سندس ارادو
بدلجي ويو. شڪر ڪيائين ته سڀڪجهه ٻڌي ورتائين.
اڄ جڏهن هوءَ بس مان لٿي ته ساڳيو مٿي تي رئو،
اوور آل جا بٽڻ بند، چهرو ميڪ اپ کان خالي. بلڪل
پهرئين ڏينهن وارو حُليو، پر طبيعت ۾ وڏو فرق هو.
اڄ منجهس اعتماد هو. کيس اڄ ڪابه مُونجهه ڪانه پئي
ٿي. ائين پئي لڳس ڄڻ ٻيا سڀ رانديڪا ۽ ڪٺ پتليون
آهن، جيڪي هڪٻئي جي اشارن تي پيا هلن.
نسرين خواجه
مٽيءَ جو مان
مٽيءَ جا مٽ ماٽيون، گهڙا گهگهيون ۽ ٻيا اڪيچار
ٿانوَ ٺاهيندي ٺاهيندي هو خود به هڪ مٽيءَ جو پتلو
بنجي ويو هو. هن جي وجود ۾ مٽي ائين ته ڳوهجي ويئي
هئي جو ڄڻ ته الله هن کي پنهنجي غيبي هٿن سان
مٽيءَ جو ازلي پتلو ٺاهي ڇڏيوهو.. هڪڙو هي ڇا، هر
انسان به ته مٽيءَ مان ٺهيل آهي ۽ وري ويندو به
مٽيءَ ۾ ملي... ته پوءِ هي هڏيون، ماس، خون دل،
جذبا، احساس، اُڃ، بک، نه ڄاڻي ڇا آهن؟ الله جو
ڳجهه الله ئي ڄاڻي! اڳياڙي ۾ به مٽي ته پڇاڙي ۾ به
مٽي! ۽ وري وچ واري مدي ۾ به مٽيءَ جو اجهو!
هو سڄو ڏينهن اڱڻ ۾ چڪ تي ويهي مٽيءَ جا مٽ
ماٽيون، گهڙا گهگهيون ۽ ٻيو قسمين قسمين جو سامان
ٺاهيندو رهندو هو. هن جي موڪري پيشانيءَ تي لاڳيتي
پورهئي ڪرڻ سان پگهر جا ڦڙا سچن هيرن وانگيان
چمڪندا نظر ايندا هئا. ڏينهن رات پورهيو.. اڻٿڪ
پورهيو! پورهئي ۾ جڏهن بي لوث پيار جو رس چڙهي ٿو
وڃي ته اهو پورهيو هڪ سهڻي ۽ سدا رهندڙ رنگ ۾ رچيو
نروار ٿئي. انهيءَ محنت ۾ جڏهن محبت جو ملي ويئي
ته پوءِ انهن هٿن سان ٺڪر جي هر شيءِ نازڪ، نزاڪت
واري ۽ ٺاهوڪي ٺهڻ لڳي. جيئن ڪنهن ٺاهوڪي ڇوڪريءَ
جي جواني، ڪيترو به لڪائڻ سان نه لڪي سگهندي آهي،
اهڙيءَ ريت شير علي جي ٺاهيل ٺاهوڪن ٺڪر جي ٿانوَن
جو نالو به ڳوٺن مان نڪري شهرن تائين پکڙجڻ لڳو.
ماڻهو رڳو هن جي نالي تي بنا ٺڙڪائڻ جي ٿانو وٺڻ
لڳا. شير علي جي هٿن جو ٺهيل ٿانو هرگز خراب ٿي
نٿو سگهي. ماڻهن جي دلين ۾ اهو هڪڙو پڪو ڀروسو ڄمي
ويو. مٽيءَ جي معرفت ايڏو ته مان ملي ويو هوس جو
هاڻي هو وڌيڪ مٽيءَ جو متوالو بنجڻ لڳو. سندس هر
گهڙي، هر پل، چڪ کي گهمائڻ ۾ گذرڻ لڳي. روزانو بي
انت برتن هن جي هنرمند هٿن سان وجود ۾ اچڻ لڳا.
ٿلهين ڀرپور آڱرين ۽ سخت هٿن وارو شير علي،
زندگيءَ جي ڊگهي رستي تي روزانو اڪيچار مٽيءَ جون
بي جان شيون ٺاهيندي ٺاهيندي، مٽيءَ جي هڪ جاندار
جيئري جاڳندي شيءَ به ٺاهي ويو.
شير عليءَ جي ٺاهيل گهگهين وانگيان ڊگهي ڳچي ۽
سنهڙي چيلهه واري سورهن سالن جي زهران ڏاڍي سهڻي،
سياڻي ۽ سمجهدار هئي. زهران هن جي جياپي جي ٽيڪ ۽
اندر جي آٿت هئي. هن جي اکين جونور ۽ دل جو سرور
هئي. حميده زهران کي ڄڻي اهڙو ته ڪِري جو وري نه
اُٿي سگهي. نيٺ مٽيءَ جو قرض مٽيءَ کي ادا ڪري
زهران کي پنهنجي پيءءُ جي پلاند ۾ وجهي پاڻ هميشہ
هميشہ لاءِ رمندي رهي. مٽي انسان کي پهريون سبق
پناهه جو ڏئي ٿي. دنيا ۾ پناهه ۽ ازلي پناهه! مٽي
جيڪا ماءُ جيان عظيم آهي! ماءُ جنهن کي خدا اشرف
المخلوقات جي پيدا ڪرڻ لاءِ چونڊيو.
زهران هڪ ڪنڀار جي ڌيءَ جي ناتي سان پاڻ به سڄو
ڏينهن پيءُ جي پاسي ۾ ويهي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندي هئي.
ڪڏهن مٽي ڳوهيندي هئي ته ڪڏهن ڪچن ٿانون کي کڻي
سڪائڻ لاءِ پويان اڱڻ ۾ هلي ويندي هئي. شير علي جي
گهر ۾ ٻه ڪمرا هئا ۽ ڪمرن جي چوڌاري ڪچي مٽي جي
ڊگهي ڀت ڏنل هئي. اهڙيءَ ريت ڪمرن جي اڳيان ۽
پويان پڪو اڱڻ بنجي ويو هو ۽ پاسن کان ٻه گهٽيون
ٺهي ويون هيون. پويان اڱڻ ۾ ٿانون جا ڍير لڳا پيا
هئا. شير علي جي گهر جي وچين ڀت سان بنهه گڏوگڏ
سندس وڏي ڀاءُ فتح علي جو گهر هو. ٻنهي گهرن جي وچ
۾ رڳو هڪڙي ڪچي مٽيءَ جي ڀت هئي.
فتح علي، شير علي جي ٺاهيل ٿانون کي چٽڻ جو ڪم
ڪندو هو. ٻنهي ڀائرن ۾ ڏاڍو قرب هوندو هو. وچين ڀت
جي ڪري، جڏهن به جنهن جي دل گهري، کٽ تي چڙهي
ڳالهه ٻولهه ڪري سگهبي هئي، ڪا شيءَ ڏئي وٺي سگهبي
هئي. فتح علي کي به هڪڙي زهران جيڏي جوان ڌيءَ ۽
هڪڙو وڏو پٽ هو دلاور. نهايت نٺر، شرير ۽ اٻهرو،
بنهه ڪوري مٽ وانگيان ڪڙڪ. زهران کي شير علي
پنهنجي بي پناهه پيار جي پالوٽ ۾ پالي اچي جواني
جي سورهين ڏاڪي تي بيهاريو هو. ننڍپڻ ۾ زهران
دلاور جي مڱ هئي، مگر رسمي طرح نه. جيئن ئي ٻنهي
تي جوانيءَ جا پاڇا پوڻ لڳا، اکين ۾ عجيب خواب ڦرڻ
لڳا. ڊگهي ڳچي، سنهڙي چيلهه ۽ ڀرپور ڇاتي واري
ٺاهوڪي ۽ شرميلي زهران جڏهن به دلاور کي ڏسندي هئي
ته پاڻئي پاڻ جهڪندي نمندي، نانگ وانگيان ور وڪڙ
کائيندي شرمائيندي اندر ۾ هڪ اڻ ڄاتل عجيب احساس
سانڍيندي، سندس ڀر مان مَي ويندي هئي. دلاور
انهيءَ دل ڌتاريندڙ انداز کي ڏسي پنهنجي نئين
نويلي مُڇ کي مروڙي مُرڪڻ لڳندو هو، جهڙوڪر اهو
سمورو ڪمال سندس مڇن جو هجي. نوان نوان اڀرندڙ
جذبا هئا... منجهيل سنجهيل سوچون هيون... ۽ سوچن
جا سلسلا ٻنهي طرفن ساڳيا ۽ لاڳيتا وڌندا رهيا.
ٻئي پنهنجي پنهنجي پَر ۾ حيران ۽ پريشان هٻڪي رهيا
هئا ته انهن نون جذبن کي ڪيئن سمجهي سگهجي؟ انهن
سوچن کي ڪيئن سلجهائجي؟ هن نئين آفت سان ڪهڙو سلوڪ
ڪجي! اکڙيل ساهه! ڏهاڙي وڌندڙ بيقراري جي باهه جا
ڀڙڪا... سوچن ۾ سهڻا سهڻا سَپنا! ٻنهي جي ڪوري
سمجهه ۾ هڪڙي به ڳالهه نه آئي ته اهو سڀ ڪجهه ڇا
ٿي رهيو آهي! ڇو هڪٻئي کي ڏسي دل ڌڙڪڻ لڳي ٿي! ڇو
هي اڃايل ۽ اٻاڻڪيون اکيون رڳو هڪڙي ئي شڪل کي ڏسڻ
لاءِ آتيون ٿيون رهن! ڪڏهن ڪڏهن ڳجهه ڳوهه ۾... لڪ
ڇپ ۾.. ڳالهه ٻولهه ٿيڻ لڳي. پر هي ملاقاتون به
عجيب نموني جون هيون... پهرين ته پري پري کان رڳو
نگاهن ئي نگاهن ۾ نينهن جا نياپا... پوءِ وٿيون
گهٽجڻ لڳيون. ويجهڙائپ وڌڻ لڳي... هٿ هٿن سان ملڻ
لڳا ۽ هڪٻئي کي بدن جي گرمي جو ڀرپور احساس ٿيڻ
لڳو. ۽ پوءِ... ٻئي هڪ ٻئي جا پڪا گهورو بنجي
ويا... بنهه پيار جي پيچن ۾ پختا ۽ پائدار جڪڙجي
ويا... بنا اکرن جي ڳجهو پر پڪو، وفا نڀائڻ جو
اقرار!
شير علي چڪ تي ويهي من جي موج سان مٽ ٺاهي رهيو
هو. سندس محنتي ۽ ماهر هٿ تڪڙو تڪڙو هلندڙ چڪ تي
مٽ جو پيٽ وڌائي رهيا هئا. بنهه سندس ڀر ۾ چاندي
جي چوڙين جي ڇمڪي سان زهران مٽي ڳوهي رهي هئي.
ڪڻڪيلي رنگ ۽ ڪچي مٽي جي لچڪ جهڙي زهران سان گڏ
مٽي ڳوهڻ مهل هيٺ مٿي ٿيڻ ڪري سندس ڪنن جا جهومڪ
به لڏي هوا ۾ هلڪو دلفريب آواز پيدا ڪري رهيا هئا.
ٽاڪ ٻپهر هئا، ڪانگ جي به اک ٿي نڪتي. پر هي ٻئي
پنهنجي ڪم ۾ مگن هئا. اڱڻ ۾ لڳل نم جي وڻ جا سڪل
پن هلڪي آواز سان پٽ تي ڇڻيو وري هوا جي هلڪي
جهوٽي سان ٻهارجيو ٽڙيو پکڙجيو پئي ويا.
”بابا!“ لاڳيتي ماٺيڻي ماحول ۾ زهران جو مٺڙو آواز
گونجيو.
”هون“ بابا رڳو ”هون“ تي ئي کڻي بس ڪئي. سندس سارو
ڌيان مٽ جي گولائيءَ ۾ گم هو.
”بابا! تنهنجي دل نٿي گهٻرائي. هيڏو سارو وقت
لاڳيتو چَڪ تي ويهي تون ٿڪين نٿو بابا؟“ هن مٽيءَ
جو وڏو گولوٺاهيندي جهيڻي آواز ۾ چيو. ”سچي،
منهنجو من ٿو منجهي! هر وقت مٽي مٽي. توبهه!“ هن
منهن کي موڙو ڏيندي سلسلو جاري رکندي چيو.
سندس ڳالهه تي پڻس ٿورو مرڪيو ۽ وري پنهنجي ڪم ۾
لڳي ويو. انهيءَ تي زهران کي ڏاڍي چڙ لڳي ويئي.
کيس پنهنجي گهٽتائيءَ جي احساس وڏو چڪ وڌو. اها به
ڪا ڳالهه آهي! بابا هر وقت مٽي سان محبت ڪندو رهي
ٿو. منهنجو ڄڻ ته ڪو وجود ئي ڪونهي! ”پڪ سان بابا!
تون مٽيءَ کي مون کان به وڌيڪ ٿو چاهين!“ هن منهن
ڦوڪيندي چيو.
”اڙي چري!“ شير علي يڪدم کلي وڌو، مگر چڪ ڦرندو
رهيو ۽ مٽ ٺهندو رهيو. ”جهڙي تون منهنجي تخليق
آهين نه زهران، اهڙي ريت هي ٿانو به ته منهنجي
تخليق آهن. تون منهنجي خون مان ٺهي آهين. مگر هنن
تي منهنجي خون سان گڏوگڏ منهنجي پگهر جو به هڪ هڪ
ڦڙو خرچ ٿئي ٿو ۽ وري اهو به ته ٿورو سوچ ته
انهيءَ مٽيءَ جي ڪري ئي ته اسان جي چلهه ۾ ٽانڊو
ٿو ٻري ۽ انهيءَ جي وسيلي ئي اسان جي بدن ۾ خون ٿو
ڊوڙي! مون کي جيترو تون پياري آهين نه زهران، هيءَ
مٽي به اوترو ئي پياري آهي! تون ۽ مٽي، اوهان ٻنهي
جي ڪري ئي ته منهنجي زندگي جو چڪ گهمي رهيو آهي!
هاڻي ته سمجهيئي چري! پر تون ته وري منهنجي جيئري
جاڳندي زهران آهين، منهنجي گهر جو ڏِيو. منهنجي
جياپي جو سهارو!“ هن مرڪندي، زهران ڏانهن آس ڀريل
اکين سان نهاريندي چيو. زهران ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
پر پيءُ جي پڇاڙي وارن اکرن تي اندر ۾ ذرا آٿت
محسوس ڪرڻ لڳي. ۽ سندس منهن تي تازگي جي لهر ڊوڙي
ويئي!
”پر بابا، اهو ته تون به مڃي ڇڏ ته اها مٽي توکي
مون کان وڌيڪ ڪم ڪانه ايندي. اها ته بابا بلڪل ماٺ
ميٺ ۾ مئي پيئي آهي، نڪمي! آءٌ ته سڄو ڏينهن ايڏو
سارو ڪم ٿي ڪريان جو حد ئي ڪانهي.“ هن اوچتو ٻارن
وانگيان مڇرندي چيو. سندس اکين ۾ اميد جو رنگ
جهرڪڻ لڳو. پوءِ سوالي نظرن سان پيءُ کي تڪڻ لڳي.
خبر نه آهي ته ڇو هن بابا جو سمورو ڌيان پاڻ ڏانهن
ڇڪائڻ ٿي چاهيو! مٽي به ته بي پناهه ڌيان ٿي ڇڪائي
پاڻ ڏانهن! پوءِ چاهي ته کيس ڳوهي منجهانئس ٿانو
ٺاهڻا هجن يا جهڳين ٺاهڻ لاءِ سرون، يا هر سان
سندس ڇاتي چيري سندس ڪُک ۾ ٻج جو ڪڻو رکڻو هجي يا
سندس سيني ۾ سوراخ ڪري منجهانئس پاڻي ڪڍڻو هجي!
”مٽيءَ جو ڪم!“ بابا هڪ وڏو زوردار ٽهڪ ڏيئي کلڻ
لڳو. سندس هٿ رڪجي ويو. چڪ ڍرو ٿيڻ لڳو. هو ڏاڍي
دلچسپي ۽ چمڪندڙ نگاهن سان پنهنجي ڌيءَ کي ڏسڻ
لڳو، جيڪا ڪنڌ جهڪائي مٽي ڳوهي رهي هئي. ڪجهه سوچي
هن ٻيهر چڪ هلائڻ شروع ڪيو. ”اڙي چري، تون پنهنجو
مقابلو ڀلا مٽيءَ سان ڇو ٿي ڪرڻ چاهين؟ ۽ وري مٽي
به ته ڪا ڌارين شيءَ ته ڪانهي، پاڻ به ته انهيءَ
مان ٺهيل آهيون. ڀلا انهيءَ کان وڌيڪ پنهنجائپ جي
ٻي ڪهڙي مائٽي ٿي سگهي ٿي. پر تون ته انهيءَ بي
آواز رشتي کي سڃاڻي ئي ڪانه سگهندينءَ پر اهڙا
لاڳاپا بلڪل سچا ۽ کرا ٿيندا آهن بنهه پيارا ۽
پائدار! مٽي ئي انسان جي ماءُ آهي. اسان جو اجهو ۽
آٿت! تون اگر منهنجي آبرو آهين ته مٽي انهيءَ جو
اجهو آهي، پناهه آهي، بچاءَ آهي! هيءَ چارديواري
انهيءَ ڏني آهي ۽ انهيءَ جي اوٽ ۾ آبرو بچايو ويٺو
آهيان.“ هن ڌيءَ کي سنجيدگيءَ سان سمجهائيندي چيو.
۽ زهران مٽي ڳوهيندي ڳوهيندي، رڪجي ويئي ۽ پڻس کي
تعجب سان گهورڻ لڳي. ”۽ انهيءَ مٽيءَ جا مون تي
وڏا ٿورا آهن. انهيءَ منهنجي نالي کي ناموس کي ۽
منهنجي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ ماني ڏني آهي.“
بابا بلڪل سنجيده هو ۽ زهران ماٺ ميٺ ۾ ڪنڌ جهڪائي
پنهنجا مٽياڻا هٿ مهٽڻ لڳي. هي بابا الاجي ڪڏهن
ڪڏهن ڪهڙيون انوکيون ۽ اوکيون ڳالهيون ڪرڻ لڳندو
آهي. ڪجهه ڳالهيون ته سندس سمجهه ۾ اينديون هيون ۽
ڪجهه وري سندس ڪَنن وٽان هوا جي تيز جهونڪي سان
بنا سمجهه جي مَٽي وينديون هيون.
”وٺ پٽ!“ بابا ڏاڍي فنڪارانه انداز سان مٽ کي چڪ
تان لاهي ورتو. زهران ٽپ ڏيئي اُٿي ۽ بابا کان
ڏاڍي خبرداريءَ سان مٽ وٺي، ڇم ڇم ڪندي پوئين پاسي
هلي ويئي.
”زهران پٽ! هنن ڪلهوڪن مٽن جي به جانچ لهيو
اچجانءِ، اڃان کين ٿڦڻو به پيو آهي.“ شير علي
مٽيءَ جو ٻيو گوثو چڪ تي رکندي چيو.
”چڱو بابا.“ زهران ويندي ويندي وڏي واڪي چيو.
هن پاسي فتح علي واري ڀِت سان گڏ سڪل پراڻن مٽن جي
وڏي ڀت ٺهيل هئي، جنهن جي ڀر ۾ وري کٽ پيئي هئي.
ٻئي پاسي آلا مٽ ۽ گهڙا سڪڻ لاءِ رکيل هئا. زهران
ڏاڍي سنڀال سان نئون مٽ به قطار ۾ رکيو ۽ اڳوڻن
مٽن کي ڏسڻيءَ جي ٽِڻيءَ سان ٺڙڪائي انهن جي سڪڻ
جو اندازو ڪرڻ لڳي. هوءَ پنهنجي ڪم ۾ رڌل هئي ته
اوچتو ننڍڙو کڙو اچي سندس پٺن تي لڳو. هڻ ڇرڪيو.
مڙي پويان ڏٺو. ڀِت جي مٿان ڪنڌ ڪڍيو دلاور بيٺو
هو. تيز شرير ۽ چمڪندڙ اکيون کڻيو! زهران کي يڪدم
کل اچي ويئي ۽ ڏاڍي شوخ ۽ شرير نگاهن سان نهاريندي
واپس مڙڻ لڳي.
”اڙي ٿورو بيهه ته سهي زهران.“ دلاور اٻهرائي سان
چئي ڏنو. زهران جي وک اتي ئي پاڻمرادو رڪجي ويئي.
هن منهن ورائي دلاور ڏانهن ڏٺو. ”ڪهڙي ڳالهه آهي؟“
هن ڏڪندڙ دل سان ڪنڌ جهڪائيندي پڇيو.
”منهنجي ته توکي ڪا پرواهه ئي ڪونهي زهران! ڪيڏي
نه سخت دل آهين تون.“ دلاور ڏاڍي ڏک مان ڏوراپو
ڏيندي چئي ڏنو.
”اڙي! نه دلاور!“ هُن گهٻراهٽ ۾ دلاور ڏانهن ڏسندي
بيوس ٿيندي وراڻيو.
”ته پوءِ ڀلا مون سان نويڪلائي ۾ ملين ڇو نٿي؟“
دلاور دل جي ڳالهه بنا هٻڪ جي چئي ڏني ۽ ڏوراپي
وارين نگاهن سان کيس تڪڻ لڳو.
”بس ڙي بس! مون کي چڱو نٿو لڳي ائين ملڻ..“ هن
نرمائيءَ سان وراڻيو.
”اڙي واهه.“ دلاور شوخيءَ سان مرڪي ڏنو. ”چڱو ته
پوءِ اچان ايڏانهن.“ هن ڀِت تي ٽنگ ورائيندي چيو.
”اڙي نه ڙي نه.“ هوءَ ڏڪي ويئي ۽ تڪڙو تڪڙو چوڻ
لڳي، ”بابا نه اچي وڃي“ دلاور اتي ئي بيهي رهيو.
هن جي نگاهن ۾ تڪڙ ۽ اٻهرائي تڙپي رهي هئي. هن بي
صبري ۾ هيٺيون چپ ڏندن هيٺ چٻاڙيندي چيو: ”ته پوءِ
ڇا ڪريان“
”سنئين سڌي واٽ ڇو نٿو وٺين؟“ هن ٻرندڙ ڦٽاڪي
وانگيان يڪدم چئي ڏنو.
”اتان اچي ته ويندس، مگر پوءِ... توسان پيار ڪيئن
ڪري سگهندس...“ هن مڙني ڏندن کي ڀڪوڙيندي چيو.
زهران ٽانڊي جيان تپي ڳاڙهي ٿي ويئي. ”هل ڙي بي
لڄا!“ هن جي وات مان بنا هٻڪ جي نڪري ويو ۽ هوءَ
ڇرڪ ڀري، هرڻيءَ وانگيان ڇال ڏيندي اندر ۾ بي
انتها خوش ٿيندي هلي ويئي، مگر سندس چهري جو رنگ
بي ترتيبي سان پکڙيل هو. سندس دل اڻ ڄاتل خوف ۾
ڏڪي رهي هئي. هوءَ وڏيون وڏيون ٻيلانگون ڀريندي
ٿلهي تي چڙهي وڃي بابا جي ڀر ۾ بيٺي. بابا جي
پارکو نگاهن ڄڻ سڀ ڪجهه تاڙي ورتو هو. هن پنهنجي
ڌيءَ جي ٿڙندڙ چال کي جانچيو. چَڪُ هلائيندي اوچتو
هن جا هٿ رڪجي ويا. اگر جواني جي بند بوتل جو ٻوچ
هڪوار کلي پوي ته پوءِ هوءَ پاڻمرادو پاڻي ڄاڻي
پيئي اڀامڻ لڳندي آهي. بابا کي جهٽڪو لڳو... زهران
مٽ مان پاڻي ڀري پنهنجا هٿ ڌوئڻ لڳي.
”هتي ڪير هو زهران؟“ بابا جو ڳنڀير ۽ ڀڀڪيدار آواز
تمام تيزيءَ سان زهران جي ڪنن کي چيريندو سندس
دماغ جي پڙدي تي مترڪي وانگيان واڄٽ ڪرڻ لڳو.
زهران جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويئي. هوءَ ڏڪڻ
لڳي. هن جو ڪاڪڙو ڪوري گهڙي وانگيان بنهه ٺڪر ٿي
ويو، جواب ئي نه پيو اُڪلي. ”ڇا بابا ڏسي ورتو يا
ڪجهه ٻڌي ورتو!“
”ڪير هو پٽ هتي؟“ ساڳيو آواز ٻيهر گونجيو. زهران
جي ڪچڙي ۽ اٺاڙي ذهن تي تڪڙا تڪڙا مترڪا لڳا. هن
جون ڄنگهون، هن جي دل، هن جو دماغ، سڀ گڏجي ڏاڍيان
ڏڪڻ لڳا. هوءَ جواب لاءِ مناسب اکر ڳولڻ لڳي.
”دلاور هو بابا!“ هوءَ زبردست ڪوشش جي باوجود به
ڪوڙ نه ڳالهائي سگهي. بابا جو شڪ هاڻي پڪ ۾ بدلجي
ويو. هو ماٺ ٿي ويو ۽ تڪڙو تڪڙو چڪ تي گهگهي کي
ڦيرائڻ لڳو. زهران آهستي آهستي نگاهون مٿي کڻي
بابا کي ڏٺو ۽ سندس چهري جي تاثرات کي ڦلورڻ جي
ڪوشش ڪيائين، مگر هتي ته بلڪل ڪلراٺي زمين جيان ڪي
به ڪين هو. صفا ميدان صاف هو. هوءَ بنهه سڪجي
ويئي. ڪڏهن ڪڏهن ماٺ اکرن کان به وڌيڪ قاتل ثابت
ٿيندي آهي. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ۽ زياده عذاب ڏيندڙ!
”زهران!“ شير علي دل ۾ اڀرندڙ مليل جليل جذبن ۽
احساسن جي آواز کان پريشان ٿي چوڻ لڳو. ”دلاور
برابر تنهنجو سوٽ ٿئي، مگر هو هڪ مڙد پڻ آهي زهران
۽ مڙد اڪيلائي ۾ رڳو مڙد رهندو آهي. هو ٻيو هرڪو
ناتو وساريو ڇڏي. هو ڳوهيل مٽيءَ جو رڳو ٺلهو هڪ
ڳوڙهو بنجيو وڃي، جيڪو ڦيري ۾ ڪنهن به وقت ڪهڙو به
روپ اختيار ڪري سگهي ٿو. تون منهنجي ڌيءَ آهين،
منهنجي آبرو آهين! ڌيئرن جي عزت تريءَ جي ڦوڦينڊي
جيان ٿئي ٿي، جنهن جي ڏاڍي پرگهور ڪرڻي ٿي پوي.
ذرا ڪنهنجي آڱر يا ڪنهن جي تکي نظر به ان کي لڳي
ته زهران، ڏاڍو ڏک سهڻو ٿو پوي!“ بابا جذبن جي
اونهاين ۾ ٽٻيون هڻندي ڏاڍو انوکو لڳي رهيو هو.
زهران مڪمل ماٺ ۾... ڪچي مٽي جي ڀِت جيان بيٺي
رهي. ”ڌيءَ! اها عزت به وڏي بيوفا شيءِ آهي. ڏاڍي
محبت ٿي گهري ۽ تمام گهڻو ڌيان پڻ! اگر هڪڙو دفعو
به انهيءَ تان ٿورڙو ڌيان هٽيو ته سدائين لاءِ
بدنامي جي باهه ۾ اڇلائي هلي ويندي! عزت وڏي بيوفا
شيءِ آهي ڌيءَ!“ بابا جو آواز ڀرجي آيو هو، زهران
جو ڪنڌ حيا کان هيٺ جهڪندو پئي ويو. ”تون بي سمجهه
آهين زهران! مٽيءَ مان ٺاهيل گهر يا ٿانو ڀڄي پيو
ته وري ٺاهي سگهجي ٿو، مگر عزت هڪ دفعو ٽٽي ته
ڇٽي! وري ٺاهڻ بلڪل ناممڪن آهي زهران!“ بابا پاڻ
تي ڇانيل جذبن کي سنڀالي ورتو هو. ”اگر دلاور سچو
آهي ته ڪو ڌنڌو ڪري، اَجهو ٺاهي! مان توکي هڪڙي
بيڪار ماڻهو جي حوالي ڀلا ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ تون
پاڻ سوچ، پاڻ ٻڌائي ڀلا؟“ بابا پيار سان ٽمٽار
نگاه ڌيءَ تي وڌي، جيڪا ڪنڌ جهڪائي مٽيءَ جي بي
جان مورتي بنيو بيٺي هئي. ”ڪوبه پيءُ پنهنجي ڌيءَ
لاءِ برو ڪونه سوچيندو. اولاد پنهنجي ئي جسم جو
هڪڙو حصو ٿئي ٿو ۽ وري ڌيءَ ته بنهه دل جي ٽڪري
وانگيان.“ بابا بي پناهه اونهائي ۾ لهندو پئي ويو.
”تون ته سياڻي آهين، سمجهدار آهين زهران! مون کي
پنهنجي خون تي پورو پورو ڀروسو آهي.“ بابا هڪدم
پنهنجي ڀروسي جون سرون زهران جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيون
۽ هوءَ ذميواري جي احساس جي بار کان ڪجهه وڌيڪ
جهڪي ويئي. بابا پنهنجي ڌيءَ کي شرمسار ڏٺو ته
اطمينان جو هڪڙو اونهون ۽ ڊگهو ساهه کنيو.
”چڱو، مان پاڻ ٿو فتح علي سان ڳالهايان.“ زهران جي
سوچ کي فوراً ڪا واٽ ملي ويئي. ”واقعي اگر دلاور
سچو آهي ته پوءِ ڪو ڌنڌو ڇو نٿو ڪري؟ چاچا سان گڏ
چٽساليءَ جي ڪم ۾ لڳي وڃي يا وري بابا سان ئي کڻي
چڪ جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي. بس آءٌ به هاڻي هن سان ڪونه
ملنديس.“ هوءَ دل ۾ پڪو فيصلو ڪري بي فڪر ٿي ويئي.
ٻئي ڏينهن فتح علي سان شير علي بنهه صاف صاف ڳالهه
ڪري ڏني. زهران رنڌڻي ۾ مانيون پچائي رهي هئي،
جيڪو چڪ جي بلڪل ڀر ۾ هو. هن جي نس نس ڪن بنجي،
پيءُ ۽ چاچي جون ڳالهيون ٻڌي رهيو هو. سخت اُڻ تُڻ
هئي ته نه ڄاڻي ڀاڳ جو فيصلو ڪهڙو ٿو رنگ اختيار
ڪري!
”اڙي تون ڪوبه فڪر نه ڪر شير علي! تنهنجي شرط
قبول. مونکي ته تو صفا ڏڪائي ڇڏيو هو. شڪر جو تو
انڪار ڪونه ڪيو. اڃان ٻار آهي. سڌري ويندو. تون
ذري جو به فڪر نه ڪر.“ فتح علي کي پوري پوري پڪ ٿي
ويئي. شير علي جي چپن تي پڻ هڪ اميد ڀريل مرڪ ڊوڙڻ
لڳي. زهران کي پڻ بابا جو شرط تمام سٺو لڳو. ڪيڏو
نه سياڻو آهي بابا. هاڻي پتو پوندو دلاور جو؛ ڏسان
ته سهي، سچ پچ دل ۾ پيار اٿس يا رڳو ڳالهين ۾ ڀڙ
آهي. هوءَ خوشي مان سوچيندي تئي تي پيل مانيءَ کي
اٿلائڻ لڳي.
دلاور کي جڏهن انهيءَ شرط جو پتو پيو ته مڙس منجهي
پيو. هو ته ڪڏهن چڪ تي ويٺو به ڪونه هو ۽ وري ان
تي ويهي ٿانو ٺاهڻ.. ۽ وري ٿانو ٺاهي وڪڻڻ. هو
منجهڻ لڳو. هن جودم گهٽجڻ لڳو. مگر پيار ۾ ته سڀ
ڪجهه ڪرڻو ئي پوي ٿو. دل جي تقاضا ايڏي ته شديد
هئي جو هر پل، هر گهڙي زهران کي پڪاريندي رهندي
هئي. جوانيءَ جي انوکن ۽ نت نون مطالبن کيس گهماٽي
ڇڏيو هو. رڳو رات گذارڻ به هن لاءِ ڳري ڳالهه
ٿيندي پئي ويئي. جواني پنهنجي پوري شوخين ۽ جذبن
سان مٿس حملا ڪري رهي هئي. اڻ ڄاتل ميلاپ، اڻ ڏٺل
انداز، اڻ ٻڌل ڳالهيون، هن جي سڄي وجود ۾ سُر سُر
ڪري رهيون هيون. هو رات ڏينهن پنهنجي اڀرندڙ جذبن
کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ الجهيو پيو هوندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن ته جذبن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ٿي راجا جي اڏي
ڏانهن نڪري ويندو هو، جتي نشي جي ذريعي جذبات جي
طوفان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪندو هو. هو منزل کي حاصل
ڪرڻ لاءِ هر بازي لڳائڻ لاءِ تيار هو، مگر وڇوٽي
هئي جا وڌندي پئي ويئي ۽ پوءِ.. هو ڪڙو منهن ڪري،
چاچي سان گڏ چَڪ تي اچي ويٺو.
بابا ۽ چاچا ته بنهه ڪپڙن ۾ نه پيا ماپن. زهران ته
ڄڻ هوا ۾ پئي اُڏامي. ”هاءِ الا- دلاور جي دل بنهه
سچي آهي. هو مون لاءِ چڪ تي ويهي رهيو“. آهستي
آهستي دلاور سڄو سڄو ڏينهن شير علي وٽ گهارڻ لڳو.
مٽي ڳوهڻ هن جي ذمي ٿي چڪي هئي. مٽي ڳوهيندي
ڳوهيندي، هاڻي هو ٿانو ٺاهڻ به سکڻ لڳو. ڳوهيل
مٽيءَ جي خوشبوءَ مان هن کي زهران جي بدن جو واس
اچڻ لڳو.
مٽيءَ ۾ راڳيل دلاور زهران کي اڳي کان به وڌيڪ وڻڻ
لڳو. پگهر ۾ شل، مٽيءَ ۾ ٿاڦيل هٿن وارو دلاور...
مگر هوءَ هن جي ويجهو ڪونه ٿي آئي پر پريان پريان
رهڻ لڳي. لڄاري لڄاري ماٺيڻي سليقي واري زهران
بابا کي ڏاڍو وٺڻ لڳي. هن سوچيو زهران وڏي صبر
واري ڏاهي ڌيءَ آهي. گڏ رهندي به زهران دلاور کان
ڪيڏا ڪوهه پري هئي! پر ڪڏهن ڪڏهن وجهه وٺي دلاور
ڪو کڙو کڻي زهران کي هڻندو هو ته اها ٿوري دير کيس
دلاور جي ويجهڙائي جو احساس ٿيندو هو ۽ کڙو هٿ ۾
کڻي ان کي پيار ڪرڻ لڳندي هئي!
وقت ائين ئي چڪ وانگيان گهمندو رهيو. انهي ڏينهن
بابا مٽي وٺڻ لاءِ ٻاهر ويل هو. سياري جي شروعات
هئي. صبح جو ٿڌڙو پهر هو. دلاور اڳوڻي جيان اندر
آيو. اوچتو چڪ کي خالي ڏسڻ سان ئي سندس انگ انگ ۾
خوشي جي لهر ڊوڙي ويئي. هو تڪڙيون وکون وجهندو
رڌڻي ڏانهن وڌيو. زهران ٿانو ملي هي هئي.
”چاچا ڪٿي آهي؟“ دلاور اُٻهرائيءَ سان پڇيو. زهران
بلڪل ڏڪي ويئي ۽ پوءِ دلاور کي ڏسي پاڻ سنڀالي
ورتائين ۽ ٿانو مليندي وراڻيائين. ”بابا مٽي وٺڻ
ويو آهي ٻاهر“. اڃا پويون اکر پورو مس ڪيائين ته
دلاور جهٽ هڻي کيس ٻانهن مان کڻي جهليو.
”اڙي ڇڏ منهنجي ڪرائي“. هوءَ بدحواس ٿي ويئي.
”اون هون! پهرين وعدو ڪر ته سانجهيءَ ايندينءَ ملڻ
لاءِ!“ هن جي لهجي ۾ اٻهرائي سان گڏ ضد به شامل
هو. زهران ڏڪي ويئي.
”نه ڙي بابا نه- بابا بنهه ساهه ڪڍي ڇڏي!“ ڊپ ۾
هوءَ ڏڪڻ لڳي. ”ڪونه ٿو ساهه ڪڍي پڻهين تنهنجو.
ڪيترا ڏينهن ٿي ويا آهن انتظار ڪندي ڪندي!“ هن
عجيب انداز ۾ چپ کي چٻاڙيندي چيو. ”ڏس، تنهنجي ڪاڻ
ڪيڏو سارو پورهيو ڪري رهيو آهيان ڏهاڙي مگر تون!
تون ته ظالم ٿي ڏسجين. صفا نهارين به ڪونه ٿي اک
کڻي!“
هو منهن ڦوڪي ڪاوڙجڻ لڳو ۽ زهران جي ڪَرائي به
جهٽڪي سان ڇڏي ڏنائين. ”بس توکي ته وفا ڪرڻي
ڪانهي،واقعي تون بلڪل بيوفا آهين.“
”اڙي نه ڙي دلاور“ هوءَ تڪڙ ۾ رڳو ايترو چئي سگهي.
ڪهڙو به سچو عاشق وفا تي الزام سهي نه سگهندو.
”هل ڪوڙي! پوءِ ملڻ کان ڇو ٿي لهرائين؟ مان توکي
کائي ٿورو ئي ويندس. ڏاڍو ڊڄين ٿي مون کان!“
”تون سمجهين ڇو نٿو دلاور! ڇوڪرين جو ائين ملڻ چڱو
ڪونهي!“ هن منجهندي چيو.
”ته آئون توسان ڪهڙو روزانو پيو ملان؟ ڪيڏا ڏينهن
لنگهي ويا آهن تڙڦندي! پر توکي منهنجي ڪهڙي
پرواهه! شايد توکي هاڻي نٿو وڻان، جوتون مون سان
ملڻ به نٿي پسند ڪرين.“ هن تکين نگاهن سان ڏسندي
ذرا مايوسيءَ جي انداز ۾ چيو ته ٻالي – ڀولي زهران
تڙڦڻ لڳي ۽ بي اختيار ٿي اقرار ڪري وڌائين.
”چڱو چڱو، هاڻي تون هل... سانجهيءَ مان ضرور
اينديس.“
”سچ“! سڪل زمين تي ڄڻ مينهن جا ڦڙا وسي پيا.
”پر اهو وعدو ڪر، اڄ رات کان پوءِ وري ڪڏهن به
ڪونه گهرائيندين.. ۽ اها به پڪ ڏي ته گهڻي دير
ڪونه روڪيندين؟“
”ها ها.. پڪو وعدو... شادي کان پهرين آخرين
ملاقات. چڱو ڏس، هاڻي رات جو ضرور اچج. مان انتظار
ڪندس، ايندينءَ نه...؟“ هن سندس ويجهو وڃي شرارت
سان چيو. زهران سڪڙجي ويئي. اوچتو شير علي جي
کنگهڪار ٻنهي کي منجهائي وڌو. ٻيئي هيسجي ويا.
بابا پُٺن تي مٽي جي ڳوڻ کڻي اندر پير پاتو. دلاور
کي ٻي ڪا ڳالهه ڪونه سُجهي سو ڀڙڪو ڏيئي وڃي بابا
جي پٺن تان ڳوڻ لاهي پاڻ کنيائين. زهران به تڪڙا
تڪڙا ٿانو ملڻ لڳي. بابا کي ٻنهي جي حال تي کل اچڻ
لڳي، پر روڪي ڇڏيائين، ۽ اهو به ظاهر ڪونه ڪيائين
ته ڪو هن کين ڏسي ورتو آهي. ڌرتي به ته پنهنجي
ڇاتيءَ تي هزارين پاپ ٿيندي ڏسي ٿي، مگر ماٺ ميٺ
۾سمورا راز ۽ ڏوهه پاڻ ۾ جذب ڪريو ڇڏي. ٻڙڪ به
ٻاهر ڪانه ڪڍي! ”ڪچا گهَڙا آهن ٻيئي.. شادي جي
کوري ۾ پچڻ کان پوءِ، پنهنجو پاڻ ٻئي هڪٻئي جي
احساسن کي سمجهڻ لڳندا.“ هن دلاور جي پٺيان هلندي
سوچيو. |