سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1.2-  1981ع

مضمون

صفحو :9

”ٻئي ڏينهن بيمار جي حالت ۾ ڪو ڦيرو نه آيو. مون سوچيو ۽ نيٺ مون اتي رهڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ ڄاتم ٿي ته ٻيا مريض منهنجي واٽ واجهائيندا هوندا... ائين ڪرڻ سان ڊاڪٽر جي پريڪٽس تي وڏو اثر ٿو پوي. پر پهريائين مريض خطري ۾ هو، ٻيو توکي سچي ڳالهه ٻڌايان، منهنجيءَ دل ۾ هن لاءِ وڏي ڪشش پيدا ٿي وئي هئي. ان سان گڏ مونکي سٺو خاندان به وڻيو ٿي. جيتوڻيڪ هنن جي مالي حالت خراب هئي، پر نهايت مهذب هئا... هنن جو پيءُ عالم شخص ۽ هڪ اديب هو. هو غربت ۾ مري ويو پر هن مرڻ کان اڳ پنهنجي ٻارن کي بهترين تعليم ڏياري هئي ۽ ورثي ۾ ڍڳ ڪتابن جو ڇڏي ويو هو. شايد ان ڪري جو مون مريض جي سنڀال خيال سان ٿي لڌي يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري سڄي ڪٽنب مون کي ائين ٿي ڀانيو ڄڻ مان انهن مان هڪ هوس... ان وچ ۾ رستن جي حالت پاڻ وڌيڪ خراب ۽ شهر کان سموري آمدرفت بند ٿي ويئي هئي... ايتريقدر جو دوا به وڏي مشڪل سان شهر مان اچي ٿي سگهي... ڏينهن گذرندا ٿي ويا... پر،... (ڊاڪٽر ٿورو ماٺ ٿي ويو) مان توکي ڪيئن ٻڌايان... (هن وري ناس ڏني، چانهه جو ڍڪ پيتو) مان توکي سواءِ ڪنهن لڪ لڪاءُ جي ٻڌايان ٿو. منهنجو مريض... مان ڇا چوان؟... ها، هن جي مونسان محبت ٿي ويئي هئي... بهرحال.... حقيقت ۾، مان ڪيئن بيان ڪريان؟ (ڊاڪٽر هيٺ نهارڻ لڳو ۽ سندس رنگ ڳاڙهو ٿي ويو.) ”ها“ هن تڪڙو تڪڙو چيو. سچ پچ محبت ۾ ماڻهوءَ کي پاڻ بابت وڌيڪ اندازو لڳائڻ نه کپي. هوءَ تعليم يافته، سمجهدار ۽گهڻو مطالعو ڪيل ڇوڪري هئي. مون کان ته پنهنجي”لئٽن“ به وسري ويئي هئي، صفا وسري ويئي هئي. جيتريقدر صورت جي ڳالهه آهي (ڊڪٽر پاڻ ڏانهن مرڪي نهاريو ”مون ۾ ته اهڙي ڳالهه ڪانه هئي جنهن تي آڪڙ ڪجي. پر الله مونکي بيوقوف نه بنايو هو. اڇي ۽ ڪاري جو فرق ڄاڻي ٿي سگهيس؛ مون کي به هڪ اڌ ڳالهه سمجهه ۾ ايندي آهي. مثال طور اليگزينڊرا انڊري ونا.. اهو هن جونالو هو.. هن جو مون سان عشق نه هو، ته هڪ دوستيءَ واري ائين چئجي ته ڪشش هئي.. منهنجي لاءِ احترام يا ٻيو ڪجهه. جيتوڻيڪ هوءَ به ان جذبي کي صحيح نٿي سمجهي سگهي. بهرحال سندس رويو اهڙو هئو؛ توهان اهڙي روش بابت فيصلو پاڻ ڏئي سگهو ٿا. پر، ڊاڪٽر ڳالهه ۾ اضافو ڪندي چيو، ”مان پاڻ به فيصلو ڪري نٿي سگهيس. ههڙي قسم جو معاملو سمجهه کان ٻاهر هو.. توهان جي اجازت سان، سڀ ڪَڙيون سلسليوار ترتيب سان بيان ڪندس.“

هن چانهه پيتي ۽ سنجيده لهجي ۾ چوڻ لڳو، ”ها، ته پوءِ منهنجي مريض جي حالت جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي ٿي وئي. تون ڊاڪٽر نه آهين، تنهنڪري ان ڳالهه جو اندازو نٿو لڳائي سگهين ته ان وقت ڊاڪٽر جي دل جي حالت ڪهڙي ٿي ٿئي، جڏهن هو محسوس ڪرڻ ٿو لڳي ته بيماري هن جي قبضي کان ٻاهر ٿيندي ٿي وڃي. هن جي خود اعتماديءَ جو پوءِ ڪهڙو حشر ٿو ٿئي؟ پوءِ ڪمتريءَ جو اهڙو احساس پيدا ٿيڻ ٿو لڳي، جنهن کي بيان ڪري نٿو سگهجي. ماڻهو ائين سمجهڻ ٿو لڳي ته هن کان سڀ ڪجهه وسري ويو آهي، مريض کي هن ۾ ڪوبه اعتماد نه رهيو آهي ۽ ٻيا ماڻهو به اهو محسوس ڪرڻ لڳن ٿا ته علاج ڪرڻ ۾ هو ڪيتري قدر مجبور آهي ۽ مريض جي مرض بابت نهايت ارهائي سان ڳالهه ڪن ٿا ۽ هن کي نهايت شڪ جي نگاهن سان نهارن ٿا ۽ هڪٻئي سان سُرٻاٽ ڪن ٿا...

الله! ڳالهه وڌي وئي آهي! هن بيماريءَ جو علاج جي لهي سگهي ها ته ڪري ها. سچي ڳالهه ته اها آهي، ڊاڪٽر هڪ دوا ڏئي ٿو، اڃا اها پورو اثر ئي نٿي ڪري ته وري ٻي دوا کي آزمائي ٿو. اهڙيءَ طرح هڪ دوا کي ڇڏي ٻي دوا ۾ هٿ وجهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن ڊاڪٽر نسخن جو ڪتاب کولي چئي ٿو ته هي نسخو ڪارگر ٿيندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪو نسخو ڏئي سموري معاملي کي مقدر جي حوالي ڪري ٿو ڇڏي... ان وچ ۾ هڪ انسان پساهه پورا ڪري رهيو آهي، جنهن کي ڪوبه ٻيو ڊاڪٽر بچائي سگهي ها. هو چوڻ لڳي ٿو، ٻئي ڊاڪٽر سان مشوري جي ضرورت آهي. مان پاڻ تي اڪيلي سر جوابداري کڻي نٿو سگهان! اهڙي وقت تي هو ڪيتري قدر نه احمق ڏسڻ ۾ ٿو اچي. پر وقت سان گڏ ڊاڪٽر اهڙين ڳالهين تي هري ٿو وڃي ۽ پوءِ هو ڪابه ڳالهه محسوس نٿو ڪري. ماڻهو مري ويو... پر ان ۾ هن جو ته قصور نه هو. هن ته پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. پر سڀ کان وڏي عذاب جي ڳالهه اها آهي جومريض جي مائٽن جو هن ۾ اعتماد آهي ۽ هن کي احساس آهي ته هو ڪجهه به ڪري نٿو سگهي. اهڙوئي انڌو اعتماد اليگزينڊرا انڊري ونا جي سموري خاندان کي مون ۾ هو. هنن کان اها ڳالهه ئي وسري وئي هئي ته سندن ڇوڪري خطري ۾ هئي. مان پاڻ به هنن کي دلاسو ڏئي رهيو هوس ته ڪا خطري جهڙي ڳالهه ناهي پر منهنجو من مونجهو هو. اسان جي پريشانيءَ ۾ ان ڳالهه اضافو ڪري ڇڏيو هو جو بگيءَ وارو ڪيترن ڏينهن کان شهر مان دوا وٺڻ لاءِ ويو هو، پر رستن جي خراب حالت سبب موٽي نه سگهيو هو. مان هر وقت مريض جي ڪمري ۾ ويٺو هوندو هوس، هن کي مزيدار ڪهاڻيون ٻڌائيندو هوس، هن سان تاس کيڏندو هوس ۽ رات جو هن جي سنڀال ڪندو رهندو هوس. ڪراڙي عورت اکين ۾ ڳوڙها آڻي منهنجو ٿورو مڃيندي هئي، پر مان دل ۾ چوندو هوس ”تنهنجو ٿورو مڃڻ لائق نه آهيان.“ مان اها ڳالهه توسان قبول ٿو ڪريان.. هاڻي ڪنهن به ڳالهه لڪائڻ جي ضرورت نه آهي.. مون کي پنهنجي مريض سان محبت ٿي وئي هئي. اليگزينڊرا اينڊري ونا کي به مون سان چاهه ٿي ويو هو، ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به پنهنجي ڪمري ۾ اچڻ نه ڏيندي هئي. هن مون سان ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون هيون، هوءَ مون کان سوال ڪرڻ لڳندي هئي ته مان ڪٿي پڙهيو هوس، مان ڪيئن رهندو هوس، منهنجا مائٽ ڪير هئا ۽ ٻيون ڪيتريون ڳالهيون. مان محسوس ڪندو هوس ته هن کي ڳالهائڻ نه گهرجي... پر هن کي ائين ڪرڻ کان منع ڪري نه سگهيس. ڪڏهن ڪڏهن ڪنڌ جهڪائي پاڻ کان پڇندو هوس، ”شيطان، تون ڇا ڪري رهيو آهين؟.. هوءِ منهنجو هٿ وٺي پنهنجي هٿ ۾ جهليندي هئي، مون کي گهوري نهارڻ لڳندي هئي ۽ پاسو بدلائي ٿڌو ساهه ڀري چوڻ لڳندي هئي، تون ڪيترو نه سٺو آهين، تون اسان جي پاڙيسرين جهڙو نه آهين... نه، نه، تون انهن جهڙو نه آهين... منهنجي هن وقت تائين توسان ملاقات ڇو نه ٿي هئي. ”اليگزينڊريا اينڊري ونا، صبر ڪر.“ مون چيو، ”صبر ڪر... سڀ ٺيڪ ٿيندو... تون جلد خوش ٿيندينءَ.“ ”مان توکي ايترو ٻڌايان ڊاڪٽر.“ مون ڏانهن منهن ڪندي هن چيو. هنن جو پنهنجي پاڙيسرين سان ناتو نالي ماتر هو، ڇاڪاڻ ته غريب ماڻهو هن جي درجي برابر نه هئا ۽ سندن آڪڙ ان جي اجازت نه ڏيندي هئي ته شاهوڪار ماڻهن سان ميل ميلاپ رکن. مان توکي ٻڌايان ٿو ته اهو نهايت مهذب خاندان هو، ان ڪري مونکي ساڻن گڏ رهندي راحت پئي ٿي. هوءَ منهنجي ٽيڪ تي اٿندي وهندي هئي. هوءَ دوا وٺي مون ڏانهن نهارڻ لڳندي هئي ۽ منهنجي دل اُڇلون ڏيڻ لڳندي هئي. هن جي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي پئي وئي. مون دل ۾ چيو، ”هوءَ مري ويندي“، يقين ڪر منهنجي حالت به مُردن جهڙي ٿي وئي هئي، هن جي ماءُ ۽ ڀينرونمون ڏانهن واجهائي رهيون هيون، منهنجي اکين جو مطالعو ڪري رهيون هيون... هنن جو جڪيو مون ۾ اعتماد هو سو گهٽجي رهيو هو. ”ڀلا؟ هن جي حالت ڪيئن آهي؟“ ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي! بلڪل ٺيڪ آهي!“ منهنجي دل ٻڏي رهي هئي. هڪڙي رات مان پنهنجي مريض جي ڀرسان اڪيلو ويٺو هوس. نوڪرياڻي ٿورو پريان سمهي پئي هئي ۽ کونگهرا پئي هنيائين، ان شام جو اليگذينڊرا اينڊري ونا پاڻ کي ڏاڍو بيمار ٿي محسوس ڪيو. هن کي ڏاڍو بخار هو. اڌ رات تائين لڇ پڇ هيس، تنهن کان پوءِ هن کي ننڊ وٺي وئي ۽ سواءِ چُرڻ پُرڻ جي سُتي پئي هئي. ڪنڊ ۾ حضرت عيسيٰ جي مجسمي جي اڳيان بتي ٻري رهي هئي. مان ان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي وڃي ويٺس، منهنجي ٿوري اک لڳي وئي، اوچتو مون محسوس ڪيو ته ڪنهن منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو هو. مون پاسو ورائي ڏٺو..

”منهنجا ڌڻي!“ اليگزينڊرا اينڊري ونا خماريل اکين سان مون ڏانهن نهاري رهي هئي.. هن جا چپ کليل هئا ۽ لڳو ٿي ته هن جا ڳل گرم هئا. ”ڇا ٿو ڪرين؟ ڊاڪٽر! ڇا مان مري ويندس؟“ ”الله! پنهنجو رحم ڪج.“ ”نه، ڊاڪٽر نه، ... ائين نه چئو... جيڪڏهن تون سمجهين ٿو... ٻڌ! خدا جي واسطي مون کان منهنجي صحيح حالت نه لڪاءِ“ هوءَ تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي رهي هئي. جيڪڏهن مون کي اهو پڪي طرح معلوم ٿي وڃي ته مان ضرور مرنديس... ته پوءِ مان توکي سڀڪجهه.. سڀڪجهه ٻڌائينديس! اليگزينڊرا اينڊري ونا! دلجاءِ ڪر.“ ”ٻڌ، مان هڪ گهڙي به ننڊ نه ڪئي آهي... مان گهڻي وقت کان توڏانهن ڏسندي رهي آهيان... خدا جي واسطي... منهنجو تو ۾ ويساه آهي؛ تون سٺو ۽ سچو ماڻهو آهين، مان توکي دنيا جي سمورين پاڪ هستين جو واسطو ٿي ڏيان- مون کي سچ ٻڌاءِ! توکي اهو معلوم نه آهي ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڪيتريقدر اهم آهي... ڊاڪٽر خدا جي واسطي مون کي ٻڌاءِ ته منهنجي حالت خطري واري آهي...“ ”مان ڇا چوان اليگزينڊرا اينڊري ونا“. ”الله جي نالي مان توکي منٿ ٿي ڪريان.“ ”مان توکان لڪائڻ نٿو چاهيان“، مون چيس، ”تون سچ خطري ۾ آهين پر ڌڻي رحيم آهي.“ ”مان مري وينديس، مان مري وينديس.“ ائين ٿي لڳو ڄڻ هوءَ خوش هئي، هن جي منهن ۾ ايتري سرهائي اچي ويئي جو مان ڊڄي ويس. ”ڊڄ نه، ڊڄ نه؛ مونکي موت کان بلڪل خوف نٿو ٿئي. هوءَ يڪدم ويهي رهي ۽ ٿورو پنهنجي ٺونٺ تي جهڪي، ”هاڻي... ها، هاڻي مان تنهنجو دل سان ٿورو مڃان ٿي... تون سچ پچ قربائتو ۽ سٺو آهين... ۽ مان توسان محبت ڪريان ٿي!“ مون هن ڏانهن اهڙي نموني نهاريو ڄڻ منهنجو هوش سالم نه هو؛ اها منهنجي لاءِ حيرت جهڙي ڳالهه هئي. ”ٻڌين ٿو، مان توسان محبت ٿي ڪريان“، ”اليگزينڊرا اينڊري ونا! مان ان لائق ته نه آهيان“. ”نه، نه- تون نٿو، منهنجي ڳالهه نٿو سمجهين“... اوچتو هن پنهنجون ٻانهون مون ڏانهن وڌايون ۽ منهنجي ڪنڌ کي پنهنجي هٿن ۾ جهليندي ڳلن کي چمڻ لڳي. اعتماد ڪر، مون کان رڙ نڪري ويئي... مان گوڏن ڀر ويهي رهيس ۽ پنهنجو منهن وهاڻي ۾ ڏئي ڇڏيم. هن جي وات مان اکر نٿي اُڪليو؛ هن جون آڱريون منهنجي وارن ۾ ڦري رهيون هيون؛ مون ٻڌو ته هوءَ سڏڪا ڀري رهي هئي. مون هن کي دلداري ڏيڻ شروع ڪئي؛ هن کي يقين ڏيارڻ لاءِ... مون کي خبر نه آهي ته مون هن کي ڇا چيو. ”تون نوڪرياڻي کي اٿاريندينءَ“. مون هن کي چيو، اليگزينڊرا اينڊري ونا، مان تنهنجو شڪريو ٿو ادا ڪريان... يقين ڪر... دلجاءِ ڪر.“ ”بس، بس“ هوءَ زور ڏئي چوڻ لڳي، ”ڪنهن جي به پرواهه نه آهي؛ ڀلُ اٿن، هيڏانهن اچن، ڪابه ڳالهه ناهي؛ مان مري رهي آهيان، تون ڄاڻين ٿو... تون ڇو ٿو ڊڄين؟ ڇو ٿو خوف ڪرين؟ منهن مٿي ڪر... نه ته مان چونديس ته تون مون سان پيار نٿو ڪرين؛ شايد مان غلط هيس... جي ائين آهي ته مونکي معاف ڪجان.“ ”اليگزينڊرا اينڊري ورنا! تون ڇا چئي رهي آهين؟.. منهنجي توسان محبت آهي، اليگزينڊرا اينڊري ونا“! هن منهنجي اکين ۾ اکيون ملائيندي پنهنجون ٻانهون پکيڙيندي چيو، ”تون مونکي پنهنجي ڀاڪر۾ سوگهو جهل.“ مان توکي سچ ٿو ٻڌايان ته مونکي پتو نٿو پوي ته مان ان رات چريو ڇو نه ٿي پيس. مان محسوس پئي ڪيو ته منهنجو مريض پنهنجو انت آڻي رهيو هو. مون ڏٺو پئي ته هوءَ پنهنجي هوش ۾ پورو نه هئي. مان اهو پڻ سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هوءَ اهو نه سمجهي ها ته هوءَ مري رهي آهي، ته هوءَ مان بابت نه ويچاري ها، تون ڇا به چوين پر ويهن ورهين جي عمر م سواءِ انهيءَ ڄاڻڻ جي ته محبت ڇا آهي، مرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. اها ئي ڳالهه هن کي عذاب ڏئي رهي هئي، اهو ئي سبب هو جو هن مايوسيءَ ۾ مون ڏانهن توجهه ڏنو،- هاڻي تون سمجهي ويو هوندين. هن مون کي پنهنجي ٻانهن ۾ ڇو سوگهو جڪڙيو هو ۽ مون کي ڇڏيائين ئي نٿي. ”اليگزينڊرا اينڊري ونا، مون تي رحم ڪر، پاڻ تي رحم ڪر؛ مون هن کي چيو، ”ڇو؟“ هن وراڻيو، ”هاڻي ڇا جو فڪر ڪريان؟ توکي پتو آهي ته مان مرنديس“... هوءَ اهي لفظ ور ور ڪري چوڻ لڳي... ”جيڪڏهن مون کي معلوم هجي ته مونکي وري زندگي ملندي، ۽ وري عزت واري گهر جي ڇوڪري ٿينديس، ته مان شرم محسوس ڪريان... ها، بلڪل شرم... پر هاڻي ڇا لاءِ؟“ ”پر ڪير ٿو چوي ته تون مرندينءَ“، ”اوه! هاڻي اهي ڳالهيون ڇڏي ڏي، تون مونکي ٺڳي نٿو سگهين، توکي اهو پتو نه آهي ته ڪوڙ ڪيئن ڳالهائبو آهي، پنهنجي منهن ڏانهن ڏس.“... ”تون زنده رهندينءَ، اليگزينڊرا اينڊري ونا؛ مان توکي تندرست ڪندس، اسان تنهنجي والده جي اجازت سان شادي ڪنداسين، اسان هڪ ٿي ونداسين، اسان خوش رهنداسين“. ”نه، نه، مون کي تنهنجا لفظ ياد آهن، مان مرنديس... تو مون سان واعدو ڪيو آهي.. تو مونکي ٻڌايو آهي.“... اهي لفظ منهنجي لاءِ عذاب هئا... ڪيترن سببن جي ڪري عذاب هئا. ڪڏهن ڪڏهن معمولي ڳالهين جا ڪهڙا نه خطرناڪ نتيجا نڪرن ٿا. ڏسڻ ۾ ته معمولي ڳالهه هوندي آهي پر نتيجا ڪهڙا نه ڏک ڀريا نڪرندا آهن. هن کي اها ڳالهه دل ۾ آئي ته هوءَ منهنجو نالو پڇي. ذات نه پر منهنجو ننڍپڻ وارو نالو. گهر ۾ هرڪو مونکي ڊاڪٽر ڪوٺيندو هو پر منهنجو نالو ٽرائفن هو. مون هن کي پنهنجو نالو ”ٽرائفن“ ٻڌايو. هن جي منهن ۾ گهنج پئجي ويو، ڪنڌ ڌوڏيائين ۽ فرانسيسي زبان ۾ ڪجهه چيائين، شايد ڪي اڻ وڻندڙ لفظ ۽ پوءِ هوءَ ڦڪي کل کلڻ لڳي. مون سڄي رات هن سان انهيءَ نموني گذاري. صبح ٿيڻ سان مان اتان هليو ويس، ائين محسوس ڪرڻ لڳس ڄڻ مان چريو ٿي پيو هوس، صبح جي چانهه کان پوءِ. منهنجا ڌڻي! مان هن کي مشڪل سان سڃاڻي سگهيس؛ ڪيترن ماڻهن کي ان کان بهتر حالت ۾ دفن ڪيو ويندو آهي. مان قسم کڻي ٿو چوان ته مان اهو بيان ڪري نٿو سگهان ته سندس ان حالت ڏسڻ کان پوءِ مون وقت ڪيئن گذاريو. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون وڌيڪ منهنجي مريض پساهه کنيا ۽ ڪهڙيون ڳالهيون هن مون سان ڪيون! ۽ آخري رات—صرف تصور ڪره—مان هن جي ويجهو ويٺو هوس. خدا کي صرف هڪ ڳالهه لاءِ ٻاڏائي رهيو هئس، ”هن جا پساهه جلدي پورا ڪر، مان چئي رهيو هوس، ”۽ مونکي پڻ هن سان گڏ“. اوچتو هن جي ماءُ چپ چاپ اندر هلي آئي. مان گذريل شام تي هن کي- ڪراڙي کي- ٻڌايو هو ته اميد ٿوري آهي، بهتر ٿيندو ته پادريءَ کي گهرائي وٺجي. جڏهن بيمار ڇوڪريءَ ماءُ کي ڏٺو ته چوڻ لڳي؛ ”چڱو ٿيو جو تون آئي آهين، اسان ڏانهن نهار، اسان هڪٻئي سان محبت ٿا ڪريون- اسان هڪٻئي سان واعدو ڪيو آهي“. ”هوءَ ڇا ٿي چوي ڊاڪٽر؟“ منهنجو رنگ زرد ٿي ويو. ”وڦلي رهي آهي“. مون چيو ”بخار اٿس“. اتي هن يڪدم چيو، ”چپ، چپ، تو اڃا هينئر مونکي ٻيو ڪجهه چيو آهي ۽ منهنجي مُنڊي پڻ پاتي آهي. تون نمونو ڇو ڪري رهيو آهين؟ منهنجي ماءُ سٺي عورت آهي.. هوءَ معاف ڪري ڇڏيندي.. هوءَ سمجهي ويندي.. مان مري رهي آهيان.. هاڻ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت نه آهي. پنهنجو هٿ مونکي ڏي“. مان ٽپو ڏئي اُٿيس ۽ تڪڙو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر هليو ويس. پوڙهي عورت سمجهي ويئي ته ڳالهه ڇا هئي.“

”مان توکي وڌيڪ نه ٿڪائيندس، نه ئي مان سموري ڳالهه ذري پرزي بيان ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ ته ان جو اکر اکر ڏک ڀريو آهي. منهنجي مريض ٻئي ڏينهن الوداع ڪئي. ڌڻي هن تي پنهنجو رحمت ڪندو.“ ڊاڪٽر ٿڌا ساهه ڀرڻ لڳو. مرڻ کان اڳ هن پنهنجي گهر وارن کي چيو ته هو سڀ ٻاهر هليا وڃن ۽ اسان ٻنهي کي اڪيلو ڇڏي ڏين.

”مون کي معاف ڪجانءِ. هن چيو، شايد مان تنهنجي ڏوهاري هجان... مون ڪنهن کي به توکان وڌيڪ پيار نه ڪيو آهي... مون کي وساري نه ڇڏجانءِ... منهنجي مُنڊي سنڀالي رکجانءِ.“

ڊاڪٽر منهن ٻئي طرف ڪري پنهنجا ڳوڙها اُگهيا. مون هن جي هٿ کي کڻي ورتو. ”اسان کي ٻيون ڪي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. پَتا ڇو نه کيڏون. مون جهڙن ماڻهن جو ڪم نه آهي ته ايتريقدر جذباتي ٿي وڃڻ. مونکي صرف ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ٻارن جو چيٽون ۽ سندن ماءُ جي ڇينڀ کي ڪيئن ماٺ ڪرائجي. ان کان پوءِ مون شادي ڪري ڇڏي آهي... حق ٻڌي زال گهر ۾ آندي اٿم—وڏي پئسي واري سيٺ جي نياڻي آهي، ٽيهه هزار ڊالر ڏاج ۾ مليا اٿم. هن جو نالو اڪوليتا آهي. ٽرائفن جي مناسبت سان ٺيڪ آهي، ڏاڍي چيڙاڪ آهي پر منهنجي خوش قسمتي آهي جو سڄو ڏينهن ستي پئي هوندي... پوءِ ڀلا ٿي وڃن پَتن جا ٻه ٽي هٿ؟“

اسان شرط رکي راند شروع ڪئي. ٽرائفن مون کان اڍائي روبل کٽي ورتا، گهر وڃڻ ۾ هن کي دير ٿي ويئي پر هو پنهنجي کٽڻ تي خوش هو.

]”جيڪڏهن اسان وٽ پنهنجي دور جو نئون زنده ادب نه هوندو، ته پوءِ اسين پنهنجي ماضيءَ جي ادب کان به ڇڄي وينداسين: جيستائين اسين ادب جي ارتقا جو هيءُ سلسلو قائم نه رکنداسين، تيستائين اسان جو ماضيءَ جو ادب به اسان لاءِ اجنبي ٿي ويندو. جيئن ڪنهن ٻيءَ ڌاريءَ قوم جو ادب، ڇو ته اسان جي زبان بدلجندي رهي ٿي، ۽ اسان جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ جو نمونو، اسانجي ماحول ۽ بدلجندڙ مادي حالتن جي اثر جي ڪري، هر وقت ۽ هر طرح بدلجندو رهي ٿو: ۽ ان حالت ۾ جيڪڏهن اسان وٽ ڪي اهڙا ماڻهو نه آهن، جيڪي پنهنجي غير معمولي احساس ۽ شعور کي لفظن تي غير معمولي قدرت رکندي، ظاهر ڪرڻ ۽ پختگي بخشڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن، ته ان صورت ۾ نه فقط اسان جي پنهنجي اظهار جي صلاحيت، بلڪ سواءِ ڪنهن معمولي محسوسات جي، ٻيءَ ڪنهن شيءِ جي محسوس ڪرڻ جي طاقت به نستي ۽ نابود ٿي ويندي.“[

- ٽي.ايس.ايليٽ

مضمون

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

تعليم ڇا جي لاءِ

حاضرين ڪرام!

مون کي معاف ڪندا جيڪڏهن آءٌ اڄوڪي صدارتي خطبي ۾، علم دستور جي خلاف وڏين ۽ خاص عالمنه ڳالهين ڪرڻ جي بدران هڪ عام مگر اهم مسئلي يعني ”تعليمي مقصد“ تي ڪي خيالات اوهان جي آڏو پيش ڪريان، ڇاڪاڻ ته منهنجي نظر ۾ ”تعليمي مقصد“ جو مسئلو هن تاريخي موڙ تي اسان جي قومي مسئلن مان هڪ وڏو مسئلو آهي.

حضرات! هڪ وڏي مدت کان وٺي، علم جو سج ڄڻ اڀرندي کان ڦري الهندان پئي اُڀريو آهي، ۽ انهيءَ ڪري مشرق وارن مغرب کي ئي علمي روشني جو مرڪز ۽ محوَر پئي سمجهيو آهي. انگلستان، يورپ ۽ آمريڪا هڪ وڏي عرصي تائين اعليٰ تعليم ۽ علمي تحقيق جا اڳواڻ رهيا آهن ۽ پوين پنجاهن سالن ۾ روس پنهنجي تعليمي نظام ۽ علمي تحقيق کي اعليٰ معيار تي پهچايو آهي. اڀرندي ڏانهن جپان ويجهي دور ۾ علمي راهه ۾ قدم وڌايو آهي، ۽ هن وقت چين ۾ اعليٰ تعليم ۽ علمي تحقيق جو اُفق روشن ٿي رهيو آهي. مشرقي ملڪن ۾ علمي عروج جي جيئري جاڳندي تصوير، مغرب جي ذهني برتري واري وهم کي وڃائي ڇڏيو آهي. سفيد رنگ قومن جي فڪري فوقيت جي خيال کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پڻ زبان جي ورثي واري انهيءَ سحر ۽ طلسم کي ٽوڙي ڇڏيو آهي ته ڪو صرف انگريزي، جرمن يا فرينچ زبانون ئي اعليٰ تعليم ۽ علمي تحقيق جون وارث يا وسيلو آهن.

هن ويهين صديءَ جي پوئين اڌ واري تجربي پوري تصديق سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته روسي، چيني ۽ جپاني ٻولين ذريعي پڻ اعليٰ تعليم ۽ علمي تحقيق جي اعليٰ معيارن کي پهچي سگهجي ٿو. چين ۽ جپان جي علمي ترقي اهو پڻ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ذهن جي تيزي ۽ فڪر جي بلندي ۾ پيلي رنگ واريون قومون، سفيد رنگ قومن کان ذرو به گهٽ نه آهن. ڪو وقت اهڙو به هو جو اندلس جي مشهور عالم ابن رشد چيو هو ته سفيد رنگ (يوروپي) قومون اعليٰ ذهن ۽ فڪر کان انهيءَ ڪري عاري آهن جو برفاني سردي سببان سندن دماغ جامد ٿي چڪا آهن.

ان وقت، علم ۽ تعليم جي لحاظ کان مغرب ستل۽ وچ مشرق بيدار هو. هن دور ۾ ”علم نفسيات“ ۽ ”علم حياتيات“ هن حقيقت کي پوريءَ طرح روشن ڪري ڇڏيو آهي ته هر آدم زاد، جو بيمار ناهي، سو ذهني ۽ فڪري صلاحيت جو مالڪ آهي ۽ هر انساني گروه جي فردن جي جسمن ۾ بلڪل ساڳئي قسم جا رت دورو ڪري رهيا آهن، پوءِ جسمن جو رنگ کڻي گورو، ڪارو يا پيلو هجي. ٻئي طرف ”علم لسانيات“ انهيءَ حقيقت جي تصديق ڪئي آهي ته بحيثيت ”زبان“ جي، هر انساني گروه جي زبان پنهنجي هيئت، عمل ۽ اِفاديت ۾ هڪجهڙي آهي ۽ انهيءَ لحاظ سان ڪنهن به زبان کي ٻيءَ زبان تي فوقيت حاصل ناهي.

انسانذات جي قديم تهذيبن کان وٺي ويندي هن وقت تائين، دنيا جي مختلف قومن ۽ سماجن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ پڻ ثابت ڪري ٿي ته نسل، رنگ ۽ زبان جا فرق سطحي ۽ ظاهري سڃاڻپ جا نشان آهن: نه اهي علمي عروج جي راه ۾ رنڊڪون آهن، ته نڪي اهي علمي اوج تي پهچڻ جا هٿيار آهن.

مٿين انڪشافن جي روشنيءَ ۾ هي قطعي طور ثابت ٿئي ٿو ته هر قوم پنهنجي مادري زبان ذريعي علمي تحقيق جي اوج تي پهچي سگهي ٿي، بشرطيڪ ان جي آڏو ڪو مقصد هجي ۽ ان ۾ محنت جو مادو هجي.

تاريخ شاهد آهي ته ڪنهن به انساني گروه، قوم يا سماج ڪا ترقي ڪئي آهي ته اها پنهنجي ”اجتماعي مقصد“ جي سهاري ڪئي آهي. انساني گروهن پنهنجي ارتقائي تاريخ ۾، هيٺين سطح تي ”طبعي ضروريات“، ”اشياء پرستي“، ”آباء پرستي، ”قوم پرستي“، وغيره کي ۽ مٿين سطح تي ”اعليَ نظريه حيات“ کي پنهنجو مقصد پئي بنايو آهي. ”خالق جي وحدت ۽ برتري ۽ مخلوق جي برادري ۽ برابري“ وارو ”نظريهء حيات“ پوري وضاحت سان پهريون ڀيرو دين اسلام ذريعي پيش ٿيو. موجوده دور ۾ ”نظريهء حيات“ کي خاص طرح ”آزاديء راءِ“ يا ”معاشي نظام“ جي مخصوص رنگ ۾ چمڪايو ويو آهي ۽ دنيا جي ڪن وڏين قومن ۽ ملڪن ان کي انهن صورتن ۾ اختيار ڪيو آهي. اهي ”اجتماعي مقصد“ ئي انهن ملڪن ۽ قومن جي علمي توڙي اجتماعي ترقيءَ جو باعث بنيا آهن.

علمي عروج ۽ تعليمي ترقيءَ جو ”اجتماعي مقصد“ سان گهاٽو تعلق آهي: هڪ طرف ”نظام تعليم“ اجتماعي مقصد کي جلد ۽ آسانيءَ سان پهچڻ جو هڪ موثر ذريعو بنجي ٿو، ته ٻئي طرف ”اجتماعي مقصد“ نظام تعليم ۾ روح ڦوڪي ان کي تڪڙي ترقيءَ جو وسيلو بنائي ٿو. ”اجتماعي مقصد“ کان سواءِ ”نظام تعليم“ هڪ بي جان مجسمو آهي، هڪ بي نتيجي ڪاوش آهي، بلڪ هڪ گورک ڌنڌو آهي، جنهن مان سواءِ پريشاني ۽ پشيماني جي ڪجهه به حاصل نه ٿيندو.

پوئتي پيل سماجن ۽ زوال پذير قومن جي عملي زندگي ”اجتماعي مقصد“ کان خالي آهي، ۽ انهيءَ ڪري انهن جو نظام تعليم توڙي ٻي هر ڪوشش پڻ اجتماعي لحاظ کان  ”بي مقصد“ بنجي وڃي ٿي. اهڙين قومن ۽ سماجن ۾ ”مقصد“ کي عملي طور اختيار ڪرڻ بدران نعري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو، ۽ جيڪڏهن سندن ڪي مقصد آهن ته به اهي انفرادي، ذاتي ۽ عارضي آهن.

صحيح معنيٰ ۾ ”مقصد“ اهو آهي جنهن کي قوم يا سماج جي عملي زندگيءَ ۾ دخل هجي، جنهن کي چپن مان نه بلڪ ارادي سان مڃجي، جنهن کي نعري طور نه بلڪ عملي طور اختيار ڪجي. ”اجتماعي مقصد“ ڪنهن به اُسرندڙ ۽ بيدار قوم يا سماج جو روح آهي، ۽ ان ڪري ان قوم يا سماج جي هر ڪوشش ۽ ڪاوش جو روح آهي. هر اُسرندڙ قوم ۽ سماج جي ”تعليمي نظام“ ۾ ان جي ”اجتماعي مقصد“ جو روح سمايل آهي. ۽ انهيءَ ڪري اهو تعليمي نظام جيئرو جاڳندو نظر اچي ٿو، ۽ علمي ترقي ۽ تحقيق کي اوج تي پهچائي ٿو.

ترقي پذير قوم يا سماج جو تعليمي نظام ان قوم ۽ سماج جي ”اجتماعي مقصد“ يا ”نظريه حيات“ سان وابسته آهي! اهڙو تعليمي نظام انهيءَ ڪري ڪامياب آهي جو ان کي ”نظريه حيات“ جي پٺڀرائي حاصل آهي؛ ترقي پزير ملڪن جي عالمن ۽ محققن جون ڪوششون ۽ ڪاوشون انهي ڪري نتيجه – خيز آهن جو ”اجتماعي مقصد“ ۾ سندن ايمان آهي. پوئتي پيل ملڪ ۽ سماج انهيءَ حقيقت کان پوري طرح باخبر نه آهن؛ هو ڀائين ٿا ته ترقي يافته ملڪن وارا تعليمي نظريا بذات خود ڪا شيءَ آهن، ۽ جيڪڏهن انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻي رائج ڪبو ته خودبخود علمي ۽ تعليمي ترقيءَ جي راهه کلي پوندي.

تجربي ثابت ڪيو آهي ته اهڙي اُڌار مان ڪجهه نه ورندو. ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن انگلستان، يورپ، آمريڪا ۽ روس جهڙن ترقي يافته ملڪن جي تعليمي توڙي ڪن سياسي ۽ اقتصادي نظرين کي اُڌاري آندو، پر سندن حال اهو ئي آهي، جيڪو اڳ هو؛ پر جن ملڪن انهن نظرين کي خود پنهنجي ”اجتماعي مقصد“ جي دامن ۾ جهليو سي اڳتي وڌي ويا. ايشيا ۽ آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن مغربي نظام تعليم کي اختيار ڪيو، ساڳئي قسم جون يونيورسٽيون، ڪاليج ۽ ٻيون درسگاهون قائم ڪيون، ساڳئي قسم جا اوزار ۽ اسباب گڏ ڪيا، ۽ ساڳئي قسم جا نصاب ۽ تعليمي طريقا اختيار ڪيا، پر نظام تعليم توڙي علمي ۽ فني تحقيق ۾ انهن خير ڪا ترقي ڪئي؛ ٻئي طرف جپان اهي ساڳيون ڳالهيون هٿ ڪري ترقيءَ جي اوج تي پهتو ڇاڪاڻ ته ان کي هڪ مضبوط قومي نظريي جي پٺڀرائي حاصل هئي. ڪوشش يا محنت به تڏهن ڪامياب ٿئي ٿي جڏهن اها قوم جي ”اجتماعي مقصد“ سان وابسته ٿئي ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com