هوريان هوريان رات سمورين اڪيلاين ۽ انڌيرن سان گڏ
ڌرتيءَ جي مٿان وڇائجي چڪي هئي. زهران پنهنجي کٽ
تي ڏڪندڙ دل سان ماٺ ميٺ ۾ ليٽي پيئي هئي. بابا جا
کونگهرا سندس گهري ننڊ جي شاهدي ڏيئي رهيا هئا.
اڱڻ ۾ ٿَنڀ ۾ لٽڪيل لالٽين جي جهڪي روشني ٽمٽمائي
رهي هئي. زهران ڏڪندڙ دل کي سنڀاليو ۽ پاڻ ۾ بي
پناهه حوصلو پيدا ڪري آهستي آهستي اُٿي ويٺي. سهڻي
به ته ميهار سان ملڻ لاءِ ائين ئي ڏڪندي، سهڪندي ۽
ڊڄندي اُٿي هوندي...! هن جي گهر ۾ ته گهڻا ماڻهو
هئا. هوءَ يا ته بهادر هئي يا ته پيار هن کي بهادر
بنائي وڌو هوندو. ائين سوچيندي، آهستي آهستي سوڙهي
ٿيندي، کٽ تان اُٿي. اجرڪ سان پاڻ کي ڍڪيائين ۽
ٻلي وانگيان وک وک ۾ وجهندي هوءَ ٻاهر نڪري آئي.
بابا رلي ۾ منهن وجهيو بي سرت ستو پيو هو. سخت
اونداهه هئي، ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو. اڃا هوءَ
پويان پيل مَٽن وٽ مس پهتي ته ٻن مضبوط ٻانهن جي
گهيري ۾ ڦاسجي ويئي. ”دلاور!“ هن جي چپن مان اوچتو
نڪتو.
”ڏاڍو انتظار ڪرايو اٿئي زهران!“ دلاور کيس پڪڙي
سيني سان لڳائيندي بي تابي ۽ بي چينيءَ سان چيو.
”توکي احساس ڪونهي ته مون تي ڇا ٿو گذري“. زهران
هن جي ٻانهن ۾ ساڻي ٿي پيئي، بلڪل بي سرت ٿي ويئي
۽ ڪجهه به ڪڇي ڪانه سگهي. ٻنهي پاسي سخت اڃ هئي.
جذبات مچندا پئي ويا. سڪل زمين تي پاڻي پيو ته
ڪڙڪائي ختم ٿيڻ لڳي. بندش جا بند ڀڳا ته ٻئي هڪٻئي
۾ گم ٿيندا هليا ويا. زهران جي ڪورن چپن جي مٺاڻ
آهستي آهستي دلاور جي چپن ۾ اوتجڻ لڳي. اکڙيل
اکڙيل ساهه – ڀڙڪندڙ جذبات – هو محبت جي وهندڙ
وادي ۾ هوائن سان گڏ تمام پري اُڏامندي وڃي رهي
هئي! سموري فضا تي هڪڙو نشو ڇانئجي ويو. چپن، اکين
۽ جذبن جي سرگوشين جي دوران اوچتو بدن تي دلاور جا
هٿ جادو هلائڻ لڳا ته زهران يڪدم ڪنهن رڻ پٽ جي
تپندڙ ريتي تي وڃي ڪري! ”دلاور!“ هن بي اختيار ٿي
آهستي چيخيو، ته کيس پنهنجو آواز به پرايو محسوس
ٿيڻ لڳو. مگر دلاور هوش ۾ ڪٿي هو جو ٻڌي!
”نه. نه. دلاور!“ هو مڇرجڻ لڳي. هن جي تن من مان
سارو نشو جهٽ ۾ اُڏامي ويو. ۽ هن پوري زور سان
دلاور جي مضبوط ٻانهن مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
مگر هن جي آغوش ته لوهه جون هٿڪڙيون بنجي چڪي هئي.
شايد دلاور جي جسم ۾ شيطاني روح ملاوت ڪري چڪو هو.
هومدهوش ٿي چڪو هو ۽ اڄ ئي سموريون منزلون اُڪري
پنهنجي اُڃ کي اُجهائڻ چاهي رهيو هو.
”ڌيان ڪر دلاور، مونکي ڇڏي ڏي“. هن مڇرجي چيو.
هوءَ زوراتي ڪيڪ به نٿي ڪري سگهي!
بابا! ڳوٺاڻا! ڪري به ته ڇا ڪري، وڃي به ته
ڪيڏانهن وڃي. سندس رنگ ميٽ وانگيان هيڊو ٿي چڪو
هو. ”خدا جي واسطي دلاور!“ هوءَ منٿ ميڙ تي لهي
آئي. هن جي جواب ۾ دلاور شينهن جيان کيس ڀڪوڙيو ۽
هيٺ گاهه تي کڻي دسيائين!
هوءَ انهيءَ وقت بابا جي ڳالهه نه مڃي پڇتائي رهي
هئي. واقعي مڙد سان نويڪلائي ۾ ڪوبه ناتو ڳنڍڻ
گناهه آهي! ”منهنجا مولا... مدد!“
”دلاور!“ هوءَ هن جي وحشي گهيري مان نڪرڻ جي
زبردست ڪوشش ڪري رهي هئي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ زهران جي
لت وڃي مٽن جي ڀت کي لڳي.
ٺڙٺڙ ٺڙ! ڌڙام! ڌڙام! هڪ هڪ ٿيندا سمورا مٽ دلاور
جي بي حيائيءَ تي چيخندا ڪِرڻ لڳا. دلاور گهٻرائجي
ويو ۽ پنهنجو پاڻ زهران کان الڳ ٿي ويو. جهٽ پٽ ۾
سندس وحشي جذبا هوا ۾ اُڏامڻ لڳا ۽ هوش ٺڪاڻي آيس.
مٽ پوري زور سان ڪِرندا ۽ ڀڄندا رهيا. رات جي ماٺ
۾ مٽن جي ڀڄڻ جو آواز.. لاڳيتو ايندو رهيو. ٺڙ، ٺڙ
ٺڙ. زهران هن غيبي مدد جو پورو پورو فائدو وٺندي،
دلاور کي ڪاوڙ مان پريان ڌڪو ڏيئي اُٿي بيٺي ۽
ڪنهن ڊڄندڙ هرڻيءَ وانگيان ٽپ ڏيئي ڀڄڻ لڳي. سڀني
ٿانون کي ڀڃيندي، پاڻ ڀڄجندي پيئ ويئي ته اوچتو
ڪنهن جسم سان وڃي ٽڪرائي.. ساهه سڪي ويس! سمورو
جسم ڏڪڻ لڳس. تئي مان نڪري وڃي ٽانڊن ۾ پيئي.
اکيون کولي اونداهي ۾ چِتائي ڏٺائين. اوچتو سندس
وات مان بي اختيار نڪتو، ”بابا...! بابا...!“
”ڇا ٿيو زهران، ڪير هو؟“ هو ڪجهه به سمجهي نه
سگهيو، سخت حيران ۽ پريشان هو. پوءِ هو ڀڳل مَٽن
جي ڍير ڏانهن ڏسڻ لڳو. هڪڙو پاڇو اُتان تڪڙو اُٿيو
۽ ڀِت ٽپي ٻئي پاسي فتح عليءَ جي گهر ۾ هليو ويو.
”دلاور!“ هن جي چپن مان ڀڻ ڀڻ جي انداز ۾ هڪ اکر
نڪتو، جيڪو چڪ جي چڪر وانگيان چوطرف گهمڻ لڳو.
پوءِ انهي تيزي سان سارو معاملو هن جي سمجهه ۾ اچي
ويو!
”نه... نه...!“ هو ڏڪي ويو. سندس پيرن ۾ مَٽن جا
ڀڳل ٽڪرا اڃا تائين ٽڙڪي رهيا هئا... ڄڻڪ هو
پنهنجي چاهيندڙ کي سمورو اکين ڏٺو احوال ٻڌائي
رهيا هجن ۽ سندس حال تي ڳوڙها وهائي رهيا هجن.
”اهو دلاور هو ڇا زهران؟“ بابا ڪنهن جادو ڪيل شخص
جي انداز ۾ پڇيو.
”ها بابا، اهو ذليل... خدا ڪري مري وڃي!“ زهران جو
ڪومل بدن ڪنهن نازڪ ٻوٽي وانگيان ڏڪي رهيو هو. هن
ڪڏهن اهو سوچيو به ڪونه هو ته سندس پاڪ محبت ڪڏهن
نانگ وانگيان کيس ڏنگي به سگهندي. محبت جي واٽن ۾
ڪو زهر به پکڙيل هوندو آهي!
”بابا، اها تنهنجي مٽي ئي عزت واري آهي... آئون
گندي آهيان بابا...، آئون بلڪل گندي آهيان! تنهنجو
مان نه رکي سگهيس. مون کي گهُٽو ڏيئي ماري ڇڏ
بابا! بلڪل ماري ڇڏ...!“ هوءَ زور سان سڏڪا ڀري
روئڻ لڳي. بابا پيار جي جذبي سان کيس پنهنجي سيني
سان چهٽائي ڇڏيو.
”اگر اڄ اهي مٽ... تنهنجا مٽيءَ جا مٽ... منهنجي
مدد نه ڪن ها بابا... ته هوند...“ اکر سندس نڙيءَ
۾ اٽڪڻ لڳا... اڳتي ڪجهه به چئي نه سگهي. پر بابا
جي سيني تان ڄڻ ته ڪو ڳرو بار لهي ويو هجي. عزت
محفوظ هئي.
هن بي پناهه محبت سان آسمان جي طرف ڏٺو ۽ سندس
اکين ۾ شڪراني جا لُڙڪ ڀرجي آيا. پوءِ خود بخود
نگاهون ڀڳل مَٽن جي ٽڪرن تي وڃي ٽڪيون.
”تون عظيم آهين... منهنجي ماءُ... تو منهنجي آبرو
بچائي ورتي!“ پنهنجي خون دوکو ڏنو. مگر مٽي بيجان
هوندي به سندس مان بچائي ورتو. شير علي کي ائين
لڳو ڄڻ ته سڄي عمر جي محبت ۽ محنت جو صِلو کيس
مٽيءَ موٽائي ڏنو هجي! مٽي ڪنهن جو به قرض ڪانه
رکي. ايستائين جو انساني جسمن کي به قيامت جي
ڏينهن موٽائي ڏيندي. هوءَ وڏي امانتدار ۽ بيحد
عظيم آهي. شير علي جي اکين مان موتي وهڻ لڳا. هن
ڏڪندڙ هٿن سان زهران کي سنڀاليو ۽ اندر هليو ويو.
رفيق سومرو
هڪ دل – هڪ ديوار
اڃا اقبال ڪلاس ۾ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ چپ
چوريائي مس هئا ته هڪ ڇوڪري هٿ ۾ پرس لوڏيندي اندر
گهڙي آئي. اقبال ڄڻ ته ڇرڪي ويو. ساهه لُڪيءَ ۾
اٽڪي پيس. هُن ڪڏهن سوچيو به نه هو، ته هڪ ڏينهن
زرينا خوابن جي دنيا مان نڪري اچي اڳيان بيهندي.
هوءَ هوبهو ساڳي هئي. پنج سال کيس بدلائي نه سگهيا
هئا. ساڳي چمڪ اکين ۾، ساڳيو بيهڻ جو انداز،
ڳالهائڻ جو ڍنگ ساڳيو، اهڙيءَ ريت ٻانهن ۾ اٽڪيل
پرس. پنج سال کانئس اکين جي چمڪ، بيهڻ جو انداز،
ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ مُک تان مُرڪ کسي نه سگهيا هئا.
پر ڪجهه بدليو هو ته سندس وار. هن جا وار اڳ جيان
نه هئا. اڳ هوءَ چوٽي ڪندي هئي، پر هينئر اُهي
شيگي ڪٽ هئا.
هوءَ ايڊميشن سلپ ٽيچر جي حوالي ڪري، پنهنجو نالو
۽ ليول ٻڌائڻ کان پوءِ ڪنهن ڏانهن ڏسڻ بنا اڳين
قطار ۾ هڪ ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
اقبال سوچيو، اهو نظر جو دوکو آهي. مون جهڙا
سودائي هر عورت ۾ پنهنجي زرينا تلاش ڪندا آهن. هُو
رُڃ پٺيان ڊوڙندا آهن. پر حقيقت ان جي اُبتڙ آهي.
اسين خوابن جي دنيا جا رهواسي آهيون. اسان جو
ميلاپ خوابن ۾ ئي ممڪن آهي.
کيس خيال آيو: پنج سال وڏو عرصو آهي. زرينا جي
شادي ٿي ويئي هوندي ۽ هڪ عام عورت جيان هوءَ به
حياتيءَ جي جنڊي جان ۾ پايو ويٺي ڏک ڏوريندي
هوندي.
ڪلاس ختم ٿيو. هُو پهريون شخص هو، جيڪو سڀ کان اڳ
ٻاهر آيو. هُو ان ٻڏتر ۾ هو ته زرينا سان ملي يا
هميشه لاءِ ڪلاس ۾ اچڻ بند ڪري ڇڏي. کانئس دور
هليو وڃي. پنهنجن غمن جو پاڇو، هن جي خوشين ڀري
زندگيءَ تي پوڻ نه ڏئي.
پڪ ڪرڻ لاءِ ته هوءَ واقعي زرينا هئي يا سندس کليل
اکين جو لڌل ڪو خواب هو؛ هن ننڍڙن ڏاڪن تان لهندڙ
اُن ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو. خواب تعبير ۾ بدلجي ويس.
حقيقت بڻجي اچي اڳيان بيٺس. هو وڏيون وکون کڻندو،
اڃا ڏاڪڻ جا ٻه ڏاڪا مس لٿو هوندو، ته پٺيان آواز
آيس: ”اقبال!“
هو بيهي رهيو. سندس هڪ پير مٿين ڏاڪي تي ۽ ٻيو
هيٺين تي هو. هُن اچي ڪلهي تي هٿ رکيس. سندس مٿين
ڏاڪي تي رکيل پير هيٺ گهرڪي ويو. زرينا جو هٿ زوم
سان هيٺ لڙڪي پيو.
”زرينا!“ اقبال جي احساس لفظن جو روپ ورتو. سوچيو
به نه هوم، ته زندگيءَ جي رُڃ ۾ ڀٽڪندي ڀٽڪندي
ڪڏهن سامهون اچي بيهندينءَ!
”دنيا اتفاق جي پيداوار آهي اقبال!“
هو ڏاڪڻ لهي، سڙڪ تي هلڻ لڳا. کين خبر نه هئي ته
ڪيڏانهن ٿي ويا. اوچتو فريئر هال جي باغيچي وٽ
بيهي رهيا. اندر اچي پٿر جي ڊيسڪ تي ويهي رهيا.
ويهڻ شرط زرينا پڇيو، ”زال ڪيئن ٿي هليئي؟“
”جيئن هر زال پنهنجي مڙس سان هلڻ گهرجي.“ اقبال
جواب ڏنو.
”شايد تون هن مان خوش ناهين؟“
”مان بلڪل خوش آهيان.“
”۽ هوءَ؟“
”خوش ناهي.“
”ڇا چيئي،“ زرينا اُتاوليءَ مان پڇيو. ”هوءَ توکان
خوش ناهي؟“
”هوءَ مون کان هر طرح خوش آهي زرينا!“
”ته پوءِ؟“
”هوءِ بيمار آهي.“
زرينا کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويو. رنگ ڦٽڻ لڳس.”ڇا
ٿيو اٿس؟“ پڇيائين.
”سهڪو ۽ دم.“
زرينا ڪجهه ساعتن لاءِ ڇپ هڻي ويٺي رهي. ڪنهن
اُنهي سوچ ۾ ٻڏل. ڄڻ سندس اڏيل واريءَ جو گهر ڊهي
پيو هجي ۽ هوءَ پنهنجا ان چريائپ تي حيران هجي.
اقبال، هن جي منهن ۾ چتائي ڏٺو، ڄڻ ماضيءَ جا کنڊر
ڏسندو هجي. آخري ڀيرو تڏهن ڏٺو هوس، جڏهن هوءَ
حيدرباد وڃڻ کان اڳ وٽس ڪمري ۾ آئي هئي.
سال منٽن ۾ بدلجي ويا. پنج سال ڦري پنج منٽ ٿي
پيا.
اقبال هڪ وئشيا جي ڌيءَ جي محبت ۾ گرفتار هو.
حُسنا، هڪ سهڻي ڇوڪري، خوابن جي اَپسرا، اقبال جن
جي گهر ديني تعليم پرائڻ ايندي هئي. اقبال ساڻس
محبت جو اظهار ڪيو ته هن ساڻس شاديءَ لاءِ زور
ڀريو. اقبال گهر وارن سان اهڙو اظهار ڪيو. ماڻس
پڻش انڪار ڪري ڇڏيو. اقبال پنهنجي ضد تي اٽل رهيو.
جڏهن هُن کي گهر جا ننڍا وڏا سمجهائي سمجهائي ٿڪجي
پيا، تڏهن رات جي وقت زرينا سندس ڪوٺيءَ ۾ گهڙي
آئي. هُن جي خواب خيال ۾ به ڪونه هو ته زرينا به
وٽس ايندي ۽ ان ضد تان لهڻ لاءِ چوندي. هوءَ سندس
پري جي مائٽياڻي هئي.
توکي ائين ڪرڻ نه گهرجي؟“
”ڇا نه ڪرڻ گهرجي؟“ اقبال اڻڄاڻ ٿيندي پڇيو.
”هڪ چالاڪ ۽ خود غرض ڇوڪريءَ لاءِ،“ هن چيو ”سڄي
گهر کي ڊانوان ڊول ڪرڻ ڪٿان جي سياڻپ آهي!“
”اسين هڪٻئي کي چاهيون ٿا،“ اقبال ڪاوڙ لڪائيندي
چيو.
(تنهنجي چاهت هڪ طرفي آهي)
”غلط،“ اقبال چيو ”هوءَ منهنجي لاءِ جان ڏيئي سگهي
ٿي؟“
”هوءَ ائين نٿي ڪري سگهي.“
”ڇو؟“ اقبال پڇيو ”ڇو نٿي ڪري سگهي؟“
”ڇو ته کيس ويهه تولا سون کپي،“ زرينا وراڻيو
”پنجاهه وڳا سبيل“. ڏهه جوڙا جوتن جا، ويهه
ساڙهيون ۽ ويهه هزار روڪ کپن.“
اقبال کيس وائڙن وانگر ڏسڻ لڳو. هُو ڪجهه به سمجهي
نه سگهيو. ”پر اهي شرط ته هُن جي ماءُ جا آهن.“ هن
چيو.
”پر هوءَ،“ زرينا سندس منهن جا تاثرات پڙهندي،
ڀروسي سان چيو،”توسان ڀڄي به ته سگهي ٿي!“
”مون ساڻس اڄ تائين اهڙي ڳالهه نه ڪئي آهي.“
”اِها ڳالهه چوڻ جي ناهي،“ هن پنهنجائپ جي احساس ۾
ٻڏل لفظن ۾ چيو ”جڏهن هوءَ پاڻ اِها ڳالهه ڪري،
تڏهن سمجهه ته هوءَ به توکي چاهي ٿي.“
”پر هوءَ ته شادي لاءِ زور ڀري رهي آهي.“ هن
نماڻائيءَ مان وراڻيو.
هوسوچي رهيو هو، ته آخر هن جي ۽ زرينا جي وچ ۾ اهو
ڪهڙو رشتو هو، جنهن زرينا کي اِهو سڀڪجهه چوڻ لاءِ
اُتساهيو هو.
”ان لاءِ ته هن کي محبت نه، پر سکيو ستابو گهر
کپي.“ زرينا چيو.
اوچتو خوبصورت حُسنا، هڪ سيٺ جي پٽ سان ڀڄي وئي.
هن جو ڀڄڻ ۽ گهر ۾ خوشين جو موٽڻ. اقبال مٿي کي هٿ
ڏئي، اچي کٽ تي ليٽيو. ڄڻ شاڪ لڳو هجيس. سندس
مائٽن موقعي جي نزاڪت کي هٿان وڃائڻ مناسب نه
سمجهيو ۽ هُن جي شاديءَ جي چڪر ۾ لڳي ويا. هن
زرينا کي به ڇوڪريءَ (ڪنوار) جي چونڊ لاءِ چيو.
ٻين وانگر، زرينا به اقبال جي هڪ ماروٽ جي چونڊ
ڪئي (جيڪا سندس ساهيڙي پڻ هئي.)
حسنا بابت زرينا سان گفتگوءَ کان پوءِ اقبال محسوس
ڪيو ته هُو زرينا کي چاهي ٿو ۽ زرينا به کيس چاهي
ٿي. اُن جو چِٽو ثبوت، اقبال جي حُسنا سان شادي
بابت زرينا جي مخالفت هئي. هن ڪئين ڀيرا ان خيال
کي پنهنجي دل ۽ دماغ مان لوڌي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ته
هو به ڪو زرينا کي چاهي ٿو. پر دل، ذهن جي حڪم مڃڻ
لاءِ تيار نه هئي، ۽ هار مڃڻ ۾ جيڪو مزو هو، سو
اقبال جي رڳ رڳ ۾ ڪتڪايون ڪري رهيو هو.
هڪ رات، اقبال دير سان گهر موٽيو. گهر جي گهٽيءَ
کان وٺي پنهنجي ڪوٺيءَ تائين پهچندي، هو زرينا جي
خيالن ۾ گم هو. ڪمري ۾ پهچي، ڪجهه گهڙين لاءِ هن
سک جو ساهه کنيو. پنهنجي هيڪلي ڪمري ۾، هوآرام سان
زرينا متعلق سوچي سگهيو ٿي. اُمالڪ سندس آڱر
بجليءَ جي بَٽڻ ڏانهن وڌي ويئي. روشني ٿي، ته ڇرڪ
ڀرجي ويس. کٽ تي زرينا سُتل هئي. هن سوچيو، اڌ رات
جو زرينا جو لڪي اچي منهنجي ڪمري ۾ سمهڻ، ڇا پيار
جو اظهار ناهي؟ روشنيءَ تي زرينا جي اک کلي پيئي.
اقبال اکيون مهٽي هر شيءَ جو جائزو ورتو. زرينا
اُٿي هڪدم ڪوٺيءَ جي بَتي وسائي ڇڏي. هُو پنهنجي
ڪمري ۾ نه هو لاشعوري طور، هُو زرينا جي ڪمري
ڏانهن هليو آيو هو.
هوءَ اوندهه ۾ اچي اقبال جي اڳيان بيٺي. ”تون هن
مهل جو منهنجي ڪمري ۾؟“
”ها زرينا“ اقبال وراڻيو ”اهو مان به نٿو ڄاڻان،
ته ڪهڙي طاقت مونکي تنهنجي ڪمري ڏانهن گهِلي آئي
آهي.“
هو بيٺو رهيو.
”ويهي رهه.“
”نه، مون کي هن مهل جو اَويلو تنهنجي روم ۾ اچڻ نه
گهرجي.“ اقبال وراڻيو ٻاهر وڃڻ لڳو.
زرينا اڳيان وڌي سندس راهه روڪي. پڇيائين ”منهنجي
چونڊ بابت تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
دل ۾ آيس ته چوي ته جڏهن منهنجي دل ۾ واسو ڪيو
اٿيئي، ته پوءِ پري ڀڄڻ پنهنجي وچ ۾ ديوار کڙي ڪرڻ
جي ڪهڙي ضرورت آهي. پر دل جي ڳالهه دل جي ايوانن ۾
پڙاڏو بڻجي گم ٿي ويئي. هن چيو، ”مان شادي نه
ڪندس.“
زرينا جي پيرن هيٺان ڄڻ ڌرتي کسڪي ويئي. پاڻ
سنڀالي، ٽوڪ ڀري لهجي ۾ پڇيائين ”حسينا سان به
نه؟“
”حسينا تنهنجو انتخاب ناهي.“
”ته پوءِ منهنجي چونڊ بابت ڇا سوچيو اٿئي؟“
”مان ماروٽ سان شادي نه ڪندس.“
”ڇو؟“
”مون ڪنهن ٻيءَ کي چاهيو آهي.“ اقبال جواب ڏنو.
”پوءِ ڇا ٿيو.“ هن چيو ”شاديءَ جو محبت سان ڪهڙو
ناتو.“ هن وڌيڪ چيو”شادي جسمن جي ميلاپ جو نالو
آهي ۽ محبت دل جي دل سان شادي ۽ روح جو روح سان
وهانءُ آهي.“
اقبال اندر ۾ عشق جو طوفان لڪائي ٻاهر نڪري آيو.
هن سوچيو، محبت ۾ وڇوڙو پيار کي امرتا بخشيندو
آهي. هو شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويو. زرينا جي خوشيءَ
جو ڪو ڇيهه نه هو. آچر تي شادي هئي، پر جمعي ڏينهن
زرينا جن کي خط مليو: سندس ننڍو ڀاءُ سخت بيمار
هو. صبح جو ڪنهن به ويل کين وڃڻو هو.
زرينا رات جي وقت اقبال جي روم ۾ گهڙي آئي. اقبال
اُٿي، بَتي ٻارڻ جو سعيو ڪيو، پر زرينا جهليس.
شايد پاڻ ۾ اکيون ملائڻ جي سگهه ساري نٿي سگهي.
چيائين ”اسان سُڀاڻي هليا وينداسين.“
”مون کي خبر آهي،“ اقبال چيو، ”پر تون شادي نه
کائيندينءَ؟“
”مان مجبور آهيان“.
اقبال دل ۾ سوچيو: محبت مجبور آهي، تڏهن ئي ته
محبت آهي.
”پنهنجي هٿن سان ميندي به نه لائيندينءَ ڇا؟“
اقبال پڇيو.
جواب ۾ زرينا، اقبال جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ کڻي ورتو.
اقبال بي سڌ کيس گهوريندو رهيو. هو ڪجهه وقت تائين
هٿ کي جاچيندي رهي، پوءِ هن جي هٿ کي پنهنجي منهن
تائين آندائين. ٻه ڪوسا ڪوسا ڳوڙها، اچي اقبال جي
تريءَ تي ڪِريا. هو ڇرڪي ويو. هٿ ڇڪي ورتائين.
چيائين”روئين ٿي زرينا؟“
زرينا ڪوبه جواب ڪونه ڏنو.
”جڏهن اسان جي وچ ۾ ڪو به رشتو ناهي“ اقبال چيو.
”پوءِ هي ڳوڙها ڇا لاءِ؟ ڇا اسان جي وچ ۾ ڪو
ڳانڍاپو آهي“. هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي ”تون
سڀاڻي هلي ويندينءَ. منهنجي شادي ٿيندي ۽ عام
ماڻهوءَ جيان آءٌ زندگيءَ جي گهاڻي کي گهليندو
رهندس. تنهنجي شادي ٿيندي ۽ پوءِ تون به هڪ دائري
اندر گردش ڪندي رهندينءَ. پوءِ هي ڳوڙها ڇا لاءِ“؟
”تو پڇيو هو نه، ته مونکي ميندي نه لائيندينءَ؟“
”ها“، اقبال جواب ڏنو. ”چيو هوم“.
”اهي ڳوڙها منهنجي روح جو عرق آهي. جيڪي مون
مينديءَ جي جاءِ تي توکي ڏنا.“
اقبال هن جو هٿ، پنهنجي هٿ ۾ ورتو. هوءَ هٿ ڇڏائي
وڃڻ لڳي، ته هُن چيو ”مان شادي نه ڪندس زرينا!“
هوءَ بيهي رهي. ڄڻ ڪک ڏنگيس. ٻاهر وڃڻ جو خيال
اُڏامي ويس. پڇيائين ”ڇو؟“ ڄڻ خواب ۾ ڳالهايائين.
”جڏهن تون شريڪ ٿيڻ نٿي چاهين“، اقبال چيو ”ته
پوءِ مونکي شاديءَ لاءِ زور ڇو ٿي ڀرين؟“
”نه اقبال نه“، هن ميڙ ڪندي چيو ”رڳو ان لاءِ ته
مان شريڪ نٿي ٿيان، تون ڪنهن سُهاڳڻ کي ڏهاڳڻ نٿو
ڪري سگهين“.
”توکي شادي ڏسڻي پوندي“.
”مان اکيون ٻوٽي به تنهنجي شادي ڏسي سگهان ٿي.
تنهنجي ڪنوار جا ماڻا پَسي سگهان ٿي. هُن جو رسڻ ۽
تنهنجو پرچائڻ ڏسي سگهان ٿي. هي مفاصلو ڪابه معنا
نٿو رکي“.
زرينا سوچيو، پيار به ڇا ته شيءِ آهي. جڏهن ٻن
دلين آڏو ڪابه ديوار نه هوندي آهي، تڏهن هو پاڻ هڪ
ديوار اڏيندا آهن، ۽ پوءِ هڪٻئي کي پرکڻ لاءِ،
اُنکي نِهائينءَ جيان پچائي پڪو ڪندا آهن. جيتري
ديوار مضبوط، اوترو ئي پيار پختو.
اقبال جي دل ۾ آيو ته وڃي ماءُ، پيءُ کي چئي ڏئي،
ته مان ماروٽ سان شادي نه ڪندس. مان زرينا جو ٿي
چڪو آهيان. هو لاشعوري طور تي اُٿي بيٺو. هوءَ کيس
چنبڙي پيئي ۽ ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيائينس.
اقبال سوچيو، مار! ته هيءَ ڄاڻي ٿي ته منهنجي من ۾
ڇا هي!
”واعدو ڪر، ته پنهنجو فيصلو نه بدلائيندين؟“ زرينا
چيو.
”ڪوشش ڪندس“.
”ڪوشش نه“. زرينا چيو. ”وچن ڏي“!
اقبال ٻه وکون پوئتي هٽي بيٺو. منهن ڦيري ڇڏيائين.
ڪجهه ساعتون سوچ ۾ ٻڏي ويو. دل ۾ پڪو فيصلو
ڪيائين، ته بتي ٻاري، آبي – اَمان کي ڏيکاريان ته
ڏسو! مان ماروٽ کي نه، پر زرينا کي چاهيان ٿو. اُن
جو ثبوت زرينا جي هن مهل مون وٽ موجودگي آهي. هن
جا ڳوڙها شاهد آهن، ته هوءَ به مون کي چاهي ٿي. هن
جي ضد تي شادي ڪرڻ، ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي، ته
مونکي به ساڻس پيار آهي. تڏهن ئي ته هوءَ منهنجي
زندگيءَ جو فيصلو ڪري رهي آهي. هُن هٿ وڌائي، بتي
ٻاري ڇڏي. زرينا پاڻ کي اقبال جي ايڏو ويجهو ڏسي،
ڊڄي ويئي. هوءَ در ڏانهن وڌڻ لڳي. اقبال ٻه وکون
اڳتي وڌيو. هن چاهيو، ته سندس راهه جهلي روڪي ۽
چوي ته اچ ته اسين هميشه لاءِ هڪٻئي جا ٿي وڃون.
هي هٿرادو مفاصلا ختم ڪري، هڪ ٿيون. پنهنجي راهه ۾
پاڻ کڙي ڪيل ديوار ڀڃي ڀور ڪيون. دل ۾ آيس ته
پنهنجي سوچ کي عملي شڪل ڏئي. ڊُڪي وڃي زرينا کي
روڪي، ۽ پيءُ ماءُ کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. پر ان
کان اڳ جو هو ائين ڪري سگهي، زرينا ڪمري کان ٻاهر
وڃي چڪي هئي. ٻئي ڏينهن، هو حيدرآباد هليا ويا.
ويندي وقت زرينا ٻن سٽن تي ٻَڌل هڪ خط ڇڏي وئي
هئي. |