احمد ڪيريو
ڪافي
اڄ رات ڏٺو ٿم خواب عمر،
مون کي آيو اکين مان آب عمر.
ڪلهه آيو اتان کان قاصد هو،
جنهن آڻي سنيهو سڻايو ڪو،
مون کي مارن ائين چوائي مُڪو،
ٻڌ برهه سندو سو باب عمر.
اي عمر ادا مونکي موڪل ڏي،
ملان مارن سان وڃي موٽي هُتي.
مان وهنديس هرگز ڪين هِتي،
مون کي ڏي نه اِهي آداب عمر.
ڏي موڪل مير ملير وڃان،
وڃي کاهڙ پاسي کير پيان،
جهر جهنگ ۾ جيڏين ساڻ جيان،
ڪڍ بند مان ٿينئي ثواب عمر.
اڄ آهي ڪانگل هيئن چيو،
منهنجي مارن تي آهي مينهڙو وَٺو،
ٿيو گاهه گسن تي سائو سٺو،
کليو قرب جو آههِ ڪتاب عمر.
عزيز الله ”عزيز“ بروهي
تولاءِ ٿو پڇندو وتان تولاءِ ٿو رڙندو وتان،
تنهنجي جدائي ٿي جلائي، ڪيترو جلندو وتان.
تنهنجو ٿو سڏجان مان سڄڻ ڪهڙو به مان آهيان کڻي،
تنهنجي طلب آهي سدا ۽ تات آ تنهنجي گهڻي.
مان وصل تنهنجي جا سدائين خواب ٿو لهندو وتان.
حيران ٿو هردم رهان ڪاڏي وڃان ڪنهن کي چوان،
ڪنهن کي ٻڌايان مان وڃي دردن جو آخر داستان،
مجبور شعرن ۾ اهي ٿو واقعا لکندو وتان.
ايندين ڪڏهن منهنجا مٺا دل تو بنا مغموم آ،
ٽوڙين متان منهنجي ڇڏين مسڪين ۽ معصوم آ،
غيرن سان خوش ۽ مان رڳو سنسار ۾ سڪندو وتان.
مان ڇا ڪندس درِ عدن مان ڇا ڪندس لعل يمن،
ڪاڏي ڪندس سُوسن سُنبل ڪاڏي ڪندس مُشڪ ختن،
مان مُرڪ تنهنجي لاءِ ئي محبوب ٿو مرندو وتان.
گل ڪونه ٿا توکان سواءِ مون کي وڻن گلزار جا،
تون ڇا پڇين ٿو حالَ، مٺڙا طالبِ ديدار جا،
لوري لڳائي تو ڇڏي آهي ڪا ٿو پڇندو وتان.
توکي ڏسي جيڪر مٺا اولا لهي منهنجا وڃن،
هن شهر جا ماڻهو مِڙي توکي ڏسڻ جي لئه اچن،
منهنجا ”عزيز“ مان ڇا چوان مان ڪيئن ٿو جيئندو
وتان.
”ياد“ لغاري
سڀئي غم خوشيءَ ۾ لڪائي ڇڏيون ٿا.
پنهنجو درد ويتر وڌائي ڇڏيون ٿا.
ڏکن جي خزاني ۾ ڪا کوٽ ناهي،
اسين لڙڪ موتي لُٽائي ڇڏيون ٿا.
وفا جون اميدون هنن کان رکي اڄ،
بيابان کي گلشن بنائي ڇڏيون ٿا.
سهي ناز نخرا هنن جا اسان ڀي،
نِسنگ نينهن ناتا نڀائي ڇڏيون ٿا.
گذاري پرينءَ سان گهڙي قرب واري،
گهڙيءَ لاءِ گوندر گنوائي ڇڏيون ٿا.
ملي ”ياد“ ٿي پل پرينءَ سان ملڻ جي،
مگر سِر جي بازي لڳائي ڇڏيون ٿا.
پيرل ”پرديسي“ سيتائي
غزل
سنگ پچايان ويٺو تو لئه وڃ ته کايون سنگ پيارا،
مُند مَٽي آ، تون به هَلي آ، چاهه جو چوري چنگ
پيارا.
تانگهه لڳي آ، آس وڌي آ، وارو ڪر او يار وري آ،
ڪا ته پُڄايون آس اندر جي، ڪوته رچايون رنگ پيارا.
پيار پريت جي خوشبوءِ کوليون، واس وَٺون، ڪو واس
ڏيون،
پيار ازل جو آهي پنهنجو، آهي ازل جو انگ پيارا.
ميل ميلاپ جي موسم آئي، پاڻ مِلون ۽ پاڻ هَلون،
ماڳ انهيءَ تي موٽي جا ٿي دوري جو آ دنگ پيارا.
ور تون ور، او! وڻجارا، ڪو وڻج ڪيون، واپار ڪيون،
هِن دل جي مخزن تي آ، تو بن زور چڙهي ويو زنگ
پيارا.
تو لئه ساجن ساهه سڪي ٿو، روح رڙي ٿو، هِنيان ڏري
ٿو،
تنهنجي عشق جي ڏينڀو جو ڪو آهي ڏنگ تي ڏنگ پيارا.
تو بن هرڪا آس اڌوري، آهي منهنجي ڪابه نه پوري،
آهيان تنهنجو پنهنجو ساڳيو، پاڻ سڃاڻج ننگ پيارا.
پيار نيارو آهي پنهنجو، پيار ۾ آخر او ”پرديسي“،
ڇا جا ويڇا، ڇا جون وِٿيون، ڇا جو جهيڙو جنگ
پيارا.
عبدالستار ”عبد“ مگسي
دل کي تنهنجي قرب جو قيدي بنايون ٿو وتان،
پرت جو تو ساڻ پختو پيچ پايون ٿو وتان.
منهنجي مارڻ لئه تکو تلوار کي ڇو ٿو ڪرين،
تيغ ابرن کان اڳي ئي سر ڪٽايون ٿو وتان.
دل جي حاطي ۾ دکائي دَرد جو دونهون مٺا،
آڳ الفت جي ازل کان مان مچايون ٿو وتان.
نانءُ منهنجو بت پرستي ۾ ڀلي لِکُ زاهدا،
يار جي تصوير سيني سان لڳايون ٿو وتان.
غير جي هر چال کان ٻُڌ، اي زمانا غور سان،
خونِ دل ڏئي باغ الفت جو بچايون ٿو وتان.
”عبد“ بڻجي مان ازل کان ڀي اڳي اي دوستو،
هن جي دل ۾ هڪ عبادتگاهه ٺاهيون ٿو وتان.
”راهي“ چنا
غزل
محفل ۾ ديد منهنجي ٿي دلربا کي ڳولي.
هر دل ٿي پنهنجي پنهنجي دارون دوا کي ڳولي.
هي خُونِ دل آ حاضر ذوقِ حِنا جي خاطر،
محبوب ٿو اجايو رنگِ حنا کي ڳولي.
ڏيئي موت کي شڪست ماڻيئون حياتِ ابدي،
خون شهيد ٿو اڄ ڪرب و بلا کي ڳولي.
گردش آيام موٽي وڃ تون بَهارن جي صدقي،
تقدير منهنجي ٿي قسمت قضا کي ڳولي.
فطرت انسان آهي سُک ۾ رهي ٿو غافل،
مُشڪل ۾ نيٺ آدم ٿو مُشڪل ڪُشا کي ڳولي.
هي ديوانو اڄ وڃي ٿو بس هٿن مان يارو،
آڻيو ڪٿان ڀي هن جي دلربا کي ڳولي.
دفتر ڇڏيا مون کولي دلدار جي اڳيان اڄ،
پنهنجي جفا کي ڳولي ۽ منهنجي وفا کي ڳولي.
مختيار گهمرو
ڀلي لوڪ سارو ڌڪاري ڌڪاري،
مگر تون نه ڇڏجان وساري وساري.
چيو تو ته ايندس مگر ڪين آئين،
ٿڪس مان به راهون نهاري نهاري.
اچين جي مٺا تون ڀلا ڀاڳ ڀايان،
اڱڻ مان ڇڏيو آ ٻهاري ٻهاري.
رهڻ آهه مشڪل ته تورِي پيارا،
جيان ٿو مان تنهنجي سهاري سهاري.
جڏهن کان لڳي دل مٺا محب توسان،
تڏهن کان سدا دل پڪاري پڪاري.
محبت ڪيو آهه مخمور مونکي،
نظر سان پرين ٿو پياري پياري.
نه ”مختار“ کان ٿو ڪڏهن محب وسرين،
ڪيئي ڪانگ توڏي اڏاري اڏاري.
گل حسن گوپانگ ”شاد“
پيارا وطن
منهنجا مٺڙا وطن، منهنجا پيارا وطن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
زيب زينت زمن، چاهه چاهت چمن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجا ٿر ڀي وسن تنهنجا بر ڀي وسن،
شهر ڀي ڳوٺ ڀي تنهنجا تر ڀي وسن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
پاڪ تون آستان، پاڪ تنهنجي زمين،
هر نظارو حسين ڄڻ ته خلدِ برين،
تنهنجي ڌرتي ملائڪ چمي ٿا چُمن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجون هيرون هوائون کٿوريون کلن،
خوب خوشبو خزانا ورهائن ونڊن،
تنهنجي مٽي ۾ آ ڄڻ ته مشڪِ ختن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجي ڌرتي کي هاري اکيڙن پيا،
کيڙ کيڙي اڊيڙي اڊيڙن پيا،
سون ميڙيون وڃن يا سهيڙيون وڃن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجا مزدور پٿر پگهاري ڇڏن،
ٿا ڀنور مان سفينا اڪاري ڇڏن،
جن جي همّت جي آڏو ٿا ڏونگر ڏڪن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
گاهه گل ڦل هجن، چوڳ چارا هجن،
مال مڙئي ته موٽا متارا هجن،
سبز ساوا هجن ڪوهه دشت و دمن،
اي زمينِ وطن، سرزمينِ وطن!
تنهنجا سڀ ماڻهو سهڻا سٺا ٿا لڳن،
زور ماکي مکڻ کان مٺا ٿا لڳن،
جن جي صورت ڏسي ٿا ستارا جهڪن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تو ۾ هرچيز سستي سهانگي هجي،
ڪابه شي ڪين ملهه ۾ مهانگي هجي،
وڻج واپار وهنوار هر جا هلن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تو ۾ اڻ کٽ خزانن جي دولت هجي،
ڪين افلاس جي ڪا علامت هجي،
تنهنجي غربت جا لاشا ئي لٽجي وڃن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجي عزت ڏسي تنهنجي عظمت ڏسي،
تنهنجي شهرت ڏسي، شان و شوڪت ڏسي،
آڱريون وات ۾ تنهنجا دشمن وجهن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تنهنجي دشمن ڏي ويندي نه وچ تان وران،
تنهنجي خاطر جيئان تنهنجي خاطر مران،
تنهنجي خاطر ٻڌان پنهنجي سر سان ڪفن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
تو ۾ دانا هجن، ديده ور ڀي هجن،
اهلِ فن، اهلِ فڪر و نظر ڀي هجن،
شوق مان شعر پيا ”شاد“ پارا لکن،
اي زمينِ وطن، سر زمينِ وطن!
محمد رمضان ڪمبوهه ”زلفي“
سورن جو سرمايو
اچڻ جو يار هو وعدو ڪيو، پر ڪينڪي آيو،
مون کي هن خواهه مخواهه ڏئي آسرا رستن تي ڀِٽڪايو.
گذاري رات مون جاڳي سندس ئي انتظارن ۾،
مون کي هن بيوفا جي ياد ساري رات تڙپايو.
نه پُڇ موناکان پَري پَيڪر جي تابِ حُسن جو عالم،
ڪري بي قابو اُلفت ۾ سندس ئي عشق گرمايو.
نه هن تي ڪا ميار آهي، نه ڏوراپو، نڪو شڪوو،
حسينن جو ازل کان شيوو آ: عاشق کي تڙپايو.
گذاري رات ڦٿڪي مون، ڪري آهون، ڀري سُڏڪا،
مون کي دلدار جي سِڪ آهي سارو ڏينهن تڙپايو.
ٿيو آهيان زبون هن جي هجر ۾ اهڙو مان هاڻي،
خدايا بدنصيبي منهنجو در ڇو آهي کڙڪايو.
فراقِ يار ۾ ئي ٿو رهان شب روز مان غلطان،
غم هجران ئي باقي آ بچيو سُورن جو سرمايو.
بِرهه جي باهه ۾ سڙندو رهان ٿو يار جي خاطر،
مگر دلبر ڪڏهن ڀُلجي ڪرم ڪو ڪونه فرمايو.
سندس هن بيوفائيءَ جي خبر مون کي هئي ڪهڙي،
جو هن سان پيچ پائي، خوب ”زلفي“ آهي پڇتايو.
نظام الدين زائر
غزل
سپنن ۾ ڇو پاڻ پسائي،
ساجن وئين تون سُورَ وڌائي.
مَن ۾ جيڪو مَچُ ٻري ٿو،
اُن کي آخر ڪير وسائي.
پيار کي هڪڙي راند مون ڄاتو،
ويٺس پنهنجي دلڙي ڦُرائي.
تون ته ستائين ٿو اي سائين،
دنيا ڏس ٿي ڌار ستائي.
مون کان رُٺين تون منهنجا سپرين،
ڄڻ وئين ساري جڳ کي رُسائي.
تنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺو،
راهه تڪيان ٿو نيڻ وڇائي.
عشق جو اهڙو رستو آهي،
ڀاڳن وارو ٺوڪر کائي.
سچ ته خوشيءَ جو سج اي سهڻا،
اُڀري ايندو تنهنجي آئي.
زائر اُن جي وعدي تي ڇو؟
ويٺو آهين ديپ جلائي.
مجاهد راڌڻائي
غزل
اوهان جي سهاري، جيئڻ ٿو گهران مان،
اوهان جي هٿان ئي، مرڻ ٿو گهران مان.
چمن دل جو ويران، ٿيندي ڏسان ٿو،
ٻه ٽي ٻول تنهنجا ٻڌڻ ٿو گهران مان.
دلاسن تي دلبر، جيان ٿو جهان ۾،
سندءِ عشق ۾ گم ٿيڻ ٿو گهران مان.
ٿڪا نيڻ راهون، نهاري نهاري،
تصور ۾ توکي ڏسڻ ٿو گهران مان.
مرڻ ناهي مهڻو، مري نيٺ وڃبو،
اڳيان تنهنجي من دَم ڏيڻ ٿو گهران مان.
نه ڪاتي نه خنجر جي آهي ضرورت،
نظر کڻ نطر سان ڪسڻ ٿو گهران مان.
عقيدت ٿي در تي جهُڪائي ”مجاهد“،
قدم تنهنجا هر هر چمڻ ٿو گهران مان.
رانا حنيف ”عاطر“
پُر درد زندگي جو، منظر اچي ڏسي ڪو،
ڇانيل آ غم جو سر تي امبر اچي ڏسي ڪو.
سيني ۾ آهي غم جو محشر، اچي ڏسي ڪو،
اکين ۾ منهنجي ماه و اختر اچي ڏسي ڪو.
مان جنهن جي مشوري سان هن واٽ تي هلان پيو،
هو راهزن آ، يا ڪو رهبر، اچي ڏسي ڪو.
مشغول هرڪو آهي، پنهنجي عبادتن ۾،
مسجد اچي ڏسي ڪو، متدر اچي ڏسي ڪو.
يارو اوهان اجايو مونکي ڏسي کلو پيا!
هُن جي کلڻ جو هَئي هئي منظر اچي ڏسي ڪو.
منهنجو ته هِن جهان ۾ ڪوئي نا آهي دشمن،
ليڪن آ ڪهڙو سامهون اجگر اچي ڏسي ڪو.
مون تي آ ڪهڙي طاري هي ڪيفيت الائي؟
”عاطر“ ڪڏهن ته قلبِ مضطر اچي ڏسي ڪو.
ڪهاڻيون
سعيديه ميمڻ
لوئي نه لاهيان
جڏهن هوءَ بس مان لٿي ته کيس سڀڪجهه عجيب لڳو. سڄو
ماحول عجيب، ماڻهو عجيب، هر شيءِ عجيب. کيس ائين
لڳو ڄڻ اهو سڀڪجهه سندس لاءِ ناهي. پاڻ وائڙن
وانگر هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳي. کيس ائين پئي
محسوس ٿيو ڄڻ ڇوڪرن جون نظرون کيس ڳهي وينديون.
سندس هٿ هڪدم رَئي ڏانهن کڄي ويا. مٿي تي پاتل
رَئي کي ٺيڪ ڪري هن پاڻ کي محفوظ محسوس ڪيو. ”پٽ
ڏس مٿي تان رَئو نه لاهجانءِ“، ”پنهنجي ڪم سان ڪم
رکجانءِ“، ”پاڻ غريبن لاءِ ٿوري ڳالهه گهڻي ٿي
پوندي.“ هڪ هڪ ڪري سندس ذهن ۾ ماءُ جا لفظ گونجڻ
لڳا. پر وري به پاڻ ۾ همت پيدا ڪري اڳتي هلڻ لڳي.
ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ائين ڏسڻ لڳا ڄڻ ڪا عجيب مخلوق
هجي. هن ڏٺو ته ڪي ٽوليون ڪريو کل مشڪري ۾ پورا
هئا ته ڪي وري لشڪر ڪريو هڪٻئي جي پٺيان پئي هليا.
کيس ائين لڳو ته پاڻ سڀني جي وچ ۾ ڪا اوپري شيءِ
هئي.
هوءَ پنهنجي خاندان جي واحد ڇوڪري هئي، جنهن کي
ميڊيڪل پڙهڻ جي اجازت ملي هئي. سڀني جي وات ۾
اهائي ڳالهه هئي ته”ڏسو مائي ڇوڪري منڊم ٿيندي“،
”ڇوڪرن سان گڏ پڙهندي“. ”منهن اُگهاڙي هلندي“،
”اها به چڱو نالو ڪڍندي“، ”نياڻين کي ايترو پڙهائڻ
به چڱو ناهي“، وري جو ماڻس قدم قدم تي محتاط رهڻ
جو تاڪيد ڪيس سو پاڻ ته ٻه هٿ اڳتي ئي وڌي وئي.
سوچيائين ائين نه ٿئي جو ڪير مون تي الزام هڻي يا
گهٽ وڌ چئي. ڪاليج ويندي هئي ته پنهنجي ڪم سان ڪم
رکندي هئي. رَئو مٿي تان لهندو هئس ته پاڻ کي ڄڻ
صفا غير محفوظ سمجهندي هئي. جهٽ ڪري مٿي تي رَئو
ڍڪي ڇڏيندي هئي.
”شهلا، هر سال نيون صورتون اينديون آهن، پر هن
دفعي ته ڪمال ٿي ويو آ، تو ڏٺي آهي نئين سوکڙي؟“
”هاڻي اها سوکڙي به ڪنهن کان لڪل رهندي؟ دنيا جو
اٺون عجوبو اٿئي!“
کيس لنگهندي يا پاسي ۾ بيٺل ڏسي ڇوڪريون هروڀرو
ٽوڪون هڻڻ شروع ڪري ڏينديون هيون. پاڻ اهڙا لفظ
ٻڌندي هئي ته عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويندي هئي.
سوچيندي هئي ته هڪ ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهن جي ذهنن
۾ ڪيڏو نه فرق آهي. يا ته چون ٿا ته اهڙي سُڌري
آهي جو ڇوڪرن سان گڏ ٿي پڙهي ۽ هيڏانهن مونکي هي
وري هن دور جو ئي تسليم نٿا ڪن. آخر ڇا ڪريان ڪنهن
پاسي جي نه رهي آهيان.
ڪي ڪي ڇوڪريون مڙئي هن سان چڱي نموني سان پيش
اينديون هيون. پر هوءَ وري به ساڻن ڳالهائيندي پئي
ڊڄندي هئي. بس ڳالهه جو جواب ها يا نه ۾ ڏيندي هئي
نه ته بس.
ٻڌ ادي، هڪڙي ڳالهه چوان، مائينڊ ته نه ڪندينءَ؟“
صوفيه اچي هڪڙي دفعي پڪڙيس.
”جي جي، توهان مونکي سڏ ڪيو؟“ هوءَ تقريباً ڏڪي
وئي.
”ها ادي، مون توهان کي ئي سڏ ڪيو. ڏسو نه توهان کي
خراب نه لڳي ته مان توهان کي هڪڙو مشورو ڏيان ته
توهين پنهنجي پرفارمينس کي ٿورو چينج ڪريو.“
”مهرباني، مان هن حُليي ۾ ئي ٺيڪ آهيان.“
”ڏسو نه، ماڻهو جنهن ماحول ۾ اچي، اهڙو ئي ٿيڻ
کپي. توهان هن حالت ۾ ڪيستائين هلي سگهندو!“
”اهو ته مون تي ڇڏيل آهي.“ هن پنهنجي جند ڇڏائڻ
خاطر جواب ڏنو.
”نه، اهو غلط آهي، ڪير به پاڻ تي ايترو ڪنٽرول نٿو
ڪري سگهي.“ ان جملي ته هڻي سندس دماغ ئي لوڏي ڇڏيو
ته مان پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهنديس. ڇا مونکي
واقعي ماحول جهڙو ٿيڻو پوندو!
نيٺ بس آئي ۽ سندس سوچ ٽُٽي پئي ۽ ماٺ ڪري وڃي بس
۾ ويهي رهي. صوفيه به پنهنجيون سهيليون ساڻ ڪري بس
۾ ڌماڪو ڪري اچي ويٺي. ۽ تقريباً پنهنجي هر
ساهيڙيءَ جي ڪَن ۾ آهستي آهستي الائي ڇا ڇا چوندي
رهي ۽ گهڙي گهڙي بس ۾ ٽهڪڙو مچي ٿي ويو. پر هن جو
ڇا، جيسين بس اسٽاپ تي پهچي تيسين چپ ڪريو ويٺي
هوندي هئي.
هاڻي ته پاڻ انهن ڳالهين جي عادي ٿي وئي هئي.
ايندي ويندي ڪاليج يا بس ۾ کيس اهڙا فقرا ٻڌڻا ئي
پوندا هئا. پهرين ته خير هوءَ ايترو ڌيان به نه
ڏيندي هئي، پر هاڻي ڳالهه سندس برداشت کان ٻاهر ٿي
وئي هئي. ڪنهن مهل ته کڻي جواب ڏيندي هئي، پر ڪنهن
مهل ته پاڻ ۾ جواب جي همت ئي ڪونه ساريندي هئي.
سڄي ڪاليج ۾ پاڻ ئي سڀني جو موضوع بنيل هوندي هئي.
ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهي. کيس پنهنجي خانداني روايتن
جي به ته خبر هئي. چڱي طرح ڄاتائين ٿي ته جيڪڏهن
ڪوبه قدم کڻنديس ته ڪهڙي قيامت برپا ٿي پوندي.
گهران ان سوچ سان نڪرندي هئي ته ڇا به ٿي پوي،
منهنجو ڪير ڇا ٿو بگاڙي سگهي، پر ڪاليج پهچي سندس
سڄي قوت ختم ٿي ويندي هئي.
ڇوڪريون فري ٿي گروپن جي شڪل ۾ ڪامن روم ڏانهن
ڪاهي رهيون هيون. هوءَ سڀني کان ڌار آهستي آهستي
هلي پئي آئي. اوچتو سندس ڪن تي آواز پيو. ”لڳي ته
ائين ٿو ته شايد ماڻهن وٽ ڪپڙا ئي ڪونهن.“
”ڇو؟ ڇو؟ تو اهو اندازو ڪيئن لڳايو.“ شهلا سراپا
سوال بنجي وئي.
”وڏي ڪا بيوقوف آهين، ماڻهو اوور آل جا بٽڻ جو
هميشہ بند ٿا رکن.“
”اڇا اڇا“ ۽ يڪدم ٽهڪن جو شور مچي ويو.
هن کان ته ڄڻ هلڻ ئي نٿي پڳو. جيئن تيئن ڪري ڪامن
روم تائين پهتي. سڀني گهڙڻ شرط ڊريسنگ ٽيبل تي
حملو ڪيو. ايپرن لاهي پرسن مان ميڪ اپ ڪڍي ٽچ اَپ
ڪرڻ لڳيون. صوفيه به ان ڪم مان فارغ ٿي اچي سندس
پاسو ورتو. هاڻي هوءَ کانئس ايترو ڪين ڪيٻائيندي
هئي. ”پر کين حضرت ضرور ٿيندي هئي ته يا ته
ڇوڪريون کيس پڇن ڪونه يا ته ايتري فارورڊ ڇوڪري
جيڪا هروقت جين بلائوز ۾ ملبوس وار بواءِ ڪٽ، سا
اهڙي ڇوڪريءَ جي اک مٿس ڪيئن ٿي ٻڏي.
”ادي، هي لپ اسٽڪ جو شيڊ ڏسو، ڪيترو نه سٺو آهي.“
صوفيه ڏانهس نهاريندي چيو ”ها سٺو آهي.“ پاڻ مروت
مان کڻي جواب خاطر چيائين: نه ته پاڻ اهڙن ڪمن مان
ڄاڻندي ڪانه هئي.
هڪدم صوفيه کيس زوري پڪڙي لپ اسٽڪ هڻي ڇڏي. کيس
ڳالهه وڻي ته ڪانه پر ڪڇي به ڪانه سگهي. الائي ڇو
مٿس صوفيه جهڙو ڪو جادو ڪري ڇڏيو هجي. ڀانيائين ته
شايد ٺيڪ ئي ڪندي هوندي.
”او اِئين... اوور آل جا بٽڻ کولي ڇڏيو ۽ ها، رئي
کي اندر ڪبو آهي، ها، هاڻي ٺيڪ آهي. هاڻي هلي ٿورو
ڊريسنگ ٽيبل ڏانهن ڏسو ته خبر پوي.“ ۽ کيس گيهلي
وڃي آرسي آڏو بيهاريائين. پاڻ ته ڏسي حيران ٿي
ويئي، ائين لڳس ڄڻ ڏاڍو دير سان پهتي آهي ان منزل
تي. کيس پنهنجو پاڻ سٺو لڳو ۽ يڪدم آئيني وٽان هٽي
ويئي ته متان نظر نه لڳي وڃي.
هاڻي سندس سارو رنگ روپ بدلجي ويو هو. گهر ۾ جيڪي
ڪجهه ٿيندو هو، ان جي کيس پرواهه به ڪانه هوندي
هئي. کين اهو ئي جواب ڏيندي هئي ته ظاهر آهي جنهن
ماحول ۾ رهبو اهڙو ته ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن اهو نٿا
برداشت ڪريو ته پڙهايو به نه.“
هاڻي ته کيس ڳالهائڻ جو ڍنگ به اچي ويو هو. هڪ
ڏينهن ته ڏاڍي پريشان هئي. وٽس ڪافي ڪلر جي نيل
پالش ته هئي، باقي لپ اسٽڪ ته ختم ٿي ويئي هئس.
اچڻ سان صوفيه تي نظر پيس. خبر هئس ته اهو سندس
پسنديده رنگ آهي، سو وٽس ضرور هوندو پر اهو ڏسي
کيس حيرت ٿي ته صوفيه جا چپ ته لپ اسٽڪ کان بي
نياز هئا. کيس ائين لڳو ته سندس شخصيت اڌوري اڌوري
آهي. پاڻ سڄو ڏينهن چپ لڪائيندي گذاريائين.
”صوفيه، هي ڏس، ڪيڏي نه فسٽ ڪلاس شرٽ ورتي اٿم،
ڏاڍي پيار مان اچي صوفيه کي پيڪٽ ڏيکاريائين.
”اڄ مون سان گڏجي هلجانءِ ته درزيءَ کي ٽرائوزر به
ڏئي اچون.“
”ها ها، مون کي پاڻ ڪپڙا کڻڻان آهن، مهينو کن ٿيو
آهي ته درزيءَ کي شلوار قميص ڏني اٿم.“ صوفيه ها ۾
ها ملائيندي چيو. پاڻ دل ۾ سوچيائين ته واهه اڃا
وري شلوار قميص سبرائي اٿس. |