مصرع طرح: ٿيو مملڪتِ نظم ۾ سلطان
’مظفر‘ |
سيد احسن الهاشمي ’احسن‘ |
منهنجي قلم و فڪر جو عنوان ’مظفر‘ |
تڪميلِ خِرد علم جو عرفان ’مظفر‘ |
هو ماتمئ شاھ شهيدان ’مظفر‘ |
سنجيده صفت ظرف ۾ ذيشان ’مظفر‘ |
سائل نه سڪندر جو نه دارا جو ڪڏهن ٿيو |
درويز گهه دولتِ ايمان ’مظفر‘ |
صابر به هو شاڪر به هو راضي بَه رضا
هو |
قدسي هو مگر صورتِ انسان ’مظفر‘ |
معمار هو هن بارگهه بيتِ ڪرم جو |
معصوم جي دروازي جو دربان ’مظفر‘ |
يارن جو مددگار عزيزن جو بهي خواه |
جنت ۾ به پنهنجن جو نگهبان ’مظفر‘ |
انداز ۾ ڪردار ۾ اطوار ۾ اعليٰ |
هوندو هو هزارن ۾ نمايان ’مظفر‘ |
ڏهٽن ۾ ۽ پوٽن ۾ سڀئي عالم و صالح |
خوش بخت ٿيّو والدِ سلطان ’مظفر‘ |
ظاهر آ سدا دوست عزيزن جي دلين تي |
ڇا ٿيو جي ٿيو خاڪ ۾ پنهان ’مظفر‘ |
بخشي ڌڻي آلِ محمد جي ڪچهري |
تا حشر رهي شاه خراسان ’مظفر‘ |
هي ”بزم فتح“ ڪين وساريندي ادا کي
’احسن‘ تي ڪيو قرب جو احسان ’مظفر‘ |
ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘ |
|
سَر شعر و سخن جو ڪري ميدان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
هٿ پنهنجي سخن جو رکي ميزان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
بيشڪ ته سخن سنج سخن پرور بنجي |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
خوش لهجه و خوش خصلت و خوش وجه سراسر |
انسان ٿيّو پر عجب انسان ’مظفر‘ |
مداح علي جو ۽ محمد جو مدح خوان |
ٿيو ماتمئ شاھ شهيدان ’مظفر‘ |
هي شان رکي ڄاڻندو هو شان رکي ويو |
هو شان رکيو شان جهڙو شان ’مظفر‘ |
ڪردار جو ايڏو هو بلند صاحبِ ڪردار |
ڪردار جو بنجي ويو عنوان ’مظفر‘ |
دارا و سڪندر به سندس سامهون ٿيا مات |
ٿيو ملڪ فصاحت ۾ سليمان ’مظفر‘ |
”فتح علي“ ”قاسم علي“ ”قربان علي“ جي |
همه مرتبه و هم شرف و شان ’مظفر‘ |
”ڪوثر“ کان وٺي تا به ”مشبر“ ته سڀن
کي |
هو درس سخن جو ڏنو هر آن ’مظفر‘ |
آءٌ ته ڳڻي ڪين سگهان ڪڏهن ٿو هرگز |
مون تي جو ڪيا ايترا احسان ’مظفر‘ |
دريا دلي هن جي آهي مشهور جهان ۾ |
دريائي سخا جو چوان سلطان ’مظفر‘ |
پڙھ بزم ۾ ’حامد علي‘ اڄ اهڙو قصيدو |
جنهن شان جي خود پاڻ هو شايان ’مظفر‘ |
وسرڻ جو نه آهي نه وساريندس ’حامد‘
ساريان پيو اڃان پنهنجو مهربان
’مظفر‘. |
ميرزا سلطان حيدر بيگ ’سلطان‘ |
|
ٿي عترتِ اطهار جو حسان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
علماءُ و اديبن جو ته هر آن ’مظفر‘ |
ٿي قدر ڪيو شان جي شايان ’مظفر‘ |
هر شخص سان نيڪي جو هو خواهان ’مظفر‘ |
هر شخص لئي هو باعثِ احسان ’مظفر‘ |
والد ڪيو عطا حَقَ مون کي ذيشان
’مظفر‘ |
ڇو ڪين اچي ياد پوءِ هر آن ’مظفر‘ |
هر وقت نظر ايندو هو شادان ’مظفر‘ |
خوش خلق ۽ خوش فهم ۽ فرحان ’مظفر‘ |
ذاڪر هو عزادار محب مومنِ ديندار |
عترت جو ازل کان هو ثناخوان ’مظفر‘ |
هو روحِ روان ”فتح“ جو ”قاسم“ جو دل و
جان |
”قربان“ جي چمن جو گلِ خندان ’مظفر‘ |
والد هو سندم، دوست دلي پڻ ٿيو منهنجو |
مون لاءِ ته هو رحمتِ رحمان ’مظفر‘ |
هو وعده وفائي تي ڪمربسته هميشه |
پابند رهيو ٿي ڪري پيمان ’مظفر‘ |
مسجد ٿي ابوالفضل قدم گاه تي تعمير |
تڪميل لئي ان جي رهيو ڪوشان ’مظفر‘ |
بنياد رکيو ”فتح“ ته جنهن پاڪ جڳهه جو |
تعمير لئي ان جي ٿيو خواهان ’مظفر‘ |
تعمير اها فضل خدا ساڻ ڪرائي |
ٿي شڪر جا سجدا ڪيا هر آن ’مظفر‘ |
يا رب رهي سرسبز سدا تنهنجي ڪرم سان |
تيار ڪري جو ويو دبستان ’مظفر‘ |
’سلطان‘ جي دعا آهي هجن خلد ۾ يا رب
”فتح علي“ و ”قاسم“ و ”قربان“ ’مظفر‘ |
ميرزا سڪندر علي بيگ ’ سڪندر‘ |
|
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
خاقان ٿيو خاقان ٿيو خاقان ’مظفر‘ |
اقليم سخنِ ۾ ٿو هلي هن جوئي سڪو |
ڪَيوان ٿيو ڪَيوان ٿيو ڪَيوان ’مظفر‘ |
دريائي سخن جانِ ادب شانِ فصاحت |
سحبان ٿيو سحبان ٿيو سحبان ’مظفر‘ |
هن ملڪ ادب فهم و فراست تان هميشه |
قربان ٿيو قربان ٿيو قربان ’مظفر‘ |
اشعار جي بندش کان چوي هرڪو سخندان |
ارڪان ٿيو ارڪان ٿيو ارڪان ’مظفر‘ |
بحرين ٿيو بحر ۾ هر شعر انهيءَ کان |
ميزان ٿيو ميزان ٿيو ميزان ’مظفر‘ |
ميدانِ ادب هن جي ئي ٿيو دم کان معطر |
بستان ٿيو بستان ٿيو بستان ’مظفر‘ |
خورشيد جيان چرخِ فصاحت تي هميشه |
تابان ٿيو تابان ٿيو تابان ’مظفر‘ |
ادراڪ و ادب علم و عقل فهم جو فن جو |
عنوان ٿيو عنوان ٿيو عنوان ’مظفر‘ |
هن آل محمد جي ڪري مدح سرائي |
حسان ٿيو حسان ٿيو حسان ’مظفر‘ |
هر اهلِ سخن جي ٿيو هر وقت دهن تي |
ذيشان ٿيو ذيشان ٿيو ذيشان ’مظفر‘ |
ڇا هن جون ’سڪندر‘ ڪريان تحرير مان
خوبيون
انسان ٿيو انسان ٿيو انسان ’مظفر‘ |
ميرزا فتح علي بيگ ’شاهد‘ |
|
ذي شوڪت و ذي شهرت و ذيشان ’مظفر‘ |
اخلاص و محبت جو ته عنوان ’مظفر‘ |
سرشار ’مظفر‘
هو مئي حبِ نبي کان |
هو عترتِ اطهار تان قربان ’مظفر‘ |
1981ع |
|
بيمثل سخن سنج سخن فهم سخنور |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
ڪردار ۾ بيمثل ته گفتار ۾ بيمثل |
سو پيڪرِ اخلاص هو انسان ’مظفر‘ |
دنيا ۾ مقام اهڙو ’مظفر‘
ڪيو حاصل |
ٿو ياد سڀن کي رهي هر آن ’مظفر‘ |
181
+
1220
=
1401ھ |
|
هو پيڪر اخلاص هو بيشڪ
متدين |
با
مهر ٿي مشفق رهيو هر آن ’مظفر‘ |
1981ع
=
954 +
504 + 3
+ 520 |
هن پيڪر اخلاص کي ڪيو شاه
ولايت |
هر معرڪي ۾ لطف سان باشان ’مظفر‘ |
1401ھ
=
954 +
447 |
|
هاتف ٿو چوي وسندي سندءِ اي متدين |
تربت تي سدا
رحمتِ رحمان ’مظفر‘ |
514 + 1477
=
1981ع |
اخلاق ۽ همت ۽ سخاوت جي سما تي |
خورشيد جيئن تابنده هو ذيشان ’مظفر‘ |
اميد
ٿي ’شاهد‘ ته وٺي خلد ۾ ويندو |
احمد جو وصي خود شہ مردان
’مظفر‘ |
55
+
106 + 1820
=
1981ع |
جوڻيجو دين محمد ’اڪرم‘ ٻورڙائي |
|
هو آل بني تان ٿيو قربان ’مظفر‘ |
دنيا مان بچائي ويو ايمان ’مظفر‘ |
هر شعر ٿيو ان جو صداقت جو سبق آه |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
يارن جو ٿيو يار هو غيرن جو به ساٿي |
پيڪر ته هيو پيار جو انسان ’مظفر‘ |
ڏسندي ئي ڏئي داغ ته فرقت جو هليو ويو |
بي وقت ڏئي هاءِ ويو ارمان ’مظفر‘ |
هڪ نيڪ نمازي سٺي اخلاق جو مال |
پاڪيزه خيالن جو هو انسان ’مظفر‘ |
هر وقت تبسم هو لبن تي جنهن جي ’اڪرم‘
خوش خلق سو خوش پوش هو انسان ’مظفر‘ |
سيد پناهه شاهه ڏاڏاهي |
|
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
وڏو آ ادب تي ڪيو احسان ’مظفر‘ |
هڪ اعليٰ ظرف نيڪ هو انسان ’مظفر‘ |
سچ پيڪرِ اُلفت ڏسو ذيشان ’مظفر‘ |
بيباڪ سچو مرد مجاهد ۽ مٿير آه |
حق سچ جو سدائين ڪيو اعلان ’مظفر‘ |
هر شعر سندس آه نصيحت ۽ هدايت |
اُلفت ۽ محبت جو آ عنوان ’مظفر‘ |
هن شعر و سخن ۾ آ ڪيو پيدا وڏو نام |
ڏئي شعر و سخن کي ته نئين جان ’مظفر‘ |
اشعار لکيا شانِ ’مظفر‘ ۾ پناھ شاھه
دنيائي ادب جو ٿيو خان ’مظفر‘ |
ميرزا فياض علي بيگ ’فياض‘ |
|
ٿيو روحِ سخن شان سخندان ’مظفر‘ |
هو پنهنجي ٿيو دؤر لئي شايان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
پڻ مُلڪِ فصاحت ۾ ٿيو ذيشان ’مظفر‘ |
”فتح علي“ و ”قاسم“ و ”قربان علي“
جيئن |
بي شبهه ٿيو منبع احسان ’مظفر‘ |
احمد ۽ علي فاطمه حسنين جو بيشڪ |
حاصل ته ڪيو سايهء دامان ’مظفر‘ |
حسان هو جيئن آلِ محمدؐ جو ثناخوان |
تيئن آل نبي جو ٿيو حسان ’مظفر‘ |
محفل ۾ ۽ مجلس ۾ هڻي نعرهء حيدر |
هو دين جو دشمن ڪيو بيجان ’مظفر‘ |
هر دؤر ۾ هر حال ۾ هر آن هميشه |
ٿيو پنهنجي قبيلي جو نگهبان ’مظفر‘ |
حق گوئي ۾ هرگز نه ڪڏهن پُٺ تي هٽيو
ٿي |
حق گو ٿيو بي شبهه سو انسان ’مظفر‘ |
هر دوست جو هي دوست رهيو قابلِ عزت |
هر دوست جي لئي فخر هو هر آن ’مظفر‘ |
دشمن جي به حرڪت نظرانداز ڪيائين |
دشمن کي نه پهچايو ٿي نقصان ’مظفر‘ |
هو خُلق مجسم ٿيو اخلاص جو پيڪر |
اخلاص جو اخلاق جو عنوان ’مظفر‘ |
ڇا حشمت و اجلال جو ان جي ٿئي اظهار |
باهمت و باشان ٿيو ذيشان ’مظفر‘ |
ڪنهن ساڻ برائي نه ڪئي ڪڏهن ته جنهن
هئي |
سو مردِ مسلمان هو ذيشان ’مظفر‘ |
هي آهي عليؑ جي ۽ محمدؐ جي عنايت |
هر معرڪي کي فتح ڪيو باشان ’مظفر‘ |
باطل جي اڳيان ڪينڪي سر پنهنجو جهڪايو |
هر آن ايهو ٿي ڪيو فرمان ’مظفر‘ |
دشمن جي اڳيان شير مثل هلجي کڻي سر |
اعلان ڪيو ٿي علي الاعلان ’مظفر‘ |
مداح علي جو ۽ محمدؐ جو ازل کان |
بي شبهه ٿيو شاعرِ ذيشان ’مظفر‘ |
هر وقت علي تان ۽ محمّدؐ تان هميشه |
هو صدق نيت ساڻ ته قربان ’مظفر‘ |
الله جي الطاف و عنايات و ڪرم سان |
هر وقت رهيو خوشدل و خندان ’مظفر‘ |
ڪئي ان کي عطا فتح علي ۽ بَه محمّدؑ |
”الطاف“ سان تن جي ٿيو شادان ’مظفر‘ |
”احقر“ تي ڪئي مِهر ته آهي ”احسنِ“
خالق |
”ڪوثر“ سندو حقدار ٿيو ذيشان ’مظفر‘ |
ڪئي ”حامد“ و محمود ۽ احمد هي نوازش |
جو ساري حياتي رهيو شادان ’مظفر‘ |
”عاشق“ ٿيو علي جو ۽ محمد جو هي
”صادق“ |
”عباس“ جي ”امداد“ سان فرحان ’مظفر‘ |
اخلاص تان اخلاق تان همت تان انهي جي |
’فياض‘ ٿئي پاڻ ٿو ”قربان“ ’مظفر‘ |
احسان جي ان جي ته بيان حد ٿي ڪنهن پر |
بيحد ڪيا ’فياض‘ تي احسان ’مظفر‘ |
ڇا خوف ڪري دشمنِ بي دين جو ’مظفر‘ |
حامي ٿيو سندس ايزدِ سبحان ’مظفر‘ |
’فياض‘ هو بي مثل ته هي دؤر جو پنهنجي |
ٿي خوش ٿيو ڏسي پاڻ ته مهمان ’مظفر‘ |
”سلطان“ ”فتح“ ”افسر“ و ”مختار“
”سڪندر“ |
”ڪاظم“ سان ٿيو ’فياض‘ مدح خوان
’مظفر‘ |
”احسن“ سان ”نياز“ ”اڪرم“ ”ڏاڏائي
پناھه شاھه“
ٿيا بزمِ فتح ۾ هي ثناخوان ’مظفر‘ |
ميرزا قربان علي بيگ ’مختار‘ |
|
هو بحرِ مضامين جو گلستان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
هو شاعرِ شيرين سخندان ’مظفر‘ |
نيرنگ جهان ڪشور ايمان ’مظفر‘ |
هو صاحبِ ايمان سو مسلمان ’مظفر‘ |
مولا جو ته برحق هو ثناخوان ’مظفر‘ |
هر شعر جي بدلي ۾ اي ذيشان ’مظفر‘ |
جنت ڪئي عطا ايزد سبحان ’مظفر‘ |
ٿيو پَر تَوٖ خورشيد درخشان ’مظفر‘ |
ٿيو فخرِ جهان نيرِ تابان ’مظفر‘ |
آهي ته اسان تي تنهنجو ٿيو احسان
’مظفر‘ |
هر گام تي الله نگهبان ’مظفر‘ |
اي عاشقِ دين شمع ثبستان ’مظفر‘ |
اي نورجهان اوج سليمان ’مظفر‘ |
خوش خلق ٿين خوش وضع ٿين انسان ’مظفر‘ |
هر مرحلو تنهنجو ٿيو آسان ’مظفر‘ |
الله ڪري بخش ته عصيان ’مظفر‘ |
فردوس ۾ توکي ملي ايوان ’مظفر‘ |
جنت کان فزون آه تنهنجو ايوان ’مظفر‘ |
اي رشڪ چمن رشڪ گلستان ’مظفر‘ |
حسرت منهنجي ۽ منهنجوئي ايمان ’مظفر‘ |
ٿين عڪس رخِ جلوهء جانان ’مظفر‘ |
مولا جا ڪرم توتي ها هر آن ’مظفر‘ |
ٿي توتي سدا رحمتِ يزدان ’مظفر‘ |
نازان ٿيو جهان تي سدا حضرت ’مختار‘
سو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
ميرزا امام علي بيگ ’افسر‘ |
|
توتي هو نبي جو سدا احسان ’مظفر‘ |
راضي هو مٿنئن خالقِ سبحان ’مظفر‘ |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
هڪ نيڪ نهاد ۽ هو سخندان ’مظفر‘ |
جو آلِ محمّدؐ جو هو پروانه و شيدا |
هو آلِ پيمبرؐ مٿئون قربان ’مظفر‘ |
لاريب ٿيو قوم جو هڪ مرد مجاهد |
بي شبهه ٿيو حاتمِ دوران ’مظفر‘ |
اقليمِ سخن ۾ نه ٿيو جنهن جو ڪو ثاني |
هو مفتخرِ قيصر و خاقان ’مظفر‘ |
ڇا شان هو ان مرد مجاهد جي قلم ۾ |
هم مرتبهء دعبل و حسان ’مظفر‘ |
سر جبر جي سامهون نه ڪڏهن پنهنجو
جهڪايو |
خوددار هو خوددار هو هر آن ’مظفر‘ |
خوش لهجه و خوش خصلت و خوش گو هو
سخندان |
هو فخرِ فصيحان و بليغان ’مظفر‘ |
لاريب ته ميدانِ سخن جو سو ڌڻي هو |
بي شبهه سخن سنج سخندان ’مظفر‘ |
مغرور جي خاطر ته حقارت جون نگاهون |
هو بيڪس و بي پر جو نگهبان ’مظفر‘ |
محسن کي اسين پنهنجي ڪڏهن ڪين وساريون |
بيحد اسان تي ڪيا احسان ’مظفر‘ |
هو آلِ محمّدؐ جو ته پروانو اي ’افسر‘
پڻ آلِ پيمبر تان هو قربان ’مظفر‘ |
ميرزا ڪاظم رضا بيگ ’ڪاظم‘ |
|
هو احمدِ مختار جو حسان ’مظفر‘ |
هو حيدرِ صفدر جو ثناخوان ’مظفر‘ |
ٿيو بنتِ پيمبر جو ته دربان ’مظفر‘ |
شبير ۽ شبر جو مدح خوان ’مظفر‘ |
ٿيو ملڪِ فصاحت لئي خاقان ’مظفر‘ |
سر آهي سخن جو ڪيو ميدان ’مظفر‘ |
ذي قدر ٿيو ذيجاه ٿيو ذيشان ’مظفر‘ |
خاقان زمان ٿي ويو سلطان ’مظفر‘ |
سرتاج سخن بادشہ ملڪِ سخن آه |
سرسبز سخن جو ڪيو بستان ’مظفر‘ |
ٿيو ڪرب و بلا جو ته ڪفن جنهن کي ميسر |
بي شبهه سو خوش بخت هو انسان ’مظفر‘ |
شاعر ٿيو عالم ٿيو بي مثل هو نقاد |
ٿيو مملڪتِ نظم جو سلطان ’مظفر‘ |
قنبر جو به قنبر هو به درگاهه يدالله |
درگاه پيمبر جو هو سلمان ’مظفر‘ |
حق گوئي ۾ هرگز نه ڪڏهن پٺتي هٽيو ٿي |
حق گو ٿيو بي شبهه سو انسان ’مظفر‘ |
صهبائي مودت کان هميشه رهيو سرشار |
مومن هو ٿيو صاحبِ عرفان ’مظفر‘ |
قربان علي تان ۽ محمّد تان ازل کان
’ڪاظم‘ هو ٿيو صاحبِ ايمان ’مظفر‘ |