ڊاڪٽر علي اڪبر “اسير” قريشي
خط ڪوفيءَ
جي مختصر تاريخ
مشهور عربي مقولو آهي ته ”الخط رياض العلوم“ ۽
”القلم سفيرالعقل“ جعفر برمڪيءَ جو قول آهي ته:
”خط، حڪمت جو ڌاڳو آهي، جنهن ۾ وکريل موتي مَڙهيا
يا پوئيا وڃن ٿا.“
شيخ شمس الدين الاڪفاني جو چوڻ آهي ته: الفاظ صرف
معنيٰ ۽ مفهوم ادا ڪن ٿا ۽ خط، لفظن جي حسن صوريءَ
کي پيش ڪري ٿو.“
آڳاٽي وقت ۾ ’سنڌ‘ ملڪ طور مشهور ۽ معروف هئي،
جنهن جون حدون نهايت وسيع ۽ ويڪريون هيون ۽ مغلن
جي دور کان وٺي سنڌ جي حدن کي ڪَپي ڪوري صرف هڪ
صوبي جي حيثيت ۾ محدود ڪيو ويو. ليڪن سنڌ قديم دور
کان ئي آرٽ ۽ فن ۾ شاهوڪار رهي آهي. مگر سنڌ جا
پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان نهايت گهرا ۽ گهاٽا
تعلقات رهيا آهن. هڪ طرف هن جي ايران سان ويجهڙائي
هئي ته ٻئي پاسي گجرات تائين ڦهليل هئي. اهڙي ئي
لحاظ کان ٻنهي طرفن کان سنڌ آرٽ ۽ فن کي قبول ڪيو.
تاريخي ڪتابن جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته
خطاطيءَ جو فن، سنڌ ۾ عربي ۽ فارسي ٻولين جي اثر
هيٺ اسريو، وڌيو ۽ ويجهيو. اهڙي ئي لحاظ کان سنڌ ۾
اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ سان ئي علم ۽ ان جي تحقيق
جي ڪم جي ابتدا ٿي.
منصوره جو بنياد سنه 116- 112هه/ 734- 730ع دوران
پيو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو. ائين ئي تعليم،
تحقيق ۽ بين الاقوامي واپار جو پڻ مرڪز ٿيو. ان ئي
زماني ۾ ديبل، بکر ۽ سيوهڻ ۽ منصوره پڻ اسلامي
تعليم، تحقيق ۽ فن ۽ آرٽ ۾ ڪافي ڀڙ هئا ۽ مرڪز پڻ.
ائين ئي خطاطيءَ کي هٿي ملي ۽ خطاطيءَ جا ڪيترائي
نادر نمونا نروار ٿيا، جن ۾ خط ڪوفي- ثلث- ريحان-
قوقيع- محقق- رِقاع- طغرا- نسخ ۽ نستعليق وغيره
مشهور آهن. دنيا ۾ ته لکيت/ ڪتابت جا سوين مثال
ملن ٿا، جن مان ڪيتريون ئي شاخون وجود ۾ آيون. ڪي
ته هوريان هوريان ٿي ختم ٿينديون ويون ۽ ڪي ته اڃا
به مروج آهن. هنن خطن ۾ سڀ کان پهريان ئي ڪهڙو خط
استعمال ڪيو ويو، سو اڃا تحقيق طلب آهي.
اسلامي عقيدي مطابق هر علم ۽ فن جو آغاز وحي
الٰهيءَ سان ٿئي ٿو. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو
ڪهڙو خط هو، جنهن ۾ حضرت آدم عليہ السلام تي صحيفا
نازل ٿيا ۽ ان کان پوءِ حضرت ادريس عليہ السلام
ڪهڙي خط کي زور وٺايو. ڪتاب ”التيجان“ مطبوعه
دائره المعارف، حيدرآباد دکن ۾ حضرت وهت کان روايت
آهي ته حضرت ادريس عليہ السلام تي پهرين وحيءَ ۾
”بِسم الله الرّحمٰن الرّحيم“ ۽ ٻي يا ٽين وحيءَ ۾
پورو ابجد نازل ٿيو ۽ هيءَ وحي سرياني زبان ۾ هئي.
هن مان اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو ته حضرت ادريس
عليہ السلام دنيا جو پهريون ڪاتب هو ۽ ان جي وضاحت
هن طرح ڪئي وئي آهي ته حضرت آدم عليہ السلام جي
عهد ۾ جيڪو ابجد نازل ٿيو، ان جي تڪميل حضرت ادريس
عليہ السلام ڪئي، ليڪن حضرت آدم عليہ السلام ۽
حضرت ادريس عليہ اسلام جي وقت جي خطن جو اڄ ڪو به
نمونو موجود نه آهي. حضرت آدم عليہ السلام تي جيڪو
ابجد نازل ٿيو هو، ان جو پورو تعداد اٺاويهن حرفن
تي مشتمل آهي ۽ هن وقت عربن جي ابجد ۾ پڻ ڪل
اٺاويهه حرف آهن. علامه ابوالعباس قلقشندي جي ڪتاب
”صبح الاعشي“ مطبوعه مصر جي اڀياس مان واضح ٿو ٿئي
ته جيستائين انبياء اڪرام جي خط وحيءَ جو تعلق
آهي، ان جو نالو ”توفيقيه“ آهي ۽ ان ۾ جيڪو اضافو
ٿيو ته ان جو نالو ”خط اصلاحيه“ آهي. هن مان ثابت
ٿو ٿئي ته دنيا ۾ جيتريقدر خط جا نمونا موجود آهن
ان جي تاريخ جي شروعات مصر کان ٿئي ٿي ۽ مصرين کي
ئي ابجد/خط جو موجد ڪوٺيو وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن خطن
کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن جي ارتقائي ڪيفيتن تي نظر
وڌي وڃي ته چڱو خاصو ڪتاب تيار ٿي وڃي مگر هتي صرف
انهن جي نالن تي اڪتفا ڪجي ٿي. ائين ڪيترا ئي خط
وجود ۾ آيا، جهڙوڪ:
1- خط سرياني
2- خط سطرنجيلي- المخفف السرطاء.
هن خطن جي ايجاد مصري خطن جي زوال ۽ فنيقيه کان
پوءِ ٿي. هنن مان سطرنجيلي اڳتي هلي هڪ ڪامياب خط
جي صورت ۾ اڀريو ۽ قديم خط ڪوفيءَ جي لاءِ هڪ
بنيادي خط ثابت ٿيو. باقي ٻيا ٻه خط اڀريا ۽ هلي
هلي ختم ٿي ويا.
3- خط سومره- هيءُ خط قديم اهل بابل جو يادگار آهي
جيڪو حضرت نوح عليہ السلام جي طوفان کان چار هزار
قبل مسيح رائج هو. هن جا ايجاد ڪندڙ سامي عرب هئا.
هن کان پوءِ ڪيترن ئي خطن جا نالا ملن ٿا.
4- مسماري- پيڪاني يا ميخي
5- مقدس هيروغليفي
6- هيراطيقي
7- ويمو طيقي
8- فنيقيه
9- مربع عبراني
10- قديم يوناني
11- ارامي يا سامي
12 تدمري/ پال مائر
13 نبطي
14 مسنديا مسند سبائي
15 صفوي
16 ثمودي
17 - لحياني
18- حيثي
19- چيني
20- جاپاني
21 مسند حميري
22- حيري يا قديم ڪوفي
23- خط نسخ
24- خط نستعليق
25- خط هندسه
خط هندسه جون هيٺيون شاخون آهن:
(خط اشاره- خط رمز- خط ڪنايه- خط مر موزه)
26- خط سرو
27- خط نظيره
28- خط شڪسته
29- شفيعه
30- خط ڪوفي
حيري يا قديم ڪوفي خط کي مسند حميري جي اهل حيره
وارن مناسب اصلاح ڪري آراسته ۽ مهذب بڻايو ۽ هيءُ
خط حيري يا قديم ڪوفي خط جي نالي سان مشهور ٿيو.
واضح رهي ته هيءُ اصلاحي ڪوفي خط نه هو، جنهن کي
عام طور تي خط ڪوفي جديد سمجهيو وڃي ٿو. بلڪ هيء
هڪ خط هو، جنهن کي اهل يمن ۽ اهل مڪه وارن حيره
وارن کان حاصل ڪيو هو. هن عهد ۽ هن خط تائين
نُقطا، اعراب، علامتون ۽ اوقاف جو دستور اڃا وضع
نه ٿيو هو. جيئن ته حضرت رسول اڪرم صلي الله عليہ
وآلہ وسلم کان حضرت علي ڪرم الله وجہ ۽ ان جي
صاحبزادن حضرت حسنرضه ۽ حضرت حسينرضه
تائين جون تمام تحريرون هن ئي خط حيري يا ڪوفي خط
۾ هيون. حيري خط کي جديد ڪوفي خط سمجهڻ هڪ وڏي
غلطي ٿيندي. اسان جي هن دعويٰ جو سڀ کان وڏو ثبوت
حضور اڪرم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جا اهي مقدس
فرمان آهن، جيڪي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن مختلف وقت جي بادشاهن ڏانهن موڪليا
هئا. زماني جي لاهن چاڙهن جي ڪري هن ناياب دولت جو
ڪيترو ئي حصو تلف ٿي چڪو آهي. هن وقت صرف ٻه فرمان
ملن ٿا. هڪ اهو، جيڪو حضور اڪرم صلي الله عليہ
وآلہ وسلم جن مصر جي بادشاهه مقوقس ڏانهن ستين
هجريءَ ۾ موڪليو هو. هيءُ مصر جي شاهي خزاني ۾
محفوظ هو، جنهن جو عڪس مستشرقين يورپ جي وساطت سان
اول رسالي ’الهلال‘ مصر ۾، پوءِ بيت المقدس جي
عاشقانِ رسول شايع ڪيو. ٻيو فرمان ڏهين هجريءَ جو
آهي جو مسيلمه ڪذاب، يمامه (فارس) جي واليءَ کي
موڪليو ويو هو. هن جو عڪس 1896ع ۾ لنڊن جي پڪچر
مئگزين ۾ شايع ٿيو هو. هن فرمانن کان علاوه حضرت
امام حسينرضه جي لکيل قرآن مجيد جي هڪ
صفحي جو عڪس سالنامه مجله ڪابل 1211هجريءَ ۾ شايع
ٿيو هو. هن ڪتابت جي روشنيءَ ۾ جديد خط ڪوفي ۽ خط
حيريءَ جو فرق روز روشن جيان عيان آهي.
خط ڪوفيءَ جون مشهور شاخون هن ريت آهن:
1- قلم الجليل 2-قلم السجلات 3- قلم الديباج 4-
قلم طومار 5- قلم الثلثين 6- قلم الرنبور 7- قلم
المفتح 8- قلم الحرم 9- قلم الموامرات
10- قلم العهود 11- قلم القصص 12- قلم الخرتاج
13- قلم المرصع 14- قلم السناخ وغيره، جيڪي خط
گهڻو مشهور ٿيا، تن جا نالا هن ريت آهن:
خط ثلث- خط نسخ- خط توقيع- خط رقاع- خط محقق ۽ خط
ريحان. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن رسم
الخط ۾ پڻ لڳاتار ردوبدل ۽ اصلاح ٿيندي رهي.
پهريان ته حيره خط جي علم جو مرڪز هو، مگر خلافت
بني اميه ۽ عباسيه ۾ مديني ۽ مڪي کان علاوه بصره ۽
ڪوفو به خط جو مرڪز بنيا. ڪوفي کي اهڙي ته تاريخي
حيثيت ۽ شهرت ملي جو هيءُ شهر نه صرف ڪتابت جي فن
جو معلم ۽ استاد ٿيو بلڪ اڪثر علومِ عربيءَ جو
مبداء بڻجي ويو. لغت جو پهريون خط، خليل بصريءَ
ڪوفي ۾ ويهي لکيو ۽ جديد خط ڪوفيءَ جو ڪو نانءُ
نشان ئي نه هو.
جديد خط ڪوفيءَ جو آغاز خليل بن احمد نحوي موجد
علم عروض جي زماني ۾ ٿيو. هيءُ عهدِ عباسيه جو هڪ
ناليوارو فاضل هو. هن قديم خط جي اصلاح ڪري موجوده
اعرابن کي جاري ڪيو، سن 170 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين
۽ هن ئي سال خليفو هارون رشيد عباسي تخت جو مالڪ
بڻيو. خليل کان پوءِ علي بن حمزه ڪسائي نحويءَ
خليل جي مهذب خط تي خوب نظر وڌي. اُن ۾ خوشنويسيءَ
کان وڌيڪ مصورانه شان ۽ نقطن ۾ خوبصورتي پيدا ڪئي.
اهڙيءَ طرح هن کي هڪ خط جي تمام سٺي سَند/ حيثيت
ملي وئي ۽ هن خط جو نالو ”خط ڪوفي“ پئجي ويو، جيڪو
اڄ تائين ان ئي نالي سان مشهور آهي. قرآن پاڪ جي
ڪتابت ۽ دفتري لکپڙهه به هن ئي خط ۾ ٿيڻ لڳي.
ڪسائي 182هه ۾ وفات ڪئي. هن ئي دور کي هن خط جي
تاريخ سمجهڻ گهرجي.
خطاطي، خط جي مصوري ۽ دلڪشيءَ کي چيو وڃي ٿو. ڪتاب
هڪ ڪاروباري عمل آهي ۽ خطاطي ان جو جمالياتي قسم
آهي، جنهن ۾ مسلمانن ڪمال حاصل ڪيو آهي ۽ ان کي هڪ
وڏو درجو بخشيو آهي. هيءُ فن ان ڪري به حيثيت ۽
اهميت رکي ٿو، جو خطاطيءَ جو سڀ کان سٺو ۽ سهڻو
استعمال قرآن مجيد جي ڪتابت ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾
مسلمان خوشنويسن پنهنجا اعليٰ جوهر ڏيکاريا آهن.
قرآن مجيد جي خوشنويسي ۽ خوشنمائي، آرائش ۽ زيبائش
جا مختلف طريقا اختيار ڪيا ويا. هيءُ فن عام ڪتابن
وغيره ۾ به استعمال ٿيو. خطاطيءَ جو استعمال مسجدن
کي سينگارڻ لاءِ به استعمال ۾ آيو. مسجدن جي ڀِتين
کان سواءِ هيءُ فن مقبرن روضن ۽ قلعن جي دروازن
وغيره جي آرائش ۾ پڻ استعمال ٿيو. هن جو استعمال
شاهي فرمانن ۾ به ٿيندو رهيو آهي.
اسلامي دور ۾ عربيءَ خط جي جنهن شڪل سڀ کان پهريان
ترقي ڪئي، ان کي اسلام ۾ ڪوفي چيو وڃي ٿو. هن خط
جا ٻه قسم آهن، هڪ ڪوفي قديم ۽ ٻيو ڪوفي جديد جن
جو ذڪر مٿي ٿي چڪو. بنو اميه جي عهد ۾ عبدالمجيد
الڪاتب هن ۾ مناسب ترميمون ڪيون. بنو عباس جي
زماني ۾ اسحاق بن حماد (متوفي: 154هه) هن خط جون
ڇهه صورتون ٺاهيون. جهڙوڪ مسجدن ۽ عمارتن جي ٺاهه
ٺوهه لاءِ خط طورمار، دفتري لکپڙهه جي لاءِ سجلات
۽ فرمانن جي لاءِ عهده. بعد ۾ مختلف مقصدن جي لاءِ
ڪوفيءَ مان 37 نمونا نروار ٿيا.
هارون رشيد جي دور کان ويندي معتصم باالله عباسيءَ
جي دور تائين ڪيترائي نامور خطاط ٿي گذريا آهن. هن
دور ۾ خط نسخ جا ڪافي بهترين نمونا ملن ٿا، سي در
حقيقت خط ڪوفيءَ مان ئي ڦُٽي نڪتا آهن. هارون رشيد
جي دور تائين خط ڪوفيءَ مان اٽڪل ٻارهن شاخون
ايجاد ٿي چڪيون هيون. اهي ٻارهن ئي خط ٽين صدي
هجريءَ تائين رائج هئا. ڪتاب لکن ٿا ته هارون رشيد
جي عهد کان پوءِ وري اٺن شاخن جو اضافو ٿيو.
اهڙيءَ طرح خط ڪوفيءَ مان خطاطيءَ جون ويهه شاخون
وجود ۾ آيون. خط ڪوفيءَ جا ڪجهه مثال هت بيان هيٺ
آڻجن ٿا:
1- مرسيا جي بادشاهه (757ع کان 796ع) پنهنجي سِڪن
تي ڪوفي خط ۾ ڪلمو طيبہ نقش ڪرايو هو، جيڪي
برطانيه جي عجائب گهر ۾ موجود آهن.
2- نائين صدي عيسويءَ ۾ آئرلينڊ جي هڪ طيبہ تي
ڪوفي خط ۾ ”بسم الله“ لکيل آهي.
3- گهڻن مصورن حضرت عيسيٰ عليہ السلام ۽ حضرت بيبي
مريم عليہ السلام جي لباس کي خوبصورت ٺاهڻ لاءِ
ڪوفي اکر نقل ڪيا آهن.
4- سِسِليءَ جي نارمن بادشاهه راجر ٻيو (سن 1130ع-
1154ع) جي تصوير ۾ تاجپوشيءَ جي لباس تي ڪوفي ڪتبو
ملي ٿو.
ابن مقله:
درحقيقت ابن مقله کي ئي خط ڪوفيءَ جو پايو وجهندڙ
۽ ابو ڪوٺيو وڃي ٿو. هن جو اصل نالو ابوعلي محمد
بن علي بن حسن بن عبدالله ملقب ابن مقله هو. هيءُ
سن 272 هجريءَ ۾ تولد ٿيو، علم ۽ فن ۾ وڏو ماهر
هو. جنهن ڪري ٽن عباسي خليفن (المقتدر- القاهر
بالله عباسي ۽ ابوالعباس راضي بالله) جو هڪ ٻئي
پٺيان وزير ٿيو. ليڪن سياسي امورن ۾ مداخلت جي ڪري
ابن مقله خليفي جي خلاف سازش ڪئي پر خليفي جي
سازشن کان محفوظ رهيو. ڇو ته خليفو معزول ٿي چڪو
هو جڏهن خليفي جو پٽ ابوالعباس راضي بالله خليفو
مقرر ٿيو ته ابن مقله کي قيد ڪرايائين، جنهن هن جو
سڄو هٿ ۽ زبان وڍرائي ڇڏيا. پرابن مقله ڪڏهن به
همٿ نه هاري ۽ کٻي هٿ سان لکڻ شروع ڪيو ۽ اهڙو ته
لکڻ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريائين جو اڳي کان اڳرو ۽ ٻه
قدم اڳتي وڌايائين. محنت ۽ مشقت جي ڪري لاجواب لکڻ
لڳو. ڄڻ ته هن جو ساڄو هٿ ڪَٽيو ئي نه ويو آهي،
ڪنهن کي به محسوس ٿيڻ نه ڏنائين. افسوس جو اهڙيءَ
حالت ۾ 56 سالن جي ڄمار ۾ 328 هجريءَ ۾ وفات
ڪيائين.
ابوالفضل جي مطابق ته ابن مقله معقلي ۽ ڪوفيءَ مان
اٺ خط اختراع ڪيا، جن ۾ 1-ثلث
2- توقيع 3- محقق 4- نسخ 5- ريحان 6- رقاع 7-
تعليق 8- نستعليق.
رسالئه خط وسواد ۾ مصنف مجنون بن محمود الرفيقي
لکيو آهي ته: ”معقلي، ڪوفي، ثلث، محقق، توقيع،
نسخ، ريحان، رقاع، تعليق ۽ نستعليق مروج ۽ معروف
خط آهن.“
مراة العالم جي مصنف لکيو آهي ته: ايام سلف ۾ عربن
۾ خط معقلي رائج هو. ان کان پوءِ خط معقليءَ مان
خط ڪوفيءَ جو استخراج ٿيو، اهڙيءَ طرح هيءُ خط،
عرب ۽ عجم ملڪن ۾ متعارف ٿيو.
خط ڪوفي اٽڪل پنج سؤ سالن تائين ڪتب نويسيءَ ۽
قرآن نويسيءَ ۾ مستعمل رهيو. خط ڪوفيءَ مان مختلف
علائقن جي نسبت سان ڪيتريون ئي شڪليون وجود ۾
آيون، جن جو مٿي بيان ڪيو ويو آهي.
بعض محققن جو خيال آهي ته ظهور اسلام جي وقت
عربيءَ ۾ ڪوفي خط رائج هو. سڀ کان مضبوط دليل
56هه/ 675ع ۾ نبي ڪريم صلي الله تعاليٰ عليه وآله
وسلم جا مختلف بادشاهن ڏانهن لکيل خط آهن، جيڪي خط
ڪوفيءَ ۾ هئا. جن جو ذڪر ٿي چڪو آهي.
ابن بواب:
ابن بواب جو پورو نالو ابوالحسن علي ابن هلال بواب
هو. هن جو پيءُ امير بويه جو دربان هو. جنهنڪري
”ابن بواب“ جي نالي سان مشهوري ماڻيائين. هيءُ
پنهنجي فن ۾ دُر يڪتا هو. ابن مقله جي وفات کان
اٽڪل 84 سال پوءِ پيدا ٿيو. هن فن ۾ ايتري ته محنت
۽ مشقت ڪئي، جو چوڏهينءَ جي چنڊ وانگر چمڪڻ لڳو.
خط نسخ ۾ صفائي ۽ رعنائي پيدا ڪري ان کي عروج
بخشيائين. خط نسخ جي حسن وجمال جو تاج ابن بواب جي
سِر تي آهي. هن مشهور ۽ معروف خطاط 413 يا 423هه
مطابق 1031ع ۾ بغداد ۾ انتقال ڪيائين.
ياقوت مستعصمي:
ابن بواب کان پوءِ ٽي يا قوت مشهور ٿي گذريا آهن.
پهرئين ياقوت جو نالو امين الدوله ابوالزر ياقوت
بن عبدالله موصلي شاهه سلجوقيءَ جو درٻاري هو ۽
ياقوت الملڪيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. هن 618هه/
1221ع ۾ موصل ۾ وفات ڪئي. ياقوت ٻئي جو نالو ياقوت
بن عبدالله الرومي الحموي هو، جنهن 636هه ۾ وفات
ڪئي.
ٽئين ياقوت جو اصل نالو ياقوت بن ياقوت بن عبدالله
رومي المستعصمي هو. هيءُ باڪمال ابوالمجد خواجه
عماد الدين روميءَ جي نالي سان پڻ مشهوري
ماڻيائين، هن کي خط نسخ جو امام ۽ موجد ڪوٺيو ٿي
ويو. سن 698هه/ 1299ع ۾ واصل باالله ٿيو. سندس هٿ
لکيل قرآن پاڪ ڪيترن ئي ڪتبخانن ۽ لائبريرين جي
زينت بڻيل آهن. سندس لکيل هڪ قرآن مجيد نواب زاده
سعيد الظفر خان بهادر ڀوپال جي ڪتبخاني ۾ موجود
آهي.
ايران جي مشهور خطاطن ۾ خواجه مير علي هروي گهڻو
مشهور رهيو آهي. ان کان پوءِ عبدالرشيد ويلميءَ جو
نالو به نهايت ادب ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو جيڪو
آقا رشيد جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ ايران کان
هندستان آيو جتي شاهجهان هن کي پنهنجيءَ درٻار ۾
داخل ڪيو ۽ شهزادن کي پڙهائڻ لاءِ استاد مقرر ڪيو.
هن بهترين ۽ مشهور خطاط اورنگزيب جي عهد ۾ 1081هه
۾ آگري ۾ وفات ڪئي.
ايران ۾ ٻيا به ڪيترائي مشهور ۽ معروف خطاط ٿي
گذريا آهن جن ۾ سلطان علي مشهدي، محمد حسين
تبريزي، مير عمادالحسيني قزويني، مرزا نورالدين،
امير جمشيد بيگ، مرزا ابوالبقا ۽ ٻين ڪيترن جائي
نالا وٺي سگهجن ٿا، جن جي ڪري خطاطيءَ جي فن وڏي
ترقي ڪئي. ننڍي کنڊ ۾ به نهايت ناليوارا خطاط ٿي
گذريا آهن. مغلن بادشاهن ته هن فن جي وڏي سر پرستي
ڪئي ۽ اوج تي پهچايو. مغل بادشاهه پاڻ به سٺا خطاط
هئا. اورنگزيب خط نسخ تمام سهڻي نموني ۾ لکندو هو.
هن جي هٿ سان لکيل قرآن مجيد اڄ به ڪيترين ئي
لائبريرين جي زينت بڻيل آهن. مغلن ۾ اورنگزيب
عالمگير ۽ آخري بادشاهه بهادر شاهه ظفر به سٺا
خطاط هئا.
تاريخ شاهد آهي ته ننڍي کنڊ ۾ خطاطيءَ کي مسلمانن
جي اچڻ سان فروغ مليو. ڀنڀور جي کوٽائيءَ وقت مسجد
مان هڪ ڪتبو مليو آهي، جيڪو ”خط ڪوفيءَ“ ۾ لکيل
آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾
خطاطيءَ جي فن جا آڳاٽا آثار ٽين صدي هجري/ نائين
صدي عيسويءَ ۾ ڀنڀور جي جامع مسجد جي ڪَتبن ۾ ملن
ٿا جيڪي ”گلڪاري ڪوفي“ رسم الخط ۾ سينگاريل آهن.
ان کان پوءِ چئن صدين کان وڌيڪ عرصي جو وڏو خال
آهي، جنهن ۾ خطاطيءَ جو ڪو به نمونو نظر نه ٿو
اچي. جيتوڻيڪ فن ختم ڪو نه ٿيو هو ۽ هلندڙ هو.“ (ص
16)
ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو ته ”شروع واري دوي ۾ سنڌ
اندر عربيءَ جو ڪوفي رسم الخط رائج هو، جنهن ۾
لکيل ڪَتبا ڀنڀور جي جامع مسجد جي کنڊرات مان مليا
آهن. سنڌ به پهريائين ڪوفي خط ۾ لکي وئي. پوءِ
جڏهن چوٿين صدي هجريءَ ۾ نسخ خط رائج ٿيو ته ان خط
۾ لکي وئي. ان بعد ايندڙ صدين ۾ سنڌي هميشه لاءِ
نسخ رسم الخط ۾ لکجڻ لڳي، جيئن اڄ تائين لکجي ٿي.“
(ص 10)
ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي ڪوفي خط جي باري ۾
لکي ٿو ته:
تاريخي روايتن جي آڌار تي اهو معلوم ٿئي ٿو ته
”ڪوفي خط“ جاين جي سونهن ۽ سينگار لاءِ استعمال ۾
ايندو رهيو ۽ انهيءَ جو رواج عباسي خلافت جي زماني
۾ فاطمين مصر جي دور ۾ گهڻو عروج تي رهيو. خطاطيءَ
کي ان دور ۾ سڀ کان نهايت اهم فن سمجهيو ويندو هو.
انهيءَ جو اثر سنڌ ملڪ تي گهڻو پيو. سنڌ ۾ عربن جو
تسلط اٽڪل ٽي سو ورهين تائين قائم رهيو. سنڌ جي
قديم شهر ڀنڀور جي کنڊرن جي کوٽائي ڪندي اهڙا
خطاطيءَ جا نمونا مليا آهن، جن مان ڪوفي خط جي
تصديق ٿئي ٿي. اهو زمانو شايد سن 224هه/ 906ع جو
آهي.“
]مهراڻ
2/1979ع- ص 181[
ڪتابن جي اڀياس مان اِن ڳالهه تي پهچجي ٿو ته سنڌ
۾ خطاطيءَ جي فن جي تاريخ ڪوفي رسم الخط سان شروع
ٿي آهي. جيڪو اڄ ڪلهه خط نسخ رائج آهي، سو اٽڪل
چوٿين صديءَ جو چيو وڃي ٿو. جڏهن عربي ۽ فارسيءَ
جو زور ختم ٿيو، تڏهن سنڌي خوش نويس ۽ ڪاتب ساماڻا
ته سنڌي خطاطيءَ نسخ خط ۾ نالو ڪڍيو. اڻويهين
صديءَ جي وچ ڌاري وڏي عالم ۽ محقق رچرڊ برٽن
]1821ع-
1890ع[
پنهنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي تصديق ڪئي ته ”سنڌ
جا ماڻهو (ڪاتب) ڪنهن زماني ۾ خوشنويسي ۽ خطاطيءَ
۾ مشهور هوندا هئا. هن وقت به هنن وٽ ٽن خطن: نسخ،
نستعليق ۽ شڪسته ۾ لکن ٿا. مون سنڌ ۾ نسخي اکرن جا
تمام سهڻا نمونا ڏٺا آهن ۽ عام طرح چڱيءَ طرح لکيا
ويندا آهن. ڪوفي اکر هاڻي ماڻهن کان بلڪل وسري ويا
آهن.
]برٽن
ص 138[
ماضي بعيد ۾ ڪاتب ۽ خطاط کي نهايت قدر جي نگاهه
سان ڏٺو ويندو هو ۽ انهن جي ڪافي قدرداني ڪئي
ويندي هئي. اسلامي عهد ۾ خطاطيءَ جا اعليٰ ۽
خوبصورت نمونا نشانبر ٿيا. خاص ڪري قرآن پاڪ مختلف
صورتن ۾ لکيو ويندو هو. تاريخي ڪتابن جي اڀياس مان
واضح ٿو ٿئي ته قرآن پاڪ جا مختلف لکيتن ۾ ڪيترائي
قلمي نسخا مختلف لائبريرين ۽ ڪتبخانن ۾ موجود ۽
محفوظ آهن. اهڙيءَ طرح حضرت عثمان غني رضي الله
تعاليٰ عنه جو ڪتابت ڪيل قرآن مجيد جو هڪ نسخو
ڪراچيءَ جي هڪ لائبريريءَ ۾ موجود آهي، ان جو نالو
هن وقت ياد نه آهي، اهو مذڪوره نسخو ’خط ڪوفيءَ‘ ۾
لکيل آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائي لکي ٿو ته:
”عباسي خليفن جي دور ۾ سندن برمڪي وزيرن جي ڪوششن
سان بغداد ۾ ڪاغذ سازيءَ جو ڪارخانو پيو. ان ڪري
ڪتاب جي فن وڏو عروج حاصل ڪيو. عربي دور ۾ سنڌ
اندر ”ڪوفي خط“ ۽ خط نستعليق جو رواج پيو.“
خطاطي هڪ جُدا، ڏکيو ۽ محنت طلب فن آهي جهڙو تهڙو
ته هن فن تي ڪا به مهارت ۽ مَلڪو نه ٿو رکي سگهي.
سنڌ ۾ سمن جي سلطنت ۾ اسلامي تعليم کي گهڻو زور
وٺايو ويو. هن ئي دور ۾ تعليم سان گڏ هنر کي پڻ
هٿي ڏني وئي. سما حاڪم اسلامي تعليم ۽ هنر جا وڏا
وينجهار ۽ دلداده هئا ۽ اڄ به سندن دور کي نيڪ
نگاهن سان ڏٺو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. اهو به الم نشرح
آهي ته ان وقت ٺٽي ۾ وڏا چار سو مدرسا هئا. هن مان
ظاهر آهي ته خطاطي ۽ هنر جي فن ۾ ٺٽو نهايت
شاهوڪار هو، جنهن لاءِ مختلف تاريخي ڪتاب گواهه
آهن. سمن جي وقت ۾ ٻين ملڪن کان ڪيترائي خطاط،
عالم، خوش نويس، مشائخ ۽ شاعر سنڌ ڏانهن خاص ڪري
ٺٽي ڏانهن ڏورانهان پنڌ ڪري آيا. سنڌ جي سمن حاڪمن
انهن ايندڙ خطاطن ۽ خوش نويسن جي خوب همت افزائي
قدرداني ٿي ڪئي ۽ خطاطي ۽ مصوريءَ جي خوب سرپرستي
ڪئي. سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي ”ڪوفي خط“ جو رواج هو. وچ
ايشيا کان ايندڙ عالمن جي اثر هيٺ ”خط نسخ“ ۽ ”خط
نستعليق“عام ٿيو، جتي جتي سنڌ ۾ پراڻيون عمارتون،
مسجدون، مقبرا ۽ ٻيا ڪي يادگار ملن ٿا، تن تي
نهايت ئي نفيس ۽ شاندار ڪم ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهي سمن
جي دور جون آهن ۽ مٿن جيڪي ڪَتبا ۽ عربي عبارتون
آهن، سي ”ڪوفي خط“ ۾ آهن.
”سمن جي دور جي عمارتن مان شيخ حماد جمالي، ڄام
تماچي ۽ ڄام نظام الدين جا مقبرا مڪلي ٽڪريءَ تي
تعمير ٿيل آهن، انهن جي ساخت ٻُڌڪي طرز جي ڏسڻ ۾
اچي ٿي. انهن مقبرن مان ڄام نظام الدين سمي جو
مقبرو فنِ عمارت سازيء جو هڪ بهترين ۽ نادر نمونو
آهي. هن مقبري جي بناوٽ گجراتي، هندو اسلامي ۽
خالص سنڌي طرز جي دلڪش امتياز جو عجيب شاهڪار
آهي.“
]مڪلي
نامه -ص 99[
تاريخي ڪتابن جي اڀياس مان معلومات ملي ٿي ته ٺٽي
۾ به اوائلي دور ۾ ”ڪوفي خط“ ٻن نمونن ۾ مروج هو.
شايد اهو خط سموري سنڌ ۾ رواج هيٺ هو. اهو ڪوفي خط
جاين ۾ تعميرات ۾ استعمال ٿيندو هو. جن سان جاين
جي سونهن ۾ واڌارو ايندو هو. هن سان گڏ ٺٽي ۾ ”خط
نسخ“ ۽
”خط ثلث“ جا به ڳچ نمونا مليا آهن. سما دور جي
سپهه سالار ۽ وزيراعظم دولهه درياخان جي مقبري جي
دروازي تي ڪتبا پٿر تي اُڪريل آهن، انهن ڪَتبن تي
قرآن پاڪ جون آيتون ”خط نسخ“ ۾ لکيل آهن جن جو
ڪاتب ان وقت جو ٺٽي جو مشهور خطاط قطب الدين بن
محمود آهي. انهن ڪتبن تي جمادي الاول 895 هجري
لکيل آهي. هيءَ خطاطي نهايت صاف سٿري ۽ ڏسڻ وٽان
آهي. سنڌ جي حاڪم ڄام نظام الدين جي مقبري جي
ديوارن تي پڻ جيڪا اُڪر ٿيل آهي، سا ”خط نسخ“ ۾
آهي.
سمن جي دور کان وٺي ويندي انگريزن جي عهد حڪومت
تائين جيڪا خطاطيءَ جي اُڪر ملي ٿي، سا ’خط نسخ‘،
’خط نستعليق‘، ’طغرا نويسي‘،
’خط ثلث‘ ۽ ’خط تعليق‘ ۽ ’خط ڪوفيءَ‘ وغيره ۾
ڪيترن ئي نادر نمونن ۾ آهي. هنن دورن ۾ پڻ ڪيترن
ئي مشهور خطاطن ۽ خوش نويسن جا نالا نروار ٿيل
آهن، جن جو ذڪر مختلف تاريخي ڪتابن، تحفةالڪرام،
مقالات الشعراء، حديقة الاولياء ۽ تحفةالطاهرين
کان سواءِ ٻين ڪيترن تذڪرن ۾ ملي ٿو. هالا،
نصرپور، بکر، سيوهڻ ۽ حيدرآباد ٽالپوري عهد ۾
خطاطي ۽ خوشنويسيءَ جا وڏا ۽ اهم مرڪز ليکيا ٿي
ويا.
انگريزن جي دور حڪومت ۾ هن فن جو رواج هوريان
هوريان ٿي ختم ٿي ويو. هن عهد ۾ ليٿو پريسون ۽
ڇاپخانا وجود ۾ آيا، جتان سنڌي ٻوليءَ جا اوائلي
ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيڻ لڳا. انهن سنڌي ڪتابن جي ڪتابت
۾ سنڌي عالمن ۽ خوش نويسن جو وڏو ڪردار آهي ۽ اهي
ڪاتب طور سڏجڻ ۾ آيا ۽ مشهور ٿيا. اهو سمورو ڪم
عربي سنڌي خط ۾ ڪيو ٿي ويو. هن وقت اهي پريسون ۽
ڇاپخانا ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ اچي ڪمپيوٽر
والاري آهي. گهڻي قدر ڪتابت جو ڪم ختم ٿي چڪو آهي.
اهڙيءَ ريت خطاطيءَ جو پڻ نالو نشان به ڪو نه ٿو
ملي.
انگريزي عهد ۾ عالم، خوش نويس، ڪاتب، شاعر، حافظ ۽
قاري ته گهڻائي آهن، پر هن دور جي علامه محمد
هدايت علي نجفي تارڪ رح
]1894ع-
1939ع/ 1312هه- 1358هه[
کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي. هن جو جنم تعلقي
وارهه جي ڳوٺ لعلورانئڪ ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو
فقير الهداد عرف تراب علي هو. علامه تارڪ جي خوش
نويسي ۽ ڪتابت ڏسڻ وٽان آهي. ڪتابت جي هر فن ۾ دُر
يڪتا جو درجو رکندڙ هو. هن فقيرتن شخص سنڌي علم و
ادب کي تصنيفن ۽ ترجمن جي صورت ۾ رڱي ريٽو ڪري
ڇڏيو، جنهن جو ڪو جواب ئي نه آهي. نهايت مختصر عمر
۾ گهڻو ڪم ڪري ڏيکاريائين سندس تصنيفن ۽ ترجمن جي
مسودن جو ڪاٿو اٽڪل ٻن سَوَن تائين پهچي ٿو. علامه
نجفيءَ جي هر ڪم تي هر رخ کان تحقيقي مقالا لکرائي
سگهجن ٿا. هيءُ هڪ گهڻن پاسائين شخصيت آهي. تارڪ
فقير جي لکڻ جو انداز ئي نرالو آهي. سندس اکر اهڙا
ته صاف سُٿرا ۽ سهڻا آهن، جو موتين کي مات ڏئي
ڇڏين ٿا. سندس قرآن پاڪ نالي ’جواهرالقرآن‘ جو
قلمي نخسو سال 2009ع ۾ دوست ميان علي نواز کان هن
اسير حقير کي دستياب ٿيو. جيڪو قرآن پاڪ جي چونڊ
آيتن تي مشتمل ۽ 192 صفحن تي روشني وجهي ٿو.
’جواهرن القرآن‘ جو مهاڳ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي جيڪو
ويهن صفحن جو آهي. ان کان پوءِ ايڪيهين صفحي کان
’جواهرالقرآن‘ شروع ٿي 192 صفحن تي پهچي ختم ٿئي
ٿو. قرآن پاڪ جو متن خط ڪوفيءَ ۾ لکيل آهي جيڪو
ڏسڻ وٽان آهي.
انهن آيتن جي ڪتابت مان اندازو ٿئي ٿو ته خط ڪوفي
ڪُنڊن جي صورت ۾ لکيو ويندو هو. عام طور تي خط
ڪوفيءَ کي عراق جي شهر ڪوفي ڏانهن منسوب ڪيو وڃي
ٿو. ”خط ڪوفيءَ جي نالي جو سبب هيءُ آهي ته اسلام
جي اچڻ آباد هو. هتي سرواني خط مان هڪ مخصوص خط
وجود ورتو، جنهن کي هن شهر جي نسبت سان خط ڪوفيءَ
جو نالو ڏنو ويو. حرب بن اُميه هن کي ڪوفي مان مڪي
مڪرمہ پهچايو، جتي هيءُ خط ڪوفيءَ جي نالي سان
رائج ٿي ويو.“ ليڪن خط ڪوفي هن کان گهڻو اڳي وجود
۾ اچي چڪو هو ۽ هن مان ڪيترائي خط جا قسم نڪري
نروار ٿيا هئا، جن کي آءٌ اڳ ۾ بيان هيٺ آڻي چڪو
آهيان. هيءُ خط پراڻي عربي رسم الخط سان تعلق رکي
ٿو. شروعات واري زماني ۾ قرآن پاڪ هن ئي خط ۾ لکيو
ويندو هو. حضرت عثمان غني رضي الله تعاليٰ عنہ جو
ڪتابت ڪيل قرآن مجيد ڪوفي خط ۾ آهي.
هن وقت جيڪا خط ڪوفيءَ ۾ ڪتابت سامهون آئي آهي،
اها علامه تارڪ نجفيءَ جي آهي. علامه نجفيءَ جو ڪم
نهايت گهڻو آهي. نجفي سائينءَ جو جيڪو به قلمي
مسودو ملي ٿو، ان جي آخر ۾ يا ان جي منڍ ۾ تاريخ ۽
سن وغيره لکيل ملي ٿو. علامه تارڪ جواهرالقرآن سال
1931ع/ 1349هه ۾ لکي پورو ڪيو. علامه هدايت علي
فقير جي هن ڪتابت مان واضح ٿو ٿئي ته هو مختلف خط
ڄاڻندو هو. هن وقت اها ئي ڪتابت سامهون آئي آهي،
جنهن کي بنياد بنائي هيءُ مقالو تيار ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ ريت خط ڪوفيءَ جي تاريخ کي پڻ نروار ڪيو
اٿم. ان مان ظاهر آهي ته خط ڪوفي مختلف مرحلاطيء
ڪندو اچي انگريزن جي عهد تي پنهنجي پڄاڻيءَ کي
پهتو.
مددي ڪتاب:
1- بخاري، يوسف سيد
]1959ع[،
خطاطي اور همارا رسم الخط، ايڇ، ايم سعيد ڪمپني،
ناشران وتاجران ڪتب پاڪستان چوڪ ڪراچي.
2- برٽن، رچرڊ
]1971ع[،
سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون، مترجم، محمد
حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد سنڌ.
3- بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر
]1992ع[،
سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار
ادارو حيدرآباد.
4- خانائي، حامد علي
]2/1979ع[
سنڌ ۾ خطاطيءَ جي شروعات، (مضمون) ٽماهي ”مهراڻ“
سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
5- قانع، ميرعلي شير
]1994ع[،
سيد حسام الدين راشدي، مڪلي نامه، سنڌي ادبي بورڊ
حيدرآباد سنڌ
6- محمود، قاسم سيد (؟) اسلامي انسائيڪلوپيڊيا،
شاهوڪار بُڪ فائونڊيشن .
7- ميمڻ، بشير احمد
]جنوري
1994ع[،
خطاطيءَ جي دنيا ۾ مسلمانن جو حصو، ماهوار نئين
زندگي
]2-3-
ذوالحج 1437هه[
حيدرآباد سنڌ.
|