سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:10 

علي رضا قاضي

 

 

 

مسرور پنائيءَ جي شاعريءَ ۽

شخصيت جو مختصر اڀياس

شخصي سڃاڻپ:

مسرور پنائي جو اصل نالو محمد خان هو، هن جو جنم حاجي نبي بخش سولنگي جي گهر 25 آڪٽوبر 1947ع ڌاري ڳوٺ پنو سولنگي،  تعلقي ڀريا، ضلع نوشهرو فيروز ۾ ٿيو. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي حاصل ڪيائين، ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي تعليم کي اڳتي وڌائي ايم.اي سنڌيءَ ۾ ڪئي. 1992ع ۾ بي ايڊ سکر مان ڪيائين. پاڻ پهريائين پرائمري استاد ٿيو، جنهن کان پوءِ تعليم کاتي ۾ سپروائيزر جي عهدي تائين پهتو، نامناسب حالتن جي ڪري وقت کان اڳ ۾ ئي 1998ع ڌاري رٽائرمينٽ ورتائين. مسرور پنائي جي باقي عمر عوامي خدمت ۽ جاڳرتا ۾ گذري، جنهن لاءِ هن شاعري کي مک ذريعي طور استعمال ڪندي، ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ نوجوانن جو هڪ اهڙو ٽولو تيار ڪيو، جنهن جو مقصد تر ۾ ٿيندڙ هر ظلم خلاف منظم نموني احتجاج ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو گهڻي قدر ڪامياب به ٿيو.

شاعري زندگيءَ جي مسئلن جي ترجمان آهي:

شاعري نرم و نازڪ احساسن ۽ ڪومل ڪيفيتن جي ترتيب ۽ توازن جو نالو آهي. شاعري اندر جي اظهار جو هڪ لطيف فن آهي. هيءَ اها ڏات آهي جيڪا اندر جي احساسن، ڪيفيتن، سماجي ڏاڍاين، اوڻاين، چڙهاين ۽ حالتن جي اثر هيٺ پلجي ٿي. شاعري  اصل ۾ ترتيب و توازن موسيقيت جو محرڪ آهي، اهو ئي سبب آهي جو شاعريءَ جو روح تائين اثر ٿئي ٿو. شيخ اياز به ان ڪري ئي ته چيو هو:

شاعري، جيڪا روح گرمائي نه ٿي،

سا منزل مقصود کي پائي نه ٿي.

سهڻا شعر چوڻ  قدرت جي طرفان ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آهي. شاعري ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه نه آهي. شاعري زندگيءَ جي انهن حالتن جو تجزيو آهي، جيڪي شاعرانه صداقت ۽ حسن جي قانون مطابق مقرر ڪيون ويون آهن.

شاعري نه رڳو جمالياتي ذوق جي تسڪين جو باعث آهي، پر زندگيءَ جي مختلف مسئلن جي ترجمان پڻ آهي؛ پوءِ اهي مسئلا انفرادي هجن يا اجتماعي. آرنولڊ پنهنجي مضمون 'The study of poetry'  ۾ لکي ٿو ته:

'Poetry is a criticism of life under the conditions fixed for such a criticism by the laws of poetic truth and poetic beauty.'

شاعريءَ جي سڀني لطيف پيراين ۽ تشريحن جي روشنيءَ ساهتي پرڳڻي جي خوبصورت شاعر مسرور پنائي جو ذڪر ڪنداسين، جنهن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نهايت عمدي انداز سان ڪيو آهي. مسرور پنائي جي شاعريءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي نج ٻوليءَ جي لفظن جو استعمال ٿيل آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد جڳھه والاري ٿي. سنڌي شاعريءَ ۾ گيت جي صنف تي طبع آزمائي ڪندڙ شاعرن جو هڪ وڏو انگ موجود آهي جن ۾ بردو سنڌي، استاد بخاري، مير محمد پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. سائين مسرور پنائيءَ کي به ان صف ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سندس گيتن ۾ ڳوٺاڻيءَ ٻوليءَ جو حسن، ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال، تشبيهون، استعارا ۽ اصطلاح، سنڌي سماج جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. هي اُهو شاعر آهي جنهن سنڌي ٻوليءَ جي جهول ۾ لفظن جا گُل ججهي مقدار ۾ پيش ڪيا آهن.

مسرور جي شاعريءَ ۾ انقلابي رنگ:

تاج جوئي جا لفظ آهن ته: جيئن برسات ڪڻين ۽ ڦوهاري جي ڦڙين ۾ فرق آهي، تيئن سچي اديب ۽ شاعر ۽ ڪوڙي اديب يا شاعر جي لکڻين ۾ به هڪ رنگي ۽ هڪجهڙائي نه هوندي آهي. ليکڪ ڌرتيءَ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ڌرتيءَ  جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جو فڪر نج سچو برسات _ ڪڻين جيان آهي، ۽ جيڪو ليکڪ ۽ شاعر ڌرتيءَ تان پير اکيڙي هوائن جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ هوائي قلعا اڏي ٿو، ان وٽ ڪجھ به ناهي ۽ جي آهيس ته اهو ڦوهاري جي ڦڙين جيان مصنوعي آهي. ڌرتيءَ جو فڪر ئي سچو سگھارو آهي.

مسرور پنائيءَ جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان اٿاهه محبت وارو عنصر نمايان آهي. سندس هن نظم ۾ اهڙو مضبوط خيال ڏسي سگھجي ٿو. ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي سان مسرور پنائي ڪنهن ننڊ جي اوجھراڪيءَ ۾ ورتل ناهي، بلڪ حالتن کان بخوبي واقف رهندي سجاڳيءَ جي سُر سان آلاپ پيو آلاپي.

شاعري به مقصد ۽ رڳو پنهنجو ڀنڻ پٽڻ ۽ گھڻي کان گھڻي ڪرڻ، ڪنهن آباديءَ ۾ ٻوڏ مثل آهي. پر استاد مسرور جي شاعري مختصر سهي، ليڪن ٿر تي وسڪاري مثل آهي، جيڪا ٿوري وقت ۾ ساواڻ پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندس هي نظم ڌرتيءَ سان ناتي جي گهرائيءَ جو مڪمل احساس ڏئي ٿو.

ڪڏهن ڪانه ڪئي ٿئون، جي ڪئي سين بغاوت،

نه ڪي تون ئي رهندي، نه ئي تنهنجي سياست.

اسان جي هٿن ۾ ٿئي باغين جا ٽولا،

بچي ڪونه سگهندي، ڀلي ڪر تون اولا،

سڙي ايئن ويندي، جئين ساڙن ٿا جهولا.

ڏئي منهن نه سگهندي، سان اهڙي عداوت،

ڪڏهن ڪانه ڪئي ٿئون، جي ڪئي سين بغاوت،

پڙهڻ ۽ پڙهائڻ اســـــــان ٿـــــــا سيکاريون،

وٺـــــــڻ حـــــــق وٺائڻ اســـــــان ٿـــــــا سيکاريون،

ڪٽڻ سر ڪٽائڻ اســـــــان ٿـــــــا سيکاريون.

ڪير خوب ڄاڻون ســـــــرن جي سخاوت.

ڪڏهن ڪانه ڪئي ٿئون، جي ڪئي سين بغاوت،

رکـــــــون ڄـــــــاڻ ڪافي وٺـــــــي حـــــــق ڄاڻون،

هڻي ڌڪ تنهن کي هـــــــڻـــــــي ڌڪ ڄاڻون،

ڪپي هـــــــٿ تنهنجو، ڪٽي نڪ ڄاڻون.

اســـــــان کان آ روشن، دنـــــــيـــــــا جـــــــي شجاعت.

ڪڏهن ڪانه ڪئي ٿئون، جي ڪئي سين بغاوت،

ائـــــــيـــــــن سمجهه مسرور منصـــــــور آهيون،

جـــــــوان عـــــــزم همٿ کـــــــان مشهور آهيون،

ڏســـــــي دار مقتـــــــل ڊنـــــــا مـــــــور ناهيون،

اســــــــان انقلابـــــــن جــــــــي ڪئـــــــي آ امامت،

ڪڏهن ڪانه ڪئي ٿئون، جي ڪئي سين بغاوت،

نه ڪي تون ئي رهندي، نه ئي تنهنجي سياست.

مسرور پنائيءَ جو سياسي ۽ سماجي ڪردار:

محمد خان مسرور پنائيءَ جي فن ۽ شخصيت تي تحقيق ڪندڙ وزير فرهاد سولنگي هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته: مسرور پنائي هڪ انقلابي سوچ رکندڙ هڪ متحرڪ ڪردار هيو. پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽي ۾ ڪم ڪيائين. هن مقامي وڏيرن جي زيادتين خلاف هڪ منظم جدوجهد ڪئي. مقامي هارين، مزدورن، پورهيتن سان گڏجي سندن حقن جي حاصلات لاءِ تمام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان جدوجهد ۾ پاڻ ٻه ڀيرا جيل جون تڪليفون به سٺائين. هن هميشه کاٻي ڌر واري سياست ڪئي.

غريب، بي پهچ ۽ نادار ماڻهن سان گڏجي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وقت جي جابرن سان مهاڏو اٽڪايائين. پاڻ هڪ سماج سڌارڪ، استاد، خوبصورت شاعر هئڻ سان گڏ سريلي آواز جو مالڪ پڻ هيو، سندس ڪچهري، لباس ۽ سندس باوقار شخصيت جي ڪري علائقي جا ماڻهو کيس مان ۽ مرتبو ڏيندا هئا. پاڻ رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ گهڻو مصروف رهڻ لڳو. پاڻ ناظمي دور ۾ يوسي دليپوٽا جو نائب ناظم چونڊيو ويو. ۽ ان پليٽ فارم تان علائقي جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ لڳو.

هن ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار سان لڳايو ۽ پنهنجي علائقي ۾ ڪيترائي ڀلائي وارا ڪم ڪيا. هي دل جو نرم ۽ ٻين جي ڏکن تي ڏکارو ٿيڻ وارو حساس ماڻهو هو. سندس شخصيت ۾ بيمثال خوبيون هيون. هي پنهنجي دوستن سان بي انتها پيار ڪندو هو ۽ انهن سان ڏکن سکن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيندو هو. سندس شاعري ۽ آواز دل کي ڏاڍو وڻندا هيا، هي جنهن محفل ۾ پنهنجي شاعري ترنم ۾ ڳائيندو هو ته ٻڌندڙن تي ماٺ جي منڊ چڙهي ويندي هئي.

استاد مسرور پنائي، جنهن پنهنجي زندگي درس و تدريس کي ارپيندي به پنهنجو پاڻ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مسڪين ماڻهن جي ڏکن سورن کي ونڊڻ ورهائڻ ۾ صرف ڪري ڇڏي آهي.

مسرور جي شاعريءَ ۾ اندر جا احساس اهڙي طرح اوتيل آهن جو پڙهندڙ ڪافي وقت تائين انهن ۾ گهڙيو گم ٿيو وڃي. هن جو گيت جنهن ۾ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪٿا آهي، جيڪا رات جو پنهنجي محبوب جو انتظار ڪري ٿي انهن ڪيفيتن جو بيان هڪ شاهڪار مختصر ڪهاڻيءَ جيان ئي آهي، جنهن جو ڪلائمڪس سچ ته هن کي سنڌ جي صف اول جي شاعرن ۾ بيهاري ٿو.

ڌار نه ڪر تون پاڻان راڻا، رات به ننڊ مون ڪانه ڪئي آ،

روح ڏنا اولاڻا راڻا، رات به ننڊ مون ڪانه ڪئي آ.

رات جي سانت اونائي ٽوڙي، هُلري هئي ڄڻ ماڻهو جهڙي،

چور کي جيئن آ چور سڏبو، اهڙا هيا اهڃاڻا راڻا.

ٽين ٽين ويجهو ٽيٽيهر جي ٿي، چُپ ڍڳن جي اوڳر جي ٿي،

ڪنڌ کڻي اوڪاسيم در ڏئي، ٻانهن جا ڏئي وهاڻا راڻا.

سُڪن پنن پيرن ڀُرٽو، جينڀن ٻانگهن جو ٿيو ڪُرٽو،

ڪَنُ ٺڪايم ساهه منجهايم، ٻير مان ڳيرا اڏاڻا راڻا.

مال جي ٽاهه تي ٽپ ڏنو مون، مسرور سمجهيم آيو آ تون،

چور ڏسي مون کان دانهن نه نڪتي، لڱ پنائي وساڻا راڻا.

مسرور جي شاعريءَ ۾ ڪلاسڪ :

مسرور صاحب جي گيت جي مطالعي مان اسان تي اهو واضح ٿئي ٿو ته گيت ازل کان هن ڌرتيءَ جي صنف ئي رهي آهي، هن ان صنف ۾ اهڙي ته پنجهائپ ڀري آهي جو ڪٿي به ڪنهن اوپرائپ جو احساس نه ٿو ٿئي. هونءَ به  شاعر پنهنجي خطي جو نمائندي واري حيثيت رکي ٿو، مسرور صاحب جي شخصيت ۾ اهڙيون خوبيون ظاهري توڙي شاعريءَ جي ذريعي نمايان نظر اچن ٿيون. مسرور پنائي جهڙن شاعرن کي ٻڌندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته گيت هن خطي جي کير جهڙين پاڪ ۽ مکڻ جي چاڻن جهڙين نرم، نِج ۽ خوبصورت احساسن جي صنف آهي. بحر وزن ڪنهن به شاعري ءَ ۾ هڪ ثانوي حيثيت رکي ٿي، اصل ڳالهه آهي فڪري لاڙن ۽ محبت جي پرچار لاءِ مضبوط خيالن جي! ظاهر آهي محبت جا لطيف جذبا ڪنهن هڪ سهڻي جي سونهن ۽ ادا جي ڪيفيتن مان جنم وٺن ٿا؛ اها ڳالهه به طئي آهي ته سونهن جي سرڪار کي دل ۾ جايون ڏيڻ سواءِ  انسانيت ۽ بعد ۾ الله سان محبت جا تصور ممڪن ناهن. گيت جي صنف ۾ مسرور وٽ اهڙي سونهن ڀرئي محبوب جي ادائن جي اظهار ۾ به ذري برابر بخيلي ڪانهي، سندس هي گيت اهڙن خيالن سان ڪمال جو ڀرپور آهي. ڇا ته سلاست ۽ رواني آهي، سندس هن گيت ۾!

ڪونه آئين کوڙ ٿي ويا ڏينهڙا،

ذهن ۾ خيالن ڪيا هن ڊيهڙا.

ياد تنهنجيءَ ۾ ڀنيون ڀريون رهن،

ويل ڪا واندي ڏسي ٽميو پون،

ڪونه ٿيون اکڙيون به ڪن اوچيئڙا.

وهم ويڙهي ٿي ويهان مان سيءَ کان

سوال ٿي هر هر پڇان پئي جيءَ کان

ڇو ڪرين ٿو سيءَ ۾ اوسيئڙا

ريل جون ڪوڪون ٻڌان در تي اچان،

ڪونه ٿي توکي ڏسان اکڙي پوان،

روح ۾ پئجي وڃن اوٽئيڙا.

مان ته سمجهان ٿي ائين ’مسرور’ تون،

روڪجي پيو آن ڪٿي مجبور تون،

يا ته تو لاتا نوان ڪي نينهڙا.

مسرور، غزل جو شاعر:

ڪشنچندبيوسکان وٺي بلبلکورواهيءَ تائين اٽڪل پنجاهي کن اهڙا شاعر آهن، جن نه رڳو گيت لکيا پر اُنهن جي گهاڙيٽي، اسلوب، مواد ۽ پيرايي وغيره ۾ خاص تجربا پڻ ڪيا. جن ۾ هوندراج دکايل، کيئلداس فاني، هري دلگير، لطف الله بدوي، عبدالڪريم گدائي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، نياز همايوني، شيخ عبدالرزاق راز، تنوير عباسي، بردو سنڌي، گوروڌن ڀارتي، شاهنواز شاهه، عارف الموليٰ، شمشير الحيدري، ڪمل ڪيولراماڻي پياسي، سروپچندر شاد، بشير مورياڻي، قيوم طراز، بلاول پرديسي، منظور نقوي، عبدالجبار جوڻيجو، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مصراڻي، استاد بخاري، ذوالفقار راشدي، موتي پرڪاش، ڪرشن راهي، رحيم بخش قمر، تاج بلوچ، قمر شهباز، امداد حسيني، آٿم ناٿن شاهي، الطاف عباسي، فتاح ملڪ، غلام حسين رنگريز، راشد مورائي، تاجل بيوس، ناشاد، مير محمد پيرزادو، انور پيرزادو، مسرور پنائي، اطهر منگي، اياز گل، نصير مرزا، مختيار ملڪ، تاج جويو، ماٺيڻو اوٺو وغيره اچي وڃن ٿا، انهن سڀني ۾مسرور پنائي نه فقط گيت جو اعلي شاعر هو پر هن جي غزل ۾ رواني  به غضب جي آهي.

وارن جو واه ڀاڪـــر ڇوڙي ڇڏيئه ڪـــــــلهن تـي،

ٿڌڙي هوا نچي پئي، ڄڻ ريشمـــي چڳــــــــن تـي.

سرمـــــون اکين ۾ پائي، لالـــي لبن کــــي لائــــي،

ڄـــــــڻ باک کــــي نوائــــي آندو اٿئــي چپن تـــــــي.

نيڻن کي تو نـــــوايو، ڄڻ ڏينهن موڪـــلايــــــــــو،

سانجهيءَ به سر جهڪايو مينديءَ رتن هٿن تــي.

ڀلجـــي پوان ڀرن تـــي ۽ ڪڻڪ جــي سنگن تــي،

مـــوهيڙا ڄڻ ڳٽــن تـــي، پيرون پڪــــا ڀِٽن تـــــي.

چولــــــو چٽو سبائــــــي ’مسرور‘ گــــــــل ڀرائــــــي،

سينــــــــي رکيئه سجائــــــي انگـــور جي ڇڳن تــي.

مسرور، جياپي جو شاعر:

مسرور جي شاعري ۾ جواني اٿلون کائيندي ملي ٿي، جيتوڻيڪ هن جي شاعري هن جي پوئين عمر ۾ منظر عام تي آئي پر سنڌ جي جنهن ڪنڊ ۾ جنهن به هن شاعري ٻڌي مسرور کي جوان سال سمجهندي هن سان ملاقات جي آرزو ڏيکاري، ان ڪري هن جي اوتاري تي هر وقت ميلا متل هوندا هوندا، مسرور جو هڏ ڪاٺ 60 سالن ۾ هجڻ جي باوجود جوان سال هو. مسرور جي ڳالهه ڪندي مونکي اعجاز منگي جو اهو ڪالم ياد اچي ٿو جنهن ۾ هن پشتو جي قومي شاعر ۽ خٽڪ خاندان جي سردار خوشحال خان خٽڪ  جو هڪ واقعو لکيو ته: خوشحال خان خٽڪ سٺ سالن جي عمر ۾ هڪ نئين نويلي ڇوڪريءَ سان شادي رچائي، شاديءَ جي رات ان ڇوڪريءَ خوشحال خان کي چيو ته ‘خوشحال، منهنجي پير جي آڱوٺي ۾ چڪ ته پاءِ!’ خوشحال خان ان نئين نويلي ڇوڪريءَ جي مينديءَ رتي پير جي آڱوٺي ۾ چڪ پاتو. خوشحال جي ڦدِ سان چڪ پائڻ تي ڇوڪري کِلي پئي، خوشحال ڄاڻي ويو. هڪ شيدي غلام کي سڏي ان ڇوڪريءَ جي ٻانهن سندس حوالي ڪري ڇڏي. سال بعد خوشحال اندازو لڳايو ته ڇوڪريءَ جو ذهن ضرور ٺڪاڻي آيو هوندو، ڇو ته بادشاهي ٺٺ ٺانگر ۽ هڪ مزدور جي ڪفالت ۾ وڏو فرق آهي. خوشحال خان ان جوڙي کي هڪ گودام تي ڏسڻ ويو. ڏٺائين ته اهو شيدي غلام پٺيءَ تي ٻوري کڻي ٿو ۽ هوءَ کيس ٻوري کڻائڻ ۾ ٽيڪ ڏئي ٿي. هو غلام تيستائين ٻوري نه ٿو کڻي، جيستائين هوءَ کيس چمي ڏيڻ نه ٿي ڏئي؛ ۽ چمي ڏيڻ سان هن ڇوڪريءَ جي ڪيفيت هڪ پهاڙي گل جي ٽڙڻ واري ٿي وڃي ٿي. ان منظر کي ڏسي خوشحال خان هڪ شعر چيو، جنهن جو مفهوم اهو آهي ته:

عمر جي وٿيِءَ کي سون جي پگھاري سان پُر ڪري ڪونه سگھبو.‘

اهي صاف حقيقتون اهڙيون آهن، جن کي چڱا ڀلا ماڻهو به محسوس نه ٿا ڪن. ان اهڙي گهربل سوال تي نوجوان شاعرن جا سوال ضرور اڀرندا آهن، پر حقيقت ۾ مسرور ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيو هن جي شاعري جوان هئي جواني ۾ گذاري ويو.

ڌڪ ڌڪ ٿي دلڙي ۾!

سانول جو خط کوليندي،

سانول جو خط کوليندي،

نانءُ پرين جو ڳوليندي.

ننڍڙا وڏڙا سڀئي پنا،

پڙهندي پڙهندي نيڻ ڀنا.

ڌڪ ڌڪ ڪئي…

ڏاڍي اٿم اون لکيئين،

هيل نه ايندس ڪونه لکيئين.

ڌڪ ڌڪ ڪئي…

ايندڙ عيد تي ايندس مان،

خوشخبري آڻيندس مان.

ڌڪ ڌڪ ڪئي…

ڀرٿ ڀريان ڏينهن ڳڻيان،

ڀلجي ٿي ‘مسرور’ پوان.

ڌڪ ڌڪ ڪئي…

مسرور جي انقلابي ۽ مزاحمتي شاعري:

شاعريءَ جون صنفون يا گھاڙيٽا پوءِ جو معاملو آهي، دؤر حاضر جي گھرج اها آهي ته اديب يا شاعر پنهنجي قوم سان ڪيترو سچو آهي، ان جا ٻه معيار نمايان آهن، هڪ: ڪنهن اديب جو فڪر ۽ ٻيو: ان جو ڪردار. انهن ٻنهي معيارن ۾ محمد خان مسرور پنائي هڪ ڪُندن سون مثل آهي.

هن جا گيت ۽ غزل پنهنجي جاءِ تي پر هن جا بغاوت سان لبريز نظم به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جنهن ۾ هن جون للڪارون واضح طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي نظم پڙهندي وار ڪانڊارجيو وڃن، وري وڙهڻ وري مرڻ جهڙا احساس زنده ٿيو وڃن.

اٿي اٿي او نوجوان، نظام کي مٽاءِ تون،

محبتون وڌاءِ تون، نفرتون گهٽاءِ تون.

ڊڙندو وڃي ٿو وقت، ديس کي لتاڙيون،

پر اسان سڀئي مليئون هٿ، کنهون پيا ڪياڙيون،

سوچ کي سنجي سگهو لانگ کي وراءِ تون.

هڪ جي ڪاڻ چارڻيون پون ٿيون ڳوٺ جون ڳئون،

ڇونه پنهنجي ديس تان گهور ٿي سڀئي پئون،

ذات پات ڌرم جا فرق سڀ مٽاءِ تون،

محبتون وڌاءِ تون، نفرتون گهٽاءِ تون.

جي گهرين ٿو تنهنجي در تي ان سنديون پليون هجن،

ڳوٺ کي هڪ ئي کڙهه، نه ايتريون کليون هجن.

آجپي جي ڪاڻ سڀ، ننڍا وڏا گڏاءِ تون،

محبتون وڌاءِ تون، نفرتون گهٽاءِ تون.

مال تان وڙهي ونيون ڏهاڳڻيون ڪيون اٿئي،

ڀيل تان يتيم ڪئي سهاڳڻيون ڪيون اٿئي،

رنج دشمنيون ‘پنائي’ ڀاءُ ٿي ڀلاءِ تون.

محبتون وڌاءِ تون، نفرتون گهٽاءِ تون.

مسرور زنده رهندو:

مسرور زنده دل رهيو، آخري وقت تائين وڙهڻ جي عزم سان ڀرپور پر ڪجهه ڳالهيون ماڻهو کي زنده ماري ڇڏينديون آهن. انهيءَ حوالي سان محقق وزير فرهاد سولنگي لکيو آهي ته: 5 جولاءِ 2004ع تي نيو جتوئي ۾ جمال الدين مومن جي ورسي ملهائي وئي. سڄي سنڌ مان اديب، شاعر ۽ علم دوست هن ميڙاڪي ۾ شريڪ ٿيا، سائين مسرور پنائيءَ به ان تقريب ۾ موجود هو. انهن ڏينهن ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي ڪينسر جي موذي مرض ۾ ورتل هوندي به پروگرام ۾ شامل ٿيو ۽ سڄي پنڊال جي پرزور اصرار تي سائين مسرور پنائي کان گيت ٻڌڻ جو مطالبو ٿيو، سائين اسٽيج تي اچي پنهنجي پرسوز آواز ۾ گيت چيو:

هيکل هيکل روز منجهند جو،

ڪنهن جي قبر تي ويندين آهين.

روئي روئي ڀورا، ڀورا، ڇيهون ڇيهون ٿيندي آهين.

گيت چوڻ دوران کيس دل جي تڪليف وڌي وئي، کيس گيت اڌ ۾ ڇڏڻو پيو ۽ پوءِ هيٺ لهي مون کي اچي چيائين ته گيت کي جتي ڇڏي آيو آهيان اتان وڃي ٻڌاءِ. مون سندس حڪم بجا آندو. انهن ڏينهن ۾ ئي اسان جي هن شاعر جي طبعيت خراب رهڻ لڳي، جنهن جو وڏو سبب سندس موڀي پٽ خالد مسرور کي لڳل ڪينسر جهڙو مرض هو. هو خالد جي خراب حالت کي ڏسي جهري پوندو هو، جنهن جو اظهار به ڪچهرين ۾ ڪندو رهندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن خالد هن کام موڪلائي ڌڻيءَ ڏينهن روانو ٿيو، نوجوان پٽ جي جوانيءَ واري موت مسرور پنائي  ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو ۽ هي ان جي وڇوڙي کي دل جو روڳ بنائي ويٺو ۽ اڪثر پنهنجي پٽ جي جدائي ۾ ويٺو نير وهائيندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري رات 10 آگسٽ 2004ع جو خالد جي جدائي ۾ هڪ نظم لکيو.

منهنجي مارن کي سلام چئجو،

منهنجي زندگيءَ جي ٿي وئي شام چئجو.

ننڍن ۽ وڏن کي ۽ سڀني گهرن کي،

منهنجي بيٺڪن ۽ گهٽين کي درن کي.

۽ جيجل امڙ کي اڃا جام چئجو،

منهنجي قبر تي پيا اچجو ۽ وڃجو.

دنيا مان هليو ويس ته دل مان نه ڪڍجو،

هوندو هو ڪو مسرور وٺي نام چئجو.

سندس هيءَ آخري نظم مرڻ وقت به سندس کيسي ۾ هو پاڻ صبح جو تيار ٿي ڀريا ۾ تعلقه ناظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ اجلاس دوران کيس سوا ڏهين وڳي دل جو دورو پيو جنهن ۾ پاڻ بچائي نه سگهيو ۽ پنهنجي دوستن، مٽن مائٽن کي جدائي جو گهاءُ ڏئي مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ هميشه لاءِ آرام ٿيو.

ڇا کان مسرور ويو ڇڏي توکي،

مون کان ماڻهو پڇن ٿا روزانو.

مسرور جون سمجهه واريون ڳالهيون:

 هن جي پهرين ورسي تي مان ساهتيءَ توڻي سنڌ جي هن عظيم ڏاهي شاعر کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ روزانه تعمير سنڌ ۾ هڪ تاثراتي مضمون لکيو هو، جيڪو اتاري پنهنجو هي مختصر مقالو پورو ڪريان ٿو:

محمد خان مسرور سولنگي، منهنجي ڳوٺ جو شاعر هو، عجيب انسان جنهن جي شخصيت کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي.

هو اشتراڪي خيالن جو ماڻهو هو. اسان ننڍا هئاسين، تڏهن هو ڊارون ازم تي ڪلاڪن تائين بحث ڪندو هو، تڏهن هن جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون! هاڻي جڏهن وڏا ٿيا آهيون ته مسرور جون ڪجهه ڳالهيون سمجهي سگهون ٿا، جن مان هڪ هيءَ به آهي ته ڪنهن زماني ۾ هر انسان کي پُڇ هوندو هو، جيڪو هاڻي به ڪجهه ماڻهن جي دماغن ۾ قائم ودائم آهي ۽ ٻارهن مهينا نڙ ۾ رکڻ باوجود سڌو ناهي ٿيندو!

مسرور، وڏي سوچ وارو انسان هو، هڪ ڀيري مون کي چيائين قاضي صاحب! عشق مرد کي چالاڪ ۽ عورت کي بهادر بڻائي ڇڏيندو آهي، ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ هڪ ڇوڪري، پنهنجي محبوب جي گهر جي لوڙهي وٽ پڪڙجي پئي، هوءَ ٽي ڪوهه لتاڙي پنهنجي دوست سان ملڻ آئي هئي، بعد ۾ ان کي ڪاريءَ جو لقب ڏئي ماري بٺيءَ جي نشان سواءِ پوريو ويو!

هن جون تخليقون ڪاري، ادراڪ، صبح ٿيڻو آ ضرور، ڳيرو، زندگيءَ مرڪي ڏنو هر دور جا شاهڪار نظم آهن. مسرور جي جديد سائنسي ۽ ترقي پسند خيالن کان تر جا ڀوتار ۽ ملا انتهائي خوفزده هئا… ۽ هڪ ڏينهن هڪ ٻيو خوف مسرور کي ان وقت ورائي ويو جڏهن جوان سالا پٽ خالد هن جي هٿن ۾ دم ڏنو. خالد، ڪينسر سان مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ پوءِ مسرور ۾ دنيا سان ويڙه جي سگهه نه رهي، ان ڪري ته هڪ ملي جي چوڻ تي پنهنجي شاهڪار گيت:

ڪڏهن ايندي جانئيڙا تون!

ڪڏهن ايندي سانولڙا تو!

لهندم سڪ اڪير سانول،

پوڄيان ويٺي پير سانول.

مان پوڄيان ويٺي پير سانول اهو مڃي ڪڍي ان جاءِ تي پوڄيان ويٺي پيار سانول اهو چئي شامل ڪيو ته پيرَ پوڄڻ شرڪ آهن.“

هاءِ ڙي زمانا……۽ پوءِ هڪ ڏينهن مسرور کي پنهنجون شڪستون ۽ ذلالتون نه وڻيون، هن جي دل هن جو ساٿ نه ڏنو، هو چپ ڪري هن دنيا مان هليو ويو.

مددي مواد

1.   پنائي، مسرور، زندگي ماڪ ڦڙا، سڪرنڊ/حيدرآباد: مارئي اڪيڊمي، 2004ع.

2.  پيرزاده، سائل، مضمون:  گيت گلن جا هار هٿن ۾ مهراڻ، ايڊيٽر نفيس احمد شيخ، ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ 2004ع.

3.  جوکيو، ڊاڪٽر الطاف، ”استاد غلام رسول ناطق جي شاعريءَ تي تنقيدي نظر“ گوگل بلاڪ.

4.  جويو، تاج، سنڌي گيت (ايم.اي سنڌي جو مونوگراف) ڄام شورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي، 1978ع.

5.  سولنگي، وزير فرهاد، مسرور پنائي، لفظن ۾ ساهه وجهندڙ شاعر گوگل بلاگ

.

وِکَ وڌائي رکجو!

 

اک ۾ لڙڪ لڪائي رکجو،
مُک تي مُرڪ سجائي رکجو.
سُورن کي سَرچائي رکجو،
پُورن کي پرچائي رکجو.
پير پِٿون ۽ پَٽ پٿرائون،
ويتر وِکَ وڌائي رکجو.
گهُگهُه اونداهي، تيز هوائون،
دل جو ديپ جلائي رکجو.
هڪ سِر آهي، سَوَ ته ناهن،
سوريءَ سيج سجائي رکجو.
رات به کٽندي، باک به ڦٽندي،
اکڙين کي جاڳائي رکجو.
ماڻهو لُوڻَ لپُون ڙي سائين،
دل جا زخم ڇُپائي رکجو.
ڪنڊا ڪنڊا موڙ مٿي تي،
مکڙين کي مهڪائي رکجو.
لڙڪ سمورا روئي ڇڏجو،
هڪڙي بُوند بچائي رکجو.

- امداد حسيني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org