جاويد عباسي
فقير جو پَڙُ
دروازي جو ڪُنڍو کڙڪيو، ”نَبن… او… نَبن…“ جو آواز
ٿيو، ته نَبن کٽ تان اُٿي جُتي پائڻ لڳو، ”آيو…
آيو…“ زليخان ڪمري مان نڪري آئي، ”ڪاڏي ٿو وڃين“،
نَبن مُرڪي زال کي ڏٺو، ”اڙي، خانڻ آيو آ… مڙئي
ٿوري ڪچهري ڪري اچان ٿو.“ نَبن جُتي پائي، ڪپڙا
ڇَنڊي ٻاهر نڪري ويو.
نَبن مزدوري ڪندو هو ۽ خانڻ وري گڏهه گاڏو
هلائيندو هو، بَند وٽ رهندا هئا، جتي شهر جا ڏتڙيل
۽ بي گهر ماڻهو ڪکاوان گهر اَڏي مڙئي ٻيا زندگيءَ
جا ڏينهن گهاريندا آهن، بک، ڏک، بيماري ۽ جهالت
هنن جو مقدر هوندي آهي ڪڏهن ڪڏهن ڪا خوشي کين ليئو
پائي ڏسندي آهي ته هفتن جا هفتا ان جي سرور ۾ گُم
هوندا آهن. هنن جي زندگيءَ وانگر، سندن خوشيون به
لوليون لنگڙيون هونديون آهن، گهڻو جٽاءُ ناهن
ڪنديون.
ٻئي ڄڻا صبح جو مزدوري ڪري روزي ڪمائيندا هئا ۽
شام مهل ٿوري دير لاءِ پاڙي جي ٿاٻي جهڙي هوٽل تي
ويهي چانهه جي چسڪي ۽ سگريٽ جي ڪش تي ڪچهري ڪندا
هئا. پورهيت هئا، جن کي بس زندگي گذارڻي هئي، ڀڳل،
ٽُٽل جهوپڙي نما سندن گهر هئا، جيڪي بند تي اَڏيل
هئا جي مڙئي چار ديواريءَ جو ڀرم رکيو بيٺا هئا،
نَبن کي هڪ ڌيءَ هئي، ٽن سالن جي، هن جو نالو رکيو
هئائين روشني، جيڪا نَبن ۽ زليخان جي زندگيءَ ۾
واقعي به روشنيءَ مثل هئي، پر پوءِ به نَبن جي دل
۾ پُٽ جي شديد خواهش هئي، پُٽَ، پيءُ جا ڀرجهلا
هوندا آهن، نَبن جي خواهش جو سندس دوست، جانڻ کي
چڱيءَ ريت پتو هو.
”نَبن… ٻن ڏينهن کان پوءِ بابا سائين مست شاهه جو
عرس مبارڪ آ… هلنداسين.“
”نه يار… جانڻ، مون وٽ ايترا پئسا ئي نه آهن، ڀاڙو
خرچ ڪٿان ايندو، اڄڪلهه مزدوري به گهٽجي ويئي
آهي.“
”اڙي يار… هونئن وري ڪهڙو هزارين ڪمائيندا آهيون،
اها دال ماني ملي، شڪر آ، اڙي ٻڌو آ، درگاهه تان
جنهن به پُٽ لاءِ دعا گهري آ، سخي بادشاهه ان کي
نوازيو آهي، هَل درگاهه تي هلي پُٽ گهر.“
”يار دل ته ڏاڍي ٿي گهُري پر…“
”دل نه لاهه،گهڻو پري ناهي، پاڻ واري پجيرو تي
هلنداسين، ننگر پاڻي اتي جام آهي، پرئين ڳوٺ ۾ ئي
ته آهي درگاهه…“
پجيرو چوڻ تي نبن کان کِل نڪري وئي، جانڻ پنهنجي
گڏهه گاڏيءَ واري سواري لاءِ لفظ ’پجيرو‘ استعمال
ڪندو هو. ٻئي ڏينهن، ٺهي سنڀري ٻئي ڄڻا درگاهه تي
حاضري ڀرڻ لاءِ نڪري پيا، وڏو ميلو متل هو، ننڍا
وڏا، مرد عورتون، جوان پوڙها سڀ پنهنجي موج مستي ۾
هئا، هر قسم جي کائڻ پيئڻ جا اسٽال لڳل هئا، چؤڏول
هئا، مَلهه جا مقابلا هئا، ڇا نه هو، سڀ ڪجهه هو.
نبن درگاهه جي چائنٺ چُمي، اندر داخل ٿيو، مزار جي
بيرانڊي کي چُميو، مزار مٿان چڙهيل چادر کي چُميو
۽ اکين تي رکيائين ۽ پوءِ سيرانديءَ کان ويهي دعا
گهُرڻ لڳو. ميلو هو، رش هئي، ڪو ڀتين کي اُگهي
رهيو هو، ڪو وِرد ڪري رهيو هو، ڪو تيل مکي رهيو
هو، ڪو اگربتيون ٻاري رهيو هو، نذر نياز ونڊجي
رهيو هو، هڪ سحر انگيز ماحول هو. نبن درگاهه تي
پُٽ جي لاءِ دعا گهُري، تڏهن درگاهه جي فقيرن
واتان خبر پيس ته پٽ جي دعا لاءِ پَڙُ باسڻ ضروري
آهي، نبن پَڙ باسيو، ٻاڏايو ۽ پوءِ ٻئي ڄڻا گهر
واپس وَريا.
رمضان جو ڀلارو مهينو شروع ٿي ويو هو، عبادتن ۽
روزن ۾ مصروف ٿي ويا، رمضان ۾ نماز نه پڙهڻ وارا
به نماز ۽ روزي جا پابند ٿي ويندا آهن، شايد انڪري
جو شيطان زنجيرن ۾ جڪڙيا ويندا آهن. عيد جي اچڻ
کان اڳ ماڻهن گهرن جي هَلڪي ڦُلڪي مرمت ڪرائڻ شروع
ڪري ڇڏي، مزدوري ملڻ لڳي، نبن کي به سٺي مزدوري
لڳي ته هن ڪجهه بچت ڪري سائين بابا مست شاهه جي
درگاهه لاءِ هڪ سُٺي چادر پَڙ جي باس ڪري وٺي رکي
ڇڏي. رمضان جي پوئين ڏهاڪي ۾ اڪثر ماڻهو اعتڪاف ۾
ويهي رهيا ته ڪم ڪار بنهه گهٽجي ويا. نبن پريشان ۽
مايوس رهڻ لڳو. مزدور ماڻهو روز ڪمائي، روز کائي،
بچت به ختم ٿي وئي، مٿان عيد، کيس سمجهه ۾ نه ٿي
آيو ته ڇا ڪري؟
”بابا… عيد جا ڪپڙا وٺي ڏي… نه!“ ننڍڙي روشنيءَ
جڏهن کيس ڳراٽي پائي، انگل ڪيو ته سندس هانءُ وڍجي
پيو. زليخان جي اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا. ڪيڏا نه
بيوس ٿي پوندا آهن، امان بابا جڏهن ٻچڙن جا انگل
پورا ڪري نه سگهندا آهن.
”زليخا…“ نبن اکين مان ٽمندڙ ڳوڙهن کي پيئڻ جي
ڪوشش ڪندي، زال کي سڏيو.
زليخا جي… کان وڌيڪ چئي نه سگهي، هن جو هانءُ به
ته وڍيل هو.
”تون ائين ڪر هُو سائين مست بادشاهه جو پَڙ آهي
نه، ان مان روشنيءَ جو وڳو ٺاهي وٺ.“
”پر هُو ته بَاس جو…“
”اڙي چري، الله ڏنو ته ٻيو وٺنداسين، ٻچڙيءَ جي
خوشي پوري ڪر.“
روشنيءَ عيد ڏينهن نئون وڳو پاتو ۽ پنهنجي سهيلين
سان گڏ جُهومندي مستي ڪندي رهي.
عيد گذري وئي، زندگيءَ جو وهنوار اڳي جيان هلي
پيو، پر نبن جي اڃا مزدوري نه لڳي. هُو پريشان رهڻ
لڳو هو، اوڌر به ڪافي وٺي چڪو هو، گهر ۾ به چاڪائي
نه هئس، زليخا جي طبعيت ۾ ڪجهه ڦير هو، تڏهن هڪڙي
شام کيس زليخا آهستي ڪَن ۾ ڪجهه چيس ته نبن ٽپو
ڏئي اُٿيو، گهران نڪتو ۽ ڊوڙندو وڃي پنهنجي دوست
جانڻ کي ٻک وڌائين.
”اڙي… ڇا ٿيو، نَبن، ڪو خزانو مليو اٿئي.“
”هار يار، خزانو آ… تنهنجي ڀاڄائي اُميد سان آهي،
هاڻي منهنجو دلمراد ايندو.“ نبن هڪ ساهيءَ ۾ سينو
ڦُوڪي فخر سان چيو ته جانڻ خوشيءَ مان وري کيس
ڀاڪر ۾ ڀريو.
”مبارڪون نبن، سائين مست بادشاهه تنهنجي ٻڌي، هاڻ
هل ته فقير جو پَڙ ڏئي اچون…“
”پُڙَ…“ نبن جي خوشي هڪ ڦُُوڪ ۾ اُڏامي وئي
مهراڻِ ايوب
پاڻياري
اُتي موجود سڀ کان اُتاهين ڀِٽَ تي ويهي هِن ڀِٽُن جي اڻ کٽ سلسلي ڏانهن پاٻوهه مان نهاريو جيڪي هن جون ننڍپڻ جون
ساٿياڻيون هيون. اڄ هو اِتي پنهنجي معمول واري وقت
کان پهرين اچي ويو هو. آسمان تي ستارا اڃا موجود
هئا جن تي غور سان نظر وجهڻ کان پوءِ هُن وري اُن
جڳهه جو ڪاٿو لڳائڻ چاِهيو جتي رڳو پاڻي ئي پاڻي
هوندو
هو. هو ائين ئي ڪندو هو، تڏهن کان جڏهن هُن اِهو ٻڌو هو ته
دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون جڳهون به آهن جتي رڳو پاڻي ئي
پاڻي آهي. اُتي ماڻهن کي پاڻي جي ڳولا لاءِ
ڏوراهان سفر ناهن ڪرڻا پوندا . شروع ۾ ته اها محض
هڪ ڏند ڪٿا ئي لڳندي هئي،
پر وري جڏهن سنگهار واريون آندل سمنڊن ۽ دريائن
جون تصويرون ڏسندو هو ته کيس احساس ٿيندو هو ته اِها
سچ پچ حقيقت آهي.
اڄ تائين به ڪڏهن ڪڏهن هُو بي يقين ٿي پنهنجو پاڻ کي چوندو هو ته
”ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ماڻهن کي بنهه ڪنهن مشڪل
جي سڻائي سان پاڻي ملي ويندو هجي.“
ان وقت کيس ائين لڳندو هُو
ته سڄو جهان صحرا آهي ۽ هر ماڻهو پاڻي لاءِ ائين
ئي جاکوڙ ڪندو هوندو جيئن هُو پاڻ. اهڙي ڪا جڳهه نه هوندي جتي ايتري
جهجهي مقدار ۾ پاڻي هجي. هُو
پاڻي لاءِ پياسي ٿر جي مٿان واري آسمان ۽ سمنڊن جي
مٿان واري آسمان ۾ فرق ڳولهڻ چاهيندو هو. سارنگ جو
خيال هو ته
”سمنڊن
جي مٿان چمڪندڙ ستارن ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن هُو
ان پاڻيءَ
جو عڪس ضرور ڳولهي وٺندو،
پر اڄ تائين آڪاش جي ڪا ڪنڊ اهڙي نه ملي هيس جنهن
کي ڏسي هُو چئي سگهي هان ته
”ها هي سمنڊن ۽ دريائن جي مٿان وارو آڪاس آهي.“
ننڍپڻ
۾
هُن الائي جي ڪٿان هڪ وڏي آرسي هٿ ڪئي هئي،
جنهن ۾ آسمان جو عڪس ڏسندو رهندو هو. آرسي کي ٻنهي
هٿن ۾ جهلي هوريان هوريان لوڏيندو رهندو هو، ائين
جو ان ۾ نظر ايندڙ آسمان پاڻي جي مٿان وارو آسمان
محسوس ٿيڻ لڳندو هو. سنگهار ته هِن جي اُن عجيب حرڪت تي ڏاڍو
حيران ٿيندو هو.
جنهن ڏينهن سارنگ جي پيدائش ٿي ان ڏينهن
هن ڀِٽُن
تي رحمت جو وسڪارو ٿيو هو. سندس ماءُ ۽ پيءُ سان
گڏجي سڄي ڳوٺ خوشيون ملهايون هيون. ساڳي سال
هنن جو فصل به سٺو ٿيو ته سڀ کيس خوشنصيب
سمجهڻ لڳا. هِن جو پيءُ پنهنجي گڏهه گاڏي تي ڳوٺ
کان ڪيئي ڪوهه پري ڪنهن ڳوٺ وٽان پاڻي ڀري پنهنجي
ڳوٺ ۾ وڪڻندو هو. توڙي جو ان کوهه واري کي به پيسا
ڏيندو؟ هو پوءِ به سندس گهر جو گذر سفر سٺو پئي
ٿيس. سارنگ اڃا ٻارهن ورهين جو مس ٿيو ته سندس
پيءُ فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هِن پاڻي ڀرڻ وارو
ڪم سنڀالي ورتو. شروع ۾ ته صبح سوير ئي پاڻي ڀرڻ
لاءِ نڪري ويندو هو، پر هاڻي جڏهن کان سڳنڌ ڳوٺ ۾ آئي هئي
تڏهن کان رات جي آخري پهر ئي ڳوٺان نڪري ويندو هو
۽ اڃا منهن اونداهي ئي هوندي هئي ته ڳوٺ واپس
پهچي ويندو هو.
آسمان تان ستارن موڪلايو ته هُن ڀِٽُن ڏانهن ڏسي مسڪرائيندي کين اِهو ٻڌايو ته صبح ٿي
ويو آهي ۽ اجهو هوءَ به پنهنجا گهڙا کڻي
ٿوراهو وٽ پهتي.
پاڻياريءَ
جي پيرن ۾ پيل ڪڙيءَ
۾ ٻڌل گهنگهرو جي ڇم ڇم جي آواز ٻڌڻ سان هن ائين
مسڪرايو ڄڻ ڀِٽن کي ٻڌائيندو هجي ته ”ڏسو هوءَ اڄ به پنهنجي مقرر وقت تي
ئي آئي آهي.“ بنا موڪلائڻ جي انهن ڀٽن کي پٺي ڏئي
اُن ڇم ڇم جي آواز جي تعاقب ۾ هيٺ ڀٽن کان ڪجهه
مفاصلي تي پنهنجي ڳوٺ جي واحد نعمت (جيڪا ڳوٺ وارن
لاءِ زحمت پڻ هئي)
’ٿوراهو
جي کوهه‘ ڏانهن ڏٺو.
کوهه کان ڪجهه مفاصلي تي پاڻياري جتي لاهي
کوهه ڏانهن عقيدت مان وڌي ته هو به ڀِٽَ تان لهي
آيو، جيستائين هو هيٺ پهتو، تيستائين هوءَ کوهه ڏانهن مُنهن
ڪري هٿ ٻڌي پراٿنا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي چڪي هئي، هٿ ٻڌي
ٿوراهو سان پنهنجو حال اورڻ لڳي. هُن کي مصروف
ڏسي سارنگ به پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ٻن سالن کان
اِهو سندن روز جو معمول هو. هوءَ سارنگ جي محبوبا نه هئي، پر کيس ڏسي شاهه جي شاعري ياد ايندي هئي بلڪه سارنگ جو ته
اِهو خيال هو ته جيڪڏهن شاهه صاحب هينئر حيات هجي هان ته هوءَ ان جي
سورمين مان هڪ هجي هان.
”اي پوتر ٿوراهو، تنهنجي هيءَ اڀاڳڻ ٻانهي هر روز
جيان تنهنجي بادشاهيءَ
۾ حاضر آهي ۽ وچن ٿي ڪري
ته سڄي ڄمار تنهنجي شڪرگذار رهنديس. تو ڪڏهن مون کي خالي نه موٽايو آهي،
تنهنجي ڪري مون کي منهنجي بدقسمتي جا طعنا نٿا
ٻڌڻا پون، تنهنجي رحم جي ڪري منهنجا گهر وارا معذوري کان بچيل آهن، اي
پاڪ ٿوراهو!
جيڪڏهن تنهنجي مهر نه هجي هان ته اسين به ٻين
ماڻهن جيان محتاج بڻجي وڃون هان، بس آءٌ توکي اها ئي التجا ٿي ڪريان ته
اسان تي اها ٻاجهه هميشه قائم رکجئين.“
ڪيتري ئي دير هوءَ کوهه سان ڳالهائيندي
رهي، پوءِ پنهنجا گهڙا کڻڻ لاءِ اٿي. تيستائين
سارنگ به پنهنجو ڪم ڪري هڪ ڀٽ جي پويان ٿي بيٺو.
ٻه گهڙا مٿي تي ۽ ٽيون چيلهه تي کڻي ٿوراهو کان
موڪلائيندي هلي ويئي،
پر پير جي ڪڙيءَ ۾ لڳل ننڍڙي گهنڊڙين جي ڇم ڇم جي گونج
اتي ئي رهجي ويئي. ڳوٺ جي چند عورتن ۾ اها
قوت هئي
جو
اهي ٻه گهڙا پاڻ ئي
اڪيلي سِر
مٿي تي رکي ٽيون چيلهه تي اهڙي مهارت سان رکنديون
هيون جو مٿي وارن گهڙن مان پاڻي هيڏي هوڏي نه
ٿيندو هو.
سڳنڌ به انهن چند عورتن مان ئي هئي ۽ سارنگ کي ان
وقت شاهه ڪريم واري
’پاڻياري‘
ياد اچي ويندي هئي جنهن کي ڏسي فرمايو هو ته:
”پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن،
اسان سڄڻ تيئن، رهيو آهه روح ۾.“
سارنگ به ڀٽ جي اوٽ مان نڪري اچي هُن کي
ويندي ڏسڻ کان پوءِ اڳيان اچي واريءَ تي ڇڏيل هُن
جي قدمن جي رَندن کي غور سان ڏسڻ لڳو، ڏسندي ڏسندي بادِ
صبا ان جي قدمن جي واريءَ
کي ساڻ کڻي ويئي ته سارنگ جي چپن تي
اُداس
مرڪ تري آئي. هُو
انهن نشانن کي دل ڀري ڏسڻ چاهيندو هو،
پر ان کان پهرين ئي هوا انهن کي کڻي هلي ويندي هئي، پر کيس پنهنجي رقيب جي اِن ادا تي
اُداس
به پيار ايندو
هئس. ائين لڳندو هئس
ڄڻ هن صحرا کي برسات کان وڌيڪ ان ننگرپارڪر مان
آيل انهن قدمن جي مٽيءَ جي پياسي هئي. شايد انڪري ئي ته اها شانت
واري سندس قدمن جي خاڪ کي سڄي ٿر جي مٽي سان ملائي
ٿي، پر هي اهو ڄاڻي پيو ته هوءَ هن صحرا کي
وسڪاري جي فراق ۾ سڙندي ڏسي به بيچين ٿي ويندي هئي
۽ ٿوراهو کي پنهنجي دلي ڪيفيت ٻڌائيندي روئي پوندي
هئي. هوءَ جڏهن نظرن کان اوجهل ٿي وئي ته هُو پنهنجو گڏهه گاڏو ڪاهي ڳوٺ ڏانهن روانو
ٿي ويو.
جنهن وقت هُو گهر پهتو، ان وقت سج آسمان کان موڪلائي پنهنجي راڄڌاني
ستارن جي حوالي ڪري چڪو هو. سارنگ به ماني کائي،
پنهنجي
چؤنري
(جهوپڙي) جي ٻاهران آئي وئي لاءِ ٺهيل لانڍيءَ جي ٻاهران
رکيل کٽ تي اچي ليٽيو. خيالن جو ڪُنڍو ان ساڳي
پاڻياريءَ ۾ اٽڪيل هيس، جيڪا پرهه ڦٽي مهل ئي ٿوراهو جي کوهه وٽ ڳوٺ
جي عورتن کان پهرين اچي ويندي هئي.
هن سٻاجهڙي ڇوڪري کي ڏسندي
سارنگ کي هڪ اڻ ڏٺو احساس ٿيندو هو، هوءَ هن ديس ۾
جنهن سان گڏ زندگيءَ
جو سفر شروع ڪرڻ آئي هئي،
اهو ته سفر شروع ٿيڻ کان پهرين ئي کيس هن اڻ ڏٺي
ڏيهه ۾ اڪيلو ڇڏي پاڻ ڏور هليو ويو هو.
سارنگ کي چٽيءَ طرح ياد هو جڏهن سڳنڌ جي شادي ٿي هئي. گهر جي اندرين ڪوٺيءَ
۾ سنگهار جي مٿان سڀ گهر وارا بيٺا هئا ۽ هوءَ
ٻاهر ٺهيل لانڍيءَ ۾ اڪيلي ويٺي هئي. سارنگ،
سنگهار کي ڏسي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر آيو، لانڍيءَ
وٽ ئي هُن کي ڏسي بيهي رهيو. ميندي وارن
لال
هٿن سان هوءَ پنهنجي پوتيءَ جي پلاند کي جهلي ويٺي
هئي، ڳاڙهي نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ويٺل هوءَ شام
جو پويون پهر لڳي رهي هئي. منهن تي اُداسيءَ جو راڄ هيس، ڄڻ ته کيس پهرين ئي خبر هئي
ته هوءَ هتي سنگهار لاءِ نه،
پر قسمت ۾ لکيل ٺوڪرون کائڻ لاءِ آئي هئي. سارنگ
ان ڏينهن شدت سان دعا ڪئي هئي ته ان مُک تي ڪا
معجزاتي مرڪ اچي وڃي جيڪا ابد تائين قائم رهي، پر ائين نه ٿي سگهيو، سنگهار جي بدران ڏکن اچي کيس نئين سفر
۾ ڀليڪار چيو هو.
ڳهه ڳٺا پاتل اها ڪنوار ڪٿان به نئين
نويلي ڪنوار نه ٿي لڳي،
پر سارنگ جڏهن به اکيون بند ڪندو هو ته کيس هوءَ
ان روپ ۾ ئي نظر ايندي هئي. نڪ ۾ پاتل سوني نٿ
جنهن ۾ ڏانوڻ وجهي هن ڪنڍيءَ سان پويان وارن ۾
اٽڪائي رکيو هو، پيشاني تي ٽِڪو،
جنهن ۾ چانديءَ جون سريون وجهي وڌيڪ سهڻو بڻايو
ويو هو سو سڳنڌ جي جهمريون پائڻ سان اهو به سندس
پيشاني تي رقص ڪندو هو. ٻانهنِ
۾ چانديءَ جي ٻانهي ۽ پيرن جي آڱوٺن
۾ چانديءَ جا گول ڇلا پاتل هوندا هئس
۽ ان وقت هوءَ اداسيءَ کان اڻ واقف هوندي هئي،
سهاڳڻين وارو مانُ ۽ خوشي سندس اکين مان ڇلڪندي
هئي.
سنگهار، سارنگ کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو پر
پوءِ به ٻئي تمام سٺا دوست هئا، هُو
ٻئي اِنهن ڀٽن ۽ دڙن جي وچ ۾ ئي کيڏندي وڏا ٿيا
هئا. سنگهار ڀرسان واري ڳوٺ ۾ وڃي ڪجهه درجا پڙهيو
هو ۽ کيس ڀرسان واري شهر جي ننڍڙي اسپتال ۾
ڊسپينسر جي نوڪري به ملي هئي جنهن جي ڪري پورو ڳوٺ
سندس وڏي عزت ڪندو هو ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تي ساڻس
اچي صلاح مشورو ڪندا هئا. هنن جي ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول
نه هو، ان ڪري سنگهار جيڪو ڪجهه پڙهي ايندو هو سو
شام جو اچي سارنگ کي پڙهائيندو هو. پوري ڳوٺ ۾
سندن گهر ئي مڇي ماني وارو ليکيو ويندو هو،
پر هاڻي سنگهار جي
اوچتو
مري وڃڻ کان پوءِ هنن لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ به
مشڪل ٿي ويئي هئي.
سنگهار جي ماءُ انهن سڀني ڳالهين جو حساب
سڳنڌ کان وٺڻ لڳي، سندس چوڻ هو ته سُڳنڌ
ئي سنگهار جي موت جو ڪارڻ هئي. سنگهار جو پيءُ ڳوٺ
جي هر ٻي ماڻهو وانگر هڏن جي بيماري ۾ ورتل هو
جنهنڪري هُو
پيسن جو پاڻي وٺندا هئا. سندس وڏو ڀاءُ
به ڪنهن اڻڄاتل بيماري جي ڪري
اوچتو
مري ويو هو جيڪو زال ۽ پنجن ٻارن جي ذميواري
سنگهار تي ڇڏي ويو هو. هنن جي گهر جو خرچ پکو سڄو
سنگهار جي وڏي ڀاءُ
۽ سنگهار تي هو،
پر ڀاڻس جي مرڻ کان پوءِ سنگهار نه صرف پنهنجي
گهرجي،
پر سڄي ڳوٺ جون سڀ ذميواريون خوشيءَ سان قبول ڪيون
هيون، پر زندگي کيس موقعو ئي نه ڏنو. هونئن ته هتي
جون عورتون گهر سنڀالڻ سان گڏوگڏ ٻاهر جو ڪم به
ڪنديون هيون، پر سنگهار جي ماءُ کان کٽ تان اٿڻ ئي ڪو
نه پڄندو سو ڪڏهن ٻاهر جو ڪم ته ڇا،
پر گهر جو ڪم به ڪو نه ڪيائين.
سارنگ ڪيترا ئي ڏينهن سنگهار جي گهر به
پاڻي ڏيندو هو،
پر شاديءَ جي ٻي ڏينهن کان ئي هن سڳنڌ کي گهر ۾ بي
عزتو
ٿيندي ڏٺو ته انهن کي پاڻي ڏيڻ جو هن ٻيو طريقو
سوچيو.
****
هُن جو نالو سڳنڌ هو، ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ فوت
ٿي وئي هئس
۽ اڃا جوان مس ٿي ته پيءُ هن جي شادي سنگهار سان
ڪرائي، هڪ ڏوراهين ڳوٺ موڪلي ڇڏيو، پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو، شادي
ٿي گهوٽ ڪنوار اڃا گهر مس پهتا ته گهوٽ جي طبعيت خراب ٿي ويئي،
اتي ئي سندس گهڻي ٽهل ٽڪور ڪئي ويئي پر کيس
بيوه
ٿيڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه لڳي هئي. پيءُ ته کيس اڳي ئي
اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي هئي ته هاڻي ان گهر مان هن جو
جنازو
ئي نڪرڻ گهرجي، پر ساهرا
هن کي نڀاڳي سمجهندي هاڻي گهر ۾ رکڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ
ڳوٺ جي ڪنهن چڱي مڙس جي چوڻ تي هو کيس پاڻ وٽ رکڻ
لاءِ راضي ته ٿيا،
پر نڀاڳي هجڻ جو طعنو ڄڻ ته هوءَ پاڻ سان گڏ ڏاج ۾
ساڻ کڻي آئي هئي جو هر وقت اهڙا طعنا ٻڌندي هئي.
هاڻي ته هوءَ
پاڻ کي اڀاڳڻ ئي سمجهندي هئي.
اهو تعلقي کپري جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جنهن جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي هو.
جيتوڻيڪ اتي هڪڙو کوهه به هو،
پر ڳوٺ وارن لاءِ ڪنهن فائدي جو نه هو. ان جي کاري
زهريلي پاڻي پيئڻ سان ماڻهو مختلف بيمارين جي ور
چڙهي ويندا هئا. ڪيترن ئي ماڻهن جي ٽنگن جون
هڏيون ڦريل هيون ۽ ڪن جا ته سڀ ڏند ڪري پيا هئا.
تر جي ڊاڪٽرن ان تَڙ جي
پاڻي پيئڻ کان منع ڪيو هو،
پر پوءِ به ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ تي مجبور هئا. ڳوٺ
وارن لاءِ اهو هڪ پُراسرار کوهه هو، جنهن جي باري ۾ مختلف قسمن جون ڳالهيون
مشهور هيون.
(ان
پاڻي ۾ فلورائيڊ جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب فلوروسز ۽
آرٿريٽس بيماريون ٿين ٿيون. ان بيماريءَ ۾ پهريون آهستي آهستي ڏند ڪِرڻ شروع ٿين ٿا ۽ ان پاڻيءَ جي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان هڏن جون ٻيون
مختلف بيماريون ٿين ٿيون. اهي بيماريون صرف ان
پاڻي جي ڪري نه ٿينديون آهن، پر غذائي اڻاٺ جي ڪري
به ٿين ٿيون.)
هن ڳوٺ ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهڙين بيمارين
۾ مبتلا هئا، کين پهريون ته ڏندن جي تڪليف ٿيندي
هئي پوءِ هڏن (خاص ڪري ٽنگن) جو مسئلو ٿيندو هو جنهن کان پوءِ ٽنگن جا
هڏا ڦري ويندا هئا.
سنگهار
جنهن اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو، سڳنڌ جو پيءُ به اتي ئي
ڪم ڪندو هو. هُو اصل ۾ ته ڪارونجهر جي هنج ۾ پلجندڙ ننگر
پارڪر جو هو پر ڪجهه عرصو پهرين هتي بدلي ٿي آيو،
سنگهار ايترو پسند آيس جو هُن کي پنهنجي
سڪيلڌي
ڌيءُ جو سڱ ڏئي ڇڏيو. سنگهار
جا
گهر وارا به ڏاڍا خوش هئا ۽ ڪجهه سال پهرين مڱڻو
ڪري ڇڏيو هئن. ڪجهه مهينا اڳ سڳنڌ جو پيءُ فوت ٿي
ويو ته سنگهار جي گهر وارن شاديءَ
جي تاريخ ٻڌي ڇڏي ڇو ته هاڻي هوءَ اڪيلي ٿي پئي
هئي، پر شادي جي ٻي ڏينهن ئي سنگهار جي موت، سڳنڌ کي هن گهر لاءِ اوپرو بڻائي ڇڏيو،
پهرين ته کيس گهر مان ئي ڪڍيو ويو پر ڳوٺ
جي ڪجهه ماڻهن جي چوڻ تي هن کي گهر ۾ رکڻ لاءِ سڀ
راضي ٿي ويا. گهر ۾ ساڻس ڪو به نه ڳالهائيندو هو
پر هوءَ هنن جو هر ڪم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندي هئي.
پهرين ڏينهن صبح سوير جڏهن هوءَ ٿوراهو وٽ پاڻي
ڀرڻ آئي ته ڪيتري ئي دير ان سان ڳالهائيندي رهي.
هن جي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪڙو مشهور
کوهه هو جيڪو مارئيءَ جي کوهه جي نالي سان مشهور هو. ننڍپڻ کان
جواني تائين هوءَ ان کوهه سان ڳالهيون ڪندي وڏي ٿي
هئي. ماڻهو اتي باسون باسڻ ايندا هئا. مارئي کي
پنهنجي من جي مراد ٻڌائي ان کوهه ۾ سڪو اڇلائي
ويندا هئا. اهو سڀ ڏسي ڏسي هُو
ڪڏهن کان مارئي جي کوهه سان پنهنجي هر ڳالهه ڪرڻ
لڳي، کيس ياد نه هو. هاڻي هن ڳوٺ ۾ به هن ائين ئي
ڪيو هو ۽ هن کوهه سان ونڊڻ لاءِ ته وٽس گهڻو ڪجهه
هو.
هن
ٿوراهو کي مارئيءَ
وارو قصو به ٻڌايو پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ
جڏهن گهڙا ڀرڻ لاءِ اٿي ته دنگ رهجي وئي هئي، خالي
گهڙا پاڻ ئي ڀرجي ويا هئا. ٻي ڏينهن به هوءَ اچڻ
سان ئي ٿوراهو سان ڳالهائڻ ويهي رهي ۽ ساڳي طرح
سندس گهڙا ڀريل مليس. پوءِ ته هوءَ پوري ڳوٺ ۾ صرف
ٿوراهو کي ئي پنهنجو
مسيحا
سمجهڻ لڳي ۽ اِهو ئي خيال ڪيائين ته ٿوراهو مٿس
راضي آهي ۽ مارئيءَ جي کوهه وانگر هُو
به ماڻهن جي من جون مرادون پُڄائيندو
آهي.
هاڻي
ٻن سالن کان اِهو سلسلو جاري هو. هوءَ صبح وارو
صاف پاڻي پيئڻ لاءِ رکندي هئي، باقي جيڪو پاڻي شام جو ڀري ايندي هئي، اهو هوءَ استعمال ڪرڻ لاءِ رکندي هئي. انهي سموري عرصي ۾
سڳنڌ ۽ ٿوراهو جو،
آقا ۽ غلام وارو رشتو جڙي ويو هو. ڏينهون ڏينهن هن
جي دل ۾ عقيدت وڌندي پئي وئي.
ڪيتري ئي دير هوءَ ٿوراهو سان پنهنجو حال
اورڻ کان پوءِ اٿي پنهنجي گهڙن وٽ آئي ته گهڙن کي
خالي ڏسي دنگ رهجي وئي. اڄ پهريون دفعو سندس گهڙا
خالي پيا هئا. حيران پريشان ٿيندي هُن ٿوراهو
ڏانهن ڏٺو پر اتان به کيس ڪو جواب ڪو نه مليو. هُن
هڪ دفعو ٻيهر ناراضگي منجهان ٿوراهو ڏانهن ڏٺو ۽
ڪاوڙ ۾ پنهنجا گهڙا کڻڻ لڳي هئي ته کيس احساس ٿيو
ته هوءَ خالي گهڙا کڻي گهر ويئي ته سندس شامت اچي
ويندي.
”ڇا ٿيو، کوهه ۾ پاڻي ڪونهي ڇا؟“ هوءَ اڃا اُتي ئي
بيٺي هئي ته سارنگ اچي کانئس پڇيو.
اڄ سارنگ کي پاڻيءَ
جي وارِي
دير سان ملي هئي،
انڪري کوهه تي دير سان پهتو هو.
خاموش ۽ بي معنيٰ نظرن سان سڳنڌ هُن ڏانهن
تڪيو،
وٽس ڪو جواب نه هو. هُن اڄ ڏينهن تائين اهو پُر
اسرار راز ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو سو هاڻي سوچڻ
لڳي ته کيس ڇا جواب ڏي.
”توکي پاڻي کپي ته آءٌ ڏيان؟“ سڳنڌ کي خاموش ڏسي
سارنگ کانئس پڇيو.
”نه
نه آءٌ ڀري وٺنديس پاڻهي.“ هوءَ جلدي کوهه ڏانهن
وڌڻ لڳي.
”سڳنڌ اڄ مون کي ڪجهه گهڻو پاڻي مليو آهي، انڪري
تون اڄ هي صاف پاڻي کڻي وڃ.“ سارنگ هُن جي هٿ مان
گهڙو وٺي پنهنجي گهُگهيءَ مان ان ۾ پاڻي اوتڻ لڳو.
سڳنڌ پاڻي وٺڻ تي مجبور هئي، انڪري خاموشيءَ
سان سارنگ کي ڏسندي رهي.
ٽيئي گهڙا ڀرڻ کان پوءِ سارنگ پاسي تي ٿي
بيٺو،
جنهن کان پوءِ هوءَ گهڙا کڻي وڃڻ لڳي. سڳنڌ جو ذهن
ته ڪنهن ٻِي ڳالهه ۾ اٽڪي پيو هو. هُن کي پريشاني لڳي ته ٿوراهو آخر
ڪهڙي ڳالهه تان هِن کان ناراض ٿيو آهي. آخر ڪهڙي
ڪوتاهي ٿي آهي جو هُن اڄ ائين پنهنجي مهر جي نظر
ڦيري ڇڏي.
هلندي
هلندي
اوچتو
کيس ڪو خيال آيو جو هُن پوئتي مُڙي نهاريو. جيڪو
خيال اڃا ذهن جي ڪنهن ڳجهي ڪُنڊ ۾ لڪل هو سو ظاهر ظهور ٻاهر اچي نشانڀر
ٿي بيٺو. سڳنڌ کي اها ڳجهارت پروڙڻ ۾ ڪا گهڻي ويرم
ڪا نه لڳي هئي. هاڻي کيس خبر پئجي وئي ته اها
مهرباني مٿس ٿوراهو نه پر سارنگ ڪندو هو…
گهر پهچي هوءَ سڄو ڏينهن ان ڳالهه جي ڪري ئي پريشان رهي، کيس پنهنجي بيوقوفيءَ تي حيرت سان گڏ ڪاوڙ به اچي رهي هئي. پر هاڻي هُن وٽ پنهنجي گهر وارن کي
سواءِ ٿوراهو جو پاڻي پيارڻ جي ٻيو ڪو به چارو نه
بچيو هو.
گهر وارن مان ڪنهن جي به ساڻس ايتري نه
لڳندي هئي جو هوءَ ڪنهن سان اها ڳالهه ڪري سگهي، انڪري هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ته سارنگ کي آخر ڪيئن منع ڪري.
هيڪر
ته سندس دل ۾ آيس ته سارنگ کي معلوم ٿيڻ ئي نه ڏي،
ته هوءَ ان ڳالهه کان واقف ٿي چڪي آهي،
پر وري اِهو سوچيائين ته ”اڄ نه ته سڀاڻي ڳوٺ ۾
ضرور اها ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن جي ذريعي معلوم ٿي
ويندي، پوءِ هن جو ته ڇا پر سارنگ جو به هتي رهڻ
محال ٿي ويندو.“
”اڳي ئي منهنجي ڪري هي سڀ اهڙي حال ۾ پيا گذارين،
مٿان وري منهنجي ان ڳالهه جي ڪري بدنامي ٿيندنِ ته
پوءِ مون کي جيئري ئي زمين ۾ پوري ڇڏيندا.“ سڄي
رات هِن انهيءَ پريشانيءَ ۾ گذاري ڇڏي،
پاڻي ڀرڻ کان انڪار ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه
نه هئي ۽ ٿوراهو جو پاڻي گهر وارن کي پياري هُو ٻِي
مشڪل مٿان نه پئي آڻي سگهي.
صبح جو هوءَ پاڻي ڀرڻ ته وئي، پر کيس همٿ نه ٿي جو ٿوراهو ڏانهن وڌي
سگهي. هُن آس پاس نهاريو ته اُتي ڪوبه موجود نه
هو. دل ۾ هڪ آس هئس ته شايد ڪالهه واري ڳالهه اتفاق هجي ۽
اڄ به پاڻهي سندس گهڙا
شفاف
پاڻي سان ڀرجي وڃن. پنهنجي گمان کي دور ڪرڻ لاءِ
هُن ساڳي ڪِرت ڪئي، گهڙا رکي هٿ ٻڌي هوءَ وري کوهه
سان ڳالهائڻ لڳي،
پر سندس ڌيان پويان رکيل گهڙن ۾ هئس.
ڪافي دير هن ڄاڻي ٻجهي پويان نه نهاريو،
پر جيڪو شڪ دل ۾ ويهجي ويو هيس، ان کي دور ڪرڻ
لاءِ هن پويان ڏٺوته پويان ڏسڻ سان ئي سندس شڪ
حقيقت ۾ بدلجي ويو.
هو
شايد گهڙا ڀري واپس وڃي رهيو هو جو سڳنڌ جي ڪڙي جو
آواز ٻڌي سندس قدم اتي ئي رڪجي ويا.
سڳنڌ
پنهنجا گهڙا ڀريل ڏسي حيران هئي. هن ايتري مهارت
سان گهڙا ڀريا هئا جو سڳنڌ کي ته احساس ئي نه ٿيو
هو ته هِن کان علاوه به ڪو
ٻيو
اِتي موجود آهي.
سارنگ کي ڏسي سڳنڌ جي چپن تي ماٺ جي مُهر
لڳي ويئي. کيس ڪجهه پلن ۾ ئي احساس ٿي ويو ته
جيڪڏهن اڄ هن کي انڪار ڪندي ته پوءِ گهر وارن کي
ڪيترين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو هو، اهو به کيس
اندازو هو... پوءِ ته سندس بدنصيبي جي فهرست ۾
وڌيڪ اضافو ٿي ويندس.
”سڳنڌ آءٌ هيءُ
سڀ ڪجهه تو ڪاڻ پيو ڪريان. سنگهار جا گهر وارا
توکي پنهنجي هر مشڪل جو ذميوار سمجهن، اها ڳالهه آءٌ برداشت نٿو ڪري سگهان.
سنگهار زندهه
هجي هان ته توکي پنهنجي گهر جي شهزادي بڻائي رکي
هان. هُو توکي اهڙا طعنا ڪڏهن به برداشت ڪرڻ نه ڏي هان.“
”اهو سڀ منهنجي نصيب جي ڳالهه هئي، تو کي جيڪڏهن
ايتري همدردي هئي ته سڌو سنئون گهر اچي به پاڻي
ڏئي پيو سگهين.“
”ها، مون شروع وارا ڪجهه ڏينهن ائين ئي ڪيو هو، پر ڪجهه ڏينهن مسلسل تنهنجي گهر اچي روز ڏسندو هيس ته هو
توسان ڪهڙو حشر ڪندا هئا، هو توکي پنهنجي هر مصيبت
جو ڪارڻ سمجهن پيا. مون کي اندازو نه هو ته اهي
توسان جانورن جهڙو سلوڪ ڪندا. کوڙ ڏينهن لڳاتار
ايندو رهيس پر ڪڏهن توکي مار کائيندي ڏسندو هئس
ته ڪڏهن گهر وارن جي هٿان ذليل ٿيندي ڏسڻ کان
پوءِ اِهو فيصلو ڪيم ته ڪهڙي به طرح تو مٿان ماڻهن
جا طعنا ۽ ملامتون ڀل ته ختم نه ڪري سگهان پر گهٽ
ضرور ڪندس.“
”توکي اندازو ڪونهي ته جيڪڏهن اِنهيءَ ڳالهه جي
خبر ڳوٺ وارن کي پئي ته پاڻ ٻئي ڪٿي جا ڪونه
رهنداسين.“
”ٻن ورهين کان
آءٌ
تنهنجا گهڙا ڀريندو رهيو آهيان، ڪنهن کي گمان به
ٿيو آهي ڇا؟ ڪالهه به جيڪڏهن مون کي پاڻيءَ جي وارِي دير
سان
نه ملي هان ته توکي خبر ڪين پوي هان.“
سڳنڌ، سارنگ کي ڪو جواب نه ڏنو. هوءَ هڪ
عجيب ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي هئي،
کيس اهو ڊپ هو ته ڪڏهن نه ڪڏهن سڀني کي اها خبر
پئجي ويندي.
”سارنگ جيئن اڄ مون کي خبر پئي آهي تيئن ٻين کي به
خبر پئجي سگهي ٿي ۽ پوءِ گهر وارا مون کي ڪيڏو
بيعزت ڪندا، اهو توکي اندازو هوندو؟“
”هونئن وري ڪهڙو توکي عزت سان رکيو اٿن سڳنڌ…
اٿندي ويهندي ته تنهنجي بيعزتي ڪندا رهندا آهن، گهر ۾ صرف توکي پنهنجي مقصد لاءِ ويهاريو ويٺا آهن، تون سڄو
ڏينهن سندن غلامي ڏئين
ٿي. اڃا کين ڇا کپي، سنگهار جو موت ته ان ڏينهن تي
ئي ٿيڻو هو، پر سڳنڌ تنهنجي روپ ۾ هنن لاءِ قدرت واري هڪ ٻيو سنگهار هنن
ڏانهن موڪليو آهي. ان ناشڪرن ماڻهن کي ته پالڻهار
سان گڏ گڏ تنهنجو به شڪر مڃڻ گهرجي، تون نه هجين
هان ته سندن حالت وڌيڪ خراب هجينِ هان.“
پهريون دفعو سڳنڌ کي ڪنهن ان ڳالهه جو
احساس ڏياريو هو. سارنگ جي ڳالهه سندس دل کي اها
تسلي ڏياري هئي ته هوءَ نڀاڳي ناهي. ان ڳالهه ته
ڄڻ منجهس هڪ روح ڦوڪي ڇڏيو هو ته کيس سنگهار جي
جڳهه تي موڪليو ويو آهي. هن سنگهار سان گڏ هُن هڪ
گهڙي به نه گهاري هئي، پر سنگهار کي پاڻ سان گڏ ئي محسوس ڪندي هئي ۽ سارنگ جون
ڳالهيون ٻڌي هُن کي ائين لڳو ڄڻ سنگهار سندس اڳيان
اچي بيٺو هو.
اڄ ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ ڪنهن جي ڳالهه
ٻڌي سڳنڌ جي کاٻي هٿ جي مٺ بند ٿي وئي،
جنهن کي ڏسي هوءَ حيران ٿي وئي، کيس پنهنجي پراڻي
عادت ياد اچي وئي. ننڍپڻ کان ئي سڳنڌ جي هڪ عادت
هئي ته جڏهن به ڪو دل کي وڻندڙ ڳالهه ڪندو هئس ته هن جي کاٻي هٿ جي مُٺ بند ٿي ويندي هئي. ائين لاشعوري طور اها ڳالهه سندس مُٺ ۾ هميشه لاءِ مقيد ٿي ويندي هئي.
سارنگ کي اڄ به ياد هو جڏهن سڳنڌ پهريون
دفعو ٿوراهو تي پاڻي ڀرڻ وئي هئي. اتفاق سان سارنگ
به اتي ڪنهن ڀٽ تي ويٺو هو. هوءَ ٿوراهو کي پنهنجي
بيگناهيءَ
جو يقين ڏياري رهي هئي. کيس پنهنجي ڳوٺ جي مارئيءَ واري کوهه جو قصو ٻڌائي رهي هئي. هن ٿوراهو کي هڪ عجيب
ڳالهه ٻڌائي هئي، اڳ ڪڏهن به سارنگ اهڙي قسم جي
ڳالهه نه ٻڌي هئي.
”ٿوراهو
آءٌ سڳنڌ آهيان جنهن کي پنهنجو پيءُ
چوندو هو ته
آءٌ
انهن جي جيون ۾ مهڪار ئي مهڪار کڻي آئي هئس، انڪري انهن منهنجو نالو سڳنڌ رکيو. اها
ڳالهه مون پنهنجي کاٻي هٿ جي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏي.
ٿوراهو توکي ڪونهي نه خبر، ته اسان پنهنجن پرين پيارن جون مٺيون
مٺيون ڳالهيون ڪهڙي طرح سانڍي رکندا
آهيون.
ائين
آءٌ
ڄاڻي واڻي ڪو نه ڪندي هئس،
بابا جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ازخود ئي منهنجي کاٻي
مٺ بند ٿي ويندي هئي
۽ اهڙيون ڳالهيون ئي منهنجي جيون جو سهارو
بڻيون آهن.“
سارنگ جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هِن اڄ به
سڳنڌ جي کاٻي مٺ کي بند ٿيندي ڏٺو جنهن جي ڪري من
کي هڪ انوکي خوشي جو احساس ٿيس.
”سڳنڌ تون ڪجهه به چئه،
پر
آءٌ توکي ائين لاوارثن وانگي نه ڇڏيندس. ڀل
هي سڀ توکي اڀاڳي چون،
پر
آءٌ تنهنجي لاءِ هميشه موجود هوندس.“
سڳنڌ کي هن جي سرڪشي ڏاڍي وڻي. ڪيترن
ڏينهن کان پوءِ ڪنهن احساس ڏياريو هئس
ته جانورن جيان گهمندڙ ڦرندڙ سڳنڌ کي به انسانن
جيان جيئڻ جو حق آهي. خاموشيءَ سان گهڙا کڻي هوءَ گهر ڏانهن هلي وئي.
ٻي ڏينهن هُو ٿوراهو ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ ڀٽن جي ڀرسان بيٺل سارنگ کان
پاڻي وٺي هلي آئي ۽ هاڻي اِهو روز جو معمول بڻجي
ويو هو. سڳنڌ جي مُک تي شفاف مرڪ اُڀرڻ لڳي هئي. سارنگ لاءِ هُن جي اها مرڪ ڏاڍي تسلي بخش هئي.
هُن جي ائين سرهائيءَ
مان اچي پاڻي وٺڻ سان هن اڇڙي ٿر جو ٿوهر،
ڪنڊي، ڦوڳ، روهڙو، کٻڙ، ٻٻري، کپ ۽ ٽوهه چنبيلي،
رابيل، گلاب،
رات جي راڻي، ياسمين،
سورج مکي ۽ گلاب جو گل بڻجي ويا هئا.
ڪافي عرصو گذري ويو، سارنگ ائين ئي سڳنڌ کي پاڻي ڏيندو رهيو.
هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون ٿينديون
رهنديون هيون. سارنگ هن کي پنهنجي ۽ سنگهار جي ڏٺل
خوابن جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. هُو کيس اِهو به ٻڌائيندو رهندو هو ته سنگهار پنهنجي ڳوٺ جي
خوشحاليءَ
لاءِ ڪيترو نه پراميد هوندو هو.
”مون کي اڪثر ائين لڳندو آهي جهڙو تون سنگهار ئي
آهين، مون ان سان ڪڏهين ڪين ڳالهايو هو، صحيح طرح
ڏٺو به نه هو هن کي،
پر پوءِ به يقين اٿم ته هُو
تو جهڙو ئي هوندو.“ سڳنڌ کي ائين لڳندو هو ته هُو به سارنگ جهڙو ئي هوندو، انڪري اڄ سارنگ کي چئي ڏنائين.
”هيءُ سڀ ڳالهيون ان کان ئي ته سکيون اٿم، اسان
ٻنهي جو خواب هڪ جهڙو نه،
پر هڪ ئي هو. بس هڪ فرق هو اسان ٻنهي ۾ ،
آءٌ
ذري ذري مايوس ٿي ويندو هئس
۽ هُو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو. هُو منهنجي مايوسين کي اهڙي طرح ختم ڪندو هو جو ٻيهر ڪڏهن اهي
ڳالهيون ڀلجي به منهنجي ذهن ۾ نه اينديون هيون.“
”صرف سٺو سوچڻ سان اسان جون
مشڪلاتون ختم ته ڪو نه ٿي سگهنديون نه. سارنگ پاڻ
ته ڏکيو سکيو وقت ڪڍي وينداسين پر جيڪڏهن اسان جي
ايندڙ نسل لاءِ اڃا پريشانيون وڌيون ته پوءِ
مايوسي نه ٿيندي ٻيو ڇا ٿيندو.“
”آءٌ به اهڙيون ڳالهيون ڪندو هئس سنگهار جي اڳيان. تون ڏسجئين ته ڪيئن نه
اسان جي سَڻائي
ٿي ٿئي هاڻي. ڪالهه ئي ڀرسان واري ڳوٺ جي کوهه تي
ڪم شروع ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون مشينون آنديون اٿنِ،
شهر کان وڏا صاحب آيا آهن، اهي مشينن جي ذريعي
پاڻي ڪڍندا، پوءِ اهو پاڻي
وڏن
پائيپن ذريعي سڀني ڳوٺن تائين پهچندو، انهن ڏينهن جي تمنا ئي ته ڪئي هئي سين، پوءِ ڏس هاڻ ٿيئي پئي نه، اها آس پوري.“
”جيسين اهو ڪم پورو ٿئي،
تيسين تون پاڻي ڪٿان ڀريندين؟“
”مون کي ڪيترو به پرتي وڃڻو پوي
آءٌ
ويندس، هيستائين به ته ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي
نه، ڪم پورو ٿي ويندو ته پوءِ سک ئي سک هوندا.
آءٌ
رات جو ئي ڳوٺان نڪري ويندس، پوءِ صبح نه،
ته منجهند تائين ته ڳوٺ واپس پهچي ئي ويندس.“
”پر تو ته چيو پئي ته تون ان ڳوٺ کان علاوه ٻيو
ڪيڏانهن ويو ئي ناهين، پوءِ ايترو ڏور ڪيئن
ويندين؟“
”ٻين ڳوٺن مان به ماڻهو ويندا سڳنڌ،
آءٌ
اڪيلو ٿورئي هوندس.“
”توکي لڳي پيو ته اهي صاحب جيڪو چون پيا،
اهو ايترو سولائيءَ
سان ٿي ويندو. هُو اسان لاءِ بنا مقصد جي ايترو ڪم ڇو
ڪندا... اهو به ايترو ٿوري وقت ۾؟“ سڳنڌ جي دل مڃڻ
لاءِ تيار نه هئي ته انهن جون تڪليفون ايتري آسانيءَ
سان ختم ٿي وينديون.
”سڳنڌ هيءُ سڀ ايترو جلدي ڪونهي. هيءُ خواب صرف منهنجي ۽ سنگهار جي اکين نه ڏٺا
هئا. هيءُ
ته انهن صدين کان ڏٺل خوابن جي ساڀيان آهن جيڪي
اسان جي ابن ڏاڏن ڏٺا هئا، اڃا تون چوين ٿي ته هيءُ ايترو جلدي پيو ٿئي.“ سارنگ جي اکين مان
انهن صدين جو انتظار جَهلڪي
رهيو هو.
سڳنڌ خاموشيءَ سان سندس اکين ڏانهن نهاريندي هُن کي ٻڌندي رهي.
”۽ انهن جو مطلب ته آهي نه، حڪومت اربين روپين جو
بل منظور ڪيو آهي تڏهن ته هو ڪم ڪرڻ آيا آهن، ان
ڪم لاءِ کين جام پيسا ملڻ وارا آهن.“
”مالڪ ڪري ته ائين ٿيئي.“ سڳنڌ پراٿنا ڪئي.
”تون بس ويهي ڌڻي در ٻاڏائيندي رهه
۽ ڳڻتي نه ڪجانءِ، دير مدار
آءٌ
پاڻي ڀري پهچي ويندس.“
”ٺيڪ آهي
آءٌ
سڀاڻي صرف ڍورن لاءِ پاڻي ڀرڻ لاءِ اينديس، پر تون
جلدي اچڻ واري ڪجانءِ.“
سڳنڌ کيس نگاهن سان الوداع چئي گهر هلي
ويئي ۽ سارنگ سندس ڪڙي جي ڇم ڇم جي آواز کي دل ۾
سموئي ڇڏيو.
ٻي ڏينهن جو سج ته انتظار جو سج ٿي اُڀريو. صبح تائين ته صرف سڳنڌ کي اوسيئڙو
هو، پر منجهند ٿي ته ڳوٺ وارن کي به سارنگ
جي ڳڻتي لڳي. سج لهي ويو پر اکين ۾ انتظار جي تپش
ڇڏي ويو. سارنگ جي ماءُ در در وڃي سڀني کي پٽ جي
ڳولا ڪرڻ لاءِ چئي رهي هئي. هرڪو کيس دلاسا ڏئي
رهيو هو ته سارنگ سڀاڻي ضرور اچي ويندو.
سڳنڌ کي پاڻي جي ايتري ڳڻتي ڪونه هئي، هن کي ته بس سارنگ جو فڪر هو، اها رات هن
جاڳي گذاري. آسمان تي جڏهن آخري ستارو بچيو ته
هوءَ پنهنجا گهڙا کڻي ٿوراهو وٽ هلي آئي. دل کي
سوين وسوسن اچي گهيري ڇڏيو هو. هوءَ هڪ دفعو ٻيهر
پاڻ کي بدنصيب سمجهڻ لڳي.
هو صرف سڳنڌ لاءِ ئي ابرِرحمت نه هو،
پر سموري ڳوٺ لاءِ اونهاري جو اهو بادل هو،
جنهن جي وسڪاري کان پوءِ ٿر سراپا سونهن بڻجي
ويندو آهي.
”ڪاش ٿوراهو تنهنجو هيءُ
کارو پاڻي به سڪي وڃي ۽ اها خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي
وڃي، پوءِ ته سارنگ اها خبر ٻڌي ته سندس ڳوٺ
واسي ان زهريلي پاڻي ڪاڻ به سِڪن پيا، اِهو ٻڌي ته
هُو
جتي به هوندو ڊوڙندو پنهنجي ڳوٺ اچي ويندو.“ ڪيتري
ئي دير هوءَ ٿوراهو وٽ بنا سبب ويٺي رهي ۽ سارنگ
جي واپس اچڻ جا طريقا سوچيندي رهي.
ٻي ڏينهن ڳوٺ جا ڪجهه ڇوڪرا ڀرسان واري
ڳوٺ مان سارنگ جي پڇا ڪري آيا،
پر اتي ڪنهن کي به سارنگ جي خبر نه هئي. ڪيترائي
ڏينهن گذري ويا، پر سارنگ جو ڪو پتو نه پيو. سڳنڌ گهر
وارن کان لڪي سارنگ جي ماءُ وٽ ايندي رهندي هئي ۽
کيس دلاسا ڏيندي رهندي هئي ته هُو جلدي واپس ايندو، پر ماءُ هئي سا پٽ جي وڇوڙي ۾ وئي ٿي
ڳرندي.
هاڻي سڳنڌ جي صبر جي حد به ختم ٿي وئي
هئي، نيٺ هڪ ڏينهن صبح سوير هوءَ ڪنهن کي ٻڌائڻ
بنا ئي ڳوٺان نڪري آئي. پڇائيندي پڇائيندي هوءَ ان
ڳوٺ تائين پهتي جتان سارنگ پاڻي ڀريندو هو. کوهه
وٽ پهتي ته اتي واقعي وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ وڏا
ماڻهو بيٺل ڏٺائين، پر هي ڇا اهي سڀ ته اهو سڄو سامان واپس کڻي وڃي رهيا هئا،
سڳنڌ کي هن مهل ان ڳالهه سان ڪو مطلب نه هو ته هي
سڀ واپس ڇو پيا وڃن. هن جلدي وڃي اتان جي ڪجهه
ڪولهين کان ٻي ڳوٺ جي پڇا ڪئي جتان سارنگ ۽ ڪجهه
ٻيا ماڻهو پاڻي ڀرڻ ويا ٿي. اهو ڳوٺ ڪافي پري هو، پر سڳنڌ همت ڪري اتان نڪري آئي، کيس ڪا خبر نه هئي ته هوءَ ڪيڏانهن پئي
وڃي،
پر اها پڪ هئس ته جيڏانهن وڃي پئي سارنگ اوڏانهن
ئي آهي.
سڳنڌ جڏهن ان ڳوٺ پهتي ته شام ٿيڻ واري
هئي، ڀلائي اها ٿيس جو ڳوٺ جي ٻاهران ئي هڪ ڪولهي
کيس سارنگ جي خبر ٻڌايس ته سارنگ جنهن رات ان ڳوٺ
پهتو هو،
ان رات ئي مٿس پيئڻ بلا حملو ڪيو هو، ڪافي دير ڳوٺ
وارا کيس ڦٽڪي ۽ کير سان علاج ڪندا رهيا،
پوءِ وڏي مشڪلن سان ڪجهه ماڻهن کيس ڀرسان واري
اسپتال پهچايو، اها خبر ٻڌي سڳنڌ جو ته ساهه ئي مٺ ۾ اچي ويو، کن پل لاءِ
ته سمجهه ۾ نه آيس ته هوءَ
هاڻي
ڇا ڪري، ٿوري سامت ۾ آئي ته کانئس شهر ويندڙ گاڏي
جو پڇي وري هڪ اڻ ڏٺي سفر ڏانهن رواني ٿي ويئي.
شهر پهچندي پهچندي کيس سومهڻي ٿي وئي ۽
اسپتال پهتي ته اڌ رات ٿي چڪي هئي،
اتي ڪم ڪندڙ ڪمپائونڊر کي سنگهار جو حوالو ڏنائين
ته ان سندس سارنگ کي ڳولهڻ ۾ مدد ڪئي ۽ اهو به
ٻڌايائينس ته سارنگ کي ڪو پوڙهو مڙس هتي کڻائي آيو
هو جيڪو هتي روز چڪر تي ايندو آهي. سارنگ جو
هيڊائو منهن ڏسي سڳنڌ جو اندر ڳرڻ لڳو. هو شايد
ننڊ پيو هو، انڪري سڳنڌ ڀرسان ويهي سندس صحتيابي
لاءِ
رب کي
ٻاڏائيندي رهي.
پر
ڪجهه ئي دير ۾ ڊاڪٽر آيو،
جنهن کيس ٻڌايو ته ”پيئڻ بلا سارنگ جي اکين تي
حملو ڪيو. ڪو معجزو ئي آهي جو ماڻهن جي تڪڙي پڄڻ
جي ڪري هوءَ پنهنجو پورو زهر سارنگ جي جسم ۾ منتقل
نه ڪري سگهي آهي جنهن جي ڪري سارنگ بچي ويو آهي،
پر پوءِ به هُو هاڻي ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. هتي جيترو علاج ٿي پئي سگهيو،
اهو ٿي ويو آهي، ان لاءِ هنن کي سڀاڻي ئي بيڊ خالي
ڪرڻ جو چيائين ڇو ته اسپتال ۾ مريض وڌيڪ هئا ۽ بيڊ
گهٽ هئا.“
سڳنڌ، ڊاڪٽر کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته هُو سارنگ جو علاج ڪري پوري طرح ٺيڪ ٿيڻ
تائين اتي رهڻ جي اجازت ڏئي،
پر ڊاڪٽر ايتري رُکائيءَ سان جواب ڏنس جو سڳنڌ کيس ٻيهر چوڻ جي
همت نه ساري سگهي.
صبح جو ڊاڪٽر کان وڌيڪ علاج لکرايائين ته ايتري ۾
اهو ماڻهو به اچي ويو جيڪو سارنگ کي هتي کڻائي آيو
هو، تنهن دوائون ۽ پاڻي به وٺي ڏنس ۽ سارنگ جو گڏهه
گاڏو به تيار ڪري ڏنائينس. ڪمپائونڊر جي مدد سان
سارنگ کي اچي گاڏيءَ تي سمهاري سڳنڌ کي ڳوٺ روانو ڪيائين. سڳنڌ لاءِ گڏهه گاڏو
هلائڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه هئي، سندس ڳوٺ جون تقريباً سڀئي عورتون گڏهه گاڏو هلائڻ ڄاڻينديون هيون. سارنگ دوائن
جي اثر هيٺ هئا
پر رستي ۾ سڳنڌ کيس پاڻي پيئارڻ سان گڏ ڳالهائيندي
ٻولائيندي به رهي.
ڳوٺ پهچندي پهچندي کين سانجهي ٿي ويئي، اهو ته ڀلو ٿيو جو سڳنڌ پاڻ سان گڏ ٽارچ
کنئي هئي،
جنهن کيس اوڻٽيهه اونداهيءَ
۾ رستو پار ڪرڻ ۾ سڻائي ڪئي. پاڙي وارن کيس ڏٺو ته
ڊوڙندا آيا ۽ سارنگ کي گهر اندر کڻي وڃي کٽ تي
سمهاريائون. سارنگ جي ماءُ پٽ جي اچڻ تي جيتري خوش
ٿي اوتروئي افسوس کيس اهڙي حالت ۾ ڏسڻ کان پوءِ
ٿيس. ٿوري ئي دير ۾ سارنگ کي ٿورو هوش آيو ته سڳنڌ
کيس چانور ۽ کير کارائي دوائون کارايون جنهن کان
پوءِ هوءَ
پنهنجي گهر
ويئي.
”ڪٿي هئين تون، ڪميڻي عورت؟“ ٻن ڏينهن ۾ کيس هڪ دفعو به
اهو خيال نه آيو هيس ته سندس گهر وارا ائين نڪري
وڃڻ تي ڇا چوندا، پر هاڻي گهر ۾ گهڙندي ئي سهري جي سوال
مان اندازو ٿي ويس ته پويان ڪهڙي باهه ٻري ويئي
هئي.
”سارنگ کي ڳولهڻ وئي هئس.“
سڳنڌ وراڻيو.
”پورو ڳوٺ مري ويو هو ڇا جو تو ائين نڪري وئين؟“
”ڳوٺ وارا ته واپس ڀرسان واري ڳوٺ مان ئي پڇا ڪري
موٽي آيا هئا نه... ۽ هو اوهان جي سنگهار جو دوست
آهي،
جنهن سنگهار کان پوءِ به اوهان جو خيال رکيو آهي.“
”ڪجهه ڏينهن جيڪڏهن هُن همدرديءَ
خاطر پاڻي ڏنو ته ان جو مطلب اِهو ناهي ته تون هُن
جي پويان لڳين. هاڻي هن گهر ۾ تنهنجي لاءِ ڪا جڳهه
ناهي، نڪري وڃ هتان.“ سهري کيس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽
دروازي تي بيهاري ٻاهر
ڌِڪو ڏنو.
سڀ گهر ڀاتي سڳنڌ ڏانهن نفرت مان نهاري
رهيا هئا،
نه چاهيندي به هُن اکين سان کين مدد جي التجا ڪئي
پر واپسيءَ ۾ کيس وري به حقارت ملي.
”سنگهار جي وڃڻ کان پوءِ اهو سارنگ ئي هو،
جنهن هيترو عرصو اوهان کي ٿوراهو جو پاڻي پيئڻ کان
بچايو آهي، ڪجهه ته خيال ڪيو.“ سڳنڌ، سارنگ جي
خدمتن جي بدلي پنهنجي گهر وارن جي حقارت نه پئي
ڏيڻ چاهي، انڪري گهر وارن کي اها ڳالهه به ٻڌائي
ڇڏي.
”ته تون اسان کي پنهنجي يار کان اهو پاڻي وٺي
پياريندي هئين؟“ سنگهار جي پيءُ جي ڪاوڙ اڃا وڌي
وئي هئي، هاڻي هو ڌڪن ۽ چنبن سان گڏ لتون به هڻي
رهيو هو.
سڳنڌ خاموشيءَ سان دروازي جي ٻاهران ويهي رهي، جنهن گهر مان
جنازو
نڪرڻ جي هن خواهش ڪئي هئي،
ان گهر جو دروازو هن لاءِ بند ٿي چڪو هو.
”اتي ڇو ويٺي آهين سڳنڌ؟“ ڪجهه ئي دير گذري ته
سارنگ جي ماءُ پنهنجي ڪنهن پاڙي واري ڇوڪري سان
گڏ اچي سڳنڌ جي
گهر آئي.
سڳنڌ جي اکين مان لڙڪ ڪِري ٿر جي پياسي
ڌرتيءَ ۾ گم ٿيندا ويا. سارنگ جي ماءُ سڀ ڪجهه
سمجهي وئي،
کيس ان ڳالهه جو ئي ڊپ هو، ان ڪري هوءَ هِتي آئي هئي.
دروازي وٽ بيهي هُن سنگهار جي ماءُ کي
سڏيو ته اندران دروازي جو ڪڙو کليو.
هوءَ اندر گهڙي وئي، ڪافي دير کان پوءِ
ٻاهر آئي ۽ ٻاهر اچڻ سان ئي سڳنڌ کي پاڻ سان هلڻ
جو چيائين. پهرين ته سڳنڌ انڪار ڪيو پر پوءِ هُن
کيس راضي ڪري ورتو.
اُتي اچي سڳنڌ سڄي رات جاڳندي رهي ۽ اِهو
سوچيندي رهي ته آخر پنهنجي گهر وارن کي ڪهڙي ريت
پنهنجي بيگناهيءَ جو ثبوت ڏياري. سڄي رات اِهو سوچيندي
رهي، رات جي آخري پهر سڳنڌ کي سارنگ جو آواز ڪن تي
پيو، هُو ماءُ کان پاڻي گهري رهيو هو پر اها گهري ننڊ ستل هئي، ان
ڪري سڳنڌ خاموشيءَ
سان وڃي کيس پاڻي پياريو.
”تون گهر ڇو ڪو نه ويئي آهين سڳنڌ.“ سڳنڌ ته چپ
چاپ آئي هئي پر سارنگ ان جي ڪڙي جي آواز مان سمجهي
ويو هو،
ته سڳنڌ پاڻي کڻي آئي آهي.
”گهر وارن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي.“
”سڳنڌ توکي منهنجي پويان نه اچڻ گهرجي هان.“
”آءٌ تنهنجي پويان ڪو نه آئي هئس، آءٌ ان ماءُ جي پٽ جي پويان آئي هئس جنهن وٽ سواءِ پنهنجي پٽ جي، ٻيو ڪو
سهارو ڪو نه هو، ۽
آءٌ
ان سارنگ جي پويان آئي هئس
جنهن مون ۾ همت جو جذبو پيدا ڪيو. سارنگ مون کي
اِهو احساس ئي نه ٿيو ته تون ڪهڙي مهل مون ۾ اها
سگهه ڀري جو
آءٌ
بزدل ائين گهر کان
نڪري پيس.“
”توکي خبر آهي هُو
اهڙيون ڳالهيون ڪونه سمجهندا.
آءٌ
هاڻي ڪنهن ڪم جو ڪونه رهيو آهيان، مون کي هتي آڻي
امان ۽ پنهنجي لاءِ پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن. “ سارنگ، سڳنڌ کي ڏسي ڪونه پئي سگهيو پر کيس محسوس
ٿيو ته سڳنڌ جي مک تي هاڻي اهو خوف نه آهي جيڪو
شروع کان هن جي منهن تي ڏٺو هئائين.
”
تو ڪا پريشاني ڪونهي وڌائي، ڏسجئين ته ڪيئن نه جلد
ئي تنهنجي بينائي واپس اچي ويندي ۽ پوءِ تون وري
ڳوٺ وارن کي پاڻي پيئاريندين.“ سڳنڌ اها ڳالهه
پوري يقين سان چئي.
”ايتري همت ۽ يقين تو ۾ اڳ ته نه هو سڳنڌ.“ سارنگ
چيو.
”اوهان کي دلاسا ڏيڻ وارو ماڻهو جڏهن اوهان کان
پري هليو وڃي يا اهو پاڻ مايوس ٿي وڃي ته ان جو
يقين اوهان ڏانهن اچي ويندو آهي.“
سارنگ خاموش ٿي سڳنڌ جون ڳالهيون ٻڌندو
رهيو، ائين ٿي ڀانيائين ڄڻ سڳنڌ هڪ رات اندر سڳنڌ
مان سنگهار بڻجي وئي هجي.
آسمان تي آخري ستارو بچيو ته سڳنڌ گڏهه
گاڏو تيار ڪيو ۽ ان تي اهو سامان رکيائين جيڪو
سارنگ پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو.
هُوءَ
سارنگ ڏانهن واپس آئي ۽ کيس ٻڌايو ته اڄ کان ڳوٺ
وارن کي هوءَ ئي پاڻي ڏيندي.
۽ سارنگ کي لڳو ڄڻ هيءَ اها ئي سسئي آهي جيڪا
پنهون پنهون ڪندي پاڻ ئي پنهون ٿي وئي آهي.
****
هُن ٻي ڏينهن تي ئي پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙي
جهوپڙي ٺاهي ورتي. سڳنڌ،
سارنگ جو ڪم اهڙي ته سهڻي نموني سنڀاليو جو سڄي
ڳوٺ کي حيرت پئي لڳي. هوءَ نه صرف وقت تي سڀني کي
پاڻي پهچائيندي هئي،
پر جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچڻ کان پوءِ ڀرت
ڀرڻ جو ڪم پڻ ڪندي هئي جيڪو ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو شهر
وڃي وڪڻندو هو. آهستي آهستي ڳوٺ وارن کي به هن تي
يقين اچڻ لڳو ته هوءَ بيگناهه آهي.
ڪيترائي دفعا اها ڪوشش ڪئي ته پنهنجي گهر
وارن کي به پاڻي ڏي پر پهرين ته هُنن کيس صاف جواب
ڏنو، پر ڪجهه ڏينهن ۾ ئي کين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو
پيو، انڪري سڳنڌ کي سنگهار جي ماءُ وٺڻ آئي.
سڳنڌ کي ان سان گڏ وڃڻ ۾ ڪو مسئلو نه هو
پر کيس خبر هئي ته اتي وڃڻ کان پوءِ وري سڀئي سندس
ساڳيو سلوڪ ڪندا. هُن پنهنجي سس کي
ادب
سان اها ڳالهه سمجهائي ته هوءَ پنهنجي جهوپڙي هاڻي
نه ٿي ڇڏي سگهي پر هوءَ روز گهر چڪر ضرور
لڳائيندي. سندس سَس
به ان ڳالهه تي ئي راضي ٿي وئي، هُن کي ته ان
ئي
شيءِ جي گهُرج
هئي. |