سوچ - لوچ
حضرت قلندر لعل شهباز جي مزار تي دهشتگردي جو
واقعو:
امن ۽ محبت جو پيغام عام ڪندڙ صوفي بزرگ حضرت
قلندر لعل شهباز جي مزار تي آپگهاتي بم ڌماڪو ۽
انساني جانين جو زيان سنڌ لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي،
اهو سانحو
16- فيبروري 2017ع تي جمع جي رات تي اُن وقت پيش
آيو جڏهن قلندر جي عقيدتمندن جي ڌمال شروع ٿي.
ڌماڪي ٿيڻ شرط درگاهه جي اندر زائرين ۾ ڀاڄ پئجي
وئي. ڌماڪو ايترو ته شديد هو جو شهيد ٿيل زائرين
جا عضوا هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا، سڄي درگاهه رت سان
ڀرجي وئي. ايڏي وڏي زوردار ڌماڪي ٿيڻ تي سيوهڻ جي
شهرين وڏي انگ ۾ درگاهه اندر پهچي زخمين کي پنهنجي
مدد پاڻ تحت اسپتال پهچائيندا رهيا، ۽ ڪيترن زخمين
کي ايڌي ايمبولينس ۾ ڄام شوري، حيدرآباد، دادو،
لاڙڪاڻي ۽ مختلف شهرن جي اسپتالن ڏانهن موڪليو
ويو. درگاهه اندر ماڻهو اُڀ ڏار دانهون ڪندي
پنهنجي عزيزن کي ڳوليندا رهيا.
هن دل ڏکوئيندڙ سانحي تي انسانيت سان پيار ڪندڙ هر
ماڻهو ڏک ۾ ورتل آهي. دهشتگردن جي اهڙين ڪارواين
سنڌ صوبي توڙي سڄي ملڪ ۾ موجود قلندر لعل شهباز جي
عقيدتمندن ۾ هڪ ته مايوسي ۽ ڏک پيدا ڪري ڇڏيو آهي
۽ باشعور ۽ عام ماڻهن ۾ هڪ خوف پيدا ڪرڻ ۽ صوفين
جي درگاهن تي انهن کي اچڻ کان روڪڻ ۽ پيار محبت جي
پيغام ڏيندڙ صوفين کان عام ماڻهن کي پري ڪرڻ جي
مترادف آهي.
ملڪ ۾ مختلف درگاهن تي ايندڙ زائرين کي هڪ عقيدت
ٿئي ٿي، جنهن جي ڪري زائرين اُتي اچي عبادت ڪن ٿا
۽ پنهنجي دل جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ باسون
باسين ٿا. هن مشيني دور ۾ جتي انسان ايترو مصروف
آهي، جڏهن مصروفيتن مان واندو ٿئي ٿو ته مختلف
درويشن ۽ ولين جا عقيدتمند ڪنهن نه ڪنهن درگاهه تي
وڃي عبادت ۽ ذڪر الاهي ڪري سڪون محسوس ڪن ٿا.
حڪومت طرفان درگاهن تي حفاظتي اُپاءُ وٺڻ لاءِ قدم
کنيا ويا آهن، جنهن سان اها اميد آهي ته منفي
ڪارواين کي ضرور ٻُنجو ايندو ۽ عقيدتمندن جي هڪ
دفعو ٻيهر خوف مان جان ڇُٽي پوندي.
8- مارچ عورتن جو عالمي ڏينهن:
هر سال 8- مارچ بين الاقوامي طور تي عورتن جي
ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. جنهن جو بنيادي مقصد
عورتن جي بنيادي حقن طرف ڌيان ڏيڻ ۽ عام عورتن ۾
شعور پيدا ڪرڻ آهي.
اسان جي ملڪ ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ادارن پاران
8- مارچ جو ڏهاڙو ملهائي عورتن جي ڀلائي ۽ بهتريءَ
لاءِ اُپاءَ ورتا وڃن ٿا، ۽ انهن جي ڪيل جي خدمتن
۽ ڪاميابين تي ڳالهايو وڃي ٿو.
موجوده دور ۾ عورتن خاص طور سنڌي عورتن مختلف شعبن
۾ پاڻ مڃرايو آهي، جنهن جو بنيادي سبب معاشري ۾
تبديلي ۽ عورتن جو پڙهيل هجڻ آهي. اسان جو سماج
اهو ته ضرور محسوس ڪري ٿو ته عورت جي شرڪت ۽
شموليت سان ئي اسان جي معاشري جي ترقي ممڪن آهي،
پر ان جي باوجود عورتن جي وڌيڪ آبادي وڏين ڪوششن
جي باوجود هڪ طرف تعليم ۽ صحت جي سهوليتن کان
محروم آهي ته ٻئي طرف عورت کي اڃا به ڪنهن
فيصلائتي عمل ۾ شرڪت کان پري رکيو وڃي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومتي سطح تي عورتن جي
بنيادي مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. جنهن ۾ سرِفهرست
نياڻين جي تعليم، عورتن جي علاج و معالج ۽ سرڪاري
ادارن ۾ نوڪرين ۾ اوليت ڏيڻ شامل آهن. معاشري جي
ترقيءَ جو دارومدار پڙهيل عورتن تي هجڻ ۾ ڪو شڪ نه
آهي، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عورتن کي تعليم
حاصل ڪرڻ ۽ نوڪرين ۾ موقعا ڏيڻ لاءِ عملي طور قدم
کنيا وڃن.
گڏوگڏ پڙهيل ۽ اثر رکندڙ عورتن کي پڻ گهرجي ته اهي
پڻ عورتن جي ترقيءَ ۾ ڪردار ادا ڪن.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر (انچارج) ”مهراڻ“
الطاف
حسين جوکيو
صفت
(Adjective)
۽ ان جي درجن
(Degrees)
جو مختصر اڀياس
1.
اڀياسي بيان:
هي وياڪرڻ جو لفظ/ اصطلاح اهڙو آهي، جنـﮬـن ۾ عام طور بنيادي
طالبِ
علم لاءِ ڪو خاص مونجهارو ڪونه هوندو آهي. ليڪن
ايترو ضرور آهي ته اڀياس ذريعي ڪو اهڙو نڪتو ضرور
وائکو ٿيندو آهي، جنـﮬـن ۾ ڪٿي اختلاف رهندو هجي.
وياڪرڻي لفظن/ اصطلاحن جي اڀياس جو خاص مقصد به ڪن
اختلافن کي جاچڻ ۽ ان جو نئين سِري سان اڀياس ڪرڻ
آهي؛ ان کان علاوه وياڪرڻ تي ڪم ڪندڙ بزرگن جي ڪيل
ڪم جي پڻ تازگي ٿِي
وڃي ٿي. هتي صفت،
ان جي قسمن ۽ درجن جو چند عالمن/ استادن جي ڄاڻايل
وصفن ۽ وضاحتن جو مختصر اڀياس پيش ڪجي ٿو.
جن عالمن صفت جي اصطلاح کي واضح ڪرڻ لاءِ استخراجي طريقو
(Deductive Method)
ورتو آهي، تن ۾ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل
مـ
هرچند
آڏواڻي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا نالا ڳڻي سگهجن
ٿا. حقيقت ۾ وياڪرڻ جي اصطلاحن جي سمجـ
هائڻ يا پڙهائڻ جو اهو ئي طريقو بـ
ھتر ڄاتو ويو آهي. ٻين بزرگن جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو
انتـ
ھائي مختصر آهي، جنـﮬـن سبب انهن استقرائي طريقو
(Conductive Method)
ورتو آهي. عام طور اسڪولن ۾ به استقرائي طريقي تي
مبني وياڪرڻ جا ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا. هتي جيئن ته
صرف مختصر تقابل مقصود آهي،
ان لاءِ صرف اصطلاحن جا نالا، وصفون ۽ ضروري
سمجهاڻين جا نمونا رکيا
ويا آهن.
2.
عالمن جون ڄاڻايل وصفون ۽ وضاحتون:
2.1.
مرزا قليچ بيگ موجب: اهو لفظ، جو ڪنھن اسم يا
ضمير سان لاڳو ٿي، هن جي خاصيت (خاص ڳالهه) يا
وڌيڪ حقيقت ڄاڻائي، تنـ
ھن کي ’صفت‘ چئبو آهي. مثال: گوبند ’ڏاهو‘
ڇوڪر آهي- هُو ’ڏنگو‘ آهي. (قليچ، 2006:
11)
صفت جا قسم:
صفت جا ٽي قسم آهن:
ü
صفت وصفي:
مون وڏو، مٺو، قنڌاري ڏاڙهون کاڌو. وڏو، مٺو ۽
قنڌاري لفظ صفت آهن، هن قسم جي صفتي لفظن کي چئبو
آهي ’وصفي‘
(Qualitative)
ڇاڪاڻ ته اهي وصف يا بيان ڪن ٿا.
ü
صفت عددي:
ٻه ڏاڙهون، پھريون ڏاڙهون، اڌ ڏاڙهون، چار چار
ڏاڙهون. ٻه، پھريون، اڌ ۽ چار چار لفظ صفت آهن، هن
قسم جي صفتي لفظن کي چئبو آهي ’عددي‘
(Quantitative)
ڇاڪاڻ ته اهي عدد يا انداز ڏيکارين ٿا.
ü
صفت ضميري:
جيڪي ضمير صفت ٿي ڪم اچن، تن کي ضميري صفت
(Pronominal)
چئبو آهي.
صفت جا
درجا: صفت جا ٽي درجا آهن: صفت خالص، صفت تفضيل ۽ صفت مبالغه.
i.
صفت خالص
اها صفت آهي، جنـﮬـن جو ٻئي ڪنھن سان مقابلو ڪرڻ ۾
نٿو اچي.
ii.
صفت تفضيل،
اهو درجو آهي، جنـﮬـن ۾ فقط هڪڙي ٻئي سان مقابلو
ٿو ٿئي ۽ انهيءَ ٻئي جي پٺيان حرف جر: کان يا ڪنا،
يا مان، يا مون، يا منجهان ڪم اچي ٿو.
iii.
صفت مبالغه،
اهو درجو آهي جنـﮬـن ۾ هڪڙي کان وڌيڪ اسمن سان
مقابلو ڪرڻ ۾ ٿو اچي، جيئن ته هي ڇوڪر سڀني کان
چڱو آهي، سڀني مان هي ڇوڪر هوشيار آهي. (قليچ،
2006: 11، 30 ۽ 190)
2.2.
ڀيرومل
مـ
هرچند
آڏواڻي موجب:
صفت اهو لفظ آهي جو اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، ان
جي خاصيت يا قسم يا انداز ڄاڻائي ٿو. صفت جي معنى
رڳو ’گڻ‘ نه آهي پر هر ڪنھن قسم جي وصف (بيان
حقيقت) چڱي توڙي بڇڙي يا رواجي ان ۾ اچي ٿي وڃي،
تنـ
ھنڪري ٿورن لفظن ۾ چئبو ته:
صفت اهو لفظ آهي جو اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي ان بابت ڪجهه حقيقت
ڄاڻائي ٿو.
صفت جا قسم:
ٻوليءَ ۾ جيڪي به لفظ صفت ٿي ڪم اچن ٿا، تن سڀني
کي ٽن مکيه دفعن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
ü
وصفي: جيڪي صفت اسمن جي خاصيت، قد، درجو، حالت يا قسم
ڄاڻائين ٿا تن سڀني کي گڏي چئبو آهي ’وصفي‘ ڇاڪاڻ
ته اهي وصف يا بيان ڪن ٿا؛ مثال: مٺو ڏاڙهون، کٽو
ڏاڙهون (خاصيت)، وڏو ڏاڙهون، ننڍو ڏاڙهون (قد)
بيٺل ماڻهو، پڪل ڏاڙهون، وڍيل ڏاڙهون (درجو يا
حالت)، قنڌاري ڏاڙهون، سنڌي ڏاڙهون (قسم).
ü
عددي:
جيڪي عدد (انگ) صفت ڪري ڪم آڻجن ٿا تن کي عددي صفت
چئبو آهي؛ مثال: ٻه ماڻهو، ٻيو ڪتاب، ٻٽو خرچ،
ٻيڻو ناڻو، ٻه ٻه ڇوڪرا. ٿورو خرچ، گهڻو خرچ،
سمورو احوال، سڀ ڳالهيون، سرس گيھه، اهڙا انداز
ڏيکاريندڙ لفظ به عددي صفت جي دفعي ۾ ليکجن ٿا.
ü
ضميري:
جيڪي ضمير صفت ٿي ڪم اچن ٿا تن کي ضميري صفت چئبو
آهي؛ جيئن: هيءُ ماڻهو، اهي زالون (ضمير اشارو
ويجهو)، جو ڪتاب، جيڪو ڪتاب (ضمير موصول) سو
ماڻهو، سي زالون (ضمير جواب موصول)، منھنجو ڪم،
تنـﮬـنجي ڳالهه (اضافتي ضمير).
(ڀيرومل، 1985: 74- 75)
صفت جي ڀيٽ
جا درجا: صفت جا ٽي درجا آهن.
i.
اهو جنـﮬـن ۾ ڀيٽ نٿي ڪجي تنـﮬـن کي صفت
خالص چوَن ٿا.
ii.
ٻيو جنـﮬـن ۾ هڪ جي ٻئي يا ٻين سان ڀيٽ ڪجي
ٿي، تنـﮬـن کي صفت تفصيل چون ٿا. تفصيل
معنى بيان، هڪ جو ٻئي جي ڀيٽ ۾.
iii.
ٽيون جنـﮬـن ۾ هڪڙي کي ٻين سڀني ساڳيءَ جنس يا
قسم وارن سان ڀيٽجي ٿو، تنـﮬـن کي صفت مبالغو چوَن ٿا،
مبالغو معنى وڌاءُ.
ڀيٽ جي درجن
ظاهر ڪرڻ جا نمونا:
اٺ گهوڙي کان وڏو آهي. صفت تفصيل (گهوڙي – حالت جري) هاٿي سڀني
چوپاين کان وڏو آهي. صفت مبالغو (چوپاين- حالت
جري). هاڻي سڀني چوپاين ۾ وڏو آهي. صفت مبالغو
(چوپاين- حالت جري) مطلب ته جنـﮬـن اسم سان ڀيٽ
ڪرڻي هوندي آهي، تنـﮬـن کي حالت جريءَ ۾ ڪم آڻبو
آهي. جنـﮬـن لاءِ: کان- ۾ منجهه، منجهان حرف
جر ڪم آڻڻا پوَن ٿا.
·
صفت مبالغي ۾ سڀني لفظ ڪم آڻبو آهي، پر ڪٿي نه به
ٿو ڪم آڻجي، جيئن: اُچي ۾ اُچو وڳو،
معنى سڀني ۾ اُچو (اُچي- حالت جري).
·
مٺائيان مٺو گهڻو معنى مٺائيءَ کان گهڻو مٺو. هتي
’مٺائيان‘ لفظ جي پٺيان حالت جريءَ واري ’آن‘ پڇڙي
پيل آهي.
·
هي ڪپڙو چڱيرو آهي يعني اهڙو چڱو (ٻين چڱن جي ڀيٽ
۾) ڪونهي پر تڏهن به ٿورو چڱو آهي. اهڙيءَ طرح
’رو‘ پڇاڙي گڏڻ سان به صفت تفصيل جي معنى ظاهر ڪبي
آهي. چڱو- چڱيرو- چڱيرڙو ، اهڙيءَ طرح ٻي ’ڙو‘
پڇاڙيءَ به ساڳي مطلب لاءِ گڏبي آهي.
·
صفت جي معنيٰ
کي زور ڀرائڻ لاءِ ڪي لفظ جـﮬـڙوڪ گهڻو، بلڪل، بنـ
هه وغيره گڏبا آهن. جيئن ته انب جو وڻ نارنگيءَ جي
وڻ کان گهڻو ڊگهو آهي. گوبند بلڪل سمجهو آهي باقي
گوپال بلڪل موڳو آهي.
’تر‘ فارسي ۽ انگريزيءَ ۾ به ڪم اچي ٿي. جيئن
’بـﮬـه‘ معنى چڱو ’بـﮬـتر‘
(Better)
معنى ٻين کان چڱو. انگريزيءَ ۾ ’تر‘ بدران ’ار‘
چوَن جيئن:
Great-er.
سنسڪرت ۾ ٻيون پڇاڙيون’ايس‘- ’اِشٽ‘ آهن، جيئن:
’پاپ‘ معنى ’پاپي‘، ’پاپيس‘ معنى ’ٻين کان پاپي‘ ۽
’پاپشٽ‘ معنيٰ
’سڀني کان پاپي‘. ’اشٽ‘ بدران انگريزيءِ ۾ ’ايسٽ‘
چوَن. جيئن:
Great-est
. سنڌيءَ ۾ موڳو- موڳشٽ“ (ڀيرومل، 1985: 79- 81)
2.3.
ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب:
صفت اهو لفظ آهي، جيڪو پنـﮬـنجي موصوفي (اسم يا
ضمير) کان اڳ، پر ان سان بلڪل گڏ ڪم اچي ٿو ۽
پنـﮬـنجي موصوف جي ’گڻ‘ (خاصيت)
’اوگڻ‘،
’عدد‘، ’انداز‘ يا ’مقدار‘ جي باري ۾ وضاحت ڪري
ٿو. مثال: چڱو، سٺو، وڏو، ڏهه، اٺون، ٿورو، چئوڻو،
ايڪڙ ٻيڪڙ، ويـﮬـارو وغيره.
صفت جا قسم:
صفت جا ٽي قسم آهن.
ü
وصفي صفت:
اهي لفظ جيڪي
ڪنـ
ھن
اسم يا ضمير جي گڻ يا اوگڻ واريون خاصيتون بيان
ڪن.
ü
عددي صفت:
اهي صفتون جيڪي
ڪنـ
ھن
اسم يا ضمير جو عدد يا انداز وغيره بيان ڪن.
ü
ضميري صفت:
اهي ضمير اشارا جيڪي جملن ۾ صفتن طور ڪم اچن، يعني
جن جو ڪارج صفت وارو هجي.
صفت جي ڀيٽ
جا درجا:
i.
صفت خالص:
صفت جو اهو درجو، جنـﮬـن ۾ صفت جي،
ڪنـ
ھن
به ٻئي صفت سان ڀيٽ نٿي ڪجي، صفت جي اهڙي درجي کي
’صفت خالص‘ چئبو آهي.
ii.
صفت تفضيل:
صفت جو اهو درجو، جنـﮬـن ۾ صفت جي، ڪنھن ٻيءَ صفت
جي ساڳيءَ خاصيت سان سان ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ اهڙيءَ ڀيٽ
لاءِ ’کان‘ لفظ ڪم آڻجي. صفت جي اهڙي درجي کي ’صفت
تفضيل‘ چئبو آهي.
iii.
صفت مبالغو:
صفت جو اهو درجو، جنـﮬـن ۾ هڪ صفت جي، ٻين سڀني
ساڳيءَ جنس يا قسم وارين صفتن سان ڀيٽ ڪجي ۽
اهڙيءَ ڀيٽ لاءِ ’سڀني کان‘ فقرو استعمال ڪيو وڃي.
صفت جي اهڙي درجي کي ’صفت مبالغو ‘ چئبو آهي.
(الانا، 2010: 87، 88 ۽ 109)
2.4.
ڊاڪٽر محمد صالح شاهه
موجب:
صفت
ڪنـ
ھن
اسم جي خاصيت، قسم، وصف يا انداز (عدد) ڏيکاريندڙ
لفظن کي سڏيو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ صفت جا اهڙا نج صفتي لفظ مروج نه آهن جن کي صفت
تفضيل
يا صفت مبالغه جي درجن ۾ ورهائجي. تنـ
ھن هوندي به شاگردن جي ڄاڻ لاءِ هتي صفت جي درجن
بابت ذڪر ڪجي ٿو. صفت جا ٽي درجا آهن: 1. صفت خالص
2. صفت تفضيل
3. صفت مبالغو.
i.
صفت خالص:
انهيءَ صفت کي چئجي ٿو،
جنھن جو ٻئي ڪنـ
هن سان مقابلو ڪرڻ ۾ نٿو اچي.
ii.
صفت تفصيل:
صفت جو اهو درجو آهي،
جنـ
ھن ۾ هڪڙي جو ٻئي سان مقابلو ٿئي ٿو ۽ انـ
هيءَ
ٻئي جي پٺيان حرف جر، کان- ڪنا- مان- مون يا
منجهان لفظ ڪم اچي ٿو. جيئن: 1. هي ڪتاب، هن کان
چڱو آهي. 2. هنن ٻن مان، هي چڱو آهي.
فارسي ٻوليءَ ۾ ته اهڙا لفظ موجود آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ به
استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيئن: ادنى، اعلى ۽ افضل آهي
پر سنڌيءَ ۾ صفت تفصيل واريون صفتون موجود نه آهن.
ان جي جاءِ تي فارسي ٻوليءَ مان ابتر- بدتر وغيره
استعمال ٿيندڙ آهن.
صفت مبالغو: صفت جو اهو درجو، جنـﮬـن ۾ هڪ کان وڌيڪ اسمن جو مقابلو هجي.
(صالح، 1982: 25- 27)
2.5.
واحد بخش شيخ موجب: صفت اهو لفظ آهي، جنـﮬـن جو لاڳاپو اسم سان هجي ۽ ان جي وصف، حال، انداز،
عدد يا مقدار بيان ڪري. وصف ٿيل اسم کي موصوف
چئبو آهي. صفت جملي ۾ عام طرح اسم يا موصوف جي
اڳيان واقع ٿيندي آهي، پر شعر ۾ بعضي موصوف کان
پوءِ به ايندي آهي. جنـﮬـن صورت ۾ صفت جو لاڳاپو
پنـﮬـنجي موصوف سان هوندو آهي، تنـﮬـنڪري اها گهڻو
ڪري عدد، جنس ۽ حالت ۾ پنـﮬـنجي موصوف سان موافق
رهندي آهي.
صفت جا قسم:
معنى جي لحاظ کان صفت جا قسم آهن: صفت مشبّـ ھ، صفت خالص يا محض، صفت نسبتي، صفت ظرفي، صفت عددي، صفت ضميري، صفت مرڪّب.
ü
صفت مشبّـ
ھه:
اها صفت جا موصوف سان مشابـﮬـت رکندڙ هجي، يا اها
وصف جا موصوف ۾ طبعي طرح موجود هجي؛ مثلاً: سخي
مڙد، حسين عورت، انڌو فقير، ٿڌي
ڇانوَ، اَورچ، سُلڇڻو وغيره.
ü
صفت خالص يا محض:
اهو لفظ جو اسم جي ظاهري، اتفاقي يا عارضي وصف
بيان ڪري، تنـﮬـن کي صفت خالص يا محض چئبو آهي؛
مثلاً: چانڊوڪي رات، سايون اکيون، ميرا ڪپڙا، زخمي
پير وغيره. هنن ترڪيبن ۾ چانڊوڪي، سايون، ميرا ۽
زخمي لفظ صفت خالص جا مثال آهن، ڇاڪاڻ ته رات جي
چانڊوڪي، اکين جي ساواڻ، ڪپڙن جي ميراڻ ۽ پيرن جو
زخم، اهي سڀ دائمي نه پر اتفاقي يا عارضي وصفون
آهن، جي ڪنھن به وقت مٽجي سگهن ٿيون.
ü
صفت نسبتي:
اهو لفظ جو اسم جي
ڪنـ
ھن
سان نسبت يا ان جو ڪو خاص تعلق يا ڳانڍاپو ظاهر
ڪري، تنـﮬـن کي صفت نسبتي چئبو آهي. مثلاً: پدري
شفقت، جهنگلي جانور، قنڌاري ڏاڙهون، ڪشميري شال،
ولايتي شيون وغيره.
ü
صفت ظرفي:
اهو صفت جو لفظ جو اسم جو وضع يا هنڌ، مدت يا وقت،
طرز ۽ مقدار يا انداز بيان ڪري، تنـﮬـن کي صفت
ظرفي چئبو آهي؛ مثلاً: اٿاه سمنڊ، پاڇاٽو فصل،
تڪڙو قدم ۽ چؤطرفو گهيرو وغيره. معنى جي لحاظ کان
صفت ظرفيءَ کي چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: صفت
ظرفي وضعي يا مڪاني، صفت ظرفي زمني يا زماني، صفت
ظرفي اسلوبي يا طرزي، صفت ظرفي مقداري يا قدري.
ü
صفت عددي: اها صفت جا موصوف جو مقرر عدد يا تعداد
ظاهر ڪري، تنـﮬـن کي صفت عددي چئبو آهي. هڪ، پنج،
ڏهه، سؤ، پھريون، ٻيو، چوٿون، ٻيڻو، ٽيڻو، سوايو،
اڌ، ٽـﮬـائي، اٺين پتي وغيره. صفت عدديءَ جا مکيه
چار قسم آهن: صفت عددي شماري، صفت عددي ترتيبي
يا قطاري، صفت عددي اضعافي، صفت عددي ڪَسري.
ü
صفت ضميري يا اشارو: اهو ضمير جو لفظ جو
ڪنـ
ھن
اسم يا ٻئي ضمير جي
اڳيان
اچي
۽ ان جي وصف يا تخصيص ظاهر ڪري يا ان ڏانـﮬـن
اشارو ڪري؛ مثلاً هيءَ دنيا، ڪي ماڻهو، هرڪو
انسان، سڀڪا عورت، جو ڪتاب، جيڪو ملڪ، سو هنڌ، هي
جو، سي جي، جيڪا سا، ڪاجا وغيره.
ü
صفت مرڪّب: اها صفت جا هڪ کان وڌيڪ لفظن جي ٺـﮬـيل
هجي، تنـﮬـن کي صفت مرڪّب چئبو آهي. مرڪّب لفظ ٻن
يا وڌيڪ لفظن گڏڻ سان ٺـﮬـندو آهي؛ مثال: اکين
سڄو، زبان دراز، وات ڳاڙهو، تر جيترو، جبل جيڏو،
چنڊ جـﮬـڙو، درد ڀريو، نانءَ چڙهيو، ڏاڙهيءَ
ڪوڙيو، مٿي ڦريو، اکين ٻوٽ، هٿ ڦاڙ، گڏ ويٺل،
اڍنگو، سُلڇڻو، نِستو، وڏڦڙو، خدا ترس وغيره.
(شيخ، 1986: 228- 276)
صفت جا
درجا: ڀيٽ جي لحاظ کان صفت جا ٽي درجا آهن: صفت
نفسي، صفت تفضيلي ۽ صفت مبالغو.
i.
اها صفت، جنـﮬـن جو تعلق فقط پنـﮬـنجي موصوف
سان هجي، يعني فقط موصوف جي وصف بيان ڪري، تنـﮬـن
کي صفت نفسي چئبو آهي.
ii.
اهو صفت جولفظ جو ٻن يا وڌيڪ اسمن يا ضميرن جي
پاڻ ۾ مشابـﮬـت، سبقت يا فضيلت ظاهر ڪري، تنـﮬـن
کي صفت تفضيلي چئبو آهي.
iii.
صفت مبالغو: اهو صفت جو لفظ، جو هڪ موصوف جي
ٻين مڙني جي ڀيٽ يا مقابلي ۾ برتري يا فضيلت بيان
ڪري، تنـﮬـن کي صفت مبالغو چئبو آهي. (شيخ،
1986: 277- 280)
2.6.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ موجب: صفت اهو لفظ آهي، جو اسم يا ضمير سان لاڳو ٿي، ان جي خاصيت يا
قسم يا انداز ڏيکاري، جـﮬـڙوڪ: چڱو ڇوڪر، خراب
ماڻهو، کٽو ڏاڙهون، وڏو گدرو، وڍيل صوف.
صفت جا قسم:
صفت جا ٽي قسم آهن.
ü
وصفي صفت: جيڪا صفت اسم جو قد، درجو، خاصيت، حالت
يا قسم ڄاڻائي، ان کي چئبو آهي ’وصفي صفت‘.
ü
عددي صفت: اسم جو انداز ڏيکاريندڙ لفظ کي ’عددي
صفت‘ چيو ويندو آهي.
ü
ضميري صفت: اهي ضمير جيڪي ضميري صفت ٿي ڪم اچن ٿا،
انهن کي ’ضميري صفت‘ چيو وڃي ٿو.
صفت جا
درجا: صفت جي ڀيٽ جا ٽي درجا آهن.
i.
جنـﮬـن صفت ۾ ڀيٽ ڏيکاريل نه آهي، تنـﮬـن کي
’صفت خالص‘ چيو وڃي ٿو.
ii.
جنـﮬـن ۾ هڪ جي ٻئي سان ڀيٽ ڏيکاري وڃي ٿي،
تنـﮬـن کي ’صفت تفضيل‘
چيو وڃي ٿو، جـﮬـڙوڪ: اٺ گهوڙي کان وڏو آهي.
iii.
جنـﮬـن ۾ هڪڙي کي ٻين سڀني ساڳيءَ جنس يا قسم
وارن سان ڀيٽجي ٿو، تنـﮬـنڪري’صفت مبالغو‘
چيو وڃي ٿو، مثال: ’هاٿي سڀني چوپاين کان وڏو
آهي.‘ اهڙيءَ طرح هن ۾ ’سڀني‘ لفظ ڪم آڻبو آهي، پر
ڪن جڳـﮬـين تي نه به ڪم ايندو آهي، جيئن ته ’اُچي
۾ اُچو وڳو.‘ (ميمڻ، 1987: 5- 6)
2.7.
ابڙو عبدالرحيم ارشد موجب:
اهڙا لفظ جي جملي ۾ اسم جي گڻ، اوگڻ، قسم، انداز ۽
وزن بابت خبر ٻڌائين، تن کي صفت چئجي.
صفت جا قسم: صفت جا مکيه قسم 3 آهن: 1. صفت وصفي 2. صفت عددي 3.
صفت ضميري.
ü
صفت وصفي:
اهڙا لفظ ، جي اسم جو گڻ، اوگڻ، قسم، قد، وغيره
ٻڌائين، تن کي صفت وصفي چئجي. مثال: هوشيار، سست،
سنڌي، بندرو، ماهيو، سـﮬـڻو، سامونڊي، ڀلوڙ وغيره.
ü
صفت
عددي:
اهڙا لفظ، جي اسم جو عدد يا انداز ٻڌائين، تن کي
صفت عددي چئجي، مثال: پھريون، پنجون، پنڌرهن،
پنجاه وغيره. نوٽ: صفت عدديءَ جا ٻه قسم آهن: 1.
عدد شماري، جـﮬـڙوڪ: هڪ، ٻه، ٽي، چار. 2. عدد
قطاري، جـﮬـڙوڪ: پھريون، ٻيون،
ٽيون، چوٿون وغيره.
ü
صفت
ضميري:
اهڙا لفظ، جي اصل ۾ ضمير هجن، مگر اسم سان گڏ ڪتب
اچي، صفت جو ڪم ڏيکارين، تن کي ضميري صفت چئجي،
مثال: ڪا ڏاچي، اهڙو محل، هو ڇوڪر.
صفت جا درجا:
i.
صفت خالص:
اهو لفظ جو ڪنھن اسم جي خالص صفت ڪري يعني ٻئي
ڪنھن اسم سان سندس ڀيٽ نه ڪري، جيئن ته ’جـﮬـانگير
عادل بادشاه هو.‘
ii.
صفت تفضيل:
اهولفظ، جو هڪ اسم جي ٻئي اسم سان ڀيٽ هئڻ بابت
خبر ڏئي يعني هڪ اسم جي ٻئي اسم تي فضيلت ڏيکاري،
جيئن ته: جـﮬـانگير شير شاه کان وڌيڪ عادل
بادشاه هو.
iii.
صفت مبالغو:
اهو لفظ، جنـﮬـن مان هڪ اسم جي ساراه جي گهڻن اسمن
سان ڀيٽ هئڻ بابت خبر ملي. جيئن ته: جـﮬـانگير
هندستان جي سڀني بادشاهن کان وڌيڪ عادل
بادشاه هو.“ (ابڙو، 1983: 11- 12)
2.8.
نور محمد کوسي موجب:
صفت اهو لفظ آهي، جنـﮬـن ۾ ڪنھن اسم جو گڻ، اوگڻ،
قسم، انداز، مقدار ڏيکاري. صفت سان اسم جي گهڻي
معلومات ملي ٿي. ان اسم لاءِ خاص تخيل پيدا ٿئي
ٿو.
صفت جا
قسم: 1. صفت وصفي 2. صفت عددي 3.
صفت مقداري قياسي 4. صفت اسمي ۽
5. صفت ضميري
صفت جا
درجا: 1. صفت خالص 2. صفت
تفضيل 3. صفت مبالغو
i.
صفت خالص:
اهو لفظ جيڪو اسم جو گڻ، اوگڻ، مقدار وغيره ڏيکاري
پر ان جو
ڪنـ
ھن
ٻئي اسم سان ڀيٽ يا مقابلو نه ڏيکاري ته ان لفظ کي
صفت خالص چئجي. خالص معنى نج يا پنـﮬـنجي ذات
تائين محدود. مثال: سٺو، خراب، سلڇڻو، گدلو،
هوشيار، ڍرو، ويڪرو، ڪشادو وغيره.
ii.
صفت تفضيل:
اهو لفظ جيڪو ڏيکاري ته هڪ شيءِ جي ٻئي سان، هڪ
ماڻهوءَ جي ٻئي سان يا هڪ گروه جي ٻئي گروه سان
چٽاڀيٽي آهي ۽ هڪ جي ٻئي تي فضيلت ظاهر ٿئي ته
اهڙي لفظ کي صفت تفضيل چئجي. فارسي ۽ عربي الفاظ
به صفت تفضيل طور ڪم اچن ٿا.
iii.
صفت مبالغو:
مبالغي جو مطلب آهي، واڌارو يا برتري. يعني، هڪ
شيءِ، يا هڪ ماڻهو يا هڪ گروه گهڻن سان چٽاڀيٽي
ڪري، انهن کان پاڻ کي وڌيڪ ظاهر ڪري. مبالغو به هڪ
لفظ سان به ظاهر ٿيندو آهي ۽ گهڻن لفظن سان به.
ڏسجي ٿو ته ڪوبه هڪ قاعدو ڪم نه ٿو اچي. اسان جي ٻولي سنڌي،
هندي، عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن جي آميزش ٿي وئي
آهي.
فارسي لفظ ۾ مثال |
صفت خالص |
صفت تفضيل |
صفت مبالغو |
بـﮬـه |
بـﮬـتر |
بـﮬـترين |
خوش |
خوش تر |
خوش ترين |
بد |
بدتر |
بدترين |
عربي لفظ |
راحم= رحم ڪندڙ |
ارحم |
الرحمان- رحمٰن- رحيم |
حسن |
احسن |
حسان |
قريب |
اقرب |
اقرب |
(کوسو، 2005: 26- 27)
3.
عالمن جي وصفن ۽ وضاحتن مان اخذ ٿيندڙ معاملا
عالمن جي ڄاڻايل وصفن ۾ بنيادي طور تي ڪٿي ڪو خاص
اختلاف نظر ڪونه ٿو اچي؛ البته، ڪي اختلافي
معاملا/ نرالا انداز نوٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي نڪتن ۾
هيٺ ڄاڻائجن ٿا:
3.1.
عالمن جي ڄاڻايل صفت جي درجن ۾ اصطلاحي لفظ
’تفضيل/ تفصيل‘ جو فرق سامهون اچي ٿو؛
3.4.
عالمن عام طور صفت جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن، ليڪن
واحد بخش شيخ ۽ نور محمد کوسي جي ڄاڻايل صفت جي
قسمن ۾ اضافا آهن.
عالمن جي وصفن ۽ وضاحتن مان اخذ ٿيندڙ معاملن مان ٻه سوال اڀرن
ٿا:
4.
اڀياسي سوال
s
ڄاڻايل صفت جي درجن ۾ اصطلاح ’تفضيل‘ مناسب
آهي يا ’تفصيل‘؟
s
صفت جي قسمن ۾ ڄاڻايل اضافي قسمن يا درجن جي
ڪيتري گهرج آهي؟
4.1.
اصطلاح ’تفضيل‘ ۽ تفصيل جي لغوي اکيڙ ۽ ڪارج
ڄاڻايل
لفظَن جي صورتخطيءَ ۾ صرف هڪ نڪتي جو فرق آهي،
جنـﮬـن لاءِ ڪن جي راءِ ۾ پروف جي غلطي ڳڻي ويندي
آهي، ڪن جي راءِ مطابق ’تفضيل‘ درست آهي ته ڪي
’تفصيل‘ کي بھتر ڀانئن ٿا؛ ان خاطر هنن لفظن جا
اشتقاق پيش ڪجن ٿا:
4.1.1.
’تفضيل‘ جي لغوي اکيڙ:
تفضِيل- تَفعِيل- مصدر (فَضَلَ = هو ڀلو
ٿيو، هن پاڻ کي وڏو ڄاتو) ڀلو ٿيڻ- وڏو ٿيڻ- وڌيڪ
ٿيڻ. هي لفظ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا،
واحد بخش شيخ، ابڙي عبدالرحيم ارشد ۽ نور محمد
کوسي صاحب ڪم آندو آهي. ان نسبت ’صفت تفضيل‘ جو
اشتقاق هيٺين ريت بيھي ٿو:
·
صِفت تفضيل: [صفت- وَصِفَةً > صفت- مصدر
(وَصَفَ = هن بيان ڪيو، هن ساراه ڪئي) تعريف ڪرڻ،
بيان ڪرڻ + تَفضِيل- تَفعِيل- مصدر (فَضَلَ = هو
ڀلو ٿيو، هن پاڻ کي وڏو ڄاتو) پاڻ کي ڀلو ڀانئڻ-
پاڻ کي وڏو سمجهڻ] اهو اسم جو گڻ يا اَوگڻ جيڪو
ڪنھن خاصيت ۾ ٻئي کان ڀلو هجي- ٻئي کان وڏو هجي.
اها صفت جيڪا ڪنھن خاصيت ۾ ٻئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
فضيلت واري هجي.
لغتن موجب
’تفضيل‘ جي معنى/ مراد:
&
جامع لغات سنڌي: تفضيل: [ع] هڪ کي ٻئي تي فضيلت
ڏيڻ- ترجيح. (بلوچ، 1981: 614)
&
سائل ڪوش: تفضيل: فوقيت، اُچائي، اُتمتا، ترجيح
(گرامر ۾) صفت جو اهو درجو،
جنـﮬـن ۾ موصوف کي هڪ يا گهڻن سان مشابـﮬـت يا
ترجيح ڏني وڃي. (سائل، 2009: 111)
&
سائل ڪوش: صفت تفضيل: (اتراوَسٿا) صفت جو اهو درجو جنـﮬـن ۾ هڪ کي
ٻئي سان تشبيـ
ھه
ڏني ويندي آهي، جئن ته، گهوڙو گڏه کان مضبوط آهي.
(سائل، 2009: 350)
&
فرہنگ
آصفیہ:
تفضیل
: فضیلت
دینا۔
ترجیح
دینا۔
فوقیت
دینا۔
§
تفضیل
بعض: بعض پر تفضیل
(گریمر)
صفت کی
وہ قسم جس میں
سے
موصوف کو بعض موصوف پر فضیلت
دی
جائے۔
§
تفضیل
کل: سب پر فوقیت
دینا۔
صفت کی
وہ قسم جس میں
کہ موصوف کو سب موصوفوں
پر فضیلت
دی
جائے۔
§
تفضیل
نفسی:
ذاتی
فضیلت۔
صفت کی
وہ قسم کہ جس میں
ایک
موصوف کو دوسر موصوف پر ترجیح
نہ دی
جائے۔
(2002: 614)
&
نوراللغات:
تفضیل:
(فضل مادہ) فضیلت
دینا،
ترجیح،
فوقیت،
(2006: 1059)
·
اصطلاح تفضيل جو ڪارج:
سنڌي ٻوليءَ
جي وياڪرڻ ۾ هي لفظ چند عالمن ٻن اسمن جي وچ ۾ ڀيٽ(Comparative)
لاءِ ڪم آندو آهي؛ ٻي صورت ۾ عربيءَ ۾ هي اصطلاح
Superlative
کان به مٿانـﮬـين طو ر ڪم آندو ويندو آهي؛ عربيءَ
۾ صفت تفضيل طور ڪم ايندڙ لفظ ۽ ٻين درجن جو تقابل
هيٺ ڏجي ٿو:
عربيءَ ۾ صفت جا قسم (وزن):
فاعل |
فعيل |
فَعوُل |
مفعول |
فَعلان |
فعّال |
اَفعل (تفضيل) |
صادق |
سعيد |
غيور |
محفوظ |
فرحان |
جوّاد |
اَحسن |
عادل |
ڪبير |
صبور |
معروف |
ڪسلان |
فيّاض |
اَڪرم |
ڪاذب |
صحيح |
مَلُوڪ |
مفتوح |
سڪران |
ڪذّاب |
اَنوَر |
·
اسم تفضيل جا وزن:
o
واحد مذڪر: اَفۡعَل واحد
مؤنث: فعلى
o
تثنيه مذڪر: اَفۡعَلان
تثنيه مؤنث: فَعۡليان
o
جمع مذڪر: افعلون/ افاعل جمع
مؤنث: فعليات/ فعل
اَفعَل (مذڪر) جو وزن |
معنى |
فُعلى (مؤنث) جو وزن |
اَحمَد |
وڌئون وڌ ساراهيل |
مروج ناهي |
احقر |
وڌيڪ حقير |
مروج ناهي |
اَحڪم |
وڏو حاڪم |
مروج ناهي |
اَرحم |
سڀئون ٻاجهارو |
مروج ناهي |
اَرشد |
وڌيڪ هدايت يافته |
مروج ناهي |
اَحسن |
وڌيڪ سـﮬـڻو، خوب ترين |
حُسنى |
اَصدق |
وڌئون وڌ سچو |
مروج ناهي |
اَصغر |
بنـﮬـه ننڍو |
صُغرى |
اَطهر |
وڌيڪ پاڪ |
مروج ناهي |
اَظلم |
نـﮬـايت ڏاڍ |
مروج ناهي |
اَعظم |
تمام وڏو |
عُظمى |
اَعلى |
وڌيڪ مٿانـﮬـون |
عُليا |
اَفضل |
سڀئون عمدو |
مروج ناهي |
اَقرب |
وڌيڪ ويجهو، نهايت عزيز |
قُربى |
اَڪبر |
تمام وڏو |
ڪُبرى |
اَڪثر |
تمام وڌيڪ، گهڻو هوندڙ |
مروج ناهي |
اَوّل |
سڀ کان پھريون |
اُولى |
نوٽ: اَفعل جي وزن تي عربي ٻوليءَ ۾ ٻيا به لفظ مستعمل آهن، جيڪي
لازمي ناهي ته اسم تفضيل ۾ ڳڻي سگهجن، اهي ڪنھن
نقص يا رنگ ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪم آندا ويندا آهن؛
مثلاً:
نقص: اَبتر (لُنڊو، پڇ ڪٽيل، جنـﮬـن جو تخم نه رهي)، اَحمق (بد
وقوف)، اَصمّ (ٻوڙو)، اَعمى (انڌو)
رنگ: اَبيض (اڇو)، اَحمر (ڳاڙهو)، اَخضر (سائو)، اَزرق (نيرو)،
اَسوَد (ڪارو).
صفت تفضيل
عربي ٻوليءَ ۾ سڀ کان مٿانـﮬـين درجي جو اصطلاح
سمجهيو ويندو آهي، يعني ان کان مٿانـﮬـون يا فضيلت
وارو ٻيو ڪو درجو ممڪن ئي ڪونهي. جيئن: رحمان،
رحيم (صفت مبالغو) ليکيو ويندو آهي، ليڪن ارحم
(ارحم الرّاحمين) واري درجي کان وڌيڪ ٻيو ممڪن ئي
ڪونهي ۽ اهو ئي صفت/ اسم تفضيل سمجهيو ويندو آهي.
ائين ئي الله اڪبر ۾ ’اڪبر‘ لفظ صفت/ اسم تفضيل
آهي.‘
جنـﮬـن صورت
۾ اسان وٽ عربي لفظن/ اصطلاحن جو استعمال عام آهي. منـﮬـنجي ناقص خيال موجب موجوده حالتن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ
۾ 90 سيڪڙو لفظ/ اصطلاح عربيءَ جا استعمال ٿين ٿا،
ان صورت ۾ ساڳئي اصطلاح کي الڳ دائرو ڏئي استعمال
ڪرڻ مناسب ناهي.
وياڪرڻ خاطر لفظ/ اصطلاح جي درست استعمال جي حل جون ٻه
صورتون آهن ته: يا ته اسين ان لاءِ ڪي سنڌي لفظ
متعيّن ڪريون، جي نه ته پوءِ هڪ اصطلاح کي الڳ
دائرو ڏئي ڪم وٺڻ کان پرهيز ڪندي، مبالغي جي بدران
ڪم آڻيون! پر، مڙئي عالم/ استاد ان ڳالهه سان
اتفاق ڪندا ته اهو ممڪن ناهي.
صفت/ اسم
تفضيل جي هٿرادو دائري سبب، نور محمد کوسي عربي
استعمال جا مثال درست به ڏنا آهن ليڪن دائري ڏيڻ ۾
تڪڙ ڪئي آهي. تڪڙ اها ٿي آهي ته صاحب موصوف جنـﮬـن
صفت/ اسم تفضيل کي
comparative
تصور ڪري ان جا مثال (ارحم، احسن، اقرب يا اڪبر)
ڏنا آهن؛ سي حقيقت ۾
superlative degree کان به مٿانـﮬـين جا مثال آهن. کوسي صاحب جا ڄاڻايل مثال هيٺ
ڏجن ٿا:
عربي لفظ |
راحم= رحم ڪندڙ |
ارحم |
الرحمان- رحمٰن- رحيم |
حسن |
احسن |
حسان |
قريب |
اقرب |
اقرب |
(کوسو، 2005: 26- 27)
ايتري بحث
يا بئش ڪرڻ مان مراد به اها ئي آهي ته عربي ۾ ڪم
ايندڙ صفت/ اسم تفضيل جا لفظ ڪنھن نه ڪنھن حوالي
سان سنڌي ٻوليءَ ۾ استعمال ضرور ٿين ٿا؛ ان صورت ۾
اهڙن لفظن/ اصطلاحن کان متعيّن دائري کان الڳ ڪم
وٺڻ درست ناهي.
وڌيڪ تفضيل
جي اصطلاح کي سمجهڻ لاءِ استاد عبدالـﮬـادي سرهئي
جي ڄاڻايل وصف پيش آهي:
اسم تفضيل:
هي اهو اسم آهي جو ٻين اسمن جي مقابلي ۾ زياده
فضيلت وارو هوندو آهي. هي مذڪر جي صيغي ’اَفعل‘
وزن تي ۽ مؤنث جي صيغي ’فُعلى‘ وزن تي ٺـﮬـي ٿو
…مثلاَ: اَرحم = زياده رحم ڪندڙ؛ اشرف = زياده شرف
وارو؛ اڪبر = وڏي ۾ وڏو. اعظم = تمام وڏو؛ اصغر =
ننڍي ۾ ننڍو يا تمام ننڍو. اَڪرم = زياده بزرگيءَ
وارو؛ اَظلم = زياده ظلم ڪندڙ. اطـﮬـر = زياده
پاڪ. اتقى = زياده متقي. اَفصح = زياده فصيح؛
اَحسن = زياده حسن وارو؛ اَحقّ = گهڻي ۾ گهڻو
حقدار؛ اَضعف = ڏاڍو ضعيف. اَحبّ = ڏاڍو پيارو.
اَجمل = سـﮬـڻي ۾ سـﮬـڻو. اَڪمل = ڏاڍو ڪامل.
(سرهيو، 1976: 46)
هاڻي جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي آهي ته ’تفضيل‘ جو اصطلاح
تمام مٿانـﮬـين تعريف لاءِ ڪم اچي ٿو، ان صورت ۾
مذڪوره لفظ کان وچولي سطح واري ڀيٽ جو ڪم وٺڻ
نامناسب آهي.
هي لفظ مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، واحد بخش شيخ،
ابڙي عبدالرحيم ارشد ۽ نور محمد کوسي صاحب ڪم آندو
آهي. تنـﮬـن کان سواءِ صفت جي درجن ۾
comparative degree
طور ’صفت تفضيل‘ جو استعمال مسڪين راشديءَ (2007:
49) پڻ ڪيو آهي.
اردو گرامر ۾ لفظ ’تفضيل‘ صرف ڀيٽ جي درجن ۾ ’صفت‘ بدران ڪم
ايندڙ آهي، اهڙي وضاحت فرهنگ آصفيه ۽ نور اللغات
مان پڻ ملي ٿي؛ جنـﮬـن ۾ صفت تفضيل، سنڌي گرامر
وانگر ڪو الڳ سان اصطلاح ڪونهي، بلڪه ٽنهي درجن ۾
لفظ ’تفضيل‘، صفت يا فوقيت جي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويندو آهي؛ جيئن:
تفضیل
نفسی،
تفضیل
بعض ، تفضیل
کل. اهو انداز اردو جي عام گرامرن ۾ ائين ئي آهي،
هڪ اردو گرامر مان مثال پيش ڪجي ٿو:
اسلم لائق ہے۔
اسلم اکرم سے
زیادہ
لائق ہے۔
اسلم سب سے
لائق ہے۔
اوپر کی
تینوں
مثالوں
کو غور سے
پڑھئے،
دیکھئے،
پہلے
جملے
میں
اسلم کی
صفت اس کی
ذات تک محدود ہے
یعنی
اس کا کسی
سے
مقابلہ نہیں
کیا
گیا،
دوسرے
جملے
میں
اسلم کا اکرم سے
مقابلہ کیا
گیا
ہے
اور اسے
اکرم سے
زیادہ
لائق بتایا
گیا
ہے۔
تیسرے
جملے
میں
اسلم کو سب سے
زیادہ
لائق بتایا
گیا
ہے،
قوائد کی
زبان میں
صفت کی
پہلی
قسم کو تفضیل
نفسی،
دوسری
قسم کو تفضیل
بعض اور تیسری
قسم کو تفضیل
کل کہتے
ہیں۔
(طاہر، 2004: 45)
4.1.2.
تفصيل جو اشتقاق:
تفصِيل- تَفعِيل- مصدر (فَصَلَ = هن جدا ڪيو، هن ڪَٽيو) جدا جدا
ڪرڻ- ڪَٽي ڌار ڪرڻ- الڳ الڳ ڪري بيان ڪرڻ. هي لفظ
ڀيرومل
مـ هرچند
آڏواڻيءَ ، ڊاڪٽر محمد صالح شاه ۽ ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌيءَ ڪم آندو آهي؛ ان نسبت ’صفت
تفصيل‘ جو اشتقاق هيٺين ريت بيـﮬـارجي ٿو:
·
صِفت تفصيل: [صفت- وَصِفَةً > صفت- مصدر (وَصَفَ
= هن بيان ڪيو، هن ساراه ڪئي) تعريف ڪرڻ، بيان ڪرڻ
+ تَفصِيل- تَفعِيل- مصدر (فَصَلَ = هن جدا ڪيو)
جدا ڪرڻ، الڳ ڪرڻ، نرالو ڪرڻ] اهو اسم جو گڻ يا
اَوگڻ جيڪو ڪنھن خاصيت ۾ ٻئي کان نرالو ڪري؛ اها
صفت جيڪا ڪنھن خاصيت ۾ ٻئي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي.
·
لغتن موجب تفصيل جي معنى/ مراد:
&
جامع لغات سنڌي: تفصيلُ ج تفصيلَ: [ع. فَصّلَ (=
جدا ڪرڻ) > تفصيل] وچور- پرچُون- فـﮬـرست. سربستو
احوال. بيان. تشريح. (بلوچ، 1981: 614)
&
سائل ڪوش: تفصيل: سمورو احوال، بيان، وچور،
وِگت. (سائل، 2009: 111)
&
فرہنگ آصفیہ:
تفصیل:
۱، جدا جدا کرنا۔ فصل کرنا۔علیحدہ
کرنا۔ بیان
کرنا۔ ۲، تشریح
۔ تفسیر۔
تصریح۔
فہرست۔ فرد، کیفیت
(2002: 614)
&
نوراللغات: تفصیل:
فصل مادہ، پیدا
کرنا، بیان
کرنا، جدا کرنا۔کتاب کی
فصل کرنا۔علیحدہ
کرنا۔ تشریح
، تصریح،
فہرست، فرد، کیفیت
(2006: 1059)
&
جامع لغات سنڌي: صفت تفصيل: (ع. صفت + تفصيل > فصل =
جدا ڪرڻ) گرامر ۾ ٻي صفت سان ڀيٽ ۾ ايندڙ. جيئن
’سٺي کان سٺو انب هي آهي.‘ (بلوچ، 1985: 1804)
نوٽ: ڏنگيءَ
اندر چڪ سبب لفظ ’تفضيل‘ اچي ويو آهي، چڪ ان سبب
ٿو چئجي ته بنيادي لفظ ’فصل‘ جو مصدر ’تفصيل‘ ئي
ٿيندو.
نئين جامع
لغات سنڌيءَ ۾ وري شروعاتي لفظ ’صفت تفضيل‘
ڄاڻايل آهي جڏهن ته ڏنگيءَ ۾ درستگي ٿيل آهي.
(بلوچ، 2005: 1269) بـﮬـرحال اهي چڪون پروف جي
لاپرواهيءَ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿيون، ان سببان جامع
لغات سنڌيءَ موجب ’صفت تفصيل‘ ئي تصور ڪيو ويندو.
·
اصطلاح تفصيل جو ڪارج:
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ’تفصيل‘ ٻن معنائن ۾ ڪم آيو آهي، هڪ: تير
پتير سان بيان ڪرڻ، ٻيو: صفت تفصيل (ٻئي سان ڀيٽ
).
اسان وٽ گهڻي قدر، لفظ ’تفصيل‘ ڪنھن ڳالهه/بات
کي تير پتير سان بيان ڪرڻ لاءِ ڪم ايندو آهي؛ ان
صورت ۾ ساڳيو لفظ ٻي مراد ۾ ڪم اچڻ سبب عام طور
هضم نه ٿو ٿئي.
راقم هڪ پيپر ۾ لکيو هو ته: ”مٿين صفت جي درجن ۾ ٽي درجا ڏنا
ويا آهن، جنـﮬـن ۾ عام ليکڪ تفصيل ۽ تفضيل ۾ ڪو
فرق ڪونه سمجهندا آهن. حقيقت ۾ اهي ٻئي صفت جا ئي
درجا آهن، فرق صرف اهو آهي ته تفضيل انهن ٽنهي
درجن کان اعلى ۽ اتم آهي. لفظ ’تفصيل‘ جو ڌاتو
’فصل‘ آهي،
جنـﮬـن جي معنى آهي ’ڪٽڻ‘.فصل پوک لاءِ به ڪم آندو
ويندو آهي ۽ ڪنـ
ھن ڪتاب جي باب کي
ڪنـ
ھن
موضوع سان ڪٽي الڳ الڳ ڪجي،
تنـﮬـن لاءِ به لفظ ’فصل‘ ڪم آندو ويندو هو/ آهي.
صفت تفصيل مان مراد ٻي صفت جيڪا خاصيتن/ خرابين ۾
پـﮬـرين صفت کي ڪٽيندي هجي يا وڌيڪ هجي. ’تفضيل‘
لفظ سڀني صفتن کان فضيلت ۾ اعلى ۽ اتم
ٿئي
ٿو. عربيءَ ۾ هن کي ’اسم تفضيل‘ جي نالي سان سڃاتو
ويندو آهي ۽ فاعل جي معنيٰ
رکندو آهي.“ (جوکيو، 2010: 11- 48)
مان (راقم) پڻ
comparative
لاءِ ’تفصيل‘ جي حق ۾ آهيان، اهڙو اظـﮬـار هڪ
جڳـﮬـه تي ڪيو ويو هو، ليڪن ايڊيٽر صاحب ان کي چڪ
ڀانئي، ’تفضيل‘ جو استعمال ليکي ۾ آڻي ڇڏيو.
(جوکيو، 2010: 76- 112)
هيٺ انهن
عالمن/ استادن جا رايا رکجن ٿا، جن لفظ ’تفصيل‘ ڪم
آندو آهي:
µ
عبدالله آگرو موجب: صفت خاصيت جا ٽي درجا: خالص،
تفصيل، مبالغه (آگرو، 1959: 10 ۽ 11)
µ
حافظ گل محمد گلڻ موجب:
صفت جا ٽي درجا: خالص، تفصيل ۽ مبالغو. (گلڻ،
1960: 24) حافظ صاحب
جي ڄاڻايل ’پرشن گرامر‘ ۾ ساڳئي صفحي تي ’صفت تفضيل‘ لکيل آهي ۽ ٽيبل ۾ ’صفت تفصيل‘
لکيل آهي. آخري ڀلنامي/ غلط نامه ۾ لفظ ’تقضيل‘ جي
درستگي ٿيل ڪانهي؛ ان صورت ۾ گلڻ صاحب جي راءِ کي
ڳڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
µ
سيد محسن علي شاه بخاري موجب: صفت جا ٽي درجا آهن:
خالص، تفصيل، مبالغو. (سيد، 1995: 224)
µ
غلام محمد سومري موجب: صفت وصفي جا ٽي درجا آهن:
خالص، تفصيل، مبالغو. (سومرو، 1997: 88)
µ
شازيه پتافيءَ موجب: صفت
جي ڀيٽ جا ٽي درجا آهن: خالص، تفضيل، مبالغو.
(2009: 49) ساڳئي صفحي تي ڊاڪٽر ٽرمپ جي حوالي سان
محترمه پتافيءَ لفظ ’تفصيل‘ پڻ ڪم آندو آهي، جيڪي
تقريباً 2 عدد آهن؛ ص: 61 تي منشي اڌارام جي حوالي
۾ 2 دفعا ’تفصيل‘ ڄاڻايل آهي. ان کان علاوه ص: 109
تي واحد بخش شيخ جي حوالي سان لفظ ’تفصيل‘ ڪم آندو
ويو آهي؛ جڏهن ته شيخ صاحب پنـﮬـنجي ڪتاب ۾
’تفضيل‘ ڪم آندو آهي- اها ته ٿي لاپرواهي جيڪا
تحقيق جي کيتر ۾ بـﮬـتر ڪونه ليکبي. انـ
هن اشارن مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته شازيه
پتافي ’تفصيل‘ جي حق ۾ آهي؛ ليڪن اهڙي لچڪ آهر ڪا
راءِ ڳڻپ ۾ نه ٿي اچي. (شازيه، 2009)
µ
دادا سنڌي موجب: صفت جا 3 درجا آهن: خالص، تفصيل،
مبالغو. (دادا، 2010: 51) دادا سنڌي جي گرامر ۾ پڻ
پروف جي غلطي آهي. ص: 51 تي 2 دفعا ’تفصيل‘ لکيل
آهي ۽ مثال جي وضاحت ۾ 2 دفعا ’تفضيل‘ ڄاڻايل آهي.
ص: 52 تي مشق جي آخر ۾ ’صفت تفصيل‘ جو لفظ ڄاڻايل
آهي؛ اهڙين صورتن ۾ دادا سنڌيءَ جي راءِ کي به
شمار ڪرڻ ۾ ٻڏتر وارو احساس رهي ٿو.
µ
محمد عيسى چنه موجب: صفت جا ٽي درجا يا ڏاڪا آهن:
خالص، تفصيل، مبالغو. (چنو، 2011: 26)
4.1.2.1.
لفظ ’تفضيل‘ ۽ ’تفصيل‘ جو حاصل مطلب:
Ã
’تفضيل‘ لفظ فضيلت هجڻ جي معنى ڏئي ٿو،
جنـﮬـن سبب سنڌي ٻوليءَ جي چند عالمن/ استادن ڀيٽ
واري درجي لاءِ ’صفت تفضيل‘ ڪم آندو آهي؛ ٻئي پاسي
سنڌي ٻوليءَ جي ڪن عالمن ڀيٽ واري درجي لاءِ ’صفت
تفصيل‘ ڪم آندو آهي. لفظن جي بنيادي اکيڙ پٽاندر
ڪنھن به لفظ جي استعمال کي غلط نه ٿو چئي سگهجي.
Ã
هن حالت ۾ ترجيح وارو عمل سامهون اچي ٿو، ليڪن ان
صورت ۾ هڪ نڪتو تمام اهم آهي ته اهڙن معاملن تي
پـﮬـريائين اڀياس ٿيندو آهي ۽ پوءِ ئي ڪنھن لفظ/
اصطلاح جي مُرجح صورت اختيار ڪئي ويندي آهي؛ پر
بدقسمتيءَ سان اسان وٽ ترجيحي صورت ڏيڻ وارو رواج
ذاتي راءِ جي صورت ۾ هوندو آهي.
Ã
اردو/ فارسي وياڪرڻ ۾ ’تفضيل‘ جو لفظ، صفت
طور، ڀيٽ جي مڙني درجن لاءِ استعمال ٿيندو آهي؛
ڪنـ
ھن
مخصوص درجي لاءِ ڪم ڪونه آندو ويندو آهي.
Ã
جنـﮬـن صورت ۾ عربي اصطلاح يا صفت/ اسم تفضيل
جا لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آندا وڃن ٿا، ان صورت ۾
سنڌي وياڪرڻ موجب ساڳئي اصطلاح کي الڳ دائرو ڏئي،
ڪم آڻڻ مناسب ناهي.
Ã
’صفت تفضيل‘ واري اصطلاح کان هٿرادو ڪم وٺڻ سبب،
تقابل ڄاڻائڻ ۾ نور محمد کوسي کان تڪڙ ٿي آهي؛
يعني
comparative
۾ لفظ ارحم، احسن ۽ اقرب ڪم آندا آهن، جيڪي
ڪنـ
ھن
به لحاظ کان
comparative
۾ ڳڻي ڪونه سگهبا. کوسي صاحب موجب ’ارحم‘ جي معنى
بيـﮬـندي ’ڪنـ
ھن ٻئي کان وڌيڪ ٻاجهه ڪندڙ‘، جڏهن ته هن لفظ جي
معنى ٿيندي: ’مڙني کان وڌيڪ ٻاجهه ڪندڙ، جنـﮬـن
کان پوءِ ٻاجهه ڪندڙ جو ڪو تصور ئي نه هجي‘. مختلف
ٻولين سان ويجهڙائپ سبب، سنڌي وياڪرڻ جي اهڙن چڪن
جي وڌندڙ امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.
Ã
هاڻي جڏهن اها ڳالهه واضح ٿي بيٺي آهي ته
’تفضيل‘ جو اصطلاح تمام مٿانھين تعريف لاءِ ڪم اچي
ٿو، ان صورت ۾ مذڪوره لفظ کان وچولي سطح واري ڀيٽ
جو ڪم وٺڻ نامناسب آهي. اهڙي مٿانھين تعريف جي
لفظن جو پڙاڏو سنڌي ٻوليءَ ۾ به ٻڌو ويو آهي،
جنـﮬـن کي ’اسم ڪبير‘ جـﮬـڙن نالن سان سڏيو ويو
هجي! جيئن: وڏل، سـ
ھڻل، روحل، مٺل وغيره؛ پر اهڙي ڳالهه وثوق سان چئي
نه ٿي سگهجي.
Ã
لفظ ’تفصيل‘ اسان وٽ عام طور ’وضاحت سان بيان
ڪرڻ‘ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي؛ جنـﮬـن سبب ’جدا ڪرڻ‘ يا ’ڪٽي ڌار ڪرڻ‘
جون معنائون ڏکيون هضم ٿين ٿيون.
Ã
سنڌي ٻوليءَ ۾ لفظ ’فصل‘ عام طور پوک لاءِ به
ڪم آندو ويندو آهي، جنـﮬـن جي بنيادي معنى ڪٽائي
ڪرڻ، پچيل پوک کي زمين کان جدا ڪرڻ ئي هوندي آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي پراڻن ڪتابن ۾ باب
(Chapter)
جي بدران ڪم ايندڙ ’فصل‘ جو لفظ، ڪنھن ڪتاب جي
عنوانن جي اهميت موجب ڪٽي الڳ الڳ ڪرڻ لاءِ ڪم
آندو ويندو هو. لفظ ’تفصيل‘ جي مراد به ساڳِي آهي، يعني ڪنـ
ھن موضوع جي عنوانن کي ڌار ڌار ڪري، ترتيب سان
بيان ڪرڻ!
Ã
جنـﮬـن صورت ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ’جامع لغات‘ ۽
چند عالمن (پروفيسر ڀيرومل، ڊاڪٽر سنڌي ۽ ٻيا)
ڀيٽ جي درجن ۾ ’صفت تفصيل‘ ڪم آندو آهي، ان
صورت ۾ ان اصطلاح کي ئي صفت جي ٻئي درجي
(comparative)
لاءِ ڪم آڻڻ جي راءِ رکجي ٿي.
4.1.3.
صفت جا اضافي قسم ۽ درجا:
عام طور عالمن صفت جا ٽي قسم (صفت وصفي، صفت عددي،
صفت ضميري) ۽ ٽي درجا (صفت خالص، صفت تفصيل/ تفضيل
۽ صفت مبالغو) ڄاڻايا آهن، ليڪن واحد بخش شيخ ۽
نور محمد کوسي صاحب جي ڄاڻايل صفت جي قسمن ۾ اضافا
آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا:
·
واحد بخش شيخ موجب: معنيٰ جي لحاظ کان صفت جا ست قسم آهن: صفت مشبّـ
ھه،
صفت خالص
يا محض، صفت نسبتي، صفت ظرفي، صفت عددي، صفت
ضميري، صفت مرڪّب.
ان کان علاوه صفت ظرفي جاقسم: صفت ظرفي وضعي يا مڪاني،
صفت ظرفي زمني يا زماني، صفت ظرفي اسلوبي يا طرزي،
صفت ظرفي مقداري يا قدري. ۽ صفت عددي جا قسم:
صفت عددي شماري، صفت عددي ترتيبي يا قطاري، صفت
عددي اضافي، صفت عددي ڪَسري. ڄاڻايا ويا آهن.
·
نور محمد کوسي موجب: صفت وصفي، صفت عددي،
صفت مقداري قياسي، صفت اسمي ۽ صفت
ضميري.
4.1.3.1.
ٻنهي عالمن/ استادن جي ڄاڻايل اضافي قسمن تي
هڪ نظر:
جناب واحد بخش شيخ صاحب جيڪي صفت جا ست قسم ڄاڻايا
آهن، تن ۾ چار قسم: ’صفت
مشبّـ
هه‘، ’صفت نسبتي‘، ’صفت ظرفي‘، ’صفت مرڪّب‘
اضافي ڏنل آهن. باقي ’صفت خالص يا محض‘ کي صفت وصفي تصور ڪجي ٿو. نور محمد کوسي صاحب جيڪي صفت
جا پنج قسم ڄاڻايا آهن، تن ۾ ٻه قسم: ’صفت مقداري
قياسي‘ ۽ ’صفت اسمي‘ اضافي ڏنل آهن. اتي سوال اهو
ٿو پيدا ٿئي ته:
s
ڄاڻايل اضافي قسم عام ٽن قسمن ۾ شامل ٿي سگهن
ٿا يا ڪا الڳ حيثيت رکندڙ قسم آهن؟
s
اضافي قسمن سان عام طالبِ
علمن جي علم ۾ اضافو ٿيندو يا ڪنھن آزار جو
امڪان رهندو؟
مٿين سوالن
جي روشنيءَ ۾ هڪ ڳالهه ته اها اهم آهي ته سنڌي
وياڪرڻ جي اصطلاحن ۽ دائرن ۾ يڪسانيت جو هجڻ
انتـﮬـائي ضروري آهي؛ جيڪا اضافي قسم ڄاڻائڻ سان
بيشڪ ٽٽي وڃي ٿي.
واحد بخش
شيخ صاحب جيئن: صفت عدديءَ جا قسم ڄاڻايا آهن،
جيڪڏهن ٻين قسمن کي به عام ٽن قسمن ۾ سمائي ها ته
بيشڪ اهو عمل ساراهڻ جوڳو هو. هن حالت ۾ جڏهن ست
قسم ڄاڻايا
آهن ۽ وري ٻن جا ضمني قسم ڄاڻايل آهن ته عام طالب
علم ته ڇا پر پڙهائيندڙ استاد به پريشان ٿي وڃي
ٿو ته ’فلان لفظ‘ کي صفت جي ڪـﮬـڙي قسم ۾ تصور ڪيو
وڃي؛ مثال طور: سُلڇڻو صفت مشبـ
ھه ۾ تصور ڪجي يا صفت مرڪّب ۾؟ جڏهن ته ساڳيو لفظ واحد بخش شيخ
ٻنهي قسمن ۾ شامل ڪيو آهي. اهڙي ٻڏتر واري حالت يا
لچڪ وياڪرڻ ۾ قابلِ
قبول نه رهندي آهي.
اضافي قسمن
۾ ڄاڻايل لفظ/ اصطلاح هڪ ته ڌاري ٻوليءَ جا ڪم
آندا وڃن ٿا، ٻيو ته عام جي سمجهه کان ئي چڙهيل،
ان صورت ۾ چند لفظ ته برداشت ٿي وڃن ٿا، ليڪن عام
طالب علمن لاءِ، اضافي لفظ سان اضافي قسم ڄاڻائڻ
ڪنھن آزار کان خالي ناهن. اهڙو آزار اسان اڳيئي
’تفضيل‘ ۽ ’تفصيل‘ ۾ نوٽ ڪيون ويٺا آهيون.
جڏهن ڀيرومل
مـ
هرچند صاحب ۽ ٻين جي ڄاڻايل ’صفت وصفيءَ‘ جي دائري ۾ ’خاصيت، قد،
درجو، حالت يا
قسم‘ وارا جزا شامل ڪري هڪ قسم ڄاڻايو آهي ته انهن
کي الڳ الڳ قسم جي صورت ۾ بيان ڪرڻ سان ڪو علمي
ڌاڪي ۾ اضافو ڪونه ٿو ٿئي.
وياڪرڻي
اصطلاحن جي دائري ۾ يڪسانيت برقرار رکڻ لاءِ اها
ئي راءِ جڙي ٿي ته: ’واحد بخش شيخ ۽ نور محمد کوسي
جا ڄاڻايل اضافي قسمن کي سُسائي ’صفت وصفي‘ ۽
گهربل قسم ۾ شامل سمجهيو وڃي.
4.1.4.
نتيجو:
S
صفت جا ٽي قسم: ’صفت وصفي‘، ’صفت عددي‘ ۽ ’صفت
ضميري‘ نوٽ ڪيا ويا آهن؛ جيئن ته ڄاڻايل اضافي قسم
’صفت وصفي‘ ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا، ان صورت ۾ واحد
بخش شيخ ۽ نور محمد کوسي پاران ڄاڻايل اضافي قسمن
کي سُسائڻ واري راءِ رکجي ٿي.
S
صفت جا ٽي درجا: ’صفت خالص‘، ’صفت تفصيل‘ ۽
’صفت مبالغو‘ نوٽ ڪيا ويا آهن. جيئن ته ڀيٽ واري
درجي ’صفت تفصيل‘ ۾ لفظ ’تفصيل‘ ۽ ’تفضيل‘ جو
اختلاف سامهون آيو آهي، ان خاطر اصولي اڀياس آهر
ڀيٽ واري درجي لاءِ لفظ ’تفصيل‘ کي ترجيح ڏيڻ واري
راءِ رکجي ٿي.
S
سادي ڍنگ سان، پرائمريءَ جي ٻار لاءِ صفت جي وصف
هن ريت بيھي ٿي: صفت اهو لفظ آهي جيڪو اسم جو گڻ
اوگڻ، تعداد، مقدار ۽ انداز ڏيکاري، ان کي صفت
چئجي ٿو.
******
&
اڀياسي ڪتاب:
×
آڏواڻي ڀيرومل مـﮬـرچند (1985ع)،
وڏو سنڌي وياڪرڻ،
ڄام شورو:
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
×
آگرو، عبدالله (1959ع)، آسان سنڌي گرامر،
حيدرآباد:
آر.ايم فتح ائنڊ برادرس.
×
ابڙو، عبدالرحيم، ارشد (1986ع)،
رفيق گرامر،
هالا:
انٽرنيشنل اڪيڊمي.
×
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2010ع)،
سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر،
حيدرآباد:
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (1981، 1985ع)،
جامع لغات سنڌي، جلد 2 ۽ 4،
ڄام شورو:
سنڌي ادبي بورڊ.
×
بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر (2005ع)،
نئين جامع سنڌي لغات، جلد ٻئو،
حيدرآباد:
سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×
پتافي، شازيه (2009ع)، سنڌي ٻوليءَ ۾ گرامر نويسيءَ جي ارتقا،
حيدرآباد:
سنڌي لئنگويج اٿارٽي.
×
جڙياسنگھاڻي، سترامداس سائل، پروفيسر (2009ع)،
سائل ڪوش، ڇاپو ٻيون،
حيدرآباد:
ڪويتا پبليڪيشن.
×
جوکيو، الطاف حسين (2010ع)،
سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ اصطلاح ’مخفف‘ جو تقابلي
اڀياس. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو.
جلد: 3، شمارو: ٻيو. ص: 11- 48. حيدرآباد: سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
×
جوکيو، الطاف حسين (2010ع)، سنڌي ٻوليءَ جي اهم اصطلاح ’اشتقاق‘ جي
اکيڙ. سنڌي ٻولي، تحقيقي جرنل. ايڊيٽر: تاج جويو.
جلد: 3، شمارو: 1. ص: 76- 112. حيدرآباد: سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
×
چنو، محمد عيسى (2011ع)، آسان سنڌي گرامر، ڀاڱو پھريون- ٽنڊوآدم.
×
راشدي، مسڪين (2007ع)، سوجهرو،
ڪنڊيارو:
روشني پبليڪيشن.
×
سرهيو، عبدالـﮬـادي (1976ع)،
علمي تحفو،
لاڙڪاڻو:
هادي پبليڪيشنس.
×
سومرو، غلام محمد (1997ع)، سنڌي ٻولي ۽ ان جي سکيا- سڪرنڊ.
×
سيد، محسن علي شاہه (1995ع)،
سنڌي ادب،
ڳوٺ تنيا بقا شاهه: بخاري پبليڪيشن.
×
سيد احمد دهلوي،
مولوی
(2002ء)،
فرہنگ آصف،
جلد:
اول،
لاہور:
سنگ ميل ۔
×
شاداني،
طاہر (2004ء)،
سفینئہ
اردو ۔ تہذیب
سنز ، لاہور
:
اردو بازار ۔
×
شاه، محمد صالح، ڊاڪٽر (1982 ؟)،
سنڌي گرامر، درجو ڇھون- حيدرآباد: يادگار پبلشرز.
×
شيخ، واحد بخش (1986ع)، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، ڀاڱو پھريون،
ڄام شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
×
کوسو ، نور محمد (2005ع)، سنڌي گرامر،
ڪنڊيارو:
روشني پبليڪيشن.
×
مرزا قليچ بيگ (2006) سنڌي وياڪرڻ،
حيدرآباد:
سنڌي ادبي بورڊ.
×
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر (1987ع)،
سنڌي گرامر ۽ ڪمپوزيشن،
سکر:
عجائب اسٽورز.
×
نور الحسن
نير، مولوی
(2006ء)،
نور اللغات، جلد: اول۔ اسلام آباد:
نيشنل بک فاوئڊيشن ۔ |