سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:13 

نادر علي شاهه ’فراق‘

 

 

 

غزل

تنهنجو خادم تنهنجي خاطر اڄ به ٿيو بيمار آ،

زندگي جو هر قدم گذري رهيو لاچار آ.

ڪهڙي تعريف ان جي ڪنهن جي اڳيان ڪيان،

منهنجو دلبر شاهڪار ۾ وڏو شاهڪار آ.

راڄ تنهنجيءَ سنڌ تي، آهي وڏيرن جو لطيف!

سنڌ جي هر فرد سان ٿيو برسر پيڪار آ.

آبرو سادات جي ساڳي رهي ناهي هتي،

قوم جو آخر عقيدو ٿي پيو بيڪار آ.

سر فدا توتي ڪري غيرن سان لڙبو ضرور،

منهنجو توسان سنڌڙي هي قول و قرار آ.

هي ڪهڙو فيصلو اي سنڌ ڌرتي جيڪڏهن،

بس فقط شاعر ٿي پيو بک جو ڀنڊار آ؟

 

غزل

ساٿ ساروئي لٽائي ويو حسينعه،

دين احمد کي بچائي ويو حسينعه.

ڪنهن به بيعت کان رهيو بي باڪ ٿي،

سر جهڪائڻ کان سر ڪٽائي ويو حسينعه.

ابن حيدر شاهه شاهان هو حسينعه،

گودِ مادر جي ملهائي ويو حسينعه.

ڪربلا ۾ قتل شبيري ٿيو!

قوم کي اڻٽر نڀائي ويو حُسينعه.

اڄ به زنده ٿي رهي يزيديت هتي،

بيشڪ امت کي وڌائي ويو حسينعه.

ابن حيدر کي ’فراق‘ آيو وري،

نينهن جو نعرو لڳائي ويو حسينعه.

 

غزل

ماڻهو نامو

 

ماڻهو ماڻهو جو دشمن، ماڻهو مارا ٿي پيا،

شينهن بگهڙ ۽ مِرون مانگر ماڻهو سارا ٿي پيا.

 

ڪين ڊڄي ٿو ڪوئي ليڪن بر جي بلائن کان،

دوست جا دشمن سي ئي سنگت وارا ٿي پيا.

 

ساٿي بنجي جيڪي دشمن بنيا آهن اڄ يارو،

سهڻا ماڻهو ڪي ڪي سي ڀي اندر ڪارا ٿي پيا.

 

سنڌ جو پاڻي بند ٿيو ڌرتي تي جو ڌاريا آيا،

انڌير نگري چرٻٽ راجا حاڪم سارا ٿي پيا.

 

پاڪن جو ڪم پاڪن سان ناپاڪي ۾ ڇاهي،

تڙجي جيڪي توڙون آيا سي ڀي سيٺ سونهارا ٿي پيا.

 

تون فراق آهين سدائين فڪر ڪر تون تون ذڪر ڪر،

پير پليتن جا اکڙي ويندا ڀيڄ ڀٽائي نعرا ٿي پيا.

 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

 

غزل

سڪون دل کي ملي پيار جي تنوار هجي،

خدا ڪري ته نئون سال خوشگوار هجي.

وجود منهنجو هجي ۽ ديارِ يار هجي،

ديارِ يار سان ناتو هي برقرار هجي.

نصيب گل ٿي اهو جنهن سان گڏ نه خار هجي،

الٰهي پهلو ۾ ائين منهنجي گلِ عذار هجي.

خزان جي هوندي به هڪ عالمِ بهار هجي،

سندم هي داغِ جگر رشڪِ لاله زار هجي.

غمِ فراق کان انسان نه دل فگار هجي،

قرار جي ٿي هي صورت ته بيقرار هجي.

نظر نظر هِتي بيتاب و بيقرار هجي،

مذاق حُسن گلن مان ئي آشڪار هجي.

ڪڏهن نه مون تي گرانبار انتظار هجي،

نظر هميشه شريڪِ جمال يار هجي.

اچي بهار نشيمن ڦِٽي وڃي منهنجو،

چمن ۾ اهڙو خدايا نه انتشار هجي.

خزان خزان ٿي وڃي گلشن محبت مان،

رياضِ عشق ۾ يا رب اُها بهار هجي.

نشست منهنجي هجي ساقيء حسين سان گڏ،

سندم حبيب جو بازو گلي جو هار هجي.

ڀري ڏي اهڙي طرح جام جام ساقي اڄ،

حساب منهنجي پيئڻ جو نه ڪو شمار هجي.

نه بدشعار سان پنهنجي لڳي طبعيت ٿي،

کڻي رقيب هجي ته به نڪو شعار هجي.

اهائي آرزو بس منهنجي دل جي ’ڪاظم‘ ٿي،

نظر جي آڏو هميشه نگاهِ يار هجي.
 

غزل

راهِ وفا ۾ هستيء دل کي فنا ڪجي،

 تسڪين ڪاڻ قلب کي درد آشنا ڪجي.

همدرد هم خيال اهو دلربا ڪجي،

جو پيڪر وفا هجي ان سان وفا ڪجي.

محبوب ماهوش اهو غم آشنا ڪجي،

جنهن جي دراز عمر لئي هردم دعا ڪجي.

باذوق منتخب سو دُر بي بها ڪجي،

خوشبخت خوش خصال سڄڻ خوش ادا ڪجي.

دلبر جي در تي دل جي بيان مدعا ڪجي،

ٻي در وڃي اجائي نه ڪا التجا ڪجي.

گلرخ ۽ گلعذار اهو مہ لقا ڪجي،

جنهن جي ڏسڻ سان پاڻ کي خوش دائما ڪجي.

جام و شراب، موسم اِبر بهار آ،

محفل ۾ دور جامِ بپا ساقيا ڪجي.

ڏي جام اهڙو ساقيا جنهن جي پيئڻ سان اڄ،

بزمِ فنا کي طالبِ آبِ بقا ڪجي.

صورت جي لاجواب ته سيرت به لاجواب،

بس اهڙي ماهرو جي ثنا برملا ڪجي.

اندوهه وياس و بيڪسي و جوشِ اضطراب،

ڪنهن سان وڃي بيان اِها ماجرا ڪجي.

پنهنجي جفا تي پاڻ پشيمان ٿي خودبخود،

جوشِ وفا کي ڏسندي چئين هاڻ ڇا ڪجي.

فرياد تي رقيب جي، آڏو حبيب جي،

ان روسيه رقيب کان آڏي پڇا ڪجي.

چئي هرڪو بزمِ طالب الموليٰ ۾ اڄ رسي،

مدت ٿي ويئي آهي ڪا محفل بپا ڪجي.

”ڪاظم“ جي شعر کي ٻڌي اهلِ سخن چيو،

واجب ٿيو اسان تي صد مرحبا ڪجي.

عبدالقادر قادري کٽي

 

 

 

 

غزل

 

سڄي دنيا ڇڏي توسان يڪي سهڻا رکيم ياري،

پرين پينار جي هڪ پل ڪئي تو ڪانه پوءِ واري.

تنهنجي ديدار لئه دل سِڪي پيارا پرين پل پل،

ڇڏي ماڻا اچي تون مِل هينئين جا هار هڪواري.

سڪندي سال ٿيا سارا ڪريان ڪنهن سان انگل آرا،

ٽٽي دل پاش ٿي پارا، وڇوڙي ۾ سا ويچاري.

گهڻا گهورن ڪيا اٿم گهاءَ ٻڌايان توکي ٻيلي ڇا،

چوي ’قادر کٽي‘ ڏي ڪا اچي تون دوست دلداري.

رات گهڙي جا گڏ تو گهاري، محب مٺا سا مون نه وساري.

 

نظم

 (1)

نرمل تنهنجا نين نرالا،

عجب اشارا عين نرالا،

درسن سان ڪن دَين نرالا،

تنهنجا غَزالي غَين نرالا،

جلوا تِن جي نين نرالا،

باب بنيا بحرين نرالا،

موتي ٺهيا مَرُجَينَ نرالا،

اهڙي تنهنجي نِرت نهاري.

رات گهڙي جا گڏ ٿو گهاري.

 (2)

ڀِرُون ڀَوالا تنهنجا ڀُولا،

وَڙهن گسن تي ڇوڙين گولا،

واٽ وٺيو ٿا بيهن ٽولا،

راهه جهليو ڪن رَندن رولا،

جهور وجهن ٿا جَهڪون جهولا،

منهنجي اکين جا ٺرن اَولا،

ڀيڻيءَ تي ٿا لهن ڀولا،

شرم شمعي جا ڪن ٿا شولا،

نه ڪجل جي مون ڪار گذاري.

رات گهڙي جا گڏ ٿو گهاري.

 (3)

حال اندر جو توسان اوريان،

ساهه سِسيءَ ٻئي گهوري گهوريان،

ڪنڌ ڪلهن تان لاهي ڪوريان،

چاڪ اندر جا توسان چوريان،

حال سُڻائج هوريان هوريان،

توري ٻئي سان تر نه توريان،

پيو ڏکن جا ڏونگر ڏوريان،

هي ڦورَو دل جو ڪنهن سان ڦوريان،

قادر کٽيءَ کي ڏي دلداري.

رات گهڙي جا گڏ ٿو گهاري.

(4)

ڪاڪل تنهنجا لوهِي ڪڙيُون،

ڪڙيون ڪڙيون اندر اَڙيون،

اڙِيون اڙيُون جيءَ ۾ جڙيون،

جَڙيون جَڙيون موتين مڙهُيون،

مڙهيون مڙهيون چشمن چڙهُيون،

چڙهيون چڙهيون وارَي وِڙهيون،

وڙهيون وڙهيون مصري ڳڙهيون،

ڳڙهيون ڳڙهيون بدمن پڙهيون،

ويل اُها مون ڪا نه وساري.

رات  گهڙي جا گڏ ٿو گهاري.

سيّد سراج

 

 

 

 

غزل

تو محسوس ڪرايو آهي،

تنهنجو پيارُ پرايو آهي.

صبح جو ويندڙ ڀُليل نه چئبو،

جيڪو شامَ گهر آيو آهي.

راتِ به نچڻي نانگڻ وانگي،

سارو جسم ورايو آهي.

وقت جي حاڪم پنهنجي خوشين جو،

مون کان ڏنڊ ڀرايو آهي.

ڇو منهنجي اظهار تي سَرتا،

ڪا تجويز نه رايو آهي.

ٻوٽي نيڻ سراج ڏٺا مون،

خود ديدار درِ آيو آهي.

غزل

لبڙا اداس آهن، لالي اُداس آهي،

ڪا سانوري آ سورنهن سالي اداس آهي.

اي! سِج خيرپور جا کجيون گواهَه رهجو،

نازڻ جي عاشقيءَ لئه بالي اداس آهي.

ڪا باهه ۽ نه شعلو جيون رڳو آ دونهون،

منهنجي اندر جي ڪاٺي آلي اداس آهي.

وڻ وڻ به ٻور ڇاڻيو جو ڀن به درد ماڻيو،

مون دل هنئين ۾ جيڪا پالي اداس آهي.

شاعر سان شام گڏجي هڪ درد نئون لکي ٿي،

۽ چانهه جي هٿن ۾ پيالي اداس آهي.

مولائي ملاح

 

 

 

 

غزل

 

منهنجي اکين ۾، ڇا تون ڏسين ٿي،

وار ڇـو هـر هـر، مٿي کـڻيـن ٿـي.

 

سرتين کان ڌار ويهي ڀلا ڇو سکي،

تصورن خيال، ڪنهن جا تون پسين ٿي.

 

منهنجي ڪنهن سان، ملڻ تي سکي!

دوستن کـي ڇــو، ڏسـي سـڙين ٿـي.

 

تون سراپا سونهن جي، ديوي آهين،

تون وفا جي شهر جي، مَلِڪا لڳين ٿي.

 

ڪيتـرائـي ڀـونرا مـڙي وينـدا آهـن،

تون جڏهن وارن ۾ سهڻو، گل هڻين ٿي.

 

تنهنجي دل جو مقصد آئون سمجھي ويس،

مـون سـان شـايـد پـيار ڪـرين ٿـي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org