سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:11 

مخدوم جميل الزمان ’جميل‘

 

 

 

 

دل ڪٿي، دلبر ڪٿي، ياري ڪٿي،

بس سياست آهي دلداري ڪٿي.

 

ڄڻ ڪا بيماري  هئي سا دور ٿي،

هاڻ يارن ۾ وفاداري ڪٿي.

 

دل ۾ خنجر ۽ زبان مان گل ٽِڙن،

يار مون ۾ اهڙي هوشياري ڪٿي.

 

گل اچي هڪ جاءِ تي آهن ٽِڙيا،

روئي جانان جهڙي گلزاري ڪٿي.

 

ربّ جو حڪم ٻيڙا پار ٿيا،

منهنجي ٻيڙي ناخدا تاري ڪٿي.

 

 

بي سبب ڇو ته انتظار ڪريون،

ڪجهه ته هلڪو هي دل جو بار ڪريون،

بي وفا ساڻ ڇو ته پيار ڪريون،

ساڳي غلطي ۽ بار بار ڪريون.

 

منزلون خود هلي اچن ويجهو،

راهه ڪا اهڙي اختيار ڪريون.

 

يار پنهنجو چوي، چوي نه چوي،

پاڻ کي ٿا ان جو شمار ڪريون.

 

جنهن کي احساس ناهي جذبن جو،

ان تان صدقي ٿا وار وار ڪريون.

 

يار هي وقت پڻ هليو ويندو،

پاڻ ڪو ڪم ته شاهڪار ڪريون.

 

رخ تان پڙدو هٽائي اي جاني،

موسمِ گل کي شرم سار ڪريون.

 

هو نڀائي سگهي نه ٿو ڇا ٿيو،

پاڻ ڪو ڪم ته يادگار ڪريون.

 

غلام حسين ’مشتاق‘ سَچَّاروي

 

 

 

 

 

غزل

محبّت جهڙي ڪنهن ٻيء چيز ۾ ڪا چاشني ناهي،

محبّت جيڪڏهن ناهي ته گويا زندگي ناهي.

 

نه ٿيندو جيسين سجده ريز ڪو چاهت جي چوکٽ تي،

لکين سجدا ڪري اهڙي عبادت بندگي ناهي.

 

ٿئي  ٿو راز جي راڻَي جو جيڪر راضپو حاصل،

ته پوءِ دنيا جي ڪا ناراضگي، ناراضگي ناهي.

 

محبّت جي ٿئي ٿي موجزن مَشعل جڏهن من ۾،

برابر روشني هن جي ڪٿي ڪا روشني ناهي.

 

رهي ٿو روح جنهن جي ۾ پرين جي پيار جو رشتو،

زياده زندگي ۾ هن کان ڪا خوشقسمتي ناهي.

 

جنون جي آشنائي جنهن به خوشقسمت کي ٿي حاصل،

خردمندي کان بهتر اهڙي ڪا ديوانگي ناهي.

 

فرشتن کان زياده پيار جو رشتو آ پاڪيزه،

اها پاڪيزگي ’مشتاق‘ ناهي دوستي ناهي.

 

خليل عارف سومرو

 

 

 

نظم ڳالهائن ٿا

ڪرسي

نڪ ڏئي ڪرسي ورتائون،

ڪرسي سندن ،

زبان ڪٽي ڇڏي ،

اکيون ڪڍي ورتيون ،

ڪنن ۾ شيهو ڀري ڇڏيو.

هاڻ ڪرسي هنن وٽ آ ،

اکيون نه آهن ،

نڪ ڪونهي ،

ڪڇن ۽ ٻڌن ڪجهه ڪونه ٿا.

جهنم

هر ماڻهو کي ،

ٻئي ماڻهو لاء،

هٿ ۾ ٽانڊا آهن،

هر ڪو دوزخي آهي،

جهنم جي ضرورت نه آهي .

روشني

مون کي آسمان جا تارا ،

زمين ۾  پورڻا آهن،

ڌرتي روشن ڪرڻي آ،

نه ته هي اوندهه جو اجگر ،

سڀ ڪجهه  ڳڙڪائي ويندو.

 

سياست

سالن ۾ 

ديس جي سياست

بالغ نه ٿي سگهي

ميچوئر ٿيڻ بدران ،

ڪرپٽ ٿي وئي آ

ساحل به ڪونه آهي

منزل به ڪونه آهي.

ڏيئو

مان مڃان ٿون  تون ،

هوا کي گهلڻ کان ،

روڪي نٿو سگهين،

پر تون ڏيئو ته  پنهنجو ،

هر هر ٻاري سگهين ٿو،

اونده ٽاري سگهين ٿو .

دل

هيڪلائي سان ،

آسمان ڳالهائيندو آ،

جدائي تي ،

جهان ڏنگيندو آ،

دل جي ڌرتي پوء به،

ٻج ۽  پاڻي لاء پياسي ،

پيار ڪهاڻي لاء پياسي .

چنڊ

رات جي بادشاهي ۾ ،

جهور ڪراڙو ،

چنڊ نماڻو،

ڏکن جي تارن سان ،

گهيرل آهي ،

هيڪل آهي.

 

مڙس

هن باه جو گهريو،

پي برف جو ڏنس،

ايتري ته ٺري وئي آ،

جيري ئي مري وئي آ.

 

رشتا

رت جا رشتا گهرا نه آهن ،

پاڻي گهرو آهي،

پئسو ڪم جو آ،

رشتا ڪم جا نه آهن،

رشتا سچا نه آهن ،

وقت سچو آهي ،

درد سچو آهي.

 

بک

دل ۾ سور ٻرن ٿا،

ڪئي پور ٻرن ٿا ،

غريب جي چلهه ،

ٻرڻ کان اڳ ۾ ،

سندس بچن جي بک ،

پيٽ جي گهٽين ۾،

ورڻ لڳي ٿي ،

ٻرڻ   لڳي ٿي .

 

بيت

منجهايو پئي من کي ڪاري ڪوجهي رات،

ڏيئا جلايا ڏات، راهون روشن ٿي ويون.

 

سڀ ڪجهه ساڳيو آ ڪٿي، ناهي جي جاني،

آهي جي جاني، سپنا ساڀيان ٿيو پون.

 

اهڙي هلو شهر ڏي، منهنجو نانءُ جتي،

مون کي هاڻ هتي، ڪير سڃاڻي ڪين ٿو.

 

مچ تي ڪو ميڙ هيو، من تي هيو منڊ،

گاج مٿان چنڊ، ڪاڇي تي ڪرڻا ڇپيا.

 

آسمان تان لٿل، هجن ڄڻ ڪتاب،

جهڙا گل گلاب، تهڙي منهنجي شاعري.

 

شايد منهنجي شهر کي، اکيون ڪونهن ڪي،

ڪير سڃاڻي ڪونه ٿو، ”خليل عارف“ کي،

مرندس ته ايندا پوءِ هي، منهنجي قبر تي،

وڃي چئو تن کي، مون سان جيئري ئي ملو.

 

 مان ملي نه مرتبو، جيون ۾ جنهن کي،

ان جي قبر تي، گل وجهڻ مان فائدو.

 

محنت محبت جي ڪري، چمڪي ٿي چٽي،

جوهي جي مٽي، جرڪي ٿي جهان ۾.

 

بيخود بلوچ

 

 

 

 

 

 

اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، پوءِ ٻڌائج پار ٻيا،

ذات پات سان زيانُ، ماڻهپي جو ٿي ويو.

*

اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، جي ٿو آدم کي مڃين،

ٻيو ڪو نانءُ نشان، بعد ۾ بيانُ ڪر.

*

اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، ماڻهپي کي مانُ ڏي،

آدم ئي عُنوان، آهي ڪائنات جو.

*

اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، انسانن جي واسطي،

نسورو نقصانُ، فرقُ، فسادُ ڪري پَيو.

*

ماڻهو ماڻهوءَ تي، ڇو ٿو ڪاتُ کڻي؟

ڇو ٿو ٻُور ڇڻي؟ روز محبت ميٺ جو.

*

”اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، ثابت ڪر ساڃاهه کي“،

ائين چيو حيوانُ، وڏي واڪي مونُ ٻڌو.

*

اڳ ۾ ٿيءُ انسانُ، گُلدستا کَڻُ هٿ ۾،

بَمن جو سامانُ، ساڙِ ته سَرهو ٿي پوين.

(ڀٽائي)

ڀٽائي روشني آهي،

سچائي روشني آهي.

ملي ٿي واٽ وائيءَ سان،

هي وائي روشني آهي.

جنهن ڳائي شاهه جي وائي،

تَنهن ڳائي روشني آهي.

رسالي شاهه جي جڳ ۾،

ورهائي روشني آهي.

لطيفي رنگ ۾ رَهه ”بيخود“،

اِها ئي روشني آهي.

 

غزل

تنهنجو مون تي اثر آهي، توکي به خبر آهي،

رُڳو تنهنجي پَچر آهي، توکي به خبر آهي.

منهنجو قدم قدم تولئه، منهنجو مرڻ، جَنم تولئه،

توڏانهن سفر آهي، توکي به خبر آهي.

اغيار جي پاڻ مٿان سنسار جي پاڻ مٿان،

هر وقت نظر آهي، توکي به خبر آهي.

تنها مون گذاريو آ ڪنهن ڪين نهاريو آ،

سڀني کي خبر آهي، توکي به خبر آهي.

تون ٿي نه ڀلي هن جو ”بيخود“ کي نه آ غم ڪو،

تنهنجو هي مگر آهي، توکي به خبر آهي.

 

غزل

نظرانداز ڪريو ٿا اثرانداز ٿينداسين،

سدائين گونجندو رهندو اُهو آواز ٿينداسين.

اسان کي رنگ خوشبوءَ جي ڪهاڻي گُل ٻڌائيندا،

اسان موسم هوائن جا وڃي همراز ٿينداسين.

اوهان هن وقت ٿا ڪريو ڪنارا خير آ پيارا،

اهو ڀي وقت اچڻو آ، اوهان جو ناز ٿينداسين.

مِٽيءَ کان دُور ماڻهوءَ جي نه منزل آ نه مقصد آ،

مٽيءَ خاطر مري وڃبو، تڏهن ممتاز ٿينداسين.

اوهان جو حُسن گُل آ، منهنجا ڳوڙها ماڪ جا قطرا،

اوهان جي غزل آهيو اسان سُر ساز ٿينداسين.

اوهان قطرو محبّت جو مٿان ”بيخود“ جي برسايو،

اسان پڻ پيار جي برسات، بي انداز ٿينداسين.

يوسف لغاري

 

 

 

 

غزل

اکين جي اکين سان، مُلاقات نئين آ،

سکين جي سَکيُن سان، مُلاقات نئين آ.

لڳو آه اُترڙو، وريا هِن وطن تي،

پکين جي پکين سان، مُلاقات نئين آ.

حياتي سموري، رهيون يار آتيون،

ٻکين جي ٻکين سان، ملاقات نئين آ.

ڳڀي لاءِ ڳترا، بدن ٿيو سمورو،

بُکين جي بُکين سان، مُلاقات نئين آ.

پئي لڙڪ لاڙي، ويٺي حال اوري،

ڏکين جي ڏکين سان، ملاقات نئين آ.

پري کان ئي پڌري، هُئي لوڏ جنهن جي،

لکيءَ جي لکين سان، ملاقات نئين آ.

غزل

ڦُٽي آه جواني، ٽُٽي آ جواني،

وري وحشتن ۾، لُٽي آ جواني.

بهارن به ساڙيو، سڄو ڏيهه پنهنجو،

خزائن ۾ ڪيڏو، گهُٽي آ جواني.

زماني سان وڙهندي، مڃئين ڪو نه ڪنهن جي،

جلادن سان پيئي، جُٽي آ جواني.

اسان جي اسان جي، سڄڻ کان سواءِ،

صفا ڄڻ ڦڪي ۽ ٻُٽي آ جواني.

عذابن ۾ واڙيو، ويو آ سدائين،

ڪٿي قيد مان هي، ڇُٽي آ جواني.

اسان جي به يوسف، سڄڻ کي ساريندي،

اچي نيٺ هاڻي، کٽي آ جواني.

ڪوثر هالائي

 

 

 

 

 

 

هُو روزانو، خواب ۾ ڊڄندو هيو،

ڪو زمانو، خواب ۾ ڊڄندو هيو.

لڙڪن کي لاڙي سگهيو نه لوڪَ ۾،

اک افسانو؟، خواب ۾ ڊڄندو هيو.

احساسن اورانگهيو هو هن جو،

آستانو، خواب ۾ ڊڄندو هيو.

هن کي ئي لڳڻو هيو هن کي لڳو،

هر نشانو، خواب ۾ ڊڄندو هيو.

شهر وارن وٽ سدا هن لاءِ هو،

نئون بهانو، خواب ۾ ڊڄندو هيو.

نثري نظم

رشتا آهن يا رستا؟

ڦِڏا،

ڪچا،

ٿڪائيندڙ،

منجهائيندڙ،

اوپرا،

ڌنڌلا،

ويساهه گهاتي ڪندڙ،

بي رحم،

بي حِسِ،

رشتا آهن يا رستا؟

منور ملاح

 

 

 

 

غزل

دور تائين ٿي ستارن کي ڏٺو،

سار ٿي پر اشڪبارن کي ڏٺو.

ڪير ٻيڙيون هوو جلائي ٿو پيو،

سوڳ ۾ ڪيڏو ڪنارن کي ڏٺو.

ڪو وڇوڙي کي رکي ٿو شام جان،

ٿي نظاري ۾ اڏارن کي ڏٺو.

ڪيترو خود کي سنڀاليون اي مٺا،

تو ڪٿي آهي وسارن کي ڏٺو.

هن بدن جون سڀ بهارون بي سبب،

وقت کان آ انتظار کي ڏٺو.

ڇو نه مُرڪي هي مِٺي جو شهر اڄ،

ٿي حسن ۾ مون لڄارن کي ڏٺو.

هاڻ بس تنهنجي اچڻ جي دير آ،

ٿي جواني ۾ ۾ اُڀارن کي ڏٺو.

هو ڪنارو ڄڻ اکين ۾ ڇوڪري،

ٿي اُداسي اڄ نظارن کي ڏٺو.

سنڌ تنهنجي هي بدن تي وار آ،

ڇو ته پنهنجن سان غدارن کي ڏٺو.

چنڊ بيٺو ڄڻ ڪري ٿو خودڪشي،

ٿي پهاڙي آبشارن کي ڏٺو.

وقت جي سڀ ڌوڙ ۾ ها قافلا،

شام ويندي ٿي قطارن کي ڏٺو.

مون ته توسان آ نڀايو هر گهڙي،

پو به تو ۾ هو ميارن کي ڏٺو.

غزل

هوءَ جا هاڻي گهر تي پهتي،

خوشبو ڄڻ آڳر تي پهتي.

 

رنگ ڀريندي مصور سوچيو،

سونهن ڪٿان ڪاڳر تي پهتي.

 

توريءَ مون وٽ سايو اهڙو،

چانڊوڪي ڄڻ بِر تي پهتي.

 

ان جي  مک جو منظر موٽيو،

بارش آهي ٿر تي پهتي.

 

ڪنهن جي ساک نڀائي آئي،

عشق سچائي چر تي پهتي.

 

درد پراڻي ٻيڙي وانگي،

ڇولي ڇولي جر تي پهتي.

 

ڪيڏا نيڻ اُداسي ٿي ويا،

تار ڏکاري در تي پهتي.

 

ڏات اياڻي نکري پئي آ،

ديد جيئن دلبر تي پهتي.

 

ڪير ٿڪاوٽ ساري ”منور“،

سونهن سڏي ڀاڪر تي پهتي.

امين ڀٽو

غزل

هو هڪڙو گُل پڇاڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي،

ليئو گهر جي ڪو ماڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي.

وڳو هن جي ئي مرضي جو بدن تي پائڻو پوندس،
انگي هوءَ اَلماڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي.

مئي الزام ڪارنهن ۾ مگر ماء لاش هن جي تي،

اهو جوڙو ڪهاڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي.

اجهو هو گهر ڏي موٽي آ لتاڙي شهر جا لهجا،

چري لمحو ڏهاڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي.

جواني هن جي جهوپي مان اُڏامي پئي ڀنڀوري جان،

۽ پوپٽ ڪو پهاڙي مان رنگين ڳولي رهي آهي.

غزل

اسان کي شهر جي رمجهم ڪندي آباد پڪ ناهي،

وري اُجڙي نئين سر سان ٿينداسين شاد پڪ ناهي.

اوهان جي هجر جي هڪڙي بتي جلندي رهي آهي،

اسان کان ويا آهيو وسري يا آهيو ياد پڪ ناهي.

سمورو هال تاڙين سان هيو گونجيو غزل ٻڌندي،

اوهان موجود ها ليڪن ڏنوئي داد پڪ ناهي.

اڌوري زندگي جي خواب جي شايد پڇاڙي هون،

پتو ناهي ته آهيون شاد يا ناشاد پڪ ناهي.

لڳل ڪي گهاءُ سيني تي مگر پوءِ ڀي هو مرڪيو پئي،

اهو سنڌڙي هيو تنهنجو سچو فرهاد پڪ ناهي.

غزل

تن تي لباس گهرجي روٽي مڪان پڻ،

پنهنجي زمين چاهيون ٿا آسمان پڻ.

هن حال جي حقيقت توکي ئي ٿو ڏسيان،

ٿورو کپي ٿو تنهنجو سانول ڌيان پڻ.

مڪمل نه زندگي کي ماڻهو اسان ته ڇا؟

ساڳي طرح هلي ٿو سارو جهان پڻ.

مرڪي اسان ڪٽي آ محشر جي عمر هي،

زخمي اسان جو تن من گهايل زبان پڻ.

پنهنجا خواب سارا ڀيليون وڃن پيا،

ترڪش پيو آ خالي خالي ڪمان پڻ.

 

غزل

راس ايندي دوستي هي شهر جي؟

ڀوڳيون پيا دشمني هي شهر جي.

ڇو انڌيرا ٿي اکين ۾ هو ڀري،

بار پوندي روشني هي شهر جي.

ديس ڪهڙي ۾ اچي آهيون ويا،

اوپري آ هر گهٽي هي شهر جي.

ماڪ کان هي ڪير آيو آ وٺي،

عارضي آ تازگي هي شهر جي.

آءٌ جڏهين ڀي هليو ويندس ”امين“،

ڪين رهندي چاندني هي شهر جي.

غزل

هجرت ڪدي جان لهجا خانه بدوش آءٌ،

مون ۾ ڊڪن ٿا رستا خانه بدوش آءٌ.

هن پنڌ ۾ بيهاري مون کان ڪيو پڇاڻو،

دک درد ڪيسين رهندا خانه بدوش آءٌ.

رستو هي رُڃَ جهڙو پيرن ۾ آهي ڦاٿل،

آهي ڪا گڏ هلي جا خانه بدوش آءٌ.

ٻيڙي ندي ڪنڌي تي ٻيلي جي آهي ڀرسان،

پنڇي به هي آوارا خانه بدوش آءٌ.

منزل هي مئڪدي جان مون کي ڇڪي رهي آ،

روڪيندا ڪيسين لمحا خانه بدوش آءٌ.

غزل

اکين جي ڳوٺ ۾ هاڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ،

حياتي درد ٿي ڇاڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ.

نه پنهنجو پنڌ پورو ٿيو ٽُٽل شيشي جيان آهيون،

ڪيئن منزل ڪوئي ماڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ.

اڌوري راهه ۾ رهبر ڇڏيندي هو چيو مون کي،

اوهان ڄاڻو ۽ ڪم ڄاڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ.

ٻُسي هن زندگاني ۾ ملڻ هن جو ضروري آ،

ڪٿان هن کي ڏيو آڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ.

الائي زندگي ڪيڏانهن وٺي ويندي نٿو ڄاڻان،

پئي پيڙهي امين گهاڻي رڳو پن ڇڻ رهي پئي آ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org