سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:17 

غلام حسين “مشتاق” سُچاروي

 

 

 

متو آهين مڇ، ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين

 

”پاڻهي پتو پئجي ويندس ته گهڻي ويهين ٿو سؤ ٿئي! پالو پيو اٿس وڏيري بخشل خان سان، اهڙي ڪندومانس جو ست پيڙهيون ياد ڪندس.“

وڏيرو ريل گاڏيءَ جي ڊٻي مان اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پير رکندي، ماڻهن جي ميڙ ۾ پنهنجي قداور ڪمدار کي ڏسندي ڀڀڪيون ڏئي رهيو هو. سندس وات مان گف ٿي وُڙهي ۽ زور زور سان ڳالهائي پنهنجي وڏيرپ جو رعب وتاب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس شور تي ماڻهن جا وڏا ميڙ گڏ ٿي ويا ۽ حيرت مان وڏيري ڏي نهارڻ لڳا. هو پنهنجي ڌُن ۾ مست هو.

”ٻه اکر پڙهي پيو آهي ته وڏو ماڻهو ڪو نه ٿي ويو، سمجهي ٿو ته مان فوجي آفيسر آهيان پر وڏيرو بخشل خان به وڏيرو بخشل خان آهي. اجهو ٿا هٿ ڪڙيون لڳايونس ۽ گهر ٻار تباهه ڪيونس، ڪاڏي ويندا، آهن ته آخر اسان جي راڄ جا ماڻهو.“

وڏيرو، ضلعي هيڊڪوارٽر مان ڊي.ايس.پي سان ملي، سندس کيسو گرم ڪري، حد جي صوبيدار لاءِ سندس سهڪار ۽ همنوائي جو حڪم کڻي آيو هو ته جيئن هُو حُسين ۽ ان جي خاندان کي هميشه هميشه لاءِ ختم ڪرائي ڇڏي. حد جو صوبيدار ته اڳ ۾ ئي وڏيري جو واهرو ۽ پيالي ڀائي هو.

وڏيرو بخشل پنهنجي ڏاڍ ۽ ڏهڪاء سڀ پوري تر ۾ هڪ دهشت جي علامت بڻيل هو. آسپاس جي اَٺن ڏهن ڪوهن اندر سارا ڪاٽڪو، چور، ڌاڙيل ۽ بدمعاش سندس پاڇي هيٺ پلجندا هئا، ڪنهن چڱي ۽ عزت واري ماڻهوءَ جي عزت مٽيءَ ۾ ملائڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل هو. ڪنهن به ڊاڪو، ڌاڙيل، بدمعاش ۽ لچ لوفر کي اها طاقت نه هئي جو سندس حڪم جي انحرافي ڪري، سڀ غنڊا ۽ بدڪردار ماڻهو سندس هُشي ۽ حڪم تي چوريون ۽ ڦرون ڪندا هئا ۽ سندس چُرچ تي غريب، شريف ۽ مالوند ماڻهن جا مال متاع، ڍور ڍڳا زر زيور زوري ڦري چوري ڪري، وڏيري وٽ آڻيندا هئا ۽ پوءِ وڏيرو معتبر ۽ جهان خان بڻجي غريب راڄ وارن جا فيصلا ڪري ڀاري ڀنگ وٺي مال موٽائي ڏيندو هو. اهڙي طرح هن لٽ مارجي ڪاروبار ۾ هُو نه رڳو برابر جو شريڪ پر مرڪزي ڪُڌو ڪردار هو. اِنهيءَ ڦرمار جي آمدني تي سندس اوطاق ۽ گهرٻار جو شاهاڻو خرچ پکو هلندو هو. وڏيري جي عيش عشرت ۽ اميراڻي ٺاٺ باٺ جو وڏو ذريعو چورن ۽ لوفرن جي ڪمائي ۾ سندس شاهاڻو حصو هو.

وڏيري بخشل جون ٻه ٽي شاديون به ٿيل هيون پر پوءِ به هڪ ڳائڻيءَ سان نينهن جو ٺپو لڳل هوس، پنهنجي ڳوٺ توڙي آسپاس جي ڳوٺن ۾ واري واري سان پنهنجي سريت ڳائڻي جي راڳ محفل رچائيندو هو، جتي نه رڳو تر جي سڀني چورن، لوفرن، بدمعاش ۽ بدڪردار ماڻهن کان مٿس سوين روپيا گهور ڪرائيندو هو، پر اتان جي شريف ۽ خوشحال ماڻهن لاءِ به لازم هو ته اهي به هن راڳ رنگ جي محفل ۾ بنفسِ نفيس شريڪ ٿين يا مناسب رقم وڏيري ڏي تحفي طور موڪلي پنهن جي سفيد پوشي، خانداني عزت ۽ شرافت جو بچاء ڪن پر جيڪڏهن ڪنهن لکئي پڙهڻي يا شريف ماڻهو سندس آنڪي ڀرڻ کان انڪار ڪيو ته پوءِ هن جي عزت، مال ملڪيت ۽ جان جو خير نه هوندو.

حُسين به وڏيري بخشل جي ڀر واري ڳوٺ ۾ رهندو هو. هُو ننڍپڻ کان ذهين ۽ محنتي هو. پڙهڻ جو شوق سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هو. هُو اڃان پنجن سالن جو هو ته سندس والد وفات ڪري ويو هو. هُن جو والد نه رڳو پنهنجي راڄ جو رکوالو هو پر هڪ بهادر ۽ دلير شخص پڻ هو. هو هِن وڏيري ۽ سندس وڏڙن کي به ست سريون ٻڌائيندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍيائين. حسين پنهنجي والده ماجده جي سايه ۽ نگرانيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن ڪاليج جو پروفيسر ۽ بعد ۾ فوج جو ڪميشنڊ آفيسر ٿي ويو. هُو شاعر، اديب ۽ قلمڪار هجڻ سان گڏ خوش خلق، ملنسار ۽ عوامي انسان هو. سندس دوستي جو دائرو روز بروز وڌندو ويو. اديبن عالمن ۽ شاعرن سان سندس دوستاڻا لاڳاپا ۽ آفيسرن ۽ عملدارن وٽ سندس اثر رسوخ ۽ تر جي ايم.اين.اي ۽ ايم.پي.اي سان هن جا ويجها واسطا ڏسي وڏيرو بخشل خان اندر ئي اندر ۾ سڙندو ۽ ڪڙهندو هو ۽ هميشه انهيءَ تاڙ ۾ هو ته کيس ڪو مناسب موقعو ملي ته هو حسين کي ٺڪاڻي لڳائي. وڏيرو بخشل خان نه چاهيندو هو ته سندس تر ۾ ڪو ماڻهو لکيو پڙهيو ٿي وڏو آفيسر ٿي وڃي. انڪري پنهنجي ڳوٺ يا آسپاس ۾ انگريزي اسڪول يا ڪاليج هجڻ جو به سخت مخالف هو.

خدا جي قدرت سندس ڳوٺ ۾ ئي هڪ خانداني ۽ فرشته صفات استاد اچي پرائيويٽ انگريزي اسڪول کوليو، جنهن جو الحاق ڪنهن ڏورانهين اسڪول سان هو، جتي وڏيري جو اثر رسوخ هلي نٿي سگهيو. هِن پرائيويٽ اسڪول جي کُلڻ سان وڏيري جي گهر ۾ ماتم مچي ويو. هُن جي ڪوشش هئي ته هن ٻوٽي کي پاڙان پٽي ڪڍي پر چوندا آهن ”جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي“ سو هي اسڪول قائم دائم رهيو ۽ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو ويو، جو اڳتي هلي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي درجي تائين پهتو حسين به هِن اسڪول مان ڪجهه وقت فيضياب رهيو.

وڏيري جي ڳوٺ ڀرسان هڪ نهايت نيڪ پرهيزگار اهل الله شخص جو ديني مدرسو هو جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ حفظ قرآن جو فيض جاري هو. جتي دعا ۽ فيضيابي لاءِ آفيسر عملدار ۽ هر قسم جا ماڻهو ايندا هئا. وڏيري بخشل خان لاءِ هي خالص ديني ڪم به سندس ڪُکِ جو ڪان هو. انڪري وڏيري هن مدرسي  جي ولي صفت انسان، سندس خاندان، ڳوٺ ۽ مدرسي کي تباهه ڪرڻ لاءِ اهڙا ته ظلم ڪيا جن جو ذڪر ڪندي وار ڪانڊارجي وڃن ٿا. الله هن خالص دين جي مرڪز جي حفاظت ڪئي ۽ وڏيري جي مستقبل کي اونداهون، ويران ۽ برباد ڪري ڇڏيو.

حسين به هاڻي ڊگري ڪاليج جو پروفيسر ٿي ويو هو. هُو جڏهن به ٻئي ٽئي مهيني ڳوٺ ايندو هو ته آسپاس جا ماڻهو کيس ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا ۽ اهڙي طرح ٻه ٽي ڏينهن سندس اوطاق تي ماڻهن جا ميڙ متل هوندا ها ۽ عيد تي ڳوٺ وارن کي خطبو به ڏيندو هو ته غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جي مالي سهڪار سان گڏ سندس آفيسن ۾ ڪم ڪار لاءِ مدد به ڪندو هو. حسين جي هِن وڌندڙ شهرت ۽ ماڻهن ۾ دلپزيري کي ڏسي وڏيري بخشل خان جي ننڊ ڦٽي ويئي.

حسين به عيد جي موقعي تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ آيل هو. هن دفعي هُو پاڻ سان پنهنجي هفتي کن ۾ ٿيڻ واري شادي جا دعوت ناما به ساڻ کڻي آيو هو، جيڪي هُن پنهنجي راڄ ڀاڳ جي ماڻهن ۾ به ورهايا هئا ۽ عيد نماز پڙهي، وڏيري بخشل خان کي سندس ڳوٺ عيد مبارڪ ڏيڻ سان گڏ شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڪارڊ به ڏنو هو، شادي جو شانائتو ڪارڊ ڏسي وڏيري جو چهرو تپي ٽامڻي ٿي ويو ڇو ته حسين جي شادي هڪ لکئي پڙهئي، سٺي اثر رسوخ واري شريف گهراڻي مان ٿي رهي هئي، جيڪا ڳالهه وڏيري کي پسند نه هئي. وڏيري جي اندر ئي اندر ۾ باهه جا اُلا اڏامي رهيا هئا، مگر ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍيائين ۽ منهن تي مصنوعي مرڪ آڻيندي حسين کي عيد ۽ شاديءَ جون مبارڪون ڏيندي ٻئي ڏينهن صبح جو پنهنجي اوطاق تي ناشتي ڪرڻ جي دعوت ڏني. حسين دعوت قبول ڪندي سڀاڻي صبح جو وعدو ڪري وڏيري کان موڪلائي ڳوٺ روانو ٿيو. وڏيري کي هاڻي پڪ ٿي وئي ته حسين سندس ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي ۽ هُو وعدي موجب سڀاڻي صبح جو ضرور دعوت تي ايندو. وڏيرو بخشل خان ته اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هو، سو شام جو هن لچن جي ليڊر شاهو شودي کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. شاهو شودو روينيو کاتي جو ننڍڙو ملازم هو، پر وڏيري بخشل خان جو مٿس راز هو. شاهو شودو لچن، لوفرن، بدمعاشن ۽ بدڪردار ماڻهن جو سرپرست ۽ سهارو هو، بي واهه ۽ مسڪين ماڻهن جي زمينن جا کاتا پنهنجي نالي ڪرائڻ ۽ انهن کي پنهنجن پالتو چورن ۽ لوفرن هٿان هيسائڻ ۽ دٻائڻ سندس روزمره جو ڪم هو. وڏيري بخشل خان سان سندس ويجهڙائپ هجڻ ڪري ڪو به سندس نالو وٺي نه سگهندو هو. انڪري شاهو شودو ڪجهه وڌيڪ ارڏو ٿي ويو هو. هو پنهنجي حد جو ڄڻ ٿاڻيدار هو. سندس اوطاق تي چورن ۽ بدمعاشن جو ميڙو متل هوندو هو. هُو جنهن کي گهُري ته بدمعاشن جو ليڊر بڻائي ڇڏي ۽ جنهن کي گهُري، ڪٽڪو ڏئي سبق سيکاري ڇڏي.

سال سوا اڳ ڀر واري ڳوٺ جي ڪجهه ڪاٽڪو ماڻهن سان سندس اڻبڻت ٿي پئي. سندس خواهش مطابق حصو نه ملڻ سبب هن انهن ماڻهن کي پنهنجي ڳوٺ گهُرائي سندن هٿ پير ٻڌي نه رڳو ماري ماري اَڌ مُئو ڪيو پرکين وڌيڪ ذليل ڪرڻ لاءِ لوفر ڇوڪرن هٿان غير اخلاقي رويو اختيار ڪرايو ۽ پوءِ کين پوليس هٿان گرفتار ڪرائي هڪ سال سزا ڏياري ڇڏي هئي.

شاهو شودي کي جيئن وڏيري بخشل خان جو نياپو مليو ته هُو عيد جي ڏينهن شام جو وڏيري جي اوطاق تي پهچي ويو. وڏيري بخشل خان کيس پنهنجي پوري رٿابندي کان آگاهه ڪندي چيو ته سڀاڻي صبح جو جيئن حسين پنهنجي ڳوٺ کان منهنجي اوطاق تي نيرن ڪرڻ ايندو ته ان کي رستي ۾ ئي ماري ڇڏي. شاهو شودو ته اهڙا موقعا ڳوليندو هو ۽ وري حڪم به هجي وڏيري بخشل خان جو، سو وڏيري کي يقين ڏياري سج لٿي مهل کانئس موڪلائي پنهنجي ڦٽ ڦٽيءَ تي ڳوٺ روانو ٿيو. هاڻي وڏيري بخشل خان کي يقين هو ته سڀاڻي حسين هِن دنيا ۾ نه هوندو ۽ شاهو شودو به اهو ئي منصوبو من ۾ کڻي نڪتو هو، پر خدا کي ڪجهه ٻيو منظور هو سو شاهو شودي جا تپايل ۽ آزاريل ماڻهو جيڪي سال کن اڳ جيل جي هوا کائي رهيا هئا، سي ٻه ٽي ڏينهن اڳ ضمانت تي آزاد ٿي ڳوٺ آيا هئا ۽ پنهنجي مٿان بداخلاقي ۽ بي غيرتي واري ٿيل عمل جو بدلو وٺڻ لاءِ شاهو شودي جي تاڙ ۾ هئا. هنن کي پتو پيو ته شاهو شودو وڏيري بخشل خان سان عيد ملڻ ويو آهي ۽ شام جو واپس ڳوٺ ايندو. هُو به اهڙي موقعي جي تلاش ۾ هئا ۽ پنهنجو بدلو چڪائڻ لاءِ شاهو شودي جي رستي تي شاخ جي ڪناري وڻن جي اوٽ ۾ هٿيارن سان لڪي ويهي رهيا، شاهو شودو به دل ئي دل ۾ حسين کي مارائڻ جا پهه پچائيندو، پروگرام ٺاهيندو جيئن ئي ان هنڌ پهتو جتي سندس شڪاري انتظار ڪري رهيا هئا، تن کيس سندس ڦٽ ڦٽيءَ تان لاهي موچڙن جو وسڪارو ڪري ڏنو. شاهو شودي کين ڏاڍيون منٿون ميڙون ۽ آزيون نيزاريون ڪيون ۽ کين ڪجهه لالچون ڏيڻ لاءِ ڪوڙا دلاسا ڏنا، پر هنن هڪ به نه مڃي ۽ آخرڪار کيس بندوق جا فائر ڪري کيس ماري لاش کي شاخ ۾ لوڙهي ڇڏيو.

شاهوشودي جي موت جي خبر جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي، گهڻن ماڻهن جي واتان ٻڌو ويو ته ’ڪم جهان پاڪ‘ ڇو ته ماڻهو سندس آزار کان ڪنبندا هئا، پر ڪجهه ماڻهن رسم پوري ڪرڻ لاءِ تڏي تي وڃي تعزيت به ڪئي. وڏيري بخشل خان هن حادثي کي به ڪيش ڪرائڻ لاءِ خبر ٻڌندي ئي ماڻهو موڪلي حد جي صوبيدار کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو ۽ هن سان سازباز ڪري، اکين ڏٺا جڙتو شاهد تيار ڪري حسين ۽ هن جي عزيز افضل خان کي مک جوابدار ڏيکاري مٿن خون جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

وڏيري جا ڇاڙتا اکين ڏٺا شاهد بڻيا جن چيو ته اسان پنهنجي اکين سان حسين ۽ سندس عزيز افضل خان کي سڌيون بندوقون هڻندي ڏٺو آهي ۽ هنن جي فائرنگ سان ئي شاهو شودي جو موت واقع ٿيو آهي. وڏيري بخشل خان جو حسين کي شاهو شودي جي هٿان مارائڻ وارو منصوبو ته خدا کي منظور ڪونه هو. پر هن شاهوشودي جي موت کي حسين جي خلاف استعمال ڪري کين ڦاسائڻ جو پڪو پهه ڪيو هو. حد جي ڊي.ايس.پي ۽ صوبيدار سان سنمک ٿي پنهنجو مڪروه مقصد حاصل ڪرڻ ٿي گهريو. هن حُسين ۽ افضل خان خلاف ايف.آءِ.آر حد جي صوبيدار جي مشوري ۽ رهنمائي ۾ ڏاڍي مضبوط ڪٽرائي هئي. اکين ڏٺا شاهد به سندس پگهار دار نوڪر هئا، پوليس به پنهنجي خيال ۾ سڀ قلم لڳائي ڇڏيا هئا ۽ پنهنجي خيال ۾ نامزد ملزمن جي بچڻ جي ڪا گهٽي ڪا نه ڇڏي هئي. خون ڪندڙ اصل ٽن جوابدارن کي ٽئين چوٿين ۽ پنجين نمبر تي ڏيکاريو ويو، پر بيگناهه ۽ بي قصور حسين ۽ افضل کي ترتيبوار پهريون ۽ ٻيو نمبر ڏيکاريو ويو. وڏيري بخشل خان جون ان ڏينهن ريل گاڏي تان لهندي ڀڀڪيون ڏيڻ ۽ شوشا ڇڏڻ اجايا نه هئا. هن پنهنجي خيال ۾ ڦاهي جي ڦندي کان گهٽ جو منصوبو جوڙيو ئي ڪونه هو. حسين، وڏيري جي اهڙين حرڪتن کان آگاهه هو، ان ڪري هو راتو رات پنهنجي عزيز افضل خان سان گڏجي پنهنجي نوڪري واري هنڌ پُڄي ويو گويا، سندس ڇهين حس کيس وڏيري بخشل خان جي ناپاڪ ارادن کان آگاهي ڏئي رهي هئي ۽ واقعي ٿيو به ائين حالانڪ حسين عيد نماز کان بعد پنهنجي اوطاق تي عزيز احبابن ۽ آيل مهمانن سان گڏ شام تائين موجود رهيو. هن جي فرشتن کي به شاهوشودي کي مارڻ واري منصوبي جي خبر ڪا نه هئي. حسين عيد موڪلن بعد جيئن آفيس پهتو ته حد جو صوبيدار به حسين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هٿڪڙيون کڻي سندس فوجي دفتر پهچي ويو. حسين پنهنجي برگئيڊر سان ملي کيس پنهنجي بيگناهي ۽ وڏيري جي چال بازين جي سربستي خبر کيس ٻڌائي. انڪري برگئيڊر صاحب ڊي.آءِ.جي کي فون ڪري نهايت صاف شفاف انصاف تي مبني انڪوائري جو چيو. ڊي.آءِ.جي صاحب به ضلعي جي پوليس آفيسر ايس.پي کي جيڪو نهايت شريف ۽ ايماندار انسان هو، صحيح ۽ سچي رپورٽ ٻن ڏينهن اندر ڏيڻ جو حڪم ڏنو. ايس.پي پنهنجي سر پاڻ انڪوائري ڪري ڊي.آءِ.جي ۽ فوجي آفيسرن کي رپورٽ ڏني ته حسين ۽ سندس عزيز افضل خان بلڪل بيقصور آهن. وڏيري بخشل خان هن ڪيس ۾ هنن جو نالو پنهنجي ذاتي دشمني ۽ ساڙ سبب ڏنو آهي. اصل جوابدار باقي ٽي ملازم آهن. حسين ۽ افضل جو هِن حادثي سان ذري ڀر واسطو ناهي. ان ڪري انڪوائري ڪري حسين ۽ افضل جو نالو خارج ڪيو ويندو. ايس.پي جهڙي سينئر ۽ ايماندار آفيسر جي اهڙي انصاف ڀري رپورٽ ڄڻڪ وڏيري بخشل خان جي منصوبن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. هُو اصل قاتلن کي سزا ڏيارڻ کان وڌيڪ حسين ۽ افضل کي ڦاسائڻ جي فڪر ۾ هو. هاڻي هن جا سڀ شيطاني خواب چڪنا چور ٿي چڪا هئا. وڏيروبخشل خان اڃان هي ڌڪ پچائي ڪو نه سگهيو هو ته سندس خلاف هڪ ٻي انڪوائري جي رپورٽ تي پوليس کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس اوطاق تي پهچي وئي. دراصل وڏيري بخشل خان هِن حادثي کان ٻه ٽي مهينا اڳ ٽيهه چاليهه کن ماڻهن جون صحيحون ڪرائي هڪ درخواست فوجي جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي موڪلي هئي، جنهن ۾ هُن الزام هنيا هئا ته فوجي آفيسر حسين پاڙيسري ملڪ جو جاسوس آهي ۽ هُو فوج جا ڳجها راز ان ملڪ تائين پهچائي رهيو آهي. فوجي هيڊڪوارٽر وارن هنن سنگين الزامن جي جاچ فوج جي انٽيليجنس اداري جي ڪرنل صاحب کان ڪرائي، جنهن نهايت ڳجهي نموني سان حسين جي ڳوٺ ۽ آسپاس مان پوري طرح معلومات حاصل ڪئي ۽ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ته حسين هڪ وچولي درجي جي شريف خاندان جو نهايت ذهين ۽ ايماندار فرد آهي. هو پنهنجي محنت ۽ ڪاوش سان تعليم حاصل ڪري فوج ۾ آفيسر ٿي ويو آهي. وڏيرو بخشل جيڪو هِن جي سٺي عهدي تي پهچڻ تي ناخوش آهي، تنهن حسين جي هيءَ عزت ڀري نوڪري ختم ڪرائڻ لاءِ نهايت بي بنياد، ڪوڙا ۽ سنگين الزام لڳايا آهن جيڪي سراسر غلط ۽ دشمني تي ٻڌل آهن. ان ڪري هڪ فوجي آفيسر تي اهڙن غلط ۽ سنگين الزامن لڳائڻ جي ڏوهه ۾ وڏيري بخشل خان ۽ ڪوڙي درخواست ڪندڙ سڀني ڏوهارين کي گرفتار ڪري مٿن قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

جڏهن اهڙي رپورٽ تي عمل ڪرڻ لاءِ پوليس وڏيري بخشل خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر پهتي ته وڏيرو بخشل خان زنانا ڪپڙا پائي موقعو وٺي گهرجي پوئين دروازي کان فرار ٿي ويو. فوج جي حڪم تي پوليس وڏيري بخشل خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر جو گهيرو ڪيو ۽ تلاشيءَ لاءِ گهر اندر به داخل ٿي وئي مگر وڏيرو بخشل خان جيڪو نهايت شاطر ۽ مڪار هو، سو ويس بدلائي پوليس کي چڪمو ڏئي پاڻ بچائي وڃي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پٽ جي سُهريجن وٽ لڪي ويهي رهيو. باقي پوليس ٻين جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي ۽ سڀني خلاف ڪيس داخل ڪري کين عدالت آڏو پيش ڪيو. وڏيرو بخشل خان هڪ ڀڳوڙي جوابدار جي حيثيت ۾ لڪندو ڇپندو رهيو ۽ چوندا آهن نانگ جو ٻچو به نانگ ئي هوندو آهي. سو وڏيري بخشل خان جو پٽ نازڻ جيڪو هاڻي هڪ ٺڙڪو وڪيل به هو تنهن پنهنجي پيءُ جي دفاع ۾ پوليس تي زوربار وجهرائي سندس نالو ڪيس مان خارج ڪرائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي مگر هِن ڪيس ۾ فوج جي ڳجهي اداري جي اعليٰ آفيسر پاران ٿيل انڪوائري جي روشنيءَ ۾ وڏيري بخشل خان جي ڪُڌي ڪردار تي ڪاروائي ٿي رهي هئي ۽ کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ سندس گهر ۽ اوطاق تي بار بار پوليس ڇاپا هڻي رهي هئي. انهيءَ دوران سندس پٽ نازڻ ڪراچي ۾ رهندڙ پنهنجي سهري جي معرفت ڪنهن فوجي آفيسر جو خط کڻي حسين جي آفيس تي پنهنجي پيءُ جي مدد لاءِ برگئيڊر سان ملڻ آيو. هن پاڻ کي نامزد جوابدار وڏيري بخشل خان جو پٽ ظاهر ڪرڻ بدران پاڻ کي جمن چارڻ جو پٽ ظاهر ڪيو. هو هِن فراڊ ذريعي برگئيڊر جي حمايت حاصل ڪرڻ آيو هو مگر حسين هُن جي هِن ساري چالاڪي جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو ۽ برگئيڊر کي ٻڌايو ته هي جمن چارڻ جو پٽ ناهي پر نازڻ وڏيري بخشل خان جو پٽ آهي ۽ اوهان سان ڪوڙ ڳالهائي پنهنجو مطلب ماڻڻ ٿو گهري. برگئيڊر صاحب کيس گهرائي سندس پيءُ جو نالو پڇيو ۽ ڪوڙ هڻڻ تي کيس ڪرسي تان لاهي هيٺ پٽ تي ويهاري گيسيون ڪرايون ۽ ڪن پڪڙائي ڪڪڙ ڪرايو. نازڻ جي وڏي منٿ ميڙ کان پوءِ کانئس لکت ۾ معافي وٺي ذليل وخوار ڪري آفيس کان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. نازڻ هن ذليل حرڪت کان پوءِ ڪراچي جو رُخ ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ وڏيري بخشل خان وٽ پهتو جتي هڪ نئون ٺاهه ٺاهي پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪورٽ پهچي حسين ۽ افضل جن کي پوليس پنهنجي جاچ ۾ بيڏوهي ڏيکاري آزاد ڪري ڇڏيو هو ۽ باقي اصل قاتلن کي ڪورٽ ۾ چالان ڪيو هو، نازڻ سندن خلاف سڌو ڪيس داخل ڪري وري جوابدارن جي لسٽ ۾ آڻڻ گهريو. ڪورٽ هن ڪيس ۾ حسين ۽ افضل تي سمن جاري ڪيا. حسين فوجي آفيسر هو ۽ ان وقت سندس پوسٽنگ سنڌ کان گهڻو پري ڪنهن ڏوراهين هنڌ ٿيل هئي، انڪري ڪورٽ جا سمن هِن تائين ته ڪو نه پهچي سگهيا پر سندس مائٽ افضل خان ڪورٽ ۾ حاضر ٿي ويو. ڪيس ڪوڙو هو ۽ افضل خان جي وڪيل ايف.آءِ.آر ۾ جاچ دوران پوليس آفيسر جي رپورٽ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي هِن ڪوڙي ڪيس جو ڀانڊو ڦاڙي ڇڏيو هو ۽ ڪورٽ سڳوري کي ٻڌايو ته حسين ۽ افضل خان بلڪل بي قصور آهن پر وڏيري بخشل خان ۽ سندس پٽ نازڻ پنهنجي ذاتي دشمني، حسد ۽ ساڙ سبب کين هِن ڪيس ۾ ناحق ڦاسايو آهي، ڪورٽ سڳوري ۾ اهڙن ثبوتن اچڻ بعد هي ڪيس وڌيڪ هلڻ جوڳو ته ڪو نه هو مگر وڏيري بخشل خان جو پٽ نازڻ پنهنجي ڪاري ڪوٽ ۽ ڪاري ٽاءِ جو ناجائز استعمال ڪندي هڪ ٻئي خوني منصوبي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ تاريخ تي تاريخ وٺندو رهيو.

انهيءَ عرصي دوران وڏيري بخشل خان پنهنجي پٽ سان گڏجي سازش جوڙي افضل خان سان صلح نامي جو ناٽڪ رچايو. افضل خان وڏيري بخشل خان ۽ سندس وڪيل پٽ نازڻ جي ڳالهين ۾ اچي ويو. هو وڏيري بخشل خان جي اصل چال کان ناواقف هو. اهڙي طرح صلح نامي جي آڙ ۾ وڏيري بخشل خان پنهنجي ڇاڙتن هٿان افضل خان جي مارائڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو. افضل جو جوابدار جي حيثيت ۾ هر حاضري تي اچڻ لازمي هو.

هو هڪ ڏينهن ڪورٽ  مان فارغ ٿي صلح نامي خاطر وڏيري بخشل خان سان ٺاهه ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀائٽيءَ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ روانو ٿيو. هو ريلوي اسٽيشن تان ٽانگو ڪري پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو هو ته وڏيري بخشل خان جي چرچ تي شاهو شودي جي ڀاءُ جيڪو پوليس ڪانسٽيبل هو، تنهن پيشيور قاتلن هٿان حملو ڪرائي افضل خان سندس ڀاءُ احمد خان ۽ ڀائٽي جان محمد کي بندوقن جا فائر ڪري هميشه هميشه لاءِ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

اهڙي طرح وڏيرو بخشل خان پنهنجي اندر جي حسد، ساڙ ۽ دشمنيءَ واري باهه وسائڻ لاءِ ٽن بيگناهه معصوم ماڻهن جي مارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هِن خوني واردات کان پوءِ ٻن قبيلن ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي، ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي خون جون پياسيون هيون. دراصل هن سموري فتني، فساد ۽ ڪيترين خوني وارداتن جو مرڪزي ڪردار وڏيرو بخشل خان ۽ شاهو شودي جو گهراڻو هو. چوندا آهن خدا جي لٺ بي آواز هوندي آهي ۽ الله جي قانون مڪافات ۾ دير آهي پر انڌير نه آهي. بخشل خان وڏيرو به پنهنجي ڪرتوتن ۽ ڪيسن سبب ڪراچيءَ ۾ لڪندو رهيو ۽ ذلت جي زندگي گذاريندي اهڙي عبرتناڪ موت مري ويو جنهن جو بيان ڪرڻ مشڪل آهي، کيس رات جي انڌيري ۾ ڳوٺ آڻي مٽيءَ ماءَ حوالي ڪيو ويو، جنهن وڏيري جي دهشت ۽ دٻدجي کان ماڻهو ڪنبندا رهندا هئا، اڄ اهو بيوسيءَ جي موت مري چند ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ رات جي انڌيري ۾ دفن ٿي ويو.

ٻئي طرف شاهو شودي جو پيءُ جيڪو به وڏيري بخشل خان جو سدائين ساٿي ۽ همنوا رهيو، اهو به الله جي ڏمر جو نشانو بڻجي ويو، کيس پيٽ ۾ شديد سور پيو ۽ پيٽ سُڄي ويو. دانهون ۽ چيخون ڪندي ساهه ڏنائين، کيس دفن ڪرڻ لاءِ اسپتال مان ڳوٺ کڻائي آيا، سندس پيٽ ايترو ته سُڄي ويو، جو اُن جي ڦاٽي پوڻ جو خوف ٿي ويو. سندس نَڪ، وات، ڪَنن ۽ مقعد مان خون جاري رهيو. خون جي بدبوءِ سبب ماڻهو نڪ بند ڪري کڏ کوٽي کيس قبر ۾ اُڇلائي دفن ڪيو ويو. وڏيري بخشل خان شاهو شودي ۽ ماستر ميرل جو هيءُ عبرتناڪ موت ٻڌائي ويو ته ظلم ۽ ظالم جو انجام نهايت خراب آهي. اهڙي طرح وڏيري بخشل خان ۽ شاهو شودي جي ظلمن کان ماڻهن کي نه رڳو نجات ملي مگر هنن ٻنهي خاندانن جو زوال ماڻهن لاءِ عبرت جو سبق بنجي ويو. اڄ سندن اوطاقن تي ماڻهن جا ميڙ نه پر رولوڪتن جا ڪٽڪ ڀؤنڪندا ۽ ڦرندا نظر اچن ٿا.

هت خدا جي مڪافاتِ عمل جو هڪ ٻيو عبرت ناڪ پهلو بيان ڪرڻ به ضروري آهي. شاهو شودي ۽ سندس والد ماستر ميرل جي ڳوٺ جو چڱو مڙس جيڪو سندن قبيلي جو خانداني اڳواڻ ۽ وڏيرو هو، جنهن جو نالو بابا لال خان هو، هو هڪ نيڪ مرد، نيڪ نيت ۽ انصاف پسند انسان هو. شاهو شودي ۽ ماستر ميرل کي سندن گندي ۽ ڪريل ڪردار تي ٽوڪيندو رهندو هو. هُو وڏيري بخشل خان وانگر دولتمند ته ڪونه هو، پر هُن جو ضمير زنده هو ۽ هو وڏيري بخشل خان جي به ڪاڻ ڪو نه ڪڍندو هو. وقت بوقت سندس راڄ وارن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين تي وڏيري بخشل خان کي تنبيهه به ڪندو هو ته سندس ساٿارين شاهو شودي ۽ ماستر ميرل کي ڪو نه وڻندو هو. وڏيرو بخشل خان نه چاهيندو رهيو ته کيس ڪو ماڻهن جي منهن تي ملامت ڪري. بابا لال خان جيڪو منهن تي سچ چوڻ ۽ غلط رويي جي مذمت ڪرڻ لاءِ مشور هو، تنهن کي به پنهنجي راهه تان هٽائڻ لاءِ وڏيري بخشل خان، شاهو شودي ۽ ميرل کي تيار ڪري ڇڏيو هو. ساڳيو عيد جو ڏينهن هو، بابا لال خان فجر جي نماز پڙهي حسب معمول ڳوٺ ڀرسان پنهنجي اباڻي قبرستان ڏانهن وڃي پنهنجن وڏڙن کي فاتحه بخشيندو رهيو. سو هِن عيد تي به صبح سوير قبرستان پهچي پنهنجي مرحوم والد جي قبر تي قل پڙهي رهيو هو ته وڏيري بخشل خان ۽ شاهوشودي ۽ ماستر ميرل جي ماڻهن وجهه وٺي مٿس حملو ڪري قتل ڪيو ۽ سندس لاش کي ٻوڏ جي پاڻي ۾ لوڙهي خوشي جا نعرا هڻندي شاهوشودي وٽ پهتا، جتي کين هِن بيگناهه معصوم ۽ نيڪ مرد جي قتل تي نه رڳو شاباس ڏني وئي پر کين بوسڪيءَ جي پڳ به ٻڌارائي وئي.

خدا جي مڪافاتِ عمل ۾ دير هوندي آهي پر انڌير نه آهي، جنهن عيد جي ڏينهن شاهوشودي ۽ ماستر ميرل پنهنجي چڱي مڙس کي شهيد ڪري سندس لاش پاڻي ۾ لوڙهي ڇڏيو ۽ نعرا هڻندي شاهوشودي وٽ پهتا، خدا جي ڪرڻي ڏسو جو اُن ساڳيءَ عيد جي ڏينهن شاهو شودي کي به قتل ڪري سندس لاش پاڻي ۾ اڇلايو ويو ۽ اهڙي طرح هڪ ظلم جي روئداد جو نتيجو بلڪل ساڳئي صورت ۾ ظالمن آڏو پيش ڪري ٻڌايو ويو ته:

”متو آهين مڇ ٿلهو ٿيو ٿونا هڻين،

توجا ڀائين اڇ، تنهن پاڻيءَ پُنا ڏينهڙا.“

بابا لال خان جو خاندان ۽ حسين جو مستقبل ته اڄ به روشن ۽ مثالي آهي مگر وڏيري بخشل، شاهو شودي ۽ ماستر ميرل جي اونداهي ۽ تباهيءَ لاءِ چئبو ته: ”واريءَ سندو ڪوٽ، اڏي اڏبو ڪيترو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org