رشيده حجاب
سيمينٽ جي پُتلي
صبح جو وِسل وڄي رهي هئي. هوءَ ٻار کي ڦٽو ڪري وڃي
دريءَ ۾ بيٺي. هن جو اهو معمول هو. صبح، شام، رات،
جنهن وقت به وِسل ٿيندي هئي. هوءَ وڃي دريءَ ۾
بيهندي هئي. ان ڳالهه تي رات به هن سيٺ صاحب جون
ڪيتريون چماٽون کاڌيون هيون، پر هوءَ اڄ وري دريءَ
۾ بيٺي هئي. هوءَ ائين ڪرڻ تي مجبور هئي.
صبح جي وِسل ڪم تي چڙهڻ جي وِسل هئي، ۽
مزور جلدي جلدي، وڏا وڏا پير کڻندا، فيڪٽريءَ جي
ديو – قامت عمارت ۾ داخل ٿي رهيا هئا، پر مزور
عورتون اطمينان سان پٺيان آهستي آهستي کلنديون
ٽهلون ڪنديون پئي آيون. فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ عورتن
کي سيٺ صاحب ڪافي سهولتون ڏئي ڇڏيون هيون. هُو
ٻاهرين ملڪ ۾ ڪافي عرصو رهي آيو هو، ۽ عورتن جي
حقن کي چڱيءَ پر سڃاڻندو هو. جيڏي نفرت ۽ حقارت هن
کي مزور مردن سان هوندي هئي، اوتري عورتن سان محبت
۽ شفقت.
چنچل، شوخ مزور رڙين جي ٽلي پٺيان آخر ۾
زيبو هئي، گنڀير ۽ خاموش. هوءَ هميشه وانگر اڄ به
چپ چاپ، سڀني کان جدا، ڪنڌ جهڪائي اچي رهي هئي.
هوءَ، جيڪا پنهنجي موت تي ڪڏهوڪو صبر ڪري
ويٺي هئي، زيبوءَ جو اُداس چهرو ڏسي چُپ ڪري نه
سگهي، هن جون اکيون ڀرجي آيون.
”زيبو ڪيڏي نه اُداس ۽ خاموش ٿي نظر اچي،
هن جي چيلهه به جُهڪي وئي آهي.“ هوءَ سوچڻ لڳي.
ڪڏهن هوءَ ۽ زيبو به ٽپا ڏيندي فيڪٽريءَ ۾ داخل
ٿينديون هيون!
موڪل جي وِسل وڄي رهي هئي. هوءَ فيڪٽريءَ
جي وڏي گيٽ وٽ بيهي زيبوءَ جو انتظار ڪري رهي هئي.
زيبوءَ کي پريان ايندو ڏسي، هوءَ ڪاوڙجي چوڻ لڳي،
”الا، زيبي، ڪيڏو رستو ڏيکاريو اٿئي! ڪيتري دير
کان بيٺي آهيان، ٻيا ته سڀ هليا به ويا.
”اڙي شمي، ڇا ٻڌايانءِ، ان چنڊي ڪاڻي ڏي
ويئي هيس!“
”اين اين! مئنيجر صاحب جي شان ۾ ايتري
گستاخي، هان! چوان مئنيجر کي؟“
”اڙي ڇڏ، هل ته هاڻي نڪرون، پاڇا لڙي ويا
آهن، ٻار روئيندا هوندا.“
سج لهي ويو هو، ۽ آهستي آهستي اونداهه ٿي
رهي هئي. هُو ٻئي تڪڙيون تڪڙيون ڳوٺ جي طرف وڃي
رهيون هيون!
”زيبو، تون مئنيجر وٽ ڇو ويئي هئينءَ؟“ هن اوچتو
سوال ڪيو.
زيبو هن جي منهن ۾ چتائي ڏٺو، پر اوندهه
جي سبب ڪجهه سمجهي نه سگهي.
”اسين مئنيجر وٽ ڇو ويندا آهيون؟“ زيبوءَ
لاپرواهيءَ سان چيو. هوءَ ڪجهه نه ڪُڇي.
ٿوري دير رکي زيبوءَ وري چيو: ”شفوءَ کي
ڪيڏا ڏينهن ٿيا آهن ته بخار لهيس ئي ڪو نه ٿو.
ڪالهه ڊاڪٽر چيو ته مُدو اٿس، مُدي جي بخار جون
دوائون به ته ڏاڍيون مهانگيون آهن!“
”هي مئا بخار به مئنيجر ۽ سيٺ وانگر انڌا
آهن. ڀلا ڪکائين جهوپڙين ۾ هنن لاءِ ڇا رکيو آهي؟
عيش ئي ڪرڻو اٿن ته انهن بنگلن ۾ وڃن، جتي قيمتي
دوائن ۽ اعليٰ ميون جا ڍير هجن. هتي ته اها جوئر
جي ماني ۽ لسيءَ جو وٽو اٿن. پاڻيهي منهن ڦڪو ڪري
ڀڄي ويندا.“
”تون چري آهين، شمي، تڏهن ٿي ائين چوين.
مون کي ته نه ڏينهن جو آرام آهي ۽ نه رات جو قرار،
الائي ڪيئن ٿيندو منهنجو يتيم شفو!“ زيبوءَ ميري
رئي جي پلاند سان اکيون اُگهي چيو.
”الله خوش ڪندس. ها، ٻڌاءِ مئنيجر پئسا
ڏنا توکي؟“
”اجهي، ٻه رپيا هٿ تي رکيائين. ڪيترو
ستايومانس، پر الله ته هنن جي دل سيمينٽ جي پٿر جي
ٺاهي آهي، جنهن تي ڇنڊو پوي، ته به اثر نه ٿئي!“
زيبوءَ اُداسيءَ سان جواب ڏنو.
”زيبي، هي مون وٽ ڏهه رپيا آهن، تون کڻ.“
رَئي جي پلاند مان ميرو نوٽ ڪڍي هن زيبوءَ کي ڏنو.
زيبو ڪجهه چوڻ چاهيو ته هن چيو، خبردار،
زيبي، ڪجهه نه چئجانءِ شفو! تنهنجو پٽ آهي ته
منهنجو به ڀاڻيجو آهي. شفوءَ کي چئجانءِ ته مان
رات جو اچي کيس ”لال بادشاهه“ واري ڳالهه
ٻڌائيندس. هاڻي وڃان ٿي، بابا رستو ڏسندو هوندو!“
هُو ٻئي اونداهه ۾ مختلف رستن تي مڙي
ويون.
سيمينٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندي هن کي پنجون
سال پورو ٿي رهيو هو. هوءَ جڏهن پهرين فيڪٽريءَ ۾
آئي هئي ته تيرهن- چوڏهن سالن جي سنهڙي سُڪل ٻارڙي
هئي، پر انهن پنجن سالن ۾ هوءَ وڌي وڻ ٿي ويئي
هئي، پنج سال اڳ واري سُڪل شميءَ ۽ اڄ جي شميءَ ۾
زمين آسمان جو فرق هو. ڏاڍي سهڻي ته ڪا نه هئي، پر
تڏهن به هڪ دفعي کيس ڏسڻ کان پوءِ ٻئي دفعي ڏسڻ جي
خواهش کي ڪير به دٻائي نه سگهندو هو. شيطان به
ڏاڍي هوندي هئي. ڪم وارين جي ٽوليءَ ۾ هڪ اها
هوندي هئي، جنهن جون اکيون چمڪنديون هيون ۽ چپ
مُرڪندا هئا. ان ڏک ڀرئي انسانن جي ٽليءَ ۾ هوءَ
ئي زندگيءَ جي لهر هوندي هئي.
فيڪٽري هن کي پنهنجو گهر لڳندي هئي. ڪڏهن
ڪڏهن واندي هوندي هئي ته هيڏانهن هوڏانهن پيئي
ڦيرا ڏيندي هئي. پٿر کان وٺي سيمينٽ ٺهڻ تائين، هن
کي هر ڪا خبر هئي. هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ معمول جي
مطابق، سيمينٽ جون ننڍڙيون ڳوڻيون کڻي رکي رهي هئي
ته هڪ بس ۾ لشڪر ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جو اچي لٿو. ٻه
عينڪن وارا مرد انهن کي هڪ هڪ شيءِ ڏيکاري رهيا
هئا ۽ انگريزيءَ ۾ گٽ مٽ ڪري رهيا هئا.
هوءَ، جيڪا انهن پرين جي لشڪر کي ڏسي حيرت
۾ ٻڏي وئي هئي، تڏهن هوشيار ٿي، جڏهن هڪ ڇوڪري،
بنهه هن جي ڀرسان، ٻئي کي چيو:
”اڙي يار، هي سيمينٽ جي فيڪٽريءَ ۾ ڪنول
جا گل ڪٿان آيا؟“
”ڪنول جا نه، سيمينٽ جا گُل چئه! مٿو
هڻندين، ته مٿو ڦاٽي پوندءِ، پر هنن گلن کي اثر ڪو
نه ٿيندو!“ ٻئي ٽيڏيءَ اک سان هن کي ڏسندي چيو.
هوءَ حيران هئي. شهر ۾ ڪم ڪندي هن کي پنج
سال ٿيا هئا، ان عرصي ۾ هوءَ ڪافي چالاڪ ٿي وئي
هئي. ٻين ڳوٺاڻن وانگر ”ٽيشڻ“، ”ٽڪس“،
”ڏاڪار“ وغيره قسم جا لفظ نه ڳالهائيندي هئي، پر
تڏهن به اهڙي هوشيار نه ٿي هئي جو اهڙي قسم جا
جملا سمجهي سگهي.
ڇوڪرا اڳتي وڌي ويا. هن جي ڀرسان گلان
ڳوڻيون رکي رهي هئي. هن ويندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن کي
ڏسندي چيو، ”چاچي گلان، هي ڪير هئا؟“
”اڙي، توکي خبر نه آهي؟ سچي، جڏهن کان تون
هتي آئي آهين، هي صرف هڪ دفعو آيا آهن، اهو به
تڏهن، جڏهن ان ڏينهن تون فيڪٽري نه آئي هئينءَ“.
”ٺهيو، پر آهن ڪير؟“ هن گلان جي ڳالهين
کان تنگ اچي چيو.
ها، ٻڌايانءِ ٿي، ته اهي ڪاليج جا ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون آهن، ۽ ٻه ڄڻا جيڪي اڳيان هئا، سي انهن جا
ماستر هئا. هتي اهو ڏسڻ آيا آهن ته سيمينٽ ڪيئن ٿو
ٺهي!“
”اهو ڏسي ڇا ڪندا؟ ڪتابن ۾ سيمينٽ جو ڪهڙو
ڪم؟ واهه چاچي، مون کي ٿي چريو ڪرين! ٽي سنڌي ڪتاب
ته مون به ماستر يعقوب کان پڙهيا آهن!“
”نه امڙ، سچ ٿي چوان. مون کي اڳي انهن
ڇوڪرين ئي ٻڌايو هو. اجهو، موٽن پيا تون پاڻ
پڇينِ!“
”اونهه، مون کي ڪهڙي گتي پيئي آهي!“ هن کي
انهن ڇوڪرن جي ڳالهين جو خيال اچي ويو.
هُو سڀ وري اچي هن جي ڀرسان بيٺا هئا. هڪ
ماستر هڪ ڇوڪريءَ کان پڇي رهيو هو ته پٿر مان
سيمينٽ ٺاهڻ لاءِ ڇا ڇا ٿو ڪجي؟ ڇوڪري منجهي بيهي
رهي، هوءَ دل ئي دل ۾ کلي پئي.، هيڏي ساري فيشنبل
ڇوڪريءَ کي اها به خبر نه آهي! کيس ته هر ڪا خبر
هئي – ڪٿان پٿر پورو ٿي وڏن وڏن نلن ذريعي مٿي
چڙهندو هو، ڪيئن ڳارو ٿي، مختلف کُورن مان لنگهي،
سيمينٽ جا گولڙا ٺهندا هئا، ۽ انهن کي ڪيئن وري
ٻورو ڪري سيمينٽ جي شڪل ڏبي هئي. هوءَ دل ئي دل ۾
پاڻ کي انهن ڇوڪرين کان بلند سمجهڻ لڳي.
بس ۾ چڙهڻ وقت هڪ – ٻن ڇوڪرين، ڪپڙن ۽
وارن کي رومال سان صاف ڪندي چيو:
”توبهه، کَڏ ۾ پوي اهڙي ڪيمسٽري، اسان جي
ته ڪپڙن ۽ وارن جي ستياناس ٿي ويئي!“
هن ٻڌو، ڪا ٻي ڇوڪري انهن کي چئي رهي هئي،
”توهان ذرڙي سيمينٽ لڳڻ تي رڙيون ٿيون ڪريو،
هوڏانهن ڏسو!“ هن مٿي ڏٺو، سڀ ڇوڪريون هنن کي ڏسي
رهيون هيون.
”ڪمال آهي، هنن جا ته منهن به نظر نه ٿا
اچن، رڳو سيمينٽ ئي سيمينٽ!“
”جهڙيون سيمينٽ جون پُتليون!“ ڪنهن
ڇوڪريءَ جو آواز هو.
بس هڪ تيز آواز سان گيٽ کان ٻاهر نڪري
وئي. هن جي ڪَنن ۾ اڃا ان نامعلوم ڇوڪريءَ جا اکر
گونجي رهيا هئا – ”جهڙيون سيمينٽ جون پتليون!“
هن هيڏانهن هوڏانهن ڪم ڪندڙ عورتن کي ڏٺو،
۽ آخر ۾ هن جون نظرون پنهنجو پاڻ تي ڄمي ويون.
هٿ، ٻانهون، ڪپڙا – سڀ سيمينٽ سان ڀريل
هئا. هن آهستي آهستي پنهنجا هٿ منهن ۽ ڪنڌ تي
ڦيريا ته اتي به سيمينٽ جي ڪِڇ ڪِڇ محسوس ٿي. هن
سوچيو، ”واقعي ئي اسان سيمينٽ جون پتيلون آهيون.
ڪٿي من تي به نه چڙهي وڃي.“ هن ننهن سان ٻانهن جو
سيمينٽ کرڙي ڏٺو ته سرمائي رنگ جي هيٺان چڱي صاف
چمڙي نڪري آئي. پنهنجي حصي جون ٻه سؤ ڳوڻيون رکي،
هوءَ ٻاهر نڪري آئي. هن جو ڪم ختم ٿي ويو هو. اڄ
هوءَ نل تي بيهي، دير تائين پنهنجو منهن ڌوئڻ لڳي.
هر دفعي هوءَ ٻانهون ڌوئي ڏسي رهي هئي. زيبو
ڪيتريءَ دير کان هن جون اهي حرڪتون ڏسي رهي هئي.
جڏهن ڇهون دفعو هن پنهنجيون ٻانهون ملي ملي
ڌوتيون، ته هوءَ اڳتي وڌي آئي. هٿ سان هن جي
کاڏيءَ کي جهلي، هوءَ هن جي اکين ۾ گهورڻ لڳي.
”ڇا ڪري رهي آهين، شمي؟“
”ڪجهه نه، سيمينٽ ٿي صفا ڪريان.“
”ڇو؟“
”ڇو؟ اڙي، سڄو ليپ اچي ويو آهي سيمينٽ جو،
صاف نه ڪريان ڇا؟“
”ڀلي صاف ڪر، مان توکي جهليان نه ٿي، پر
ايترو ضرور چونديسانءِ ته اهو سيمينٽ جو ليپ سڀني
تي ٿيل آهي. ڪنهن جي تَنَ تي ته ڪنهن جي مَنَ تي!“
زيبو خاموشيءَ سان اسٽور روم جي طرف هلي
وئي. هوءَ ڪجهه وقت ائين ئي گم سم بيٺي ويندڙ
زيبوءَ کي ڏسندي رهي. پوءِ هن کي الائي ڇا سُجهيو،
هن سيمينٽ جي ڍير مان ٻڪ ڀري پنهنجن صاف ڌوتل هٿن
۽ منهن تي ملي ڇڏيو. کن ۾ هن جي سفيد چمڙي وري
سرمائي ٿي وئي. سيمينٽ جا ذرڙا هن جي اکين ۾ چڀڻ
لڳا هئا، ۽ اکين مان پاڻي وهي رهيو هوس……
ٻئي ڏينهن جڏهن هو ڳوڻين جي ڪم ۾ مصروف
هيون، زيبوءَ، هن جي سيمينٽ ڀريل منهن کي ڏسي، کلي
چيو، ”اڙي سچي، شمي، اهو ته ٻڌاءِ، ڪالهه توکي
ڪهڙو ڀوت چڙهيو هو؟“
”ڪالهه؟ ائين ئي، مڙيئي.“
”وري به؟“
ٽرن!........ ٽرن!..... مانوس سائيڪل جي
گهنٽي ٻڌي، هوءَ ٻاهر ڀڳي. سائيڪل تي اهو ئي سفيد
ڪپڙن وارو نوجوان وڃي رهيو هو. سائيڪل ٻه – ٽي
گهنٽيون وڄايون، ۽ سَر سَر ڪندي، هن جي ڀر مان
نڪري وئي. سائيڪل سوار هن کي هڪ دفعو به ڪو نه
ڏٺو، پر هوءَ خود ايستائين اتي بيٺي رهي، جيستائين
سائيڪل هن جي اکين کان اوجهل نه ٿي وئي.
”چه چه!..... ڏاڍو خراب آهي، هڪ دفعو به
نه ڏٺائين!“ زيبي هن جي منهن ۾ ڏسي کِلڻ لڳي.
هوءَ ڪجهه نه ڪُڇي. زيبيءَ کان ڪجهه لڪائڻ
فضول هو. اهو سچ هو ته هوءَ مقرر وقت تي مانوس
سائيڪل جي گهنٽِي ٻڌي، ڪنهن سحرزده معمول وانگر،
ٻاهر ڇڪجي هلي ايندي هئي، ۽ ايستائين بيٺي هوندي
هئي، جيستائين سائيڪل ۽ ان جو ساحر سوار ٻيئي
غائب ٿي ويندا هئا. هن خاموش پڄارڻ کي اک کڻي ڏٺو
به ڪو نه هو، پنهنجن ئي خيالن ۾ گم سم هليو ويندو
هو. ڪيتري تمنا هئي هُن کي ته ڪاش، صرف هڪ دفعو ئي
سهي، هو هن کي اک کڻي ڏسي! روز هوءَ ان آس ۾ ٻاهر
ايندي هئي، ۽ ناڪامي هميشه هن جو استقبال ڪندي
هئي.
* * * * * *
”شمي!“ زيبيءَ، رسيءَ تي ڪپڙا وجهندي،
شميءَ کي سڏ ڪيو. فيڪٽري بند هئي. شمي، زيبوءَ جي
بيمار پٽ کي هنج ۾ جهليو ويٺي هئي ۽ زيبو ڪپڙا
ڌوئي رهي هئي.
”هون!“ هن ٻار کي پيار ڪندي چيو، ”ڇا
آهي؟“
”مان پيئي چوان ته سعيد آهي ته ڏاڍو سٺو
ماڻهو، پر“
”سعيد ڪير؟“ هن تعجب مان پڇيو.
”اڙي، اهو تنهنجو سائيڪل وارو، ٻيو ڪير!“
”ها، هن جو نالو سعيد آهي! ڪهڙو نه سٺو
نالو آهي!“
”هوءَ آهستي آهستي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي- ”س
....... ع....... ي .......د ! سعيد .......س-“
”چڱو، اهو ورد پوءِ ڪجانءِ، پهرين منهنجي
ڳالهه ٻڌ.“
”ها، ٻڌاءِ“ هن مسرت ڀرئي لهجي ۾ پڇيو.
”فيڪٽري ۾ ڪم ڪرڻ کان اڳ، مان ۽ شفوءَ جو
پيءُ انجنيئر صاحب جي بنگلي تي ڪم ڪندا هئاسين،
اتي اهو سعيد به رهندو هو.“
ڇو ڀلا؟“
”سعيد انجنيئر صاحب جي آفيس ۾ ڪم ڪندو هو.
ويچارو غريب ماڻهو هو. گهر به ڪو نه هوس، تنهنڪري
انجنيئر صاحب پاڻ وٽ هڪ ڪوٺي ڏني هيس. پر ٻڌ، شمي،
سعيد ڪيترو به غريب ڇو نه هجي. هڪ سيمينٽ ڍوئيندڙ
پڄارڻ جا هارَ قبول ڪڏهن نه ڪندو!“
هوءَ چپ ٿي ويئي. پهريون دفعو هن کي احساس
ٿيو ته هن جي حيثيت ڇا هئي. ان ڏينهن کان هن
سائيڪل جي گهنٽي ٻڌي به ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو. پر
..... هن جا پير هن جي وس ۾ نه هئا، دل تي اختيار
ڪنهن کي هو؟ هن جي دل اڄ به چاهيندي هئي ته ڊوڙي
وڃي پنهنجي بيخبر محبوب جي راهه ۾ بيهي رستي جا
ڪک ۽ پٿر ميڙي ته هن جي سائيڪل سوار کي هلڻ ۾ ڪا
به تڪليف نه ٿئي. پر هميشه هن کي زيبوءَ جا اکر
ياد ايندا هئا: سعيد ڪيترو به غريب ڇو نه هجي، هڪ
سيمينٽ ڍوئيندڙ پڄارڻ جا هار قبول نه ڪندو.“
مان چوانءِ ٿي، ”مان ڪو نه ڏينديس.....
ڪڏهن به نه ڏينديس!“
”واهه، اها به ڪا ڳالهه آهي. اسين غريب
ماڻهو، ڪٿان آڻيون ايڏا ٻڪ رپين جا جو پاڻ به
کائون، توهان کي به ڏيون. ڪو نه ڏينديس مان!“
”جي نه ڏيندينءَ ته اڄ کان پنهنجي نوڪريءَ
تان هٿ کڻ. وڃ وڃي عزيز کان رهيل پئسا وٺ ۽ ڳوٺ جي
راهه لڳ!“
”پر، مئنيجر صاحب، توهان سمجهو ڇو نه ٿا!
زيبوءَ چپن کي ڏندن سان ڪُتريندي چيو، ”مان بيواهه
آهيان منهنجو پٽ بيمار آهي، ۽ مون وٽ صرف ٻه رپيا
آهن: جيڪڏهن اهي به مان توهان کي ڏيان ته منهنجي
پُٽ جي دوا ڪٿان ايندي؟ ڇا، سيٺ صاحب جي پُٽ جي
پارٽي منهنجي پُٽ جي جان کان به قيمتي آهي؟“
”اهو سڀ مان نه ٿو ڄاڻان. توکي پئسا ڏيڻا
آهن، ٻيءَ حالت ۾ هو رستو پيو اٿيئي!
زيبو ڪجهه وقت مئنيجر کي خاموش اکين سان
گهوريندي رهي. پوءِ هن ٻه رپيا رئي جي پلاند مان
ڇوڙي مئنيجر جي وڌايل هٿ تي رکيا. ان هٿ تي، جنهن
جو حرص ڪڏهن ختم نه ٿيندو هو، جنهن کي هر وقت چُر
مُر ڪندڙ نوٽن ۽ ٺن – ٺن ڪندڙ سِڪن جي ڇُهاءَ جي
ضرورت رهندي هئي.
”زيبي“ هن زيبوءَ جي ٻانهن جهليندي چيو.
”هون-“
”پئسا ڏنئه؟“
”ها.“
”ڪير آهي اهو جمال؟“
”سيٺ صاحب جو وڏو پُٽ!“
”پوءِ اسان غريبن جي پيٽ ڪَٽي-“
”چپ چپ! شمي، هيءَ دعوت ته فيڪٽريءَ جي
مزدورن طرفان ڏاڍيءَ سڪ مان ڏني پئي وڃي، ۽ جمال
سيٺ ڏاڍي مهرباني فرمائي ان دعوت کي قبول ڪيو
آهي!“
آهستي آهستي قدم کڻندي، زيبو هلي وئي، ۽
هن جي اکين ۾ نفرت ۽ حقارت اُڀرڻ لڳي.
* * * * * *
سڀني جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي، جڏهن
جمال سيٺ جي طرفان اعلان ڪيو ويو ته مزورن جي
مزوري ٽيهه سيڪڙو گهٽائي وئي آهي!
ان خبر جو ٻڌائيندڙ مئنيجر هو، جنهن جي
پگهار ۾ سؤ رپيا مهيني جو اضافو ڪيو ويو هو!
مئنيجر جو چهرو روز کان ڪجهه وڌيڪ روشن ۽ خوش نظر
اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان خبر جو اعلان باقاعده
جمال سيٺ جي طرفان خود ڪيو ويو هو، مگر هو خود،
بنفس نفيس، هڪ هڪ کي اها خوشخبري ٻڌائي رهيو هو.
ٻڌندڙ جي اکين اڳيان اوندهه ۽ ڪنن ۾ سُون- سُون
ٿيڻ لڳندي هئي، ۽ هوءَ انهن تاريڪ چهرين کي
فتحمنديءَ جي احساس سان گهوريندي، ڪنهن ٻئي کي
اها خوشخبري ٻڌائڻ لڳندو هو. پر ويندي ويندي نفرت
سان چئي ويندو هو، ”ها پٽ، وڏي سيٺ سان ڏاڍائي ڪري
ڏني هُيَوَ، جمال سيٺ سان پُڄو ته ڄاڻانوَ!“
عورتن جي حالت سڀ کان ابتر هئي. ڪيتريون
سيمينٽ جون ڳوٿريون اچي ڪريون، ڪنهن کي رکڻ جي سڌ
ڪا نه هئي. اهو ته شڪر ٿيو، جو مٿي وارن جا پنهنجا
هوش گم ٿي ويا هئا ۽ وڌيڪ ڳوڻيون اچڻ بند ٿي ويون،
ورنه شايد هو سڀ سيمينٽ جي ڳوڻين هيٺان دٻجي وڃن
ها!
زيبوءَ کي تصور ئي تصور ۾ پنهنجو ننڍڙو پٽ
کير لاءِ روئندو نظر آيو. ساڍي ٽين آني پاءُ هوءَ
ڪيئن کير وٺندي، جڏهن هن کي صرف هڪ رپيو ملندو!
ستين آني سير اٽو، ڀاڄي، ۽ ان کان سواءِ ..... هن
جو شفو، هن جو بيمار پُٽ! هن کي تصور ئي تصور ۾
شفوءَ جو لاش اگهاڙو نظر آيو، ڄڻ هُو پنهنجون اڌ
کليل اکيون ڦاڙي هن کي چوندو هجي: ”اما، مون کي
ڪفن به نه ڏيندينءَ؟ امان، امان، مان بيمار
آهيان.... مون کي دوا آڻي ڏي، مون کي بُک لڳي
آهي..... مون کي..... ڪفن ڏي، مان اُگهاڙو
آهيان.... اما!“ ۽ هوءَ جيڪا هيتري وقت کان خاموش
ويٺي هئي، شفوءَ جون خاموش صدائون ٻڌي، رڙهي آئي،
هن پنهنجو مٿو زور سان پٿريليءَ ڀت تي هنيو، ۽
پوءِ هن کي هوش نه رهيو.
* * * * * *
فيڪٽريءَ ۾ 2 ڏينهن اسٽرائيڪ رهي، مگر
جمال سيٺ کي تر جيتري به پرواهه ڪا نه هئي. هن وٽ
هڪ فيڪٽري ڪا نه هئي، ٻيون به ٻه – چار مِلون
هيون. هن جون لاريون ۽ موٽرون سڄي ملڪ ۾ هلنديون
هيون. هن کي چاليهه – پنجاهه هزارن جي نقصان جي
ڪهڙي پرواهه هئي؟
پر انهن جي لاءِ، جن جو گذران روز جي
ڪمائيءَ تي هو، هڪ هڪ پل ورهيه مثل گذري رهيو هو.
پهرين ڏينهن ته اڳي جي بچيل سچيل تي گذران ڪيو
ويو، مگر صبح کان سڀني جون نظرون شهر واري رستي تي
ڄميل هيون، جيتوڻيڪ هر ڪو ٻئي کي اهو ڏيکارڻ جي
ڪوشش ۾ مصروف هو ته هن کي ڪا پرواهه ڪانهي، ڪير
اچي نه اچي، پر پاڇا لڙي ويا، مئنيجر ته ڇا، سيٺ
جو پٽيوالو به اها خوشخبري کڻي نه آيو ته هنن جون
نوڪريون بحال ڪيون ويون آهن ۽ هن صبح کان وٺي اچي
ڪم تي لڳن. گهر ۾ رکيل بچيل سچيل داڻا به ختم ٿي
ويا هئا. هنن کي پنهنجو جوش ۽ غيرت ٻارن جي بکايل
اکين ۾ دفن ڪرڻي پيئي.
۽ ٻئي ڏينهن جڏهن هن جو پيءُ سيٺ سان
مصالحت جي باري ۾ ڳالهائڻ ويو ته سيٺ جي ڳالهه ٻڌي
هُو حيرت ۾ پئجي ويو. سيٺ هن کي چيو ته هو نه صرف
هنن جون ساڳيون مزوريون قائم رکندو، پر مناسب
اضافو به ڪندو. پر ...... ان جي لاءِ هن کي شمي
هن جي حوالي ڪرڻي پوندي!، سيمينٽ ڍوئيندڙ خسيس
مزورياڻي، جنهن جي نس نس، رڳ رڳ ۾ هن جي فيڪٽريءَ
جو سيمينٽ ڀريل هو!
هن جو پيءُ سيٺ جي ڳالهه ٻُڌي کِلي پيو.
هي سيٺ به ڪهڙو نه بيوقوف هو، ڀلا ايتريءَ معمولي
ڳالهه لاءِ ايتري گوڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
جيڪڏهن هو ائين به کانئس ڌيءُ گهري ها ته هو انڪار
ڪري ها؟ آخر سيٺ ۾ ڪهڙي برائي هئي؟ شڪل صورت ۾
مردن جي ڏسبي ڪا نه آهي. هونئن به جمال سيٺ ته
گهڻن سيٺن کان چڱو هو. هن جو پيٽ عام سيٺين وانگر
نڪتل ڪو نه هو، ۽ کوپڙيءَ تي هڪ ٻه ڊزن وار به
هئس، جن کي هو نهايت اهتمام سان اعليٰ قسم جو تيل
وجهي ڄمائيندو هو – ورنه اڪثر اهي نادان اُڀا ٿي
بيهندا هئا، رهي عمر، ته اها ڪهڙي شيءِ آهي: عمر
درحقيقت هاٺيءَ جو نالو آهي ۽ هاٺيءَ جي لحاظ کان
جمال سيٺ بلڪل جوان هو. هن جو پيءُ کلندو سيٺ جي
ڪمري مان نڪتو. جڏهن هن اها خبر ٻڌي، ته سندس ذهن
۾ لاتعداد سائيڪل جون گهنٽيون وڳيون، ۽ پوءِ گهري
خاموشي ڇانئجي وئي.
سيٺ جي هوءَ زال هئي. پر ان جي خبر سواءِ
سيٺ جي وڏيءَ بيگم ۽ چند عزيزن ۽ نوڪرن کان سواءِ
ڪنهن کي ڪا نه هئي!
هن جي حيثيت هن گهر ۾ ڪنهن اهڙي پراڻي
رانديڪي جهڙي هئي. جيڪو لاتعداد پراڻين سراڻين شين
هيٺان دٻجي ويو هجي – ڪنهن جي دل چوي ته کڻي
کيڏي، ۽ وري ڪنڊ پاسي ڦٽو ڪري ڇڏي.
ڪجهه عرصو هوءَ پنهنجي اڪيلي خاموش ڪمري ۾
سائيڪل جي گهنٽيءَ جا آواز ٻڌندي رهي، پر پوءِ هر
طرف گهور اُداسي ۽ خاموشي ڇانئجي وئي. سيٺ جي
ظالماڻي ۽ لاپرواهه برتاءَ هن کي ذري گهٽ کٽ داخل
ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ هوءَ نرم پلنگن تي دراز
هوندي هئي، پر هن جو سَنڌ سَنڌ ڏکندو هو. هوءَ
سوچيندي هئي، ”ڪاش، سيٺ هن کي پنهنجي زال سمجهي
ها!“ اها زال، جيڪا مرد جي هر طرح جي رفيق هوندي
آهي، جنهن سان روح جو ڳانڍاپو هوندو آهي. پر سيٺ
کي ڪهڙي ضرورت هئي، جو پنهنجي چينيءَ جي گڏي
جهڙيءَ پڙهيل- لکيل زال جي موجودگيءَ ۾ هن سيمينٽ
جي پتليءَ کي پنهنجي ”رفيق حيات“ بڻائي؟ هوءَ ته
صرف زال هئي، ۽ بس!
* * * * * *
وڏي سيٺ پنهنجي ڪل ملڪيت سيٺ جمال ۽ ان جي
ننڍي ڀاءُ کي ورهائي ڏني. سيمينٽ فيڪٽري جمال جي
ننڍي ڀاءُ کي ملي هئي، ۽ هو رات ڀاءُ کان پنهنجا
”اختيارات“ وٺڻ آيو.
رات جڏهن هوءَ وڏي بيگم کي مٿي تي مالش
ڪري موٽي رهي هئي، ته جمال سيٺ جي ڪمري مان
ڳالهين جو آواز ٻڌي هوءَ بيهي رهي. ڪمال چئي رهيو
هو، ”ادا، اها فيڪٽري توهان کڻو. مون کي شهر واري
ڪپڙي جي مل ڏيو. مان هن ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهي ڪو نه
سگهندس. هتي ته ڪو به مزو ڪو نه آهي. تعجب آهي،
توهين الائي ڪيئن ٿا رهو!“
”اڙي، تون هتي ڪجهه وقت رهي ته ڏس، پوءِ
نڪرڻ تي دل ڪا نه چوندءِ!“ هي جمال سيٺ جو آواز
هو.
”ڪيئن ڀلا؟“
”بس، ڏسجانءِ ويٺو، هتي چينيءَ جون گُڏيون
نه آهن، ته سيمينٽ جون پتليون کوڙ اٿئي.“
هونهه!“
”سڀاڻي تنهنجي لاءِ به ڪا ڳولبي!“
هوءَ وڌيڪ ٻڌي نه سگهي. کيس چڪر آيو، ۽
پوءِ زمين تي ڪري پيئي
جڏهن هن کي هوش آيو ته هوءَ پنهنجي ڪمري
۾ هئي. ڪم واري ڇوڪري کير جو گلاس هن کي ڏيندي چيو
”صاحب ٿو چوي ته اسين صبح جو شهر وڃي رهيا آهيون،
تون چاهين ته پنهنجي پيءُ وٽ هلي وڃ!“
هن نفرت سان ڇوڪريءَ کي ڏسندي چيو، ”سيٺ
کي چئه ته هلي وينديس!“ پر پوءِ بيگم
صاحبه، الائي ڇا سوچي هن ڏانهن چوارائي موڪليو ته
هوءَ پنهنجو سامان درست ڪري، هن کي به شهر هلڻو
آهي! هن نه وڃڻ جو عهد ڪيو هو، پر اوچتو هن جي نظر
پنهنجيءَ ڌيءَ تي پيئي. سيٺ مارن موچڙن کان سواءِ
هيءَ ظالم ڇوڪري به کيس عطا ڪئي هئي. ظالم ان ڪري
ته هوءَ پنهنجي سونهن جي صورت ۾ هن تي ظلم ڪري رهي
هئي.
”جيڪڏهن هوءَ اتي رهي، ته سندس ڌيءَ به سيمينٽ جي
پتلي بڻجي ويندي! ۽ هن کي اهو ڪنهن به صورت ۾
گوارا نه هو.
اڄ فيڪٽريءَ ۾ هن جو آخري ڏينهن هو. ستن
سالن جو ساٿ اڄ ڇُٽجي رهيو هو. شاديءَ کان پوءِ هن
جي ڪنهن سان به دلچسپي نه رهي هئي- نه پيءُ سان،
نه ڳوٺ سان. ڪڏهن ڪڏهن زيبو هن کي ياد ايندي هئي.
پر هن زيبوءَ سان به ڪڏهن ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي.
شام جي وقت جڏهن صبح فيڪٽريءَ جي چمنين
مان نڪتل دونهين جي ڇلن ۾ گم ٿيڻ لڳندو هو، ته
هوءَ هڪ اڻڄاڻ طرف کان ايندڙ سائيڪل جي ٽون- ٽون
تي جاڳي پوندي هئي، ۽ هن جي زرد چهري ۾ ٿورو ٿورو
گلابي رنگ اچي ويندو هو.
”گهو........ اُو....“
منجهند ٿي ويئي هئي، ۽ مزورن کي ماني کائڻ
جي موڪل ملي هئي، هن دٻيل ساهه کنيو. کلندا، خوش
ٿيندا، خاموش، مضمحل، سڀئي مزور فيڪٽريءَ مان نڪري
رهيا هئا ۽ انهن جي پٺيان شوخ، تيز ۽ طرار مزورڻين
جو ٽولو نڪري رهيو هو. جڏهن اهي بنهه هن جي ڪمري
جي دريءَ وٽان لنگهڻ لڳيون ته هوءَ جهڪي، غور سان
هڪ هڪ جو منهن ڏسڻ لڳي. شايد ڪمال لاءِ ڪا نئين
سيمينٽ جي پُتلي ڏسڻ لاءِ!
(مهراڻ، 1 – 1962ع) |