سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:5 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

 

 

شاهه لطيفرحه جي سر ڏهر جو جائزو

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي راءِ ڏياچ جي سخا، سورٺ جي سُورن ۽ ٻيجل جي صدائن کي گرنار ۽ جهونا ڳڙهه جي سير ڪندي ڳايو، ۽ انهن تاريخي ڪردارن کي پنهنجي لاثاني ڪلام ۾ سدائين لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيو: شاهه سائين جو سير ۽ سفر جو سلسلو ان کان پوءِ جو هلندو رهيو، ۽ لطيف سائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏسي، اتي جي رسمن ۽ رواجن کي محسوس ڪيو، ۽ ٻوليءَ جي محاورن کي ٻڌو ۽ سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو سندن ڪلام ۾ اُهائي سونهن موجود آهي، جيڪا اڄ کان تقريباً ٽي سؤ سال اڳ هئي.

جهونا ڳڙهه کان لطيف سائين ڪڇ ڏي رخ رکيو. ڪڇ، قديم زماني کان وٺي سنڌ جو حصو پئي رهيو آهي، اتي آباد ماڻهن جي ٻولي، ثقافت توڙي موسيقيءَ جو سنڌي ثقافت، ٻولي ۽ موسيقيءَ سان گهاٽو واسطو رهيو آهي. اڄ به اُتي جا سگهڙ ۽ داناءَ سنڌي ۾ بيت ۽ ڳجهارتون ڏيئي، پنهنجيون ڪچهريون مچايو ويٺا آهن. شاهه سائين جي رسالي جي ڪچهري هن خطي ۾ عام جام آهي. لطيف سائينءَ جي ڪلام جا طالب اڄ به هزارن جي تعداد ۾ ڪڇ ۾ موجود آهن. لطيف جي راڳ جو اڳواڻ تمر فقير به ڪڇ جو رهاڪو هو. اهو تڏهن ئي ٿيو، جڏهن سنڌ جي سائينءَ اهي ماڳ ڏٺا ۽ اتي جي رسمن رواجن، اتي جي ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، اُتي جي ماڻهن ۾ هلندڙ عام قصا ۽ داستان پنهنجي سِر ٻُڌا، ۽ انهن جي گهرائي تائين رسي، انهن ڪردارن کي سدائين لاءِ جيئرو ڪري ڇڏيو.

لطيف سائين جي سر ڏُهر ۾ سنڌ جي سورهيه سردارن جي اپٽار آهي جيڪي ڪڇ ۽ سنڌ ۾ هڪ جيترا مشهور ۽ معروف هئا. هيءُ سُر چئن داستانن ۾ ورهايل آهي. پهرين داستان ۾ لطيف سائين ”ڪنڊي“ جي وڻ سان مخاطب ٿي، ڍوري ڌڻي جون پچارون ڪري ٿو. اچو ته انهيءَ داستان جي پسمنظر تي تفصيل سان غور ڪريون.

ڪَنڊي جو وڻ سنڌ جو هڪ مخصوص وڻ آهي، جنهن جي عمر تمام گهڻي ٿئي ٿي. لطيف سائين، انهيءَ وڻ جي وڏي عمر کي شاهد ڪري کانئس جسوڌڻ بادشاهه جي ڳالهه پڇي ٿو، ۽ چئيس ٿو:

ڪر ڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا! ڍور ڌَڻُين جي،

هَهِڙي اَڄ حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين!

يقيناً، لطيف انهيءَ ڪنڊي جي وچ جي آسپاس سکين ڏينهن جا اهڃاڻ ڏنل ۽ وقت جي لاهن چاڙهن ڪري، اهي ڏينهن ڏکن ۾ مٽجي ويا، تنهنڪري وري چيائين:

ڪَنڊا! ڪُڄاڙيان، اُڀو آهيين رَيلَ ۾؟

پرين پڄاڻان، سُڪي ٻانگهر نه ٿئين.

انهيءَ کان اڳتي وڌي، لطيف سائين انهيءَ شخصيت جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن سان انهيءَ ڪنڊيءَ جي آسپاس خوشين جو چالامان هو، ۽ ڪنڊي کان پڇي ٿو:

ڪنڊا! تون ڪيڏو، جڏهن ڀريو ڍور وهي؟

جسوڌڻ جيڏو، تو ڪو گڏِيو پهيڙو؟

جسوڌڻ ڪير هو، ان جي بيان ڪرڻ کان، هتي لطيف سائين جي مشاهدي مان هڪ ٻه نُڪتا پيش ڪجن ٿا، ان بعد ڪنڊي جو وڻ، جسوڌڻ ۽ ڍوري جو پسمنظر واضح ٿي ويندو. شاهه سائين جنهن ڍوري جو بيان ڪيو آهي، اِهو پٽيهل وارو ڍور آهي. سنڌ جا ڪيترا آباد شهر ۽ وسنديون درياهه جي ان ڪري ڦٽا. انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ رکندي لطيف سائين چيو:

پَٽيهَل تو۾ پور، اَڳيون آهه نه آب جو،

سُڪين ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾.

ڍور نه اڳينءَ ڍار، مَهند ملاحن لکيو،

موڙي ڇوڙ يا مَڪڙا، پسي پاڻيءَ پار،

جسوڌڻ جهڙا يار، پيڙا وِيرَ وماس ۾.

اسان لطيف سائين کي ڪڇ ۾ آندو آهي، پر هيءُ جسوڌڻ ۽ پٽيهل ڍوري وارو داستان سنڌ سان تعلق رکي ٿو. جيئن ته لطيف سائين، ڏهر جي سُر ۾ جتي ڪڇ جي سرزمين جي واکاڻ ڪئي آهي، اتي سنڌ جي سورهيه ۽ سخي سردارن کي به ڳايو آهي، ۽ ڏهر جي سُر جي شروعات ئي ڪنڊي، جسوڌڻ ۽ پٽيهل جي مضمونن سان ڪئي آهي. انهيءَ ڪري هن مضمون ۾ انهيءَ پسمنظر تي روشني وجهڻ غلط نه ٿيندي.

جسوڌڻ بادشاهه جو داستان سنڌ ۾ سومرن جي دورِ حڪومت جو آهي. عربن جي حڪومت کان پوءِ سنڌ ۾ ستن راڻن جي سردارين جو ذڪر ملي ٿو، جن مان هڪ ’جسوڌڻ آگرو‘ ڄاڻايل آهي. ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، ’جسوڌڻ جي سرداري موجوده ٽنڊي آدم ۽ دَلور (ضلعي سانگهڙ) واري ايراضيءَ ۾ ’لوهاڻي درياهه‘ جي ڪنڌيءَ سان هئي، جتي ’آگرن‘ جي آڳاٽي بستي جا آثار ملن ٿا. عربن جي دور ۾ درياهه، منصوره (برهمڻ آباد) وٽان وهندو هو، جنهن جا شاهي کنڊر جمڙائو واهه لڳ ’خيري ڪلوئي‘ واري موري جي اوڀر طرف (تعلقي سنجهوري ۾) موجود آهن. ان بعد درياهه اولهه طرف رخ بدلايو ۽ منصوره ۽ موجوده ٽنڊي آدم جي وچ واري لوهاڻي واري پيٽ مان وهڻ لڳو. هيٺ ڏکڻ طرف، سومرن واري دور ۾ ”پراڻ“ جي پيٽن مان وڙهو ۽ سمن جي دور ۾ هڪ مکيه شاخ اولهه طرفان ٺٽي وٽان وڙهي، ۽ ٻيو ننڍو واهڙ نصرپور وٽان وهڻ لڳو. ترخانن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين، نصرپور وارو واهڙ ڦري مکيه وهڪرو ٿيو، جنهن جي هڪ شاخ هيٺ لاڙ طرف ’پٽيهل‘ جي نالي سان سڏبي هئي. سن 1757ع ۾ جڏهن نصرپور وارو وهڪرو ڦٽو، ته هيٺ ڏکڻ طرف ان کي ’ڦٽو‘ يا ’ڦٽو ڍورو‘ سڏڻ لڳا، جيڪو اڄ تائين ان نالي سان مشهور آهي. بهرحال سومرن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن جي دور تائين، ’لوهاڻي، ڦٽي ڍوري، پٽيهل‘ وارو درياء جو وهڪرو، ’سِير‘ يا واهڙ طور مگر مسلسل جاري رهيو. جيئن ته جسوڌڻ جي سرداري مٿان ’لوهاڻي‘
تي هئي، انهيءَ ڪري پوئين  دور ۾ سندس نالو انهيءَ وهڪري جي هيٺين ڇاڙهن، يعني ڦٽي ڍوري، ۽ پٽيهل جي نالن سان گڏ ياد هو.

انهيءَ پسمنظر کان پوءِ، جسوڌڻ جي داستان کي کڻنداسين ته لطيف جي بيتن جو بيان پڌرو ٿي پوندو. جسوڌڻ راءِ کي ڍوري ڌڻي، يا ڍور ڌڻي چوندا هئا. هن جي سخاوت ۽ سورهيائي هنڌين ماڳين مشهور هئي. سندس راڄ، کانئس خوش هو. اوچتو پٽيهل درياء ۾ لاهو آيو ۽ آهستي آهستي سڪڻ لڳو. ماڻهو هراسجي ويا جو ٻنيون ٻارا سڪڻ لڳا. جسوڌڻ جي راڄ مان سکيائي سَرهائي پوئتي پئجي وئي، ائين چئجي ته جسوڌڻ جي ڀاڳ اچي پويان پير ڪيا. جسوڌڻ ماڻهو موڪليا ته ڏسو ڍورو ڇو سڪندو پيو وڃي. دانائن وڃي ڏٺو ته ڍورو بنهه ابتو پيو وهي. ماڻهن کي انهيءَ ڳالهه جي سُڌ پئي ته لڏڻ لڳا، پر جسوڌڻ کين روڪيو، ۽ کين ان ۽ ناڻي سان نوازيو، انهيءَ لاءِ ته ڪنهن ٻي جوءِ وڃڻ ڪري جسوڌڻ جي بدنامي ٿيندي. پر اهو به ڪيسيتائين. نيٺ ڏڪر منهن ڪڍيو، جو جسوڌڻ به لڏڻ لاءِ لاچار ٿي پيو. هي پاڻ ۾ ڪل تيرهن همراهه هئا، جنهن ۾ جسوڌڻ جي زال ۽ هڪ ٻانهي شامل هيون. رستي جون تڪليفون، بکون، اُڃون سَٺائون. واٽ تي هڪ گدرو مليس اهي به تيرهن ڦارون ڪيائين، ۽ سڀني ۾ ورهايائين، پر سندس ساٿين کي هڪ ڍڳو هٿ آيو ته انهن جسوڌڻ کان لڪايو، پر، جسوڌڻ ڏسي چيو:

اسان جَنين ساڻ، تِر وٽي تيرهن ڪيو،

تنين اسان کان، ڍڳو ڍڪي کاڌو.

(عام ڳاهه)

تاريخ جي ورق خواني ڪندي اِها پروڙ پوي ٿي ته، جسوڌڻ ڪيئي اهنج ۽ تڪليفون سٺيون، پر نيٺ سندس پوئتي پيل ڀاڳ موٽيو، پر پٽيهل وارو ڍورو وري آباد نه ٿيو، جيڪو پوءِ لطيف سائين اهو ڦٽل ڍورو ڏٺو، ۽ چيائين:

سُڪِي ڍور ڍُيَون ٿيو، ڪَنڌيءَ ڏنو ڪائو،

سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،

ماڙهُنِ ميڙائو، ڪَنهين ڪَنهين ڀيڻئين.

لطيف سُر ڏهر جي ٻئي ۽ ٽئين داستان ۾ ڌڻي تعاليٰ جي وڏائي ۽ نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي سڪ جو بيان ڪيو آهي. هن سُر ۾ انهيءَ ذڪر جو خاص مقصد آهي. هر مسلمان پنهنجي نبي پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي چانئٺ چمڻ لاءِ آتو رهي ٿو، لطيف جي دل به انهيءَ آس سان ڀريل هئي. جڏهن هو سفر ڪندي، ڪڇ جي پور بندر پهتو، تڏهن انهيءَ سڪ وڌيڪ ستايو. ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني ۾ پُور بندر کان ٻيڙا عرب ڏي ويندا هئا، ۽ حاجين جا قافلا لنگهندا هئا، انهيءَ ڪري لطيف سائين سر ڏهر ۾ انهيءَ مضمون جي اپٽار ڪندي چيو آهي ته:

مديني جا ڄام، سُڻ منهنجا سڏڙا،

آهيان تنهنجيءَ سام، سگهو رسج سُپرين.

انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ همت ۽ سجاڳيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن منزل تي رسڻو آهي ته سُتي واجب نه آهي، انهيءَ ڪري لطيف سائينءَ فرمايو:

سُستي نه سرندياء، ڪر پچار پرين جي،

وهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا.

 

جاڳڻ منجهان جَسُ، آهي اَلا! جن کي،

لاهي جو، لطيف چئي، مٿان قَلبَ ڪَسُ،

ورنهه! ڪجان وَسُ، صبح ساڻ سيد چئي.

 

پَرهه ڦُٽي، رات ويئي، جهيڻا ٿيا نکٽ،

ماري! ويءَ وٽَ، گهڻا هڻندينءَ هٿڙا.

سر ڏهر جي چوٿين داستان ۾ ڪونجن جي ذڪر سان گڏ، سائين، سنڌ جي ٻن سورهين ۽ سخي سردارن جو ذڪر ڪري ٿو. هڪ پنرو بڊاماڻي ۽ ٻيو لاکو ڦلاڻي، جن جو تعلق ڪڇ سان آهي. جن بابت لطيف سائين ڪڇ جي سفر دوران اُتي جي ماڻهن کان ڳالهيون ٻڌيون، ۽ اهي ڀيڻيون ڏسي پنهنجن بيتن ۾ سموهيو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سر ڏهر جي ٽن داستانن ۾ پنهنجي سفر جي سلسلي ۾ ڪڇ ۽ ڪاڇي وارن حصن کي ڏٺو، ۽ اتي جي عام قصن ڪهاڻين توڙي انهن سخي سورهيه سردارن جا ڳڻ ڳايا، جيڪي اتي عام ماڻهن ۾ مشهور هئا، ۽ انهن جي سخا توڙي سورهيائي جا مثال ڏيندا هئا. سر ڏهر جي چوٿين داستان جي شروعات ڪونجن جي مضمون سان ٿئي ٿي. ڪونج، اسان جي سنڌ ۾ هڪ پرڏيهي پکي آهي، ۽ سدائين سياري جي مند ۾ پرڏيهان اڏري سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي اچي پر پکيڙينديون آهن، جيئن شاهه سائين پاڻ چوي ٿو:

قسمت آندي ڪونجڙي، وطن سندس روههُ،

ڪنهن جو ڪونهي ڏوههُ، رزق رازق هٿ ۾.

لطيف سائينءَ جو اهو ڪمال آهي ته هن قدرت جي جنهن به رنگ تي نظر ڪئي آهي، ان کي پوري ريت سمجهي، انهيءَ جي هر پهلوءَ تي غور فڪر ڪري، پوءِ ان کي پنهنجن بيتن ۾ ورجايو آهي. ڪونجون مند تي اچن ۽ مند نبرڻ کان پوءِ موٽي پنهنجي وطن وڃن. سندن هڪ ٻئي لاءِ پريت ماڻهن کان به گهڻي، جيئن لطيف سائين فرمايو:

وڳَرَ ڪَيو وَتَنِ، پرت نه ڇِنَنِ پاڻ ۾،

پَسو پَکيڙنِ، ماڙهنئان ميٺُ گهڻو.

سنڌ ۾ سوين ڍنڍون آهن. لاڙ ۽ اُتر ۾ ڍنڍن جو ته انت ئي ڪونهي، ڪينجهر، سونهري، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڍنڍون اڄ به سنڌ ۾ موجود آهن، جتي هر سال اتر لڳڻ بعد سوين ڪونجون ۽ ٻيا پرڏيهي پکي اچن. لطيف سائين ڪونجن جو اهو مضمون اهڙيون ڍنڍون ڏسي ورجايو آهي. هن سر ۾ ڪونجن جي بيان کان پوءِ لطيف سائين سنڌ جي هڪ سورهيه سرويچ پنري بڊام جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ڪونجن کي صلاح ڏني اٿس ته:

چيتا ڪَيو چڻيج، بڊاماڻيءَ بُٺ ۾،

نيڻين ننڊَ مَ ڏيج، ڇيڙون ڇَپَر آئيو.

عام طور پنري بڊاماڻيءَ بابت سنڌ ۾ ڪيئي روايتون ۽ ڪهاڻيون هلندڙ آهن. تاريخ جا ورق اٿلائيندي معلوم ٿيندو ته، هي سورهيه سردار سمن جي پوئين زماني ۾ ڪنڌي يعني سنڌ ۽ ڪڇ سرحد ’ڪاڇي‘ جو سردار هو. ذات جو بڊام هو، ۽ انهيءَ ڪري جنهن ڀيڻي تي رهندو هو، ان جوءِ جو نالو ئي ’بڊام*‘ پيو. وڏو سورهيه ۽ هاڻو هو، جڏهن مال هڻي پنهنجي همراهن کي واپس ڪندو هو ته پوئتان پاڻ اڪيلي سر واهر پليندو هو.

سمن جي حڪومت ختم ٿي ۽ ارغونن سنڌ فتح ڪئي ته هن اهڙن سرڪش سردارن کي پنهنجي حڪومت جو دشمن سمجهيو ۽ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ، ۽ زور ٽوڙڻ لاءِ وڏن اٽالن سان حملا ڪيائون، پنري جي غير حاضريءَ ۾ ارغونن حملو ڪري سندس ڪوٽ فتح ڪيو، ۽ پنري جي سڳي ۽ ماٽيجي ماءُ کان سواءِ سندس مڱ به ٻان طور وٺي ويا. انهيءَ موقعي تي عام ڪچهرين ۾ سگهڙن وٽ هيءَ ڳاهه هلندڙ آهي، جيڪا سندس ماٽيجي ماءُ ڏني:

بڊاماڻي پنرا! اڄ گهرجين آءُ،

ماٽيجي ۽ ماءُ، ٻيئي وڃن ٻانَ ۾.

پنري کي انهيءَ قصي جي سُڌ ملي ته اچي دشمنن جو اڳ ورتائين، وڏي جنگ جوٽي پنهنجي مائرن کي ڇڏائي ويو، پر پنهنجي مڱ نه ڇڏائي سگهيو، پوءِ انهيءَ مڱ جو ويڻ ڳاهه طور هليو ته:

بڊاماڻي پنرا! ڀليون سڀ ڪياءِ،

ٻيون تان سڀ وٺي وئين، هڪ ڳوٺي وسرياء.

پوءِ ان کي به حملو ڪري آزاد ڪرايائين. ۽ سندس جيئري وري ڪنهن سندس ڪاڇي واري ڪوٽ تي ڪاهڻ جو ست نه ساريو. سندس مُئي کانپوءِ اهو ڪوٽ ڦٽي ويو پر جنهن ڀيڻي تي اڏيل هو، اتي هڪ دڙي جا آثار رهجي ويا. جنهن کي پوءِ ”بڊاماڻي بُٺ“ ڪري سڏيندا هئا. ڪونجون ولر ڪيو اچي، اتي لهنديون هيون، ۽ عام ماڻهو ائين ڀائيندا هئا ته ڪونجون اتي بي ڊپيون چڳن، جو ڀائين ٿيون ته هو سورهيه پنري جي سام ۾ آهن. شڪاري انهيءَ ڪري ڪونجن کي ڌڪ نه هڻندا هئا، جو سورهيه پنري جي ماڳ جو خيال رکندا هئا، پر وقت گذرڻ کانپوءِ اها ڳالهه ختم ٿي وئي، ۽ ڪونجن جو شڪار ٿيڻ لڳو. ڀٽائي بڊاماڻي بٺ تڏهن ڏٺو، ۽ ڪونجن کي خبردار ڪيائين ته:

چيتا ڪَيو چُڻيج، بڊاماڻيءَ بُٺ ۾،

نيڻين ننڊَ مَ ڏَيِجِ ڇيڙوُن ڇَپَر آئيون.

سگهڙن جي خيال موجب بڊاماڻي پنري جي مئي کان گهڻو پوءِ لاکو ڦلاڻي ساماڻو، جنهن جون ڪاڇي ۾ به لوڙهيون هيون. تڏهن اتي جي ماڻهن پنهنجي سورهيه سردار کي هنن لفظن ۾ ياد ڪيو ته:

”ڀيڻي ناهه  بڊام، تڏهن لاکو ٿو لوڙهيون هڻي“.

شاهه صاحب به هن ئي داستان ۾ پنري جي قصي کانپوءِ لاکي کي ڳايو آهي. لاکو پنهنجي سورهيائي ۽ سخا ۾ اهڙو ٿيو جو ڪو به سندس جوڙ جيس نه ٿي سگهيو، لطيف سائين چيو:

لاکا لَک سُڄَنِ، ڦُلاڻيءَ ڦير ٻيو،

جنهن ڀَرراڻا، راڄيا، ڪوئَن مَنجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجَن، سُتي سٽڪو نه لَهي.

لاکو، جيڪو سردار هو، ۽ جاڙيجو سمو هو. جاڙيجن سمن ڪڇ تي سن 1320ع کان 1540ع تائين ڪڇ تي وڏي اڊمبر ۽ ٺٺ سان حڪومت ڪئي. لاکي جي سخا جو مثال سنڌ جي سگهڙن ۾ هلندڙ آهي. پُراڻ درياهه کان ڪنهن سگهڙ پڇيو ته:

جهوني تون پراڻ! جڳ ڇٽيهه سنڀرين،

توڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.

چون ٿا ته جڏهن لاکو مهراڻي مان مهرراڻي پرڻجي پيو موٽيو ته هڪ منزل تي پراڻ جي ڪنڌيءَ تي آمري جي وڻ وٽ منزل ڪيائون. لاکي انهيءَ آمري جي وڻ مٿان ڳهه ڳٺا، ڪپڙا لٽا وڌا، ۽ چيائين ته اهي اسان جا ڄاڃي آهن، جيڪي هنن کي ڏنو اٿئون، سونه  وٺو. آمريءَ جي انهيءَ وڻ بابت هڪ سگهڙ جو هيءُ بيت مشهور آهي:

سوال: ڪه تون ”ابل“ سندي آمري، ڪه تون ”لاکي“ سندي لال؟

جواب: مون ۾ لاکي لالون ٻڌيون، آئون لاکي سندي لال.

ابل اچي ڪال، لک سين مانجهاندو ڪيو.

سورهيائي ۽ همت ۾ لاکو اهڙو هو جو جتي سندس گهوڙي جو سُنب لڳو اتي ڌرتي ڌٻي ٿي ويئي. هڪ اڙٻنگ ۽ اڻ موٽ جوان هو. سندس ٻه ساٿي جسو ۽ جسراج هئا، پر سورهيائي ۽ شهه سواري ۾ لاکو پنهنجو مٽ پاڻ هو. لطيف سائين فرمائي ٿو:

لاکو لوڙائن سين، چوڏس ٿو ڇڙهي،

وڙهيو وريا مَنِ جا، ڌُڻيون ڌڻ هڻي.

پيس جو پري، سو واهَرَ ڪنهين نه واريو،

ڀُڄڻان ڀُلي نگئو، ڏيئي پاکوڙي پير،

جَسي ۽ جسراج جو مٿي وانڍين وير،

ڪڇ رهندو ڪير، لاکو لوڙائو ٿيو.

انهيءَ زماني ۾ ڪڇ جو وڏو حڪمران راءِ کنگهار جاڙيجو سمو هو، جيڪو لاکي جو مامو هو. سندس دور ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تي رهندڙ ريٻارين لاکي جي دوستن جسي ۽ جسراج جا ڪي ماڻهو مارايا، ۽ هن انهن ماڻهن کي پناهه ڏني، جو سندس گهر ۾ هڪ ريٻارڻ به هئي. ڄام لاکي کي انهيءَ تي ڪاوڙ آئي ته مامي سندس ويرين جي مدد ڪئي آهي. هن پنهنجن دوستن سان گڏ انهيءَ جي وير وٺڻ جو فيصلو ڪيو. انهيءَ تي لطيف سائين چيو.

راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙڪِي،

ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪَڇڙو؟

لاکي جي وير جي باهه ايتري ڀڙڪي جو ريٻارين جو رهڻ وِهه ٿي ويو. ريٻارين جي ڪڇ مان عام لڏپلاڻ شروع ٿي وئي. لطيف سائين چيو:

جتن جاڙيجن سان صلح ڪر سنگهار،

تون وڳ ڇڏين ٿو ويسرا، هو چمڪيا چوڌار،

تو جيڏا تويار، لاکي ڪئين لڏايا.

جڏهن ڳالهه جيئن پوءِ تيئن وڌي، تڏهن راءِ کنگهار جي راڻي جيڪا ريٻارڻ هئي، روئي صاف ٻڌايو ته لاکي سندس قوم جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو. سندن ساهه ۽ مال سلامت نه آهي:

رڙي ريٻارڻ روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،

کرا وَيڻ کنگهار کي، چينچَلَ اُڀي چوءِ،

واڙي وَڇ نه ڪو، لاکو لوڙائن سين.

راءِ ۽ کنگهار کيس صلاح ڏني ته لاکي کان معافي وٺو، متان لاکو توهان کي مان ڏئي، ڇاڪاڻ ته هو سورهيه آهي ۽ هن وٽ تڏي آئي جو مان آهي:

ريٻارڻ! ريجهاءِ، لاکو لولاٽين سين،

سائومان سندياءِ، ٺٺ مٽائي ٺاڪرو.

جڏهن اِهو به نه ٿي سگهيو، تڏهن راءِ کنگهار دولاب سان لاکي کي مارايو. شاهه سائين چئي ٿو:

لکي، ۽ لاکو، ٻئي مُئا ٻاجهه ٿي.

قادر لاٿو ڪڇ تان، اديون اولاڪو،

وانڍين ۾ واڪو، ريٻاري رهي ويا.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي، جتي ڏهر ۾ لاکي سورهيائي جو ذڪر ڪيو آهي، اتي سندس عشقيه داستان کي به ڳايو آهي. سنڌ ۾ لاکي ۽ اوڏڻ جو محبت ڀريو داستان مشهور آهي، لطيف سائين چيو ته:

لاکا لَڄ سندياء، اوڏ اَگلي آهيان،

پکا سي پرتاءِ، جي اَجهي تنهنجي اڏيا.

سُر ڏهر ڄڻ ته لطيف سائين جي ڪڇ جي سفر جو داستان آهي ۽ سنڌ ۽ ڪڇ ۾ رائج داستانن جو اعليٰ آئينو آهي. هن سر جي آخر ۾ لطيف سائين فرمائي ٿو ته:

اَڏي اَڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيُون،

ٽِڪاڻا ۽ ٽول، پيا آهن پَٽَ ۾.

 

ڪڏهن ڳاڙهو گَهوٽ، ڪڏهن مڙهه مقام ۾،

سندو واريءَ ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.


* ’بڊام‘ جي نالي سان قنبر جي اُتر ڪاڇي واري علائقي ۾ ”بڊام“ جو دڙو“ ۽ ”بڊام جي ڍنڍ“ اڃا تائين موجود آهي، نوجوان محقق دين محمد ڪلهوڙي جي تحقيق مطابق، پنرو بڊام اُتر ڪاڇي جو رهاڪو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org