ايوب عمراڻي
نڪتو جو اَسير
قيد مان
هُو جنهن ڏينهن جيل مان آزاد ٿيو؛ کيس پڪ هئي ته
پڙهيا لکيا دانشور ۽ سول سوسائٽيءَ جا ماڻهو وڏي
تعداد ۾ گلن جا هار کنيو، سندس آجيان لاءِ بيٺا
هوندا، هنن وٽ ڪجهه بينر ۽ پلي ڪارڊ به هوندا، جن
تي لکيل هوندو: ”ضمير جي قيديءَ کي آزادي مبارڪ!“
پر جڏهن هُو جيل جو ٻاهريون وڏو لوهي دروازو ٽپي
روڊ تي آيو، ته اتي ڪجهه به نه هو. روڊ تي ٽريفڪ
جامُ هئي، هر گاڏي، ٻيءَ کان اڳ ڪڍڻ جي ڪوشش ۾
بمپر سان بمپر ملائي، هارن وڄائي رهي هئي. گاڏين
جو بدبودار دونهون ڄڻ ته ڳوڙها گئس بڻجي، پيادن کي
هنجون هارڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. هُو پنهنجي ڪپڙن
جي ڳنڍ سنڀالي حيرت مان سڀ ڪجهه ڏسندو رهيو، پر
کيس ڏسڻ جي ڪنهن به تڪليف نه ڪئي، هن حيرانيءَ مان
چيو: پڙهيا لکيا ماڻهو، سول سوسائٽي ۽ سندس پارٽي
جو ڪو ليڊر ته ٺهيو، پر ورڪر به نه آيو آهي! تڏهن
هن جي دل ۾ شڪ ۽ شبهي جو تير کپي ويو: ”ڪٿي ائين
ته ناهي جو..... نه نه ائين نٿو ٿئي سگهي. اسان
پارٽي قائم ڪرڻ وقت پورهيت جي پگهر جو قسم کڻي رت
جي آخري ڦڙي تائين جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪيو هو. ائين
ڪيئن ٿو ٿِي سگهي جو سندس دوست......“ هن ٿڌو ساهه
کنيو ۽ بي ترتيب اجهاڳ شهر ۾ پيرين پنڌ پنهنجي
دوستن کي ڳولڻ هليو ويو. سڀ کان پهرين هُو دانش جي
گهر ويو. دانش جيڪو پنهنجي نالي جيان ذهين بلڪ
فطين هو، جيڪو تقرير ڪندو هو ته ائين محسوس ٿيندو
هو ڄڻ شينهن گجگوڙ ڪري، ظالم حڪمرانن کي للڪاري
رهيو آهي. اهو دانش، جنهن جي اکين ۾ انقلاب جا عڪس
نظر ايندا هئا، اهو دانش جنهن کي انقلاب تي ائين
يقين هو جيئن ڪو به سج جي ٻيهر اُڀرڻ تي يقين ڪندو
آهي. اهو دانش ڪيئن ٿي انقلاب کي پٺي ڏئي سگهيو!؟
هن دانش جي در تي دستڪ ڏني ۽ گڏوگڏ اهو ڏسي حيران
به ٿي ويو ته، دانش جو گهر هڪ پراڻي ڪوارٽر مان
بدلجي شاندار بنگلو بڻجي ويو آهي! شڪ جو تير
پنهنجي ٺيڪ نشاني تي لڳو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو.
عين ٽائيم تي سندس دل گهُريو دوست دانش هن جي
سامهون هو. هُو دانش کي مشڪل سان سڃاڻي سگهيو.
سندس سامهون بيٺل همراهه ايترو ته ٿلهو هو جو بيهي
مشڪل سان ٿي سگهيو. جڏهن ته دانش هڪ ڪمزور ۽ هميشه
بيمار رهندڙ سادن ڪپڙن ۾ عام مزدورن جهڙو لڳندو
هو. ٿلهو شخص مهانگي فل سوٽ ۾ اهڙو ڪامورو لڳي
رهيو هو جنهن سڄي عمر رڳو هڪ ئي ڪم ڪيو هجي.
ڪرپشن، ڪرپشن ۽ ڪرپشن.......!
جڏهن هن دانش کي سڃاڻي ورتو، تڏهن ڏڪندڙ آواز ۾
چيائين: ”دانش! مان سرويچ آهيان.“ ڏکندڙ آواز ۾
هُو صرف ايترو ئي چئي سگهيو؛ پر ان مختصر جملي جي
تمام وڏي معنيٰ ’۽ مطلب هو، ڄڻ هُو ائين چوندو
هجي؛دانش! مان سرويچ آهيان، پنهنجي پارٽيء جو
سربراهه! ڏهه سال اڳ مون کي سادن ڪپڙن ۾ ملبوس
ماڻهو اغوا ڪري کڻي ويا، غير انساني تشدد جو هڪ نه
کٽندڙ سلسو، هڪڙي خفيه اداري کان ٻي خفيه اداري
تائين هلندو رهيو، مون کي خبر ناهي ته انهن ڏهن
سالن اندر پارٽي ڇا پئي ڪيو، توهان ڪٿي هئا. خير
اڄ آزاد ٿي پهتو آهيان. انهن ڏهن سالن جي سزا ۽
تشدد منهنجا حوصلا هيڻا نه ڪري سگهيا آهن. اڄ آزاد
ٿيندي ئي تو وٽ پهتو آهيان. کيس پڪ هئي ته دانش
کيس ڏسندي ڳلي لڳائيندو، پر ائين نه ٿيو جيتوڻيڪ
دانش کيس سڃاڻي چڪو هو، پر پوءِ به رڳو ڏسندو
رهيو. اهو دانش جيڪو پنهنجي تقريرن ۾ ٻڌندڙن کي
مَنڊي ڇڏيندو هو. اڄ اهو ساڳيو دانش پاڻ منڊجي
بيهي رهيو. ڪجهه چوڻ چاهيائين پئي، پر چئي نه
سگهيو. هاڻي سرويچ کي پورو يقين ٿي ويو هو ته
دانش، پنهنجي ڏاهپ تين وال ڪري، پنهنجي لاءِ سک ۽
ٺٺ ٺانگر خريد ڪري ورتو آهي. تڏهن هن بنا ڪجهه چوڻ
جي واپس وڃڻ مناسب سمجهو. جيئن ئي هُو واپس ورڻ
لڳو: دانش خاموشي ٽوڙيندي چيو: ”سرويچ! جنهن اين.
جي. او جو مان ڪنٽري مئنيجر آهيان ان ۾ پراونشل
مئنيجر جي جاءِ اڄ ئي خالي ٿي آهي. سٺو ٿيو جو تون
آزاد ٿي آئين. اندر اچ ته سي.وي ٺاهيون!“
دانش جي آڇ جيتوڻيڪ ڪنهن لکيل، پڙهيل ۽ بکئي
ڀينگئي بيروزگار ماڻهوءَ جا چوڏهن طبق روشن ڪرڻ
لاءِ ڪافي هئي، پر سرويچ لاءِ اها حقارت انگيز ۽
تڇ جهڙي آڇ هئي. هن نفرت مان دانش کي چيو: ”منهنجي
پيٽ ڀرجڻ سان انهن لکين ڪروڙين مسڪين ماڻهن کي
اجهو، ماني، بوڇڻ، صحت، تعليم ۽ روزگار ملي سگهي
ٿو؟ جن جون تقديرون بدلائڻ لاءِ مون جيل ۾ عقوبتون
سَٺيون آهن!؟“
ان تي دانش ٽهڪ ڏيندي چيو: ”سرويچ سمجهڻ جي ڪوشش
ڪر! هاڻي دور بدلجي ويو آهي.“ هن دانش جي ڳالهه
ڪٽيندي چيو: ”دور ناهي بدليو توهان جهڙن نام نهاد
پڙهيل لکيل ماڻهن جي ضمير کي خريد ڪرڻ لاءِ
”اين.جي.او“ جو اَرڙ نانگ ”جمعه بازار“ لڳايو ويٺو
آهي، تو جهڙي ضمير فروش ماڻهوءَ جي در تي مان بيهڻ
به پسند نٿو ڪريان!“
ائين چئي هُو هلڻ لڳو. دانش مرڪندي اندر هليو ويو،
سندس مرڪ اهو ئي ٻڌائي رهي هئي: ”بيوقوف آهين تون
سرويچ!“
سرويچ، دانش وٽان نڪرندي عزيز ڏانهن وڃڻ لڳو. عزيز
جنهن کي هُو پيار مان عظيم عزيز سڏيندو هو، جنهن
پورهيت ۽ هارين جي زندگيءَ تبديل ڪرڻ جو هڪ اهڙو
خواب ڏٺو هو، جنهن جو تعبير هڪ انقلاب هو، سندس دل
هميشه انقلاب انقلاب ڪندي ڌڙڪندي هئي. هلندي هلندي
سندس گذر هڪ شادي هال وٽان ٿيو شادي هال جي ٻاهران
سؤَ کن پجيرو ۽ لئنڊ ڪروزر بيٺيون هيون، انهن ۾
وڏيرا، جاگيردار سرمائيدار ۽ ڪامورا آيل هئا.
هن ڏٺو ته اوچتو هڪ مهانگي گاڏي شادي هال جي آڏو
اچي بيٺي. جيئن ئي گاڏي بيٺي ته ان مان هڪ ڄاتل
سڃاتل شخص لهي گاڏيءَ جو در کوليو، گاڏيءَ جو جيئن
ئي در کليو ته ان مان هڪ وڏيرو لٿو ۽ در کوليندڙ
شخص سندس آڏو عاجزيءَ مان ڪنڌ جهڪائي چاپلوسي ۽
چمچاگيريء جي عملي تصوير بڻجي بيهي رهيو. سرويچ
چتائي ڏٺو ته اهو چاپلوس شخص سندس پارٽيءَ جو
مرڪزي اڳواڻ عزيز هو!
پهرين لمحن ۾ ته کيس يقين ئي نه آيو ته ڪو اهو
عزيز ٿي سگهي ٿو. هن هڪ ڀيرو وري چتائي ڏٺو. واقعي
اهو عزيز ئي هو، جيڪو انهيءَ وڏيري کي شادي هال
تائين اندر ڇڏي، مرڪندي سندس گاڏيءَ وٽ اچي بيهي
رهيو. سرويچ آهستي آهستي سندس ڀر ۾ وڃي بيٺو. عزيز
سگريٽ دکائيندي وڏو ڪش هنيو. هن سرويچ کي ڏسندي
کيسي مان ڏهين جو نوٽ ڪڍي سندس تريءَ تي رکيو.
سرويچ ڏهين جي نوٽ کي حيرانيءَ مان ڏسندو رهيو.
عزيز چيو: ”فقير! ڏسين ڇا ٿو؟ هاڻي هل! خبر نه
اٿئي مان ڪيڏي وڏي هستيءَ جو ڊرائيور آهيان!؟
پريان سندس باڊي گارڊ ڪلاشنڪوف سڌا ڪيو بيٺا آهن،
ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڀُڃڻي ڪري ڇڏنئي!“
سرويچ ڏٺو ته هڪڙي ٻي گاڏيءَ ۾ ٿورو ئي پري سچ پڇ
جديد هٿيارن سان ڀوائتا همراهه نشانو چِٽي بيٺا
هئا. تڏهن هن ڪاوڙ مان ڏهين جو نوٽ عزيز کي واپس
ڪندي چيو: ”هٿياربند ڏيکاري مون کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش
نه ڪر! آءٌ ته اهو سرويچ آهيان، جيڪو پورا ڏهه سال
سنگينن جي سائي ۾، موت سان منهن مقابل ٿي، ان کي
شڪستِ فاش ڏئي، سرخرو ٿي، موٽي آيو آهيان. حيرت
رڳو توهان تي آهي ته موت کان پري هوندي به انهن
وحشي درندن وٽ ڪيئن وڪامي ويا! جن جي خلاف گلي ڦاڙ
تقريرون ڪندا هئا!؟“
سرويچ جي ڳالهه ٻڌي عزيز کيس سڃاڻي ورتو. هن ڪنڌ
هيٺ ڪري ڇڏيو. ڄڻ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي،
مناسب لفظن جي ڳولا ڪندو هجي. پوءِ هن اوچتو ڪنڌ
مٿي کنيو ۽ چيو: ”تنهنجي کنڀجي کڄي وڃڻ کان پوءِ
اسان جا حوصلا ٽٽي پيا. بک، بيماري، بدحالي،
بيروزگاري، غربت ۽ بي سهارا هجڻ جي ڀوڳنا ڪٽي،
رئيس وٽ آيس، اتي پناهه ملي. مڃان ٿو ته هن ملڪ جو
پورهيت هاڻي به بکيو آهي؛ پر ڇا ڪجي پارٽي اسان
کان نه هلي سگهي، سڀ دوست ڪک پن ٿي وياسين!“
سرويچ، عزيز جي ڀاڙيائپ تي کيس ڇنڊ پٽڻ چاهي، هن
چاهيو ته عزيز جو ڳلو پڪڙي کيس چوي ته غداريءَ کي
ڪهڙن به سونهري لفظن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪندين! پر
اها هوندي غداري آهي. تڏهن هن ڏٺو ته سندس هٿن جون
نسون تاڻجي ويون آهن ۽ پوءِ اهي هٿ ازخود عزيز جي
ڳلي ڏانهن وڌڻ لڳا! پرتي هڪ باڊي گارڊ سندس سيني
تي بندوق اچي رکي. ٻيو باڊي گارڊ کيس پري ڇڪي هليو
ويو. ويندي ويندي سندس وات مان صرف ايترو نڪري
سگهيو: ”غدار! تون تمام وڏي سزا جي لائق آهين!“
هاڻي کيس پنهنجي هڪ ٻئي مرڪزي اڳواڻ جي تلاش هئي
جنهن جو نالو هو ابراهيم.
ابراهيم، الله جي هڪ پياري نبيءَ جو نالو آهي،
جنهن بتن جي پوڄا کان انڪار ڪندي، پنهنجي پيءُ ۽
بعد ۾ ملڪ جي بادشاهه”ابرهه“
سان بغاوت ڪئي هئي. سرويچ جو ساٿي ابراهيم به
پيدائشي باغي هو. سڀ کان پهرين هن پنهنجي گهر ۾
پلجندڙ جاهلاڻي رسمن سان بغاوت ڪئي هئي، پوءِ ڳوٺ
جي وڏيري سان بغاوت ڪندي هارين جي ذهنن ۾ شعور جون
ڏياٽيون روشن ڪيون هيون. پوليس، ڪامورا ۽ ڀوتار
سندس ولوله انگيز جدوجهد کان ڪنبندا هئا. شل نه
ڪنهن غريب سان ڪا زيادتي ٿئي، ان جي مدد لاءِ هُو
سڀني کان پهرين پهچي ويندو هو.
هن کي يقين هو ته ابراهيم پنهنجي ڪردار ۽ شعور کي
داغدار نه ڪيو هوندو. پڇائون ڪري ڳولي ڦولي هُو
نيٺ ابراهيم جي گهر پهچي ويو. گهران پتو پيو ته
ابراهيم آفيس ۾ آهي ۽ هُو آفيس ۾ اچي پهتو. آفيس ۾
پهچندي کيس خبر پئي ته ابراهيم اوڻويهين گريڊ جي
ڪامورڪي ڪرسي تي ويٺل آهي، اها هڪ اهڙي ڪامورڪي
ڪرسي آهي، جنهن تي ويهي ظاهر ۾ ته انتظام هلائبو
آهي؛ پر اصل ۾ غريبن جو رت چوسبو آهي. کيس پڪ ٿي
وئي ته ابراهيم به سندس ٻين ساٿين جهڙو نڪتو، هن
به پنهنجو ضمير وڪڻي ڇڏيو آهي. تڏهن پوئين پير
واپس ٿيڻ ضروري سمجهائين؛ پر وري بيهي رهيو. اهو
سوچي ته، ڪٿي ابراهيم ساڳيو نه هجي. هيءُ نوڪريون
۽ روزگار ڪرڻ ته ڪو ڏوهه ناهي، اصل ڳالهه ضمير جي
سچائيءَ جي آهي. ٿي سگهي ٿو ابراهيم جي اندر ۾
سچائي ۽ شعور جو ڏيئو اڃا به ٻري رهيو هجي!
۽ پوءِ هُو جيئن ئي ابراهيم جي شاندار ۽ عيش و
آرام واري آفيس ۾ داخل ٿيو، ته چڪرائجي ويو!
ابراهيم پنهنجي شاندار آفيس ۾ انتهائي سهڻي ۽
نخريلي ليڊي سيڪريٽريءَ سان ڀوڳ چرچا ڪري رهيو هو.
ڀوڳ چرچا بار بار تهذيب جي پردي کي چاڪ ڪري، فحش
گفتگو ۽ جملي بازيءَ ۾ تبديل ٿي رهيا هئا. سرويچ
کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي، ڪاوڙ اچي رهي هئي ته اڄ جو
ابراهيم زوال جي ڪيڏي نه اونداهين کڏ ۾ ڪري پيو
آهي. ابراهيم، سيڪريٽريءَ سان ڀوڳ چرچا ڪيا ۽ ٻه
ٽي دفعا فون تي ڳالهايو، پر آفيس ۾ ساڻس ملڻ آيل
مهمان سان ڳالهائڻ جي زحمت نه ڪئي. ابراهيم جو
اهو رويو سرويچ کي پسند نه آيو. هن پنهنجي تذليل
محسوس ڪئي ۽ يڪدم اٿڻ جي ڪئي. سرويچ کي محسوس ٿيو
ته نه صرف ابراهيم، پر سڄي قوم زوال جي ڪاري
کاهيءَ ۾ ڪري پئي آهي. هاڻي ان کاهيءَ مان نڪرڻ
لاءِ وڏي ويڙهاند ڪرڻي پوندي. جڏهن هُو وڃڻ لاءِ
اٿيو ته ابراهيم هن ڏانهن توجهه ڪيو.
اڙي سرويچ! ويهه ته سهي. ٻڌاءِ ايترا ڏينهن ڪٿي
هئين؟ يار اسان ته ائين ئي سمجهو هو ته ڀائوءَ
وارن توکي فل فراءِ (ماري) ڪري لاش لوڙهي ڇڏيو
آهي. پهرين ته ڏاڍا احتجاج ڪياسين، پر پوءِ جڏهن
تنهنجو ڪو به اتو پتو نه پيو، ته چپ ٿي وياسين.
دوست هڪ هڪ ٿي ڇڏيندا ويا. اسان به اڪيلا ٿي
پياسين، قسمت سٺي هئي جو ڪميشن پاس ڪري ورتم ۽
هيءَ نوڪري ملي وئي!“ ابراهيم ايترا سارا جملا
تمام گهڻي تيزيءَ سان چيا، ڄڻ ضمير جي عدالت ۾
پنهنجي گناهن کي ڌوئڻ جي ڪوشش ڪندو هجي. سرويچ
ايترا سارا جملا ٻڌي، چڪرائجي ويو. ابراهيم جي
حالت تي مرڪي پيو. تڏهن ابراهيم چيو: ”ڏي خبر، هت
خير ۾ آيو آهين!؟“
ابراهيم جي ان مختصر جملي مان ائين لڳو: ڄڻ هُو
چوندو هجي ”هت ڇو آيو آهي!؟“ يا ائين چوندو هجي
”توکي خبر ناهي ته مان هاڻي ڪامورو آهيان، تنهنجي
هتي اچڻ سان منهنجي نوڪريءَ کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
خبر اٿئي ڀائوءَ وارا سڄو ڏينهن منهنجي نگراني
ڪندا آهن. توکي هت نه اچڻ کپي ها، هليو وڃ هتان!“
سرويچ ان جملي جون ڪيتريون ئي تلخ معنائون ۽ مطلب
ڪڍي پئي سگهيو، پر ابراهيم جي آڏو مهذب پڻي جو
دامن هٿان نه ڇڏيائين چيائين: ”آءٌ هتي پنهنجي
ابراهيم کي ڳولهڻ آيو آهيان!“
ابراهيم ذهين هو. سرويچ جي جملي کي سمجهي ويو. هُو
سمجهي ويو ته سرويچ جو مطلب ڇا آهي. هُو پنهنجي
ابراهيم کي ڳولڻ آيو آهي. سندس ابراهيم ته اهو ئي
هو جيڪو هڪ انقلابي پارٽيءَ جو پرجوش ۽ سرفروش
ورڪر هو. هاڻي هن ڪرسيءَ تي ابراهيم نه هو، سندس
هم شڪل عوام دشمن ۽ راشي ڪامورو هو. جنهن جو سڄو
ڏينهن اهو ڪم هو ته عوام جي ڦرلٽ ڪيئن ڪجي.
ابراهيم، سرويچ جو مطلب سمجهي مرڪي ڏنو، پوءِ
چيائين: ”سرويچ صاحب! آئنده لاءِ ڇا سوچيو اٿوَ!“
سرويچ پوري اعتماد سان چيو: ”آئنده به اهوئي ڪبو،
جيڪو پهريائين ڪندا رهيا آهيون!“
”مطلب!؟“ ابراهيم سڀ ڪجهه سمجهندي به سرويچ جي
واتان ٻڌڻ ٿي چاهيو. سرويچ سندس مطلب سمجهندي چيو:
”مطلب ته پورهيت ۽ مظلوم عوام جي حقن لاءِ جدوجهد
۽ پارٽيءَ کي نئين سر منظم ڪرڻ!“
سرويچ جي ڳالهه ٻڌندي ابراهيم ڪجهه گهڙين لاءِ
حيرانيءَ مان کيس تڪيندو رهيو. هن کيس سمجهائڻ جي
ڪوشش ڪندي چيو: ”ان جو مطلب ته باقي حياتي به جيل
۾ گذارڻ جو پروگرام آهي!“ ابراهيم پنهنجي ٽوڪ جو
تير هڻي ڪڍيو ۽ تير پنهنجي پوري نشاني تي لڳو.
ابراهيم مرڪڻ لڳو ته هُو وڏو ماهرِ تير انداز آهي،
لفظن کي تير بڻائي نشاني تي هڻڻ ۾ کيس وڏو ڪمال
حاصل هو، پر ٻئي پاسي به سرويچ هو. سرويچ چيو:
”ابراهيم! تون ڇا ٿو سمجهين! جيل رڳو هڪ
چوديواريءَ جو نالو آهي؟ هرگز نه. جيل ته هيءُ سڄو
ملڪ آهي. ظاهر ۾ ته هيءُ هڪ آزاد خطو آهي؛ پر ڏس
ته سهي هتي ڳالهائڻ تي پهرا آهن، ظلم جي بازار گرم
آهي، مون کي ته ٻنهي جيلن ۾ ڪو به فرق نظر نٿو
اچي. تون! ڀلي پاڻ کي آزاد سمجهه، پر هن ملڪ جو
نوي سيڪڙو عوام قيدي آهي.“ ابراهيم اهو سڀ ڪجهه
ٻڌي، لاجواب ٿي ويو. ڄڻ سندس ترڪش مان سمورا لفظن
جا تير ڀڄي ۽ ڀُري پيا. سرويچ کي محسوس ٿيو ته
ابراهيم ڪامورو ٿيڻ کان پوءِ ڪيڏو نه ڊڄڻو ۽
چاپلوس ٿي ويو آهي. تڏهن هن ڪمري مان نڪرڻ ۾ ئي
نجات سمجهي. جڏهن هُو در تي پهتو، تڏهن نخريلي،
سنهڙي ۽ سهڻي ليڊي سيڪريٽريءَ، ابراهيم کان پڇيو:
”سر! هيءُ ڪير شخص هو، جنهن توهان کي سِر جو جواب
پٿر سان ڏنو!؟“
”ابراهيم ڪاوڙ مان چيو پاڳل هو، مان پاڳلن سان بحث
نه ڪندو آهيان، چپ ٿي ويندو آهيان!“ سرويچ،
ابراهيم جي ان اطمينان بخش جملي تي مرڪي ڏنو. آفيس
کان ٻاهر روڊ تي ٽريفڪ جو اٿاهه درياءُ وهي رهيو
هو، منجهند جو وقت هو، هر ڪنهن کي گهر وڃڻ جي جلدي
هئي، تڏهن هن کي محسوس ٿيو ته سندس به ڪو گهر آهي.
هاڻي کيس اوڏانهن وڃڻ گهرجي؛ پر سندس گهر ڪٿي هو؟
هڪ مسواڙي ٻن ڪمرن واري جاءِ به ڪو گهر ٿي سگهي
ٿو! گهر ته ان کي چئبو آهي جتي پنهنجا رهندا هجن.
تڏهن کيس شدت سان رمشا ياد آئي. رمشا جيڪا هميشه
سندس گهر بيڌڙڪ هلي ايندي هئي ۽ ان بي تڪلفيءَ جو
انجام ٻنهي جي پيار تي ختم ٿيو هو. رمشا جيڪا سندس
پارٽيءَ جي بهادر ورڪر هئي، تنهن سندس دل ۾ جاءِ
ٺاهي ورتي. نيٺ ٻنهي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
شاديءَ جي تاريخ طئي ٿيڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ گهر تي
ڇاپو لڳو ۽ کيس کنڀيو ويو. اذيتن، آڏين پڇائن ۽
قيد تنهائيءَ ۾ هُو اڪثر اهوئي سوچيندو هو ته رمشا
هر وقت ساڻس گڏ آهي. هن ڪڏهن به رمشا کي پاڻ کان
الڳ نه سمجهيو، کيس پوري پڪ هئي ته رمشا به کيس
ائين ياد ڪندي هوندي، جيئن هُو کيس ياد ڪري رهيو
آهي. هن هڪ ديوانن وارو خواب ڏٺو هو ته ان گهر ۾
رمشا ويهي سندس انتظار ڪري رهي هوندي، جتي هُو
رهندو هو. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”هاڻي مون کي گهر
وڃڻ گهرجي، رمشا ويٺي انتظار ڪري رهي هوندي. بک به
ڏاڍي لڳي آهي. مون کي رمشا جي هٿ جي ماني کائڻ
گهرجي.“
هُو غريب آباد جي ٽُٽل ڦُٽل گهٽين مان گذرندو
پنهنجي گهر تائين پهتو. غريب آباد ۾ ڪجهه به نه
بدليو هو، سڀ ڪجهه ساڳيو هو، ڪجهه بدليو هو ته
گندگيءَ جي ڍيرن ۾ اضافو ۽ ٽٽل روڊن تي گٽرن جي
پاڻيءَ جي رواني!
هُو جيئن ئي پنهنجي گهر جي در تي پهتو؛ ته کيس
حيراني ٿي. در کي تالو نه هو. سندس دل خوشيءَ مان
ڌڙڪڻ لڳي ته اندر ضرور رمشا ويٺل هوندي. هن ڏڪندڙ
هٿن سان در تي ٺَڪ ٺڪ ڪئي. ڪنهن جي قدمن جو آواز
در ڏانهن وڌڻ لڳو. در کليو ته هڪ ڪارو، ٿلهو ۽
ڀوائتو شخص ظاهر ٿي پيو. هُو کيس سواليه نظرن سان
ڏسڻ لڳو. جيستائين سرويچ ڪجهه چئي ان کان اڳ
ڀوائتي شخص چيو: ”ڪنهن سان ملڻو آهي؟“ هن جي وات
مان نڪتو: ”رمشا سان!“
هُو رمشا چئي ته ويٺو پر؛ پوءِ کيس احساس ٿيو ته
ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته رمشا ان مسواڙي گهر ۾ ڏهن
سالن کان سندس اوسيئڙو ڪندي رهي هوندي. هن کي
پنهنجي بيوقوفيءَ تي کل آئي. دراصل هن ان شخص کي
چوڻ ٿي چاهيو ته.....
جيڪو هن ڀوائتي شخص کي چوڻ ٿي چاهيو اهو چئي نه
سگهيو. ڇو ته ڀوائتو شخص واپس اندر وڃي چڪو هو. هن
سوچيو: وڏو ڪو بيوقوف آهي. منهنجي جملي تي کيس
ڪاوڙ به نه آئي ۽ ائين هليو ويو! هاڻي بک سندس وڻ
وڄائي ڇڏيا هئا. سندس پيٽ کي ٻن مانين ۽ دال جي
سنگل پليٽ جي ضرورت هئي. اها ئي سندس پسند جي غذا
هئي. هن کيسي ۾ هٿ هنيو ته پنجاهه جو نوٽ نڪري
آيو. هن دل ئي دل ۾ چيو: ”ٺيڪ آهي ڪجهه نه ڪجهه
کائڻ لاءِ ملي ويندو.“ ۽ پوءِ هُو جيئن ئي واپس
ٿيڻ وارو هو؛ ساڳيو ڀوائتو شخص در تي آيو.
ڳالهايائين ڪجهه به نه پر؛ رڳو اندر اچڻ جو اشارو
ڪيائين، هُو حيران ۽ ششدر ٿي هن جي پويان ويو. اهو
ئي سوچي ته ٺيڪ آهي. پنهنجي مسواڙي گهر ۾ داخل ٿي
پراڻين يادن کي تازو ڪبو. هُو ڀوائتي شخص جي پويان
ويندي گهر ۾ داخل ٿيو. پهرئين ڪمري ۾ ٻه پوڙها ۽
بيمار وجود جن جي صنفي تقسيم مرد ۽ عورت جي صورت ۾
ٿيل هئي، ڦاٽل پراڻن هنڌن تي ڪنجهي ۽ ڪُرڪي رهيا
هئا. پوڙهو بڙ بڙ ڪندي ڊاڪٽرن کي گاريون ڏئي رهيو
هو ۽ پوڙهي پاڻيءَ لاءِ سڏي رهي هئي. ڀوائتو شخص
ان ڪمري کان اڳتي يعني ٻئي ڪمري ۾ کيس وٺي ويو؛
جتي هڪ ڳاڙهن ڪپڙن ۾ تيار ٿيل عورت چهري تي ميڪ اپ
جا تهه چاڙهي، ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هئي. ڀوائتو
شخص کيس اتي ڇڏي پوئتي هٽي ويو. هيءُ اهو ئي ڪمرو
هو؛ جنهن ۾ هُو ۽ رمشا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ
ڏيندي، جيون ڀر ساٿ نڀائڻ جا وچن ڪندا هئا. هن
سوچيو: خبر ناهي رمشا هن وقت ڪٿي ۽ ڪهڙي حال ۾
هوندي؟ تڏهن اوچتو ڪمري ۾ ويٺل ميڪ اپ ڪيل عورت
اُٿي هن جي سامهون آئي. ٻئي هڪٻئي کي گهوري ڏسڻ
لڳا. عورت چيو: ”گهر وٺي هلندا يا هتي ئي ترسندا!“
هن کي عورت جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ڪجهه به چئي
نه سگهيو، تڏهن ان عورت وري چيو: ”سٺو آهي ته مان
توهان کي پنهنجو اگهه ٻڌائي ڇڏيان. گهر وٺي وڃڻ جا
پنج هزار ۽ هتي رهڻ جا ٽي هزار!“
جيئن ئي ان عورت اهي، جملا ڳالهايا؛ تڏهن کيس
محسوس ٿيو ته سندس ڪائنات ۾ هڪ اهڙو ڌماڪو ٿي چڪو
آهي، جنهن سان خوابن ۽ چاهتن جون ڪئين ڪهڪشائون
چمڪڻ کان اڳ بليڪ هول بڻجي ويون آهن. سڀ ڪجهه سڙي
ڀسم ٿي چڪو آهي. ها هن جسم جو سودو ڪندڙ عورت کي
سڃاڻي ورتو هو. اها سچ پچ ته رمشا ئي هئي!
هن رمشا جي سندس گهر ۾ موجود هجڻ جو خواب ته ڏٺو
هو، پر اهو تصور به نه ڪيو هو ته رمشا سندس گهر ۾
وئشيا بڻجي رهندي. رمشا کيس سڃاڻي نه سگهي. هڪ ته
ڏهه سال جيل ۾ رهڻ ڪري سندس چهرو ايترو ته تبديل
ٿي ويو هو؛ جو ڪڏهن ڪڏهن هُو پنهنجي پاڻ کي ڏسي به
حيران ٿي ويندو هو ته ڇا هيءُ مان ئي آهيان! رمشا
جو کيس نه سڃاڻڻ جو ٻيو سبب اهو هو ته هوءَ ان وقت
سرويچ جي محبوبه بڻجي نه؛ پر جسم جو سودو ڪندڙ
وئشيا بڻجي سوچي رهي هئي. تڏهن سرويچ ذري گهٽ
روئندي چيو: ”رمشا! آءٌ تنهنجو جسم خريد ڪرڻ نه
آيو آهيان! توسان ملڻ آيو آهيان، توکي ڏسڻ آيو
آهيان ۽ تنهنجي هٿ جي ٺاهيل ماني کائڻ آيو آهيان.“
رمشا پوءِ به کيس سڃاڻي نه سگهي. سندس نظرون کيس
سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون. سرويچ، رمشا جي مشڪل
دور ڪندي چيو ته: ”رمشا! آءٌ سرويچ آهيان! تنهنجو
سرويچ، ڏهه سال جيل ڪٽي اڄ پهتو آهيان. سوچيو هوم
ته جيل مان نڪرڻ شرط تو وٽ ايندس ۽ توسان شادي
ڪندس!“
رمشا جڏهن اهو سڀ ڪجهه ٻڌو، تڏهن سندس اکين مان
نير وسڻ لڳا. هن روئيندي سڏڪندي سرويچ کي پنهنجي
سيني سان لڳائيندي چيو: ”سرويچ تو تمام گهڻي دير
ڪري ڇڏي.“ سرويچ چيو: ”رمشا! تون جيئن به آهين،
جهڙي به آهين، مون کي قبول آهين! هي استحصالي ۽
ڦرلٽ تي ٻڌل ظالم نظام عورت کي عزت جي زندگي بسر
ڪرڻ ڪٿي ٿو ڏئي. تو جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، اهو تنهنجو
ڏوهه ناهي. پنهنجي بيمار ماءُ پيءُ جي علاج لاءِ
به پئسي جي ضرورت هوندئي، پر هاڻي مان اچي ويو
آهيان، پريشان ٿيڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.“
ائين چوندي هن پنهنجي هٿن سان رمشا جا ڳوڙها
اگهيا. رمشا ڊڄندي چيو: ”تون في الحال هتان هليو
وڃ!“.
”ڇو؟“ هن حيرانيء مان چيو.
”ڇو ته هتي اڪثر پوليس ڇاپو هڻڻ ايندي آهي. ڪٿي
ائين نه ٿئي جو هُو توکي گرفتار ڪن ۽ سڀاڻي اخبار
۾ اها خبر لڳي ته مشهور پورهيت اڳواڻ سرويچ بازار
حسن ۾ هڪ طوائف جي جسم جو سودو ڪندي گرفتار ٿي
ويو. پوءِ هن ملڪ جي پورهيتن جو ويساهه ٽٽي
ويندو.“
سرويچ چيو: ”تڏهن ته چوان ٿو پاڻ کي شادي ڪري ڇڏڻ
گهرجي پوءِ ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي رمشا!
جيتوڻيڪ تون پنهنجي جسم جو سودو ڪري دنيا جو سڀ
کان ڪُڌو ڪم ڪري رهي آهي! پر توکي اڄ به ملڪ جي
پورهيتن جي ويساهه ٽٽڻ جو اونو آهي، ان جو مطلب ته
تون اڄ به پورهيتن سان ٿيندڙ ظلم تي تڙپين ٿي!
تنهنجو ضمير زنده آهي. جڏهن ته منهنجا دوست جن تي
مون کي تمام وڏو ويساهه هو، انهن نظرياتي ڀاڄوڪڙ
بڻجي پارٽي ۽ انقلاب سان غداري ڪئي.“ انهيءَ ئي
وقت اوچتو در تي تمام زوردار نموني سان ٺڪ ٺڪ ٿي،
آواز تي رمشا ڏڪي وئي چيائين: ”پوليس اچي وئي!
هاڻي اهي توکي ضرور گرفتار ڪندا! توکي نه ڪيل
گناهه جي سزا ملندي.“ سرويچ مُرڪندي رمشا کي پيار
ڪيو. چند لمحن ۾ ئي انسپيڪٽر شراب جي نشي ۾ ڌت
هوندي ٻن سپاهين ساڻ ڪمري ۾ ڌوڪي آيو. ان کي ڏسي
رمشا هڪ ڀيرو وري ڏڪي وئي. سرويچ، انسپيڪٽر کي
پنهنجو تعارف ڪرايو: ”سرويچ، انقلابي پورهيت پارٽي
جو مرڪزي صدر اڄ ئي جيل مان آزاد ٿي پنهنجي گهر
پهتو آهيان!“
سرويچ جو جملو ٻڌي انسپيڪٽر ٺٺول مان وڏو ٽهڪ ڏنو
۽ چيائين: ”انقلابي پورهيت پارٽي ته ڪڏهن کان
مرحوم بڻجي چڪي آهي ۽ هيءُ تنهنجو گهر ڪيئن ٿو ٿي
سگهي؟ ان جو مطلب ته رمشا نالي مشهور زمانه تنهنجي
زال آهي؟“
انسپيڪٽر جيتوڻيڪ شراب جي نشي ۾ ڌت هو، پوءِ به
سندس جملا طنزيه تير هئا. هُو اڃا به مُرڪي کين
ڏسي رهيو هو. سرويچ چيو: ”اهو ته تنهنجي استحصالي
نظام جو ظلم آهي جو هن منهنجي زال کي عزت جي زندگي
گذارڻ بدران اهڙي زندگيءَ گذارڻ تي مجبور ڪيو.
هاڻي مان پهچي ويو آهيان، هاڻي رمشا عزت جي زندگي
گذاريندي.!“
اهو ٻڌي انسپيڪٽر ڏاڍو حيران ٿيو ۽ پوءِ ڪجهه چوڻ
کان سواءِ وڃڻ لڳو، پر وري ڪجهه ياد اچڻ تي موٽي
آيو.
چيائين: ”مان چاهيان ته نڪاح نامو نه هئڻ تي توهان
کي گرفتار ڪري سگهان ٿو، پر سرويچ صاحب! تو هڪ
وئشيا کي زال بڻائي منهنجا هٿ وڍي ڇڏيا آهن.“
ائين چوندي هو تڪڙو تڪڙو هليو ويو.
سرويچ، رمشا ڏانهن ڏسندي چيو: ”آءٌ حيران آهيان ته
هڪ پوليس وارو ٿي ڪري هن جو ضمير تو جيان زندهه
آهي!“
تڏهن رمشا پوري جوش ۽ اطمينان سان سرويچ جي سيني
سان لڳي، هڪ دفعو ٻيهر سُڏڪڻ لڳي، پر اُهي سڏڪا
خوشيءَ جا هئا. |