سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:20 

سليم چنا

 

 

 

محمد خان غني ٽکڙائي ميمڻ

شاعر، صحافي ۽ اديب

 

ڇا ٿو تون پڇين ڇا مون ڏٺو تنهنجي غمن ۾،

 

هڪ آهه جگر دوز ۽ هڪ باهه بدن ۾.

مارين ٿو نگهه ساڻ جيارين ٿو کلڻ سان،

اعجاز ڏٺم تنهنجي اکين ۾ ۽ چپن ۾.

هيءُ شاعري جون خوبصورت سٽون آهن، شاعرن جي نرسري ٽکڙ جي زرخير زمين جي شاعر محمد خان غني ولد محمد دائود مومن ولد حافظ حاجي حامد ٽکڙائي ميمڻ جون، جن وٽ شاعري ڇهن پيڙهين کان هلندي پي آئي ۽ اڃا سوڌو تاج ٽکڙائي جي صورت ۾ هلندي اچي.

سائين محمد خان غني 18 ذوالحج 1320هه سومر جي رات يعني 3- مارچ 1903ع ۾ ٽکڙ ۾ جنم ورتو، کين شروعاتي علم جا اکر، عربي، فارسي ۽ قرآن پاڪ حافظ عبدالله بسمل وٽان پڙهيا اڳتي هلي حافظ بسمل سندس شاعريءَ جو استاد به بڻيو. غني صاحب پرائمري تعليم به ٽکڙ مان حاصل ڪئي. پر ان کان اڳ کين پدرانه شفقت ۽ محبت محمد هاشم ’مخلص‘ کان ملي، جيڪو سندن چاچو هو، جنهن جو کيرپياڪ پٽڙو محمد خان غني جي هن دنيا ۾ اچڻ کان اٺ ڏينهن اڳ هيءُ جهان ڇڏي چڪو هو. مخلص ۽ سندس گهرواري کان اها جدائي برداشت نه ٿي رهي هئي، تڏهن محمد دائود مومن پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي جو دک دور ڪرڻ لاءِ پنهنجو نومولود پٽ محمد خان غني اچي هنن جي جهوليءَ ۾ وڌو ۽ پاڻ بظاهر پوئتي هٽي ويا. انڪري سندن ابتدائي پرورش ۽ پالنا تي محمد هاشم مخلص جي تربيت جو اثر رهيو. سندن نياڻيءَ شاهده غني موجب، ”هڪ ڀيري مٺڙي پياري بابا سائينءَ مون کي ڀر ۾ ويهاري چيو ته: ”سائين حافظ شاهه جي اوطاق ثقافتي سرگرمين جو مرڪز هئي، 12 سالن جي وهيءَ ۾ آءٌ هڪ شعر ٺاهي کڻي ويس، پر اندر وڃڻ جي همت نه ٿي ۽ ٻاهران ئي ڪنهن ماڻهوءَ هٿ شعر ڏياري موڪليو، شعر پڙهي مون کي سڏيائون ۽ مون رکيو کڙين تي زور، اڳيان آءٌ پٺيان شاهه جو ماڻهو، نيٺ وٺي آيم شاهه وٽ، سندس همٿائڻ تي ڀريل اوطاق ۾ شعر پڙهي پڄايم. پاڻ چيائين، حاجي حامد جو بنياد پوئتي ڪونه پوندو.“

ٻئي ڀيري جڏهن پاڻ فالج جي ڪري اسپتال ۾ هئا، مون کي چيائون: ”موزون شاعري ٽکڙ مان ۽ پنهنجي خاندان (نورمحمد خسته) کان شروع ٿي، ۽ هاڻي آءٌ ان خاندان جو آخري شاعر آهيان. مون کان پوءِ اهو شاندار باب هميشه لاءِ ٺپجي ويندو.“ (حوالو مهراڻ 1/1979ع)

هتي آءٌ اهو ٻڌائيندو هلان ته فالج جي حملي ۾ اسپتال داخل عمر رسيده محمد خان غنيءَ کي ان وقت شديد بيماري سبب اها ڳالهه ذهن ۾ نه آئي هوندي، ته سندس ئي پٽ محمد دائود ميمڻ تاج ٽکڙائي به قادرالڪلام شاعر آهي ۽ سندس ڪيل تمام گهڻي شاعري ڇپيل ۽ اڻڇپيل موجود آهي، ۽ هُو ٽکڙ جي نوجوان شاعرن جو استاد شاعر آهي، غني صاحب جي وفات کان پوءِ سندس پٽ تاج ٽکڙائي جا ٻه شاعري جا اهم ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ سندس شاعريءَ جو سلسلو اڃان سوڌو جاري آهي، هيستائين پاڻ ٽکڙ ۽ ڀرپاسي جي ويهن شاعرن جا باقاعده استاد آهن، جن کيس ’اُستاد الشعراء‘ جو لقب ڏنو آهي. سندس شاگردن ۾ گل ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي، آڪاش، سرواڻ، شائق، نجيب، ثاقب ۽ سومار سنگم جا نالا اهم آهن.

تاج ٽکڙائي ولد محمد خان غنيءَ جو پهريون ڪتاب ’زندگي آهي سفر‘ جو مهورت 27- فيبروري 2002ع تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ حميد سنڌي، پروانو ڀٽي، تاج جويو، سرفراز راڄڙ، ڄام ساقي، گل ٽکڙائي ۽ محمد علي ڏيپلائيءَ تقريرون ڪيون هيون ۽ شهيد سومرو زيب نظاماڻي ۽ مون (سليم چنا) مقالا پڙهيا هئا، تاج ٽکڙائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب ’طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو‘ سال 2003ع ۾ ڇپجي آيو، جنهن ۾ سندس 13 طويل ۽ خوبصورت اردو غزل به شامل آهن، طوفانن ۾ ٻيڙو ترندو به بهترين سنڌي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

محمد خان غني سنڌي فائنل پاس ڪري 1916ع کان 1923ع تائين هوائن ۽ شاعرن جي شهر حيدرآباد ۾ استاد ٿي رهيا. ’مسلمان‘ اخبار سندن چاچي محمد هاشم مخلص 1924ع ڌاري ميرپورخاص مان ڪڍي، 1924ع ۾ پاڻ ان دور جي مشهور ۽ ڪامورڪي تعليم تپيداري جو امتحان پاس ڪيائون پر نوڪري وٺڻ بجاءِ صحافت سان محبت لڙائي ويٺا. 6- جون 1924ع کان ’مسلمان‘ اخبار ۾ آيا ته 1931ع کان 1964ع تائين ايڊيٽر ٿي رهيا. سندن اُها صحبت ايڊيٽر جي حيثيت ۾ برقرار رهي. ايئن ئي سندن محبت شاعريءَ سان ۽ صحبت صحافت سان جاري رهي. صحافت سندن خذمت به هئي ته گذر سفر به. پنهنجي صحبت يعني صحافت يعني خذمت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڻ هاشمي پرنٽنگ پريس حيدرآباد جا مالڪ به رهيا. سنڌي شاعري جي تاريخ گواهه آهي ته خليفي گل محمد هالائي کان به سو سوا سو سال اڳ محمد خان غني جي خاندان جي شاعرن ئي سنڌي شاعري کي غزل جو ويس پارائي عروضي بحر وزن جا زيور پارايا هئا. ۽ سنڌ ۾ ائين ٽکڙ جي سرزمين مان سنڌي غزل جي اوسر ٿي هئي، ۽ ٽکڙ جي موجوده مٽي اڄ به سنڌي غزل لاءِ انتهائي اهم آهي. جن مان امداد حسيني، شبير هاتف، تاج ٽکڙائي، گل ٽکڙائي، انعام ٽکڙائي ۽ ٻيا ڪيترائي غزل جا بهترين شاعر پشتان پشت هلندا پيا اچن. ’بزم شعراءِ‘ 1916ع ۾ حيدرآباد ۾ قائم ٿي ته محمد خان غني اتي به مشاعرن ۾ ويندا هئا. محمد خان غني 1952ع کان ڪافي ۽ ڏوهيڙو لکڻ شروع ڪيو. سندس ڪافين مان هڪ مثال هن ريت آهي.

واٽون وٺيو روز واجهايان، تارا تارا ڇو نه تڪيندا.

آس اٿم هو نيٺ به ايندا.

هڪ ته محمد خان غني جا وڏا پاڻ قادر الڪلام شاعر هئا. ٻيو ته سندس ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ هُو سيد حاجي محمد حافظ جي اوطاق تي راڳ، رنگ ۽ شاعرن جي شاعري ٻڌڻ به ويندو هو. ايئن اتان محمد خان غني شاعري جي شروعات 13 سالن جي عمر کان ڪئي. سندن صحافت وارو سڄو دور کين هڪ شاعر ۽ اديب طور اڳتي وڌائڻ لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيو.

مون (سليم چنا) جڏهن سائين محبوب سروريءَ کان تحفي ۾ مليل ٻيو ڇاپو سال 2015ع ڪتاب ’يار خاطر‘ مرتب: محبوب سروري ڏنو، جنهن جو پهريون ڇاپو سال 1959ع ۾ ڇپيو هو، جنهن ۾ 20 شاعرن ۽ هڪ شاعره مس نورجهان شاهين جي گڏيل شاعري تعارف ۽ فوٽوءَ سان گڏ ڏنل آهي، جنهن ۾ شاعر محمد خان غني پنهنجي شاعريءَ جي شروعات غزل سان 1913ع ۾ ٻڌائي آهي. هن ڪتاب ۾ ئي پاڻ کين مليل انعامن، پنج سؤ روپيا، ست سؤ روپيا، پنج سؤ روپيا ۽ چار سؤ روپين جو ذڪر به حوالن سان ڪيو اٿن.

محمد خان غني سنجيده صحافي ٿي قوم-وطن ۽ ٻولي جي خذمت ڪندا رهيا ته طنز و مزاح وسيلي به دل وندرائڻ سان گڏ اهم نقطا نروار ڪري پنهنجي اندر جي خوش مزاجي ۽ حقيقت پسندگيءَ جو اظهار فن ظرافت جو هنر استعمال ڪندي ’علامه کڙپي‘ بنجي، مضمون نويسيءَ ۾ چاشني پيدا ڪندا رهيا. گفتگو ۾ به دلچسپ لطيفا سندن زبان تي هوندا هئا. هڪ پاسي سندن سنجيده صحافت-ٻئي پاسي فنِ ظرافت ته ٽئين پاسي سندن محبت يعني شاعري پنهنجي بحروزن جي پابندين، سادن، سهڻن لفظن، تشبيهن، تلميحن، استعارن، منظرنگارين ۽ تجنيس حرفين سان سينگارجي، سنوارجي ايندي رهي. مثلاً

هن مون ڏانهن ڏٺو مون جو انهيءَ ڏانهن ڏٺو ٿي،

آيو ۽ ويو پاڻ ۾ پيغام تمنا،

اکين ٿي چيو ”آهه“ مگر دل ٿي چيو ”واهه“،

ڇا صبح تمنا ٿيو، ڇا شام تمنا.

 

عشق سوز زندگي ۽ زندگيءَ جو ساز آهه،

عشق ڌاران زندگي ڪنهنجي نه سر افراز آهه

زندگي هڪ خواب ٿي، جنهن جو نڪو تعبير آهه،

بعد مُردن مون پروڙيو زندگيءَ جو راز آهه.

حُسن تنهنجي کي هزارين ٿيون اکين جون بندگيون،

منهنجا چپ ڳاڙهن ڳلن کي ٿا چون هر هر سلام.

هو جي ٻانهون منهنجي گردن ۾ حمائل ٿيون ڪڏهن،

ٿو چوان تن کي سڄڻ ساري اهي ڀاڪر سلام.

محمد خان غني بحروزن جا، تجنيس حرفي، تشبيهن، تلميحن، استعارن، ڪناين، سليس، سادي ۽ روانيءَ جا شاعر هئا.

محمد خان غني 1958ع ۾ بورڊ کي هيٺئين درخواست لکي هئي:

عالي، مرتبت جناب چيئرمن صاحب سنڌي ادبي بورڊ. جناب عالي آءٌ پنهنجي لياقتن کي دهرائڻ مناسب نٿو سمجهان جو يقين اٿم ته بورڊ جو هرهڪ ميمبر صاحب مون کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو ته آءٌ هڪ اديب، شاعر ۽ صحافي آهيان، خود انهيءَ بورڊ مان آڳاٽو مون کي منهنجي شاعريءَ تي انعام مليو آهي، منهنجا پنج ڇهه ڪتاب مسدس ۽ مثنوين جي صورت ۾ تصنيف ٿيل آهن.

منهنجي ايڊيٽريءَ ۾ رساله مخلص ۽ رساله روح ادب هن ڳالهه جا شاهد آهن ته مون کي سنڌي شاعري ۽ سنڌي نثر تي ڪيتري دسترس آهي. جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ جو خاص ڪم آهي، سنڌي زبان سرت لاءِ ان جي اشاعت ۽ تصنيف تاليف جو ڪم. تڏهن عرضگذار آهيان، ته مون کي بورڊ جي پبليڪيشن اسسٽنٽ جي جڳهه يا ٻي ڪا اهڙي جڳهه عنايت فرمائي وڃي، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ شروعاتي پگهار ٽي سَؤ پنجاه روپيا هجي.

آءٌ بورڊ کي يقين ٿو ڏياريان ته بورڊ کي سندس مقصدن ۾ پوري طرح ڪارائتو بنائڻ ۾ ثابت قدم ٿي سگهندس.

8- مارچ 1958ع                    محمد خان غني

اُن درخواست جي جواب ۾: 1- مئي 1959ع تي غني صاحب کي -/200 ماهوار تي ميمبر آف سنڌي ادبي بورڊ پبليڪيشن اسٽاف طور مقرر ڪيو ويو هو.

2- ڊسمبر 1960ع تي پاڻ ڪمال فقير جو ڪلام تصحيح ڪري ڏنائون، بورڊ وارن کي. جڏهن سيرت النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم جو اردوءَ ۾ سنڌي ترجمي جو ڪم غني صاحب کي ڏنو ويو هو تڏهن محمد ابراهيم جويو صاحب کيس هيٺيون هدايتون ڏنيون هيون:

”اوهان ڪم کي شروع ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا، ڪا صلاح مشورو ڪرڻو هجي ته لکندا. ترجمي ڪرڻ ۾ بيسود تڪڙ جي ڪانهي، ڪم جي اهميت کي مفاد ۾ رکندي، ٻولي توڙي مطلب جي لحاظ کان ترجمو هر طرح پورو، صحيح ۽ اثرائتو هئڻ گهرجي. اوهان جي ڪيل ترجمي جو ڇپائيءَ لاءِ استعمال ٿيندو. تنهنڪري خيال ڪندا ته ڪٿي ائين نه ٿئي جواوهان تڙ تڪڙ ۾ رهڙي مسودو ٺاهي ڇڏيو ۽ ان مسودي کي ٺاهي لکڻ ۽ پريس ڪاپي تيار ڪرڻ لاءِ وري جدا خسارو ڪرڻو پوي.“

جويو صاحب ٻئي موقعي تي وري کيس هيٺيون هدايتون ڏنيون: (1) هڪ مفصل مضمون تيار ڪيو، جنهن ۾ سنڌيءَ جي پراڻن رسالن ۽ مخزنن جا نالا ۽ مختصر احوال وغيره گڏ ڪجي.

(2) انهن مخزنن ۽ رسالن مان جن جا فائيل (مڪمل يا اڌوگابرا) ميسر هجن ته انهن مان هيٺيون ادبي ۽ علمي مواد چونڊي گڏ ڪجي.

الف- مضمون .......... ب- افسانا.

جنهن جي پوئواري ۾ غني صاحب ابتدائي معلومات سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ کي موڪلي ڇڏي هئي.

23- فيبروري 1960ع بورڊ کيس اهو ڪم ڏنو ته هو پراڻن رسالن ۽ اخبارن تي مضمون تيار ڪري، جنهن ۾ انهن جو بايوڊيٽا به هجي.

15- جون 1960ع تي بورڊ جي سيڪريٽري جويو صاحب نوڪري جو مدو وڌائيندي چئن ڪتابن جي ترجمي جو ڪم سندن ذمي ڪيو هو.

1.      دربار اڪبري، محمد حسين آزاد.

2.     عرب و ہند کے تعلقات، سيد سليمان ندوي.

3.     شعر العجم، علامه شبلي نعماني.

4.     سيرت النبي صلي الله عليہ وآلہ وسلم، علامه شبلي نعماني.

پنهنجي بورڊ جي نوڪري دوران ڪتاب گُلزار واصل، محمد واصل بن درس رحمون ٺٽوي ۽ فقير محمود جي ڪلام گلشنِ بهار جا پروف به ڏٺائون.

13- جنوري 1961ع تي سندن پڦي گذاري وئي هئي. 19- اپريل 1961ع تي مئنيجر پريس ميان علي بخش جي رپورٽ موجب غني صاحب ريڊيو تي -/200 ماهوار ڪم ڪري ٿو.

بورڊ پاران سيرت النبيؐ جا ٽي جُلد پهريون، ٻيون ۽ ڇهون کيس ترجمي لاءِ مليا هئا.

1- اپريل 1961ع تي پهريون جُلد پورو ڪري ڏنو هئائون.

30- جنوري 1961ع تي بورڊ ۾ نوڪري جو مدو ختم ٿيڻ بعد نه وڌايو ويس.

بورڊ جي نوڪري دوران پاڻ ”فرهنگ جعفري“ جا پروف به ڏٺا هئائون.

4- جولاءِ 1961ع تي غني صاحب کي -/236 روپيا ترجمي جا ادا ڪيا ويا.

1- نومبر 1961ع واليم-VI جي ترجمي جا -/438 کيس بورڊ ادا ڪيا.

7- ڊسمبر 1961ع تي غني صاحب علامه شبليءَ جي ڪتاب سيرت النبيؐ جو سنڌي ترجمو پورو ڪري بورڊ کي ڏنو.

29- آڪٽوبر 1962ع تي محمد خان غني ”دربار اڪبري“ محمد حسين آزاد جو ترجمو پورو ڪيو، جنهن جو اُجورو بورڊ في صفحو ڏيڍ رپيو منظور ڪيو هو، جنهن جو مڪمل بل -/50-1134 اکرين يارنهن سؤ چوٽيهه روپيا ۽ ۽ اَٺ آنا ٿيو هو.

محمد خان غني جي هاشمي پريس سنڌي ادبي بورڊ جي بڪ اسٽال طور نومبر 1957ع کان اپريل 1962ع تائين استعمال هيٺ رهي هئي.

منهنجي اها خوشنصيبي آهي ته مون سليم چنا محمد خان غنيءَ کي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي ٻالڪپڻي کان وٺي پنهنجي نوجواني تائين ڏٺو. هُو ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جي اسپتال تي ايندو هو جتي مان ڪمپائونڊر هئس. هُو ڊاڪٽر خليل جي کوکر پاڙي، فريد محلي واري گهر به ايندو هو جڏهن مان ڇوڪرو هئس. هُو ريڊيو پاڪستان تي ايندو هو، جڏهن مان پنهنجي پرائمري جي تعليم دوران ريڊيو جي پروگرام ٻارڙن جي ٻاريءَ ۾ ايندو هوس، هو مولانا غلام محمد گرامي وٽ ايندو هو. جڏهن مان قاضي عبدالقيوم روڊ تي ميان علي بخش پرائمري اسڪول ۾ پڙهندو هوس، هو سائين نياز همايوني وٽ ايندو هو، جڏهن مان 1970ع جي ڏهاڪي جي شروعاتي سالن ۾ منظور چيمبرز ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ اچي شاعري پڙهندو هوس. ائين ڪڏهن مون کي محمد خان غني عبرت اخبار، ڏيپلائي صاحب جي قرآن پريس ته ڪڏهن سلطان هوٽل ٻاهران بڪ اسٽال تي بيٺل نظر ايندو هو پر سندس تعلق گهڻو ڪري طرحي شاعرن: طالب الموليٰ، سرشار عقيلي، ڊاڪٽر ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، اختر هالائي، سوز ٽکڙائي، بيخود حسيني، راز بلڙائي، امين فهيم، نظير ٽکڙائي، نوراحمد گنڀير، محمد لکاڏنو جوش، واحد بخش عندليب، عثمان علي غازي ٽکڙائي، سعيد ٽکڙائي، امداد حسيني، شبير هاتف، محمد ابراهيم داغ، عبدالله خواب، بلاول پرديسي، سردار علي شاهه، رشيد احمد لاشاري، علي محمد خالدي، احسن الهاشمي، محمد بخش واصف، منظور نقوي، عبدالقيوم صائب، پروانو ڀٽي، اسماعيل بن واصف، محبوب سروري، فيض بخشاپوري، عبدالحليم جوش، مظفر حسين جوش وارن سان هوندي به هن پنهنجي شاعريءَ کي نوان ويس وڳا به پهرايا. اهو ئي سبب هو جو طرحي شاعري ۾ ڪمال جو شاعر هو ۽ صاحب انعام اڪرام وارو شاعر هو.

کيس 22- اپريل 1952ع ۾ مليل طرح مصرع تي اٺن بندن جي ڪافي لکڻ تي پنج سؤ روپيا انعام پير صاحب پاڳاري کان مليو هو. اها مصرع ”مون کان نه وسرن مور، سانگي سڌر مان سارو ٿي ساريان“. به کين پير صاحب پاڳاري ڏني هئي ۽ هڪ مسدس تي چار سؤ روپيا انعام به مليو هئس، مثنوي فاتح سنڌ لکڻ تي سنڌي ادبي بورڊ پاران ست سو رپيا انعام ۽ مسدس حالي جي ترجمي ڪرڻ تي ڊولپمينٽ بورڊ پنج سو رپيا انعام ڏنو هئس، پوءِ به خبر ناهي ڇو مهراڻ شاعر نمبر سال 1969ع جي 131 شاعرن جي فهرست ۾ محمد خان غني جو نالو شامل نه آهي.

هِتي مان هڪ اهم رسيد پيش ڪيان ٿو، جنهن مان خبر پوي ٿي ته ڪيئن نه ٽن مهينن اندر محمد خان غني ”مثنوي فاتح سنڌ“ لکڻ جو اهم ڪم پورو ڪري ڏيڻ جو تحريري ايگريمينٽ ڪيو هو.

رسيد

پئسا اندازاً 00-700 اکرين ست سؤ روپيا مون هيٺ صحيح ڪندڙ کي منهنجي ڪتاب ”مثنوي فاتح سنڌ“ مليل انعام جي رقم سيڪريٽري سينٽرل ايڊوائيزري بورڊ سنڌ کان برابر مليا.

محمد خان غني

ايڊيٽر مسلمان

… سنڌ

1948-04-13

ايگريمينٽ

مٿيون ڪتاب ٽن مهينن اندر ڇپائي پڌرو ڪندس.

فقط

محمد خان غني

ايڊيٽر مسلمان

1948-04-13

محمد خان غني انتهائي محنتي ۽ جفاڪش اديب ۽ صحافي هو. هن 1957ع کان فيبروري 1979ع تائين 22 سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي هڪ مڃيل شاعر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر طور به پاڻ مڃرايو.

محمد خان غنيءَ جي شاعريءَ جا تمام گهڻا مداح سڄي سنڌ ۾ موجود هئا. پر سندس شاعريءَ جي قدردانن ۾ مخدوم محمد زمان طالب المولى، سائين ”سرشار“ عقيلي، قاضي سچيڏنو ڪليڪٽر، آغا عبدالمجيد ڪليڪٽر ۽ ٻيا اهلِ ذوق ۽ صاحب علم ماڻهو به شامل هئا.

محمد خان غني جي اڻ ڇپيل شاعري، تمام گهڻي تعداد ۾ سندن حيدرآباد واري گهر ۾ موجود هئي، جيڪا سندن لاڏاڻي کان پوءِ سنڌالاجي جي حوالي ڪري، سندن نالي ڪارنر قائم ڪرايو ويو. شاعريءَ ۾ مثنوي گلزار غني ۽ مثنوي زهر عشق به شامل آهي.

محمد خان غني، ٽماهي مهراڻ، نئين زندگي، روح رهاڻ، بادل رسالي کان وٺي سنڌ جي هر مشهور ادبي رسالي ۽ اخبارن ۾ ڇپجندو رهيو ته ريڊيو تان به سندس شاعري پنهنجي حُسناڪين سان ڳائجندي رهي، گڏوگڏ هُو طرحي مُشاعرن جي زينت به بڻجندو رهيو. محمد خان غني علم ادب دوست پارکو ۽ ليکڪ هو. (سندس چند لکڻيون ڇپيل ۽ ڪجهه لکيل موجود آهن) پاڻ ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ ڊاڪٽر محمد اسماعيل شيخ جي صدر واري ساڳي اسپتال تي ساڻن به ڪچهري ڪرڻ ايندا هئا. تڏهن به مان ٻنهي پيءُ ۽ پٽ ڊاڪٽرن وٽ ڪمپائونڊر هئس. تنهنڪري مون کين تمام ويجهڙائي کان به ڏٺو ۽ ٻڌو.

محمد خان غني سال 1960ع ۾ ”بادل ۽ بوندون“ جي نالي سان بيتن ۽ ڏوهيڙن جو ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ قومي شاعري به ڪيائون ته ’سنڌ جي جديد شاعري‘ جي اهم موضوع تي ڪتاب لکي پڻ ڇپرايائون. غني صاحب عمر مارئي، ليلا چنيسر، سهڻي ميهار، سسئي پنهون ۽ مومل راڻي تي ڪيل شاعري ۾ تجنيس حرفيءَ جو سٺو استعمال ڪيو آهي. سندس شاعري ۾ حمد، نعت ۽ مرثيا به شامل آهن، ته قومي نظم به. سندن پهريون قومي نظم 1924ع جو لکيل آهي.

پاڻ جيڪي طرحون ڏيندا هئا سي به ڏاڍيون مقبول وينديون هيون. مثال طور سندن ڏنل هن طرح مصرع ”مُڪي مُون ڏي نڪا مارن ڀَري پيرُن سَندي پَاٽي“ تي، نئين زندگي رسالي ۾ شاعر ٽي سال طبع آزمائي ڪندا رهيا. محمد خان غني 1960ع جي ڏهاڪي ۾ کاهي روڊ جي جنهن گهر ۾ رهندو هو، ان ۾ نم جي وڻ جي، ٿڌي ڇانوَ ۽ ساوڪ کيس روز ترو تازا ڪندي هئي. ان دور ۾ ڪيل سندس شاعري ۾ ڏوهيڙن جي برسات به شامل آهي، جنهن جي هڪ نرالي خوشبوءِ آهي.

ڪري پرت پرين سان رڳو ڏٺم ڏک،

سي ڪيئن سمهن سک جن مسافر سپرين.

جن مسافر سپرين سي ئي روئنديون رت،

پرت ايءَ پهت جو رسي رڳو رنج ٿو.

ٿين مسافر سپرين شل ڪنهن جا ڪڏهن ڪين،

غني هن زمين، وَڍُ نه وڇوڙي جيئن ڪو.

حيدرآباد جي هوائن ۾ محبت، صحافت، ظرافت ۽ شاعريءَ جا رنگ وکيرندو. سنڌي ٻولي، ادب ۽ سماج تي گهرا اثر ڇڏيندڙ، ٽکڙ جي ٽوهه کي به محبت سان مٺو ڪندڙ، هي شاعر ابن شاعر، ابن شاعر، ابن شاعر محمد خان غني (پهرئين ربيع الثاني صبح جو 6:00 وڳي سندس نياڻي شاهده غنيءَ موجب صبح جو 9:00 وڳي) پهرئين مارچ 1979ع ۾ هن فاني دنيا ۾ لاڏاڻو ڪيو. کيس حيدرآباد ۾ حاڪم سنڌ شهيد ميان محمد سرفراز ڪلهوڙي جي مقبري جي ٻاهران آڳنڌ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو ۽ تڏهن کان ڪڏهن ٽکڙ کان آيل هوائون ته ڪڏهن شهر حيدرآباد جون هوائون گنجي ٽڪر وٽ گڏجي هڪٻئي کي هن جي شاعري هيئن ٻڌائڻ لڳنديون آهن.

اسير حرص تنهنجي آرزو شايد اجائي ٿي،

اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو.

يقين آهي سگهوئي باغ ۾ ڏسندين بهاري تون،

هينئر ويران جو آهي، سڀان گلزار ٿي ويندو.

منهنجي مدهوشي پڪاري هيئن چوي ته بار بار،

جان جادو سان جهٽيندڙ منهنجا جادوگر سلام.

عهد فرقت کي ڏجان پڻ وصل واري وقت جا،

دمبدم منهنجا مٺا محبوب تون اڪثر سلام.

سندس تجنيس حرفي مان مثال:

وڙڪري ڪا وصل واري واڳ دلبر تون وراءِ،

غم لهن غمگين جا، گڏجي گهڙي جي گهارين.

آسرو اَهم ”غني“ ايندا اڱڻ آخر اِهي،

هاءِ جنهن جي لاءِ هيڏيون تون هنجون ٿو هارين.

سندس ڪافي مان مثال:

چاهه منجهارؤن چاريو ٿي چاريان،

لوئي اباڻي ڪيئن لڄايان،

پَٽَ ”غني“ مان ڪيئن هت پايان،

سڻ ”محمد“ جو مذڪور،

ٻارڻ ۾ سي ٻاريو ٿي ٻاريان.

سندس غزل جي رنگ منجهان ڪجهه شعر عرض آهن:

اشڪ اکين ۾ ۽ دل مان باهه جا شعلا اٿن،

گهر جلي برسات ۾، قدرت جو ڇا انداز آهه!

صورت بي نقاب جي خواهش،

آهه مون کي عذاب جي خواهش،

ياد ساقيءَ جي آهه فياضي،

مون کي جامِ شراب جي خواهش.

بلبل جي اگر آهه جو تاثير اهو ناهه،

ڇو چاڪِ گريبان ٿيو گل جو چمن ۾.

برباد ڪيو دل کي قدو زلف جي سو دل،

نادان جو ڪم نيٺ پيو دارو رسن ۾.

سندس قومي شاعريءَ جا هيٺيان بند ڪيڏا نه پراثر ۽ دُعائيه آهن.

يا خدا جيسين زمين ۽ آسمان زندهه رهي،

چرخ تي جيسين نشانِ ڪهڪشان زنده رهي.

جيستائين باغ کي سرسبز پوشاڪون ملن،

جيستائين دهر ۾ دور خزان زنده رهي.

جيسين پاڻيءَ جي مٿان هي هيڏا ٻيڙا ٿا هلن،

جيستائين بحر ۾ آب روان زنده رهي،

جيستائين قصر سلطانِ امارت ٿئي تباهه،

جيسين ٿي مظلوم جي آهه و فغان زندهه رهي.

........................................................................................

سنڌ ٿيو منهنجو وطن سنڌي زبان ٿي جانِ من،

تاقيامت شل اهائي جانِ جان زندهه رهي.

آهه ڪعبي کي شرف جيئن اولين اسلام جو،

هند ۾ تئين سنڌ جو ٿو عزو شان زندهه رهي.

.........................................................................................

جي ترقيءَ تمنا آهه دل ۾ موجزن،

فڪر آهي، قوم باتاب و توان زندهه رهي.

آهي تهذيب و تمدن جو زبان سان واسطو،

”قوم سا زندهه رهي جنهن جي زبان زندهه رهي“.

......................................................................................

سندس غزل به لطيف جذبن جا ترجمان امين، ۽ حسن مجازي جي دلفريبيءَ جو لطف هِن ريت پسائن ٿا.

راز الفت جو عيان ٿيو آهه لڙڪن جي طفيل،

آبروي عشق خاطر ورنه مان خاموش هوس،

بلبل نالان سان گڏ گلعلي خندان کي ڏسي،

ٿو رئان ۽ پيو کلان رنگ گلستان کي ڏسي.

صورت بي نقاب جي خواهش،

آهي مون کي عذاب جي خواهش،

ياد ساقيءَ جي آهه فياضي،.

مون کي جامِ شراب جي خواهش،

آخر ۾ سندس مارئي واتان حب الوطني ته ڏسو.

هيج ٿيو تنهنجي هندورن ساڻ اَهم ڪونه ڪو،

مون کي پينگهن کان پيارا کائڙي کٻڙن جا کٻ.

اڄ تراين ۾ اچي پلٽي پلر تازو پيو،

وهنجيو تن ۾ وراڻيون ٿيون وجهن ڇاڇول ڇٻ.

سنڌ جي سُخن جي زرخيز زمين ٽکڙ جي جيدَ شاعر حافظ حاجي حامد ٽکڙائي جي پوٽي محمد دائود ’مؤمن‘ جي پٽ ۽ محمد هاشم مخلص جي ڀائيٽي محمد خان غنيءَ شاعريءَ جي شروعات 13 سالن جي عمر کان غزل سان ڪئي. 1950ع کان شاعريءَ جي چمن پنهنجي گلدستي لاءِ هن کان ڪافيون ۽ ڏوهيڙا به لکرايا، اڳتي هلي هن باغ سُخن جي گلدستي ۾ ٻيا به ڪيترائي گل اچي شامل ٿيا، جن ۾ غني صاحب جون طبع زرت مثنويون، ترجمو ٿيل مثنوي، مسدسون، مخمسون، رباعيون ۽ قوميت جي رنگ ۾ رنگيل ڪلام جا ڦول به شامل آهن.

هڪ ڀيرو وري ٽکڙ جي زينتِ سُخن جي سرزمين جي هن خوشبودار ۽ سهڻي ۽ حسين گلدستي مان ٽي سرها گل پيش ڪيان ٿو.

1.      عميق اوڙاهه ٿو ڏسجي پتو پاتار جو ڪونهي، ڪو،

عجيبن جي اُماري، اُت ڇڏيو آڻي، کٽي قسمت.

2.     مئي سان شامل ڏي ڪري، عڪس نگاهه،

جو ڪندو مدهوش، اهڙو جام خاص.

3.     منهنجي مزار تي ٿي سي ٻرندا مثال شمع،

دل تي فراق يار جا آهن هزار داغ.

مولائي ملاح

 

 

 

جڳ سڄو جرڪاءِ...!

جنهن ماڻهوءَ سنڌوءَ جي ڪپ تي جنم وٺي، سنڌوءَ جو پاڻي ٻُڪ ۾ پيتو هجي؛  ٻالڪپڻ جا ڏينهڙا چيڪي مٽيءَ ۾ راند رهندي ۽ نارنگي شامون پسار ڪندي گذاريون هجن؛ ته ان جي مَن مان مٽيءَ جي محبت ۽ مهڪ ڀلا ڪيئن ٿي نڪري سگھي! اهڙي پوتر روح کي ڪو وقت جو واءُ ڪيئن ٿو گمراهه ڪري سگھي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت ئي ڊوڙندي.    

راشد مورائيءَ کي اهڙي اُڪير سن جي سيد وٽ وٺي آئي، جنهن جي آشرم ۾ پهچڻ کان پوءِ سنائي سيد کيس سنڌ جي محبت ۾ اهڙو ته رڱي ڇڏيو جو سندس جيون جو کڄندڙ هر ساهه پساهه به سنڌ سان مشروط، سُئيءَ ۾ سڳي جيان جڙيل رهيو. سن جي سيد پنهنجي نئين سياست جي شروعات جڏهن شاعرن اديبن سان بزمِ صوفياءِ سنڌ جي پليٽ فارم کان ڪئي ته؛ پاڻ شاعرن سان گڏ راشد جي ٽهيءَ کي به کنيائين جن پنهنجي شاعريءَ وسيلي سيد ۽ سنڌ جي پيغام کي عام ڪيو. منشي ابراهيم، سرويچ سجاولي ۽ راشد جهڙن شاعرن ان پليٽ فارم تي پاڻ ملهايو. هيءُ ماڻهو انهن ڏهاڙن ۾ ٿيندڙ جلسن جي زينت هوندا هئا. پنهنجي ڪلام کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪري ماڻهن کي جذباتي ڪري ڇڏيندا هئا. سندن ڪلام ڪنن تي پوڻ کان پوءِ ماڻهن جي رڳن ۾ رت جي گردش تيز ٿي ويندي هئي. هنن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي ماڻهن کي پيار پريت، سک ، سلامتي ۽ امن جي پيغام سان گڏ سجاڳيءَ جو گس ۽ ڏس پڻ ڏنو.

سائين راشد، سڄي حياتي قلم کان ڪهاڙيءَ وارو ڪم ورتو، هن پنهنجي قلم کي عَلم بڻائي سنائي سيد جي ڏنل سنڌ شناسائيءَ جي پيغام کي گھر گھر گھٽيءَ گھٽيءَ عام ڪندي اعلان ڪيو ته: ’مان باغي آهيان … مان باغي آهيان‘. هن جي بغاوت جو هوڪو ڪوهن تائين ٻُرڻ لڳو ته سنڌ جو نوجوان نسل مجاز کي ڇڏي مزاحمت ڏانهن لڙي آيو، جن جي مزاحمتي شاعريءَ هن انقلابيءَ کي وڏو اتساهه ڏنو؛ هن سڄي حياتي قلم جي سگھ کي تيز ڌار واري اوزار جيان تيزيءَ سان استعمال ڪيو.

هيءُ پختي حوصلي وارو شاعر هو؛ هن زندگيءَ جا ڪيترائي رُخ ڏٺا ۽ ڌرتيءَ جا ڏک سَٺا. هيءُ سڄي حياتي ڌرتيءَ سان ڪميٽيڊ رهيو، قومي نظرياتي فڪر سان سلهاڙيل رهندي قومي ڪارڪن وارا فرض ايمانداريءَ سان نڀائيندو رهيو؛ هن قلم کي ڪڏهن به ڪاروبار جو ذريعو نه بڻايو. سندس ڪوتا هميشه روشن خيال باضمير ۽ ترقي پسند سوچ جي مالڪ ماڻهن لاءِ مايوسين جي انڌيرن ۾ اتساهه جي روشن لاٽ رهي.

ساهتيءَ جو سرواڻ شاعر راشد مورائي توڙي جو سنڌ جي انهن مزاحمتي شاعرن محمد خان مجيدي، اياز، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شمشيرالحيدريءَ جي ٽهيءَ جو ڪونه هو؛ پر پوءِ به سندس ڏات سگھاري هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ان دور جي حالتن جا عڪس تمام سگھاري انداز ۾ وڏي بيباڪيءَ سان چِٽيا آهن.

هن مزاحمتي شاعريءَ وسيلي سنڌ جي سُتل شعور، نوجوان ٽئلينٽ کي جاڳايو آهي. پلاٽ ۽ پرمنٽ ذريعي پاڻ ٺاهڻ بجاءِ هن پنهنجو عملي ڪم ڪري ڪردار ٺاهيو. سرڪاري اديب ٿيڻ بجاءِ هن قومي شاعر هجڻ تي فخر محسوس ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ ايتري سگھ آهي جو سندس شاعري ٻڌڻ، پڙهڻ کان پوءِ ماڻهوءَ جي جسم جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ خون جي گردش تيز ٿي وڃي ٿي. سندس سڄي شاعري عوامي لهجي ۾ آهي، جنهن کي جھنگ جھر ۾ رهندڙ هر عام ماڻهوءَ هيئن سان هنڊايو آهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي دردن ۽ سنڌي ماڻهن جي سورن ۽ اهنجن جي ڳالهه ٿيل آهي.

راشد، ادبي کيتر ۾ سوين نوجوانن جي رهنمائي ڪئي ۽ قومي ڪارڪنن لاءِ پڻ وڏو اتساهه رهيو، پاڻ سنڌ جو کاهوڙي ڪردار رهيو؛ سندس زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ به علم، ادب سان جوانيءَ جهڙو چاهه رهيو، هُو مستقل مزاجيءَ سان لکندو رهيو، ڪڏهن به ورچي نه ويٺو، سندس عشق جو محور سنڌ هئي، جتي سندس سوچ ڪڏهن به هيڻي نه ٻولي، توڙي جو ڪيترائي حالتن جا وهڪرا آيا، پر هيءُ مڙس مٿير پنهنجي عزم سان ۽ سنڌ دوستيءَ جي جذبي سان سچو ۽ سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي مَن اندر ۾ ڪٺور حالتن ۾ به ڪڏهن مايوسيءَ کي جاءِ نه ڏني. پنهنجي ارڏائيءَ سان جيون جون سڀ  بهارون جيئندو رهيو ۽ مسئلن جا جبل جھاڳيندو، حالتن جا لڪ لتاڙيندي پنهنجي قومي ڪاز تي قائم رهيو. 

سنڌ جو هيءُ مزاحمتي شاعر نئين ٽهيءَ مان پُراميد هو، کيس اهو ويساهه هو ته: جنهن نسل سنائي سيد، لطيف جو پيغام پڙهيو آهي، اهو هڪ نه هڪ ڏهاڙي منزل ضرور ماڻيندو، هنن نوجوانن جي دؤر ۾ اتساهه ڏيندڙ شاعر اياز، تنوير، شمشير، بخاري ۽ ٻيا نه رهيا؛ پر پوءِ به کيس پڪو ويساهه هو. سندس سنڌ دوستيءَ واري عقيدي ۾ ڪڏهن به جھول محسوس نه ٿيو. هن هڪ ڀيري الابخش راٺوڙ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته:”جيڪڏهن سنڌ ۾ سُڃ ٿي وڃي پوءِ به منهنجو عشق قائم رهندو، ان ۾ ڪابه ڦيرڦار ڪانه ايندي.“ هيءُ علم، قلم جي سگھ کان واقف هو، جنهن کي هن سنڌ دشمن ڌرين خلاف ڀرپور نموني استعمال ڪيو. کيس نئين نسل کان ڪابه مايوسي ڪانه هئي، کيس ويساهه هو ته: ”سنڌ زرخيز آهي اها اسان کي بک مرڻ ڪونه ڏيندي، نظرياتي ڪارڪن هڪڙا نوڪرين سان لڳا ته نظريا وساري ويهي رهيا، ٻيا فيلڊ ۾ موجود آهن. نئون نسل نوان گل ٻوٽا پوکيندو جنهن مان نوان سلا نسرندا. اڄ سنڌ جي هر ماڻهوءَ جي اکين ۾ مون کي سنڌ جو نقشو نظر اچي ٿو.“

هن هر محاذ تي سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪئي، هر دور ۾ سنڌ جي دردن تي آواز بلند ڪيو، سنڌ جي ڏکن کي سهڻي نموني سنڌي ماڻهن اڳيان پيش ڪيو ۽ سنڌ جي ويرين تي لفظن جا وار ڪندي چيائين ته: ’مان باغي آهيان مان باغي آهيان‘ ۽ هي پنهنجي ڪلام، ڪردار ۽ گفتار ۾ بلڪل باغي هو.

راشد جي سوچ، سڌير ۽ خيالن جي اڏام بلند هئي. هيءُ موجوده قومي شاعرن کان هرگز مايوس نه هو هن کي پختو ويساهه هو ته ڪالهه جي ڀيٽ ۾ اڄ جو شاعر قومي ڌارا ۾ اتساهيندڙ شاعري ڪري رهيو آهي. کيس ان ڳالهه جو به احساس هو ته اڄ جي دور ۾ نوجوان شاعر کي اتساهه ڏيندڙ قومي شاعر محمد خان مجيدي، اياز، تنوير، شمشير، ابراهيم منشي، سرويچ سجاوليءَ ۽ بخاريءَ جهڙا شاعر ناهن رهيا، پر تنهن هوندي به اڄ جو نوجوان قومي مزاحمتي شاعري سُريلي ۽ سگھاري انداز ۾ سرجي رهيو آهي جيڪو سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ آهي.   

اسان جو راشد، مزاحمتي شاعر هو، هن  جو قلم سنڌ لاءِ وقف هيو، سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي هن هميشه بي ڊپو ٿي لکيو. هيءُ چوندو هو ته: نوجوانن کي مزاحمتي شاعري ڪرڻ گھرجي، جنهن ڪويءَ جي دل ۾ پنهنجي قوم، ڌرتيءَ سرتيءَ جو درد ناهي، اهو ڪوي ۽ ان جي سرجيل ڪوتا ڪهڙي ڪم جي؛ اها ته خوشبوءِ بنا گل مثل آهي. هن پنهنجي مجاز ۾ به سنڌ کي سمويو، هن مسڪيني حال هوندي به پنهنجي قلم ۽ ضمير جو اگھ مقرر نه ڪيو، هيءُ جھڪڻ بجاءِ هماليه جيان اوچو رهيو ۽ ارڏائپ سان جيئندو رهيو. هيءُ بيماريءَ سبب بستري ڀيڙو ٿيو ته هن سرڪار کي سهائتا لاءِ ڪا به اپيل نه ڪئي توڙي جو سرڪار کيس سهائتا لاءِ چيو به هو.

سنڌ جي هن مزاحمتي شاعر سڄي حياتي پنهنجين اکين ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ جا سپنا سجائي رکيا. مُني صديءَ کان ڪيل سندس شاعريءَ ۾ وڏو اتساهه آهي جيڪو هر دؤر جي نوجوان اديب ۽ شاعر قومي ڪارڪن لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي. جيئن پاڻ هڪ بند ۾ چيو اٿس ته:

چاهت کي چمڪاءِ، چنڊ گھري ٿو روشني،

جڳ سڄو جرڪاءِ، سج بڻي پوءُ سچ جو.

هن کي بکن وگھي مرندڙ ماروئڙن جي دردن جو احساس هو، جنهن تي هن رڙ ڪندي چيو ته:

هت ٻن ڏينهن کان ٻار بکيا، هُت توکي تياري نيرن جي،

اڄ لوڪ ڏسي ڪيئن ٿيندي آ، جھڙپ بکايل شيرن جي.

راشد جهڙا ڪوي قومن ۾ صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن جيڪي قوم جو سرمايو ۽ سهارو هوندا آهن، تن ڪردارن تي تاريخ کي به ناز ڪندي آهي.

راشد جي زندگيءَ جيان سندس حياتيءَ جو خاڪو به مختصر آهي ته: هن 5 مارچ 1944ع ۾ مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڀِڪَ ۾ ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم وٺي 24 مارچ 2014ع تي بيماريءَ جي حالت ۾ راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. ان ٿوري عرصي ۾ هن سنڌي ادب کي شاعريءَ، ڪهاڻيءَ، خطن جي 30 ڪتابن سميت ۽ ٻيو به کوڙ سارو اڻ ڇپيل سرمايو ڏنو. راشد، کي توڙي جو اسان کان وڇڙئي ڪجهه سال ٿيا آهن پر هُو اسان کان وسريو ناهي.

ميرزا دبير

 ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

سنڌي ادب جو ناميارو ليکڪ ۽ تعليمي ماهر، پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻُٽ سرائي ۾ آچر، 07 محرم الحرام 1366هه/01 ڊسمبر 1946ع تي ڄائو. سندس والد جو نالو شاهه محمد ٻُٽ آهي. پاڻ پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۽ ثانوي تعليم دادو مان حاصل ڪيائين. سال 1970ع ۾ سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد مان بي.ڪام پاس ڪرڻ کان پوءِ، سال 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم.ايل.ايس جي ڊگري فرسٽ ڪلاس، فرسٽ پوزيشن ۾ حاصل ڪيائين ۽ سال 1980ع ۾ ايم.فل لائبريري سائنس لاءِ مونوگراف سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي تاريخ
لکي، ايم.فل جي ڊگري حاصل ڪيائين. پوءِ پاڻ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ وليز ويو، جتي '19th century Book trade in Sindh' جي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ.ڊي جي ڊگري يونيورسٽي آف وليز مان سال 1988ع ۾ حاصل ڪيائين ۽ اتان ئي وري جرمن ۽ انگريزي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما جا ڌار ڌار ڪورس ڪري ڊگري حاصل ڪيائين.

ڊاڪٽر صاحب ملازمت جي حوالي سان، بي.ڪام پاس ڪرڻ کان پوءِ پهرين گورنمينٽ ڪاليج ڪنڊياري ۾، ۽ پوءِ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ ڪلارڪ طور مقرر ٿيو، جتي پاڻ لائبريرين جا فرائض سرانجام ڏنائين. پوءِ سال 1976ع ڌاري، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ لائبريري ۽ انفارميشن سائنس ۾ ليڪچرار جي عهدي تي ڀرتي ٿيو؛ جتي ترقي ڪندي پروفيسر جي حيثيت ۾ 2006ع ۾ رٽائر ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي نوڪريءَ دوران سکر ۽ لاڙڪاڻي جي انٽرميڊيٽ بورڊ جو چيئرمن، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، رجسٽرار سنڌ يونيورسٽي ۽ ايگزيڪيٽو اسسٽنٽ وائيس چانسلر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، جي عهدن تي به رهيو. ان کان علاوه پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي لئبريري، تعليمي ۽ رٿابندي ڪاميٽين جو ميمبر به رهي چڪو هو ۽ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين.

ڊاڪٽر الهرکيو ٻُٽ صاحب، هڪ استاد جي حيثيت ۾ پنهنجو پاڻ کي فقط درس ۽ تدريس تائين محدود نه رکيو، بلڪه پاڻ مثالي استاد سان گڏوگڏ هڪ سٺي نثر نويس ۽ محقق جي حيثيت ۾ به پاڻ کي مڃرايو. سندس تحقيق ۽ تاليف جو بنيادي مرڪز سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ڪتاب رهيا آهن. ان ڏس ۾ پاڻ 19هين صديءَ ۾ ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافيءَ تي مشتمل هڪ تحقيقي مقالو ’1819ع کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل ڪتابن جو جائزو‘ جي عنوان سان لکيو، جيڪو ٽماهي ’مهراڻ‘ رسالي ۾ 16 قسطن ۾ شايع ٿيو. ان کان علاوه، ’ڪلاچي‘،
’سنڌالاجيڪل اسٽڊيز‘، ’سنڌ يونيورسٽي ريسرچ جرنل‘، ’سنڌ ڪوارٽرلي‘ (انگريزي) ۽ ’پاڪستان لائبريري بليٽن‘ (انگريزي) وغيره ۾ سندس تحقيقي مقالا شايع ٿيل آهن. ڊاڪٽر صاحب تاريخ ۽ لائبريري سائنس جي علم تي ڪتاب لکيا، جن جو تفصيل هِن ريت آهي:

الف- ڇپيل ڪتاب:

1)     سنڌ ۾ ڪتبخانن جي تاريخ: 1980ع، حيدرآباد: سنڌ پبلشرس.

2)    سنڌي رسالن جي تاريخ (1890ع کان 1980ع تائين): 1981ع، حيدرآباد: سنڌ پبلشرس.

3)    سماٽ: ڇاپو پهريون 1984ع، ٻيو 1997ع ۽ ٽيون 2003ع، حيدرآباد: گلشن پبليڪيشن. ڇاپو ٻيو 2013ع، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر.

4)    سنڌي طباعت ۽ اشاعت جي تاريخ (ايم.فل
’لائبريري سائنس‘ لاءِ تحقيقي مقالو): 1995ع، حيدرآباد: گلشن پبليڪيشن.

5)     شاهه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر: 2008ع، ڪراچي: شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.

ب- اڻڇپيل ڪتاب:

1)     شاهه جي رسالي ۾ ڪرتڪار، ڌنڌا ۽ پيشا

2)    ٻُٽ سرائي جي تاريخ

3)    لائبريري سائنس جي سکيا

4)    مرزا قليچ بيگ جي ببليوگرافي: 1977ع،

5)     Life and work of Muhammad Usman Deplai

6)    19th Century Book Trade in Sindh (PH.D Thesis from Vales UK)

7)    ڪاڻي ڪمدار جي شان ۾ 52 اکري (اسٽيج ڊرامو). نوٽ: هيءُ اسٽيج ڊرامو 1992ع ۾ سنڌ ويلفئر ايسوسيئيشن جي طرفان اسٽيج ڪيو ويو.

ان کان سواءِ پاڻ سليم ڀٽو لطيفي جي ساٿ سان ’شاهه جي رسالي جي موضوعاتي لغت‘'Subject Dictionary of Shah -jo- Risalo' جي عنوان هيٺ تيرهن جلدن تي مشتمل هڪ پروجيڪٽ جوڙيو، جنهن جو پهريون جلد شاهه جي رسالي ۾ هٿ جا هنر‘ سال 2008ع ۾ شايع ٿيو. جڏهن ته ان جا ٻيا ٻارنهن جلد به ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن، جن جو تفصيل مٿئين ڪتاب جي صفحي xxvi تي ڏنو ويو آهي.

ڊاڪٽر الهرکيي ٻُٽ جي شادي، سندن والد شاهه محمد ٻُٽ جي سوٽ غلام نبي ٻُٽ جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان کيس چار پُٽ: محمد عثمان ٻُٽ، شاهه محمد ٻُٽ، نديم ٻُٽ ۽ محمد ڪليم ٻُٽ ۽ ٻه نياڻيون، اولاد ٿيو. سندس ننڍي پُٽ محمد ڪليم ٻُٽ جو ادب ۽ صحافت سان چاهه آهي ۽ پاڻ هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار آهي. سندس هڪ ناول ’ڏاهر‘ (2015ع) نئون نياپو، ڪراچي طرفان ڇپيل آهي. هن وقت پاڻ انگريزي اخبار 'Daily Regional Karachi' ۾ حيدرآباد بيورو جو چيف رپورٽر آهي.

ڊاڪٽر الهرکيي ٻُٽ صاحب پنهنجي عمر جا سَٺ سال پورا ڪري، جڏهن يونيورسٽيءَ مان رٽائر ٿيو، تڏهن پاڻ پنهنجي زندگيءَ جا باقي ڏينهن سنڌي ادب، خاص ڪري پاڻ کي لطيفيات جي حوالي ڪري ڇڏيائين. انهن دوران مٿس اوچتو فالج جو حملو ٿيو، جنهن ۾ پاڻ گھڻو عرصو عليل رهيو ۽ آخر پنهنجي عمر جا 69 سال 05 مهينا گذاري، 22 رجب المرجب 1437هه/29- اپريل 2016ع تي جمعي ڏينهن سومهڻيءَ مهل، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو!

رئوف عباسي

     هڪ جينئيس جو موت

              سنڌ جي البيلي شاعر سعيد ميمڻ جي دکدائڪ وڇوڙي تي

 

نِکھر گئے ہیں گلاب سارے،

جو تیری یادوں سے مُشک ہیں۔

(فيض)

سعيد ميمڻ، سنڌي شاعريءَ جي اُن گلشن جو مهڪندڙ گل هو، جنهن جي آبياري ڪلاسيڪي شاعريءَ کان جديد شاعريءَ تائين ڦهليل آهي.

هڪ اهڙو دستان، جنهن جي ابتدا، مير عبدالحسين سانگيءَ کان شيخ اياز صاحب تائين ڦهليل آهي، ساڳئي سلسلي جي ڪَڙي مخدوم طالب الموليٰ صاحب کان ويندي استاد بخاريءَ تائين، ٽهي به ٽهي هلندي ٿي اچي.

شاعريءَ جي اُها صنف ناهي، جنهن تي هِن طبع آزمائي نه ڪئي هجي. هونءَ ته سنڌي شاعريءَ ۾ فطري منظر نگاريءَ جي حوالي کان ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ورڊس ورٿ ثاني سمجهيو ويندو آهي، پر سعيد ميمڻ جي شاعري به فطري منظرنگاريءَ جي حوالي کان بي مثال آهي. هُو ڦوهه جوانيءَ کان ادبي دنيا جو حصو بڻيو. سندس شروعاتي تخلص ’سعيد عاقلي‘ هو. عاقل ڳوٺ جي حوالي کان، جاويد سومري جو نانو عبدالحق زيب عاقلي، اڳ ئي ان تخلص سان شاعري ڪندو هو.

سنڌي ادبي سنگت ۾ اچڻ کان پوءِ همعصر دوستن جي صلاح سان، هُن عاقلي لفظ کان ٻانهون ٻُڌي موڪلايو، ۽ فقط سعيد ميمڻ جي نالي سان شاعريءَ جي جهان ۾، پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ لڳو. مان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽي شخص ڏٺا آهن، جن ادبي سڃاڻپ هوندي به، پورهئي کي عار نه سمجهيو آهي. جيئن مزاحمتي شاعر افضل قادري، خليل پيرزادو ۽ هيءُ سعيد ميمڻ.

افضل قادريءَ کي گذر سفر لاءِ، ننڍڙي مانڊڻي ۽ سائيڪلن جو دُڪان هوندو هو. خليل پيرزادو، ميونسپالٽيءَ ۾ ڪلارڪ هوندي به، چوني پوچيءَ جو ڪم ڪندو هو. سعيد ميمڻ پڻ، هڪ لائق ۽ ذميوار پرائمري استاد سان گڏوگڏ، شام جي وقت رڪشا هلائيندو هو. (جيستائين چاڪ هو.) ناچاڪيءَ کان پوءِ رڪشا جي ڊرائيوري کي ڇڏيائين.

جيئن هڪ ادبي حلقو حسن درس، ايوب کوسو، احمد سولنگي، بخشڻ مهراڻوي، (مظهرلغاري ته اڄڪلهه شاعريءَ جي حوالي کان پاسيرو آهي نه ته شاعريءَ، خاص ڪري جديد شاعريءَ ۾ مظهر لغاريءَ جو به Contribution آهي.)

سندس مشهور نظم ’هوائون نه روڪيو‘ تي، رسول بخش پليجي مفصل روشني وڌي آهي، ايئن ئي سعيد ميمڻ، جو هڪ پنهنجو فڪر يا نظريو هو.

هِڪ، اهڙو نسل، جنهن، سندس حياتيءَ ۾ ئي، هُن جي شاعراڻي Thought کي قبوليو، اُهو سندس فن جو ڪمال هو. سعيد ميمڻ کي به، روسي اديب دوستووسڪي جيئان، ذهني خلفشار کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جيئن جوانيءَ ۾ ڪافڪا ويو، ڪاميو ويو، دوستووِسڪي ويو، ميرا جي ويو، ساره شگفته وئي، حسن درس ويو، ائين ئي سعيد ميمڻ به ويو هليو.

ہم جیتے جی مصروف رہیں،

کچھ عشق کیا، کچھ کام کیا۔

                      (فيض)

ڊاڪٽر سعيده شفيق ميمڻ

 

"The True face of Islam" جو تجزيو

 

تخليقي ۽ تحقيقي ادب ۾  بلاشڪ ته وڏو فرق آهي. تخليقي ادب مصنف جي مشاهدي، مطالعي ۽ تجربي جي آڌار تي لکيو وڃي ٿو، جڏهن ته تحقيقي ادب پنهنجي ڄاڻ مان دائري کي تمام وسيع ڪري، محدوديت جي خول مان نڪري الاءِ ته ڪيترين ٻين تحقيقن کي سمجهي، پروڙي پوءِ نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا ۽ نتيجن ڪڍڻ جي عمل کي تمام خبرداريءَ سان بيان ڪيو وڃي ٿو.

هن وقت جيڪو ڪتاب منهنجي آڏو آهي، اهو تحقيقي ادب سان تعلق رکي ٿو ۽ مشهور محقق، عالم ۽ اديب ڊاڪٽر عزيز الرحمٰن ٻگهئي جو لکيل آهي، ڪتاب جو نالو آهي:

The True face of Islam as Human Hunour- Oriented Religion

نالي مان ئي موضوع جي باري ۾ سمجهي سگهجي ٿو. بنيادي طرح اسان جي سماج ۾ مذهب جي باري ۾ ڪوبه ڪتاب لکڻ ايترو آسان نه آهي ڇو ته سڄو معاشرو مذهب جي بنياد تي فرقن ۾ ورهايل آهي ۽ هر فرقو مذهب کي پنهنجي انداز ۾ سمجهائي ٿو. اهڙي محدوديت واري ماحول ۾ ڊاڪٽر صاحب قرآن پاڪ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪري، ترجمن ۽ تفسيرن جي مدد سان انگريزي زبان ۾ هڪ صحيح ۽ مدلل تجزيو اسان جي آڏو پيش ڪيو آهي. انگريزي زبان، اسان جي مادري زبان نه آهي. دراصل هيءُ ڪتاب خاص طور تي نوجوان نسل لاءِ لکيو ويو آهي، جيڪا پنهنجي مادري زبان کان گهڻو پري وڃي چڪي آهي ۽ توڻي هر خاص و عام لاءِ هيءُ ڪتاب، تحفو آهي ته هُو اسلام جي اصل روپ کان واقف ٿي، انهيءَ جي تعليمات کي پنهنجي زندگين ۾ لاڳو ڪن.

 

ڊاڪٽر عزيز الرحمٰن ٻگهئي جو شمار سنڌي زبان ۽ ادب جي انهن عالمن ۾ ڪيو وڃي ٿو، جن پنهنجي علم ۽ قلم سان سنڌ واسين جي خوب خدمت ڪئي آهي. صحافت سان لاڳاپو رکڻ باعث سندن لکڻيون اڪثر اخبارن ۾ ڪالم جي روپ ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. شاهه لطيفرحه جو ذڪر ۽ فلسفو سندن مطالعي جو اهم مرڪز رهيو آهي. شاههرحه جي فڪر ۾ فلسفي جي اپٽار ڪندي ثقافت کاتي طرفان ’بيت نه پر آيتون‘ جي عنوان هيٺ هڪ ڪتاب به ڇپجي چڪو آهي.

’دي ٽرو فيس آف اسلام‘ مصنف جو قرآن پاڪ جي ڳوڙهي مطالعي ۽ غور ۽ فڪر تي ٻڌل اڀياس جي ڄاڻ ڏي ٿو. عام طور تي اسان دين ۽ دنيا کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. نماز پڙهڻ فرض آهي، پر مسجد مان ٻاهر نڪري ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ٺڳي ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه ٿو سمجهيو وڃي. هن ڪتاب ذريعي ڊاڪٽر صاحب اسلام جي اصل روح کان واقف ڪرائڻ جي ڪوشش، قرآن پاڪ جي آيتن ذريعي ئي ڪئي آهي. ڪتاب ۾ ڪل 24 باب آهن. قرآن پاڪ جو مکيه خطاب ’انسانذات‘ آهي جو اهم ڪلام پوري انسانذات لاءِ هدايت ۽ رهنمائيءَ جو سرچشمو آهي. الله تعاليٰ انسان کي جيڪو شرف عطا ڪيو آهي. انهيءَ تي کيس ’احسن تقديم‘ سڏيو ويو آهي، وري اها بهترين تخليق جڏهن برائيءَ ڏي مائل ٿئي ٿي ته ’اسفل سافلين‘ جو چئي مخاطب ڪئي وڃي ٿي. هاڻي اها ئي اسفل سافلين جڏهن پنهنجي غلطيءَ تي شرمسار ٿي توبهه جو ارادو ڪري، رب العالمين جو در کڙڪائي ٿي ته رب تعاليٰ کيس معاف ڪرڻ سان گڏ چاهي ته علم ۽ هدايت جا دروازا به مٿس کولي ڇڏي.

باب پهرئين ۾ ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو:

Thus man has favoued with not only the best physical shape but also stands distinguished, with power of wisdom, understanding, sight hearing and heart, the characteristics of God alone. god almighty tells prophet Muhammad (pace be upon him) to remind human beings of his kindness and blessings in these words.

قل هُوَ الذي اَنشاکم وجعل لکم السمع والابصار والافئدت قليلاً ما تشکرون(76:23)

what an irony! except a few grateful rest among us dishonored and disintegrated ourselves by ingratitude to our creator. what else could our performance of destroying  our social set up be termed including current activities of terror and human blood shed.(pg:29)

آخري سٽن جو ترجمو: ڪيترو نه وڏو تضاد آهي! اسان مان سواءِ چند جي باقي خالق جي ڏنل نعمتن جو شڪر ادا نه ٿا ڪن.

اسان جي سماجي سرشتي کي تباهه ڪندڙ ۽ موجوده دهشتگرديءَ ۽ انساني خون وهائيندڙ سرگرمين پٺيان ٻيو ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو.

باب ٽئين جو موضوع آهي انساني زندگيءَ ۾ ايندڙ سختيون ۽ آزمائشون.

قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

”اسان زندگي ۽ موت تخليق ڪيا ته جيئن معلوم ٿئي ته اوهان مان عملن جي لحاظ کان ڪير چڱو آهي.

انهيءَ آيت جي وضاحت ڪندي ڊاڪٽر صاحب تمام سهڻا دليل ڏنا آهن، هُو لکن ٿا:

شاهه سائين فرمائي ٿو:

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾

اڀا ايئن پڇن، مڇڻ پاند پسائين.

"This was really a fantastic feature of mans mental and social selling, initially taught and prompted for cultivation and inculcation in us to meet almost conflicting, if not controdictory demands of  the duties imposed.

ڊاڪٽر صاحب، ڪتاب ۽ قرآن ۾ بيان ٿيل انيڪ موضوعن تي جتي قلم کنيو آهي، اتي قرآن پاڪ جو عربي زبان ۾ نازل ٿيڻ ۽ عربيءَ زبان جي وسعت جي باري ۾ تمام سٺو بحث ڪيو آهي. قرآن پاڪ جي مفهوم کي آسانيءَ سان سمجهڻ لاءِ هن انهن لفظن کي Quote ڪيو آهي، جيڪي قرآن پاڪ ۾ وري وري استعمال ٿيا آهن ۽ انهن لفظن جا اسم، فعل ۽ جمع به استعمال ٿيا آهن. مثال طور عبد مان عباد، عابد، عابدون، عباده وغيره. عبد معنيٰ ٻانهو، عباد انهيءَ جو جمع آهي، عابد يعني عبادت گذار اسم طور ڪم آيل آهي. ايئن اسان کي ٻيا به کوڙ سارا اهڙا لفظ ملندا، جن کي سمجهڻ کان پوءِ قرآن پاڪ جو مفهوم سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر صاحب جي وسيع مطالعي جي شاهدي هن ڪتاب ۾ استعمال ٿيل شاهه سائينرحه جا بيت ۽ علامه اقبالرحه جا شعر بخوبي ڏين ٿا: مثال طور: باب ڇهين ۾ لکن ٿا:

قرآن ڪريم جي آيت آهي.

اِنَّ اللّٰهَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِهِمْ ۭ  11۝ (سورة الرعد، آيت 11)

Verily, Allah does not change the condition of people unless and until they wake up to change it for themselves.

علامه اقبال جي هن شعر کي ساڳئي Context ۾ بيان ڪيو اٿن.

رہی حقیقت عالم کی جستجو مجھ کو

دکھایا اوج خیال، فلک نشیں میں نے

ملا مزاج تغیر پسند کچھ ایسا

کیا قرار نہ زیرِ فلک کہیں میں نے

شاهه سائينرحه فرمائين ٿا

ويٺي ور نه پون، ستي ملن نه سپرين

جي مٿي رند روئن، ساجن ملي تن کي

ڊاڪٽر صاحب بنيادي طرح اسلامي فلسفي کي وڌيڪ سمجهائڻ لاءِ تصوف ۽ سماجي خدمت تي هڪ باب لکيو آهي. درحقيقت تصوف جو مول متو الله سان دوستي ڪرڻ آهي ۽ الله سان دوستي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن ’خذمت خلق‘ يا ’حقوق العباد‘ بندي جي سرشت ۾ داخل ٿئي. مولانا رومي جي فارسي شاعرن جو استعمال صوفي ازم سان سندن گهري دلچسپيءَ جي ڄاڻ ڏي ٿو.

عام طور تي اسان جي سماج ۾ منبر تان الله کان ڊڄڻ جو تصور ايترو ته واسخ ڪيو ويو آهي جو اسان هر چڱو عمل، الله جي خوف کان ڪيون ٿا ۽ نه الله جي محبت ۾. تصوف، اسان کي سمجهائي ٿو ته الله بندن سان ستر مائرن کان به وڌيڪ پيار ڪري ٿو. اسان کي به الله جي عشق ۾ رهي هر ڪم ڪرڻو آهي. صوفي ازم ۾ پنهنجي نفس کي ماري مات ڪرڻ جي صلاح ڏنل آهي ۽ هر سچي صوفيءَ انهيءَ تي عمل پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب تمام تفصيل سان صوفي ازم ۽ قرآن جي آيتن جي پاڻ ۾ هڪجهڙائي ڏيکاريندي، تمام سهڻي انداز ۾ سمجهايو اٿن.

قرآن پاڪ ۾ حضور پاڪ صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي شان کي بيان ڪندي حسان بن ثابت جي نعتيه شاعريءَ جا حوالا پڻ ڏنا اٿن.

ڪتاب جي آخري باب ۾ مدرسن جي تعليم جي حوالي سان سندن تجزيو تمام شاندار ۽ ٺهڪندڙ آهي لکن ٿا:

But, despite all this good appreciable role played by these madras's what was beyond their resources and ability was the necessary education that could be helpful and sustainable in the matter of suitable employment and their genuine rehabiliation and merger among other counter part education seeking children of the country (pg:230)

پر، مدرسن جي واکاڻ جوڳي ڪردار کي ساراهيندي جيڪا ڳالهه انهن جي لياقت ۽ ذريعن کان مٿي آهي، اها ضروري تعليم جو حاصل ڪرڻ آهي، جيڪا انهن کي مناسب روزگار ۽ جائز مقام ڏيارڻ ۾ مدد ڪري ۽ گڏوگڏ ٻين پنهنجي ملڪ جي هم جنسن سان جوڙي رکڻ ۾ معاون ثابت ٿئي.

هن ڪتاب جي مطالعي سان قرآن شريف جون حڪمتون ۽ تعليمات سمجهڻ ۾ آسانيءَ سان گڏ لفظن جي جنسي بناوٽن ۽ گهرائين تي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي ٿو.

منهنجي راءِ ۾ هر صاحبِ فڪر کي هن ڪتاب جو مطالعو ضرور ڪرڻ گهرجي ۽ انهيءَ سان گڏ يونيورسٽين جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي غور ٿيڻ گهرجي. اهڙا ڪتاب هن وقت جي اولين ضرورت آهن، خاص طور تي نوجوان نسل کي مذهب جو صحيح رخ سمجهڻ ۾ بيحد گهڻي مدد ملندي.

حميده ميربحر

 

 

اسحاق انصاري جي ناول

’پيار درياهه‘ جو جائزو

 

ناول ’پيار درياهه‘ جو عنوان پنهنجي پاڻ ۾ گَهِري معني رکي ٿو، جيئن درياهه ڪڏهن چاڙهه ۾ هوندو آهي ته وري ڪڏهن سوڪَهِڙي ۾، ڪڏهن وڏيون موجون ته وري ڪڏهن خاموشي ۽ سڪوت. درياهه، جي اچي پنهنجي موجن ۾ ته تَرَ ترايون سڀ تار ڪري ڇڏي  ۽ وري جي موٽ کائي  ته پٺيان سوڪَهِڙو ۽ ٺوٺ زمين ڇڏي وڃي! پنهنجيءَ تي اچي ته جل ٿل ۽ سيراب ڪري ڇڏي ۽ جي منهن موڙي ته پياس ۽ تشنگي ڇڏيو وڃي . ايئن انسان جي اندر جون به پنهنجون الڳ الڳ ڪيفيتون ۽ احساس ٿين ٿا. اهڙن ئي احساسن ۽ ڪيفيتن کي اسحاق انصاريءَ پنهنجي ناول ’پيار درياهه‘ ۾ چٽيو آهي.

هن ناول ۾ جذبن ۽ احساسن جي ڪوملتا به آهي ته شدت به، هڪ پل محبتن ۾ سيرابي آهي ته ٻئي پل پياس ۽ تشنگي. جتي من ۾ ڀاونائون ڪَرَ کڻن ٿيون ته وري اُتي مايوسين جي موٽ به جيءَ کي جھوري وجھي ٿي. اوڀر ۽ اولهه جي ماڻهن جي وچ ۾جيڪو ڳانڍاپو ۽ سڱ ڏسيو ويو آهي، اهو منهنجي نظر ۾ بلڪل نئون ۽ ڪورو آهي. ڇاڪاڻ ته اوڀر جي ماڻهوءَ لاءِ گھڻي ڀاڱي اهو مشهور آهي ته ٻاهر کيس ڪنهن چڱي نظر سان ڪونه ڏٺو ويندو آهي، پر جڏهن اسين هن ناول جي مُک ڪردار ’آيان‘ کي ڏسون ٿا ته جهڙوڪر هُو ٻاهر ويو ئي ان لاءِ آهي ته جيڪا اوڀر جي مرد جي باري ۾ عام راءِ جڙيل آهي ته ان کي غلط ثابت ڪري سگھي.

ناول نگار جو هي ٻيون ناول آهي ۽ پنهنجي پهرئين ناول جيان هن ناول ۾ به يونيورسٽيءَ جو ماحول ۽ شاگرديءَ جو زمانو چٽيل آهي. ان مان محسوس ٿئي ٿو ته ناول نگار جي زندگيءَ جو اهو باب سندس زندگيءَ جي حسين ۽ يادگار بابن منجھان هڪ آهي. پنهنجي پهرئين ناول ۾ ناول نگار سنڌ ۽ سنڌ جي لطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماحول کي فوڪس ڪيو آهي ته وري پنهنجي هن ٻئي ناول ۾ پراگ جي چارلس يونيورسٽي ۽ يورپ جي زندگيءَ جا رنگ چٽيا آهن.

’پيار درياهه‘ ڪهاڻي آهي  پيار ۽ دوستيءَ جي، جنهن ۾ سماج، ٻنڌڻ ريتون رسمون جهڙوڪ: بي معنيٰ ٿي وڃن ٿيون. ڪو وعدو ڪو وچن نه هوندي به احساسن جي ڏوريءَ ۾ ٻڌل رشتا،۽ اهڙن رشتن جي ڪهاڻي جنهن ۾ سندن ڪو نانءُ ڪو ٻنڌڻ نه هوندي به سڀڪجھ ٿين ٿا. هيءُ ناول نوجوانن جي زندگي ۽ سندن مسئلن جي باري ۾ لکيو ويو آهي. ان ۾ جِسم جي گھُرجن کان ويندي جذبن جي ڪوملتا به ڏسي وئي آهي. هڪ ٻئي جي گھُرج هوندي به جذبن جي تقدس جو خيال رکڻ. هڪٻئي کي ارپڻ جي چاهنا جيڪا مڪملتا ۽ اڻپورتا جي صليب تي ٽنگيل رهي ٿي. اهڙا ۽ ان جهڙن ٻين انيڪ لطيف احساسن جي ڪهاڻي آهي.

هن ناول جا ڪردار انهن سڀني احساسن جو ڀرپور اظهار آهن، جيڪي هڪ انسان ۾ هئڻ گھرجن،  جيئن پيار محبت الفت ڪلفت ساڙ تڙپ خوشي ۽ ڀاونا وغيره، منهنجي نظر ۾ هيءُ ناول  انساني جذبن ۽ احساسن جو اولڙو آهي. هن ڪهاڻيءَ جا مک ڪردار ته ’آيان‘ ۽ ’عائده‘ آهن، پر انهن کان پوءِ جيڪو وڌيڪ اثر ڇڏيندڙ ڪردار آهي، اهو آهي ’ايريڪا‘ جو. مون کي خاص طور تي ايريڪا جا آيان ڏانهن لکيل خط تمام گھڻو وڻيا. انهن جي ٻولي ۽ جهڙيءَ ريت هوءَ پنهنجي فيلنگس جو اظهار ڪري ٿي، اهو ڏاڍو پُراثر آهي. هتي ڪجھ خطن جا ٽڪرا ڏجن ٿا ته:

گھڻو عرصو سرديون رهيون ۽ آءٌ به پنهنجو پاڻ کي برف سان ڍڪيل محسوس ڪري رهي هئس هاڻ اها برف پگھرجي رهيي آ...

هڪ ٻي سِٽ ڏسو:

هاڻي اهو ريئلائيز ڪري رهي آهيان ته مان تبديل ٿي رهي آهيان يا ايئن کڻي چئجي ته مان مٿاهين ڏاڪي تي پهچي وئي آهيان...روح ۽ ڪردار جي ترقيءَ واري ڏاڪي تي... ( اگزسٽينشلزم )

ايئن ۽ اهڙا کوڙسارا لطيف احساس آهن جن کي اسين هن ناول جو روح چئي سگھون ٿا جيڪي پڙهندڙ جي دل تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي وڃن ٿا.

هڪ پاسي کائڻ پيئڻ، ڊانس ڪرڻ ۽ مغربي زندگيءَ جا انيڪ رنگ آهن ته وري ٻئي طرف اگزسٽينشلزم جهڙيون سِٽون جيڪي جسم کان روح جي سفر ڏانهن وٺي وڃن ٿيون جيئن ايريڪا جون بيان ڪيل مٿيون اِهي سِٽون آهن.

هن ناول جي ڪهاڻيءَ کي وڌيڪ ڦلورڻ مان سمجھان ٿي ته پڙهندڙن سان زيادتي هوندي جو اسين هڪ هڪ سِٽ ۽ ڪردار تي ڳالهايون، ان لاءِ بهتر ته اهو ٿيندو ته پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو ته هُو پنهنجي سوچ ۽ سمجھ مطابق ناول جي گهرائيءَ ۾ وڃي پنهنجي مطلب جا موتي سُوجھي ڪڍي اچن. ايترو ضرور چونديس ته سنڌي ادب ۾ ناولن جي شيلف ۾ پيار درياهه هڪ سونهن ڀريو اضافو آهي.

علي نواز آريسر

صوفيءَ جي صدا

 

شاعري، انسان جي اندر جو اُهو آواز آهي، جنهن ۾ ڪيئي نيڻ ننڊ ڪندا آهن، ڪيئي آسون ڪر موڙي جاڳي اُٿنديون آهن، ڪيئي پرهه جا پيغام ۽ صدين جون صدائون هونديون آهن، ڪيئي انڊلٺ کڙندا آهن ۽ ڪيئي سُهائيءَ جا سِج اُڀرندا آهن، اهڙي شاعري، جنهن ۾ صوفيءَ جي صدا هُجي، مٽيءَ جي مهانتا هُجي، مينهن وساڙن جهڙي شائستگي هُجي، موتئي جي مهڪار هُجي، ڇُڙواڳ هوائن جون سرگوشيون هُجن، ڌرتي دين ڌرم جو پيغام هُجي، اها شاعري، شاعري نه، پر فطري پيغام بڻجي ويندي آهي. اسان جي سنڌ جي صوفي شاعرن جو پيغام امن ۽ انسانيت آهي. تاريخ جا ورق ورائي ڏسجن، ننڍي کنڊ جي وڏن دماغن جو مطالعو ڪري ڏسجي، پر جيڪو پيغام سنڌ جي شاعرن وٽ آهي، جيڪا سُونهن سنڌي شاعريءَ ۾ آهي، سا ٻئي ڪنهن به شاعر وٽ وِرلي ملندي. صوفي نيڀراج سنڌڙيءَ جو اُهو بُلند پايه شاعر هو، جنهن جي شاعريءَ ۾ نه فقط رومانويت آهي، پر سندس شاعريءَ ۾ وڇوڙو به آهي ته وصل به آهي، درد به آهي ته دلرُبائي به آهي. هُو عالمِ انسانيت جو شاعر آهي، هن جو نظريو هندو- مسلم جي تفرقي کان گهڻو مٿانهون آهي. وٽس اڻکُٽ تشبيهون ۽ استعارا آهن، ٻوليءَ جو ميٺاج گُلن ۽ ڦُلن جون ڳالهيون آهن، جن کي پڙهندي، پڙهندڙ حُسن جو اهڙو ته جلوو پسي ٿو، جنهن ۾ هُو پڻ سراپا عشق بڻجي ٿو وڃي. صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو هيءُ مجموعو ’صوفيءَ جي صدا‘ واقعي اهڙو پڙاڏو آهي، جنهن جي گُونج اڄ به سنڌ جي گهٽين ۾ گُونجي پئي. هن جيتوڻيڪ شاعريءَ جي سڀني صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، غزل، گيت، نظم، ڪافي، وائي، چؤسٽا لکيا آهن، پر سندس ڪافي تمام سگهاري آهي، ۽ هن ڪافيءَ ۾ جيڪي تشبيهون استعمال ڪيون آهن، اُهي بلڪل نيون ۽ نِراليون آهن، مثال طور: هُو جڏهن اکين تي لکي ٿو ته اک جا ڪيترائي قسم ٿو بيان ڪري، جيڪا شاعريءَ ۾ نواڻ نه به هُجي، پر انفراديت ضرور پيدا ڪري ٿي:

 

 

 

تُنهِنجون گَھِريُون گُل گُلزار اکيون،

ٻئي بانوليون باغ بھار اکيون.

 

سُرمي ساڻ سينگاريل ساريون،

ڪيفي ڪٽوريون، ڪُنڍڙيون ڪاريون،

ٻئي تِرڇيون، تجليدار اکيون.

هن سِٽاءُ ۾ سندس ڪيتريون ئي ڪافيون لکيل آهن، خاص طور تي اکين تي سندس کوڙ ساريون ڪافيون آهن ۽ هر ڪافيءَ ۾ الڳ الڳ تشبيهه آهي، جنهن ۾ زمين جي ذرن کان وٺي، آسمان جي چنڊ تائين ڪيئي حُسناڪيون موجود آهن. رُڳو هنن ٻن بندن کي ئي ڏسجي ته اک جا ڪيترا قسم ڏنا ويا آهن ’گهريون، گُل گُلزاريون، بانوليون، ڪٽوريون، ڪُنڍڙيون، ڪاريون، تِرڇيون، تجليدار وغيره.‘

ڪافيون لکندي جڏهن هُو ٿر کي ساري ٿو ته هُن جي سامهون ٿر جي عظمت ’مارئي‘ پنهنجي اڏولتا سان اڳيان اچي بيهي ٿي ۽ هُو مارئي جي پنهنجي مارُن سان، پنهنجي وطن سان، پنهنجي ڌڻ ۽ ڌنارن سان بي پناهه محبت جو اظهار ڪرائيندي ڪيڏو نه ڏُکويل ٿو محسوس ٿئي:

هن چنڊ ۾ چُونڊيا مون ٿي پيرون پَرَ،

هتي هيل نه سگهان ڪري ساڳي پر،

مِلان ڪيئن مان مارُن سان ناهي بال نه پر،

ڪاهي ڪيئن وڃان ڌڻ ڌنارن سان.

اهڙيءَ طرح جڏهن هُو محبوب جي سُونهن جي ساراهه ڪري ٿو ته لوڪ ڪٿائن وارن سورهن سينگارن کان به اڳڀرو نڪري ٿو وڃي، نِت نوان سينگار تخليق ڪري ٿو وجهي، جيڪي سندس محبوب کي اڃا وڌيڪ سهڻو بڻائي ٿا ڇڏين، مثال طور:

ننهن ته ڪاغذ جي مثل ۽ آڱريون سنهيون ڊگهيون،

ڏاند پڇڙيءَ کان ٻئي ٻانهون ورن ڀوريون سگهيون،

ٻُرَ مٿان ٻانهن سونهين ٿي رنگ سوناري سندي،

نقشَ، ڇا سگهندس چِٽي هر هڪ حُسن جي پارَ جو.

صوفي وٽ هر خيال نئون آهي ۽ تشبيهه جو استعمال به نِرالو آهي، سنڌي ٻوليءَ جا کوڙ سارا اهڙا لفظ به هن استعمال ڪيا آهن، جيڪي هاڻي اسان جي ٻوليءَ مان گهٽجندا پيا وڃن، پر اسان جي هن شاعر اُنهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻي جيئندان بخشيو آهي. صوفي نيڀراج نه فقط محبوب جي ساراه ڪئي آهي، پر هن ته سنڌ جي روايتن جا به گُڻ ڳايا آهن، جيڪي روايتون صدين کان سنڌ جي ساڃاهه جي ساک ڀرين ٿيون:

گاهه به چاري، بوسا ميڙي،

کير ڏُهي ڏي ڌارين کي ٿو،

پنهنجي ٻچن کي پاءُ به نه حاصل،

شابس تنهن ميهر کي آهي.

هنن ٻن سِٽن ۾ سنڌين جي سخا جو اڻمٽ مثال ڏنو ويو آهي، جو هڪ پورهيت ڌنار، جيڪو سڄو ڏينهن محنت ڪري مينهن کي گاهه چاري، اُنهن جي خدمت ڪري ۽ شام جو جڏهن ڏُهائيءَ جو وقت اچي ته اُهو سڄو کير ماڻهن کي وِرهائي ڏئي ڇڏي ۽ پنهنجي ٻچن کي ڪُجهه به نصيب نه ٿئي، اِها هُئي صوفين جي سنڌ جنهن ۾  ڪنهن سواليءَ کي خالي نه موٽائبو هو، آئي مهمان کي پنهنجي ٻچن جي لاءِ رکيل ماني ٽُڪر به کارائي ڇڏبي هُئي ۽ پاڻ ويلا ڪاٽيندي به خوش رهندا هُئا، اڄوڪي سنڌ اُها آهي الاءِ نه!

صوفي دُور انديش شاعر هو، هن ڪيترن واقعن جي اڳڪٿي به ڪئي آهي پنهنجي شاعريءَ ۾، جا سندس هن نظم مان پرکي سگهجي ٿي:

جي رکي اجرڪ ڪُلهن ۽ سر مٿي ٽوپي سنڌي،

ته به نه هي مارو سندم هن لڱين لوئي نه آ.

مارئي جي سامهون جيڪو ماڻهو بيٺو آهي، اُن کي اجرڪ به ويڙهيل آهي، سنڌي ٽوپي به پاتل آهي، پر پوءِ به هُوءَ مڃڻ کان انڪار ٿي ڪري، ڇاڪاڻ جو هُن جي لڱن تي لوئي (شال) نه آهي، ۽ ٿر جا مارو ماڻهو اجرڪ جي جاءِ تي لوئي اوڍيندا آهن. جيتوڻيڪ هي ڳالهه علامتي ٿي لڳي، پر اڄ به ڪيترائي عمر، لباس جي آڙ ۾ سنڌين جي اکين ۾ سُرمو پارائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جن کي صوفي وائکو ڪيو  آهي.

مجموعي طور صوفي صاحب جو هيءُ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ شاندار اضافو آهي، آءٌ سمجهان ٿو ته صوفي صاحب جي شاعريءَ جي لُغت جوڙي وڃي ته ٻوليءَ ۾ بي بها واڌارو ٿيندو، ڇاڪاڻ جو صوفي صاحب جو فڪر رُڳو پنهنجي محبوب تائين جلوي افروز ناهي، پر هُو اُن کان گهڻو اڳڀرو آهي، جنهن ۾ خدا جي سڄي خدائي سمائجي وئي آهي، ڌرتي، چنڊ، ستارا، وڻ ٽڻ، گُل گلزاريون، لباس، ثقافت ۽ انسان جي سڄي وجود کي شاعريءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو اٿس. اُن کانسواءِ صوفي صاحب وٽ وطن پرستي به آهي، سنڌيت جو جذبو  به آهي، ديس جي پچار ۽ پرچار به ڏسجي ٿي.

اسان ڊاڪٽر ڪرشن لعل جا ٿورائتا آهيون، جنهن صوفي صاحب جي شاعريءَ کي سهيڙي اسان تائين پهچايو، جڏهن ته هن ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت نثرنويس نصير مرزا لکيو آهي ۽ بيت جي نمائنده شاعر آسي زميني پنهنجي اداري سليٽ پبليڪيشن پاران هيءُ سهڻو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن کي آءٌ صوفياڻي سنڌ جو وکر سمجهان ٿو، جنهن لاءِ ڀٽائي سرڪار چيو آهي ته:

وَکر سو وِهاءِ جو پئي پُراڻو نه ٿئي.

 حافظ احمد الدين انڍڙ

سنڌي ٻولي

]تحقيقي جنرل[

 

سنڌي ٻولي ]تحقيقي جنزل [سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران گذريل 8 سالن کان مسلسل شايع ٿي رهيو آهي. موجوده چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هن تحقيقي جرنل کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي مقرر معيار تحت شايع ڪرڻ جوآغاز ڪيو آهي. جنهن جو پاڻ ايڊيٽر آهي، سب ايڊيٽر طور شوڪت چاچڙ کي ذميواريون سونپيل آهن. هن جرنل ۾ سنڌي ٻوليءَ، ادب، تاريخ ۽ ثقافت جي موضوعن تي مختلف اسڪالرن جا مقالا  شايع ڪيا ويندا آهن. مقالن جو معيار چڪاسڻ لاءِ ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن جي ڪميٽي پڻ جوڙي ويئي آهي، جن جي منظوريءَ بعد مقالا شايع ڪيا ويندا آهن. ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر اسحاق سميجو ۽ نصير مرزا شامل آهن. هن سلسلي جو تازو پرچو پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ شامل مقالا هن ريت آهن: 

       شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ وجدانيت جو فلسفو: ڊاڪٽر غفور ميمڻ؛ حيدر ڪلوچ: سنڌ جو فارسي گو شاعر: مدد علي سنڌي؛ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٻاهريان ۽ اندريان خطرا ۽ اُپاءَ: تاج جويو؛ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي ۽ نئين ٽهي: ڊاڪٽر ومي سدارنگاڻي؛ سنڌي ادب ۾ جديديت پڄاڻان جو اڀياس: ڊاڪٽر ساجده پروين؛ بيدل فقير جا همعصر ڪافي گو شاعر: ڊاڪٽر  مخمور بخاري؛ آريا ۽ سنڌو سڀيتا: نور احمد جنجهي؛ ابتدائي درجي وارن بصري لفظن (Sight Words) جي دائري جو اڀياس: ڊاڪٽر الطاف جوکيو؛ ۽  مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيل ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مقالن ۽ مضمونن جو جائزو: ميرزا دبير.

 

 

ڄاڻايل سڀ مقالا نهايت معلوماتي ۽ تحقيقي انداز سان لکيل آهن، هر مقالي جو انگريزيءَ ۾ خلاصو (ائبسٽريڪٽ) پڻ ڏنو ويو آهي. هيءُ تحقيقي جرنل فرانس ۾ قائم عالمي اداري  وٽ پڻ رجسٽرڊ ٿيل آهي، جنهن جوISSN  نمبر 2519-9765- آهي. هيءُ تحقيقي رسالو آن لائين لنڪ ذريعي به پڙهي سگهجي ٿو.

ارشاد علي سرڪي

 

ڪهاڻي ڪانفرنس 2017ع

 

انيس انصاري اڪيڊمي پنهنجي روايتن پٽاندڙ هميشه جيان هِن سال به 15 جنوري 2017ع تي لاڙڪاڻي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڪهاڻي ڪانفرنس
منعقد ڪئي . ان ڪهاڻي ڪانفرنس ۾ سنڌ ثقافت کاتي، حڪومت سنڌ جو سهڪار رهيو. برسات ۽ سخت سرديءَ باوجود ماڻهن جي حاضري اطمينان بخش رهي. پهرين سيشن ۾ مُک تقرير لاءِ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ کي اسٽيج تي دعوت ڏني وئي ۽ ميزبان طور سنڌ جي مشهور ڪهاڻيڪار اخلاق انصاريءَ کي دعوت ڏني وئي. افتتاحي سيشن جي ڪمپيئرنگ براڊ ڪاسٽر ۽ ليکڪ رياضت ٻرڙي ڪئي. شروع ۾ شاهه سائينءَ جي وائي ڳائڻ لاءِ مشهور راڳي سليم رضا ڪنڀر کي گذارش ڪئي وئي، جنهن مان ماڻهو ڀرپور نموني لطف اندوز ٿيا. ان کان پوءِ اخلاق انصاريءَ سڀني آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪيو. ان موقعي تي هن ٻڌايو ته انيس انصاري اڪيڊمي کي ڪهاڻي ڪانفرنس ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. ڇو جو هڪ دور ۾ هڪ سازش تحت تخليق ۽ خاص طور تي ڪهاڻيءَ جي خلاف ڳالهايو ويو، ماڻهن کي مايوس ڪيو ويو، انڪري انيس انصاري اڪيڊمي اهو پڪو پهه ڪيو ته ماڻهن مان ڪهاڻيءَ جي سلسلي ۾ ڦهليل مايوسيءَ کي ڪڍيو ويندو، جنهن ۾ اڪيڊمي گھڻي حد تائين ڪامياب وئي آهي.

اخلاق انصاريءَ جي ڀليڪار کان پوءِ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ انيس انصاري اڪيڊميءَ جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اڪيڊمي مسلسل ڪهاڻي ڪانفرنس ڪرائيندي رهي ٿي جيڪا هڪ تاريخ جوڙڻ جهڙي ڳالهه آهي. ان کان پوءِ هن ڪهاڻيءَ جي بڻ بنياد تي ڳالهائيندي قصي کان وٺي اڄ جي جديد ڪهاڻيءَ جي تاريخ ٻڌائي. هن چيو ته يورپ ۾ ڪهاڻين جا مختلف دور رهيا پر اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ان قسم جا دور نه رهيا آهن. اسان وٽ سنڌي ادب ۾ رومانس جو گھڻو اثر رهيو آهي. ان کان علاوه طبقاتي جدوجهد سان گڏ ون يونٽ جي ڪري سنڌي ادب ترقي ڪئي. ان دور ۾ رڳو بنگالي ۽ سنڌي ادب ئي وڌندو ويجھندو رهيو. ٻيو سنڌي اديبن ڪردارن کي تخليق ڪيا، جنهن جي وسيلي پنهنجو پيغام عام ماڻهن تائين پهچايو. افتتاحي سيشن کان پوءِ هاءِ ٽي رکي وئي.

پندرهن منٽن جي وقفي کان پوءِ ٻيون سيشن سنڌي ڪهاڻي شروع ٿيو، جنهن جي صدارت نامياري نقاد ۽ ترجمي نگار ڊاڪٽر بدر اڄڻ ڪئي. هن سيشن جي ڪاروائي سنڌ جي نوجوان ليکڪ رضوان گل هلائي. اسٽيج تي مقالي پڙهندڙن ڊاڪٽر ريحانه نظير، ڊاڪٽر آمنه سومرو، ڊاڪٽر شير مهراڻي ۽ جهانگير عباسيءَ کي به سڏيو ويو. سڀ کان پهريائين سنڌ جي سريلي راڳي، اداڪار ۽ صداڪار رياض سومري، شاهه سائين جي شاعري سريلي انداز ۾ ٻڌائي داد حاصل ڪيو.

مقالي پڙهڻ لاءِ سڀ کان پهرين ڊاڪٽر ريحانه نظير کي دعوت ڏني وئي، جنهن جي مقالي جو عنوان هو ”سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ عورت ليکڪائن جي ڪردار جي ذريعي سنڌي معاشري جي عڪاسي“
هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحبه پوپٽي هيراننداڻيءَ کان وٺي، ثمينه ميمڻ تائين جي ڪهاڻين مان مختلف ڪردار کڻي سنڌي معاشري جي عڪاسي ڪئي. ان کان پوءِ جهانگير عباسيءَ پنهنجو مقالو ”ادب جو روشن مينار...انيس انصاري“ پيش ڪيو، جنهن ۾ نه رڳو انيس انصاريءَ جي ڪهاڻين جو جائزو پيش ڪيو ويو، پر انيس انصاريءَ جي مضمونن ۽ شاعريءَ کي به بحث هيٺ آندو ويو. ڊاڪٽر آمنه سومري جي مقالي جو عنوان هو ”سنڌي افسانه نويسيءَ جا جديد لاڙا“ جنهن ۾ ورهاڱي کان اڳ جي افسانه نويسي کان وٺي هن وقت تائين ڪهاڻيءَ ۾ موجود جديد لاڙن تي بحث ڪيو ويو ۽ انهن کي جامع انداز ۾ واضح ڪيو ويو.

آخر ۾ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ پنهنجي مقالي
 ”انيس انصاريءَ جي ڪهاڻين ۾ جماليات جو پهلو“ ۾ پهريائين جماليات کي واضح ڪيو ۽ ان کان پوءِ هن انيس انصاريءَ جي مختلف ڪهاڻين مان جمالياتي احساس، خيال ۽ منظر ٻڌايا.

صدارتي تقرير ڪندي، ڊاڪٽر بدر اڄڻ سڀ کان پهريائين انيس انصاريءَ سان پنهنجن تعلقات جي باري ۾ ٻڌايو، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هو ڄڻ ته هڪ استاد به هو. هن نه رڳو ڪهاڻيون لکيون پر ڊائري، مضمونن، ۽ شاعريءَ جي تعريف ڪئي. ان کان علاوه ڊاڪٽر بدر اڄڻ ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن جي معيار جي تعريف ڪئي.

ٻي سيشن کان پوءِ منجھند جي ماني جو وقفو ٿيو، جنهن ۾ وافر مقدار ۾ سٺو کاڌو موجود هو.

ٽيون ۽ آخري سيشن ”انيس انصاري اوارڊ“ هو. ان ۾ مختلف ڪهاڻيڪارن کان ڪهاڻيون گھرايون وينديون آهن. جيڪي ٽن ججن کي موڪليون وينديون آهن، هن ڀيري جناب محمود مغل، جناب شرجيل (عبدالفتاح هاليپوٽو) ۽ تهمينه مفتي هئا. هن سيشن جي صدارت مشهور ليکڪ: محمود مغل ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾، سهڻا ليکڪ: آدرش ۽ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو هئا، جڏهن ته انيس انصاري اڪيڊميءَ جي نمائندگي اسحاق انصاري ڪئي.

سيشن جي شروعات ۾ ممتاز لوهار، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي وائي ٻڌائي داد حاصل ڪيو. اوارڊ وٺڻ ۽ ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ سڀ کان پهريائين منظور ڪلهوڙي کي سڏيو ويو، جنهن پنهنجي اوارڊ يافته ڪهاڻي پڙهي ٻڌائي جيڪا مهمانن کي تمام گھڻي پسند آئي. منظور ڪلهوڙي کي اوارڊ ڏيڻ لاءِ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ نامياري ليکڪ ڊاڪٽر مجيد چانڊئي کي گھرايو ويو.

ٻي ڪهاڻيڪار قربان جتوئيءَ کي سڏايو ويو، جنهن پنهنجي ڪهاڻي ”جيئندو“ ٻڌائي، کيس انيس انصاري اوارڊ ڏيڻ لاءِ مشهور ليکڪ آدرش کي گھرايو ويو.

ان کان پوءِ شگفته جبين جي ڪهاڻي ”پورن مٿي پور“ انيس انصاري اوارڊ کٽيو پر جيئن ته هوءَ پروگرام ۾ نه پهچي سگھي هئي، انڪري سندس ڪهاڻي آمنه سومرو پڙهي ٻڌائي ۽ اوارڊ به محمود مغل کان آمنه سومرو ئي حاصل ڪيو.

خاص انعام شبيرلاکي جي”سونيون چوڙيون“
حاصل ڪيو. ڪهاڻي ايتري ته اثرائتي هئي جو گھڻن ماڻهن جون اکيون آليون ٿي ويون.

ان کان پوءِ اسٽيج تي ويٺلن ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، آدرش ۽ محمود مغل ڳالهايو. محمود مغل چيو ته انيس انصاري اڪيڊمي جي شفاف طريقي سان ججمينٽ ڪرائڻ تي مان حيران آهيان. هڪ ته ڪهاڻين تي ليکڪ جو نالو نه لکيل هو. انڪري اسان جي جانبدار ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. ان کان علاوه انيس انصاري اڪيڊمي جي ڪنهن ڪارڪن به مون کي فون نه ڪئي، نه ته گھڻن ادارن ۾ ته ايئن ٿيندو آهي ته انعامن لاءِ ڪتاب موڪلڻ کان اڳ ئي سفارشون اچي وينديون آهن. هن اهڙي قدم تي اڪيڊميءَ کي مبارڪون ڏنيون. ڊاڪٽر محمود مغل اهو به چيو ته آيل سڀ ڪهاڻيون انعام جي لائق هيون، پر ظاهر آهي ته اوارڊن جو تعداد محدود ٿئي ٿو، انڪري ڪجھه دوست ئي انعام حاصل ڪري سگھيا آهن.

هال ۾ محمد علي پٺاڻ، ڊاڪٽر خادم منگي، نور جوڻيجو، نورجهان، فهيم انصاري، ذڪيه اعجاز، عابد ڪاظمي، عيسى ميمڻ، جاويد سومرو، قاسم ڪيهر، انور ڏنگڙائي، يار محمد چانڊيو، وفا مولا بخش، ضياءَ ابڙو، محمد علي قادري، عابد ڪاظمي، ارشاد علي سرڪي، آدريان انصاري، مشتاق انصاري، عارفين انصاري، بقاءَالله بوزدار، مختيار جاگيراڻي، مختيار سمون، ايوب گاد، خالد زخمي چانڊيو، اشتياق انصاري ۽ ٻيا شامل هئا.

اهڙي ريت ڪهاڻي ڪانفرنس پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي.

 سليم جروار

ادبي اوارڊ تقريب

 

 

        تاريخ 23- جنوري 2017ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد پاران 2014ع ۽ 2015ع ۾ سنڌي ادب جي مختلف صنفن جي ڇپيل ڪتابن تي اوارڊ ڏيڻ جي تقريب ڪوٺائي ويئي، جنهن جي صدارت نامياري ليکڪ شوڪت حسين شوري ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي شوڪت شوري چيو ته ڪتابن کي انعام ملن ٿا، اهي ٻن يا ٽن ماڻهن جو رايو هوندو آهي. ان جو مقصد اهو ناهي ته جن کي اوارڊ نه مليو، اهي معياري نه آهن.

        ڪتاب معياري يا غير معياري پڙهندڙ سمجهي ٿو، دنيا جو وڏي ۾ وڏو اوارڊ نوبل اوارڊ به تڪراري رهيو آهي. 2016ع نوبل اوارڊ تڪراري رهيو، دنيا جا وڏا اديب به نوبل انعام کان محروم رهيا، انعام نه ملڻ جو مقصد ناهي ته اهو ڪتاب يا اهو ليکڪ گهٽ آهي. اوارڊ ڏيڻ جي هيءَ روايت بهتر آهي، اهو رهڻ گهرجي. هن چيو ته اها ڳالهه درست ناهي جيڪو ادارو اوارڊ ڏي ٿو. ان اداري جو ڇپيل ڪتاب يا اتي جو ملازم ان اوارڊ مقابلي ۾ شامل نه ٿئي. سنڌي ادب ۾ ڪتاب وڌيڪ ڇپجي رهيو آهي، پبلشرن جي شڪايت آهي ته ڪتاب وڪرو گهٽ ٿئي ٿو، ان جا سبب ڏِسڻا پوندا. اها ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي، آباديءَ جي تناسب سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ڪاپيون ڇپجڻ گهرجن.

        انڊيا ۾ سنڌي ڪتاب ڇپجي ٿو ۽ اتي سرڪار ڏيڍ سؤ ڪتاب ڪاپيون وٺڻ جي پابند هوندي آهي. اسان وٽ به ايئن ٿيڻ گهرجي. تعليم کاتي کي گهرجي ته ڪاليج سطح تي ڪتاب خريد ڪري پهچائي، انهن ڪاليجن جي لائبريريءَ جي سٺي بجيٽ هوندي آهي. هن چيو ته انعام جي رقم گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار روپيا هجڻ گهرجي.

سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي چيئرمئن ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ چيو ته سٽ لکڻ جو معاوضو نه هوندو آهي، ان کي مڃتا ڏيئي سگهجي ٿي، جيئن هُو جيڪو فرض پورو ڪري رهيو آهي، ان کي وڌيڪ بهتريءَ سان ڪري.

        ليکڪ سماج جي تبديليءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن. ادارا سرڪاري هجن توڙي غير سرڪاري، اهي ليکڪن کي همٿائين. هن چيو ته 2014ع ۽ 2015ع وارن کي شيلڊون ڏنيون وينديون، اسان ڪتاب لکڻ کي اوارڊ ناهيون ڏيندا، ڪتاب جي مقابلي کي اوارڊ ڏنو ويندو. اسان اشتهار ڏيندا آهيون، ليکڪ ۽ پبليشر ڪتاب موڪليندا آهن، پوءِ اهي ڪتاب اسڪالرن (ججن) کي موڪليندا آهيون. هر صنف تي 2 ڪتاب هجن جيئن مقابلو ٿئي، هن چيو ته هاڻ الڳ الڳ ڪيٽگري ڪرڻي پوندي، ادب ۽ سماجي تحقيق الڳ الڳ ڪرڻ گهرجن. اداري جو ڪو به ڪتاب مقابلي ۾ شامل ناهي هوندو. بورڊ آف گورنرس ۽ اسٽاف جي ڪنهن به ماڻهو جو ڪتاب شامل نه آهي ٿيندو ته جيئن ان جو تاثر غلط نه وڃي. پروفيسر قلندر شاهه لڪياريءَ چيو ته سنڌي ٻوليءَ جا کوڙ سارا لهجا آهن، انهن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. بلوچستان ۾ سنڌي جا ڪافي لهجا آهن، انهن تي ڪم ڪرڻ گهرجي. ادارن کي گهرجي ته ڪجهه اسڪالرشپون ڪرائي ٻوليءَ تي تحقيقي ڪم ڪرائين. هن چيو ته اٿارٽي اوارڊ ڏيڻ واري روايت هلائي آهي، اها به هڪ ڪوشش آهي، ان سان ادب جي خدمت ٿيندي. ٻوليءَ ۾ لکڻ به ٻوليءَ جي وڏي خدمت آهي، قلم جي وڏي اهميت آهي. نامياري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر ادل سومري چيو ته اسان وٽ گهڻو ڪري اوارڊ متضاد به رهيا آهن، ڪافي ماڻهو اشتهار پڙهندا به آهن، ڪي ناهن پڙهندا، ڪافي ڪتاب رهجي ويندا آهن پر بهتر ڳالهه آهي جو اوارڊ ته ملن ٿا. هن چيو ته ليکڪ کي مڃتا ملڻ کپي، تخليقي عمل اوارڊ جي ڪري ناهي هوندو ۽ نه ئي اوارڊ ملڻ کان پوءِ اهو عمل رڪجندو آهي. اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي چيو ته سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ کي هِن تقريب رکڻ تي مبارڪ هجي. 2008ع ۽ 2009ع ۾ ان وقت جي وزير سسئي پليجو صاحبه به اعلان ڪيو ته جيتري رقم اٿارٽي ڏيندي ايتري رقم ثقافت کاتو به ڏيندو، گذريل ٻن ٽن سالن کان ايئن نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اٿارٽيءَ به 25 هزار مان وڌائي 50 هزار روپيا ڪري. اٿارٽي جي ڪتابن ۽ ملازمن کي شامل نه ڪرڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي. هن چيو ته ثقافت کاتي پاران 2008ع ۾ 3 اوارڊ لطيف اوارڊ، شيخ اياز اوارڊ ۽ جوش ملحيه آبادي اوارڊ ڏيڻ جي شروعات ٿي. اوارڊ سان گڏ هڪ لک روپيا ڪيش پڻ شامل هئا ۽ اهي اوارڊ سنڌ ڪابينا ۾ منظوريءَ بعد هر سال ڏيڻ جو اعلان ٿيو پر هاڻ اهو سلسلو به رڪجي ويو آهي. نامياري دانشور ۽ اديب جامي چانڊيي چيو ته هيءُ اوارڊ تقريب هڪ اداري جي نه، پر سماج پاران مڃتا ملي رهي آهي. ڪتاب کي مڃتا ڏيڻ سان سماج ۾ گهڻ رخا اثر پون ٿا. اهڙو سماج جتي ڪتاب معياري گهٽ ڇپجي ٿو ۽ گهٽ پڙهجي ٿو ۽ جتي اديب کي گهر ۾ بيڪار سمجهيو وڃي ۽ سماج هن کي ڪم نه ٿو سمجهي، ان ماحول ۾ لکڻ جرئت جي ڳالهه آهي. هن چيو ته تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر  بلوچ صاحب وڏو ڪم ڪيو آهي. بلوچ صاحب خوشنصيب هو جو کيس هر دؤر ۾ ادارا مليا. جويي صاحب 14 سال ادبي بورڊ کي ڏنا اهي 14 سال ۽ بورڊ جو ٻيو عرصو ڏسبو ته جويي صاحب جو دور وزني هوندو، اڄ ادارا ناهن جو عالمن، اسڪالرن ۽ محققن کي سهوليتون ڏين. سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق جو ڪم ڪرڻو پوندو، ڪٿان نڪتي ڪٿان آئي، ان کي ڇڏي ان کي بچائڻ لاءِ نئين سري سان ڪم ڪرڻو پوندو.

        تقريب ۾ جن ڪتابن کي اوارڊ ڏنا ويا، انهن ۾ سال 2014ع جي تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي ڊاڪٽر شير مهراڻي جي ڪتاب ’شاهه لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس‘، ناول جي صنف تي انور بلوچ جي ڪتاب ’ايلشبا‘، سماجي ادب تي نصير ميمڻ جي ڪتاب ’سنڌ جو ڪيس‘، شاعري ۾ رخسانه پريت جي ڪتاب ’نگاهن جا سجدا‘، سوانحي ادب تي بدر ابڙي جي ڪتاب ’قافلو هلندو رهي‘، ڪهاڻين ۾ عباس ڪوريجي جي ڪتاب ’پنهنجي ڌرتي‘، ترجمي جي صنف تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڪتاب ’ادب اندر ۾ ويٺل جِن ۽ ڀُوت‘، سفرنامي تي موهن مدهوش جي ڪتاب ’پونا ايڪسپريس‘، ٻاراڻي ادب تي ياسر قاضي جي ڪتاب ’اُٺ ماما گوگڙو‘. اهڙيءَ ريت 2015ع ۾ ڇپيل ڪتابن مان تحقيق ۽ تنقيد جي موضوع تي محمود مغل جي ڪتاب ’سنڌ ٽاڪيز‘، ناول جي صنف تي شبنم گل جي ڪتاب ’مَکيءَ کان موڪلاڻي‘، سماجي ادب تي زيب سنڌي جي ڪتاب ’سنڌ جي ڳالهه‘، شاعريءَ ۾ روبينا ابڙو جي ڪتاب ’قدم کان عدم تائين‘، سوانحي ادب تي شمس جعفراڻي جي ڪتاب ’ڪتيم سڀ ڄمار‘، ڪهاڻين ۾ امر لغاري جي ڪتاب ’ناد وارو‘، ترجمي جي صنف تي ڀون سنڌي جي ڪتاب ’درد بڻيو دلربا‘ ۽ ٻاراڻي ادب تي مختيار سمي جي ڪتاب ’گلن جهڙي شاعري پوپٽ جهڙا ٻار‘ اوارڊ ماڻيا.

        تقريب دوران رجب فقير، لطيف سرڪار جون وايون ٻڌايون.

ذڪيه اعجاز

 

نجم عباسي: ’جديد انقلابي فڪر جو

ترجمان‘ جي مهورت

 

پي.ايڇ.ڊي جي تحقيق تي لکيل ڪتاب جو تاريخ 18- فيبروري 2017ع تي خانه بدوش رائٽرس ڪيفي ۾ مهورت ڪيو ويو. هن ڪتاب جو عنوان آهي ’نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان‘
هن ڪتاب ۾ افساني جي مختصر تاريخ سان گڏ افساني جو مختلف مرحلن مان گذرڻ ۽ ان سان گڏ مختلف سياسي، سماجي تحريڪن جي  پس منظر ۾ افساني جي جانچ پڻ ڪئي ويئي آهي. ليکڪا ڊاڪٽر ريحانه نظير نه صرف ورهاڱي کان پهرين جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر ۽ ان جو ترويج ۽ مختلف ادبي انقلابي لاڙن جو جائزو وٺندي، ان دور جي ڪهاڻيڪارن جي فن ۽ فڪر جي موضوعن بابت لکيو آهي، پر گڏوگڏ هن ورهاڱي بعد يڪمشت رونما ٿيندڙ سياسي تبديلين تي پڻ روشني وڌي آهي. لڏپلاڻ، ون يونٽ، ٻوليءَ جو مسئلو سنڌ کان وڏن شهرن جو کسجي وڃڻ، سنڌ جون زمينون ورهائڻ وغيره خلاف سنڌي ادبي لڏي جي ڀرپور مزاحمت ۽ ان جي پس منظر ۾ لکيل نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون ۽ انهن جي سنڌ جي ٻين ان دور سان واسطو رکندڙ ڪهاڻيڪارن فن ۽ فڪر جي ڀيٽ ڪرڻ سان گڏ انهن حالتن ۽ واقعن جو پڻ ذڪر شامل آهي جنهن ادبي محاذ تي مزاحمت جي لهر پيدا ڪئي.

ڪتاب جي مهورتي تقريب جو مهمان خاص انهيءَ دور جي ٻوليءَ ۽ ثقافتي اُڀار واري ادبي جنگ جو سرموڙ رسالي روح رهاڻ جو خالق حميد سنڌي هو ۽ صدارت ڊاڪٽر قاضي خادم حسين جيڪو هن ڪتاب جي جنم ۾ برابر جو حصيدار آهي، ۽ نجم عباسي جو دوست ۽ همعصر پڻ آهي، ان ڪئي. ٻين مقررن ۾ مشهور علمي ادبي ۽ سياسي شهريت رکندڙ ۽ عورتن جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪندڙ محترمه امر سنڌو صاحبه، مشهور معروف ڪهاڻي نويس ۽ ڊراما نويس زيب سنڌي، جادوئي آواز رکندڙ جڳ مشهور رائيٽر، ڪمپيئر ۽ شاعر نصير مرزا، سنڌ ۾ عورتن جي تخليقن کي اڳتي آڻي کين ادبي پليٽ فارم مهيا ڪرڻ سان گڏ مختلف سماجي مسئلن ۾ هر وقت عورتن جي ٻانهن ٻيلي عورت شاعرائن ۾ نمايان مقام رکندڙ سرتيون رسالي جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا ۽ نئين اڀرندڙ علمي ادبي شخصيت ذڪيه اعجاز ۽ ليکڪا ڊاڪٽر ريحانه نظير ۽ هن ڪتاب جو چيڪ ڪندڙ Examinar هندستاني لوڪ ادب تي تحقيق ڪندڙ جڳ مشهور ليکڪ ڊاڪٽر ڄيٺولعلواڻي شامل هئا. جن فون ڪال ذريعي هن ڪتاب جي ادبي قد ڪاٺ بابت پنهنجو موقف پيش ڪيو. پروگرام جي ڪاروائي سنڌ جي عورتن جي حقن جي حوالي سان اڻ کٽندڙ جدوجهد جي روح روان سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن جي نمائندا پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح ڪري رهي هئي.

هن ڪتاب تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر ڄيٺو لعلواڻي فون ڪال ذريعي چيو ته مقاله نگار محترمه ادي ريحانه نظير جن کي جنهن جي تخليقي ۽ تنقيدي مقالي ’نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان‘ ڪتابي صورت ۾ ڪويتا پبليڪيشن طرفان شايع ٿيل ٿيسز جون مبارڪون هجن. مقالا نگار جنهن اندازِ بيان سان، اسلوب محنت ۽ مشقت گهرو اڀياس ۽ جاکوڙ ڪري نجم عباسي صاحب جي افسانوي تخليق جي تحقيق، تنقيدي ۽ فني ڪاوشن تي هڪ ڪامياب نقاد واري قلم سان  تحقيقي اصولن جي آڌار تي روشني وڌي آهي ۽ ورنائتا رايا پيش ڪيا آهن، سي روشن خيالي جا شاهد آهن. مبارڪون انهن سڄڻن کي جن جي مبارڪ هٿن سان رونمائي ٿي رهي آهي، مهان ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ ڪتاب تي ڳالهايئندي چيو ته ريحانه نظير جي هن ڪتاب ۾ ڳڻتين ۽ فڪر ۾ رهندڙ سنڌ جي ادبي تاريخ لکي ويئي آهي، جيڪا ايندڙ سڀني نسلن لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. منهنجي نظر ۾ ته هيءُ ريحانه نظير جو ڪتاب هڪ ادبي خزاني مثل آهي. تحقيقي ڪتاب جي گائيڊ نامياري محقق، ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر قاضي خادم حسين چيو ته اسڪالر ريحانه نظير نجم عباسي تي ٿيسز لکي ان جي ڪم ۽ ان دور جي ادبي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي. نجم عباسي جنهن به ڳالهه کي غلط سمجهندو ان تي ڪهاڻيون لکندو هو. هن ڪتاب جي ليکڪا پي.ايڇ ڊي جي مقاله نگار ريحانه نظير جي تحقيقي ڪم جي واکاڻ ڪندي چيو ته هوءَ اڻ ٿڪ محنتي محقق آهي، مان جڏهن سندس لکيل ڪم جو جائزو وٺندو هوس ۽ جي ڪو لفظ ڪٽڻ جو چوندو هوس ته هوءَ پورو صفحو ڪٽي نئون لکي ڏيندي هئي، جيئن سنگ تراش  ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو مجسمو ٺاهيندو آهي، جنهن جي هُو پاڻ پوڄا ڪندو آهي تيئن مان پاڻ هن تحقيق جي تعريف ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهندس. ڪتاب جي ليکڪا ريحانه نظير چيو ته هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي آخري پساهن تائين لکندو رهيو. سندس تخليق ڪيل اهي ڪهاڻيون سنڌ جي سياسي، معاشي، سماجي ۽ ثقافتي استحصال جو دستاويز ثبوت رکن ٿيون، سندس هيءُ سادو ۽ صاف اسلوب بيان پڙهندڙن لاءِ نه صرف اتساهه پيدا ڪندو هو، پر کين مبلغ جيان انهن حالتن مان نڪرڻ جا حيلا وسيلا پڻ ٻڌائيندو هو. سندس ڪهاڻيون ايڏو پُراثر ۽ مقصد سان سلهاڙيل هونديون هيون، جو ايم.آر.ڊي جي تحريڪ دوران اهي شاگردن جي ذهني نشونما لاءِ ڪلاسن ۾ پڙهايون وينديون هيون. مشهور محقق شاعر سنڌي ٻوليءَ جو ڄاڻو تاج جوئي صاحب هن ڪتاب تي روشني وجهندي چيو ته نجم عباسيءَ ۽ تنوير عباسي تي سنڌي ادبي تاريخ ۾ گهٽ لکيو ويو آهي، پر هن ڪتاب جي ذريعي نجم عباسيءَ جي ڪم جو ازالو ٿي چڪو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قوم پرستن ۽ ڪميونسٽن جي اسٽڊي سرڪل ۾ نجم عباسيءَ جون ڪهاڻيون پڙهيون وينديون هيون.

جڏهن ته نامياري ليکڪا ۽ شاعره ايڪٽيوسٽ امر سنڌو هن ڪتاب جي حوالي سان ويچار ونڊيندي چيو ته ريحانه نظير هڪ معياري تحقيقي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تحقيق جي خشڪ موضوع سان لاڳاپيل هوندي به دلچسپيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو. گهڻا استاد فقط پنهنجي ترقيءَ لاءِ پي.ايڇ ڊي ڪندا آهن، پر هيءَ تحقيق مون کي تخليقي جوهر سان مالا مال نظر ٿي اچي. مون هڪ ڪتاب جي سِٽ سِٽ پڙهي آهي. مون کي هن ۾ ڪٿي به ڪو جهول نظر نه آيو آهي. سرتيون رسالي جي ايڊيٽر گلبدن جاويد مرزا چيو ته نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين توهم پرستيءَ ۽ بي جوڙ شادين جهڙن ڪُڌين رسمن کي وڌيڪ ڌڪ کنيو هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا افسانوي ادبي جي ڪهڪشان آهي ان ۾ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي، اسان جي ريحانه نظير. مشهور شاعر، ڪمپيئر نصير مرزا چيو ته هيءَ تخليق سادي ۽ وڻندڙ انداز ۾ لکيل هئڻ سبب وڌيڪ وڻندڙ آهي. عرفانه ملاح چيو ته يونيورسٽيءَ ۾ جدوجهد ڪرڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ليکڪا ريحانه نظير منهنجي ڀيڻ هئڻ سبب ڪيترين ئي ڪٺناين کي منهن ڏنو، ايستائين جو کيس يونيورسٽيءَ ۾ ٻن سالن لاءِ آخري سيمينار لاءِ جاکوڙ ڪندي گذارڻا پيا. هن همت ڪري هن تحقيق ڪري ڪيترائي اڙانگا رستا پار ڪيا آهن. ريحانه پاڪستان جي ٻين ٻولين پشتو، پنجابي، بلوچي ادب پڙهڻ لاءِ هن انگريزي سکي ۽ لائبريرين ۾ پڙهڻ ۽ يونيورسٽيءَ اچڻ لاءِ گاڏي هلائڻ سکي. گڏوگڏ گهريلو زمينداريون به نڀائيندي رهي. زيب سنڌيءَ چيو ته ريحانه نظير سنڌي ڪهاڻين تي تحقيق ڪئي آهي ۽ هيءُ ڪتاب نون لکندڙن لاءِ هڪ گائيڊ آهي. اسان جڏهن ڪو تحقيقي ڪتاب پڙهندا آهيون ته اهو اصلي موضوع سان گهٽ جڙيل لڳندا آهن ۽ انهن ۾ ڪتب آندل ٻولي خشڪ اندازِ بيان فلسفي هئڻ سبب گهٽ دلچسپي ڏيکاريندو آهي، پر هن تحقيق جي ٻولي سادي سودي هئڻ ڪري پڙهڻ وارو ڪٿي بوريت محسوس نٿو ڪري، ذڪيه اعجاز پنهنجي مقالي ۾ ڪتاب جي اهميت ۽ تاريخ جي حوالن سان ڳالهائيندي چيو ته: هيءُ ڪتاب ايندڙ نسلن لاءِ ادب ۾ اٿندڙ سمورين تحريڪن، ادبي لاڙن ۽ رجحانن جي مڪمل ۽ جامع ڄاڻ مهيا ڪندو. تقريب جي آخر ۾ ليکڪا سڀني جا ٿورا مڃيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org