اياز عمراڻي
غزل
نيڻن ۾ ڏيئا ٻاري وئي،
ڪا، ننڊ تي پاڻي هاري وئي.
نينهن ندي ۾ خواب ٻڏي ويا،
اهڙا، عڪس اکين، تاري وئي.
منهنجي روح کي، ٽياس ٽنگي،
هوءَ به، پاڻ، ”سمنڊ کاري“ وئي.
گهاڙو ويٺو، گهاڙ گهڙي ٿو،
هوءَ ته اُجري، اڀ تاري وئي.
نوريءَ کي، ڇاتي ناز هيو،
ڪيئن، تماچي جي، تاري وئي.
ڪو ڳالهين جو هو ڳاراڻو،
ڳالهين جي ڳُڙ ۾، ڳاري وئي.
پُور پَتڻ تي، ڪهڙو پيئڙو،
اياز اُڀو ڪڀ، هُو، ناري وئي.
غزل
هتڙي پٿر پٿر هر ڪنهن هٿ،
۽ پنهنجا شيشا هر ڪنهن اک.
هيءُ حِجاج، هلاڪو هو به،
آهن اَڄ به اُڀا، ساڳيا سٿ.
اي نقاد نقص تنهنجي نيت ۾،
بغض بغل ۾، ڪيئن ڪرين ڪٿ.
”انسان ازل کان آجو آ“،
نوڙ نڙي، هر ڪنهن نڪ ۾ نٿ.
موکي کولِيَئي ڪهڙا مٽ،
ڏِنَئي متوالن ڪهڙي مت.
مڱريو مستقيم بازيدپوري
غزل
اڄ اکڙين پاند پسايا وري،
پل پراڻا پرين ياد آيا وري.
سانت سڄيءَ ۾ آ هُڳاءُ تُنهنجو،
هيرن ڪي ئي هُل هُلايا وري.
اڄ ڳائي گيت نوان مِيت نوان،
روح ۾ رقص تو رچايا وري.
مَن مڱريا ماحول سڄو مَهڪي پيو،
نيڻ جڏهن تو نمايا وري.
سانئڻ تُنهنجا هي روَپ نَوان،
ڄڻ ڌڪ دل تي ڪنهن لڳايا وري.
غزل
سانت سڄي ماٺ ۾ ٻڏل آهي،
جيئڙو منهنجو به ته ڊنل آهي.
ڏي اچي ڪا اڄ ته سُرڪي جاني،
هيءَ پيئڻ جي ئي مهل آهي.
جاڳيا اڄ ساڳيا سُور پرين،
رات ٺري لوڪ سڄو سُتل آهي.
جي ناهين تون ته آهي به ڇا،
روح توسان ئي رڌل آهي.
شيخ عبدالله ”شيخ“
ٿئي سهنجو سفر تنهنجو
تڪڙ هارا نه تانگهو آ ترڻِ جو گهيڙ هي تنهنجو،
تاڻي ٻڌ تون پڪو تُرهو ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو.
بحر ۾ مار مانگر مڇ هلن ٿا خوب مستيءَ ۾،
هجي تو وٽ دُنگي حق جي ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو.
ڪمينو هي وڏو ڪُن آه مري ويا ڪيئي ملاح هن ۾،
ترين تقويٰ جي تُرهي تي ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو.
نه ٿج هُت تون ادا ڪاهل ڏسي هي بحر مستيءَ ۾،
هلڻ جي تون ڪجان هن ڀر ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو.
وڏا واڳون وِڇون ويري نه پهچڻ سي ڏيندا منزل،
ماري موذي صفا ڪر گس ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو.
هوا طوفان لَهر ڇوليون ڇڏينديون توکي ڀٽڪائي،
قطب جِي جي هوندئي ڪاڪر ٿئي
سَهنجو
سفر تنهنجو.
سنڀاري ”شيخ“ ساحل کي نه کوٽڻو لَهر ڏي ڦيرج،
وٺين جي اوٽ احمد جي ٿئي سَهنجو سفر تنهنجو
.
شرف - انسان جي صدقي
حُسن حاڪم اُچي هستي، عشق محڪوم برابر آه،
حسن اعليٰ ٿيو باليٰ، صرف عاشق سندي صدقي.
شمع ٿي رات ۾ سُونهين سُهائي ڏي ٿي هر گهر ۾،
شمع جو شان آه وڌيو صرف ظلمات جي صدقي.
سکيا ڏينهڙا چاهي هرڪو، سڀئي سک جا حامي،
سُکن کي سُونهن سُونهين ٿي ڏکن جي ڏات جي صدقي.
اچي ڏاڍو وصالت ۾ مزو ٿو يار جي واهه واهه!!
وصالت ٿي وڻي واهه واهه وڇوڙي يار جي صدقي.
ٿئي روشن اميري ٿي، غريبن جي ته غُربت سان،
اميري ٿي اُتم اعليٰ غريبي حال جي صدقي.
ٿيڻ جي ”شيخ“ تون چاهين اُتم اعليٰ زماني ۾،
سمجهه اعليٰ تون اَدنيٰ کي شرفِ انسان جي صدقي.
صابر سيّد پوري
وائي
سنڌڙيءَ جو سرواڻ،
هڪ ئي آهي ڀِٽ ڌڻي.
ٻين جي ڪڍڻي ڪينَ آ،
ڪنهن پر، ڪائي ڪاڻ.
هڪ ئي آهي ڀِٽ ڌڻي.
ڏُکيءَ سُکيءَ ۾ سدا،
آهي رهيو جو ساڻ،
هڪ ئي آهي ڀِٽ ڌڻي.
جنهن تي ڪري ناز ٿو،
’صابر‘
هي مهراڻ.
هڪ ئي آهي ڀِٽ ڌڻي.
وائي
ويٺي، رنڊا روڙ،
جيسين آن تون جوت ۾.
لائج سيني سچ کي،
ڪچ جو ڪنڌ مروڙ،
جيسين آن تون جوت ۾.
جاتي پيوند، پيار جو،
تاتي خيما کوڙ،
جيسين آن تون جوت ۾.
لنهوارو، وڃ تن وٽان،
مذهب جن جو گوڙ،
جيسين آن تون جوت ۾.
جيڪي توکان ٿا ڇنن،
صابر تن سان جوڙ،
جيسين آن تون جوت ۾.
خالد احمداڻي
غزل
سنجها جو لڳن ٿا پهر نيڻ تنهنجا!
پرين روشنين جو شهر نيڻ تنهنجا!
وسي تن ۾ تاريخ پئي ڪا ڊگهي،
هو ديبل، هو مڪلي ۽ ٿرنيڻ تنهنجا!
سِکي تون سراپا غزل جي مثل جيئن،
رکن ٿا وزن ۽ بحر نيڻ تنهنجا!
اسان عشق، ڪتاب ڇاتي لڳائي،
پڙهياسين ڪري هڪ اکر نيڻ تنهنجا!
رُلي ڏينهن سارو، مڙون شام ڌاريءَ،
اسان کي لڳن پنهنجو گهر نيڻ تنهنجا!!
حواسن تي ’خالد‘ وئين ڇانئجي تون،
رکن ٿا ڪو اهڙو اثر نيڻ تنهنجا!
غزل
وياڪل نيڻ هي تنهنجي دڳن ۾ ٿا رهن هرپل،
اڌورا خواب ڄڻ منهنجي اکين ۾ ٿا رهن هر پل.
قسم آ ڄام شوري جو، اوهان کي ئي ٿي دل ساري،
قدم پنهنجا تڏهن تنهنجي گهٽين ۾ ٿا رهن هر پل!
نه توکي چئي سگهياسين لفظ جيڪي روبرو جانان،
اهي ئي سڀ اکر پنهنجي چپن ۾ ٿا رهن هرپل.
اسان ڪهڙين هوائن کي لٽيرو چئون هتي هاڻي،
اسان جا درد سارائي ڀٽن ۾ ٿا رهن هرپل!
شڪاري تون نٿو ماري سگهين بندوق پنهنجي سان،
اڃا تائين گهڻا نيرڳ ڍنڍن ۾ ٿا رهن هرپل!
چيو آ چنڊ مون کي اڄ اوهان جي ئي وڃڻ کانپوءِ،
اوهان جائي ذڪر اڪثر سکين ۾ ٿا رهن هرپل!
هلي آ نئين نگر ٻي ڏي عشق کي موڙ نئون ارپيون،
هتي ميهار ۽ سهڻي قصن ۾ ٿا رهن هرپل!
هوا جيڪي لٽيري آ انهي شايد نه ڄاتو آ،
اجهائڻ جا سڀئي سپنا ڏيئن ۾ ٿا رهن هرپل!
(ننڍڙا نظم)
(1)
چنڊ مون کان،
سنڌ جي تباهيءَ
جا ڪارڻ پڇي ٿو!!
مان سندس هر سوال جو جواب
ڳوڙهن ۾،
ڏيئي ڇڏيندو آهيان!!
(2)
هُو مون لاءِ،
موهن جي دڙي مان مليل
ان مورتي مثل آهي،
جنهن کي مان ڏسي ته سگهان ٿو
پر ڪجهه
ڪُڇي نٿو سگهان!!
(3)
هن جي اکين جو حياءُ،
۽ هن جي
چهري جي معصوميت ئي
هن جو وڏي ۾ وڏو حسن آهي!!
(4)
ڪاش!!
ڀتين کي مليل ڪن
ڪنهن ٻوڙي شخص جي
زندگي سنواري سگهن ها!!
برج لال بيوس
غزل
حُسن وارن جي دنيا ۾ اچي ته ڏس،
سهڻن جي نخرن کي به سمجهي ته ڏس.
ڇا توکي اڄ محبت ڪجهه پياري به آ،
عشق وارن جي دنيا ۾ ڦاسي ته ڏس.
سَمجهه سَمجهه جي ته ڳالهه اڄ هي به آ،
پيار جي دنيا ۾ اڄ به وڃي ته ڏس.
سڪون کي حاصل ڪرڻ لاءِ اوهان سان پيار ڪيم،
پروانن کي سمجهڻ لاءِ اڄ رچي ته ڏس.
زندگيءَ ۾ مٺا هڪ دفعو محبّت ڪيم،
مصيبتن جي وچ ۾ مِٺا تون رهي ته ڏس.
رهي ڪو نه ٿو سگهان
حُسن وارن جي دنيا کان سواءِ،
بيوس چوي ته عشق وارن جا پنڌ ڪري ته ڏس.
خادم حسين علوي ’همدم‘ سروري
بلاشڪ نور جو جلوو مُحمّد مصطفيٰصه
آهي،
شفيع المذنبين ۽ پڻ امام اَلانبيا آهي.
مٺي محبوب مرسل جي ثنا ڪو ڇا ڪري سگهندو،
مُحمّدصه ابتدا آهي مُحمّدصه
انتها آهي.
گناهن سان گهڻي ٿي زندگي انسان جي گذري،
مگر عرشِ برين ڏي هر بشر دست دعا آهي.
حڪيمن ۽ طبيبن کان نه ملندي ڪا شفا ليڪن،
وٺڻ نالي مُحمّدصه سان ملي ويندي شفا
آهي.
اِهو آ ڀروسو دل کي اِهو بلڪل يقين آهي،
سهارو بي سهارن جو مُحمّد مصطفيٰصه
آهي.
جهان ۾ روشني بيحد مڪان ۾ نُور ڪافي آ،
سڄي لولاڪ جو روشن ستارو مجتبيٰصه آهي.
ڪيان مان ڇا بيان تعريف مرسل مير منور جي،
بلاِشڪ ذات بالاتر حبيبِ ڪبريا آهي.
نه آهي ڪو فڪر ’همدم‘ نه غم سان آشنا ڇو جو،
ملي بيحد خوشي مون کي سدائين برملا آهي.
منظور ”وفا“ چوهاڻ
غزل
نگاهون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان،
صدائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
ڪئي ڳولا پرين جي مون مٺا هرجا ٿڪو ناهيان،
پُڇائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
ملي جيڪر پوي سهڻو، لَهي اُلڪو وڃي سارو،
رٿائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
هلي آ تون، ڇڏي ڏي سڀ رساما ۽ سڄڻ رنجشون،
ته راهون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
هجي دلبر جتي يارو، سدا يار خوش باش هجي،
دعائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
لِکان جيڪو پيو هتڙي، وڏا وڙ قرب سڄڻن جا،
عطائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
گهٽا گهن گهور جيون ۾، ته بڻجي ڇانورو آيو،
گهٽائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
هُلي سهڻا وئي ڳالهه ته، ’وفا‘ پنهنجي محبت جي،
وفائون قافلي جي روپ ۾ هلنديون هوائن سان.
گلاب خان سولنگي
غزل
اسان جي اکين ۾ پرين خواب تنهنجا،
اوهان جي اکين ۾ وَسن سڀ پراوا.
نگاهون کڻي ۽ مليو مور مُرڪي،
ڦُري دل اسان جي ڪري ويو ڪنارا.
وفائن جي بدلي جفائون ڪري ويو،
ڪري قول ڪوڙا انگل ۽ بهانا.
راحت ويئي کسجي ۽ مُرڪ موڪلايو،
اسان جون خوشيون ۽ کسي ويو خزانا.
اسان جي اڱڻ تي پرين پير تنهنجا،
ڏسي ياد سارا اچي ويا زمانا.
لڪائي رکيم لوڪ کان تنهنجي الفت،
ٿي نروار ويا سڀ اسان جا فسانا.
’گلابَ‘ پنهنجي دل پلي ڇڏ اَياڻا،
ويو وَئي مٽجي دنيا ٿيا پنهنجا پراوا.
فراخ جانوري
غزل
اونداهه رات آهي تارا ٻرن پيا،
يادن جا ائين دل ۾ ڏيئا ٻرن پيا.
تنهنجي ئي عشق جو هي سارو ڪمال آ،
مهڪي پيو ٿو جيون جذبا ٻرن پيا.
هي شهر آ ڳوٺاڻا هر وک سنڀالي کڻ،
هتڙي ڳلي ڳلي ۾ ڌوڪا ٻرن پيا.
درياهه جي ڪنڌيءَ تي موهن پيا ڏيئا،
ڏيئن کان وڌ سکن جا چهرا ٻرن پيا.
تازي هوا پکي وڻ ڏس ڏيک ڳوٺ جو،
گهر گهر ڪچن ڀتن تي راڱا ٻرن پيا.
دل جي ڳلن ۾ توبن اوندهه وسي پئي،
ليڪن اکين ۾ تنهنجا سپنا ٻرن پيا.
تنها ڏسان ٿو پو ڀي هر آدمي هتي،
وِک وِک تي جڳ ۾ توڻي ميلا ٻرن پيا.
هاڻي اچين ته خود سان ڪو سمنڊ آڻجان،
مون ۾ انيڪ پياسا صحرا ٻرن پيا.
غزل
اڪيلي مان نٿي جاڳان گهڻيون جاڳي رهيون آهن،
دُکائي دل ۾ چاهت جون بٺيون جاڳي رهيون آهن.
ڪٿي ٿيون موت جون ننڊون سمهارن پيار جا جذبا،
زماني کي ٻڌايو دل لڳيون جاڳي رهيون آهن.
اسان کي حالتن جا هي انڌيرا مات ڇا ڏيندا؟
اندر ۾ حوصلن جون روشنيون جاڳي رهيون آهن.
اوهان جي راهه ۾ راڻا جلائي ديپ نظرن جا،
صدين کان تنهنجي درشن لاءِ اکيون جاڳي رهيون آهن.
ستارا سانت ۾ آهن شهر تي رات حاوي آ،
سُتل آ لوڪ، سينن ۾ دليون جاڳي رهيون آهن.
سزائن، بندشن هوندي نه ٿيو آ انت اُلفت جو،
وفائون، دوستيون ۽ دل لڳيون جاڳي رهيون آهن.
وڏيرا محل تنهنجا ۽ ٺڳيون هاڻي سگهو ڊهنديون!
جهڳن ۾ سوچيون بلڪل نيون جاڳي رهيون آهن.
اوهان آهيو ته صدما ۽ سُتل هن سور سڀ دل جا،
چپن تي مرڪ آ، هن ۾ خوشيون جاڳي رهيون آهن.
محمد يوسف جويو
(نظم)
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
لڪيءَ جي پهاڙن ۾
جبل جي پاڙن ۾
ڦٽي نڪرندڙ پاڻي
هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو
جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ
ماڻهن جي تقديرآ
ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ
هت ’شِو مندر‘
هت ’تيرٿ بندر‘
هت سهڻو ’شاهه صدر‘
هي ڌرتي آ پاڪ پوتر
هن جبل ۾
ڪي راز آهن،
ڇپيل ڪي ساز آهن.
هن جبل چوٽيءَ تي
ڪي مڙس مٿير هئا
جن چوٽون کاڌيون
۽ سينو ساهي
ڌرتيءَ کي موٽ ڏني
غارن مان نڪري
وڏا وار ڪيا
۽ وارن مٿان وار ڪيا
جو اڻ موٽ هئا!!
پر! |