سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:4 

 استاد لغاري

 

 

 

سُر رامڪلي جو روحاني جائزو 

 حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه ۽ دنيا جي ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام ۾، سُر رامڪلي کي، انتهائي ڳُوڙهو، معنوي ۽ سُلوڪ وارو سُر سمجهيو ويندو آهي. هِن سُر ۾، طالب يا چيلي کي، مطلوب يا مُرشد جي طرفان، وحدانيت جي وصال لاءِ، طمع کي ترڪ، خُوديءَ کي غرق ۽ فڪر ۾ فنا ٿيڻ جو درس ڏنو ويندو آهي.

’رامڪلي‘ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ’رام واري ڏاهپ‘ يعني مالڪ حقيقي جي مرضي موجب زندگيءَ بسر ڪرڻ وارو رستو. ’رام‘ ڌڻيءَ جو هڪ تعارفي ۽ صفاتي نالو آهي، ۽ ’ڪَلَ‘ جي معنيٰ آهي، خبر، ڄاڻ، علم يا ڏاهپ(1). معرفت ۽ سُلوڪ جي صاحبن، انسانيت جو مانُ مٿانهون ڪرڻ ۽ ڪٽر پڻي کان ڪوهين ڏُور ڀڄڻ لاءِ، هِن سُر تي اِهو نالو رکيو.

جوڳيان سَندِي ذاتِ جِي، ٻولي ٻُجهارَتَ،

ڏورَڻَ گَهڻو ڏاکَڙو، هَلَڻ ۾ حَيرَتَ،

عَجَبُ عِبارَتَ، پَههُ پَرُوڙَڻُ ڏاکَڙو.(2)

جڏهن سُر رامڪلي تي غور ڪبو ته اُن ۾ هيٺيان موضوع سمايل نظر ايندا:

1. جوڳين، سناسِيَنِ، ساميَنِ، ساڌن، لاهوتيَنِ، ڪن پَٽ ۽ ڪن چِير ڪاپڙين ۽ صابرين سان سفر ۽ صحبت.

2. اُنهن جي مُول متي، رهڻي ڪهڻيءَ ۽ عادتن جا اُهڃاڻ ۽ مذڪور.

3. ساڌن ۽ سناسين جي تن تسيا ۽ تن تپسيا جو ذڪر.

4. اُنهن جِي دنيا سان عدم دلچسپيءَ واري فلسفي ۽ الک سان آگاهيءَ جو اظهار.

5. اُنهن جِي صُحبت ۽ ساءُ مان، ويدانت جي فلسفي ۽ اُن جي مختلف پنٿن يا مڪتبهءِ فڪر جو اُڀياس.

6. اُنهن جي نرواڻ ۽ مُڪتيءَ جي حصول ۽ ايشوَر مهما جي نُڪتن جي اسلامي تصوف جي فلسفي وحدت الوجود سان ڀيٽ.

7. اُنهن جي الک سان عشق جي ڪيفيت کي، عشقِ الاهيءَ سان برميچڻ ۽ اُن مان سُلوڪ جِي راهه جو تعين، ڌيان ۽ گيان جي ڪيفيتن جو مطالعو.

8. هستيءَ کي نيستيءَ ۾ آڻڻ ۽ الاهي عشق کي سڀني کان مقدم ڪري پيش ڪرڻ.

9. راههِ طريقت جي مختلف منزلن جو ذڪر.

10. ”لوچِيان ٿِي لاحَدِ ۾، هادِي لَهان نه حَدِ“ جو اظهار.

11. حقيقت الحقائق جي اُپٽار. (3)

سُر رامڪلي ۾، سالڪن فقيرن جي خاص منزل پُورب پار ڄاڻايل آهي. هن سُر ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر جوڳ ۽ جوڳي فقيرن جو ملي ٿو. 14 ۽ 15 عيسوي صدي کان وٺي، صوفي درويشن ۽ الله لوڪ ماڻهن جي محفلن ۾، سنڌ جي ڳائڻن، جوڳ ۽ ڀڳتيءَ جي موضوعن وارا ڪلام ڳايا. جڏهن هندي راڳ ’رامڪريه‘ کي سنڌي نغمن ۽ ڪافين جي ميلاپ سان ڳايو ويو، تڏهن ’سنڌي رامڪلي‘ سُر وجود ۾ آيو. بعد ۾ جڏهن ’سنڌي رامڪلي‘ راڳ هندستان ۾ مشهور ٿيو، ته اُن بابت اُتان جي لکندڙن پنهنجا پنهنجا رايا ڏنا. اُنهن راين مان معلوم ٿئي ٿو ته 16هين صدي عيسوي ۾ راڳ ’سنڌي رامڪلي‘
هندستان ۾ مشهور ٿي چُڪو هو. (4)

خليفو نبي بخش ”قاسم“ لغاري سنڌ جو پهريون ۽ واحد شاعر آهي، جنهن پنهنجي شاعري جي سُر رامڪلي ۾، ’رامڪلي‘ نالي سان هڪ هندو عورت جوڳياڻي جو ذڪر ڪيو آهي. پاڻ فرمائن ٿا:

رامَڪَلِي ڪِنِهن نه پَلِي، چَلِي سامِيَنِ سَنگَ،

ڇَڏي نَنگَ نِسَنگَ، گَڏِي گورکَ ناٿ کي. (5)

رامڪلي جوڳياڻيءَ جي، سامين بنا هرگز نه سرِي ۽ هُو جوڳياڻي ٿي، ساڻن گڏجي وڃي گُرو گورکناٿ وٽ پهتي. اِهي جوڳي حق جا طالب آهن، هنن دنيا جا سڀ آسانگا ترڪ ڪري، پنهنجي حقيقي محبوب کي ڳولي لڌو. (6)

جوڳي فقيرن جي تحريڪ 13 هين صدي عيسوي ۾، اسلام جي تَوحيد واري نظريي جي زيرِ اثر هندستان ۾ شروع ٿي. اُنهن جوڳين ۽ سامين جو ويساهه هڪ خلقڻهار ۾ هو ۽ سندن عملي زندگي سير سفر واري هئي. هِي جوڳي هندستان جا برپٽ لتاڙي، سنڌ واري طرف به آيا ۽ هنگلاج کي پنهنجو تڪيو ۽ آسڻ بنايائون.

’جوڳ‘ يعني جان کي جفا ۽ ڪشٽ ڏيڻ وارو خيال، هنن سيلاني فقيرن جي ذريعي سنڌ وارن کي معلوم ٿيو. انڪري هِتي سنڌ جي بُلند خيال، صوفي شاعرن، اُنهن سچن طالبن جي حقيقي مطلوب (هڪ ڌڻي پاڪ) لاءِ تلاش واري مضمون کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ورجايو. (7)

عاشقن ۽ صوفين جو عقيدو علحدو آهي، هُو نڪي هندو آهن، نڪي مسلمان، نڪي مومن، نڪي ڪافر. مسجد ۽ مندر، دير ۽ ديوَل، صوفيءَ جي نظر ۾ هڪ آهن. صوفي لا ڪُوفي آهي.(8)

صُوفِي لا ڪُوفِي، ڪو نه ڀانئيسِ ڪيرُ،

مَنجهانئِين مَنجههِ وِڙهي، پَڌَرِ ناهِسِ پيرُ،

جَنِي سائُسِ ويرُ، ٿِيي تَنِي جو واهِرُو. (9)

جيتوڻيڪ مذهب گهڻا ۽ جُدا جُدا آهن، پر تڏهن به سندن معنوي پاسن جا اصول، اڪثر ڪري ساڳيا ئي آهن، اُنهن معنوي اصولن جو ڪنهن خاص دين يا ڌرم سان يا انهن جي ريتن ۽ رسمن سان ڪو به واسطو ڪونهي. (10)

رامڪلي (جوڳيئڙا) سارو وقت پنهنجي خُوديءَ کي پيا کائين. سندن ڪينر دليون ڪُهندڙ آهن. سندن سُونهن جي مٽ جو ڪو به ثاني ناهي. پنهنجو وجود وڃائي، رام سان رليا پيا آهن. ’جُز‘ وڃائي، ’ڪُلُ‘ سان حل آهن، ’جُزُ‘ وَڃايو جوڳِينِ، ’ڪُلُ‘ سين آهينِ ’ڪَمُ‘. سندن سڱڙين ۾، اُهو سوز آهي، جو نه ٻيجل جي چنگ ۾ هو، نه ٻئي ڪنهن ساز ۾ آهي. (11)

صوفي شاعرن ۽ بزرگن، رامڪلي فقيرن کي جن صفاتي نالن سان ياد ڪيو آهي، اُهي نالا ڪُجهه هيٺين ريت آهن: آديسي، آڌوتي، بابُو، بيکاري، پُوربي، جبروتِي، جوڳي، راوَل، رينگڙيارا، سامي، سنياسي، صابري، طالب، عاشق، فاني، فقير، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪن چِير، ڪن ڦٽ، ڪن ڪٽ، ڪنو ٽيا، کاهوڙي، گُنگا، گوڏڙِيا، لاهوتي، محبتي، ملوڪ، مهيسي، نانگا ۽ ويراڳي وغيره.

شاعرن جي سرتاج حضرت سيد شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جِي شاعري هجي، توڙي ٻئي ڪنهن به صوفي بزرگ جو ڪلام، انهن سڀني صوفين، ٻين سُرن سان گڏوگڏ، سُر رامڪلي جو سهارو وٺي، پنهنجي پنهنجي طريقي سان فنا ۽ وحدانيت واري پيغام جي پالوٽ پئي ڪئي آهي.

ڪَمَرَ بَستا ڪاپَڙي، سامِي سَڀيئي،

هڪڙا ٻيَنِ کي،هَليا ڏَسُ ڏيئي،

سِڱڙِيُون سيئي، وَڄائي واٽَ ٿِيا. (12)

ڪُل ئي ڪاپڙي ۽ سمورا سامي، چيلهن سان سندرا ٻڌيو، اڄ روانا ٿيو ٿا وڃن. هڪڙا وري ٻين کي ڏس ڏيندا پيا وڃن، ته هيڏانهن (پُورب واري پاسي) هلو. اُهي (سڀيئي سچا سامي) سڱيون وڄائي، واٽ وٺي، راهي ٿي ويا.

طَمعَ جِي تَمامُ، مُورِ نه اَٿَنِ مَنُ ۾،

پِنِنَ ڪِينَ پَٽَ کڻِي، گودڙِ يارا گامُ،

جِتان لوڪَ لَڄُ ٿِئي، اُتِ آديسِيَن آرام،

راوَلَ گُهرِي رامُ، ڪَؤنرَنِ جِيئن ڪَڪورِيا. (13)

هِي جيڪي جوڳي ۽ گودڙيارا آهن، اُنهن جي من ۾، طمع ۽ لالچ يا حرس ۽ حوس وغيره ته بلڪل ئي نه آهي. اُهي ڪِستا کڻي، ڳوٺن ۽ واهڻن ۾ پنڻ لاءِ وڃڻ ئي ڪو نه ٿا. آديسين کي اُن ويران، سُڃِي ۽ اڪيلي جاءِ تي آرام اچي ٿو، جتي وڃڻ کان، ٻئي لوڪ کي لڄ ٿئي ٿي. اِهي جيڪي راوَل آهن، انهن پنهنجي لاءِ، صرف رام ۽ ڌڻيءَ جو نالو پسند ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت اُهي ڳڀرو ۽ ڪچڙا جوڳي، مالڪ جِي محبت ۾ پچي، رچي، ڳاڙها لعل ٿي پيا آهن.

سِڪَ رُوحانِي سامِيين، جِسمِي جاهِلَنِ،

ٻَگَهن مَڇِي مَنِ، پارَسُ پَسَنِ ڪِينَڪِي. (14)

عارفن جي محبت روحاني آهي. جسماني محبت جا هلن جو ڪم آهي (اِهو ايئن آهي جيئن) ٻگها پکي هميشه مڇيءَ جي ڳولا ۾ هُوندا آهن ۽ پارس يعني اعليٰ قسم جا موتي هُنن کي نظر ئي نه ايندا آهن. هي اشارو آهي معنيٰ ۽ صورت وارن ڏانهن، بيشڪ معنيٰ وارو پهريان ئي معنيٰ جو سمنڊ ڏسي ٿو. ان کان پوءِ مڇيءَ جي صورت ڏسي ٿو، پر جاهل نڪي سمنڊ جي طلب رکي ٿو ۽ نڪو ان کي ڏسي ٿو. ڇو ته هن جي دل جو لاڙو صورت جي مڇي طرف آهي. هوڏانهن صورت قائم آهي وجود جي سمنڊ تي، بلڪِ اُها وجود کان سواءِ موجود آهي ئي ڪا نه. صورتون خيالي ۽ وهمي معاملو ۽ ڇانوَ وانگر آهن ۽ اُهي عدم جي دائري کان ٻاهر نڪتيون ئي ناهن. (15)

سَڄي سُورُ سناسِيين، کُٽي خُوش ٿِيَنِ،

اُگهڙِ ڪو ڏيا ڪاپَڙِي، سَيُرَ ڪِينَ سَهَنِ،

اُڻ تُڻ اَٿَنِ نه اَنگ جِي، ”مڱرِيو“ چَئي مَن،

اَوسَرِ عِيدُون ڪَن، اُٺي گُوندَرِ گَڏِيا. (16)

ميون عبدالرحيم گرهوڙي فرمائي ٿو ته جيڪي سچا سنياسي ۽ سيلاني فقير هُوندا آهن، اُهي چڱڀلائيءَ ۽ هُوند سُوند واريءَ حالت ۾ غمگين رهن ٿا، پر جڏهن بيمارِي، بيوسي ۽ غُربت کين وڪوڙي وڃي ٿي، تڏهن اُهي خُوش ٿين ٿا. جڏهن انگ تي اوڍڻ لاءِ اڳڙي ۽ تن تي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪو نه هُوندا اٿن، تڏهن سَرها ٿِي، لاڏ ڪوڏ سان گدائون شفائون ڪن ٿا. هُو پنهنجي پاڻ کي، سُهڻن ويس وڳن ۾ ڪونه ڍڪين. اُنهن آديسين کي پنهنجي انگ اگهاڙي هُجڻ جي ڪا به ڳڻتي ۽ فڪر ڪونه ٿو رهي. ڏُکن، ڏولاون ۽ ڏُڪار وارين حالتن ۾، هُنن لاءِ ۽ ڄڻ عيدون هونديون آهن. جڏهن انهن تي غم ۽ گوندر پاريون ڪري پلٽجي ٿو پوي، تڏهن هڪٻئي سان گڏجي، حال احوال اورين ۽ خوشيون ملهائين ٿا.

ڪي نِڱيا ناسُوتَ ڏي، ڪي مَلڪُوتَ مِڙَنِ،

ڪي جُنبيا جَبرُوتَ ڏي، ڪي لاهُوتا لَڙَنِ،

ڪي وَهُ پِيا وِتِري، هليا هاهُوتَ وَڃنِ،

آئُون ٿو پُڇان پَيَڙا، سُڌِيُون سالِڪَنِ،

اُو ۽ ڪيهي حال هَلَن؟ سيڪَڙُو سُبَحانَ جا. (17)

سُبحان جا سيڪڙو (سالَڪ فقير) تصوف ۾ سُلوڪ جون روحاني منزلون طئي ڪندي، ڪي ناسُوت (يعني جسمن جِي دنيا) تائين پهچن ٿا، ته ڪي وري ملائڪن جي رهڻ واري ماڳ تي وڃي ٿا مِڙن ۽ گڏ ٿين. ڪي سالڪ قدرت، عظمت ۽ وڏائي جي مالڪ واري ماڳ (جبروت) کان ٿيندا، وڃي لاهوت (يعني لنوَ ۽ محويت) واري مقام تي پهچن ٿا جتي هُو ’فنا في الله‘ وارو درجو حاصل ڪن ٿا. ڪي سچا صابرين سالڪ اڃان اڳتي کان اڳتي ويندي، اهڙي منزل تي رسن ٿا، جتي نڪو اُنهن کي پنهنجو هوش رهي ٿو ۽ نڪو ئي بي خبري جي خبر پوينِ ٿي. (وَڃِي تِتِ پِيا، جِتِ نِهايَتِ ناههِ ڪا) اهڙي ريت شاعر فرمائي ٿو ته آءٌ اوڏانهن ويندڙ سُونهَنِ مُسافرن کان، سچن سالڪن جون خبرون چارون پُڇان ٿو، ته جيڪي سُبحانَ جا سيڪڙو آهن، هاڻي اُهي ڪهڙي حال ۾ هُوندا؟

لاهُوتِي هِنَ لوءِ، آيَلِ! آهِنِ اَڄُ ڀِي،

”ووءِ ووءِ“ اَڃان پَوَندِي، پُوربِيَنِ جِي پوءِ،

اِنَ ڪاپَڙِيَنِ کي ڪوءِ، سَڳَرِ مَنجهه صَحِي ڪري. (18)

اهي منهنجي مٺڙي امڙ! جيڪي لامڪاني لاهوتي ٿا سڏجن، اُهي اڄ به هِنن واهڻن ۽ وستين ۾ موجود آهن. (۽ لِڪيا ڀُڻن لوڪ ۾) اُنهن پيارن پُوربين جي ذڪر فڪر ۽ ’هُو هُو‘ واري پياري پُڪار ۽ لولِي اڃان اڄ به آس پاس ٻُڌڻ ۾ اچي ٿي. ڪو مڻيادار ماڻهو هجي، جيڪو اهڙن قربدار ڪاپڙين ۽ روح پرور رامڪلين کي، اُٿندي ويهندي، رستن، راهن ۽ رندن منجهه سُڃاڻي.

طَهُورا تَحقيقَ جو، جَنِين پِيتو جالَ،

”وَسَقا هُم رَبَهُم شَراباً طِهُورَا“، نانگا ٿيا نِهالَ،

حاصُلِ ڪَري حالَ، قالَئُون چُڪا ڪاپَڙِي. (19)

حقيقت، وحدانيت ۽ سچائيءَ وارو سُهڻو پاڪ شَراب، جن جوڳين، گهڻي کان گهڻو پيتو. ’۽ اُن کي اُن جو رَب پاڪ شراب پياري ٿو‘، اهڙي ريت نانگا جوڳي، نهال ۽ خوش ٿي پيا. ڪنوٽيا ڪن ڪٽ ڪاپڙي، حال (يعني لنوَ ۽ محويت) واري ڪيفيت حاصل ڪري، ظاهري قيل مقال کان آجا ٿي ويا.

جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، ته سُڪِي ٿِي تُون سوڪَ،

اِيئن پَچائِج پاڻَ کي، جِيئن ڪِرِ ۾ پَچي ڪوڪَ،

مَنَ اَندرِ مُحبت جو، طالِبُ! رَکِج طوقَ،

توڙي چَرِيو چوي لوڪَ، ته به مُڙِج نه مَنصُورَ جِيان. (20)

صوفي شاعر حضرت ٻُڍل فقير، سالڪ کي نصيحت ڪندي فرمائي ٿو ته، ”جيڪڏهن تون جوڳي ٿيڻ چاهين ٿو ته، پنهنجيون تمنائون ۽ خواهشون ترڪ ڪري، سڙِي پچِي، سِڪِي، تُون صفا سوڪ ٿي وڃ. پنهنجي پاڻ کي طلب جي تنور ۾ ايئن پچاءِ، جيئن اکارن جِي تتل ڪيريءَ ۾، ڪوڪ ماني پچائبي آهي. اي موليٰ جا طالب! تون پنهنجي من اندر ۾، مالڪ جي محبت جو، پڌرو پٽو (ڳٽ) کڻي ٻَڌُ توکي توڙي جو سارو لوڪ چريو چوي، ته به منصور حلاج وانگر، حق ۽ سچ جي راهه کان، هڪ پير به پوئتي نه هٽاءِ.“

ڪُوڙَ سُڃاڻَنِ ڪاپَڙي، سي ئي سُڃاڻَنِ سَچُ،

”مَنَ عَرف نَفَسه فقد عَرف رَبہُ“، ڳولين ته ٿِئين ڳَچُ،

اَلعِشقُ نارُا“، عاشق! مارِجُ مَچُ،

مُحبت جي ميدان ۾، نانگا! بِيهي نَچُ،

اَٿِئي حالَ تو حَياتي، ٻِي سَڀَ آ لالَچُ،

قُربُ ڪَمائِڻَ ”قادري!“ ٻِي قُربائِتِي ڪَچُ،

اِنهيءَ اَفعالين اَچُ، ته مُندَ مَرَندين ڪِينَڪِي. (21)

جيڪي رُوح پرور رامڪلي ۽ قُربدار ڪاپڙي هُوندا آهن، نه رُڳو سچ کي سُڃاڻن ٿا، پر ڪُوڙ جي ڪچ کي به پرکن ٿا. ”جن پنهنجي نفس کي سُڃاتو، اُنهن پنهنجي رب کي سُڃاتو“، اِها ڳالهه ڳولي، هُو سُرخرو ٿين ٿا. ”عشق باهه جو ٽُڪرو آهي“، اي البيلا عاشق! تون پنهنجي من اندر ۾، مُحبت وارو مچ ٻاري هل. اي نينهن ۾ نروار ٿيل نانگا! تُون مُحبت جي ميدان ۾ نانگو ٿِي بيهي نچ، توتي جڏهن به حال واريءَ ڪيفيت طاري ٿئي، ته تنهنجي حياتيءَ ۾، اُها ئِي بقا واري گهڙي هوندي آهي، باقي ٻي سموري حياتي، لالچ ۽ لوڀ واري کاتي ۾ شامل ٿئي ٿي. (سيد انورعلي شاهه) قادري فرمائن ٿا ته اي سچا ۽ صابرين سامي! قُرب کان سواءِ هيءَ حياتي ڪچ ۽ ڪُوڙي شيشي جي مثل آهي. تُون بُلند ڪردار، اُوچي ۽ اعليٰ گُڻن سان حياتي گُذاري هل ته ڪڏهن به فنا ڪو نه ٿيندين.

پَر وَڻجارَنِ وَنڊائِيا، ڪي رُٺائِي اُت وَٺَنِ،

وِجِهي ڪَرٽ ڪيپارَ ۾، وَتِي وَحدَتِ ويراڳينِ،

ڇَڏِيائُون ناسُوتَ کي، هَليا مَٿي پَنڌ اَڀَنِ،

مَلڪَوتَ ۽ جَبَرُوتَ جُون، ٿا ڳُجهيُون ڳالهِيُون ڪَنِ،

باقِي بَقا ۾ وَڃِي، لوچِيو لاهُوتَنِ،

هاهُوتَ ۽ باهُوتَ ۾، ٿا صَبُرِ چُپَ چَوَن،

اُهي ڳُجهو ڳالهائَنِ، ”رکيل“ آڏو  ٿِي هِي عام کئُون. (22)

هي جيڪي وحدت جا ويراڳي فقير آهن، اُنهن خوديءَ جي ڪپار ۾، ڪرٽ وجهي، ان کي هميشه هميشه جي لاءِ ڪپي ڇڏيو آهي. وحدت جي وڻجارن جڏهن هيڪڙائي جي هدايت ٿي ڪئي، تڏهن ڪي رُٺائي اُن مان حصو وٺي ويا. رامڪلي فقيرن سُلوڪ جي پهرين يعني ناسُوت واري منزل کي طئي ڪرڻ کان پوءِ، ٻين اعليٰ ۽ اُوچين منزلن جو گس ورتو. روحاني منزلون ماڻڻ کان پوءِ، اُهي ملائڪن جي رهڻ واري مقام ۽ قدرت، عظمت ۽ وڏائيءَ جون مخفي ڳالهيون به ٻُڌائڻ لڳا. اهڙي طرح لاهوتي فقير لوچي پوچي فنا ٿيڻ کان پوءِ، بقا واري واٽ تائين وڃي رسيا. سُهڻو شاهه رکيل فرمائي ٿو ته ’هاهوت ۽ باهوت جهڙيون خاموش ۽ صبر واريون منزلون ماڻي، اُهي جوڳيئڙا، عام انسانن کان پاسو (لڪ) ڪري مخفي راز جون ڳالهيون (ذِڪرِ ذاتي) پڙهندا رهن ٿا.

آڌوتِي ”اَلفُ“ کَئُون، واندا ڪِينَ ويهَنِ،

پِهريون پنهنجي نَفس کي، ٿاپَل پَل پُرزا ڪَن،

سامُهون ٿِيا سُبحانَ کي، ٿا سارِيءَ رات رڙَن،

اُٿِي اَسُر ويل جو، ٿا سِيني سوز سَڙنِ،

سُهڻا ”چيزل“ ٿا پُورَ پَونِ، جو دَم دَم دُونهان درد جا. (23)

جيڪي سچا صوفي ۽ الستي آڌوتي فقير هُوندا آهن، اُهي اسم ذات جي ذڪر فڪر کان، هڪ وار به واندا ڪين ٿا ويهن. سڀ کان اول، پنهنجي خُوديءَ واري نفس سان جهاد ڪري، اُن کي نيست ۽ نابُود ڪرڻ لاءِ، گهڙيءَ گهڙيءَ ۾ پُرزا پُرزا ڪندا ٿا رهن. اُهي سُهڻا سامي پنهنجي پروردگار ڏانهن متوجه ٿي، ساريءَ رات ’هُو هُو‘ واري ٻولي ٻوليندا ٿا رهن. خاص ڪري اَسُر ويل جو اُٿِي، پنهنجو سُک ۽ آرام ڦٽائي، پنهنجي قلب اندر ۾ سمايل سوز ۾ سڙن ٿا. سُهڻو سيد ’چيزل‘ شاهه چوي ٿو ته اُنهن جوڳيئڙن کي، جيئن جيئن پُور ٿا پون، هُو تيئن تيئن درد جا دُونهان دُکائيندا ٿا رهن. (۽ وحدت وارِي وائِي ورجائيندا ٿا رهن)

طالبَ! تُون ٻي طَرفَ نه ڳولين، کولَ ويکِين وِچ ڇاتِي،

”موتُقا قَبلَ اَنت مُوتُوا“ ، مَرَ ويکين وچ حَياتِي،

وِسارَ وَجُودَ، وَڃا ورهين ڪُون، پِڇي عَينَ ٿِيون اِثباتِي،

”خُوش خير مُحمد“ جَڏان نامُ نَفِي ٿِيا، تڏان سَليا نُقطا ذاتِي. (24)

اي موليٰ جا طالب! تُون پنهنجي مطلوبَ، يعني محبوب کي، ٻئي ڪنهن به طرف نه ڳولجانءِ، صرف پنهنجي من اندر ئي جهاتيءَ پائي ڏسجانءِ.
”مرو انهيءَ کان اڳ جو آخرڪار جسماني طور مرو“، صوفين جي انهي قول وانگر، پنهنجي من کي، حياتي ۾ ئي ماري ڏسجانءِ. پهريان پنهنجي وجود کي وسار، سالن جي ڪيل ظاهري بندگيءَ تي فخر ڪرڻ ڇڏ، ته پوءِ توکي نفيءَ جي بدران، اثباتي نُڪتو حاصل ٿئي. خُوش خير محمد فقير فرمائي ٿو ته جنهن به سچي سالڪ، پنهنجي پاڻ کي، نفيءَ يعني ”فنا“ واري درجي تي آندو، ته اُن کان پوءِ ئِي، اُن کي پنهنجي پياري مُرشد، ذاتي نُڪتو سلي، سُلوڪ جِي راهه ۾، ’بقا‘ واري رستي تي پهچايو.

”الفُ“ جنهن جي اڳھ ۾، سا سِٽ سارِئُون،

لَڙيا ڪِينَ لِسانَ ڏي، قَلبَئُون ڪَڍيائُون،

”لامَقصُود فِي اَلدارين اِلاالله“، اِنَ پَرِ اورِيائُون،

سَڳرِ سورِيائُون، ٿِيا رَسيلا رَب سِين. (25)

هي جيڪي جوڳيئڙا آهن، اُنهن پنهنجي من ۾، الله پاڪ جل جلالہ جي نالي جو ذاتي ذڪر شروع ڪيو (ته اُن کي وري ڪونه وساريائون). هُو ظاهري طرح پنهنجي زبان سان نه، بلڪه مخفي طرح، پنهنجي قلب جي اندر ئي اندر، اهڙو ذڪر فڪر ڪندا رهيا. هُنن پڪو پَههُ ڪيو ته ”سواءِ الله جي، ٻنهي جهانن ۾، ٻيو ڪو اُنهن جو مقصد نه آهي“، هِي هر ڪيسي، اهڙي طرح هميشه سنئين واٽ تي هلندا رهيا. انڪري پنهنجي حقيقي رَب سان ويجهڙائپ حاصل ڪري ورتائون.

هِن عالَم کان اَڳُ، کڻِي گوشو جَنِ ڪَيو،

ڏيئِي تِڪُون تَوحِيد مان، لاهُوتَ تَنِ لنگهيو،

سو ڪِين اُنَ سَريو، جو سَريو سَلڻِ نه جَهِڙو.(26)

هِن جَهانَ (عالمِ ناسوت) ۾ اچڻ کان اڳ، جن ارواحن، ٻيائِي، خُودي ۽ تڪبر ڪرڻ کان کڻي پاسو ڪيو، ته اُنهن الستي ارواحن، وحدانيت واري پاڪ شراب مان سُرڪيون ڀري پيتو ۽ اُهي هڪ لحظي ۾ لاهوت واريءَ منزل لنگهي هليا ويا، پوءِ اُنهن کي اهڙو حقيقي ديدار نصيب ٿيو، جيڪو ديدار، بيان ڪِرڻِ کان ٻاهر آهي.

ڪالَهه لَڏي وَيا ڪاپَڙِي، ڇَڏي مَڙهِيُون ماڳَ،

لايائُون لاهُوتَ جو، لِڱَنِ مٿي لاڳَ،

سامِيئڙَنِ سُهاڳَ، لَڌو لانگوٽيءَ ۾. (27)

قربدار ڪاپڙي مڙهيون، ماڳ مڪان ۽ رهڻ سهڻ وارا هنڌ ڇڏي، ڪالهوڪا لڏي هِتان کان هليا ويا آهن، اُنهن پنهنجي تن ۽ من کي، لاهُوت لامڪانَ جِي مِٽيءَ جو واس وڃي ڏنو آهي. (يعني اُهي لاهوت واري درجي تي وڃي پهتا آهن) جيڪي سچا ساميئڙا هئا، اُنهن ڪپڙي جي فقط هڪڙي انگوڇي ۾ رهي ڪري، (مسڪينيءَ واري حالت ۾) وڃي سُهڻو سُهاڳ حاصل ڪيو آهي.

ٽئين ڏِينهن ناسُوتَ کان، لنگهي پيا مَلڪُوتَ،

ثمر کنيائون پاڻ سان، صَبُر ۽ سُڪُوتَ،

گِهڙيا بَحرِ عَمِيق ۾، لِڱنِ لائي ڀَڀُوتَ،

ذِڪِرَ ٿِنِ قُوتَ، مَست رَهَنِ مِهرياڻَ ۾. (28)

جيڪي روح پرور رامڪلي هُئا، اُهي ٻِن ٽِن ڏينهن جي اندر اندر، ناسُوت کان (يعني جسمن جي دنيا کان) لنگهي، روحاني طرح وڃي فرشتن جي رهڻ واري مقام تي رسيا. سُهڻن سُنياسِين هميشه پاڻ سان، صبر ۽ چُپ چاپ ۾ رهڻ وارو سؤدو سامان ساڻ کنيو، پنهنجن لڱن ۽ تن بدن کي ’فنا‘ جي خاڪ لڳائي، خيالن جي اونهي اوڙاهه عميق سمونڊ ۾ داخل ٿي ويا، اُنهن جو گذران فقط ذڪر ذاتي تي ئي رهيو، اِنڪري اُهي محبت جي مها ساگر ۾ (ٽُٻيون هڻي) مستو مست رهن ٿا.

جي تَنَ ۾ تِيرَٿِ ڪَنِ، سي گنگا وَڃَنِ نه گودڙِيا،

تَنِ سامِيَنِ سَندِيءَ سِڪَ جا، ٿا دُونهان درد دُکَنِ،

پيرُ سُڃاتو پِرينءَ جو، لوچي لاهُوتِيَنِ،

لڳو رنگُ ”روحِلَ“ چَوي، اَندَرِ آديسيَنِ،

کوجي کاهوڙِيَنِ، وڃِي اُونهي ۾ آسَڻِ ڪَيا. (29)

گمنام گودڙيا، جيڪي پنهنجي تن من جي اندر تيرٿ ڪن ٿا، سي گنگا ۽ جمنا جي وڃڻ جِي ظاهري تڪليف ڪو نه ٿا وٺن، اُنهن سُهڻن ساميئڙن جِي سِڪ ۽ جُدائيءَ جا، منهنجي دل جي اندر، دردن جا دُونهان دکندا ٿا رهن. روحاني طرح لاهوت لامڪانَ جي رُتبي تي پهتل سالڪن، لوچي، سوچي، نيٺ وڃي پنهنجي پياري پرينءَ وارو گس لڌو. ”روحل“ فقير فرمائي ٿو ته اُنهن الستي آديسين کي، پنهنجي من اندر ۾، مٺڙي محبوب جي محبت وارو، رنگ چڙهي ويو. کاهوڙي فقيرن کوجنائون ڪري ڪري نيٺ وڃي ڪنهن وڏي اونهي اسرار ۾ پنهنجا روحاني ماڳ مڪان ٺاهيا.

جي رَنگ رَتا رامُ جي، تِنَ ڪالهه ڇَڏِي ڪاسِي،

ويئِي تِنَ کئون وِسري، چِتئُون چوراسِي،

لنگهِي پيا لاهُوتَ کئون، اوڌو اَبناسِي،

تِنَ جوڳيَنِ جاتُون پُنيون، جي هُئا پِي جا پِياسِي،

لامڪانَ ”مُراد“ چئي، ٿِيا وَحدتِ جا واسِي،

سي سَنَمُکَ سَناسِي، وَڃِي نانگا گڏيا ناٿ کي. (30)

جيڪي جوڳيئڙا، مالڪ جي مُحبت ۾ رڱجي رتا لال ٿي ويا، انهن ڪاشِي وڃڻ جي پچرئي ڦٽي ڪري ڇڏي. اُنهن آديسين جي چيتي ۽ ڌيان تان، چوراسِي لک جُوڻ واري ڪهاڻي ۽ ڪٿا ئي وسري ويئي. قُرب ڪڪوريل ڀُورڙي ۽ فنا نه ٿيندڙ رنگ ۾ رڱيل راول، لاهوت لامڪان کان به اڳتي لنگهي هليا ويا. اُنهن جانب جوڳيئڙن جون جاٽون (زيارتون) پُوريون ٿيون، جيڪي پنهنجي پياري پرينءَ جا پياسي هُئا. ’مراد‘ فقير فرمائي ٿو ته جيڪي وحدت جا واسي ۽ هيڪڙائي جا حُبدار هئا، اُهي وڃي لامڪانَ ۾ موجود ٿيا. جيڪي سُهڻا سنياسي ۽ نينهن ۾ نروار ٿيل نانگا هئا، اهي نيٺ وڃي پنهنجي پياري رکپال آقا سان رُوبرو مُنهن مقابل ٿيا.

جي ڀانئِين جوڳِي ٿِيان، ٻارِ مُحبتَ جو مَچُ،

هَستيءَ جي حِجاب جو، ڀَڃِجُ ڪائو ڪَچُ،

مَنجهه رَمزَ رِنديءَ جي، اَچِي رانوَل! تُون رَچُ،

ڇيريُون پائي شَوقُ جون، بِيهي ناچُو وانگر نَچُ،

سامِي! توکي سَچُ، ڪنهن نه چَيو ڪَڏهڀين. (31)

اي سچا سامي فقير! جيڪڏهن تون چاهين ته آءٌ جيئري جوڳي ٿيان، ته پنهنجي من اندر ۾ محبت وارو مچ کڻي ٻار. هستيءَ واري حجاب جو (يعني سڀ ڪجهه آءٌ آهيان) ڪوڙو ڪچو شيشو، ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري اُڇلي ڇڏ. اي ريڳڙ يارا رانوَل! تون رندي رمز ۾ داخل ٿي ڪري، رچي، پچي، لالئون لال ٿي پئو. مالڪ جِي محبت جون ڇيريون، شوق ۽ خلوق سان پنهنجيءَ دل ۾ پائي، پوءِ ناچُو وانگر ظاهر ظهور بيٺو نچ. اي سُهڻا! سُلوڪ جِي راهه جا سامي! (شايد اڃان تون الهڙ آهين، اِن ڪري) توکي سنئين راهه تي هلڻ جي هدايت ۽ تلقين ڪنهن ڪو نه ڪئي آهي.

واري ڳولَ وَجودَ ۾، ته تو ۾ ٻولي ڪيرَ؟

مَنجههِ ئِي تِيرَٿ تَڪِيو، تُون پَري پاءِ مَ پيرَ،

”الانسَانَ سِرِي وَ اَنا سِره“، جَنهن مَنجهه ڦَندَ نه ڦيرَ،

مَتان مُنجيهن مَنٺار تُون! ڇَڏِ ٻوليءَ جو ڀيرَ،

سَمجِهي لِهج سَويرَ، ته الک توهِي کي اوڏڙو. (32)

اي انسان! تنهنجي من اندر ۾، ڪير ويٺو ٻولي؟ تُون اِهو رندي رازُ، ورائي پنهنجي وجود  مان ڳولي ڪڍ. تنهنجي اندر ۾ ئي تيرٿ تڪيو موجود آهي، تون اُن لاءِ پري پري نه ڏور. (پري پري پنڌ نه ڪر)”انسان منهنجو ڳُجهه آهي ۽ آءٌ اُنهيءَ جو ڳُجهه آهيان“، حديث پاڪ جي انهيءَ قول ۾ ڪو به شڪ ۽ گمان ڪونهي. اي مٺڙا منٺار فقير! تون متان مُنجهي پوين! ٻِي ٻوليءَ (حقيقت) جي ڀير ۽ نموني کي ڇڏي ڏي. تُون جلدي ڪري سموري حقيقت کي صاف صاف سمجهي وٺ، ته تنهنجو مٺڙو مالڪ ۽ محبوب ته توکي تمام ويجهڙو آهي.

اُلٽِي گامُ ”اعجاز“ چَئي، اُلٽِي رَمزَ هَڻنِ،

اُلٽِي رَمت اُنهنِ جِي، اُلٽِي ڪَهَتِ ڪَهَن،

اُلٽِي رِيت پِريت سان، اُلٽِي جهات وِجَهنِ،

اُلٽا دم جَپَنِ، اُلٽِي چوٽ اُنهن جي. (33)

پير اعجاز فرمائي ٿو ته، هِي جيڪي رمتا جوڳي (رامڪلي فقير) آهن، اُنهن جي سماجِي هلت چلت، اُٿڻِي ويهڻِي ۽ روح وارِي رمز اُلٽِي هوندي آهي. اُنهن جي هلڻي چلڻي، يعني لوڪ لهوارو پيو ويندو ته هي ويچارا ويراڳي اوڀارا پيا ويندا ۽ هُنن جي ڳالهه ٻول يا گفتگو به سمجهه کان ٻاهر ۽ اُلٽِي هوندي آهي، اُنهن جِي ريت پريت به اُلٽِي ۽ سندن جهاتِي پائي ڏسڻي به ٻئي رُخ ۽ ٻئي طريقي جي هوندي آهي. سندن ساهه پساهه ۾  ’هُو هُو‘ واري ٻولي ۽ لولي، سڀ جي سڀ سمجهڻ ۽ ٻُڌڻ کان ٻاهر، پر اُنهن جِي ’اکيون پير ڪري‘ وڃڻي ۽ روانگي به هميشه اُکٽي هوندي آهي. اُن کان علاوه جبروتي جوڳين ۽ روح پرور رامڪلين جي سماجي چال چلت ۽ هلڻي چلڻي به هُئڻ، هستيءَ، هٺ، هوڏ، حُجت، ڪيني، ڪدورت، ڪُلفت، وڏائي، دوئي، دوکي، تڪبر، خُودي، بُغض ۽ غُرور کي غرق ڪرڻ واري ۽ عام آدمي کي سمجهه ۾ نه اچڻ جهڙي هُوندي آهي. اهڙيءَ رِيت انسانيت، امن، پيار ۽ مُحبت ڏانهن مائل ڪندڙ، هِي وحدانيت وارو سُر (يعني سُر رامڪلي) انسان ذات جِي هِن جهانَ ۾ اُصولي ڪاميابي، توڙي آخرت جِي فلاح ۽ ڇوٽڪاري جو پُڻ رستو مُهيا ڪري ٿو. اسان کي گهرجي ته سُر رامڪلي کي، روحاني طرح سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ صوفي فقيرن، بزرگن ۽ شاعرن جي ڪلام ۽ پيغام کي سمجهي، اُن تي عمل ڪري، ٻنهي جهانن ۾ ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻيون.

حوالا:

(1)        ميمڻ، فهميده حسين (ڊاڪٽر)، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا (جُلد ڇهون)، ڇپائيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 2012ع، صفحو نمبر-105

(2)       بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، شاهه جو رسالو، ڇپائيندڙ: ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو پهريون، سال 2009ع، صفحو نمبر- 324

(3)       ڪاشف محمد حسين، لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪاميٽي ڀٽ شاهه، ڇاپو پهريون، سال 2005ع، صفحو نمبر- 123

(4)       بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام، (تحقيقي جلد نمبر ڇهون)، ڇپائيندڙ: علامه قاضي رسالو تحقيق رٿا ۽ اشاعت حيدرآباد، ڇاپو پهريون، سال 1995ع، مقدمو، صفحو نمبر -25

(5)                  بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، خليقي صاحب جو رسالو، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 2005ع، صفحو نمبر- 141

(6)       ڏسو حوالو نمبر 5 صفحو، نمبر- 290

(7)       ايضاً، صفحو نمبر - 290

(8)       گربخشاڻي، هوتچند مولچند (ڊاڪٽر)، شاهه جو رسالو، ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ڇاپو نئون، سال 2008ع، صفحو نمبر- 44

(9)       ڏسو حوالو نمبر 2 ، صفحو نمبر- 50

(10)   ڏسو حوالو نمبر 8، صفحو نمبر- 45

(11)    آڏواڻي، ڪلياڻ پروفيسر، شاهه جو رسالو، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پنجون، سال 1993ع، صفحو نمبر- 400

(12)   شيخ، ٻانهون خان، شاهه جو رسالو، (جلد ٽيون)، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي ڪراچي، ڇاپو پهريون، سال 2002ع، صفحو نمبر- 159

(13)   بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ميون شاهه عنات جو ڪلام، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 2010ع، صفحو نمبر 128

(14)   سومرو، عبدالغفار ڊاڪٽر، شرح ابيات سنڌي، ڇپائيندڙ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو پهريون، سال 2008ع، صفحو نمبر
(متن) -19

(15)    ايضاً.

(16)   دائودپوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر)، ڪلام گرهوڙي ڇپائيندڙ: ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 1995ع، صفحو نمبر- 263

(17)   بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، شاهه لطف الله قادري جو ڪلام، ڇپائيندڙ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 2004ع، صفحو نمبر -10

(18)   انصاري عثمان علي، رسالو سچل سرمست جو، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو ٻيو، سال 1997ع، صفحو نمبر- 339

(19)   موسوي، سيد عبدالحسين شاهه، ديوانِ بيدل، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٽيون، سال 1991ع، صفحو نمبر- 105

(20)  سرڪي نياز، رسالو ٻُڍل فقير جو، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو نئون، سال 2005ع، صفحو نمبر- 72

(21)   سيد عبادت علي شاهه، انور سائين جو رسالو، ڇپائيندڙ: درگاهه عاليه جهان پور شريف، ضلعو گهوٽڪي، ڇاپو ٻيو، سال 2007ع، صفحو نمبر- 238

(22)  تنيو، گُل محمد، بحرالعشق، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو نئون، سال 2005ع، صفحو نمبر- 415

(23)  چانڊيو، اعجاز حسين حڪيم، بحرالعميق، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو نئون، سال 2006ع، صفحو نمبر- 248

(24)  تنيو، گُل محمد، ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي، (چونڊ ڪلام)، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون، سال 2008ع، صفحو نمبر- 65

(25)   بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، راڳ نامون، ڇپائيندڙ: ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو، سال 2012ع، صفحو نمبر- 220

(26)  مرزا ممتاز، ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، ڇاپو پهريون، سال 1993ع، صفحو نمبر- 58

(27)  بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، رسالو غلام محمد خانزئي جو، ڇپائيندڙ: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڀٽ شاهه/ حيدرآباد، ڇاپو پهريون، سال 1985ع، صفحو نمبر- 356

(28)  بلوچ، نبي بخش خان (ڊاڪٽر)، ڪلام نواب فقير ولي محمد خان لغاري ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو ٻيو، سال 1990ع، صفحو نمبر- 131

(29)  تنيو، گُل محمد، ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام (چونڊ ڪلام)، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون، سال 2008ع، صفحو نمبر-11

(30)  تنيو، گُل محمد، ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام (چونڊ ڪلام)، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون، سال 2008ع، صفحو نمبر-59

(31)   تنيو، گُل محمد، شاهه نصير جو ڪلام (چونڊ ڪلام)، ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ڇاپو پهريون، سال 2008ع، صفحو نمبر- 18

(32)  ضامن، محمد بخش فقير، ڪلام منٺار فقير راڄڙ، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ڇاپو نئون، سال 2011ع، صفحو نمبر- 526

(33)  ميمڻ، استاد صاحبڏنو، سُخنِ اعجاز، ڇپائيندڙ: بزمِ اعجاز نيو سعيد آباد، ڇاپو پهريون، سال 2003ع، صفحو نمبر-666

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org