ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
جوڳيءَ تي جڙاءُ
شوڪت حسين شورو
جوڳيءَ
تي جڙاءُ،
نسورو ئي نينهن جو.ڪو
چوي سنڌ جي تصوير، سنڌ هند جي اديبن جي پُل،
ٽٽل سماج جو سالم ساهتڪار، گنڀيرتا جو چتر، ماٺيلو
ماڻهو، خاموشيءَ
جو اسٽيچو، سکر ماڻهو، مرڪ جي مشين گن، محبوب
ماڻهو، سنڌي نوجوان پيڙهيءَ
جو رهبر، گوتم ٻڌ جو پرتيڪ، آدرش گرو رهبر.
شوڪت حسين شورو کي هر ساهتڪار پنهنجي پنهجي نظريي
سان پرکيندي، لقب ڏيندي، جدا جدا نالن سان پڪاريو
آهي.
مان ڀانيان ٿي،
سموري سنڌ هند ۾ ڪنهن به ساهتڪار کي ساهتڪ کيتر ۾
ايترن نالن سان لقب نه مليل
آهن.
آءٌ
ساهتڪارن طرفان شوڪت کي مليل هنن لقبن سان بلڪل
سهمت ته
آهيان
ئي،
پر شوڪت حسين شورو جون ڪهاڻيون پڙهي مان خود ان
نتيجي تي پهتيس
ته
هُو
هڪ تمام وڏو
فلسفي
۽ شاعر پڻ
آهي.
آءٌ
ڪا وڏي ساهتڪار يا ڪا نقاد نه
آهيان
ته ڪنهن ساهتڪار کي ڪو لقب ڏيان، پر
مون هن جون لڳ ڀڳ سموريون ڪهاڻيون پڙهيو جنهن
۾
مون کي ڄاڻ پيئي،
سڀ کان اول روايت طور شوڪت شورو جي
آءٌ
ٿوري واقفيت ڏيان پوءِ
پنهنجي موضوع تي اچان.
سنڌ هند جي سنڌي ساهتيه جڳت جي انڊلٺي شخصيت جو
مالڪ سنڌ پتر شوڪت حسين شورو سنڌي ادبي کيتر ۾
اصلوڪي قيمتي، تخليقي، معياري ۽ گوناگون رچنائون
خاص طور ڪهاڻي، مضمون ۽ ناٽڪ جي کيتر ۾ اوچو
مقام پائيندي ڪيتريون ئي سڀيتڪ، سانسڪرتڪ سنسٿائن
سان جڙيل رهندي ڪافي سرگرم ۽ عملي ڪاريه ڪندي
پنهنجي اورچ، محنت، دورانديشي ۽ آتم وشواس جي هاڪ
ڌاڪ وشال سطح تائين پکڙيندي، هن جي ٻهڳڻي شخصيت جو
چتر عوام سامهون اُڀري اچي ٿو.
شوڪت سنڌالاجيءَ
جي ڊئريڪٽر جو پدبخوبي نبائي چڪو
آهي.
عهدي تي براجمان رهندي هن جي پنهنجي سوجهه
ٻوجهه،
دورانديشي ۽ عملي ڪاريه سبب هن جي اَيامڪاريءَ
۾ سنڌالاجي نه فقط چوڏسي وڪاس ڪيو، پر دنيا ڀر
۾
هاڪاري نامياري بڻي ۽ سنڌي ثقافتي
طور هر
لحاظ
کان سگهاري بڻي.
مان ڀانيان ٿي سموري سنڌ ۾ شوڪت ئي هڪ خاص ساهتڪار
آهي،
جنهن کي هندستان جي هرهڪ ساهتڪار چاهيو
آهي.
هن جي چاهڪن جي
فهرست
تمام وشال
آهي.
سدا حيات رام پنجواڻي، موتي پرڪاش، موهن ڪلپنا،
لعل پشپ، گنو سامتاڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، هري موٽواڻي ۽
لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، هيرو شيوڪاڻي ڊاڪٽر نارائڻ
ڀارتي، نند جويري، ڪلا پرڪاش، مايا راهي، اندرا
شبنم پوناوالا، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي، هيرو ٺڪر
ڊاڪٽر
جگديش لڇاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ،
ڊاڪٽر پريم پرڪاش، واسديو موهي، موهن گيهاڻي، کيمن
مولاڻي، نامديو تاراچنداڻي، روي ٽيڪچنداڻي، نند
ڇڳاڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي،
ڊاڪٽر
روما جئسنگهاڻي، ومي سدارنگاڻي، هري همٿاڻي، موهن
همٿاڻي، سندر اگناڻي، ريٽا ڪوٺاري، دادا مورج
منگهناڻي ۽ ان جي سپتر چندر منگهناڻي سان ته شوڪت
شوري جون ٻٽيھ دليون آھن.
آءٌ
ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا نالا کڻان،
حالانڪ شوڪت لاء ور ور چيو ويو
آهي
ماٺ سڀاءُ جو
آهي.
اهو ته مونکي ممڪن نه ٿو لڳي ها شوڪت گنڀير ۽
سنجيده ضرور
آهي،
پر ماٺ
…
جنهن شخص سنڌ جي ساهتڪارن ۽ هندستان جي ساهتڪارن
وچ ۾ پل بڻجي
سڀني
ساهتڪارن جي دلين
تي پنهنجي ايتري ڇاپ ڇڏي
آهي.
سو ڀلا ماٺ ۾ ڪيئن رشتا
جوڙڻ ۾ ڪامياب ويو
آهي.
خير ٿي سگهي ٿو
ته
شوڪت جي ماٺ انڪري هجي، ڇو جو ماڻهو ڳالهائيندا
رهن ٿا،
ماڻهو پنهنجو شوق
آرام
سان پورو ڪن، تنهن لاءِ
شوڪت کي هم شريڪ ٿيڻو پوندو هوندو.
جڏهن
اهي
ماٺ ڪندا ته شوڪت ضرور ڳالهائيندو هوندو. تڏهن
ته ساهتڪارن سان دوستي قائم ڪري ويٺو
آهي.
جنهن مان ازخود ظاهر ٿئي ٿو، شوڪت معصوم، نماڻو ۽
گڻن جي کاڻ
آهي
جو هرهڪ رشتو به نڀائي
ويٺو،
تنهنڪري ئي کيس ايترن لقبن سان نوازيو ويو آهي
شوڪت جي پورڻ گنڀيرتا ۽ هن جي معصوميت
جو چتر سنڌ جو اسحاق سميجو اجهو
هيئن
ٿو چٽي ٿو:
صاف سٿرا ڪپڙا، صاف سٿرو وڏو گهر، صاف سٿري وڏي
آفيس ۽ صاف سٿري وڏي گاڏي....اڪثر اهڙا ماڻهو
مصنوعي ۽ ڪوڙا مهذب لڳندا آهن، پر هن وٽ اهو سڀ
ائين ئي فطري آهي، جيئن ڪنهن ٻار وٽ معصوميت فطري
ٿيندي آهي. هن وٽ غرور ۽ وڏائيءَ لاءِ سڀ سامان
ميسر آهي، پر مون ڪڏهن به اهڙي ڪنهن بيماريءَ کي
سندس ڀرپاسي ۾ ڀٽڪندي ناهي ڏٺو. گڏوگڏ، سنڌ جي عام
وڏيرڪي نفسيات جو شڪار ڏوڪڙ پئسي وارن ماڻهن
وانگر، هن کي رڳو سٺن ڪپڙن، سٺي گهر، سٺي گاڏيءَ
جي نشي ۽ لوڙَ ۾ بيحال به نه ڏٺو اٿم البت سٺي
پڙهڻ لاءِ
هن جي بيچيني سدائين چاڙهه
کائيندي نظر آئي آهي(1).“
مان پڻ اسحاق سميجو جي راءِ
سان سهمت
آهيان،
شوڪت نه فقط سنڌي،
پر انگريز لٽريچر پڻ ڪافي چاهه
سان پڙهي ٿو.
هن کي ٻنهي
۾
تمام سٺي ڄاڻ
آهي،
جنهن جا عڪس پڻ هن جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ ملن ٿا،
’هڪ
ڊنل ماڻهو‘
۽ خالي صفحو ۽ ٻين پڻ ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ نمايان
آهن.
آءٌ
هت سندس ڪهاڻيءَ
جا ڪجهه
انش پيش ڪريان ٿي:
(هڪ
ڊنل ماڻهو)
”ھو
فوٽ پاٿ تي رکيل سيڪنڊ ھئنڊ ۽ ردي ڪتابن جي اسٽالن
تي واري واري سان بيھندو ڪتاب جاچڻ لڳو. ھڪڙي ھنڌ
ھن کي
’گاڊ
فادر‘
ناول نظر آيو. قيمت پڇيائين. ويھ روپيا. ھن حيرت
مان اسٽال واري ڏانهن ڏٺو.
دڪان تي ھي ڪتاب اوھان کي چاليھ،
پنجاھه
رپين ۾ ملندو.“ اسٽال واري چيو.
اھو ته سٺي حالت ۾ ھوندو. ھن جي حالت خراب لڳي
پيئي آھي…“
ھو ھلندو ٻئي اسٽال تي اچي بيٺو. ٿلھن نصاب جي
ڪتابن جي وچ ۾ ھن نوبوڪوف جو ناول
’لوليتا‘
پيل ڏٺو. پڪي جلد سان،
بهتر حالت ۾،
ھن قيمت پڇي،
ڏھه
روپيا.
(اٺ
روپيا وٺ)
اسٽال واري بنا بحث جي ڪتاب ڏيئي ڇڏيو.
’لوليتا‘
پڙھڻ جو ھن کي گھڻي وقت کان شوق ھو.
اسٽال وارو قيمت گھٽ نه ڪري ھا ته به
ھو وٺي ھا(2).
شوڪت
جو خاص يوگدان ڪهاڻين ۾ رهيو آهي.
جڏهن هُو
اڃا سترنهن سالن جو نوجوان مس هو ته سندس پهرين
ڪهاڻي
’روح
رهاڻ‘
سنڌ ۾ ڇپي هئي، ۽ سندس پهريون ڪهاڻين جو مجموعو
’گونگي
ڌرتي... ٻوڙو آڪاش‘
1981ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو هو.
۽ ٻين ڪهاڻين جو مجموعو
’اکين
۾ ٽنگيل سپنا‘
1983ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو.
هن جي ڪهاڻين جي ساک نه فقط سموري سنڌ ۾ ڦهلجي،
پر ڀارت ڀر
۾ به هن جي ڪهاڻين جي مهڪ جو ايترو ڦهلاءُ
ٿيو جو هندستان
جي سنڌونگر جو رهاڪو، ممبئي يونيورسٽيءَ
جو پرمک ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي هن جي ڪهاڻين جو
مجموعو 1989ع ۾
’گم
ٿيل پاڇو‘
سنڌي ٽائيمس طرفان شايح ڪيو.
سدا حيات هري موٽواڻيءَ جي خواهش
پوري ڪندي، نند ڇڳاڻيءَ
’ڪونج‘
رسالي جو هڪ خاص پرچو 2007ع ۾
’شوڪت
حسين شورو‘
انڪ شايع ڪيو ۽ سندس ڪهاڻين
جو مجموعو
’رات
جو رنگ‘. سنڌي
ادبي بورڊ پاران 2010ع
۾ شايع
ٿيو جنهن ۾ سندس 46 ڪهاڻيون شماريون ويون
آهن.
مان ڀانيان ٿي
ته
شوڪت جون اندازاً
100 کن ڪهاڻيون ۽ فلئش ڪهاڻيون الڳ الڳ رسالن ۾
ڇپيون آهن، سنڌ
۾ ريڊيو ٽي.ويءَ
تي به سندس ڪيتريون رچنائون ناٽڪن وغيره جي روپ ۾
پرسارٿ ڪيون ويون آهن.
هينئر آءٌ
پنهنجي موضوع تي اچان
ٿي:
زندگيءَ جي وهڪري ۾ هر موڙ تي ڪيترائي اهڙا واقعا
۽
گهٽنائون انسان
جي ارد گرد ڦڙندا
آهن جن
روزمره جي واقعن کي اسين نظرانداز ڪندا
آهيون.
اهڙن
سڀني واقعن گهٽنائن کي ڪهاڻيءَ
۾ اوتڻ
جي قوت سڀني ۾ ڪونه ٿيندي
آهي. پر
شوڪت ڪو به اهڙو واقعو، ڪو به اهڙو سماجڪ مسئلو،
يا ڪو به اهڙو موضوع ڪونه ڇڏيو
آهي.
جنهن موضوع جو نالو کڻبو،
اهو موضوع هن جي ڪنهن نه ڪنهن ڪهاڻيء ۾ شماريل
ضرور ملندو.
هن سماج جي هرهڪ موضوع ۽ هرهڪ مسئلي کي محسوس ڪيو
آهي
۽ هن جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي
آسپاس
جي ماحول ۽ حالتن جو مشاهدو به موجود آهي. هن
پنهنجي ارد گرد جيڪو انڌير انياءَ،
ظلم ستم، دک پيڙا ڏٺو
آهي
۽ ڀوڳيو
آهي
انهن کي هيءُ
پنهنجي ڪهاڻين ۾ اوتيندي ڪامياب قدم ثابت رهيو
آهي.
سندس ڪهاڻين جا موضوع
آهن
ٻولي سڀيتا سنسڪرتي، سنڌيت، عشق پيار محبت، عشق ۾
ناڪام پريمي، بک لاچاري بيوسي، عورتن سان ظلم
اتياچار، عورت جي بيوفائي، غلط عورتون، بيماري،
ورهاڱو، وڇوڙو، ڀوت، انڌو
وشواس هٿ جون لڪيريون، انتر جاتي پريم،
دهشت
ڏهڪاءُ، سنڌ تي ڌارين ملڪن جي حملن سبب سنڌ جو
بدليل روپ، بيروزگاريءَ
سبب نوجوانن جو صبر کوهجڻ، سياست، راڄنيتي، ڪٿي
بيمار رٽائرڊ جي بيوسي ٻارن کي کڻڻ جا قصا، ڀيد
ڀاو سبب فساد ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي…
پر
آءٌ
هت فقط انهن ڪهاڻين جو ذڪر ڪريان ٿي جن ڪهاڻين ۾
شوڪت جو شاعراڻو انداز بخوبي پسڻ لاءِ
ملي ٿو ته سندس گهڻين ئي ڪهاڻين ۾ علامتي ادا سان
فلاسافيءَ
جا ڀرپور نُڪتا
ملندا.
(ڊهندڙ
ديوارون)
ڪهاڻي علامتي انداز ۽ نظماڻي نثر
۾ لکيل آھي هن ڪهاڻيءَ
۾ جيون جو رهسيه، زندگيءَ
جي سچائي هڪ هڪ لفظ،
دل دهلائيندي ۽ روح کي جاڳائڻ لاء دستخط ڏئي ٿو.
ڪهاڻي
’ڊهندڙ
ديوارون‘
۾ سماج جو حقيقي پسمنظر آهي،
جنهن ڊهندڙ ديوار ۾ اهي نيڪ ماڻهون رهن ٿا،
جيڪي پنجن ئي وڪارن کان مڪت
آهن. جيڪي
نيڪ ۽
آدرش
ماڻهو
آهن.
حالانڪ تن کي پوري زندگي ڊهندڙ ديوارون ۾ رهندي
تڪليفون،
پيڙا،
دک تمام
سهڻا
پون ٿا. پر نيٺ جيت انهن جي ٿئي ٿي. هوڏانهن جيڪي
ماڻهو وڪارن ڪام ڪروڌ لوڀ موهه
۽ انڪار سان ڀرپور آهن جن وڪارن کي هوءَ
پنهنجا قيمتي ڪپڙا سمجهن ٿا. جيڪي انت گهڙيءَ
تائين به انهن وڪارن جي چڪرويه ۾ ايترا ڦاٿل اهن
جو انهن کي ڇڏڻ لاءِ
تيار نه
آهن
ور ور پنهنجي وڪارن جهڙا ڀرپور قيمتي ڪپڙا سنڀالين
ٿا،
جنهنڪري ڊهندڙ ديوار جي نيڪ بي وڪار ۽
ادرش
ماڻهو جي جڏهن هُو
سچائيءَ
کان واقف ٿين ٿا ته اُنهن کي ڀوت
سمجهندي اُنهن کان ڏڪندي اُتان
ڀڄڻ
جي ڪوشش ڪن ٿا ته ڪٿي بي نقاب نه ڪيو وڃي.
حالانڪ ڪهاڻيءَ
جو بئڪ گرائونڊ اهو آھي ته نائڪا هڪ نيڪ ايماندار
غريب ڇوڪري سان پيار ڪندي هئي ۽ پاڻ به غريب هئي،
پر مايا ڄار جي چڪر ۾ ڦاسندي هڪ شاهوڪار سان
شادي
ٿي ڪري. هڪ ڏينهن هن کي خيال آيو ته ڇوڪري کي وڃي
ڏسي ته ڪهڙو حال اٿس.
هوءَ
قيمتي ڪپڙا پائي ڇوڪري سان ملڻ اچي ٿي،
پر ڇوڪرو جنهن گهر ۾ رهي ٿو سو کنڊر بنجي ويو آھي.
ان ۾ ڄڻ ڪو ڀوت رهي ٿو جنهن کان هوء ڏڪي ٿي
تنهنڪري پنهنجا قيمتي ڪپڙا سنڀاليندي اُتان
ڀڄي وڃڻ چاهي ٿي.شوڪت جي
هيءَ
ڪهاڻي تمام حيرت انگيز فن جي
مهارت
سان ۽ لاثاني
ڍنگ
سان پيش ٿيل
آهي.
سموري ڪهاڻيءَ
۾ اهو ظاهر نه ڪيو
آهي
ته ڪهاڻي عشق پيار جي موضوع تي اڌارت
آهي
نه ئي ڪنهن عورت جو يا ڪنهن مرد جو ذڪر اچي ٿو ۽
نه ئي ڪهاڻيءَ
۾ پيار ۾ ناڪامي يا عورت جي بيوفائيءَ
جو ذڪر کلي عام ته ٺهيو،
پر ڳجهن اکرن ۾ به ظاهر ڪونه
ٿو ٿئي.
هيءُ
ڪهاڻي پڙهي مون کي شاهه
صاحب جي شاعريءَ
جيان هن ڪهاڻيءَ
۾ تمام گهرائي نظر
آئي،
جنهن شاهه
لطيف ڪنهن به سورميءَ
جي ڪهاڻي پوريءَ
ريت بيان ڪونه ڪئي پر عشق پيار جا
اهي
بيت چيا
آهن،
جيڪي بيت،
علامتي انداز ۾ سڌو ڌڻي طرف پل جوڙي ٿا وٺن.
شوڪت جي خاص هيءَ
ڪهاڻي شاهه
صاحب جي سورمي ليلا جيان
آهي،
جيڪا هار تي هرکي
چنيسر کي هڪ رات لاءِ
وڪڻي ڇڏي ٿي.
ڪهاڻي نويس اهڙي قسم جي ڪهاڻيءَ
۾ ڪهڙي نه عمدي نموني ۾ بند ٿيل شفاف رومال ۾ جيون
جي فلاسافي بهترين نموني پيش ڪئي
آهي.
آءٌ
چاهيان ٿي اهڙي بهترين ڪهاڻيء جا ڪجهه
انش هت پيش ڪريان،
جنهن مان جيون جي رهسيه جي پروڙ
پوي ٿي .
ڊهندڙ ديوارون جا ڪجهه
انش.
ديوارون ڊٺيون پئي!
پنهنجي قيمتي ڪپڙن کي سنڀاليندي ويجهي آئي،
تڏهن آڱر هن جي چپن تي آئي.
هي ته ڊهن پيون!‘
ديوارون چپ هيون ديوارن کي زبان ڪٿي!
چڱو جو مان هن گهر ۾ نه آيس.....
ها
ديوارون
ڊهن
پيون..
ديوارون
ڊهن
پيون.....
هن وائڙي ٿي نهاريو ديوارن ڪونه ڳالهايو هو،
رڳو هوا جو سوسٽ هو. ديوارن کي زبان ڪٿي!
سرن ڳرڻ شروع ڪيو هو در،
ديوارن مان اُکڙيل هو
’اندر
ڪو رهي ٿو؟‘
هن پاڻ کان پڇيو
ڪو
آهي؟
ڪو آهي؟
هن سڏ ڪيو.
ڪٿان ڪجهه
ڪنن کي پهتي.....يا هوا جو شوڪارو هو
!‘
’اندر
رڳو چمڙا هوندا، يا
انسان
هوندا؟
ڪو ته هوندو..... ڪو ته هوندو !‘
ڪوبه ڪونه هو، رڳو هوا جو سُوسٽ
هو.
ها
ان
۾
آهي
ئي
ڇا..
ان
هڪڙو چاپوڙو ڪري پيو ۽ ديوار اگهاڙي ٿي پئي. 'هي
ته خطرناڪ آهي، ڪنهن به وقت ديوارون ڊهي
اچن.
پٽ پونديون،
چڱو ٿيو مان نه رهيس. خدا جي پناه، ديوارون ڊهن
پيون! اندر ڪو رهي ٿو؟
ڪپڙا خراب ٿي پوندا ۽ ديوارون ڊهن پيون. ويجهو وڃڻ
ٺيڪ ناهي.....
ها
ڪهڙو
فائدو
هاڻ....
ڀوت وڌندو آيو
هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي؟
هت ته کنڊرن جي عظمت به ناهي.
هتي ڪنهن جو ڪهڙو ڪم آهي!
ڀوت وڌندو آيو.
هيسيل
هانءُ ڦڙڪيو.
ڀوت
هن ڀڃڻ چاهيو. هن ڀڃڻ شروع ڪيو. ڪهڙي کٽي
کنيو.....(3).
(سمنڊ
۽ هيڪلو روح)
ليکڪ ڪهاڻي شروع ئي شاعراڻي انداز سان ڪندي جيون
جو رهسيه ڳجهي نموني سليندي زندگيءَ
جي ڀرپور فلاسافي اوتيندي، علامتي انداز ۾ ڪهاڻي
پيش ڪئي
آهي.
ليکڪ سمنڊ جي ڀيٽ
هن فاني دنيا سان ڪئي ۽ تختي جي ڀيٽ،
انسان جي دکن سان ڪئي
آهي.
ٽٽل جهاز جي ڀيٽ
زندگيءَ
سان ڪئي
آهي.
هي زندگيءَ
جي معمولي تختي
ڏکن،
تڪليفن ۽ پيڙا سان ڀريل
آهي.
پوءِ
به هر انسان ان کي چنبڙي بيٺو
آهي.
ڪنهن به وقت انسان زندگي کوهي سگهي ٿو. حالانڪ
انسان اهو رهسيه سمجهي به ٿو ته هيءَ
دنيا فاني
آهي
۽ زندگي بي بقا
آهي،
جنهن جو ڊپ خوف پل پل هن کي رهي به ٿو، پر
پوءِ
به ٻه گهڙيون جيئڻ لاءِ
زندگيءَ
سان جهدوجهد ڪندو رهي ٿو.
ڏسو ڪهاڻيءَ
جا ڪجهه
انش.
”سڪل
آڱرين جسم کي ڇهيو. تڏهن به هن کي ڪا خاطري نه ٿي.
’نه، مان جيئرو آهيان. گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته سمجهي
سگهان ٿو. هيءَ ايڏي ساري جدوجهد زندهه رهڻ لاءِ
ئي ته ڪري رهيو آهيان، نه ته هڪ معمولي تختي جي
سهاري جيئڻ ڪيڏو ڪٺن آهي. مون کي هر وقت ٻڏڻ جو ڊپ
آهي. جيڪڏهن حياتي پياري نه هجيم ها ته رات- ڏينهن
هن تختي کي ڇو چنبڙيو پيو هجان ها. ڄاڻان به ٿو ته
هن جو سهارو دائمي ڪونهي. آخر ڪيستائين؟ نيٺ ته
اهو سهارو به ختم ٿي ويندو. ڪوبه سهارو هميشه جي
لاءِ نٿو رهي........
”هو
هڪ ٽٽل جهاز جو مسافر هو. پاڻ به ٽٽل، ۽ سهارو فقط
هڪ تختي جو.“
’جيڪر جهاز صحيح
سالم ۽ مضبوط هجي ها
رکي رکي گُگهه
اوندهه هن جي اکين ۾ گهڙي(4).
(سرنگ)
سرنگ ڪهاڻيءَ
۾ به فلاسافيءَ
۽ شاعراڻي ٻوليءَ
جا ڀرپور نڪتا ملن ٿا.
انسان جون خواهشون تمنائون به ان سرنگ مثل
آهن
جيڪي ڪڏهن به کٽڻيون ڪونه
آهن.
انسان سڀ اهو سمجهي به ٿو پر ته به پوري زندگي
انهن ترشنائن کي تلاشيندي تلاشيندي پنهنجو جيون
اجايو وئرٿ ڪري ڇڏي ٿو.
ڪهاڻيءَ
جو ڏسو ڪجهه
انش.
”ها.
اوچتو هن کي احساس ٿيو ته هو ڪيتري وقت کان گهٽيءَ
۾ هلندو رهيو هو، پر کيس ڪو هڪڙو ماڻهو به نه مليو
هو. گهٽي اڃا ڪانه کٽي هئي ۽ وڌيڪ سوڙهي ٿي وئي
هئي. هو بيهي رهيو. کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس
ٿيڻ لڳي. گهٽيءَ ۾ هوا بلڪل ڪانه هئي. هن مٿي
آسمان ڏانهن ڏٺو، پر آسمان نظر نه آيو. گهٽيءَ جي
ٻنهي طرف پٿر جون ڊگهيون ديوارون هيون ۽ آسمان
غائب هو. اوچتو هن کي خيال آيو ۽ سندس وار
ڪانڊارجي ويا.
هو جتي بيٺو هو، اها گهٽي ڪانه هئي، پر هڪ ڊگهي
اونداهي سرنگ هئي. هو ڊڄي ويو ۽ سرنگ مان جلدي
نڪرڻ جي لاءِ
ڊوڙڻ
لڳو. اوندهه ۾ پٿر جي ديوارن سان ٽڪرائجي گپ ۾ ڪري
ٿي پيو ۽ اٿي وري
ڊوڙڻ
ٿي لڳو. هن کي پڪ ٿي وئي ته اها سرنگ ڪٿي به کٽڻي
ڪانه هئي، پر تڏهن به هو ڍوڙندو رهيو.....(5).“
(نيٺ
بهار ايندو)
هينئر آنءُ
شوڪت جي نِج
شاعراڻي انداز واري ٻي علامتي ڪهاڻي کڻان ٿي
’نيٺ
بهار ايندو.‘
اُميد تي دنيا قائم
آهي
ليکڪ هن ڪهاڻيءَ
۾ اُميدن جا تمام ترورا سجايا
آهن.
هن
ڪهاڻيءَ
۾ به ٻاهرين ريت هڪ باغ
آهي
جتي هڪ ٿڪل ٽٽل ماڻهو اچي ٿو.
جيڪو ان ئي باغ جو رهاڪو هو جو دستور موجب روز هڪ
جهور وڻ جي ويڪري ٿڙ کي بابا جي گود ڀانئيندي
سمهي
پوندو هو،
پر
هي پريشان هو ته آخر اهڙي سرسبز باغ جي حالت ڪنهن
ڪئي ۽ هڪ دفعي اُن پوڙهي وڻ کان پڇي ٿو ته بابا
اهڙو گلستان باغ ويران ڪيئن
ٿيو؟
تڏهن بابا چويس ٿو پٽ
هن باغ جي سموري ڪهاڻي
آءٌ
توکي ٻڌايان ٿو.
هي منهنجو باغ منهنجو آشيانو جيڪو شروع ۾ ته
گلستان هو،
ڀرپور وڻ ٽڻ هئا،
جت پکي
پنهنجي مٺڙي لات لنوندا،
باغ جي چؤطرف
خوشحالي ۽ هريالي هئي،
پر اهڙو سهڻو دلڪش باغ ڏسي ڪجهه
ڌارين پکين کان سهڻ
نه ٿيون،
ڌيري ڌيري ڌاريان پکي باغ جي اصلوڪن پکين
کي
ماري انهن جا آشيانا ڊاهي پاڻ رهڻ لڳا.
ائين ڌيري ڌيري سموري باغ کي ويا کوکلو ڪندا.
تڏهن ليکڪ پڇاڙيءَ
۾
ان وڻ کي
آٿت
ڏيڻ لاء اُميدن جا ديپ ٻاري ٿو.
ليکڪ هيءَ
سموري ڪهاڻي شاعراڻي
ادا ۽ علامتي
ڍنگ
سان رچيندي
ڪهاڻيءَ
۾ ليکڪ سهڻي سرسبز باغ جي علامت سنڌ ڀوميءَ
سان ڪئي
آهي
شروع کان حقيقي سموري سنڌ جو دکدائڪ حوال ڏنو
آهي.
هن ڪهاڻيءَ
ڪجهه
انش هت درج ڪريان ٿي،
جنهن جي هڪ هڪ جملي ۾ شاعراڻو انداز اوت پروت ٿيل
آهي.
نيٺ بهار ايندو جا ڪجهه
انش
زبان هجي ته مان کانئن پڇان:
”هي ڪهڙو وئل وهيو!
باغ جي سونهن ۽ سوڀيا کي ڪهڙي سرءُ ساڙي ڇڏيو! هتي
سهڻا سٻاجهڙا پکي رهندا هوندا... ڪويل جون ڪوڪون،
مورن جا ناچ، هنجن جون هيجون، اهي سڀ ڪيڏانهن
ويون؟“ پر افسوس وڻن کي زبان ڪانهي، هوا هنن سان
ٽڪرائجي ٿڌا شوڪارا ڀريندي لنگهي ويندي آهي.
منهنجن سوالن جو جواب فقط ڪانون جي ڪان ڪان آهي،
ڳجهن جون مردار رڙيون آهن، ۽ چٻرن جون ڀوائتيون
چيخون آهن......
سڄي دنيا ۾ ان لاثاني چمن جي هاڪ هُلي ويئي. ڪٿان
ڪٿان جا پکي هاسيڪار ان کي ڏسڻ، گل ڦل، ماکي ميوا
وٺڻ، ۽ ڀونر واس وٺڻ جي لاءِ ايندا هئا. اهو وقت
هن ماٿريءَ جي سهاڳ جو سمون هو،
تڏهن سج هتان ئي اڀرندو هو، ۽ اتان ئي روشني سڄي
دنيا ۾ پکڙبي هئي (6).
(گونگي
ڌرتي ٻوڙو آڪاش)
’گونگي
ڌرتي ٻوڙو
آڪاش‘
۾ به سندس شاعراڻي انداز سان فلاسافيءَ
جا عڪس نمايان
آهن.
ڪهاڻي نويس سموري ڪهاڻيءَ
۾ شاعراڻي انداز سان ۽ علامتي ادا ڀرپور فلاسافي
اوتي ٿو وٺي،
اهو به خواب ۾. هن دنيا جو نه،
پر مٿين دنيا جو حسين ۽ دلڪش سير
پاٺڪن کي به ٿو ڪرائي ۽ خواب ٽٽڻ سان پاٺڪن اڳيان
ثابت ٿو ڪري هن ڌرتيءَ
تي رهڻ ڪيترو ڪوڙ ئي ڪوڙ ڪپت
ئي ڪپت
آهي،
هن ڌرتيءَ
تي رهندڙ انسان جو جيون جانورن کان به بدتر
آهي،
بس سموري زندگي ڪشٽ ڪشالا ڏک سهڻ کان پوءِ
به سک جي تلاش ۾ ڀٽڪندا ٿا رهون.
ڏسو ڪهاڻي جا ڪجهه
سپني جا ته ڪجهه
ساڀيا جا انش لکي
ٿو:
جيستائين انسان جو روح سلامت
آهي،
تيستائين انسان جا جذبا نه ٿا مري سگهن ائين نه
هجي ها ته جيڪر سهڻا شعر ۽ گيت، سهڻيون تصويرون ۽
مجسما وجود ۾ ئي ڪونه اچن ها منهنجو روح به
شاعراڻو روح آهي(8)!
ڪهاڻي نويس لکي ٿو
”هن
ڌرتي تي ڏاڍا ڏک
آهن.“
۽ هن ڌرتي جي ڏکن جو ورنن ڪندي چوي ٿو انسان جي
زندگي جانورن کان بدتر
آهي
پنهنجي خواهشون
پوريون ڪرڻ لاءِ
سموري زندگي جهدوجهد ڪرڻي پوي ٿي،
اصلي دنيا هي ڌرتي ڪونهي،
اها سچي دنيا مٿي
آهي .
ڏسو ڪجهه
انش:
”ڏسان
ته سهي، جانور ڪيئن ٿا گهرن ۾ رهن.....“
هو هڪ گهر جي ڀت تي ويهي، هيٺ ڏسي ٿو،
هيٺ نهارڻ سان هن کان هڪ ڀوائتي رڙ نڪري وڃي ٿي،
اي خدا ! هنن گهرن ۾ ته ماڻهو ٿا رهن(8).
(رات
جو رنگ)
ڪهاڻيءَ
جو ڪردار هن ڌرتي جي
عذابن
۽ انتهائي دکن جو مقابلو ڪندي ڪندي ٿڪجي ٽٽي پوي
ٿو.
زندگي جي تيز رفتار سان هي پڄي نه ٿو سگهي جنهنڪري
هن جا قدم لڙکڙائين
ٿا،
تنهنڪري سمنڊ جي گهراين ۾ پاڻ کي گم ڪندي پنهنجو
وجود مٽائڻ چاهي ٿو. ۽
جنهن رستي کان هو سمنڊ طرف وڌي ٿو،
سمنڊ جي گهراين تان گذرندي،
بس جي ٿنڀي
تي لٽڪندي ۽ آخر ۾ وچتر رنگن سان مکاميلو ڪندي،
موت جي آغوش ۾ سمائجي وڃي ٿو.
موت جي گلي جو چتِ
شوڪت شاعراڻي انداز ۾
هيئن
ٿو چِٽي:
”هن
جي اکين اڳيان مختلف رنگ نچڻ لڳا. ڌرتيءَ
جو رنگ،
آسمان
جو رنگ، شفق
جو رنگ ۽
اَکٽ
اونداهي رات جو رنگ(9).“
ڪردار جو چٽ شروع کان آخر تائين ليکڪ جيڪا جيون جي
ڀرپور
فلسفياني
جملن سان علامتي انداز ۾ ڪهاڻيءَ
جو هڪ هڪ لفظ چٽڻ ۾ ڪامياب قدم کڻندي
ڏيکاريو
آهي ته
زندگي ڪيتري بي بقا
آهي.حالانڪ
آپگهات
مهاپاپ
آهي،
پوءِ
به اهڙو ويچار ليکڪ پاٺڪن جي ذهن تان پاسيرو ڪرڻ ۾
ڪامياب ويو
آهي،
ته آخر ۾ اهو به ثابت ڪري ٿو وٺي ته موت انسان جي
هٿ ۾ نه
آهي
ڪڏهن به ڪٿي به اچي سگهي ٿو.
”زندگي
جيئڻ جي قابل ناهي يا مون ۾ جيئڻ جي صلاحيت ڪانهي
جيئڻ به هڪڙو فن
آهي
جيڪو مون کي ڪڏهن نه
آيو
اهڙي اڻ پوري، غلط ۽ مضحڪه
خيز طريقي سان جيئڻ مان ڪهڙو فائدو. موت ته ڪڏهن
به اچي سگهي ٿو. پوء ماڻهو ويٺو انتظار ڪري ۽ عذاب
سهي(10).“
(گم
ٿيل پاڇو)
گم
ٿيل پاڇو،
بهترين شاعراڻي انداز ۾ علامتي ادا سان جيون جي
فلاسافيءَ
جي جهلڪ پسڻ لاء ملي ٿي.حالانڪ
ڪهاڻي ۾ ڪردار اڪيلو تنها پاڇي کي تلاشيندو رهي
ٿو. جيئن
جيئن
پاڇي جي تلاش ڪري ٿو،
تيئن
اُن جي وياڪلتا وڃي ٿي وڌندي،
ڪڏهن ننڍن پاڇن ته ڪڏهن وڏن پاڇن ۾ پنهنجي وجود کي
ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندي ويران سنسان راهه ۾ ڀٽڪندو رهي
ٿو.ڪردار
جئن جئن راهه تان گذري ٿو،
اتان ٻي راهه ڦٽي ٿي ۽ جيڪا راهه اکٽ
آهي
جيڪا ڪنهن به موڙ تي ختم نه ٿئي ٿي. جنهنڪري ڪردار
راهن کي نه سمجهندي اُلجهندي حالانڪ واڪا به ڪري
ٿو پر سندس ئي سڏ پڙاڏو بڻجي هن جا ئي واڪا هن کي
ئي ٻڌائي ٿو.
تڏهن هن کي محسوس ٿئي ٿو ته هن ڌرتي تي هرهڪ انسان
ڀٽڪيل پراڻي آهي،
حالانڪه
هرهڪ پنهنجي راهه پاڻ ڳولهي رهيو
آهي.
پر منزل جو رستو
اڻ
کٽ
آهي
ڏسو ڪهاڻيءَ
جا انش:
”رستو
سنسان ۽ خاموش آهي. لڳي ائين ٿو ته رستو کٽڻ جو
ناهي. هونءَ به ڪا راهه ڪٿي کٽي ڪانه ٿي. راهه مان
راهه ٿي ڦٽي ۽ آءٌ انهن ئي راهن مان ڦٽندڙ ڪن راهن
۾ وڃائجي ويس. اهو ڄاڻي نه سگهيس ته منهنجي راهه
ڪهڙي آهي يا ڪا راهه آهي ئي ڪانه ڪابه پڪ ڪانهي.
اوچتو من وکن ۾ وچڙي پوندو آهي ته آءٌ واڪا ڪندو
آهيان: ڪو آهي... ڪو آهي... جيڪو مون کي دڳ
لڳائي... ڪو آهي... سڏ پڙاڏو بنجي موٽي ايندو آهي
۽ منهنجي اندر ئي ڪو جواب ڏيندو آهي: هتي هرڪو
ڀٽڪيل آهي ۽ پنهنجي راهه پاڻ ڳولي رهيو آهي(11).“
(خالي
صفحو)
جيڪي شخص عشق ۾ ناڪام رهندا
آهن،
سي ئي وڏا فلاسافر ٿي سگهندا
آهن،
جيئن
شاهه
صاحب عشق ۾ ناڪام رهيو ۽ اڪيلائي، تنهائي ۽ ايڪانت
جو لباس پائيندي شاهه
صاحب ڌڻي طرف پل جوڙيندي سموري فلاسافي شاعريءَ
۾ اوتي ورتي.
شوڪت صاحب به اها سموري پل نه پر پل جوڙڻ لاءِ
ڪجهه
ته پٿر چوريانَ
ضرور اٿائين،
جنهن جا عڪس ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ ملن ٿا.
خير شوڪت جي ڪهاڻين جا مرد ڪردار گهڻو قياس جوڳا
اهن عشق ۾ ناڪام ٿيندي پريمڪا جي وڇوڙي جو درد
سيني ۾ سانڍيندي پنهنجي زندگي ويران اڪيلي تنها
ڪندي ايڪانت ۾ رهندي.
جيڪو پيار پائڻ لاء هنن پنهنجي زندگيء ۾ جهدوجهد
ڪئي،
تنهن پيار لفظ سان هنن کي نفرت اچي ٿي ۽ فلاسافي
جو لباس اوتي ڇڏين
ٿا.
ڏسو سندس ڪهاڻي خالي صفحو جا ڪجهه
انش:
”تڏهن
هن کي لڳو ته پيار پيار سڀ بڪواس آهي.
هن پنهنجي سڄي زندگي ان هڪڙي واهيات لفظ جي چڪر ۾
وڃائي ڇڏي(12).“
ائين ته شوڪت
جي
ٻين ڪهاڻين جي ڪيترن ئي ڊائلاگس مان فلاسافي ۽
شاعراڻي انداز جون جهلڪيون ٽڙيل
پکڙيل ملن ٿيون. پر مقالي جي محدود دائري سبب مون
ڪجهه
ئي ڪهاڻين جو ذڪر ڪيو
آهي .
سنڌ جو اديب قمر شهباز،
شوڪت حسين شورو جي شاعراڻي انداز جي پرک سندس
ڪهاڻيءَ
مان ڪندي لکي ٿو،
جنهن لاء شوڪت جي ڪهاڻين ۾ سندس شاعراڻي انداز جو
مثال پڻ ڏنو
آهي.
”ٿيڻ
ته کيس ڪوي ها، پر بڻجي ويو ڪهاڻيڪار. ها البت ڪهاڻين
۾ شاعريءَ
جو رنگ ضرور ڀريندو آهي. ڀلا هي ويچار ڪلا جي ان
پد تي نٿا پهچن، جتي شاعري پلجي ٿي؟
”لڳي
ائين ٿو ڄڻ ڪيترن سالن کان فريزر ۾ بند
آهيان
۽ ڄمي برف بنجي ويو آهيان،
پر برف ته ٻاهر نڪرڻ سان رجي ويندي
آهي
۽ پاڻي وهڻ لڳندو آهي. وهندڙ پاڻي مون کي وڻندو
آهي
بيٺل پاڻي ڏسي من منجهندو
آهي.
وهندڙ پاڻي وانگر ماڻهو به هلندو رهي هڪ هنڌ ڄمي
نه وڃي(13).“
شوڪت
شوري
جي شاعر هجڻ جو ٻيو پڻ ثبوت سنڌ جي شاعر اسحاق
سميجي
جو شاعريءَ
جو مجموعو
’گناهه
جا گيت‘
جي مهاڳ سان ڏيان ٿي.
اول ته هن شاعريءَ
جي ڪتاب
جنهن جو
مهاڳ شوڪت شوري
جو لکيل
آهي،
هڪ ته هن جي شاعر هجڻ جو وڏو ثبوت ملي ٿو،
ٻيو مٿان شوڪت جي مهاڳ جون ڪجهه
سٽون هت پيش ڪريان ٿي،
جنهن مان شوڪت شوري
جي شاعر هجڻ جو احساس پاٺڪ به محسوس ڪندا،
شوڪت لکي ٿو:
موجود موتمار سياسي ۽ سماجي حالتن ۾ جڏهن سنڌ جي
جيئاپي جون هامون هڻندڙ تحريڪون/ تنظيمون ساڻيون
ٿي پيون آهن يا رڳو ڪمائڻ جو ذريعو وڃي بچيون آهن،
تڏهن نعري بازيءَ
تي اسحاق جي غزل جو هيءُ
شعر هڪ دکدائڪ طنز
آهي ته
اڳتي لکي ٿو:
مون کي کي اسحاق جا غزل وڻيا اهن جيترا ارجن حاسد
۽ واسديو موهيء جا جديد غزل وڻيا(14).
شوڪت نه فقط سنڌ جي شاعري پر هندستان جي شاعري به
ايتري دل سان پڙهي ٿو جو هن کي شاعريءَ
جي ماڻ ماپن، خيالن جي اظهار جي پوري خبر
آهي،
تڏهن ئي شاعرن جي شاعريءَ
جي پرک به
آسانيءَ
سان ڪري ٿو وٺي.
ٻيو ته شوڪت جي ڪيترن ڪهاڻين ۾ سندس جي ئي جيوت جا
ڪيترائي پاڇا لڪ ڇپ راند ڪندي نظر
اچن
ٿا.’رات
جو رنگ‘
جي مهاڳ ۾ قمر شهباز لکي ٿو:
مون
جيئن ’اُڌورو
ماڻهون‘
ڪهاڻي پڙهي،
جنهن ۾ شوڪت صاحب لکيو
آهي.
”آءٌ
سچ پچ به جذباتي ماڻهون
آهيان
خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ پنهنجن خوابن جي تعمير مون
کي ڪڏهن نه ملي ۽ جي ملي به
آهي
ته اڌوري اڻ پوري
آءٌ
چاهيان ٿو ته ڪير ته مون کي سمجهي مون کي سنڀالي،
مون کي سهارو ڏي(15).“
قمر شهباز ڪهاڻيء جا اهڙا جملا پڙهندي شوڪت کي فون
ڪئي ۽ چيو:
شوڪت، هيء ته پنهنجي ڪهاڻي لکي اٿئي ته
شوڪت کلندي کيس جواب هي ڏنو.
”ضرور
پنهنجي شخصيت جو ته پاڇو پوندو(16).“
سچ پچ هن ڪهاڻيءَ
جي ڪردار جا لفظ به شوڪت جا ئي ته
آهن،
پر اهو سچ
آهي
ڪن نه،
اها ته مون کي خبر نه
آهي.
ساهتڪار ڪا ڪهاڻي ڪهڙو خيال رکي لکي ٿو. ان وقت هن
جي من جي استٿي ڪهڙي آهي ۽
ڇو لکي ٿو. تنهن جو پڙهندڙ تز فيصلو ڪري سگهي سو
ممڪن ته نه
آهي،
پر الائجي
ڇو شوڪت جي ڪيترن ئي ڪهاڻين ۾ سندس زندگيءَ
جا ڪيترائي پاڇا مون کي پڻ چٽا ڏسڻ
آيا
۽ الائجي ڇو مون کي ائين لڳي ٿو هن جي ڪهاڻي
’اُلجهيل
لڪيرون‘
۾ هن جي زندگيءَ
جو وڏو پاڇو هڪ هڪ لفظ ۾ اوتيل
آهي.
ائين ته سندس ڪهاڻين ۾ سندس ئي زندگيءَ
جا ڪيترا عڪس ملن ٿا. حالانڪه
سندس شخصيت جا ننڍا ننڍا پاڇا ٻين ڪيترين
ئي ڪهاڻين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا
آهن.
جيئن
ته،
رات جو رنگ، آخرين صفحو،
اکين
۾ ٽنگيل سپنا، گم ٿيل پاڇو، اڌ مڙهيل سوئيٽر، سمنڊ
۽ هيڪلو روح سرنگ،
’گونگي
ڌرتي ٻوڙو
آڪاش.‘
مون جڏهن سندس ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪيون،
ڪهاڻي پڙهندي مان مايوس ٿيس،
گهڻو ڪري ڪهاڻين ۾ درد پيڙا ۽ ڏک هئا ته ڪي ڪهاڻيون
ڇرڪ ڀرائين ٿيون، ڪي ڪهاڻيون ته رُئارڻ
جي
به قوت رکن ٿيون ۽ جڏهن پڙهندڙن
جي اهڙي استٿي ٿئي ٿي ته اهو ازخود ظاهر ٿو ٿئي ته
ليکڪ ڪهاڻي لکڻ ۾ ڪامياب
آهي
ئي.
70
جي ڏهاڪي کان پوءِ
ئي هندستان جي سنڌي چاهي هندي ليکڪن جون
ڪيتريون ئي
ڪهاڻيون ۽ ناول مون پڙهيا
آهن،
پر شوڪت شوري
جون
ڪهاڻيون،
اُنهن سڀني ڪهاڻين ۾ تمام اوچ اسٿان تي
آهن،
شايد ڪن کي منهنجي اها ڳالهه
نه وڻي،
پر سڀني جون ڪهاڻيون پڙهي پوءِ
شوڪت جون ڪهاڻيون پڙهي پاڻ پرک ڪندا.
شوڪت جي ڪهاڻين جا گهڻا مرد ڪردار
درد، ڏک، پيڙا، مايوسي، ڇڪتاڻ، سنڌيت لاءِ
سڪ تڙپ،
عشق پيار محبت کان وانجهيل، بک، لاچاري، بيوسي،
بيروزگاريءَ،
اڪيلائپ جن جو ذهن سنسان ۽ ويران
آهي،
جنهنڪري ڪي ڪردار خودڪشي ڪن ٿا ته ڪي ننڊ جي گورين
جو
سهارو
وٺن ٿا، ته ڪي سنسان ويران رستن تي ڀٽڪن ٿا، ۽
پنهنجو پاڻ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ڪي پاڇن ۾ پاڻ
کي ڳولهين ٿا ته سمنڊ جي لهرن ۾ ته ڪي خواب ۾ ٻئي
دنيا ۾ پهچندي پاڻ کي ڳولهين
ٿا.
شوڪت هرهڪ ڪهاڻيءَ
۾ خاص ڪري مرد ڪردارن جي احساسن ۽ جذبن جو اظهار
پيش ڪرڻ لاء هر ڪهاڻيءَ
۾ الڳ الڳ دلڪش ۽ سهڻيون علامتون
ڪم
آنديون
آهن،
جنهن تي سج، چنڊ، تارا، وڻ،
ٻوٽا،
سمنڊ، لهرون، رستا، جبل، ٽڪر ۽ گهٽيون، ٽٽل ڀڳل
گهر، اُلجهيل راهون، سمورو گلشن، وڻ ٻوٽا.
ايترن سمورين علامتن جو استعمال مان نه ٿي ڀانيان
ته ڪو ڪنهن به ليکڪ جي ڪهاڻين ۾ ملندو
۽ اهو به سچ
آهي
جڏهن سچو عاشق، عشق پيار محبت
۾
ناڪام ٿيندو
آهي.
اهوئي فلاسافي طرف ڇڪجندو
آهي
۽ ڌڻيءَ
سان هڪ مضبوط
ڏور ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿيندو.
شوڪت جا
ڪيترائي مرد ڪردار اُهي سچا عاشق آهن جيڪي پيار
محبت ۾ ناڪام
آهن
تڏهن ازخود انهن جي
ڊائلاگس ۾ فلاسافي ڀرپور اوتيل آهي.
دک انسان کي ٽوڙي ڇڏيندا
آهن
ڪي ماڻهو بلڪل برف ٿيو پون ته ڪي پٿر دل ٿيو پون
پر مون کي لڳي ٿو.
شوڪت ايترن ڏکن کان پوء بيلنس رکي ٿو.
هلي برف ۽ مسڪرائيندڙ پٿر جو ميلاپ
آهي.
اُن ميلاپ جي شخصيت به هن ڪهاڻيء ۾ چٽي ظاهر
آهي.
منهنجو جسم
آهي
منهنجو ذهن
آهي
پوءِ
به
آنءُ
ڪجهه
نه
آهيان.
منهنجي ڪا مرضي ڪانهي. ارادو ناهي چونڊ ناهي ڪجهه
به نه
آهي
منهنجو هئڻ نه هئڻ
آهي.
ٻين جي مرضي
آهي
ٻين جي چونڊ
آهي.
ٻين جو فيصلو
آهي.
ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي،
آنءُ
نٿو چاهيان(17).“
شوڪت جي ڪهاڻين مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو. ته هُو
دکن کي مقابلو ڪندي ڪندي هُو
ٿڪجي پوي ٿو. ڪڏهن ٽٽي به پوي ٿو، پر ور ور همٿ
ڪري اُٿي ٿو ۽ هر مشڪلاتن جو مقابلو مٺڙي مرڪ سان
ڪندو رهي ٿو.
مون
کي اول ئي پڪ هئي ته ضرور شوڪت شوري
سموري زندگي بس ڏک ئي ڏٺا
آهن
هن جي جيون ۾ سکن جي هڪ اڌ جهلڪ به مشڪل سان
نصيب
ٿي هوندي ۽ منهنجي پڪ وشواس ۾ بدلجي ويئي جڏهن مون
شوڪت تي لکيل ڪتاب،
’شوڪت
حسين شورو شخصيت ۽ فن‘
ڪتاب پڙهيو.
هن ڪتاب ۾ گهڻن ئي ليکڪن هن جي شخصيت کي سلام ڪندي
قلم هلايو
آهي.
پر مشتاق احمد شوري
جيڪو لکيو
آهي،
اهو
آءٌ
هت پيش ڪريان ٿي حالانڪ ته هن ڪتاب ۾ 28 ساهتڪارن
شوڪت شوري
جي شخصيت ۽ فن تي قلم هلايو
آهي،
پر مون انهن سڀني مان مشتاق شورو جي لکڻيءَ
کي چونڊيو.
مون کي معاف ڪجو مان سڀني ساهتڪار لاءِ
ڪونه ٿي چوان پر مون اهڙا ڪيترائي ساهتڪار ڏٺا
آهن
جيڪي ساهتيه سرجن ڪندي گهر ڏانهن لاپرواهه
هوندا
آهن
پنهنجي قوت جي حساب سان هڪ ئي پٿ تي ڪامياب ويندا
آهن
يا گهر ٻار يا ساهتيه.
جن جي گهر وارن جون دردي دانهون ۽
آهون
فقط مون اڪيلي نه ٻڌيون
آهن
پر سيمينار سميلن ۽ مشاعرن ۾ سڀني ٻڌيون
آهن.
تنهنڪري
مان
شوڪت جي
ننڍي
ڀاءُ مشتاق شوري
جي راءِ
کي هت پيش ڪريان ٿي،
جنهن مان شوڪت شوري
جي هر پٿ تي ڪاميابي سان نڀائڻ
جي پروڙ پوندي مشتاق
لکي ٿو:
”مون
کي هميشه شوڪت ۾ ئي گوتم ٻڌ جو عڪس نظر
آيو
آهي.
سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن لاڙ جي زمين ۾ سارين جي مکيه
پوک ۾ گڏر جو مرض پيو ۽ لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي
ويئي ته اسان کي به ڳوٺ ڇڏي شهر اچڻو پيو. ان وقت
جي مالي مشڪلاتن،
اهنجن ۽ ڏکيائين واري زماني ۾ سڄي گهر جو بار وڏي
پٽ
جي حثيت سان شوڪت جي ڪلهن تي اچي پيو اهو وقت شوڪت
جي الهڙ جوانيءَ
جو هو، جنهن ۾ ماڻهو هر فڪر کان بي نياز ۽ هر ڳالهه
کان لاپرواهه
هوندو هو اهوئي هڪ اهڙو نازڪ دور هو جنهن ۾ شوڪت
پنهنجن خوابن، خواهشن، پيار ۽ جوانيءَ
جي لذتن جو تياڳ ڪيو. گوتم ٻڌ گيان لاءِ
گهر وارن جو تياڳ ڪيو ۽ شوڪت گهر جي ڀاٽين لاءِ
پنهنجي امنگن
۽ خواهشن جو تياڳ ڪيو ۽ مستقل مزاجي،
اورچائي سان ڀائرن ۽ ڀينرن کي بهترين مستقبل
ڏنائين(18).“
مشتاق شوري جي
راءِ سان
مان پڻ سهمت ٿيندي هت ڪهاڻي جا انش پيش ڪريان ٿي.
’چتيءَ
جهڙو
آسمان‘
”هن
سوچيو ته سندس عمر وري به 25 سال هئي،
پر هو ته ان عمر ۾ ئي پوڙهو ٿيڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ
نوجواني ته هن ڏٺي به ڪانه هئي. هن کي ياد آيو ته
جڏهن کان کيس هوش آيو، هن پاڻ کي وڏو ڀانيو، گهر
جو سڄو بار، سموريون ذميواريون هن جي مٿان اچي
پيون هيون(19).“
شوڪت پنهنجا ڀائر ڀينر،گهر ٻار سنڀالڻ جي باوجود،
پڙهائي ڪرڻ، پنهنجي عهدي سان نڀائڻ،
ايترن ڪشٽن ڪشالن ڏسندي ۽ طوفاني پهاڙن کي دل تي
کڻڻ کان پوء به ڪو شخص قلم کڻي ساهتيه سرجن به
ڪندو رهي، سنڌيت لاء پاڻ موکيندو اچي ۽ گڏوگڏ سنڌ
هند جي ساهتڪارن جو ساهيته پڙهندو ٿو رهي ۽ دوستاڻا
ناتا به نڀائيندو
ٿو رهي.
۽ جيڪڏهن ڪو شخص چوطرف نڀائڻ
۾ ڪامياب
آهي،
سڀني جو پيارو هجي ته اهو پڪ ڄاڻجو ته اُهو
ڪو عام ماڻهو نه، پر خدا جو خاص
بندو
آهي
۽ ڌڻي ڏک به پنهنجن کي ئي ڏيندو
آهي.
آءٌ
پاڻ کي خوشنصيب ٿي ڀانيان ته
اهڙي شخصيت شوڪت حسين شورو جي ڪهاڻين جا سڀ ڪتاب
مان هٿ ڪري سگهيس ۽ لڳ ڀڳ سندس سڀ ڪتاب پڙهيا ته
سندس برهه
جي باهه،
باک ۽ ملڪيت
برهه
جي باهه،
يو ٽيوب تي نه
آهي
باقي ٻئي يوٽيوب تي ڏٺا.
باک ناٽڪ جا هڪ هڪ
ڪلاڪ جا 10 ايپيسوڊ سنڌ ۾ ٽي وي تي هليا هئا.
هنن ناٽڪن جي ڪٿا وستو ته زبردست
آهي
ئي ته گڏوگڏ سموري سنڌ جي ڳوٺ جي تصوير پسڻ لاء
ملي ٿي.
سنڌ جون ڳالهايون ننڍپڻ کان مون مائٽن طرفان ٻڌيون
هيون
ائين لڳو اهو سنڌ جو منظر جيڪو مون ننڍپڻ ۾ ٻڌو
هو سو شوڪت سنڌ جو اهو منظر هنن ناٽڪن ذريعي
ڏيکاريو.
منهنجو انتم آدرش ساهتڪ گرو رهبر منهنجي اباڻي وطن
سنڌ جو شوڪت حيسن شورو
آهي.
حالانڪ هن ڪڏهن به شاعري ڪونه
لکي
آهي.
پر
آءٌ
هن کي شاعرن جو شاعر مڃيندي
آهيان.
اهڙي
ٻهڳڻي شخصيت شوڪت شوري
جي شخصيت لاءِ
مون کي لغت ۾ به ٺهڪندڙ لفظ ڪونه مليا.
حالانڪ ته
آءٌ
ڪو شوڪت کي جنم کان ڪونه سڃاڻان،
پر هن جي ڪهاڻين مون کي ايترو پاڻ ۾ کوهي ڇڏيو جو
لڳي ٿو هيءُ
منهنجو پنهنجو ئي عزيز،
تمام ويجهو مائٽ،
منهنجي اباڻي وطن سنڌ جو منهنجو پتا آهي، جنهن جي
دک ڀرين ڪهاڻين جي پيڙا جو احساس مون کي ٿيو
مددي ڪتاب
-
ڪتاب:
شوڪت حسين شورو فن ۽ شخصيت،
پبلشر:
محمد عثمان منگي،
سال 2009ع،
ص
111
-
ڪتاب:
رات جو رنگ،
ليکڪ:
شوڪت حسين شورو،
پبلسر:
سنڌي ادبي بورڊ،
سال 2010ع،
ص 44 .
-
ايضاً،
ص
305
-
ايضاً،
ص
175
-
ايضاً،
ص
192
-
ايضاً،
ص
353
-
ايضاً،
ص197
-
ايضاً،
ص202
-
ايضاً،
ص
30
-
ايضاً،
ص
24
-
ايضاً،
ص
165
-
ايضاً،
ص401
-
ايضاً،
مهاڳ،
ص
15
-
ڪتاب:
گناه جا گيت،
ليکڪ:
اسحاق سميجو،
پبلشر:
روشني پبليڪيشن،
مهاڳ،
شوڪت حسين شورو،
سال 2006ع.
-
ڪتاب:
رات جو رنگ،
ليکڪ:
شوڪت حسين شورو،
پبلشر،
سنڌي ادبي بورڊ،
مهاڳ قمر شهباز،
سال 2010ع،
ص
15.
-
ايضاً،
ص 15
-
ايضاً،
صفحو-237
-
ڪتاب،
شوڪت حسين شورو فن ۽ شخصيت،
پبلشر:
محمد عثمان منگي،
سال 2009ع،
ص
37.
-
ڪتاب،
رات جو رنگ،
ليکڪ:
شوڪت حسين شورو،
پبلشر:
سنڌي ادبي بورڊ،
سال 2010ع،
ص 98.
استاد محسن علي “محسن”
شر
مسلم معاشري ۾ استاد جون ذميواريون
سنڌ ۾ تعليم ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندي وڃي.
پرائمريءَ کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين تعليم نالي
ماتر وڃي رهي آهي. ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ان جا
ادارا هوندا آهن.
ارسطوءَ جو قول آهي ته:
"If you want to see the condition of a nation,
see the condition of the teacher." (Aristotle)
اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم جو
استاد خوشحال، معاشي مسئلن مونجهارن کان آجو آهي
ته هو دل جمعيءَ سان پنهنجي پيشي تدريسي عمل سان،
جيڪو هڪ پيغمبري پيشو آهي. ان سان مڪمل طور واڳيل
رهندو. برعڪس ان جي جيڪڏهن سماج جو استاد معاشي
مشڪلاتن ۽ مسئلن جي ور چڙهيل هوندو ۽ سندن جائز ۽
مناسب مسئلا حل نه ٿيندا ته هو مشڪلاتن جي گهيري ۾
رهندي پنهنجي پيشيورانه صلاحيتن طرف توجهه ڏئي نه
سگهندو ۽ کيس پنهنجي مسئلن جو فڪر دامنگير رهندو،
جنهن سان سندن پيشيورانه صلاحيتون متاثر ٿينديون.
اسان جو مذهب اسلام جيڪو هڪ عالمگير مذهب آهي.
اسلام ۾ تعليم کي وڏي اهميت حاصل آهي. ان جو اظهار
نبي ڪريم صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن جي هڪ ارشاد
مان واضح طور ملي ٿو. پاڻ سڳورا فرمائين ٿا: طلب
العلم فريضة“ اوعليٰ کل مسلم ومسلمة (علم جي طلب
ڪرڻ هر مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي.) پاڻ
سڳورن پنهنجي باري ۾ فرمايو:
مون کي استاد بنائي موڪليو ويو آهي.
حضرت نبي ڪريم صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن جي
انهيءَ ارشاد جي روشنيءَ ۾ اسان وڏي فخر سان چئي
سگهون ٿا ته اسان استاد، پيغمبري پيشي سان لاڳاپيل
آهيون. الله جي نبيءَ وانگر انسان ذات جي تعليم ۽
تربيت ڪرڻ، اسان (استادن) تي فرض آهي. اسلام ۾ علم
جو ڪهڙو مقام آهي، ان جو اندازو هن مان لڳائي
سگهجي ٿو ته نبي ڪريم صلي الله عليہ و آلہ وسلم جن
تي جيڪا پهرين وحي نازل ٿي، ان مان پڙهڻ (اقرء)
سکڻ، سيکارڻ (علم) ۽ لکڻ (القلم) جهڙا فرمان ملن
ٿا. اسلام ۾ علم جي اشاعت کي هڪ ديني ۽ مذهبي درجو
حاصل آهي. اسان چئي سگهون ٿا ته ماڻهو جڏهن تعليم
ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هوندا آهن، تڏهن اهي ڄڻ ته
پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي عبادت ۾ مصروف هوندا آهن.
معلوم ٿيو ته صحيح نموني تعليم ڏيڻ عبادت ۾ شامل
آهي.
ليڪن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄ جي دور ۾ استاد
۽ شاگرد، تعليم جي اهميت کي سمجهي ڪو نه سگهيا
آهن. اسان مسلمان خوش قسمتيءَ سان مسلمان استاد
آهيون ۽ وڏي خوش قسمتي اسان جي اها آهي جو معلمِ
اعظم ۽ محسنِ انسانيت نبي ڪريم صلي الله عليہ و
آلہ وسلم جن جي پاڪ زندگي اسان جي سامهون آهي. پاڻ
سڳورن جا اسان کي استادي شان جا نشان هر قدم تي
ملن ٿا. هڪ بهترين استاد ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ
گهرجن، انهن مان ڪن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
(1) شفقت ۽ محبت:
هڪ استاد کي سڀ کان پهرين صفت اها هئڻ گهرجي ته
هُو پنهنجي شاگردن لاءِ دل جي گهراين ۽ خلوص سان
همدردي ۽ شفقت جا جذبا رکندڙ هجي. سندن اصلاح ۽
تعمير جو جذبو دل جي درياء ۾ موجزن هجي. پاڻ سڳورن
۾ اها صفت تمام گهڻي هئي. ايتريقدر جو پاڻ قوم جي
پاران سختين جي باوجود سندن اصلاح ۽ صراط مستقيم
جي واٽ ڏسڻ جي عمل تان دستبردار نه ٿيا. اهڙي هڪ
استاد جي اندر پنهنجي شاگردن لاءِ شفقت ۽ محبت جو
هجڻ بيحد ضروري آهي. ارشاد نبوي آهي ته ”توهان
ماڻهن کي علم سيکاريو ۽ انهن تي سختي نه ڪريو.“ ان
کان علاوه سندن وڌيڪ ارشاد پاڪ آهي ته ”رحمدلي
انسان جي اعليٰ صفت آهي.“ ان کان جيڪو شخص خالي
هوندو آهي، اهو بدبخت ۽ بدنصيب هوندو آهي، گويا هڪ
سٺي استاد کي پنهنجي شاگرد جو دوست هجڻ گهرجي.
(2)علم ۽ عمل جي هڪ جهڙائي:
هڪ بهترين استاد جي ٻي خاصيت اها هجڻ کپي ته هُو
پنهنجي تعليم جو عملي نمونو هئڻ گهرجي، جنهن تعليم
جي هُو تبليغ ڪري رهيو آهي. ان تي پهريائين پاڻ
عمل ڪندڙ هجي. اهڙي طرح سندس پڙهائيءَ جو اثر سندن
شاگردن تي پوندو آهي ۽ ان جا بهترين نتيجا حاصل
ٿيندا آهن. جيئن ته استاد پنهنجي شاگردن جو آئيڊيل
هوندو آهي. خاص ڪري پرائمري ۽ سيڪنڊري ڪلاسن جا
شاگرد پنهنجن استادن جو نقل ڪندا آهن، تنهنڪري هڪ
بهترين استاد اهو آهي جيڪو علم جي اشاعت لاءِ
پنهنجو عملي نمونو پيش ڪري. پاڻ سڳورن جو ارشاد
پاڪ آهي ته ”باعمل عالم کي بهترين اجر ڏيو.“ وڌيڪ
پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته: ”خير جي تعليم ڏيڻ
واري استاد لاءِ دنيا جي هر شيءِ دعا ڏيندي آهي.
ايتريقدر جو سمنڊ جون مڇيون به دعائون ڪنديون
آهن.“
برعڪس ان جي اهڙي شخص لاءِ سزا ٻڌائي وئي آهي جيڪو
علم رکڻ جي باوجود ان کي لڪائي ٿو. وڌيڪ سندن
ارشاد پاڪ آهي ته: ”جيڪو شخص علم وارو آهي ۽ پڇڻ
تي مسئلا نٿو ٻڌائي ته قيامت جي ڏينهن سندن منهن ۾
باهه جو لغام وڌو ويندو.“
(3) خوش اخلاقي:
هڪ سٺي استاد جي ٽين صفت اها آهي ته هُو خوش اخلاق
هجي. هڪ سٺو استاد ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪندو جيڪا
بداخلاقي جي دائري ۾ ايندي هجي. هڪ بهترين استاد
غلطين کي معاف ڪرڻ وارو ۽ درگذر ڪرڻ وارو هوندو
آهي. معمولي ڳالهه تي مشتعل نه ٿيندو آهي. اعليٰ
اخلاق سندس موثر هٿيار ٿئي ٿو جنهن سان هُو
پنهنجي شاگردن تي اثرانداز ٿيندو آهي. حضور جن جو
ارشاد پاڪ آهي ته: ”شاگردن سان نرمي ۽ ڀلائيءَ سان
پيش اچو“ جيڪڏهن اوهان کي هڪ مثالي استاد ٿيڻو آهي
ته پوءِ پنهنجي اندر ۾ اعليٰ اخلاق پيدا ڪرڻا
پوندا.
(4) علمي ذوق ۽ شوق:
هڪ بهترين استاد جي چوٿين خاصيت اها آهي ته هُو
علم جو شيدائي هجي. هُو صرف درسي ڪتاب تي نٿو ڀاڙي
بلڪ پنهنجي علم ۾ اضافي لاءِ ٻين ڪتابن جو به
مطالعو ڪندو رهندو آهي.
مسلمان استاد لاءِ حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جن جو ارشاد پاڪ آهي ته ”علم حاصل ڪريو، چاهي ان
لاءِ توهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پوي.“ پاڻ سڳورن
چين وڃي علم حاصل ڪرڻ وارو ارشاد فرمائي علم جي
اهميت کي واضح ڪري ڇڏيو آهي. آڳاٽي زماني ۾ آمد
ورفت جا ايترا وسائل ڪونه هئا، جيترا اڄ ڪلهه جي
جديد دور ۾ آهن. ان هدايت مان علم جي اهميت جو
اندازو بخوبي ٿي وڃي ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪ بهترين استاد کي
گهرجي ته هُو پنهنجي پيشيورانه خوبين کان بخوبي
واقف هجي.
(5) فرض شناسي:
هڪ بهترين استاد، فرض شناس هوندو آهي. هُو پنهنجي
فرض کان بخوبي واقف هوندو آهي. هُو شاگردن جي
رهنمائيءَ لاءِ هروقت ڪوشان ۽ سرگردان رهندو آهي،
کيس شاگردن جي ڀلائي ۽ رهنمائيءَ جي هروقت اون
رهندي آهي. هڪ فرض شناس استاد پاڻ کي صرف اسڪول ۾
پڙهائڻ جو پابند نه سمجهندو آهي بلڪ هروقت هر موڙ
تي معاشري جي اصلاح لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو.
هڪ فرض شناس استاد، قوم جي ٻيڙيءَ جو نا خدا آهي
جيڪو قوم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي ڪناري تي لنگر انداز
ڪري سگهي ٿو.
(6) ذهانت ۽ حافظو:
هڪ بهترين استاد لاءِ بهترين حافظي جو مالڪ هئڻ
ضروري آهي. هڪ مثالي استاد لاءِ ضروري آهي ته هُو
پنهنجي حافظي کي مضبوط ڪري. ان لاءِ ضروري آهي ته
هُو علم سان محبت ڪري. ان جي حصول لاءِ ۽ اشاعت کي
ديني فريضو سمجهي پنهنجن شاگردن کي دلچسپ پرڪشش ۽
موثرانداز ۾ تعليم ڏئي ته جيئن اُهي شوق ۽ چاهه
سان تعليم حاصل ڪري سگهن.
(7) وقت جي پابندي:
هڪ بهترين استاد وقت جو پابند ٿئي ٿو. هڪ بهترين
استاد جي اها خوبي آهي ته هُو وقت جو پابند ٿئي
ٿو. کيس وقت جو قدر ۽ قيمت جو احساس رهي ٿو. استاد
کي گهرجي ته هُو اسڪول ۾ مقرر ٽائيم کان گهٽ ۾ گهٽ
15 منٽ پهريائين داخل ٿئي ۽ موڪل ٿيڻ کان 15 منٽ
پوءِ اداري مان نڪري جيئن شاگرد مڪمل طور نڪري
وڃن. استاد کي شاگردن جي ڳاهٽ کان بچڻ گهرجي ۽
شاگردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه نڪرڻ گهرجي.
(8) تربيت جو جذبو:
استاد جو ڪم صرف اهو نه هوندو آهي ته هُو ڪلاس ۾
شاگردن کي مقرر ڪيل سبق پڙهائي بلڪ ان کان وڌيڪ
سندس قومي فرض اهو به آهي ته هُو شاگردن جي عملي ۽
اخلاقي تربيت به ڪري ۽ سندن اخلاق کي اسلامي رنگ ۽
ڍنگ مطابق سندن رهنمائي ڪري جيئن هُو معاشري جا
بهترين فرد ثابت ٿي سگهن. شاگرد خام مال آهن.
استاد انهن لاءِ نمونو هجڻ گهرجي. استاد هڪ تمام
وڏي قوت جو نالو آهي. جيڪڏهن استاد مخلص ٿي پون ته
وقت پري ناهي جو استاد پنهنجو ماضيءَ وارو مقام
برقرار رکڻ ۾ ڪامياب نه وڃي.
ڪو زمانو هو جڏهن استاد تعليم جو مرڪز هو ته تعليم
به بهترين هوندي هئي، اڄڪلهه جي جديد دور ۾ شاگرد
تعليم جو مرڪز تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن استاد
شاگرد ۽ والدين پاڻ ۾ باهمي ربط کي برقرار رکي
تعليم لاءِ جاکوڙين ته وقت پري ناهي جو تعليم ۾
بهتري نه اچي سگهي.
حاصل مقصد ته اهي ٽيئي عنصر گڏجي تعليم جي بهتريءَ
۾ موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. |