سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1/ 2017ع

باب:

صفحو:3 

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

 

 

 

لوڪ ادب-ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو

 

سنڌي لوڪ ادب جون پاڙون پاتال ۾ بيٺل آهن، ان جا بنياد ويدن تائين وڃن ٿا. تاريخ جي هر دور ۾ باشعور، سماج سڌارڪ، سپورنج ۽ سُڄاڻ ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مهل موقعي جي مناسبت سان ڪؤنتل ڪڏايا آهن، ۽ پنهنجن گفتن سان ڪچهرين کي رس ڀريو بنايو آهي. ٻهڳڻن جا اُهي ٻول، حقيقتن جو آئينو بنجي، صدين تائين گونجندا رهيا آهن، جيڪي سيني به سيني صدين جو سفر ڪري، وقت سان  گڏ وڌندا، ويجهندا اسان تائين پهتا آهن. اُهي سنڌي ٻوليءَ جو قيمتي سرمايو آهن. اسان کي انهن وينجهارن جي ويچارن جو نه صرف اونهو اڀياس ڪرڻ گهرجي، بلڪ انهن کي جديد انداز ۾ سانڍي، پنهنجي نئين نسل تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙيون ڪامياب ڪوششون سڌريل قومون ڪنديون رهيون آهن.

هن وقت تائين ٿيل تحقيق مطابق لوڪ ادب جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي همعصر ٻولين: مصري، سُميري، ڪلداني، آرامي، عبراني وغيره ۾ ڪيئي ڪتاب پڌرا ڪيا ويا آهن انهن ۾ اهم ڪتاب حضرت سليمان جا پهاڪا (Proverbs of Solomon) آهي. جنهن ۾ 3000 کن پهاڪا، چوڻيون ۽ سهڻا سخن شامل آهن. اهڙي طرح سنسڪرت ۽ چيني ٻولين ۾ پڻ ڏاهن جا قول الڳ ڪري ڇپايا ويا آهن، جن جي قدامت جو ڪاٿو 1000 سال ق.م لڳايو ويو آهي.

يقيناً اسان جي ٻوليءَ ۾ به قديم دور جا هزارن جي انگ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون موجود آهن، پر جيئن ته سنڌو لکت اڃا نه پڙهجي سگهي آهي، انڪري، اسان ان دور جي پهاڪن جي پاڙ جي باري ۾ يقيني طور ڪجهه نه ٿا چئي سگهون، البت اها ڳالهه خاطريءَ سان ڪري سگهجي ٿي ته انهن مان سوَن جي تعداد ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اسان وٽ اڄ به رائج آهن. جيئن ته پهاڪا ۽ چوڻيون هزارن سالن جي تجربن، مشاهدن ۽ سماجي حقيقتن تي آڌاريل هوندا آهن، سي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا آهن، اُهي روپ مٽائيندا، نوان ويس پهريندا هر دور ۾ نئين رنگ ڍنگ سان نمودار ٿيندا آهن.

مون کي ته حيرت ٿي، جو حضرت سليمان عليہ السلام جي پهاڪن جي سنڌي پهاڪن سان ڪافي هڪ جهڙائي آهي. ٻوليءَ جو سٽاءُ ۽ لهجو به ساڳيو آهي. جيئن حضرت سليمان فرمائي ٿو ته: ”بري ڀاءُ کان ڀاءُ نه هجڻ چڱو آهي.“ سنڌي: ”ڀاڙئي ڀاءُ کان کٽ خالي چڱي“، حضرت سليمان: ”جيڪو نانگ کان ڏنگيل هوندو، سو نوڙيءَ کان پيو ڊڄندو“، سنڌي:
”نانگ کاڌو نوڙيءَ کان ڊڄي“ ۽ ”کير جو کانيل جهڻ ڦوڪي پيئي“، حضرت سليمان: ”بيوقوف تي ڪڏهن ڀروسو نه ڪجي“ سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”بيوقوف بازار ۾ سنگتي نه کڻجي ساڻ“.

لوڪ ادب ۾ وڏي گهرائي ۽ مڻيا سمايل هوندي آهي، اها رواجي طور ڪا نه سمجهي سگهبي! ان لاءِ وڏي ويچار جي ضرورت هوندي آهي. اها ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته ’لوڪ ادب‘ ڏاهن جي ڏات آهي، سيبتن جي سوچ آهي. گوهر پنهنجا اُهي گفتا ڪنهن مهل موقعي تي ايندڙ حالتن کي آڏو رکي ويچاريندا آهن. جنهن ۾ اونهو فڪر، ڏاهپ ۽ ڪو نه ڪو نُڪتو شامل هوندو آهي. جيڪڏهن لوڪ ادب جي ڪنهن به رچنا ۾ اهي شيون شامل نه هجن ته پوءِ اُها رواجي ڳالهه ٿيندي ۽ وقت سان گڏ، وسارجي ويندي. مثلاً: سنڌي چوڻين تي ٿورو غور ڪيو ته: ”ڀلي بک ڀرم جي شل نه وڃي شان“، ”چريا ٿياسين، يار پرکياسين.“ ”اهو ڪي ڪجي، جو آئيءَ ويل ڪم اچي“، ”ديسي سيڻ ڪجن، پرڏيهي ڪهڙا پرين“، ”نه عيسى نه موسى وڏا پير پيسا“ وغيره  ڪنهن نه  ڪنهن سماجي پسمنظر جي نشاندهي ڪن ٿا، پهاڪي جڙڻ ۽ سماج ۾ رائج ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ صدي درڪار هوندي آهي. مٿي ذڪر ڪيل چوڻين جي ٻوليءَ جي سٽاءَ کي سامهون رکي، اندازو لڳايو ته اسان جا پهاڪا، چوڻيون ۽ اصطلاح ڪيترا نه قديم آهن!

جهڙي طرح اڄ جي دور ۾ مزاحمتي ادب، مارشلائن ۽ ڪارن قانونن جي نفاذ جي ردعمل ۾ اچي ٿو، جيڪو گهڻي قدر علامتي هوندو آهي، ساڳي ريت لوڪ ادب به ڦورو ٽولن جي قبضي، ڌارين جي ڌڪار،حاڪماڻي ڏاڍ ۽ ظلم خلاف عوامي سطح تي بغاوت جو اظهار هوندو آهي، جيڪو واهڻ ۽ وسندين ۾ اُسري نسري ٿو. لوڪ ادب، عام ماڻهن جو ادب هوندو آهي. ان تي ڪنهن به شاعر يا ڏاهي جي سَنَدَ لڳل نه هوندي آهي، البت لوڪ ادب جي ماهرن جي اها پُختي راءِ آهي ته ڪلهوڙن جي دور ۾ لوڪ ادب جي ڪن صنفن تي مختلف شاعرن جا نالا اچي ويا آهن،  جيئن جلال کٽي، پيراڻو ڀنڀرو، وتايو فقير وغيره جڏهن ته لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون، پهاڪا ۽ چوڻيون اڄ به آزاد حيثيت ۾ ملن ٿيون. هونئن به  لوڪ ادب گڏيل عوامي ورثو هوندو آهي. ان تي ڪنهن فرد/ليکڪ جي ڇاپ نه هوندي آهي. سنڌ تي خاص طور ارغونن جي دور کان وٺي، مغل دور تائين سنڌ مٿان جڏهن به ڏکيا ڏينهن آيا آهن، ته انهن سپورنجن پنهنجي ديس واسين کي علامتي انداز ۽ ڳجهه ڳوهه ۾: ڳجهارتن، ڳاهن، ڏورن، ڏٺن توڙي بيتن ۾ حالتن کان آگاهه پئي رکيو آهي. اوهان گهرائيءَ سان غور ڪندا ته معلوم ٿيندو ته اسان جو سمورو ڪلاسيڪي ادب اهڙن اهڃاڻن سان ڀريو پيو آهي. شاهه سائين: سُر رامڪلي ۾ جن جوڳين، ڪاپڙين ۽ نانگن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ بيت جي آخر ۾ ”آءٌ نه جيئندي ان ري“ جو ورجاءُ ڪيو آهي، سا ڪا رواجي ڳالهه نه آهي، ’مورڙو ۽ مانگر مڇ‘ ظلم خلاف سڄو علامتي اظهار آهي، سهڻي، نوري، ليلان، راڻو، مارئي وغيره سڀ علامتي اظهار آهن، جن کي سمجهڻ جي اشد ضرورت آهي. مارئي جي ڳوٺ ڀالوا ۽ عمر ڪوٽ  جي وچ وارو مفاصلو ڪُل سَٺ ميلن تي مشتمل هو، ان وقت ٻئي هڪ تعلقي ۾ اچي ٿي ويا، پوءِ شاهه سائين ڪهڙي ريت مارئيءَ کي واپس ’وطن‘ ورڻ لاءِ ڪوششون ڪندي ڏيکاريو آهي. ڀالوا ته ان دور ۾ وڌ ۾ وڌ ويهن چونرن تي مشتمل ڳوٺ هوندو، پوءِ ان کي ’ملڪ‘ ڪهڙي ريت سڏيو ويو؟

ڪهڙي سوچ سامهون رکي، شاهه صاحب هيٺيون بيت چيو هو:

ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو،

انهن آکيرن تي ويٺا چٻ چڙهي،

وطن ٿيو وري، ڪوڙن ڪانگيرن جو.

اها ڪهڙي ماجرا هئي؟ ڇا اسين اڄ اهڙو لقاءَ ڪونه پيا پسون! اسان جا مور ملوڪ ماڻهو ڪن اَهنجن ۽ ايذائن سبب هتان لڏي ويا، انهن جي جاءِ تي ڪير آيا؟ شاهه سائينءَ کي ته ماضيءَ جي خبر هئي، جڏهن ارغونن ۽ ترخانن اچي قهر ڪيا ۽ هِتان جي عالمن کي مجبورن لڏڻو پيو. اوهان ’تاريخ مظهر شاهه جهاني‘، ’برهان پور ڪي سنڌي اولياء‘ وغيره پڙهي ڏسو، اهي شاهه سائينءَ کان ٽي چار سؤ سال اڳ جا قصا هئا، جيڪي لوڪ روايتن آڌار هلندا رهيا ۽ شاهه سائينءَ انهن قصن کي تاريخي ڪردارن جي اهڃاڻن ۾ ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو آهي.

اهڙيءَ طرح ڪن سالڪن ڳجهارتن ۾ ڳالهايو آهي:

·                   ڳجهارت: نالي چيو نرنانءَ کي، هل ته نرنانءَ جي ڪريون.

بند: نالو= سارنگ. نرنانءُ= بادل، نرنانءَ= وس

ڀڃڻي: سارنگ چيو بادل کي ته هل وسڻ جي ڪريون.

·                   ڳجهارت: ڪاٺو ڪاٺ نه آءُ، متان مارن ۾ مرون پوي.

بند: ڪاٺ ’هر‘، ڪاٺ ’هر‘ مرون يعني ڀولو.

ڀڃڻي: هر هر نه آءُ، متان ماڻهن ۾ ڀولو پوي. ]شڪ پوي[

·                   ڳجهارت: وڻ وڃئي ميان سومرا، شل ڪاٺ نه بچئي ڪو.

بند: وڻ= ڄمون، ڪاٺ جو وانگي (لاٽون)

ڀڃڻي: مارئي ٿي عمر کي چئي ته: ڄم وڃئي. ميان، سومرا، وانگي (ڪوبه ماڻهو) نه بچئي ڪو.

سنڌ مٿان ڏکيا ڏينهن گهڻو وقت رهيا آهن اول آرين ڪاهه ڪئي، پوءِ مذهب جي نالي تي ’ٻُڌ‘ آيا، ان کان بعد لڳاتار، ساساني، عرب، غزنوي، غوري، تاتاري، ارغون، ازبڪ، مغل وغيره آيا، انهن پنهنجي قبضي کي قائم رکڻ لاءِ قهري ڪاروايون ڪيون. سکر ماڻهن جي عزتن ۾ هٿ وڌا، بيجا محصول مڙهي، ڌر ڌڻين جي زرعي زمينن تي قبضا ڪيا. فارسي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين ٻولين تي پابندي مڙهي. اهڙين ڪٺن حالتن ۾، عزت وارا، ڪاروبار وارا، عالم سڳورا ڏيهه ڇڏي پرڏيهه پڌاريا ۽  سنڌ جا عام لوڪ، شهر ڇڏي، واهڻن ۾ وڃي وسيا. جتي  هنن عام ضرورت جي هر هڪ شيءِ: اَٽو، لٽو، اَجهو، ٿانوَ ٿپا، اَنُ پاڻي، سبزيون ڦل وغيره پاڻ اپايا ۽ ڪنهن جي ڪاڻ نه ڪڍي. هر وڏي واهڻ ۾ ڊکڻ، کٽي، لوهار، ڪنڀار، سربند، کونهارا، درزي، سونارا، پساري، حڪيم، استاد وغيره آباد هئا، ضرورت جي اها ڪهڙي شيءِ هئي، جيڪا وٽن موجود نه هئي! انهن ئي وسندين ۾، رات جو رس رهاڻيون ڪندا هئا ۽ ’لوڪ ادب‘ جي مختلف صنفن تي پنهنجي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا، انهن ڪچهرين وسيلي نه صرف ذهني ذوق جو پورائو ڪندا هئا، پر ان سان گڏ، ڪچهريءَ ۾ ويٺل نئين نسل جي اخلاق، اٿي ويٺي، علم، فهم جي آبياري به ڪندا هئا. واضح رهي ته جڏهن اڃا ڌرمي ۽ سماجي تعليم جو رواج نه پيو هو، تڏهن سماجي ضابطي ۽ ذهني سڌاري جو ڪم لوڪ ادب جي مختلف صنفن کان ورتو ويندو هو، جنهن ۾ لوڪ ڪهاڻيون ۽ پهاڪا چوڻيون بنهه اهم هئا.

انهن وسندين جا واسي هر اَهنجِي سَهنجِي ۾ سڀ گڏ هوندا هئا. خوشيون، سانگ، لاڏ ڪوڏ، سندن عام زندگيءَ  جو وهنوار هوندو هو. هنن ئي گڏ رونبا لابارا ڪيا، هر هڪ فصل جي نسبت سان ڳيچ ڳايا، هر فهم فڪر ۾، بلڪل آزاد هوندا هئا. سندن سوچ مٿان ڪنهن به حاڪم جا پهرا ڪونه هئا. بلڪل آزاد ۽ خوشحال زندگي گذاريندا هئا، اهڙا اولڙا، سندن لوڪ ادب جي مختلف صنفن ۾ پسي سگهجن ٿا. بلاشڪ ان ڊگهي دور کي سنڌي لوڪ ادب جو سونهري دور چئي سگهجي ٿو. ان دور ۾ اسان جي لوڪ ادب هر صنف ۾ ترقي ڪئي.

ڌارين جي اوچتي حملي لاءِ پاڻ ۾ ڳجهارت، ڏٺ، پرولي، ڳاهه ۾ ڳالهه ڪندا هئا، جيڪا سڀ ڪو سمجهي ويندو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري جو وڏو حصو اهڙي ادب تي مشتمل آهي، جنهن تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان مختصر پسمنظر کان پوءِ لوڪ ادب جي مها پرش سائين سنديلي جو ذڪر ڪجي ٿو:

نامور اسڪالر، لوڪ ادب ۽ لغات جو ماهر سائين ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، پنهنجي جوانيءَ کان وٺي عمر جي آخري حصي تائين، اهڙي ادب جي آبياري ڪندو رهيو. هن ڪڏهن سرڪاري ادارن جي ڏاڪڻ استعمال نه ڪئي ۽ نه ئي وري ڪنهن ادارن يا فردن کان مالي سهڪار حاصل ڪيو. پنهنجي محدود آمدنيءَ مان ڪتاب به وٺندو هو ته ڇاپرائيندو به هو. پاڻ وڃي پوسٽ آفيس ۾ ڪتاب پارسل/ رجسٽر ڪرائيندو هو. گهڻي ڀاڱي روانا ڪيل ڪتاب واپس ٿي ايندا هئا، پر هُو ڪنهن کي ڏوراپو به ڪين ڏيندو هو. هو لوڪ ادب بابت ننڍا ننڍا ڪتاب شايع ڪرائي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته جيئن عام ماڻهن جو لاڙو لوڪ ادب ڏانهن وڌي. لاشڪ ته لوڪ ادب جي وسيع ميدان ۾ سندس ڪو به ثاني نه آهي. ڪن وينجهارن لوڪ ادب جي ڪن مخصوص صنفن تي ڪم ڪيو آهي ته ڪن وري سهيڙ جو ڪم ڪيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر بلوچ جديد دور جي طور طريقن کي سامهون رکي، سٺي رٿابندي سان هڪ پراجيڪٽ ٺاهي، لوڪ ادب جي ڪافي صنفن کي سهيڙيو آهي. جنهن کان انڪار ڪفر جي برابر آهي، البت جيڪا جفاڪشي ڊاڪٽر سنديلي اڪيلي سر، پنهنجن محدود ۽ مختصر وسيلن آهر ڪئي آهي، ان جو ڪو به نظير نه آهي.

ڊاڪٽر بلوچ اڃا ٻاهر اعلى تعليم پرائي رهيو هو ته ڊاڪٽر سنديلو 1940ع واري ڏهاڪي ۾ ڪافي مواد ڪٺو ڪري چڪو هو، جنهن جي ثابتي ان دور جا معياري مئگزين ڏيندا، جن ۾ سنديلو صاحب مختلف صنفن تي تحقيقي مضمون شايع ڪرائيندو هو. جن ۾ هو انهن صنفن جي اهميت، رنگ ڍنگ، انوکن لفظن جي اوک ڊوک پيش ڪندو هو. ٻين لفظن ۾ اسان ائين به چئي سگهون ٿا ته عام پڙهندڙ کي لوڪ ادب طرف چاهه اجاگر ڪرڻ ۾ سنديلي صاحب جو ڪليدي ڪردار آهي. ان ڳالهه جو ادراڪ سائين بلوچ صاحب کي به هو، جڏهن سائين سنديلي صاحب جو لوڪ ادب بابت بنيادي ڪتاب
”وينجهار“ سال 1950ع ۾ آيو، ته ان جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”وينجهار ۾ جو وکر ونڌل آهي، سو سنڌ جي عام شاعريءَ ۽ سگهڙپائيءَ جو بي بها سرمايو ۽ اُن جو هڪ انوکو قسم آهي. معنوي لحاظ سان هي هڪ نازڪ فن آهي، جنهن جو مرڪز توڙي دائرو ”تجنيسي تَرڪيب“ آهي، يعني ته ذومعنيٰ الفاظ توڙي آواز ۽ انهن جي شاعرانه پُوچ، هن فن جو قالب ۽ روح آهن. ڏٺِ ۽ پرولي، ڳجهارت ۽ مُعما، هنر ۽ ڪاريگري، دراهو ۽ سَت سُري، ڏور ۽ ڏهس نامون، صفت ۽ سينگار سڀني جون گوناگون شاخون ۽ معنوي محاورا آهن. قابل مصنف بالڪل سهڻي سليقي سان هر باب ۾ انهن عنوانن تي مهاڳ طور روشني وڌي آهي ۽ ان بعد هر عنوان جي مناسب تقسيم ڪري، هر قسم کي مثالن سان ورجايو آهي. وڏي ڳالهه هيءَ ته مصنف هڪ جاءِ ويهي، رڳو خيال  ڪين ڊوڙايا آهن، مگر جَهر جَهنگ جهاڳي، سگهڙن کي ڳولي، انهن سان ڪچهريون ڪري، هر جنس کي سندن زباني قلمبند ڪيو آهي. انهيءَ ڪري مصنف، هيءَ ونڊ ڄڻ ڌُرڀاڳين جي ڀاڻ تان ورتي آهي ۽ پوءِ خود وينجهار بنجي ويهي ”وينجهار“ بنايو آهي.“ ]وينجهار- مهاڳ- ڊاڪٽر بلوچ[

لوڪ ادب جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته 1930ع کان وٺي لوڪ ادب جي سهيڙڻ واري ڪم ۾ هيٺين عالمن ڪوششون ڪيون:

الله بخش نظاماڻي (سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ)، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ (ٻولاين جا ٻول)، عبدالحسين شاهه موسوي ۽ محمد ابراهيم عباسي (سرهاڻ)- (سڳنڌ)، ايم.اي بزمي (ڳجهارتون)، پيتامبرداس سهجرام (پروليون)، حاجي عنايت الله زنگيجو (لاڙين جون لاتيون)، محمد سومار شيخ (ڪڇين جا قول)، مريد فقير مهيري (ڳوٺاڻا بيت)، خليفو بلال الدين قريشي (سينگار)، کيمچند ڀيمومل (پروليون)، مقبول صديقي (ڳجهارتون)، ميمڻ عبدالمجيد سنڌ ي (ڏور) ۽ ثناءُ الله ثنائي (ٽيهه اکري).

مٿين داخلا انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو جي ڪتاب ”ڇپيل سنڌي ڪتابن جي ببليوگرافي“ (1976ع) تان ورتي ويئي آهي. ان داخلا مان پڻ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مختلف اديبن پنهنجي سر  لوڪ ادب جي ڪن خاص صنفن تي توجهه ڏنو آهي، سنڌي ادبي بورڊ جي سرڪاري فنڊ مان شايع ڪيل لوڪ ادب جي ڪتابن کي هڪ پاسي رکي ڪري، ٿڌي دل سان ويچار ڪبو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو پورهيو سڀني کان سرس ۽ معياري آهي. هڪ طرح سان ڊاڪٽر سنديلي جو ڪتاب ’وينجهار‘  لوڪ ادب جي صنفن جو ابتدائي ڪورس آهي، ۽ ’لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو‘ لوڪ ادب بابت ماسٽرس بلڪ پي.ايڇ ڊي جو مڪمل دستاويز آهي. اهڙي مڃتا سنڌي ادب جي سرواڻ سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئي آهي، بلڪه ڊاڪٽر بلوچ صاحب سنديلي صاحب جي ڪم کي پنهنجي خوابن جي تعبير ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته:

”حسن اتفاق سان لائق مصنف جو هي ادبي ڪارنامو بلامبالغي بنده جي خواب جو تعبير آهي. هن ڪتاب لاءِ ’مهاڳ‘  لکڻ مصنف جي محنت ۽ لياقت جو کليل اعتراف آهي. اسان کي يقين آهي ته اهلِ عِلم، مصنف جي هن مخلصانه محنت جو پورو پورو قدر ڪندا، ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب قدر بلڪ تحسين جي لائق آهي.“  ]وينجهار- مهاڳ- ڊاڪٽر بلوچ[

لوڪ ادب جي سهيڙ ۾ جيڪا بنيادي ڳالهه آهي، اُها هيءَ ته ان رچنا جي ٻولي: قصي/روايت/ ماحول مطابق هجي، ان ۾ آيل لفظن جي ڀڃ گهڙ اهڙي هجي، جيڪا نه صرف قصي ۽ روايت کي نکيڙي  نروار ڪري، پر علم لغت جي اصولن مطابق اها وضاحت عام پڙهندڙ به سمجهي سگهي. ڊاڪٽر سنديلي صاحب  ان اهم نُڪتي کي خوب نڀايو آهي. لوڪ ادب جي مختلف صنفن بابت سندس هر هڪ وضاحت خوب کان خوبتر آهي. ان حوالي سان، شايد ئي ڪو اهڙو سپورنج هجي! جيڪو سندس جاءِ ڀري! ڇاڪاڻ ته ڪن مُرتبن پروليون، ڏٺيون، ڳجهارتون، هنر وغيره بابت ڪلام ڪٺو ڪيو آهي ته ڪن وري سينگار جا بيت سهيڙيا آهن، پر لغت کي ويجهو ڪو ڪونه ويو آهي، جو اهو هڪ الڳ فن آهي. (ڊاڪٽر بلوچ سينگار بيتن ۾ ڪن لفظن جي معنى ڏني آهي)

علم لغت جو ته هو شهنشاهه هو، ڏيهي ٻولين مان اُها ڪهڙي ٻولي هوندي، جنهن جي وٽس مستند لغت موجود نه هوندي! بقول هن دور جي مهان محقق ۽ علم لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي جي ته  ”پوريءَ سنڌ ۾ صرف ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي وٽ سڀني ڏيهي ٻولين جون معياري لغتون موجود آهن، جن کان هو چڱي طرح واقف پڻ آهي. لغت جي فن ۾ سندس ڪو به مدمقابل ڪونه آهي“ ]ان تي تفصيل ۽ تحقيق سان الڳ لکيو ويندو[ بهرحال، لوڪ ادب جي اَنوکن الفاظن جي معنى تي اول کان اڄ تائين ڪنهن به سهيڙيندڙ جوڳو ڌيان نه ڏنو آهي، اهي انوکا الفاظ قديم دور کان هلندا رهن ٿا. البت سائين سنديلي صاحب هر هڪ صنف ۾ آيل انوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنى؛ سمجهاڻي ۽ وضاحت مثالن سان سمجهائي آهي، جيڪا تحقيق (Research) جي ميدان ۾ وڏي وٿ ليکي ويندي. هتي هڪ اهم ڳالهه پيش نظر رکڻ گهرجي ته انوکن ۽ ڏکين لفظن ۾ تاريخي حوالي سان ٿورو فرق آهي. لوڪ ادب ۾ انوکا الفاظ قديم روايتن جي نشاندهي ڪندا آهن. مثلاً ڪامڻ، ڪُڻڪ، جاڙ، ماڙ، مرون، اڊڪو، ڄيرو، پاتال، سوڌ، پريو، تيڳڻ، توهار، آنهر، آڌر وغيره. جڏهن ته ڏکيا لفظ لغت ۾ بعد ۾ پاڻمرادو ۽ ٻين ٻولين جي اثر ڪري شامل ٿيا آهن. ڌاتو ڪوش (Etymology) جي حوالي سان اهو هڪ وڏو بحث آهي، وقت مليو ته ان تي قلم کڻنداسين.

جڏهن اڃا عام محققن جو لوڪ ادب طرف ڪاڍو ئي ڪونه هو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب ’لوڪ ادب‘ بابت تحقيقي مقالا لکي، ان جي اهميت ۽ افاديت کان نه صرف عالمن، اديبن ۽ محققن کي آگاهه ڪيو، پر ان اصلي ادب جي لاءِ ميدان پڻ هموار ڪيو، ته جيئن سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل مواد کي ميڙي ڪَٺو ڪجي، سائين سنديلي پنهنجي هڙان وڙان لڳاتار ڪتاب لکندو رهيو، جن جي وچور هيٺ ڏجي ٿي:

1.            وينجهار (1950ع)

2.           سنڌ جو سينگار (1956ع)

3.           ڏهس نامو (1969ع)

4.           ڪليات حسين ديدڙ (سُگهڙ) (1971ع)

5.           ڪليات شاهه محمد ديدڙ (1977ع)

6.           ڪليات خان محمد چنجڻي

7.           پهاڪن جي پاڙ

8.           اصطلاحن جي اصليت

9.           لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو (1986ع)

10.       ڪوجهيءَ جو ڪلام 1995ع

ڊاڪٽر سنديلي صاحب جا ٻين موضوعن جهڙوڪ شاهه لطيف، سنڌ جي تاريخ، ڪلاسيڪي شاعر، سنڌي ٻولي، سنڌي گرامر وغيره تي ڪتاب الڳ آهن، جن جو ذڪر تفصيل سان بعد ۾ ڪيو ويندو.

سنڌي ادبي بورڊ، پاران ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهي ۾ لوڪ ادب جي سهيڙڻ جي رٿا 1955ع ۾ پيش ڪئي ويئي، جيڪا 1956ع ڌاري منظور ٿي. مختلف صنفن تي مواد ڪٺو ٿيڻ شروع ٿيو ۽ رٿا جو پهريون ڪتاب ’مداحون ۽ مناجاتون‘
1959ع ڌاري شايع ٿيو. آخري ڪتاب ’سنڌي هنر شاعري‘ 1991ع ۾ شايع ٿيو.

جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون ته ڊاڪٽر سنديلو صاحب لوڪ ادب بابت مليل مواد کي سوڌي سنواري، تحقيق جي اصولن مطابق تيار ڪري پوءِ پيش ڪندو هو. جيئن ته لوڪ ادب روايتن جي آڌار  هلندو آهي، وقت پڄاڻان راوي ۽ سگهڙ پنهنجي طرفان پنهنجي سوچ سمجهه آهر ان ۾ گل ٻوٽا شامل ڪندا رهندا آهن، انڪري اصل مواد سان مُٺَ پڻ شامل ٿي ويندو آهي، جنهن جي تڪ تور ڪو سالڪ سُڄاڻ ئي ڪري سگهندو آهي. خاص طرح اهڙو عالم جيڪو لوڪ ادب جي تاڃي پيٽي، تاريخي پسمنظر، لوڪ روايتن ۽ خاص طور ٻوليءَ جي سڀاءَ ۽ سٽاءَ کان واقف هجي! عام اديب گس گُسي ويندو. جن اديبن کي ’بوبنا جراڙ‘، ’بديع الجمال‘، ’هوٿل پري‘، ’موکي متارا‘، ’لاکي ڦلاڻي‘ جي قصي جي ڪل ڪانه هوندي، سي ان بابت ڏور ۽ سينگار کي ڇا سمجهندا!

ان حوالي سان سنڌ جي هڪ سگهڙ واهه جو بيت چيو آهي ته:

جيئن ٿا چيندڙ چين، تيئن جي ڏيندڙ ڏين،

ته بيتن کي بيگو چوي ته هوند ڪڪر ڪين پين.

ان ڏس ۾ منهنجي خيالن جي تائيد ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو هن طرح ڪري رهيو آهي:

”مليل مواد جي پڙهڻيءَ کي پهرين درست صورت ڏيڻ لاءِ سنديلي صاحب وڏي ڪاوش ڪئي، مليل هر ادب پاري جي صحيح پڙهڻي کان پوءِ ٻيو مرحلو ان جي وصف ڪرڻ ۽ معنى مطلب سمجهائڻ جو هو. اهو پاڻ وڏي محنت ۽ محبت سان ڪيائون. مختلف صنفن جي ٻوليءَ کي پهرين پاڻ سمجهڻ ۽ پوءِ سمجهائڻ جو عزم ڪيائون.“ ]ڊاڪٽر سنديلو- هڪ مطالعو ص. 17[

اسان به ان راءِ جا آهيون ته لوڪ ادب بابت ڊاڪٽر سنديلي صاحب ’تحقيق‘  (Research)ڪئي آهي، باقي عالمن سهيڙڻ (Compilation) جو ڪم ڪيو آهي. هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي؟ ڪم پاڻ ٻڌائي ٿو. لوڪ ادب جو ڪو به ڪتاب کڻو، پوءِ دوئي دور ڪري، تحقيق جي اصولن کي سامهون رکي، پاڻ فيصلو ڪيو. اندر وارو قاضي، اوهان کي صحيح دڳ لائيندو.

سيڪريٽري سنڌي ادبي  بورڊ محبوب سروري ڊاڪٽر سنديلي صاحب جي ڪتاب ’ڪليات حسين ديدڙ‘ جي ٻئي ڇاپي ۾ ناشر واري نوٽ ۾ لکي ٿو ته:

”ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي صاحب سڄي زندگي علم ادب جي خدمت ۾ گذاري. هُو هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هُو لوڪ ادب جو وڏو ڄاڻو هو. لوڪ ادب سان کيس گهڻو چاهه هو. خاص طور سينگار واري شاعريءَ سان کين عشق هو. ڪيترائي سينگار جا بيت کيس ياد هوندا هئا. ڳالهين ڪندي سينگار جا سهڻا بيت ٻڌائي محفل ۾ رونق پيدا ڪندو هو. لوڪ ادب تي سڀ کان پهرين ’وينجهار‘ نالي ڪتاب لکيائين، پوءِ هن ئي موضوع تي تحقيقي مقالو لکي، ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين. ان کان علاوه. ”سنڌ جو سينگار“ ڪتاب لکيائين، جيڪو 1956ع ۾سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. ان کان پوءِ هن ئي فن سان تعلق رکندڙ ڪتاب ’ڏهس نامو (1969ع)‘ لکي پورو ڪيائين.“

محترم محبوب سروري جنهن تحقيقي مقالي جو ذڪر ڪيو آهي، اهو اصل ۾، سائين سنديلي صاحب جو پي.ايڇ ڊي مقالو آهي. جيڪو هن نالي واري عالم مولانا غلام مصطفى قاسمي جي نگرانيءَ هيٺ تيار ڪيو. مقالي جو عنوان آهي ”لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو“ جيڪو 1986ع ڌاري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران شايع ڪيو ويو. جيڪو 30 سالن جي وڏي وٿيءَ کان پوءِ بندي جي ڪوششن سان نئين سر، درستين سان’پيڪاڪ‘  جي اداري پاران شايع ڪيو ويو آهي.

ان تحقيقي ڪتاب ۾ هيٺان عنوان بحث هيٺ آندا ويا آهن:

·             لوڪ ادب جو سرسري جائزو.

·             پرولي،           ٻهڳڻن جا ٻول

·             هنر               دراهو

·             ست سري       سينگار

·             ڏهس             ڏور

·             جهيڙا يا مناظرا معجزا

·             ٽيهه اکريون     مولود

·             لولي             سهرا

·             ڪوڏاڻا           ٻيلڻ

·             ڇلڙا              مورو

·             جمالو            ڪهاڻيون

·             لوڪ ڪهاڻيون  آفيمي بادشاهه

·             ڪم آيل ڪتابن جي فهرست

·             سڄاڻ سگهڙن جي سٿ جو سماچار

انهن عنوانن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ان مستند ڪتاب ۾، لوڪ ادب جي سمورين صنفن تي وڏي ويچار ۽ مڪمل کوجنا کان پوءِ عام فهم ٻوليءَ  ۾ نهايت تفصيل سان لکيو ويو آهي. خاطري سان چئي سگهجي ٿو ته ان اهم ڪتاب ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن صدين جو اَملهه سرمايو محفوظ ڪيو ويو آهي. جيڪو اساسي ادب، سگهڙپائي، ٻولي، لغت ۽ لوڪ ادب جي شاگردن توڙي استادن لاءِ انمول تحفو آهي.

جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر صاحب پنهنجي هر ڪتاب ۾، هر صفحي هيٺان ٺيٺ سنڌي لفظن جون معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. بندي جي ڪوشش آهي، ته لوڪ ادب جي سڀني ڪتابن کي سامهون رکي، سنديلي صاحب جي پيش ڪيل اَنوکن ۽ ڏکين لفظن جي معنى بابت هڪ الڳ ’ٺيٺ سنڌي لفظن جي لغت‘ تيار ڪجي. انهن مان ڪافي لفظن آڳاٽن: سمن- ارغونن- مغلن- ڪلهوڙن- ٽالپرن جي دور وارين ٻولين سان تعلق رکن ٿا. قديم سنڌي ٻوليءَ جو اهو هڪ الڳ اڀياس ٿيندو ته گڏوگڏ اساسي ادب جو هڪ وڏو ذخيرو پڻ محفوظ ٿي ويندو.

اڄ جڏهن مان لسانيات ۽ لغات بابت ڪي مضمون ۽ مقالا لکڻ جهڙو ٿيو آهيان ته ان ۾ سائين سنديلي صاحب جو وڏو هٿ آهي، بلاشڪ هُو منهنجو استاد، رهنما ۽ مربي هو، سائين اڃا ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جو پرنسيپال هو (1976ع) ته منهنجو ساڻس تعلق جڙيو، جيڪو سندس مرڻ گهڙيءَ تائين رهيو ۽ اڃا به آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته ڏکين لفظن جي معنائن ۾ هُو منهنجي رهنمائي ڪندو آهي، يا وري اشارو ٿيندو آهي، ته فلاڻي لغت ڏس، فلاڻو ڪتاب ڀيٽ! بهرحال، مون تي ان ڳالهه جو اثر آهي ته بقول ڀٽائي: ’واٽ وندر جي وڻ پيا ڏسيندا‘ .... اهي اهڃاڻ ۽ اشارا آهن، جيڪي رهبر ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ڏيندا آهن. ڀلا وڻ ڪيئن نه واٽ ڏسيندا!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org