سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :9

پروفيسر مسڪين احمد منصور

 

 

 

 

ٽالسٽاءِ ۽ اسلام

هن مضمون جي لکجڻ جو سبب، مايه ناز افسانه نگار ۽ هڪ اهم ناول نگار حَسن منظر جا ٻه مضمون آهن-

- ”ٽالسٽاءِ“ ۽ ”ٽالسٽاءِ جو مذهب“، جيڪو هنديءَ تان ترجمو ڪيو ويو آهي، ۽ جيڪو اصل محمد اَنيس الرحمان جو لکيل آهي.

سياري جا شروعاتي ڏينهن هئا، نه گرم ۽ نه وڌيڪ ٿڌا. اهڙا ڏينهن وڻندڙ ٿيندا آهن. گرميءَ جي موسم واري ٿڪاوٽ دوُر ڪندا آهن، تازگي بخشيندا آهن، دل ۾ هڪ نئون ولولو پيدا ڪندا آهن، ڪجهه ڪرڻ جو ۽ ڪجهه چوڻ جو. اهڙي ئي هڪ ٿڌيرڙي، پر وڻندڙ شام هئي. اسان ٻئي ڄڻا سِگريءَ جي ڀرسان ويٺا هئاسين، پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گُم. سِگريءَ ۾ ٻرندڙ ڳاڙها ڪوئلا نه صرف گرمائش ڏيئي رهيا هئا، پر اُن سان گڏ من موهيندڙ روشني به خوب ڦهلائي رهيا هئا. پنهنجن پنهنجن خيالن مان نڪري اسان گفتگو جي شروعات ڪئي. آءٌ هميشه وانگر، حَسن منظر جي دلچسپ ڳالهين مان لُطف اندوز ٿي رهيو هوس. وڻندڙ ڳالهيون، ڏاهن ۽ سُٺن ماڻهن جون ڳالهيون، سُٺن ڪتابن جون ڳالهيون، سُٺين فلمن جون ڳالهيون ۽ سُٺي موسيقيءَ جون ڳالهيون. ڳالهين ڳالهين دوران دنيا جي عظيم ناول نگار ٽالسٽاءِ جو ذڪر اچي ويو، جنهن جي ناول ۾ اڄ به اُهائي تازگي آهي، جا هڪ سؤ سال اڳ هئي. ٽالسٽاءِ جي ذڪر سان منهنجي خوشي ٻيڻي ٿي ويئي، ڇو ته انهيءَ بي مثال ناول نگار کي آءٌ پنهنجي شاگرديءَ واري زماني کان ئي تمام گهڻو پسند ڪندو ٿو اچان ۽ وقت گذرڻ سان گڏ ساڻس محبت ۾ هميشه واڌارو ئي ٿيندو پئي رهيو آهي. ٽالسٽاءِ جا ڪتاب هر دؤر ۽ هرنسل لاءِ آهن. اُنهن جي تازگي، دلڪشي ۽ اهميت اڄ به جيئن جو تيئن برقرار ۽ قائم آهي. ڪيترن ئي پڙهندڙن هن جا ناول، هڪ کان وڌيڪ دفعا پڙهيا آهن. پنهنجي اُستاد محترم، ڊاڪٽر محمد احسن فاروقي صاحب، هُن جو ناول ”جنگ ۽ امن“ (War and  peace) ٽي دفعا پڙهيو هو. ٽالسٽاءِ زندگيءَ جو هڪ بهترين عڪاس آهي. سندس پُرڪشش انفراديت کيس ادب جي دنيا ۾ هڪ خصوصي ۽ قابل رشڪ دوام بخشي ڇڏيو آهي. سندس تحريرن ۾ خوبصورتي، سچائي ۽ توانائي آهي. ٽالسٽاءِ بلاشبه هڪ قابل فخر ادبي عظمت جو حامل آهي. ملٽن ڪهڙو نه چڱو چيو هو ته ”هڪ عظيم شخص ئي عظيم ادب تخليق ڪري سگهي ٿو.“

حَسن منظر چيو ته ”ٽالسٽاءِ جي باري ۾ ٻه مختصر مضمون آهن- ٻُڌايانءِ؟“

”ضرور“، مون وڏي شوق مان  کيس وراڻيو.

هُن آهستگيءَ سان من- موهيندڙ آواز ۾، پهرين هنديءَ مان ترجمي وارو مضمون ”ليئو ٽالسٽاءِ جو مذهب“ پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ اُن کان پوءِ پنهنجو ننڍو مضمون ”ٽالسٽاءِ“ پڙهيو.

هُن جي چهري تي ته پُرسڪون ڪيفيت ئي هئي، مگر منهنجيءَ دل ۾ هڪ هلچل مچي ويئي. سِگريءَ ۾ ڌڳندڙ ڪوئلن جي تِک تاءُ ۾ تيزي اچي ويئي. ذڪر ٽالسٽاءِ جي اسلام ۽ پيغمبر اسلام  سان محبت ۽ پڇاڙڪي عُمر ۾ قبول اِسلام جو هو. مون کي ائين محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ٽالسٽاءِ جو روح، هِتي، هن جاءِ تي آسپاس ڪٿي موجود آهي. جڏهن دل جي حضور ۽ تمام تر خلوص سان اِسلام جي پيغمبر جو ذڪر اچي، ته فطري طرح سان ماحول خودبخود پاڪيزه، جانفزا ۽ روح آفرين بنجيو پوي. منهنجا ڪَن حسن منظر جو آواز ٻُڌي رهيا هئا ۽ اکيون سندس روشن چهري کي پَسي رهيون هيون. مون وانگر ئي، سندس چهري مان به خوشي عيان ٿي رهي هئي. آءٌ پوري ڌيان سان کيس ٻُڌي رهيو هوس. دل جي ڌڪ ڌڪ ڪنهن مهل تيز، ته ڪنهن مهل ڌيمي. هڪ عجيب دلاويز ۽ پُرتجسس ڪيفيت پيدا ٿي چڪي هئي، جنهن کي پوريءَ طرح سان لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. اهڙي حيرت ۽ اهڙي خوشي! ان مضمون مان خبر پيئي ته عظيم ناول نگار ٽالسٽاءِ آخر عمر ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي سيرت طيبه ۽ قرآن مجيد فرقان حميد جي تعليمات کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪري ورتو هو ۽ وصيت ڪئي هئائين ته ”وفات کان پوءِ کيس هڪ مسلمان وانگر ئي دفن ڪيو وڃي.“

اچو ته اول ٽالسٽاءِ جي زندگيءَ تي هڪ سرسري نظر وجهون ۽ ان کان پوءِ اسلام ۽ پيغمبر اسلام ﷺ سان سندس محبت ۽ اسلام قبول ڪرڻ جي رُوداد

ٽالسٽاءِ 1828ع ۾، ماسڪو کان هڪ سؤ ميل پري پنهنجي خانداني جاگير ۾ هڪ معزز روسي خاندان ۾ ڄائو. هُو نڪولائي ٽالسٽاءِ ۽ نوابزادي ماريه جي پنجن ٻارن مان چوٿين نمبر تي هو. سندس ماءُ جو 1830ع ۾ ۽ پيءُ جو 1837ع ۾ انتقال ٿي ويو. ان طرح هُو ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ئي والدين جي شفقت واري ٿڌي هٿ کان محروم  ٿي ويو. سندس پرورش سندس پُڦين ڪئي. 13 سالن جي عُمر ۾ ئي هُن ڪازان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا لاءِ تياري شروع ڪئي. هُن  انگريزي، جرمن، فرينچ، لاطيني ۽ تُرڪيءَ سان گڏ عربي ٻوليءَ جو مطالعو به شروع ڪري ڏنو، ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ لاڳيتو محنتن سان اُنهن ٻولين جي خاطرخواه ڄاڻ حاصل ڪري ورتي.

۾ ٽالسٽاءِ، 16 سالن جي عُمر ۾ ڪازان يونيورسٽيءَ جي مشرقي ٻولين ۽ قانون جي شعبي ۾ داخلا ورتي. يونيورسٽيءَ جو روايتي تعليمي طريقو سندس ذهني مذاق تي پورو ڪونه لٿو، انڪري انهيءَ طريقه تعليم ۾ هُن جي لاءِ ڪا زياده ڪشش ڪانه رهي. يونيورسٽيءَ جو مجموعي ماحول به هُن لاءِ سازگار ڪونه هو. سندس استادن جي خيال ۾ ”کيس ڪجهه سکڻ جو ارادو ئي ڪونه ٿي لڳو.“ اهڙيءَ صورتحال ۾ هُو ڪيترو وقت اُتي رهي ۽ پڙهي ٿي سگهيو؟ آخر 1847ع ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ کان سواءِ ئي هُن يونيورسٽي ڇڏي ڏني ۽ واپس پنهنجي جاگير Yasnaya polyana موٽي آيو. اُن کان پوءِ هُن جو گهڻو وقت ماسڪو اورينٽ پيٽرسبرگ ۾ گذريو.

1851ع ۾ ٽالسٽاءِ پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏجي Causacasus ويو ۽ اُتي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. اُن زماني ۾ هُن لِکڻ شروع ڪيو. آتم ڪهاڻيءَ تي مشتمل هُن جا ٽي ناول شايع ٿيا. 1852ع ۾ "Childhood"، 1854ع ۾ "Boyhood" ۽ 1856ع ۾ "Youth". 1856ع ۾ هُن فوج مان رٽائرمينٽ ورتي ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾

رهڻ لڳو. هِتي سندس ملاقاتون اُن وقت جي اديبن ۽ نقادن سان ٿيڻ لڳيون. هُن مختلف موضوعن تي ڪهاڻيون لکيون ۽ ادبي حلقن ۾ پنهنجو نالو پيدا ڪيو. ليڪن، سُتت ئي، پنهنجن همعصر لکندڙن سان سندس اختلاف پيدا ٿي پيا. هُن جي خيال ۾ ”هڪ اديب کي عام ماڻهن کان فاصلي تي نه رهڻ کپي، اديب جو ڪم ماڻهن کي تعليم ڏيڻ ۽ اُنهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي.“ ٻيا لکندڙ سندس انهن خيالن سان متفق ڪونه هئا، جي پنهنجيءَ ئي دنيا ۾ مگن هئا. ٽالسٽاءِ بَددل ٿي پيو ۽ ادب جي دنيا کي خيرباد چئي، ڪنهن ٻئي ”فائديمند“ ڪم ڪرڻ جو سوچڻ لڳو.

ٽالسٽاءِ 1857ع ۾ ۽ بعد ۾ 61- 1860ع ۾ يورپ جا ٻه دؤرا ڪيا. 1857ع ۾ هُن پيرس ۾ سرعام ڦاسيءَ جو منظر ڏٺو، جيڪو بدنام زمانه ”گِلوٽين“ طرز جو هِڪ نهايت وحشيانه عمل هو. هُن جي اڳيان اهو هڪ انتهائي دلخراش ۽ روح فرسا تجربو هو. هُن پنهنجي دوست واسيلي بوٽڪِن کي هڪ خط ۾ لکيو ته ”رياست هڪ سازش آهي، جا نه صرف پنهنجن شهرين جو استحصال ڪندي آهي، پر اُن سان گڏ کين بدديانت به بنائي ٿي. هاڻي مان ڪڏهن به ڪِٿي سرڪاري نوڪري نه ڪندس.“

يورپ جو پويون دؤرو ٽالسٽاءِ لاءِ نهايت اهم هو. ڪيترن ئي اديبن ۽ لکندڙن سان سندس ملاقاتون ٿيون ۽ اُنهن سان خيالن جي ڏي وٺ دوران، سندس ادبي نظرين کي جِلا ملي. اُنهيءَ دؤري دوران خاص طرح سان وڪٽر هيوگو سان سندس ملاقات سندس ادبي ۽ سياسي نظرين کي هڪ واضح ۽ جامع شڪل ڏني ۽ هُن پنهنجي ادبي افڪار ۽ خيالات لاءِ هڪ رستو طئه ڪري ورتو.

ٽالسٽاءِ هڪ ”عملي“ انسان هو. هُو نظرياتي طور سوچڻ سان گڏ، پنهنجن اُنهن ويچارن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ به ڪوشش ڪندو هو. يورپ مان موٽي اچڻ کان پوءِ هُن پنهنجي پاڻ کي جاگير جي نظرداري ۽ اُتي ڪم ڪندڙ ڪُڙمين جي زندگي بهتر بنائڻ لاءِ مصروف رکيو. هُن اُتي هارين جي ٻارن جي لاءِ تيرنهن اسڪول قائم ڪيا ۽ پنهنجن ئي تعليمي اصولن مطابق اُنهن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جي شروعات ڪيائين. تعليم جي اهميت تي ڪتاب لکيائين، ٻارن لاءِ نصابي ڪتاب لکي تيار ڪيائين ۽ هڪ مخزن به شايع ڪيائين. ليڪن، سندس انهيءَ تعليمي خدمت واري تجربي جو مُدو پورو سارو هليو. ”زار“ جي خفيه پوليس کيس ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪيون. بالآخر پوليس جي دٻاءُ ۾ واڌ جي نتيجي ۾ کيس اهو تعليمي سلسلو بند ڪرڻو پيو.

ٽالسٽاءِ جو شاهڪار ناول ”جنگ ۽ امن“ 1869ع ۾ شايع ٿيو. هڪ وڌيڪ شاندار ناول ”اَينا ڪرينينا“ 1877ع ۾ پڌرو ٿيو، جو هُن جو پسنديده ناول هو. سَتر جي ڏهاڪي ۾ هُو هڪ جذباتي پيڙا مان گذريو ۽ ايتريقدر مايوس ٿي ويو، جو هڪ مرحلي تي آپگهات لاءِ به سوچيائين! انتهائي مايوسيءَ واري اذيت ناڪ ڪيفيت مان بالآخر نڪري هُن ”مذهب“ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو. 1882ع ۾ شايع ٿيل "Confession"، مذهب جي موضوع تي سندس ٽن ڪتابن جو تفصيلي تعارف آهي، جي 1880ع کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان لکيا ويا هئا. اُن کان پوءِ باقي حياتي هُن مذهب کي سمجهڻ ۽ اُن جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ سندس ڪجهه اهم ڪتاب هنريت پڌرا ٿيا.

  1. . What then should we do(1886ع

  2. . kroutzer sonata 1891ع

  3. kingdom of God is Within you  1893ع

  4. what is art?  1898ع

  5. . Resurrection 1899ع

آرٽ جي باري ۾ هُن لکيو ته

"One thing that is necessary in life as in art, is to tell the truth."

ٽالسٽاءِ هڪ پهلودار انسان هو. هُو اديب، اُستاد، ماهر تعليم، فلاسافر، سماجي نقاد، ڪُڙمي ۽ سپاهي هو. تُرگنيف، کيس ”سرزمين روس جو سڀني کان وڏو اهل قلم“ قرار ڏنو آهي. دنيا جي مختلف معروف ٻولين ۾ سندس ادبي جواهرپارن جا ترجما شايع ٿي پنهنجي ادبي عظمت مڃائي چڪا آهن. اردوءَ ۾ ته سندس تقريباً سمورا ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ سندس معروف ڪتاب ”نيٺ ڇا ڪجي“، مشهور اديب نورُالدين سَرڪيءَ جي دلچسپ ترجمي سان سنڌي ادبي بورڊ 1958ع ۾ شايع ڪيو.

ٽالسٽاءِ جي زندگيءَ کي اسان ٽن مختلف حصن ۾ ورڇي سگهون ٿا. ادب جو شروعاتي دؤر (63- 1851ع)، شاهڪار ناولن جو دؤر (78- 1863ع)
(1910- 1878ع) ۽ پنهنجن مذهبي نظرين جي تبليغ جو دؤر. هُو هڪ دور رس نگاهه ۽ ذهن رسا جو مالڪ انسان هو. سندس غيرمعمولي ذهانت ۽ منفرد فهم وفراست، ايندڙ وقت جي خدوخال کي دُرست اندازن ۾ وٺي رهي هئي. اُن وقت جي روسي معاشري ۾ سندس حڪمت آفرين ويچار، ڪنهن کي پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه اچي رهيا هئا.
اهوئي سبب آهي جو سندس معاشرتي، اخلاقي ۽ مذهبي نظرين ۽ ويچارن کي خاطرخواه پذيرائي ڪانه ملي سگهي. هُو اُن وقت روس ۾ مُروج روزمره جي سمورن روايتي سماجي قدرن کان مڪمل ”باغي“ هو. هُن پنهنجي ڊگهي طوفاني زندگيءَ ۾ ”دستوري چرچ“، حڪومت، ادبي روايتن ۽ خود پنهنجي خاندان سان بغاوت ڪئي ۽ عقلي بنيادن تي مشتمل پنهنجي جديد ترين صحتمند ۽ تعميري، مثبت ۽ معقول موقف تي پوري اعتماد ۽ ذميواريءَ سان ڄَميو رهيو. اهوئي سبب آهي جو ”ثابت قدمي“ سندس سُڃاڻپ بنجي ويئي.

ارڙهن سالن جي عُمر ۾ ئي ٽالسٽاءِ پنهنجي عملي زندگيءَ لاءِ هيٺيان ڏهه رهنما اُصول متعين ڪيا.

  1. صبح سوير اُٿجي (5 بجه.)

  2. رات جو سوير سُمهجي (9 ۽ 10 جي وچ ۾.)

  3. گهٽ کائجي (۽ مِٺاڻ کان پرهيز).

  4. هر ڪم پنهنجن ئي هٿن سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي

  5. پنهنجي سموري زندگيءَ کي بامقصد ۽ معنيٰ آفرين بنائجي

  6. عورتن کان پري رهجي

  7. خواهشن کي عملي ڪم سان ختم ڪجي.

  8. سُٺو ٿجي، جنهن جي ڪنهن کي خبر به نه پوي (تشيهر کان پرهيز)

  9. معيار زندگي، پنهنجي اصل حيثيت کان گهٽ قائم ڪجي.

  10. پنهنجي زندگيءَ جو معيار نه بدلائجي، ڀَل ڏهه دفعا وڌيڪ امير ٿي وڃجي.

ننڍپڻ ۾ ٽالسٽاءِ جي شروعاتي تعليم ”راسخ العقيده ديول“ (Orthodox Church) جي دستوري روايتن مطابق ٿي، پر عملي طرح هُو ”ڪَٽر عيسائي“ بنجي ڪونه سگهيو. ارڙهن سالن جي عُمر ۾ پهچندي، هُو هر اُنهيءَ مذهبي ڳالهه يا نقطي کي شڪ جي نظرن سان ڏسڻ لڳو، جيڪا هڪ ”راسخ العقيده عيسائيءَ“ جي حيثيت سان کيس سيکاري يا ٻُڌائي ويئي هئي. شڪ شُبهن جي انهن ويچارن کيس اُن وقت ”مروج چرچ“ جي مڪتبِ فڪر کان پري ڪري ڇڏيو. راسخ (Orthodox) چرچ جي مذهبي عقيدن کان هُن جي دل کي ڪڏهن به ڪو اطمينان حاصل ڪونه ٿيو ۽ نتيجي ۾ همعصر سماج ۾ ”متزلل ايمان“ وارو ٽالسٽاءِ پنهنجي مروج مذهبي گس کان هٽي ويو. دراصل سندس سوچ اُن وقت جي عيسائي معاشري کان الڳ ٿلڳ ٿي چڪي هئي. ان طرح جيڪي ڳالهيون کيس ناپسند هيون، تن جو هُو کُليءَ طرح اظهار ڪرڻ لڳو. هُو پنهنجي دؤر جي روايتي
”اشرافيه“ جي حصي بنجڻ تي آماده ڪونه هو. هڪ هنڌ هُن لکيو:

”جڏهن مون پنهنجي دل جي اُونهاين ۾ لِڪل ڳالهه ۽ اخلاقي طور تي ’سُٺي‘ بنجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، تڏهن مون کي حقارت ۽ نفرت سان مُنهن مقابل ٿيڻو پيو. وري جڏهن مون ڪِن ڪِريل خيالن ۽ خواهشن کي بيان ڪيو تڏهن منهنجي تعريف ۽ همت افزائي ٿيڻ لڳي!“

هُو اڪثر اهو نقطو بيان ڪندو هو ته: ”هرڪو فقط دنيا کي بدلائڻ جي سوچ رکي ٿو، پر عملي طرح سان پاڻ کي بدلائڻ لاءِ ڪو قدم ڪونه ٿو کڻي.“

ٽالسٽاءِ، اسلام جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو "Hidden Book" جي نالي سان معروف آهي، ليڪن اِهو ڪتاب اڄ تائين دنيا جي اڳيان پڌرو ٿي ڪونه سگهيو آهي.

هُن پيغمبر اسلام جي باري ۾ به هڪ ڪتاب لکيو. اُن مختصر ڪتاب ۾ هُن ٻڌايو ته اسلام دنيا ۾ ڪيئن ڦهليو؟ هُن واضح ڪيو ته مسلمان، ٻين عربن کان ممتاز هئا. منسڪرالمزاجي، رياضت، ڪردار جي پاڪيزگي، انساني همدردي ۽ ڪم سان چاهه مسلمانن جون نمايان وصفون هيون. هُو پنهنجن ضرورتمند ڀائرن جي کُليل دل سان مدد ڪندا هئا. هڪٻئي جو گهڻو خيال رکندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اُنهن جي چئني طرفن کان جيڪي ماڻهو هئا، سي مسلمانن جي عزت ڪرڻ لڳا ۽ ان طرح اُنهن جي تعداد ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ڪونه آهي ته پيغمبر اسلام محمد دنيا جي عظيم مُصلحين Reformers مان هڪ نهايت ئي ممتاز مُصلح هو. هُن هڪ متوازن سماجي ڍانچي جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ هڪ پوري قوم کي سچائيءَ ۽ روشن خياليءَ طرف مائل ڪيو. هُو پنهنجيءَ قوم کي خونريزيءَ کان هٽائي ۽ بچائي اَمن جي گس تي وٺي آيو. هُن شرم وحيا ۽ نيڪيءَ جي رستي تي هلڻ ۽ ميانه رويءَ کي ترجيح ڏني. رت وَهائڻ کان منع ڪئي. مسلمانن لاءِ تهذيب ۽ ترقيءَ جا دروازا کوليا. اِهي اهڙا ڪارناما هئا، جيڪي فقط هڪ نهايت ئي ”مضبوط ڪردار“ وارو شخص ئي انجام ڏيئي ٿي سگهيو، ۽ اهڙي واجب الاحترام هستي ئي هر طرح جي تعظيم، تڪريم ۽ تعريف جي لائق آهي.

ٽالسٽاءِ جي لفظن ۾ ”محمد ، عيسائيت کان بُلند آهن. پاڻ انسان کي خدا جو درجو ڪونه ٿا ڏين. پنهنجي پاڻ کي به ڪنهن ديوتا جي رُوپ ۾ پيش ڪونه ٿا ڪن. مسلمان، الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪونه ٿا ڪن ۽ محمد رسول الله ﷺ اُن جا رسول آهن. اِن ۾ ڪنهن به راز جي ڳالهه ڪانه آهي ۽ نه وري اِها ڪا پُراسرار ڳالهه آهي.“

ٽالسٽاءِ جي ذاتي معالج D.P.Makovitski هڪ ڀيري، کيس ائين چوندي ٻُڌو:

”اِها حقيقت منهنجي مٿان پوريءَ طرح واضح آهي، ته اسلام بهتر ۽ بُلند آهي.“

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي، ته ڪجهه لمحن جي خاموشيءَ کان پوءِ وري چيائين:

”اگر اسان اسلام ۽ عيسائيت جي وچ ۾ ڀيٽ ڪريون ته اسلام ئي بُلند تر آهي.“

هڪ ٻئي موقعي تي ٽالسٽاءِ چيو هو:

"Please, regard me as a Muhammadan."

۽ پوءِ زور ڏيئي واضح ڪيائين:

"I confess that it is hard for me...... and therefore, please regard me as a kind of muhammadan,  and all  will be fine."

ٽالسٽاءِ پنهنجن عقيدن جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چوندو رهيو، اُن جي نتيجي ۾ 1901ع ۾ روس جي ”ڪليسا“ کيس پنهنجي مذهب مان
”خارج“ ڪري ڇڏيو. جڏهن هُو پنهنجي زندگيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾، موت جي بستري تي صاحب فراش هو، تڏهن هڪ پادري فقط اهو ڏسڻ جي لاءِ وٽس لنگهي آيو، ته ”ڏسان، ته جيڪي ڪجهه هُو اڳي چوندو رهيو هو، اُهو نقطه نظر هاڻي واپس وٺڻ لاءِ آماده آهي يا نه؟“ ٽالسٽاءِ پادريءَ جي اچڻ جو مقصد ڀانپي ويو ۽ پنهنجي پُٽ کي چيائين: ”آخر اِهي ماڻهو ڪڏهن سِکندا ۽ سُڌرندا، ته موت جي اڳيان به ٻَه ۽ ٻَه، پنجن جي برابر ڪونه ٿيندا آهن.“

ٽالسٽاءِ جي زندگيءَ جي انهيءَ مختصر احوال مان اها ڳالهه چِٽي ٿي وڃي ٿي ته هُن کي اجائي ڏيک - ويک، ٺاهه- ٺُوهه ۽ بناوٽ (تصنع) کان سخت نفرت هئي. هُن نهايت ساده ۽ نِج زندگي گذاري. هُو هر قسم جي تڪلف کان ڪوهين ڏورُ رهيو. کيس فقط ”انسانيت“ سان اٿاهه دلچسپي هئي. پنهنجي مخصوص انفرادي سوچ تي آخر تائين پُختگيءَ سان  ڪاربند رهندي سچائيءَ جي ڳولا ۾ فڪري رستي تي مسلسل پانڌيئڙو رهيو. سچائيءَ جي حاصلات لاءِ اها بيقرار ڳولا ئي هئي، جا هُن کي بالاخر ”اسلام“ وٽ وٺي آئي. هڪ مثالي اخلاقي رويي جي ڳولا ۾ هُن اسلام جي پيغمبر صلعم جي حيات طيبه جو مطالعو شروع ڪيو ۽ سيرتِ حُسنه کان خوب متاثر ٿيو. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، ويچارن ۾ واڌاري سان، پيغمبر اسلام ﷺ سان سندس محبت ۽ عقيدت ۾ اضافو ٿيندو ويو. هُن قرآن شريف جي مطالع جي به سعادت حاصل ڪئي ۽ الله جي ڪلام کان متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي ڪونه سگهيو. ان طرح قرآن شريف، پيغمبر اسلام ﷺ جي مُبارڪ زندگيءَ جي روح پرور احوال ۽ متبرڪ حديثن جي حقيقت کيس اسلام طرف مائل ڪيو ۽ بالاخر هڪ اهل دِل ۽ روشن ضمير انسان جي
بي چين دل ودماغ کي ڪامل قرار نصيب ٿيو.

آذربائيجان جي پروفيسر ڊاڪٽر Telman khurshido Allyeve جي تحقيق (2005ع) مطابق مسز پوروخووا (Mrs: Porokhova) پهرين ڀيرو روسي. ميڊيا کي ٻڌايو ته ”ٽالسٽاءِ اسلام کي قبول ڪيو هو ۽ وصيت ڪئي هئائين ته سندس تدفين اسلامي طريقي موجب ڪئي وڃي.“ سوويت حڪومت هڪ وڏي عرصي تائين اِنهيءَ حقيقت کي لِڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، جو ان کي خدشو هو ته ان راز جي واشگاف ٿيڻ سان ٽالسٽاءِ جي مداحن مان وڏو تعداد اسلام جي طرف مائل ٿي سگهي ٿو. مسز پوروخووا وڏيءَ جرات سان اُهو دستاويز ڇپائي پڌرو ڪري عام آڏو آندو. سندس دريافت ۽ اظهار مطابق ٽالسٽاءِ جي تدفين اسلامي طريقي مطابق ڪئي ويئي هئي. ان نقطي جو هڪ واضح ثبوت، ٽالسٽاءِ جي قبر تي عيسائين جي مخصوص نشان ”صليب“ جي عدم موجودگي آهي.

هيءَ مسز پوروخووا ڪير آهي؟

هُن جو پورو نالو Mrs: Iman Valeriya Porokhova آهي. هُن ماسڪو لنگئسٽڪ يونيورسٽيءَ مان گرئجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ماسڪو انجنيئرنگ فزيڪل انسٽيٽوٽ ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو. انهيءَ دوران ئي هُن فلسفي ۾ ڊپلوما ڪري ورتو. 1975ع ۾ هُن شام جي هڪ شهري محمد سعيد الرشد سان شادي ڪئي، جو شريعت فئڪلٽي دمشق جوگرئجوئيٽ هو. 1985ع ۾ هوءَ دمشق آئي ۽ اسلام قبول ڪيائين. هُن دينيات جي ماهر ڊاڪٽر زخيلي جي رهبريءَ هيٺ روسي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو 1991ع ۾ مڪمل ڪري ريسرچ اڪيڊمي جامعه الازهر مصر (قاهره) ۾ پيش ڪيو. 1997ع ۾ هُن کي اقوام متحده سان ملحق اِيوروشين اِنفرميٽائيزيشن اڪيڊمي بورڊ تي ميمبر طور چونڊيو ويو. 2002ع ۾ هُن کي ”آرڊر آف ميرٽ فار ڪنٽري“ جهڙي اعليٰ اعزاز سان نوازيو ويو. اڄ ڪلهه هوءَ قاهره ۾ پنهنجن ٻن پُٽن ۽ هڪ پوٽي سان گڏ رهي ٿي.

1880ع کان پوءِ ٽالسٽاءِ پنهنجي پاڻ کي فلسفيانه، اخلاقي ۽ روحاني موضوعن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ هُن ڪيئي فڪري مضمون به لکيا. هُو صحيح معنيٰ ۾ ديدهء بينا جو صاحب هو ۽ منفرد بَصارتن جو مالڪ. غور ۽ فڪر ڪرڻ سندس سرشت ۾ سمايل هو. هڪ هنڌ هُن لکيو: ”خدا جي واسطي، جهَٽ پَلڪ لاءِ رُڪجي وڃو، پنهنجو ڪم ڇڏي ڏيو..... ۽ پنهنجي چئني طرفن ڏانهن هڪ نگاهه وجهو.....!“

ٽالسٽاءِ وٽ زندگيءَ سان محبت، خدا سان محبت جي برابر آهي. سندس لفظ آهن، ته ”اگر انسان کي مذهبي زندگي بسر ڪرڻ جي خواهش آهي، ته سندس پهريون فرض اهو ٿيندو ته هُو جانورن کي به تڪليف ڏيڻ کان پرهيز ڪري.... زندگيءَ جو واحد مقصد انسانيت جي خدمت آهي.“

1908ع ۾ لنڊن مان شايع ٿيل عبدالله سُهرورديءَ جي ڪتاب "Sayings of Prophet  Muhammad [P.B.U.H]جو ٽالسٽاءِ غور سان مطالع ڪيو هو ۽ اُن جي تحقيق کان گهڻو متاثر ٿيو هو. اُن کان پوءِ هُن 64 حديثن تي مشتمل هڪ ڪتاب لکيو، جن مان چند حديثن جا عنوان هنريت آهن:

  1. صفائي اڌ ايمان جي نشاني آهي

  2. مهربانيءَ جو لفظ خيرات آهي

  3. سچ ڳالهايو، توڙي جو اُهو ڪَڙو ئي ڇو نه هجي

  4. ماڻهن تي رحم ڪريو، خدا اوهان تي رحم فرمائيندو

  5. ٻين لاءِ به اُهو ئي تجويز ڪريو، جيڪو اوهان پاڻ لاءِ چاهيو ٿا.

  6. ٻين جي خامين ڳولڻ کان پرهيز ڪريو.

  7. مومن اُهو ناهي جيڪو پاڻ ته پيٽ ڀري کائي، پر سندس پاڙيسري بکيو سمهي.

27- - ڊسمبر 1910ع تي ٽالسٽاءِ جي هڪ گهاٽي دوست ولاديمير چيرٽڪوف (Vladimir Chertkov) سندس آخري ڏينهن واريون ڪجهه ڳالهيون ٻُڌايون آهن. 17- آڪٽوبر تي موت کان ٽي هفتا پهرين ٽالسٽاءِ چيو هو:

”منهنجو جسم اڄ ڪمزوري محسوس ڪري رهيو آهي، ليڪن آءٌ اندر کان بلڪل تندرست آهيان. موت جي واديءَ ۾ به ٻَه ۽ ٻَه، ڇَهه ڪونه ٿيندا!“

وفات کان چوويهه کن ڪلاڪ اڳ ٽالسٽاءِ جيڪي ڪجهه چيو، تنهن مان ڪجهه هن طرح هو:

”سُٺو.... هي تمام سُٺو آهي....

”هر شيءِ ساده ۽ سُٺي آهي....

”سُٺي...... ها، ها، تمام سُٺي....

”ليڪن ڪُڙمي...... اِهي هاري ڪيئن مَرندا آهن؟“

منهنجي دوست حَسن منظر، جنهن موضوع طرف ڌيان ڇڪايو آهي، اُن تي وڌيڪ علمي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طرح سان ٽالسٽاءِ جي ڪتاب "Hidden Book" کي منظرعام تي آڻڻ جي وڏي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com