شبنم گل
امان
رات هوريان گذري رهي آهي خاموشي ۽ رازداريءَ سان.
خاموشيءَ ۾ ڪا اڻچيل اداسي آهي، جيڪا لمحن جي خالي
پڻي ۾ محسوس ٿئي. نرجس ٿڌو ساهه ڀري پنهنجي ڀرسان
کٽ تي ستل پرهه ڏانهن نهاريو. پرهه عمر جي لحاظ
کان ارڙهن سالن جي هوندي به اٺن سالن جي لڳي ٿي،
ذهني وجسماني واڌ ويجهه نه ٿيڻ ڪري هوءَ پنهنجي
اصلي عمر کان پوئتي رهجي وئي آهي. هوءَ ٽنگن ۾ سَت
نه هئڻ سبب هلڻ کان قاصر آهي. چهري تي اڻڄاڻائيءَ
جو هڪ عجيب تاثر ڦهليل اٿس. هوءَ نه ماءُ کي سڃاڻي
سگهي ٿي نه ماحول کي سمجهي سگهي ٿي. نرجس کيس گهڻن
ئي ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو آهي، پر سندس حالت ۾ ڪا
بهتري نه آئي آهي.
پرهه هڪ اڻ چاهيل ٻار آهي.
نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾ جذب ٿيندا رهيا.
نرجس کي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن هوءَ الٽراسائونڊ
ڪرائڻ وئي هئي. سندس مڙس بار بار ڊاڪٽر کان ٻار جي
جنس معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ڌيءَ جي خبر
پوڻ تي نياز جو منهن لهي ويو. نرجس پنهنجي وجود ۾
خوف کي لهندي محسوس ڪري ٿي....
گهر موٽيا ته ڳوٺان آيل ساهرن جو رويو به بدلجي
ويو. سڀ ڀاتي ائين خاموش هئا ڄڻ ڪو مرتيو ٿيو هجي.
ڪجهه ڏينهن جي خاموشيءَ کان پوءِ نياز کيس چوي ٿو.
”مون کي ڌيءَ نه گهرجي“.
نياز اهو ته قدرت جو فيصلو آهي. ان ۾ ڀَلا منهنجو
ڪهڙو ڏوهه!“
هوءَ روئڻهارڪي ٿي وئي
”منهنجو خيال آهي ته ٻار جو اَبارشن ڪرائي ڇڏ“ اهو
ٻڌي نرجس کي محسوس ٿئي ٿو ته هوءَ گهري کاهيءَ ۾
ڪري رهي هجي.
”نه مان اهو ڏوهه جو ڪم نه ڪندس.“
انڪار کان پوءِ مسلسل روين جو زهر پيئندي رهي ٿي.
ان ئي اُڻ تُڻ ۾ ٻار وقت کان اڳ پيدا ٿئي ٿو. ڪجهه
عرصي ۾ محسوس ڪري وٺي ٿي ته ٻار ايب نارمل آهي.
مڙس ۽ ساهرن جا رَويا ڏينهون ڏينهن ڏکوئيندڙ ٿيندا
ويا. هوءَ به اڪيلي سر ٻار جو علاج ڪرائيندي رهي
هئي. پرهه جڏهن ٻن سالن جي ٿي ته هڪ ڏينهن نياز
چيو: ”پرهه کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏ. اهڙي
معذور ٻار جو علاج ڪير ڪرائيندو!“
اهو ٻڌي نرجس ڏک وڃان پنڊپهڻ ٿي وئي، ڄڻ هوءَ
احساس کان وانجهيل پٿر جي مورتي هجي. حيرت مان
نياز جي چهري کي تڪيندي رهي سوچيندي رهي ته هن
ظالم شخص جي نقشن ۾ ڪٿي به انسانيت جا آثار نه ٿا
نظر اچن.
”ڇو ڇا مون ڪا غلط ڳالهه ڪئي آهي ڇا؟“ نياز کيس
نفرت مان گُهوري چوي ٿو.
”خدا جي واسطي خاموش ٿي وڃ، مان ان کان وڌيڪ ڪجهه
به نه ٿي ٻڌي سگهان“ نرجس اذيت وچان رڙ ڪندي چيو.
نرجس کي تکو ۽ تيز ڳالهائيندو ڏسي نياز ڪاوڙ ۾
ڀڻڪندو ڪمري مان ٻاهر هليو ويو. هن جي دل مان
انسانيت تان اعتبار کڄي ويو. ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي زال
مڙسن جا اختلاف وڌي وڃڻ ڪري نوبت طلاق تائين پهچي
وئي. نرجس جي گهر وارن پڻ هن سان رابطو ڪٽي ڇڏيو،
پر نرجس جي دل مطمئن هئي. پرهه جو چهرو ڏسي سيراب
ٿي پوندي هئي. سمورا ڏک وساري ويهندي هئي. توڙي جو
ڏوهه نياز جو هو. ساهرن جا رويا الڳ ڏکوئيندڙ هئا،
پر سمورن الزامن جي زد ۾ نرجس جو بي گناهه وجود
اچي ويو. انهن ڏکن ۽ احساس محرومين جي اکٻوٽ ۾
اَرڙهن سال گذري ويا. ڪاليج ۾ نوڪري ڪرڻ کان پوءِ
هوءَ سرڪاري رهائش گاهه ۾ رهڻ لڳي. پرهه کي صبح جو
ڪم واريءَ وٽ ڇڏي مطمئن ٿي ڪاليج هلي وڃي ٿي.
ڪاليج ۾ هن جو وقت سٺو گذري ٿو.
هڪ ڏينهن صبح جو ڪاليج ۾ پريشان هئي. ”ڇو خير ته
آهي؟ اڄ پريشان ٿي ڏسجين!“
رضوانه، هن جي ڀرسان ويهندي چيو ته هن جي وڏين ۽
خالي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
”پرهه لاءِ پريشان آهيان“
”تون پريشان نه ٿي. ڏسجانءِ هڪ ڏينهن پرهه بلڪل
ٺيڪ ٿي ويندي. هيءُ پرهه لاءِ ڪجهه تصويرون آنديون
اَٿم“ رضوانه، تصويرون نرجس ڏانهن وڌائيندي چيو.
تصويرن ۾ فطرت جا مختلف منظر آهن. سج، چنڊ، ستارا،
بادل ۽ دريا.....
نرجس جي دل ۾ درد جون لهرون ڇلڻ لڳيون ”پرهه ڪڏهن
اهي منظر ڏٺا ئي ناهن. ارڙهن سالن کان هڪ ڪمري ۾
قيد آهي“
”ٻاهر وٺي وڃينس جيئن ماحول کي سمجهي سگهي.“
رضوانه جو مضمون سائيڪولوجي هئڻ ڪري هوءَ نرجس کي
اڪثر سٺيون صلاحون ڏيندي آهي.
”اڳي پرهه کي اڪثر ڀينرن يا ڀائرن جي گهر وٺي
ويندي هيس ته سندن منهن لهي ويندا هئا. هڪ ڏينهن
ڀيڻ چئي ڏنو ته پرهه کي نه آڻيندي ڪر منهنجي ٻارن
کي مونجهه ٿئي ٿي.“
نرجس اکين ۾ آيل لڙڪ واپس ڌڪيندي چيو. رضوانه هن
جي سٺي سهيلي آهي جنهن سان دل جو حال اوري هوءَ
پاڻ کي بهتر محسوس ڪندي آهي.
جيئن ڪارا ڪڪر هوائن جي آڌار تي پري هليا وڃن ۽
هرطرف سج جا ڪرڻا جرڪي پون.
نرجس گهر موٽي ته هن کي ڏسي معمول مطابق پرهه جي
چهري تي ڪو به تاثر نه ٿو اُڀري. دل ۾ سور جي سٽ
اُڀرندي محسوس ڪري ٿي. هڪ ويڳاڻو احساس هن جي اکين
مان صاف نظر اچي ٿو. نرجس، پرهه جا وار سنواري
حسرت سان چيو ”تون اَلاءِ ڪڏهن مون کي اَمان
چوندينءَ.“
”بيگم صاحبه اڄ پرهه ڪجهه به ناهي کاڌو. ڏاڍا وس
ڪيا اٿم“
ڪم واريءَ بي وسيءَ مان چيو. ”اڇا!“ هن جي تشويش
وڌي وڃي ٿي.
”فاطمہ، تون ماني کڻي اچ مان پرهه کي کارايان ٿي ۽
پوءِ پرهه کي ماني پنهنجي هٿن سان کارائڻ لڳي.
شام جو ڪمن ڪارين مان فارغ ٿي تصويرون کڻي هوءَ
پرهه جي ڀرسان اچي ويهي ٿي. هڪ تصوير کڻي پرهه کي
ڏيکاري ٿي، جنهن ۾ سرسبز ٻنين جي پس منظر مان روشن
سج اُڀري رهيو آهي، سج تي هٿ رکي چوي ٿي. ”پرهه!
هي سج اٿئي. سج روشني ورهائيندو آهي، پر پرهه جو
چهرو ڪنهن به تاثر کان خالي محسوس ٿئي ٿو. سج وجود
رکي ٿو پرهه لاءِ بي اهم آهي. اونداهي يا روشني
ٻئي هن لاءِ بي معنيٰ آهن.
نرجس جي دل وڍجي وڃي ٿي ان اوپري نظر تي....
پرهه هڪ ڀيرو مون کي اَمان چئه..... سالن کان اهو
لفظ ٻڌڻ لاءِ سِڪي رهي آهيان. خالقِ ڪائنات کي
ٻاڏائي ٿڪي آهيان...... پر پرهه اکيون ٻوٽي ڇڏي
ٿي. ان هڪ لمحي ۾ نرجس ڄڻ ته پنهنجي وجود ۾ اوپري
ٿي وئي هجي.
پرهه! يقين اٿم ته تون ضرور هڪ ڏينهن ٻئي ٻانهون
ڦهلائي امان چئي اَچي منهنجي وجود ۾
لڪندينءَ...... فقط ان ڏينهن جي آس ۾ جي رهي
آهيان... پرهه سان ڳالهائيندي روئيندي رهي ٿي.
پرهه کي سمجهه هجي ها ته ڳالهائيندي ڪيڏي نه پياري
لڳي ها. پوءِ هن گهر ۾ اُداسيءَ بدران مرڪون هجن
ها....
نرجس جي اکين جي روشني ۾ اميد جا ڪرڻا ٻرڻ ۽
اُجهامڻ لڳا. دريءَ مان ماڪ ڀنل ننڍاکڙو جهوٽو
اندر آيو ۽ ڪمري ۾ هرطرف تازگي وکري وئي. نرجس به
درد جي ٻانهن مان نڪري ننڊ جي سڪون ۾ سمائجي وئي.
نرجس کي هڪ نئين ڊاڪٽر جو ڏس مليو ته پرهه کي ان
ڏانهن وٺي آئي.
ڊاڪٽر مختلف سوال ڪندو رهيو.
”توهان، زال مڙس پاڻ ۾ مائٽ آهيو؟“
”جي منهنجو مڙس منهنجو سؤٽ هو.“
”خاندان ۾ شادين ٿيڻ جي صورت ۾ ايب نارمل ٻار پيدا
ٿين ٿا. جيڪڏهن خاندان ۾ شادي ڪجي به ته ڇوڪرو ۽
ڇوڪري ٻنهي جي رت جا ٽيسٽ ٿيڻ گهرجن.“
”ڇا ان سان ايب نارمل ٻار نه پيدا ٿيندا“ نرجس
حيران ٿي چيو، ڇو ته هن لاءِ اهو موضوع نئون هو.
جيڪڏهن ٻئي مائنر ٿيليسميا جو شڪار آهن ته ٻار
ميجر ٿيليسميا جو شڪار ٿي ويندا. انڪري ماڻهن ۾
شعور پيدا ڪجي ته هو خاندان ۾ شادي ڪرڻ کان پاسو
ڪن.“
اها ڳالهه ٻڌي هوءَ گهري سوچ ۾ ٻڏي وئي. ڊاڪٽر
رپورٽس ڏسندو رهيو. هن پرهه جو چيڪ اَپ ڪيو. نسخي
تي دوائون لکي پرچو نرجس ڏانهن وڌائيندي چيو:
”فزيوٿيراپي پابندي سان ٿيندي. هيءَ دوا هڪ مهيني
تائين ڏيندا رهو. اميد ته سندس حالت ۾ بهتري
ايندي.“
ڊاڪٽر جي لفظن جو يقين کڻي هوءَ پُرسڪون ٿي گهر
موٽي.
ڪجهه ڏينهن ۾ هن پرهه ۾ تبديلي محسوس ڪئي. جيئن
هوءَ اڳي ماحول کان بلڪل لاتعلق لڳندي هئي. هاڻ
آوازن تي سندس چهري جو تاثر بدلجي ويندو هو. هاڻ
اڪثر ماءُ جي چهري کي ڏسي مرڪڻ لڳي هئي. نرجس لاءِ
اهو احساس سج جي پهرين روشن ڪرڻي جيان هو. هڪ
ڏينهن پرهه ماءُ جو سهارو وٺي اُٿي بيٺي، پر جلدي
سندس هٿن ۾ ڪرڻ لڳي. هن پرهه کي سنڀالي کيس کٽ تي
ويهاريو. خوشيءَ ۽ ڏک جي مليل جليل ڪيفيت ۾ سندس
سڄو وجود ڏڪي رهيو هو.
در تي بيل وڳي هن دروازو کوليو، ٻاهر مجتبيٰ بيٺو
هو. هن جي چهري تي وحشت جا آثار ڏسي مجتبيٰ پنهنجي
هٿ ۾ جهليل شاپر کيس ڏيندي چيو.
”امان توهان لاءِ ڪجهه موڪليو آهي.“ نرجس شاپر وٺي
دروازو بند ڪرڻ واري هئي ته مجتبيٰ تڪڙ ۾ اندر
داخل ٿيو.
”ڪجهه دير ويهڻ لاءِ نه چوندينءَ“
مجتبيٰ جي اکين ۾ هڪ گهري اَلتجا هئي. ”چانهن
پيئندو يا ٿڌو؟“ اخلاقً پڇڻو پيس.. خبر ناهي
مجتبيٰ تي چور نظرن جي تپش سان هن جي نرڙ تي پگهر
جا ڦڙا جرڪڻ لڳا.
”چانهن پيئندس....“ محبتيٰ هن کي گهري نظر سان
ڏسندو رهيو. هوءَ رڌڻي ۾ اچي چانهن ٺاهڻ لڳي ڪجهه
نروس هئي. مجتبيٰ ، ماسيءَ سان گڏ ايندو هو. اڄ
اڪيلو ڇو آيو آهي! ٽري ۾ چانهن جو ڪوپ ۽ بسڪٽ رکي
هوءَ ٻاهر آئي. مجتبيٰ اخبار ڏسي رهيو هو. چانهن
ڏئي سامهون ويهي رهي ”توهان پنهنجي لاءِ چانهن نه
ٺاهي؟“
مجتبيٰ مرڪي چيو.
”بس موڊ نه آهي چانهن پيئڻ جو.“ هرطرف خاموشي
ڇانئجي وئي. نرجس کي لمحا ڳرا لڳن ٿا. هوءَ زمين
ڏانهن هروڀرو نهاري ٿي. مجتبيٰ جي نظرن جي تپش
چهري تي محسوس ڪري پريشان ٿي وڃي ٿي.
”خاموش ڇو آهين نرجس!“
مٿي ۾ سُور آهي آرام ڪرڻ چاهيان ٿي. هوءَ چاهي ٿي
مجتبيٰ جلدي اُٿي وڃي.
”ڪا دوا وغيره وٺي ڇڏ.“
”جي بهتر.“ نرجس بيزار ٿي چيو.
“هڪ سوال پڇان؟“ مجتبيٰ کيس گهري نظر سان ڏسندي
چيو.
”مان هن وقت ڪنهن به سوال جو جواب نه ٿي ڏيڻ
چاهيان.“ سخت لهجو ٻڌي مجتبيٰ جو منهن لهي ويو.
چانهن پي ڪوپ ٽيبل تي واپس رکي اُٿي بيٺو ۽
خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري ويو.
نرجس کي پنهنجي رويي تي شرمندگي محسوس ٿي. سندس
وجود غير محسوس اداسيءَ ۾ ويڙهجي ويو.
ٻئي ڏينهن رضوانه کيس باغ ۾ وٺي آئي. هن جو خيال
هو ته پرهه کي هڪ نئين دنيا ڏيکارجي. پرهه وهيل
چيئر تي لاتعلق ويٺي هئي. بهار جا شروعاتي ڏينهن
هئا. ماحول ۾ گلن جي سُرهاڻ ڦهليل هئي. ساوڪ
پنهنجي تازگي کي محسوس ڪري ڄڻ ته رقص ڪندي هجي.
زندگيءَ جي چرپر ۽ ٻارن کي راند ڪندو ڏسي نرجس ٿڌو
ساهه ڀريو. ٻار رانديڪن سان نه کيڏي سگهي! پوپٽ ۽
پکي هن لاءِ غير اهم هجن.... ماءُ جي پيار کي
محسوس نه ڪري سگهي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اَلميو
ٿي سگهي ٿو دنيا ۾..
پرهه کي ڪم واريءَ وٽ ڇڏي نرجس ۽ رضوانه سائي ڇٻر
تي هلڻ لڳيون. ”مان سمجهان ٿي پرهه اڳي کان بهتر
ٿي آهي.“ رضوانه جي ڳالهه ٻڌي نرجس هڪ ٿڌو ساهه
ڀريو ڄڻ کيس رضوانه جي ڳالهه تي يقين نه آيو هجي.
”خبر ناهي هوءَ مون کي ڪڏهن سڃاڻيندي ته مان هن جي
ماءُ آهيان.“
نرجس جي لهجي جي حسرت کي محسوس ڪري رضوانه جي اکين
۾ لڙڪ اچي ويا. دنيا ۾ هرشيءَ ٿي ملي. هر آسائش ۽
سک موجود آهي، پر هڪ ماءُ جي دل جي خواهش ايڏي
مهانگي ڇو آهي؟ رضوانه گهري سوچ ۾ وڃائجي وئي.
”رضوانه“
”جي“ رضوانه ڇرڪي کيس نهاريو. ”ڪڏهن سوچيندي آهيان
مون کي ڪجهه ٿي ويو ته پرهه جو ڇا ٿيندو!“
”چري ائين نه سوچ..... الله خير ڪندو.... پرهه به
ٺيڪ ٿي ويندي ۽ تون به هڪ خوش زندگي گذاريندينءَ.
رضوانه يقين سان چيو- آٿت ڀريا روشن لفظ نرجس کي
دل جي گهراين ۾ لهندي محسوس ٿيا.
”هڪ ڳالهه چوان!“ رضوانه جهڪندي چيو.
”ها ها..... چئه......“
نرجس تجسس مان کيس ڏسي ٿي ته هوءَ ڇا چوڻ واري
آهي.
”مجتبيٰ لاءِ تو ڇا سوچيو آهي؟“ رضوانه جي ڳالهه
ٻڌي نرجس هڪدم خاموش ٿي وئي.
آءِ ايم ساري........ شايد هن وقت مون کي اهو سوال
نه پڇڻ کپي. رضوانه کي سوال پڇڻ تي پڇتاءُ محسوس
ٿيو. ”نه نه.... تون مون کان ڪوبه سوال پڇي سگهين
ٿي. دراصل مان ٻي شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان. ڊاڪٽر به
مون کي ٻڌايو هو ته خاندان ۾ شادي ڪرڻ سان
ايبنارمل ٻار پيدا ٿين ٿا ۽ مجتبيٰ منهنجو ماسات
آهي.“
”نرجس! اسان جي خاندان ۾ اڪثر شاديون پنهنجن ۾ ئي
ٿيون آهن، پر ڪوبه ٻار ايب نارمل پيدا نه ٿيو
آهي؟“
”ڪجهه به هجي، پر مان پرهه کي نه ٿي ڇڏي سگهان“
”ڇا هن ڪو شرط وڌو آهي.“ ”نه هن ڪجهه به نه چيو
آهي، پر جڏهن سڳو پيءُ پرهه کي قبول نه ڪري سگهيو
ته ڪو غير ماڻهو ڪيئن هڪ معذور ڇوڪريءَ کي پنهنجو
ڪندو!“
”پر وري به نرجس انڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور سوچجانءِ“
نرجس کي باغ ۾ گهمندي هڪ نئين زندگيءَ جو احساس
ٿيو.
نرجس گهر اچي ماني کائي پرهه جي سامهون اچي ويٺي.
پرهه کي اسپيچ ٿيراپي ڪرائيندڙ ڊاڪٽر چيو هيس ته
هو پرهه سان گهڻو ڳالهائي. خاص طور تي ”امان“ لفظ
بار بار ورجائي.
هن پاڻ تي آڱر رکي ۽ ٻئي هٿ سان پرهه جو چهرو جهلي
چيو.
”پرهه! مان تنهنجي ماءُ آهيان. ماءُ کي امان چئبو
آهي
مان تنهنجي امان آهيان.
چئه ا..... م..... مان....... ڪافي دفعا لفظ
ورجائڻ کان پوءِ پرهه چيو..... ا......ا.......
آ.....
نرجس جي خوشيءَ جي انتها نه رهي هئي. هن ڪافي عرصي
کان پوءِ پنهنجي اندر بهار جي تازگيءَ کي لهندي
محسوس ڪيو.
ان رات نرجس دير تائين روئيندي رهي. لمحن جي سانت
۾ اڪثر اڻ ڏٺل مهربان هستيءَ سان همڪلام ٿيندي
هئي. رب پاڪ منهنجي حال تي رحم ڪر. هن دنيا ۾ ڪو
ته آهي، جيڪو منهنجو پنهنجو آهي. منهنجي وجود جو
حصو. پرهه کي صحت ڏي جيئن هو هڪ نارمل زندگي
گذاري. پرهه کي غور سان ڏسي ٿي. جنهن جي چهري تي
زندگيءَ جي رونق ڇانئيل آهي. دل ۾ اطمينان کي
لهندي محسوس ڪيائين.
هڪ مصروف ڏينهن گذاري شام جو هوءَ چانهن پي رهي
هئي ته دروازي تي گهنٽي وڳي. ڪم واريءَ در کوليو
ته ماسي زهره ۽ مجتبيٰ اندر داخل ٿيا. ماسيءَ جي
هٿ ۾ مٺائيءَ جو دٻو هو. کيس چاهه مان ڳراٽڙي پائي
چيائين. ”امڙ مبارڪ هجئي مجتبيٰ زمينن جو ڪيس کٽي
ورتو آهي.“
”توهان کي به مبارڪ هجي ماسي“ هن زوريءَ چهري تي
مرڪ آڻيندي چيو.
مجتبيٰ ماءُ کي اُتي ڇڏي ڪنهن ڪم سان ٻاهر نڪري
ويو ته ماسي هن جي پاسي ۾ اچي ويٺي. ”ڏاڍا وس ڪيا
اٿم، پر مجتبيٰ ڪٿي به شاديءَ لاءِ ها نه ٿو ڪري.
هڪ ئي پٽ اٿم. جي انڪار ٿي ڪرين ته سچ مان ڦاهو
کائي مرنديس“
ماسي ڳالهه پوري ڪرڻ کان اڳ سڏڪن ۾ پئجي وئي.
نرجس کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ڇا جواب ڏئي .
”ماسي مون کي مجبور نه ڪر مان اڳي ئي پرهه جي ڪري
پريشان آهيان.“ نرجس جي ڳلن تي لڙڪ ڪرڻ لڳا. ”پوءِ
امڙ تون پاڻ مجتبيٰ سان ڳالهائي ڏس متان سمجهي وڃي
منهنجي ڳالهه نه ٿو ٻڌي“
”ٺيڪ آهي مان پاڻ ڳالهائيندس مجتبيٰ سان“ نرجس جي
ڳالهه ٻڌي هوءَ ڪجهه مطمئن ٿي.
صبح کان نرجس کي هلڪو بخار هو. شام تائين تيز ٿي
ويو. ماسيءَ سان گڏ مجتبيٰ آيو ته هن کي زبردستي
ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويو. ڊاڪٽر ٽيسٽ ۽ دوائون لکي
ڏنيون. مجتبيٰ هن جي هڪ نه ٻڌي ليبارٽري وٺي ويس
جتي سمورا ٽيسٽ ٿيا ۽ واپسي تي کيس جوس پياريو.
”تو پنهنجو پاڻ کي صفا وساري ڇڏيو آهي نرجس!“ نرجس
چهرو مٿي ڪري مجتبيٰ جي اکين ۾ حيرت منجهان نهاريو
ڄڻ هن ڪا انوکي ڳالهه ڪئي هجي. ”ها نرجس تون
پنهنجو خيال رکندي ڪر اهو سوچي ته هن دنيا ۾ ڪو
آهي جنهن لاءِ تون انتهائي اهم هستي آهين.“ نرجس
پهريون دفعو مجتبيٰ کي ڌيان سان ٻڌو ۽ پنهنجائپ
ڀرئي لهجي جي سحر ۾ وڃائجي وئي. گهر واپس موٽي ته
بخار هلڪو ٿي چڪو هو. پر پوءِ به احتياطً ماسي
رات اُتي ترسي پئي. جلد ئي چنڊ ڪڪرن جي پناهه ۾
هليو ويو. وِڄ جي تجلن ۽ گجگوڙ سان تيز بارش پوڻ
لڳي. اهو منظر ڏسي نرجس گهٻرائجي وئي. تيز بارش
سبب مجتبيٰ اُتي ئي ترسي پيو، اڌ رات تائين ماسيءَ
کيس سنڀاليو. نرجس جو بخار جهڪو ٿيو ته ماسي صوفي
تي ليٽي پئي. نرجس ننڊ ۽ جاڳ جي ڪيفيتن ۾ مجتبيٰ
جو هٿ نرڙ تي محسوس ڪيو. سندس هٿ جي ترين جي ٿڌاڻ
پنهنجي تپندڙ مٿي تي ڇانوري جيان محسوس ٿي. بخار ۾
تيزيءَ کي محسوس ڪري مجتبيٰ هن جي نرڙ تي برف جون
پٽيون رکڻ لڳو.
نرجس لاءِ اهو هڪ اڻڄاتل احساس هو. ڪنهن به هن جو
اهڙو خيال ٿي نه رکيو. ڪنهن جنگلي گل جيان هوءَ
اڪيلي سر موسمن جون سختيون سهندي رهي هئي. تڪليف
جي شدتن ۾ نرجس لاءِ اهو لمحو يقين جي روشني کڻي
آيو. ٿوريءَ دير لاءِ هوءَ سمهي رهي. برسات بيهي
رهي هئي. مجتبيٰ ڪرسي تي سمهي رهيو هو. هوءَ
مجتبيٰ کي خاموشيءَ سان ڏسندي رهي. دريءَ مان تيز
هوا جو جهوٽو اندر آيو ۽ هر طرف جي خوشبو وکري
وئي.
برسات کان پوءِ بارش جي قطرن جي اهميت ٿئي ٿي
اڃايل ڌرتي ۽ ٻوٽن لاءِ....
ٻئي ڏينهن هوءَ جڏهن ڪاليج وئي ته رضوانه کي ڪافي
بدليل لڳي. زندگيءَ جو گهرو رنگ نرجس جي ڳلن تي
جرڪندي محسوس ڪيائين. پنهنجائپ جي احساس هيٺ زندگي
بوجهه نه ٿي محسوس ٿئي. ڪو حال اُورڻ وارو هجي ته
لمحا پکيءَ جي پَرن جيان هلڪا ڦلڪا ٿي اڏامڻ لڳندا
آهن..
مجتبيٰ جي ذڪر تي هن جي اکين ۾ وحشت بدران هڪ
وڻندڙ احساس هو. چهري تي نه چاهيندي به سج جي ڪرڻن
جهڙي مرڪ ليئا پائڻ لڳي هئي. رضوانه کي هوءَ تمام
خوش ۽ مطمئن لڳي.
هڪ بي جان چهرو هڪدم ايترو خوبصورت ڪيئن ٿي سگهي
ٿو! رضوانه حيران ٿي سوچي ٿي.
”ڇا ٿي ڏسين؟“ نرجس مرڪي پڇيو-
”تون مرڪندي ڏاڍي سٺي ٿي لڳين نرجس.“
رضوانه ”اڇا!“ جي ڳالهه ٻڌي نرجس ٽڙي پئي. ”خدا
ڪري ائين مُرڪندي رهين سدائين.“ هوءَ رضوانه کي اڄ
تمام گهڻي مختلف لڳي نارمل ماڻهن وانگر کلندي،
ڳالهائيندي.
زندگي اُها هئي جيڪا اڳي هئي. اهي ئي ساڳيا ڊاڪٽرن
ڏانهن چڪر ته ڪڏهن پرهه کي کُلي فضا ۾ وٺي وڃڻ جي
ڪوشش ڪندي نرجس کي ٿورو به ٿڪ نه محسوس ٿيندو هو.
شام جو مجتبيٰ آيو ته هن لاءِ ڪافي گفٽ آندائين.
ڪجهه ڪتاب، هڪ خوبصورت سوٽ، پرفيوم ۽ ڪجهه اهڙيون
ٻيون شيون...
”مهرباني“ نرجس جي چهري تي انيڪ رنگ وکري ويا.
”ڪيترن سالن کان توکي خاموشي سان چاهيندو رهيو
آهيان. نرجس! ان وقت کان جڏهن اڃا تنهنجي شادي به
نه ٿي هئي. مون رشتو به موڪليو هو، پر ماسڙ انڪار
ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڀاءُ جي پٽ سان تنهنجي شادي
ڪرائي ڇڏيائين.“ نرجس هن کي حيرت سان ٻڌي رهي هئي.
ڪيترا سال اڳ جي ڳالهه آهي جڏهن ڳوٺ ۾ رهندا
هئاسين. انهن ڏينهن ۾ مان توهان جي گهر عيد جي
ماني ڏيڻ آيو هيس. تو در کوليو هو. ان ڏينهن توکي
گلابي سوٽ پاتل هو. اکين ۾ گهرو ڪجل ۽ هٿن ۾ ميندي
لڳل هئئي. پهريون دفعو توکي ايترو تيار ڏٺو هو.
ياد آيو ڪجهه- مجتبيٰ هن جي اکين ۾ جهاتي پائي چيو.
”ها“ هوءَ ماضي جي ور وڪڙن ۾ ڀٽڪڻ لڳي. ”خاموش ۽
هڪ طرفي محبت ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ ٿئي ٿي نرجس.“
هڪ حسرت هئي مجتبيٰ جي لهجي ۾. نرجس جي وجود کي هن
جي اکين جي ڄَرَ ساڙڻ لڳي. مجتبيٰ جي وڃڻ کان پوءِ
هوءَ دير تائين ماضيءَ ۾ ڀٽڪندي رهي
اهو وسريل لمحو ٽانڊاڻي جيان ٻرڻ ۽ اُجهامڻ لڳو.
اوندهه ۽ روشني جي اکٻوٽ شروع ٿي وئي..
زندگيءَ سان ڀرپور پنهنجون ڪجليون اکيون ياد آيس
جن ۾ خوابن جا ستارا جرڪندا هئا. مينديءَ جي خوشبو
کيس دل وٽان ايندي محسوس ٿي. اُهي خوبصورت ڏينهن
هئا ايندڙ زندگيءَ جي ڏکن کان بيخبر...
اڄ ڪسڪ بڻجي ذهن سڏڪي پيا آهن گذري ويل يادن جي
صورت..
ڪيڏا خوبصورت ڏينهن هئا ماءُ جي محبتن جي ڇانو ۾
گذرندڙ پيءُ جو آٿت ڏيندڙ وجود ڪنهن پناهگاهه جهڙو
لڳندو هو. اڱڻ ۾ اکٻوٽ کيڏندڙ ڀائر ۽ ڀينرون، سندن
ٽهڪ ۽ مُرڪون سڀ ڪجهه ڪيئن وقت جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي
ويا. سمورا ڀائر ۽ ڀينرون خوش آهن پنهنجي دنيا ۾
سواءِ هن جي.... نرجس جي اکين مان لڙڪ ڪري وهاڻي ۾
جذب ٿيندا رهيا.
هوءَ زندگي کي محسوس ڪرڻ لڳي هئي دل جي گهراين سان
کيس رنگ پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳا هئا پنهنجو خيال رکڻ
لڳي هئي. جهڪن رنگن بدران شوخ رنگن جا ڪپڙا پائڻ
لڳي. ميچنگ جي جيولري ۽ هلڪو ميڪ اپ پڻ هن جي
شخصيت جو حصو بڻجي ويا. هوءَ بدلجي وئي هئي.
محبت کيس بدليو هو. پنهنجي هئڻ جو احساس ڏنو هو.
ان کان اڳ هن کي ڪڏهن پنهنجي وجود جي هئڻ جو احساس
ئي نه ٿيو هو. محبت کيس نواڻ جو احساس ڏياريو هو.
چؤڌاري سڀ ڪجهه ساڳيو رهي، پر انسان اندر ۾ بدلجي
وڃي. سندس احساس ٿئي، ماڪ ڦڙن جهڙو بڻجي وڃي ۽
زندگيءَ جي گل کي تازگي ملندي رهي.
انڪري شايد محبت کي معجزاتي وارتا سڏيو وڃي ٿو.
جنهن جو سِلو من مان ڦٽي ٿو نڪري. نرجس پنهنجي
وجود جي ساوڪ ۾ سرشار رهڻ لڳي هئي.
اها شام جڏهن هن جي زندگيءَ جي خوبصورت شام هئي،
جڏهن هوءَ مجتبيٰ سان ٻاهر وئي هئي. شفق جا پاڇا
سنڌوءَ تي لڙي آيا هئا. ٿڌي هوا درياهه جي تن کي
ڇهي ايندڙ هوائن جي نمي ۾ هڪ عجيب مدهوش ڪندڙ مهڪ
هئي. مجتبيٰ سان گڏ ويهي لهرن کي غور سان ڏسي رهي
هئي.
لهرون کيس درياهه ۾ اُڃايل لڳيون بي چينيءَ مان
هڪٻئي پٺيان ڊوڙندي.
زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ ڪنهن مرد سان درياهه
تي گهمڻ آئي هئي. زندگيءَ جي مسئلن ۾ ڪڏهن وقت ئي
نه مليس جو تفريح جو سوچي سگهي.
”ٻيڙيءَ ۾ چڙهندينءَ نرجس؟“ مجتبيٰ پنهنجائپ سان
چيو. ” نه مون کي ڊپ لڳندو.“ هوءَ خوفزده ٿي
پاڻيءَ کي ڏسڻ لڳي. ”چري! پاڻيءَ کان ڪهڙو ڊپ- اچ
......“
مجتبيٰ کيس زوريءَ ٻيڙيءَ ۾ ويهڻ لاءِ راضي ڪيو.
ٻيڙيءَ ۾ ويهي هن مٿي ڏٺو ۽ آسمان جي رنگن ۾
وڃائجي وئي. بادل شفق جي سونهن سان راند کيڏي رهيا
هئا. بي شمار پکي آسمان جي وسعتن ۾ اڏامي رهيا
هئا. وري لهرن ڏانهن ڏسڻ لڳي. چپو هلڻ تي لهرون
وکري وڃن پيون مختلف روشنين ۾. هوءَ لهرن جي
رنگينين ۾ وڃائجي وئي. درياهه جي مست ڪندڙ هوا جي
جهوٽي نرجس کي هن دنيا کان پري ڪري ڇڏيو. هوءَ
گهرا ساهه کڻڻ لڳي خوف ۽ انديشن بنان... هيءَ هڪ
ٻي دنيا هئي. حقيقي دنيا کان مختلف
”درياهه جو منظر ڪيئن لڳو نرجس....؟“ مجتبيٰ جي
سوال تي هوءَ ڇرڪي هن ڏانهن نهاري ٿي. ”مون پنهنجي
زندگي ۾ ڪڏهن به اهڙو سهڻو منظر نه ڏٺو آهي.“
خوشيءَ سان نرجس جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا مجتبيٰ کيس
محبت ۽ اُتساهه سان ڏٺو ”نرجس! زندگيءَ جا هيءَ
سمورا سهڻا منظر تنهنجا پنهنجا آهن. هيءَ زندگي
هاڻ تنهنجي گهڻو ويجهو هلي آئي آهي. جنهن کي تون
پنهنجي مرضيءَ سان گذاري سگهين ٿي.“
نرجس جي چهري تي پرسڪون مرڪ ڦهلجي وئي. هن رات جو
ماني ريسٽورنٽ ۾ کاڌي. جڏهن رات جا اٺ ٿيا ته نرجس
گهر واپس هلڻ لاءِ بي چين ٿي وئي.
”امان آهي پرهه وٽ تون پريشان نه ٿي.“ مجتبيٰ کيس
دلاسو ڏيندي چيو.
”پر.....!!!“ هوءَ پرهه جو سوچڻ لڳي. هن کي ڪجهه
به سٺو نه ٿي لڳو. کيس گُم سُم ڏسي مجتبيٰ چيو.
”چڱو ڀلا اچ ته هلون. محبتيٰ اُٿي بيٺو. هوءَ به
هن سان گڏ هلڻ لڳي. گاڏي ۾ ويهندي نرجس لهرن ڏانهن
ڏٺو. هاڻ چانڊوڪي لهرن تي رقص ڪري رهي هئي.
”مان توکي روز هتي وٺي ايندس. ايندينءَ نه؟“ نرجس
مرڪي نظرون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ مجتبيٰ گاڏي هلائڻ
لڳو.
”امان شادي جي شاپنگ شروع ڪري ڏني آهي. امان تمام
گهڻي خوش آهي.“
نرجس ڪوبه جواب نه ڏنو خاموشيءَ سان ڪجهه سوچيندي
رهي.
گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت ٿوري پريشان هئي. اندر ڏٺائين
ته ماسي صوفي تي گهري ننڊ ۾ هئي ۽ پرهه گندگيءَ ۾
بي چينيءَ سان ٿاڦوڙا هڻي روئي رهي هئي. ڪمري ۾
ڪني بدبُوءِ کي محسوس ڪري مجتبيٰ جي چهري تي
ناگواريءَ جا تاثرات اُڀري آيا.
نرجس ڇرڪي مجتبيٰ ڏانهن نهاريو ۽ هن جي چهري تي
اڻوڻندڙ ريکائون ڏسي کيس محسوس ٿيو ڄڻ هوءَ پڇتاءَ
جي گهرين کاين ۾ ڪري رهي هجي. ندامت جو بي چين
ڪندڙ احساس هن جي وجود کي گهايل ڪرڻ لڳو. هن زخمي
نظرن سان مجتبيٰ کي ڏسندي چيو.
”مجتبيٰ! تو ته چيو هو ته امان پاڻهي پرهه جو خيال
رکندي پوءِ هيءُ سڀ ڪجهه ڇا آهي؟“ مجتبيٰ جواب نه
ڏنو ۽ ماءُ کي اُٿارڻ لڳو. ماسي زهره ڇرڪ ڀري جاڳي
ٻئي. ”اچي ويا توهان“ پٽ کي ڏسي سندس چهرو ٻهڪي
اُٿيو وري پرهه جي حالت تي نظر پيس ته چوڻ لڳي،
”هاڻ مس وڃي ڪا اک لڳي هئي. سڄو وقت پرهه سان ويٺي
هيس.“
نرجس جي چهري تي ڪاوڙ ڏسي مجتبيٰ وڌيڪ ڳالهائڻ
مناسب نه سمجهيو ۽ خاموشيءَ سان ٻاهر هليو ويو.
نرجس ڪمن مان واندي ٿي جڏهن رات جو پلنگ تي ليٽي
ته جسم ۾ سُور جي تيز سٽن کي محسوس ڪرڻ لڳي. سندس
سمورو جسم احساس جرم جي اذيت ناڪ ڀنور ۾ ٻڏڻ لڳو
هو ڄڻ ته..
لڙڪ بي اختيار اکين مان ڪرندي وهاڻي ۾ جذب ٿيندا
رهيا. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هوءَ پرهه جي فرض کان
غافل ٿي هئي. اڄ پنهنجي وجود کان نظرون چورائي رهي
هئي. ڪا به ماءُ ايتري خود غرض نه ٿي ٿي سگهي ته
هوءَ پنهنجي سک ۽ خوشيءَ کي اولاد تي ترجيح ڏي!
پوءِ هن ٿوري دير لاءِ ئي اهڙي ماءُ ٿيڻ ڇو گوارا
ڪيو هو!
نرجس کي پنهنجي وجود کان ڪِرڀَ اچڻ لڳي. ذهن ۽ دل
۾ هڪ عجيب جنگ شروع ٿي وئي. محبت جي ٿوري احساس هن
کي فرض کان غافل ڪري ڇڏيو هو. شادي کان پوءِ ته
الاءِ پرهه جو ڇا حال ٿئي ها. نه نه مان شادي نه
ڪندس.
ٻئي ڏينهن مجتبيٰ کي گهرائي هن شاديءَ کان صاف
انڪار ڪري ڇڏيو.
”پر نرجس“ مجتبيٰ ڪجهه چوڻ چاهيو، پر نرجس سندس
ڳالهه ڪٽيندي چيو.
”مان ڪجهه به نه ٿي ٻڌڻ چاهيان. مون کي مجبور نه
ڪر ڇو ته شادي هڪ وڏي ذميداري آهي. پرهه جي
موجودگي ۾ مان اهڙو ڪوبه قدم نه ٿي کڻڻ چاهيان،
جنهن جي ڪري هن کان غافل ٿي وڃان.“
مجتبيٰ حيرت سان کيس ڏسي رهيو هو. نرجس محسوس ڪيو
مجتبيٰ جون اکيون بادلن جيان آليون هيون ڄڻ وسڻ
لاءِ آتيون هجن، پر هن چؤڌاري صبر جا بند ٻڌي ڇڏيا
هئا.
”جيئن تنهنجي مرضي.“ ائين چئي مجتبيٰ خاموشيءَ سان
ٻاهر نڪري ويو. نرجس جا ڪجهه لڙڪ ڳلن تي ڪريا ۽
ڪجهه من جي بي رنگ موسمن ۾ جذب ٿي ويا. هوريان
هلندي پرهه جي ڀرسان اچي ويٺي. ڪي پل خاموشيءَ سان
سندس چهرو تڪيندي رهي. هن روح جي سانت ۾ ساوڪ جي
تازگيءَ کي وکرندي محسوس ڪيو. کيس پنهنجي فيصلي تي
ڪوبه پڇتاءُ نه هو. رات حسبِ معمول دير تائين
جاڳندي رهي. وقت گذري وڃڻ کان پوءِ خوبصورت يادون
به اڪثر درد جو روپ ڌاري وٺنديون آهن.....
ان کان پوءِ نرجس زندگيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ مصروف ٿي
وئي. هن مرڪ جو مصنوعي خوف چهري تي چاڙهي ڇڏيو.
هو، پر رضوانه هن جي مرڪن پٺيان گهري اداسيءَ کي
محسوس ڪري وٺندي هئي. نرجس جي طبيعت خراب رهڻ لڳي.
هن کي مستقل بخار رهڻ لڳو هو. رضوانه گهڻو ئي چيس
ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ، پر هوءَ کلي ڳالهه ٽاري
ڇڏيندي هئي. نرجس ڪجهه ڏينهن ڪاليج نه آئي ته
رضوانه هن سان ملڻ گهر وئي. نرجس کيس اڳ کان ڪمزور
لڳي پر هوءَ اڳي کان خوش هئي.
”پرهه هاڻ ڪجهه وڏي لڳي ٿي.“ رضوانه، پرهه کي ڏسي
چيو.
”پرهه جي طبيعت هاڻ ڪافي بهتر آهي. رضوانه بس ان
ڏينهن جو انتظار اٿم ته هوءَ نارمل ٻارن وانگر
گهمي ڦري سگهي.“
نرجس جي لهجي ۾ حسرت هئي. ”الله تعالي کيس صحتياب
ڪندو.“ رضوانه هميشه جيان کيس حوصلو ڏيندي چيو.
”اٿ ته توکي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي هلان، رضوانه کيس زور
ڀريندي چيو.
”نه نه مان ٺيڪ آهيان. گذريل مهيني ته سمورا ٽيسٽ
ڪرايا اٿم. تون فڪر نه ڪر. معمولي بخار آهي ٺيڪ ٿي
ويندو.“
رضوانه جي دل پوءِ به مطمئن نه ٿي. هڪ بي نام
اُداسي کڻي هوءَ گهر موٽي آئي. ٻئي ڏينهن ڪاليج
وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هئي ته کيس نرجس جي اوچتي
موت جو اطلاع مليو. بي اختيار روئي پئي. سڄو جسم
صدمي جي ڪيفيت ۾ ڏڪي رهيو هيس. جيئن تيئن ڪري نرجس
جي گهر پهتي. نرجس جي وڇوڙي جو ڏک پنهنجي جڳهه. پر
اهو منظر ڏسي حيران ٿي وئي ته خاموشيءَ جي چادر
پائي ستل نرجس جي ڀرسان پرهه بيٺي هئي ڪم واري
فاطمه جو سهارو وٺي. نرجس جي چهري تي هڪ عجيب سڪون
ڇانئيل هو. ڄڻ هن زندگيءَ جي حقيقت سمجهي ورتي
هجي.
ان وقت رضوانه کي سخت تعجب ٿيو جڏهن هن پرهه جي
درد ۾ ٻڏل رڙيون ٻڌيون امان!!!..... ا.....
ما........ ن.....
رضوان ڇرڪي بي اختيار نرجس جي چهري ڏانهن ڏٺو.
ائين لڳو ڄڻ نرجس اهو لفظ ٻڌي ورتو هجي جنهن کي
ٻڌڻ جي شديد آس هئي!
طفيل ڪمالزئي
ستار پيرزادو
ڪـــــارا ڌاڳـــــا
روزمره جي جهنجهٽ جي بکيڙن کان واندو ٿي، جڏهن مان
پارڪ ڪيفي ۾ چانهه پيئڻ ويس، تِر ڇٽڻ جي به جاءِ
نه هئي، ان وقت ڪا لوڪ گيت جي دل کي فرحت بخشيندڙن
ڌُن فضا ۾ گونجڻ لڳي ڪجهه گهڙين جي انتظار کان
پوءِ هڪ ميز خالي ٿي. سيمينٽ جي ٺهيل ڪرسيءَ تي
ويهي هن کي احساس ٿيو ته ان تي سڄو ڏينهن پوندڙ
اُس جي تپش جي اثر گهٽ ٿيڻ جي باوجود به اڃان رهيل
هو. ڀر واري ميز تي بيرو چانهه رکي، پٺي هوندي مون
کي ڏسي نه سگهيو. هن جي اچڻ تائين مون پارڪ ۾ نظر
ڊوڙائي ته ڪجهه ٻارڙا پينگهن ۾ لڏي رهيا هئا ۽
سندن چهرا خوشيءَ ۾ ٻهڪي رهيا هئا، ٻارڙا ائين ئي
فطرت جي ويجهو هوندا آهن، انڪري سهڻا لڳندا آهن.
جڏهن سڄي ڏينهن جي ذهني محنت کان پوءِ مان گهر
ويندو آهيان ته ٻارڙن جي گلاب جهڙن چهرن کي ڏسي
ٿڪايل مشڪن ۾ تازگي ڊوڙي ويندي آهي.
”ٻڌو!“ اڻ ٻڌل آواز مون کي متوجهه ڪيو.
مون پاسو ورائي ڏٺو، هڪ ڀريل جسامت وارو ڇوڪرو
منهنجي آڏو مُرڪي رهيو هو ”چئو!“
”جيڪڏهن وقت هجيوَ ته اسان سان گڏ ويهي چانهه پيو،
دراصل هڪ ڪوپ وڌيڪ اچي ويو آهي. اسان سوچيو ته
توهان کي شامل ڪجي، ان بهاني اوهان سان ڪچهري به
ٿي ويندي.“ هن ڏاڍي پنهنجائپ سان دعوت ڏني، ۽ مان
هن جي خلوص کي ڌڪاري نه سگهيس ۽ وڃي ساڻن ويٺس.
چانهه پيئندي مون ڌاريائپ پري رکي پڇيو: ”اڄڪلهه
اوهين ڇا ڪندا آهيو ۽ آئينده ڇا ڪرڻ جو ارادو رکو
ٿا؟“
”جيتري والدين جي سگهه هئي تعليم حاصل ڪري ورتي،
هاڻ اها ڪوشش آهي ته جيترو ٿي سگهي، جلد نوڪري ملي
وڃي، جيئن والدين جي ڪمزور ڪلهن تان ڪجهه وزن هلڪو
ڪجي.“ هڪ ڇوڪري ٻڌايو.
”اوهان ڪٿي قسمت آزمائي ڪئي آهي؟“ مون ڄاڻڻ خاطر
پڇيو.
”هڪڙي جاءِ هجي ته ٻڌايون، اسين مسلسل ڪيترن مهينن
کان مختلف کاتن ۾ درخواستون موڪلي رهيا آهيون،
سَنَدَن جون فوٽو ڪاپيون ڪرائيندي نه ڄاڻ ڪيترا
پئسا چٽ ٿي چڪا آهن، پر اڃا تائين قسمت ساٿ نه ڏنو
آهي.“ ٻئي ڇوڪري ڏک جو وڌيڪ اظهار ڪيو.
ان کان اڳ به کين حوصلو ڏيان ها، انهن مان هڪڙي
ڇوڪري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته: ”نوجوانن لاءِ
ڪنهن به حڪومت اڄ تائين خيال نه ڪيو آهي، جيڪڏهن
شروعات ۾ درست منصوبه بندي ڪئي وڃي ها ته اڄ
نوجوان ائين در در جا ڌڪا نه کائين ها.“
”ڪوشش جاري رکو ۽ مايوس نه ٿيو
الله تعاليٰ ضرور مدد ڪندو.“
مون کين همٿ ڏيندي چيو ته: ”هڪڙي ڳالهه پڇان؟“
”ڪهڙي...؟“ سڀ متوجهه ٿي ويا.
”اوهان سڀني جي ڪرائين ۾ جيڪو ڪارو ڌاڳو ٻڌل آهي،
ڇا ڪنهن پير فقير اوهان کي نوڪريءَ ۾ ڪاميابيءَ
خاطر ڏنو آهي؟“ مون پنهنجي پڪ ڪرڻ خاطر ڄاڻڻ
گهريو.
هڪڙي ڇوڪري منهنجي ان کٽڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ چيو
ته: ”هيءُ ڪارو ڌاڳو ڪنهن پير فقير جي عطا ناهي،
پر اسان مڙني وعدو ڪري اهو ٻڌو آهي ته جڏهن اسين
عملي زندگيءَ ۾ پير پائينداسون ته پوري ديانتداري
۽ قومي جذبي سان ڀرپور ٿي ڪم ڪنداسون، پوءِ ڀل کڻي
اسان کي ڪيتري به قرباني ڏيڻي پوي.“
ڏاڍي انوکي عزم جو اظهار آهي جيڪو حيران ڪندڙ ئي
نه، پر تعريف جي قابل به آهي، مون سندن جذبي جي
ساراهه ڪندي کين دعا ڪئي ته ربّ ڪائنات اوهان سڀني
کي پنهنجي عظيم مقصد ۾ ڪامياب ڪري، جيئن ملڪ مان
بدديانتي، پنهنجا نوازي ۽ لُٽ مار جو خاتمو ٿئي.
هڪ ڀيري مون ڏٺو ته هن جي هم
خيال ڇوڪرن ۾ واڌارو ٿيندو ويو. مان ڪنهن ڏينهن
هنن سان ويهي چانهه پيئندو هوس، هنن جي ارادن مان
اندازو ٿيندو هو ته هنن جي دلين ۾ ملڪ ۽ قوم جي
خدمت جو جذبو ڀريل آهي، جيڪڏهن پوري قوم اهڙن جذبن
کي پاڻ وٽ جاءِ ڏئي ته اڄ هي حال نه هجي ها.
هڪ ڀيري جڏهن انهن نوجوانن مان هڪڙي کي نوڪري ملي
وئي ته سڀني جي چهرن تان مايوسيءَ جا آثار گهٽبا
ويا، هاڻ کين پڪ ٿي وئي هئي قسمت جي پري هڪ نه هڪ
ڏينهن ٻين تي به مهربان ٿيندي. هڪ ڏينهن چاهه
پيئندي، جڏهن مون کين ٻڌايو ته اوهان سان اڄ
منهنجي آخري ملاقات هوندي، ته سڀني جا چهرا لهي
ويا، انهن مان هڪڙي ڇوڪري پڇيو: ”ڇا اوهان ملڪ مان
ٻاهر ٿا وڃو.“
”نه مان ملڪ ۾ ئي هوندس، دراصل ڪراچيءَ مان اچڻ
ايترو سولو ناهي، پر منهنجي پوري ڪوشش هوندي ته
سال يا ڇهن مهينن ۾ چڪر لڳايان.“ مون کين حوصلو
ڏيندي چيو.
”هن شهر ۾ اوهين ئي ته اسان جا محسن آهيو.“
ٻئي چيو: ”بس اوهين اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد
ڪندا ڪريو.“
”ڇا به چئو اوهان منهنجي لاءِ پنهنجي دلين ۾ جيڪي
جذبات رکو ٿا، انهن لاءِ مان اوهان جو مشڪور
آهيان، مان اوهان جي سٺي مستقبل لاءِ دعاڳو
رهندس.“
نئين کاتي ۾ چارج وٺي، ڪم ڄاڻڻ لاءِ ڪافي ڏينهن
لڳي ويا، وري ڪم جي گهڻائي ڪري مهينا گذرڻ کان
پوءِ به واندڪائي نه ملي جو مان انهن نوجوانن سان
ڪيل واعدو پاڙي سگهان ها.
هڪ ڏينهن ڪراچيءَ کان لاهور ايندي، انهن نوجوانن
مان هڪڙو ملي ويو، مون کيس ڏسندي ئي سڃاڻي ورتو،
وري جڏهن مون هن جي ڪرائيءَ ۾ ٻڌل ڪارو ڌاڳو ڏٺو
ته وڌيڪ خوشي ٿي ته هي پنهنجي واعدي تي اڃا تائين
قائم آهن. جڏهن مون کانئس ٻين نوجوانن لاءِ پڇيو
ته هن ٻڌايو اڪثر نوجوانن کي نوڪريون ملي ويون
آهن.
مون ان نوجوان کان پڇيو: ”ڇا اهي به اڃا تائين تو
جيان پنهنجي واعدي تي پختا آهن؟“
”نه....!“ هن وڏي ڏک مان جواب ڏنو.
”پر هنن پنهنجي پڪي ارادي کي ڇو ڇڏي ڏنو، اهو ته
هڪ قسم جو قسم هو.“ مان ڄاڻڻ کانسواءِ رهي نه
سگهيس.
هو ڪافي دير تائين ماٺ رهيو، شايد کيس ٻڌائڻ جي
همت نه پئي ٿي يا لفظ ساٿ نه ڏئي رهيا هئس. مون به
کيس وڌيڪ کولڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي، ڪجهه گهڙين
لاءِ فضا ڄمي وئي. نيٺ هن ڪافي دير کان پوءِ
پنهنجو نِوڙيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ چوڻ لڳو: ”دراصل مان
اوهان کي ڏکارو ڪرڻ نه پيو چاهيان، پر ها! اهو
سمورو ڪرم ربّ تعاليٰ مون تي ڪيو آهي جو هن اڃا
مون کي ثابت قدم ئي رکيو آهي.“
هن جي عزم ۽ همت کي ڏسي، مون پنهنجو هٿ هن ڏانهن
وڌايو ته هو ان دعا سان اهڙو ڪارو ڌاڳو مون کي به
ٻڌي ته مان به هن جيان پنهنجي قرارن ۾ هن جيان
ثابت قدم رهي سگهان.
عصمت چغتائي/ شگفته شاهه
وڃائجي ويل ڇوڪري
کيس ائين لڳو ڄڻ هوءَ قبر ۾ دفن هجي، شايد ڀُلَ ۾
کيس به دفنايو ويو آهي. جيڪڏهن هوءَ مري چڪي آهي
ته سندس سيني ۾ باهه ڇو پئي ٻري؟ ساهه ۾ واري ڇو
پئي ڀرجي؟! شايد هوءَ مئي نه آهي ۽ هينئر دم ڇڏي
رهي آهي. ڇا ماڻهو ايئن مرندا آهن؟ کيس پنهنجي مرڻ
جي خيال سان ڏک ٿيو. اڃا ته سندس مرڻ جا ڏينهن نه
هئا ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي سندس تيرهين سالگرهه
ٿي هئي. مما سندس گلابي فراڪ راتو رات سبيو هو ۽
ان تي ڳاڙهن ۽ پيلن گلن جو ڀرت ڀريو هو. اهو فراڪ
بالڪل نئون ٿي لڳو، جيتوڻيڪ مما پنهنجي هائوس ڪوٽ
جي وڍ ٽُڪ ڪري کيس ان مان فراڪ ٺاهي ڏنو هو. هڪ
ڳالهه ۾ اهو نئون ئي هو ڇو جو اڳ اهو فراڪ نه، پر
هائوس ڪوٽ هو.
نه... نه... هوءَ مئي نه هئي. جيڪڏهن هوءَ مئل هجي
ها ته کيس اهو گلابي فراڪ ڪيئن ياد اچي ها؟ هن
پاسو ورائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس سيني تي ڳرو بار
پيل هو. پوءِ هوءَ زور لڳائيندي رهي ۽ آهستي آهستي
هن پنهنجي آسي پاسي پيل مٽيءَ جي ڍير مان پنهنجا
هٿ پير ڇڏايا.
ڀت ٿنڀي سان اٽڪيل هئي انڪري مٿس نه ڪري. هوءَ
گسڪندي گسڪندي اڳتي رڙهندي رهي پوءِ بيهوش ٿي وئي
۽ جڏهن کيس هوش آيو ته سندس چئني پاسن کان آواز
پئي آيا. ماڻهو ڪجهه چئي رهيا هئا. مٽيءَ جي ڍير
کان آزاد هڪ اسٽريچر تي پئي هئي تڏهن کيس ياد آيو
آسمان تان ڄڻ باهه پئي وسي ۽ بم بوندن جيان ڳڙيا
پئي، پوءِ هڪڙو بم ان ننڍڙي گهر تي به ڪريو جنهن ۾
هوءَ پنهنجن گهر وارن سان گڏ رهندي هئي، مما،
پاپا، آندري، ميشا ۽ ننڍڙي ڪاتيا ۽ پوڙهي ڏاڏي،
جيڪا پياريون پياريون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي.
”ڪاتيا!... ڪاتيا!“ هوءَ تڙپي اسٽريچر تان اٿي.
سندس سيني تي ڄڻ ڪنهن بڙڇي هنئي ننڍڙي پتڪڙي
ڪاتيا! هوءَ ته ان ڍير هيٺان خوف مان
بي
حال ٿي وئي هوندي. هوءَ ڪرندي، تڙپندي مٽيءَ جي
ڍير واري پاسي ڊوڙي. ڪنهن به مزاحمت نه ڪئي ڇو ته
اسٽريچر گهٽ هئا ۽ زخمي گهڻا هئا.
”گلينا!... گلينا!“ ڪنهن کيس سڏيو، پر وٽس جواب
ڏيڻ جو وقت نه هو ۽ هوءَ ٻنهي هٿن سان مٽيءَ جي
ڍير کي کوٽڻ لڳي. سندس ننهن ٽٽي پيا ۽ آڱريون رتو
رت ٿي ويون. ان ڍير هيٺيان سندس پوري دنيا دفن
هئي. اوچتو کيس ڪاتيا جي گڏيءَ جا پير نظر آيا.
ڪاتيا کي اها گڏي، جان کان وڌيڪ پياري هئي. ان ٽٽل
پراڻي گڏيءَ تان هوءَ ساهه صدقو ڪندي هئي. جتي گڏي
هجي اتي ڪاتيا جو هئڻ لازمي هو ۽ اهو ئي ٿيو. کيس
ڪاتيا جو ننڍڙو هٿ نظر آيو. ڳاڙهو دستانو ٿورڙو
لهي ويو هو. هن پنهنجا حواس گم ٿيڻ نه ڏنا ۽ آهستي
آهستي ڍير سرڪايو. اتي ڪاتيا جو گڏيءَ وارو هٿ ته
هو، پر هوءَ نه هئي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ هٿ آهي،
گڏي آهي ته پوءِ ڪاتيا ڇو ڪونهي؟ هوءَ چرين جيان
وڏي ڍير کي هٽائڻ لڳي. سندس جسم تي آيل ننڍن ننڍن
زخمن مان رت وهڻ لڳو ۽ ٽٽل پاسراٽيون ڄڻ ٺڪاءَ ڏيڻ
لڳيون. هن ڪاتيا جو اڪيلو هٿ سيني سان لائي، چميو،
لڙڪن وهڻ ڪري، سندس اکين ۾ پيل واري ڌوپڻ لڳي ۽
پوءِ مٺي مٺي نرم بيهوشي کيس پنهنجي آغوش ۾ وٺي
ڇڏيو.
گلينا جيڪا صرف تيرهن ورهين جي هئي، جيڪا هر ڳالهه
تي کلندي هئي، جيڪا جرمن بمن جي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪاٺ
جي وڏي ميز هيٺان لڪي ويندي هئي جو کيس خبر هئي ته
جڏهن گجگوڙ ڪندڙ بم ڪرندا هجن ته يڪدم پلنگ يا ميز
هيٺان ليٽي پوڻ گهرجي، سائرن، وڄندي ئي روشنيءَ کي
وسائي ڇڏجي ۽ تڏهن بم هِتي هُتي ڪرندا رهن ته
ڪاتيا جون وڏيون وڏيون نيريون اکيون ننڊاکڻيون ٿيڻ
لڳنديون ۽ هوءَ اتي ئي گڏيءَ کي ڇاتيءَ سان لائي
سمهي رهندي. پوءِ جڏهن بمن جا ڌماڪا ٿڪجي پوندا ته
مما کين ميز جي هيٺان ڇڪي ڪڍي پلنگ تي سمهاري
ڇڏيندي.
ڪيترائي ڀيرا بم ڪريا هئا، پر گلينا جو گهر سدائين
بچي ويندو هو. سندس گهر جي معاملي ۾ ڄڻ بم انڌا ٿي
ويندا هئا. کيس يقين هو ته بم سندس گهر ڪڏهن به
ڳولهي نه سگهندا، پر اهو يقين هاڻي مٽي جو ڍير
بڻجي ويو هو. اهو ڍير جنهن هيٺ سندس دنيا دفن ٿي
وئي هئي.
اسپتال ڇا هئي ڄڻ جانورن جو هڪ واڙو هو جنهن کي
کڻي اسپتال ٺاهيو هئائون. جانور ته سڀ جرمن ڦورو
ڳڙڪائي ويا هئا. ان اسپتال ۾ گهڻو ڪري ٻار ۽ ٻڍڙا
هئا. گلينا جي ڇاتيءَ تي ٻڌل پلستر جي بار سبب کيس
اٿڻ ويهڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي، پر اتي ٻين زخمين کي
ڏسي کيس پنهنجو ڌڪ ته بلڪل فضول لڳندو هو. هوءَ
هلي ڦري ته سگهندي هئي. الاهي ٻار ويچارا ته
پنهنجون ٽنگون ٻانهون وڃائي ويٺا هئا. سندس اکيون
ته سلامت هيون نه ته ڪيترائي مريض نابين هئا.
کلندڙ ڪڏندڙ ٻار معذور بڻجي ويا هئا.
گلينا جو ڳوٺ دشمن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو. جڏهن هن
جرمنن کي ڏٺو ته کيس ڏاڍي حيرت ٿي ته هُو ته بلڪل
انسانن جهڙا لڳندا هئا. جيڪڏهن هو انسان ئي هئا ته
پنهنجن هم جنسن کي جهنم جي عذاب ۾ ڇو ڌڪيندا هئا؟
اها ڳالهه کيس به سمجهه ۾ نه ايندي هئي. هن پنهنجي
خاندان وارن جا لاش ڏٺا، پر سندس اکين مان هڪ
ڳوڙهو به نه ڳڙيو ڇو ته اهي کيس پنهنجا مائٽ لڳا
ئي ڪونه. پوڙهي ڏاڏي ته صفا پيسجي وئي هئي. هن جا
پوڙها هڏ چور چور هئا. ۽ ڪاتيا!...
...ننڍڙي گڏيءَ جهڙي ڪاتيا!... اها ڪيئن ٿي مري
سگهي؟ ڪوئي به ڪيئن ٿي مري سگهيو؟ پوڙهي ڏاڏي ته
کڻي پيرسن هئي، پر مما ته جوان هئي ۽ پاپا جي
ٻانهُن ۾ ڪيڏي نه طاقت هئي؟ آندري ته هڪدم ڊگهو
ٿيندي پئي ويو ايئن لڳندو هو ته هڪ ڏينهن هن جو
مٿو ڇت کي ڦاڙي ان کان به ٻاهر نڪري ايندو. ڪڏهن
هو بيخياليءَ مان دروازي مان داخل ٿيندو هو ته
سندس مٿي تي ڌڪ لڳي پوندو هو. تڏهن سڀ گهر وارا
کلندا هئا.
سڄو گهر!؟... ڪٿي هو اهو سڄو گهر؟ ڪيڏانهن ويو اهو
سرسبز ڳوٺ؟ لڳندو هو ته ڪنهن ديوَ پنهنجي وڏيءَ
کُڙيءَ هيٺيان ان کي چيڀاٽي ڇڏيو هو. ان جي چيلهه
چٻي ڪري ڇڏي هئي، پر اهو ڀڳل ٽٽل ڳوٺ اڃا جيئرو هو
۽ ساهه کڻي رهيو هو ۽ ان کي چيڀاٽڻ واري کڙي ٿڪجي
پئي. ان مان سور جون سٽون نڪري رهيون هيون، مواد
سڙي رهيو هو.
آندري، کي ٽرڪ ڊرائيور بڻجڻ جو شوق هو. هوءَ جڏهن
به ڪا ٽرڪ ڏسندي هئي ته سندس دل ڀرجي ايندي هئي.
هوءَ پيار سان ٽرڪ تي هٿ ڦيرائيندي، بالٽي ۾ پاڻي
ڀري ان تان مٽي ۽ گپ کُرڙڻ لڳندي هئي ۽ ڪپڙي سان
صاف ڪري ان جو هڪڙو هڪڙو حصو چمڪائيندي هئي. هيءَ
ڪلچ آهي، هيءَ بريڪ آهي. چاٻي ڦيرائڻ سان ٽرڪ ۾
ڄڻ ڌڙڪڻ پيدا ٿي ويندي آهي. پيٽرول خون جيان هن
جي رڳن ۾ گردش ڪرڻ لڳندو آهي. ۽ واهو گجندو تکو
هلڻ لڳندو آهي. هوريان هوريان ٽرڪ سان سندس پيار
وڌندو ويو. ان جي هر ڪل پرزي سان هن جي ڄاڻ سڃاڻ
وڌي ايستائين جو ڏاڍي گهاٽي دوستي ٿي وئي. جڏهن
ملڪ مان جرمن ڪچرو هٽڻ لڳو ته هن ٽرڪ هلائڻ سکي
ورتي. جنهن ڏينهن هن اڪيلي سر ٽرڪ وسيلي سامان
پهچايو ته کيس ايئن لڳو ته سندس ڀاءُ آندري سندس
ڀرسان ويٺو کلي پيو. سندس اڇا هموار ڏند سندس اس ۾
سانوريل رنگ واري صورت تي چمڪا رهيا هئا.
هوءَ ڪا به غلطي ڪندي هئي ته آندري ڄڻ کيس خبردار
ڪندو هو:
”نه... نه... ڇوڪري! ايئن نه.“
آندري سدائين کيس ”او ڇوڪري!“ ڪري سڏيندو هو ۽
سندس نانگ جهڙي ڪاري ۽ وٽ ڏيندڙ چوٽين کي ڇڪيندو
هو.
جنهن ڏينهن کان هن ٽرڪ هلائڻ سکي هئي ڄڻ ته ڪنهن
حد تائين سندس اڪيلائي دور ٿي وئي، ڄڻ هاڻي هوءَ
اڪيلي نه هئي، هن آندري کي پائي ورتو ۽ هر وقت هو
ڄڻ هن سان گڏ هوندو هو. ملڪ جا جوان دشمن سان
جهيڙي رهيا هئا انڪري عورتن گهڻا ڪم سنڀالي ورتا
هئا. ٽرڪن ۽ ننڍن هوائي جهازن وسيلي مختلف مورچن
تي رسد
جو ڪم عورتون ۽ نوجوان ڇوڪريون ئي ڪنديون هيون.
گلينا کي خيال آيو ته آندري، جڏهن ننڍو هو ته ٽرڪ
هلائڻ جا خواب ڏسندو هو، پر پوءِ هن مٿان هوائي
جهاز هلائڻ جو جنون سوار ٿي ويو هو. گلينا هاڻي
سورهن سالن جي هئي ۽ آندري زنده هجي ها ته ٻاويهن
ورهين جو جوان هجي ها.
ملڪ جي نئين سر تعمير جو ڪم شروع ٿي ويو هو. جرمن
جي تباهه ڪارين جا نشان تيزيءَ سان مٽايا پئي ويا.
برلن تي بمباري شروع ٿي وئي هئي ۽ دشمن پسپا ٿي هر
پاسي کان ڀڄي رهيو هو. هاڻي، گلينا مٿان پائلٽ
بڻجڻ جي ڌن سوار ٿي وئي. کيس ايئن لڳندو هو ته ڄڻ
هن آندري، سان وعدي خلافي ڪئي هجي ۽ هاڻي هو هن
سان ٽرڪ ۾ ويٺل کيس شڪايت ڀريل نظرن سان ڏسندو هو.
هوءَ ڄڻ وري اڪيلي ٿي وئي. آندري، ڄڻ هن سان رٺل
هو، پر جڏهن هن پنهنجي ارادي جو اظهار ڪيو ته ڪنهن
به سندس مذاق نه اڏايو. هن ڇهن مهينن ۾ چڱي طرح
جهاز اڏائڻ سکي ورتو ڇو ته هوءَ چرين جيان ڪنهن به
ڪم ۾ جُنبي ويندي هئي ۽ ڏينهن رات مٿس هڪ ئي ڌُن
سوار هوندي هئي. ڇهن مهينن اندر هن صرف جهاز هلائڻ
ئي نه سکيو هو، پر هوءَ هن دشمن جي قبضي هيٺ آيل
ملڪ جي حصن تي حملا ڪرڻ به شروع ڪري ڏنا. هوءَ
اونداهي راتن ۾ اڪيلي جهاز اڏائيندي هئي ۽ دشمن
جون وايون بتال ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ جهاز کي ايڏو
ته هيٺ آڻي ڇڏيندي هئي جو غلطيءَ جي گنجائش ئي نه
رهندي هئي. هوءَ خطرناڪ مهمون کڻندي هئي ۽ ڪامياب
ٿي موٽندي هئي.
هاڻي هوءَ بيحد هر دلعزيز بڻجي وئي هئي. ڪيئي
نوجوان سندس عشق ۾ ديوانا ٿي ويا هئا، پر هوءَ
ايڏو ته حيران ٿي کين ڏسندي هئي جو سندن جوش ٿڌو
ٿي ويندو هو ڇو ته عشق محبت جي ميدان ۾ هوءَ
بالڪل اڻ ڄاڻ هئي. گهڻن ئي ماڻهن سان سندس دوستي
هئي، پر عشق ڪرڻ جي صلاحيت منجهس هئي ئي نه.
”عشق لاءِ ته فرصت گهرجي“ هوءَ سوچيندي هئي:
”هڪ ڏينهن ڪري وٺبو اڃا جلدي ٿوري آهي، اڃا ته عمر
پئي آهي. اڃا ته فقط آندري جو قرض ادا ڪيو اٿم ۽
ان مان ئي دل نه ڀري آهي.“
پوءِ سندس بيقرار طبيعت کيس وري وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو.
هڪ ڀيري هوءَ پنهنجن دوستن سان سرڪس ڏسڻ وئي ۽
جڏهن جهولي (پينگهه) وارا ڪرتب شروع ٿيا ته سندس
هينئون ڄڻ ٻڏي ويو ۽ هوءَ مسلسل اکين مان وهندڙ
لڙڪن کي جلدي جلدي اگهڻ لڳي. لڙڪن جي ان ريلي سبب
کيس ڪرتب چڱي طرح نظر به نه پئي آيا.
پريان... ڪنهن جنم ۾ جڏهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن ٽهڪ
ٻُريل هئا تڏهن سندس ڀاءُ ميشا اکيون ڦاڙي، ڦاڙي،
اهي ڪرتب ڏسندو هو. سرڪس مان واپس اچي هن ايڏيون
ته قلابازيون ڏنيون جو پوڙهي ڏاڏي ڊڄي وئي ته ڪٿي
ڇوڪري جو مغز نه ڦاٽي پوي. ان ڏينهن کان ميشا تي
سرڪس ۾ ڀرتي ٿيڻ جو جنون سوار ٿي ويو. هو راندين ۾
هر سال انعام کٽي ايندو هو سو سرڪس ڏسي ڄڻ هن جو
ذهن ڦري ويو. پوڙهي ڏاڏيءَ کي ته سرڪس جي ذڪر کان
ئي وحشت ٿيندي هئي ڇو ته سندس محبوب به اهڙي ريت
جهولي ۾ جهليندو موت جي آغوش ۾ وڃي ستو هو. سو
ڏاڍا زوردار بحث ٿيا هئا ۽ مما به هن جي ڳالهه جي
پوئواري پئي ڪئي.
”ٻچي جا هٿ پير ڀڄي پوندا.“ ڏاڏيءَ ضد ڪيو.
”مغز اونڌو ٿي ويندس.“ مما ورجايو پئي.
”مغز نه اونڌو ٿيندس.“ پاپا مسلسل سمجهايو پئي.
”ننڍپڻ ۾ سڀني کي ئي سرڪس ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق هوندو
آهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ دل ڀرجي ويندس پوءِ ڇا ڪندو؟
زندگي تباهه ٿي ويندس.“ مما چيو.
پوءِ هڪ ڏينهن ميشا غائب ٿي ويو، خبر پئي ته هو
ڪنهن سرڪس سان گڏ ماسڪو پئي ويو. پاپا ڏاڍي مشڪل
سان کيس ان واعدي تي واپس وٺي آيو ته هو کيس سرڪس
انسٽيٽيوٽ ۾ ڀرتي ڪرائيندو.
ان وقت هٽلر يورپ کي ڳڙڪائڻ شروع ڪيو هو. ميشا
ضرور سرڪس جي تربيت حاصل ڪري ها، پر حالتون ٺيڪ نه
هيون ڇو ته ملڪ دشمن جي حملي لاءِ بالڪل به تيار
نه هو. پوءِ هٽلر روس تي حملو ڪري ڇڏيو. ڄڻ هڪ رت
پيئندڙ ڀوت ريڙهيون پائيندڙ ٻار تي ڪڙڪيو هو، هڪ
لوهي انجڻ هئي، جيڪا کلندڙ معصوم انسانن کي
چيڀاٽيندي هلي وئي هئي. گلينا جي خاندان جهڙا لکين
امن پسند خاندان پيسجي خاڪ ٿي ويا هئا. لکين ماڻهو
قيد ڪري ان لاءِ جرمني ڏانهن اماڻيا ويا ته اتي
غلامن جيان جبري پورهئي ۾ لڳايا وڃن.
پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ريڙهيون ڏيندڙ ٻار هٿ ٽيڪي
اٿي بيٺو ۽ لوهي ديوار بڻجي ويو ۽ پوءِ ان ديوار
سان مٿو هڻي جرمن هٿياربند فوج مفلوج ٿي وئي. ٻارن
۽ ٻڍن ۾ به جوانن جهڙي جرائت پيدا ٿي وئي ۽ برلن
تي روسي فوجن جو قبضو ٿي ويو.
پر... ميشا جي جسم جا ته پورا ٽڪر به نه مليا هئا.
سندس اڌ گابرو لاش اڃا تائين گلينا جي اکين آڏو
ڦرندو هو.
سڀني چيو: ”چري ٿي پئي آهي جو ايڏي زبردست هواباز
آهي سا سرڪس ۾ ٿي وڃي. اتي ٻهارو ڏيڻ کانسواءِ ٻيو
ڇا ڪري سگهندي؟“
”اهو فن ته ڪچڙن هڏن لاءِ هوندو آهي.“
”پر ميشا ته فقط ٻارهن سالن جو هو.“
”تون ميشا نه آهين گلينا آهين.“
”ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي.“ هوءَ چوندي رهي.
گلينا جي ضد اڳيان سڀ هارائي ويا. هوءَ ته چري
هئي. هن جنگ لکن دماغن کي لوڏي ڇڏيو هو، هوءَ
وساري ويٺي هئي ته هوءَ گلينا هئي. کيس ته ميشا جو
قرض لاهڻو هو. ميشا! جيڪو سرڪس جا خواب ڏسندو هو ۽
دروازن جي چائنٺن تي جهولو جهوليندو هو... جنهن جي
لاش جا ڪيترائي ٽڪر نه مليا هئا... ۽... پوءِ ٽن
سالن جي شديد محنت کان پوءِ هڪ ڏينهن گلينا ميشا
جو قرض به لاهي ڇڏيو.
هيٺ ڄار لڳل هو ۽ گلينا جهولي ۾ جهولي رهي هئي.
هزارين چهرا هن ڏانهن متوجهه هئا ۽ هزارين ميشا
کيس غرور ۽ شوق سان تڪي رهيا هئا. هن چيلهه سان
ٻڌل رسيءَ جو هُڪ ڪڍي ڇڏيو۽ سندس هٿ پينگهه جي
ڏنڊي کي ڇهي سامهون واري ڪرتب باز جي هٿن سان
ٽڪريا. هن سمجهيو ته هو ميشا هو.... ويهن ورهين جو
هوا ۾ لهرائيندڙ ميشا. ان وقت هوءَ گلينا نه، پر
ميشا هئي. هن ثابت ڪري ڏيکاريو هو ته جيڪڏهن ارادي
۾ پختگي آهي ته عمر جو قيد ختم ٿي ويندو آهي.
سندس ڪرتبن جي سڄي ملڪ ۾ هاڪ ٿي وئي. ٻن سالن
تائين هوءَ سرڪس سان گڏ گهمندي رهي. ماڻهن کيس
ڪڏهن به ايڏو خوش نه ڏٺو هو. ماڻهو سچ ئي ته چوندا
هئا ته هوءَ ڪجهه ڪجهه چري هئي. هونءَ به حد کان
وڌيڪ حساس ماڻهو ڪجهه حد تائين چريا ئي ته هوندا
آهن. ان چريائپ ۾ ئي کين دنيا جي غمن کان پناهه
ملندي آهي. انسان ۾ ايئن جيئڻ جي همت پيدا ٿيندي
آهي ۽ زخمن کي ڇٽڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ يادون
خوشگوار رنگ اختيار ڪنديون آهن.
پر... وري سندس مُرڪ ڌنڌلي ٿيندي وئي. کيس بي
خوابي جي شڪايت رهڻ لڳي ۽ جڏهن هوءَ اکيون بند
ڪندي هئي ته کيس ڪاتيا جي گڏي ۽ ڳاڙهي دستاني وارو
هٿ ياد پوندو هو ته هوءَ گهٻرائجي اکيون کولي
ڇڏيندي هئي. کيس اکيون ٻوٽڻ کان ئي خوف اچڻ لڳو.
کيس ايئن گم سم ڏسي سرڪس جي مالڪ کيس سختي سان
تاڪيد ڪيو ته هوءَ ڀلجي به پينگهه واري آئٽم پيش
ڪرڻ دوران چيلهه سان ٻڌل ڏوريءَ جو هُڪ نه ڪڍي.
هن جي چهري تان ٽهڪ غائب ٿي ويا. اکيون ڪٿي پري
پيون ڏورينديون هيون ۽ ڪجهه به نه پائي ڀٽڪڻ
لڳنديون هيون. سندس بک به ختم ٿي وئي ۽ صحت خراب
ٿيڻ لڳس. مينيجر هن تي زور ڏنو ته هوءَ ڪنهن
پُرفضا جاءِ تي وڃي ڪجهه مهينا آرام ڪري. جنهن
ڏينهن کان سندس دنيا اجڙي هئي ۽ هوءَ اڪيلي رهجي
وئي هئي، هن هڪ ڏينهن به ته سڪون سان موڪل نه ڪئي
هئي. سندس دوست سندس دل وندرائڻ خاطر کيس ڪڏهن به
اڪيلو نه ڇڏيندا هئا، پر هن پنهنجي خواب بابت ڪنهن
سان به ذڪر نه ڪيو.
هڪ ڏينهن کيس پنهنجي خواب جي تعبير ملي وئي جڏهن
هوءَ بالشوائي ٿيٽر ۾ سوان ليڪ بيلي ڏسي رهي هئي،
ته کيس هڪدم تتريءَ جيان هلڪي ڦلڪي ننڍڙي ڪاتيا
اسٽيج تي نظر آئي. هاڻي سندس هٿ ۾ گڏيءَ بدران
اسڪارف هو. مما سدائين چوندي هئي ته ڪاتيا بيلي
ڊانسر بڻجندي. هوءَ هر وقت ننڍڙن پيرن سان اڀ کڙين
ڦيريون پئي پائيندي هئي ايستائين جو مٿو اچي ڦرندو
هوس ته پوءِ گل جيان فرش تي اچي ڦهڪو ڪندي هئي.
ان رات هن پهريون ڀيرو خواب ۾ ڪاتيا کي صحيح سلامت
ڏٺو۽ هوءَ پنهنجا ٻئي ڳاڙهن دستانن وارا هٿ هوا ۾
لهرائي اڀ کڙين نچي رهي هئي. اهو خواب ڏسي ڏسي به
سندس دل نه ڀري. سمهندي جاڳندي، ڪاتيا جون نيريون
اکيون سندس پيڇو ڪنديون هيون. هاڻي کيس سرڪس ۾
وحشت ٿيندي هئي. ڇو ته هن ميشا جو قرض لاهي ڇڏيو
هو ۽ ڳالهه ختم ٿي وئي هئي. هاڻي ڪاتيا جي قرض جي
بار ڄڻ سندس ساهه پئي گُهٽيو.
سندس دوستن کيس گهڻو ئي سمجهايو. هوءَ قائل ته
ٿيندي هئي، پر پنهنجي ارادي تان هٽڻ سندس وس جي
ڳالهه نه هئي. نيٺ سندس جنون کٽيو ۽ هن بيلي اسڪول
۾ داخلا ورتي. ايترو وقت سرڪس ۾ ڪم ڪرڻ ڪري سندس
جسم ۾ لوچ ته پيدا ٿي وئي هئي قدرتي طرح، سو هن
وري پنجن سالن جي شديد محنت سان بيلي جا سڀ ور وڪڙ
ڄاڻي ورتا ۽ جيڪي کيس چريو سمجهندا هئا سي سندس فن
جا قائل ٿي ويا ته ايترا سال هن پنهنجن انهن
صلاحيتن کي هيڏانهن هوڏانهن ڇو ڀٽڪڻ ڏنو.
رٰقص ڪرڻ مهل هوءَ گلينا نه هوندي هئي پر منجهس
ڪاتيا جو روح سمائجي ويندو هو ڄڻ قدرت کيس بيلي
لاءِ ئي پيدا ڪيو هو. هيستائين هوءَ ڄڻ رستو ڀٽڪيل
هئي. هوءَ پنهنجن ڪارن وارن کي لڪائڻ خاطر بلونڊ
وگ پائيندي هئي ۽ چوڻ وارا ته اهو به چوندا هئا ته
رقص دوران سندس ڀوريون اکيون نيريون ٿي وينديون
هيون. هوءَ ستاويهن سالن جي هئي، پر اسٽيج تي اچڻ
بعد هوءَ ڄڻ اڌ ٽڙيل مکڙي، بڻجي ويندي هئي. ڪاتيا
جيڪڏهن جيئري هجي ها ته ايڏي هئي هجي ها، جنهن
ڏينهن هن سوان ليڪ جو رقص بالشوئي ٿيئٽر ۾ ڪيو ته
سڄي هال اٿي بيهي کيس داد ڏنو تاڙيون وڄائي کيس
خراج عقيد پيش ڪيو... پر... ان وقت تاڙين جا آواز
ڄڻ پري ٿيندا ويا ۽ هوءَ اونداهي ۾ غرق ٿي وئي ۽
جهُڪي ته وري نه اٿي سگهي.
جڏهن کيس هوش آيو ته هوءَ هڪ پُرسڪون ڪمري جي اڇي
بستري تي ليٽي پئي هئي. کيس جاڳندو ڏسي هڪ نرس کيس
اٿڻ کان جهليندي چيو.
”صبح بخير!“
”صبح بخير. آئون ڪٿي آهيان؟“
”توهان اسپتال ۾ آهيو ۽ هتي ايندي اڄ اوهان کي
ڇهون ڏينهن آهي.“
”ڇهون ڏينهن؟ آئون ڇهه ڏينهن ستل هيس؟“
هن پنهنجي هٿ ۾ لڳل گلوڪوز جي اوزار کي ڏسي، چيو:
”تڏهن ئي مون کي ايڏي، بک پئي لڳي.“
هن پوءِ وڏي شوق سان سوپ پيتو، سندس طبيعت بشاش
ٿيڻ لڳي ۽ هوءَ بنا سبب جي کلڻ لڳي.
”آئون گهر وڃي ٿي سگهان؟“
”نه.“
”ڇو؟“
”تنهنجي مُريَن جون نسون سُڄي ويون آهن انڪري،
آپريشن ٿيندو.“
”آپريشن؟!“
”ها! پر پوءِ توهان رقص ڪري نه سگهنديون. توهان
پنهنجن پيرن سان ڏاڍو ظلم ڪيو آهي.“
ٽن مهينن تائين سندس مُريَن جي پلاسٽڪ سرجري ٿيندي
رهي. ڊاڪٽر ملڪ جي ايڏي وڏي رقاصه (ناچڻي) کي ٻيهر
اسٽيج تي اچڻ جي قابل بڻائڻ ۾ جنبيل هئا ۽ سندس
خوبصورت مُرين کي ٻيهر سهڻو بڻائڻ جي ڌن مٿن سوار
هئي. کين يقين هو ته سال جي اندر هوءَ وري اسٽيج
تي پهچي ويندي... سندس مُرين مٿان سُوپيرين جهڙا
بڇڙا نشان هئا جن کي مٽائڻ ۾ ڊاڪٽر لڳل هئا، پر
گلينا دل ۾ شرمندي پئي ٿي. کيس هاڻي پنهنجن مُريَن
سان ڪا به دلچسپي نه رهي هئي جو سندس مغز ۾ ته
وري، نئون ڪيئون پئي سُريو. هن ڪاتيا جو قرض لاهي
ڇڏيو هو. هاڻي کيس ڪوبه فڪر ڪونه هو، پر هاڻي
پنهنجو پورو ڪٽنب پائڻ کان پوءِ کيس ايئن لڳو ته
هوءَ پاڻ رستي ۾ ڪٿي وڃائجي وئي هئي. هوءَ پاڻ ڪٿي
هئي؟ گلينا ته ڪٿي به نه هئي. يقيناً هاڻي ماڻهو
کيس خفتي سمجهندا، پر هاڻي کيس اسپتال سان پيار ٿي
ويو هو. هوءَ اسپتال کان ايڏو پري، ڪيئن رهي هئي
هيستائين؟ کيس ته ننڍپڻ کان ئي ڊاڪٽر بڻجڻ جي آرزو
هئي. هيستائين هن جيڪو ڪجهه به سکيو هو سو سندس نه
هو. هن جيڪڏهن پاڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ته پوءِ
سندس زندگيءَ جو فائدو ئي ڪهڙو، دنيا کلي ته ڀلي
کيس ڪابه پرواهه ڪونهي. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هوءَ
هارٽ اسپيشلسٽ بڻجندي. جنگ ڪيترين ئي دلين کي ماري
ڇڏيو هو. هوءَ دل جي مريضن جي خدمت ڪندي. تڏهن ئي
هوءَ پاڻ کي پائي سگهندي. تڏهن ئي سندس پاري جهڙي
طبيعت کي قرار ايندو.
پنجن سالن ۾ سندس اهو خواب پورو ٿيو. هوءَ پنهنجي
منزل تي پهچي وئي. تڏهن هن ڪيترين راتين تائين
خوابن ۾ پنهنجي سڄي ڪٽنب کي کلندو ڪڏندو ۽ صحيح
سلامت ڏٺو. ان وقت جڏهن اهو قيامت آڻيندڙ بم سندس
دنيا تي نه ڪريو هو. تڏهن زندگيءَ ۾ بهار هئي.
خزان جي موسم اڃا شروع ئي ٿي هئي جو سندس زندگيءَ
۾ هڪدم بهار اچي وئي. ترڪيءَ جي عظيم انقلابي شاعر
ناظم حڪمت لاءِ زندگي ڏکي بڻجي وئي هئي ۽ هن کي
روس ۾ پناهه وٺڻي پئي هئي. سندس زال ۽ ٻار اتي ئي
ڦاسجي ويا هئا. هو جڏهن روس پهتو ته سندس دل کيس
زنده درگور ڪري ڇڏيو. ملڪ جا مشهور هارٽ اسپيشلسٽ
هن ڏانهن متوجهه ٿيا. انهن ڊاڪٽرن ۾ گلينا به هئي.
ڊاڪٽرن جي پوري ٽيم هن جي علاج ۾ جُنبي وئي ڇو ته
هڪ عظيم ۽ حساس فنڪار ڀلي ڪنهن به ملڪ جو رهاڪو
هجي اهو سڄي دنيا جو پيارو بڻجي ويندو آهي.
ناظم حڪمت فقط شاعر ئي نه، پر پاڻ به ڄڻ هڪ مڪمل
شعر هو. ڊگهو قد، ڳاڙهاڻ مائل چهرو، گهاٽا ڀورا
وار ۽ ٻارن جيان معصوم نيريون اکيون. هن کي ڏسي
گلينا تي ڄڻ وڄ ڪري هئي ۽ کيس ياد آيو ته هن
پنهنجي سڄي ڪٽنب جو قرض لاٿو، پر فقط پنهنجو قرض
لاهڻ وسري ويس. هن ٻٽيهن سالن جي عمر تائين اڃا به
ڪنهن سان عشق نه ڪيو هو.
جنهن اٽل ارادي سان کيس ڪم ڪرڻ جي عادت هئي ان ئي
زورشور سان هوءَ ناظم حڪمت تي عاشق ٿي پئي. جيڪڏهن
هوءَ ڊاڪٽري نه پڙهي ها ته کيس ناظم حڪمت ڪيئن ملي
ها. هن ڀڄ ڊُڪ ڪري پنهنجو پاڻ کي هن جو خاص ڊاڪٽر
مقرر ڪرايو ۽ هن جي شخصيت ۾ ڄڻ گم ٿي وئي.
ناظم حڪمت جي حالت تمام نازڪ هئي. سندس زندگيءَ جي
لاٽ ڪنهن به وقت هوا جي جهوٽي سان اجهامي سگهي ٿي.
گلينا ڊاڪٽر هئي، پر هن سندس نرسنگ جي ذميواري به
پنهنجي مٿان کڻي ورتي هئي. هوءَ خود هن کي پنهنجي
هٿن سان اسپنج باٿ ڏيندي هئي، سندس سونهري وارن کي
سنواريندي هئي ۽ پنهنجي هٿن سان سُوپ تيار ڪري
پنهنجي هٿن سان هن کي پياريندي هئي. هن لاءِ ناظم
حڪمت کانسواءِ دنيا ۾ ڪجهه به نه بچيو هو. باقي هر
شئي ڄڻ ڌنڌلي ٿي پري ٿي وئي هئي. صرف هڪ هستي فوڪس
۾ اڀري آئي هئي. هوءَ ٿوري ٿوري چري ته اڳ ۾ ئي
هئي، پر هاڻي ته بالڪل ديواني ٿي وئي هئي.
ناظم حڪمت جوان نه هو، پر پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ هو.
کيس حرڪت ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي بنهه اجازت نه
هئي. سندس حالت سڌرڻ بدران ڏينهون ڏينهن خراب
ٿيندي پي وئي. هو مهينن تائين زندگي ۽ موت وچ ۾
ٽنگيل رهيو ۽ ڪڏهن اهڙي طرح اکيون کوليندو هو ڄڻ
سندس اکين جي روشني ختم ٿي وئي هجي. کيس ڪجهه خبر
نه هوندي هئي ته سندس ويجهو ڇا پيو ٿئي. ڊاڪٽر
پابنديءَ سان سندس چڪاس ڪندا هئا ۽ خاموش ٿي ويندا
هئا. مريض مان جيئڻ جي تمنا ختم ٿي چڪي هئي جو هن
عمر ۾ پنهنجن کان پري، گهر، زال ۽ ٻارن کان هن کي
زندگي خشڪ ۽ بي رنگ نظر ايندي هئي.
گلينا جي ڪمري ۾ هڪ ڪونڊيءَ ۾ بنفشه جو ٻوٽو لڳل
هو جنهن جا پَنَ ڇڻي چڪا هئا، ٽاريون سڪي ويون
هيون. هن ڪيترائي ڀيرا سوچيو هو ته ان کي کڻي
دريءَ کان ٻاهر اڇلائي ڇڏي پر دل نه مڃيس، الائي
ڇو کيس لڳندو هو ته ان ٻوٽي ۾ اڃا ساهه هو ۽ هوءَ
سوچيندي هئي ته جيڪڏهن ان ٻوٽي مان مکڙيون ڦٽنديون
ته سمجهو ته ناظم حڪمت صحتمند ٿي ويندو. الائي ڇو
کيس وهم ٿي ويو ته هن جو ان ٻوٽي سان ڪو ناتو هو.
هوءَ جيءَ جان سان ان ٻوٽي جي سنڀال ڪرڻ لڳي. کيس
پنهنجو ڪوبه هوش نه هوندو هو. ڪپڙا مٽائڻ وسري
ويندا هئس، ڦڻي ڏيڻ وساري ڇڏيندي هئي، پر مريض جي
سارسنڀال ۾ ذري جو به فرق نه ايندو هو. هوءَ سندس
سار ننڍڙي ٻار جيان لهندي هئي. ڊاڪٽر مايوس ٿي چڪا
هئا. ناظم حڪمت ڏينهون ڏينهن ٻڏندو پئي ويو. هن جو
رنگ ڌوتل ڪپڙي جيان اڇو ٿي ويو هو. پنبڻيون
ڏڪنديون هيون، پر نيري اکين جا تارا نه کلندا هئا.
گلينا بنفشه جي گل کي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندي
هئي جو ان ٻوٽي ۾ اڃا جان هئي. سندس پنهنجي صحت
ڏينهون ڏينهن ڪرندي پئي وئي. کيس کاڌي پيتي جو هوش
نه هوندو هو.
دنيا برف سان ڍڪيل عارضي موت ستل هئي. بهار جي
موسم پري هئي. اڃا ته برف به پگهرڻ نه شروع ٿي
هئي. برف جو ڪفن ڄڻ ساهه کي گهٽي رهيو هو. کيس
هميشه کان برف سان پيار رهيو هو، پر هن سال هڪ به
ڏينهن هوءَ اسڪيٽنگ لاءِ ٻاهر نه نڪتي. سندس دوست
کيس سمجهائي سمجهائي ٿڪجي پيا هئا.
”پنهنجي صحت وڃائي ڇڏينديئن. ڪو مريض سان گڏ ايئن
نه مرندو آهي.“
”مريض ته آئون آهيان، هو ته منهنجو طبيب آهي.“
گلينا سوچيندي هئي، پر جواب نه ڏيندي هئي. ۽ پوءِ
هڪ ڏينهن ڪمري جي فضا ۾ هڪ معجزي جنم ورتو. سندس
وات مان رڙ نڪري وئي. بنفشه جي ٻوٽي مان سوئيءَ جي
نوڪ برابر مکڙي نڪري رهي هئي. هوءَ خوشيءَ مان اڀ
کڙين نچڻ لڳي ۽ پوءِ ٻليءَ پير مريض جي ڪمري ۾
وئي. دل بي قابو ٿي ويس ۽ هن جهڪي هن کي چميو ته
نيري ڍنڍن جا تارا کلي ويا. هڪ لحظي لاءِ هن جون
نيريون اکيون سندس ڪارين اکين سان ٽڪيون ۽ پوءِ
ڏڪندڙ هٿ پنهنجن چپن تي ڪجهه ڳولهڻ لڳو. ناظم حڪمت
هڪ ٿڌو ساهه ڀريو ۽ وري ڳهر ۾ هليو ويو.
موت مات کاڌي ۽ گلينا جي پيار نئين حياتي ماڻي.
هوءَ اڀ کڙين پنهنجي ڪمري ۾ نچندي رهي. ۽ هن آئيني
جي اڳيان جهڪي پاڻ کي ڏٺو ته هوءَ سورهن سالن جي
ٿي ڏٺي.
هن پنهنجا ڪار وار ڌوتا ۽ برش سان چمڪايا. شفق
جهڙي رنگ جو فراق پاتو.
هوءَ سندس بلڊ پريشر چيڪ ڪري رهي هئي جو ناظم حڪمت
اکيون کولي ڇڏيون. دير تائين ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾
اٽڪنديون رهيو. گلينا بيوقوفن جيان کلڻ لڳي.
1955ع ۾ جڏهن آئون روس ويس ته هڪ ڏينهن علي سردار
جعفري توائي ٿي آيو ۽ چيائين.
”جلدي هل.“
”ڪيڏانهن؟“
”بس هل، رستي ۾ ٻڌائيندس.“
اهڙي ريت اسين اٺ ڏهه ڪوهه ماسڪو کان پري ناظم
حڪمت جي ٺڪاڻي تي پهتاسين. ورانڊي ۾ هڪ ننڍڙي قد
جي، ڀوري رنگ جي ڇوڪري فراڪ پاتل اتي بيٺل هئي.
”هيءَ گلينا آهي.“ اوڪسانه چيو جيڪا اتي اڳ ئي
موجود هئي.
اها ڏاڍي خوبصورت ملاقات هئي. اسين وهاڻن کي ٽيڪ
ڏئي گلم تي ويهي رهياسين.
”ڪجهه ڪجهه چَري آهي.“ اوڪسانه منهنجي ڪن ۾ سُرٻاٽ
ڪيو.
گلينا ناظم حڪمت کي چَٽ ٻڌي ڪجهه پياري رهي هئي ۽
هو ٻارن وانگر ڦوڪيو ويٺو هو، پر سندس نيرين اکين
۾ شرارت هئي. پوءِ هن سندس نبض چڪاسي ۽ اطمينان
سان سِر لوڏي اسان لاءِ مشروب کڻڻ وئي. اوڪسانه
سندس چيل ڳالهه جي وضاحت ۾ مونکي گلينا جي پاري
نما طبيعت جو تفصيل ٻڌايو. اسين اتي چار ڪلاڪ
ويٺاسين. وقت الائي ڪيئن گذري ويو خبر ئي نه پئي.
ناظم حڪمت پنهنجو ڪلام ٻڌائي رهيو هو. گلينا ڪڏهن
گلاس ۾ تازو شربت وجهندي رهي ڪڏهن کاڌي لاءِ شيون
آڻيندي رهي. گهر ۾ ڪوبه نوڪر نه هو. اوڪسانه چيو:
”هيءَ چري ناظم کي ڪنهن به شئي کي هٿ لڳائڻ نه
ڏيندي آهي. سندس ڪپڙا به پاڻ سبندي آهي، وار
ڪتريندي آهي ايستائين جو کيس ٻارن جيان پنهنجي هٿ
سان کارائيندي آهي.“
گلينا هڪ سينڊوچ هن ڏانهن وڌايو ته بي خيالي ۾
ناظم حڪمت وات کولي ڇڏيو. گلينا مون ڏانهن ڏسي کلي
پئي. پوءِ گلينا مون کي پنهنجو گهر ڏيکارڻ لڳي
جيڪو بيحد سهڻي نموني سينگاريل هو. هر ديوار تي
ناظم حڪمت جي پٽ جي تصوير لڳل هئي. ”هي اسان جو پٽ
آهي.“ گلينا فخر سان چيو. ”ڇا اڃا اسڪول مان ڪونهي
موٽيو؟“
”هو ترڪي ۾ آهي.“ هوءَ اداس ٿي وئي.
تڏهن مون کي خبر پئي ته ناظم حڪمت جي زال ۽ پٽ
ترڪيءَ ۾ ڄڻ قيدين جهڙي زندگي گهاري رهيا هئا.
”پر هڪ ڏينهن هو ضرور هتي پهچي ويندا.“ هن خوشيءَ
مان چيو.
”پر ناظم ته توکي چاهي ٿو.“
”نه هو ته پنهنجي زال جو عاشق آهي.“
هڪ پل لاءِ سندس اکين ۾ مايوسي ۽ نااميدي جي بجلي
چمڪي، ٻئي لمحي هوءَ زور سان کلي پئي. تڏهن مون
پڇيو:
”هڪ پاسائو عشق ڪهڙو؟ تاڙي ته ٻنهي هٿن سان وڄندي
آهي.“
”ڇو؟“ هوءَ ڪجهه نه سمجهي سگهي.
”تون هن سان ڪيئن ٿي پيار ڪري سگهين، جڏهن هو توکي
ڪجهه نٿو ڏئي سگهي.“
”هو جيڪو ڪجهه ڏئي سگهن ٿا آئون اوتروئي گهران ٿي.
مون قرض ڪونهي ڏنو جو وياج وصول ڪندس.“
”تنهنجي خودداري کي ضرب نٿي لڳي؟“
”پيار ۾ شرط نه رکبا آهن.“ هوءَ کلڻ لڳي. ”پيار ۾
ڪجهه ڏبو آهي ۽ جواب ۾ ڪجهه ملندو آهي.“ مون چيو.
”اهو حساب ڪتاب ڪير رکي؟ مون کي جيڪو به ملي ٿو ۽
جيترو به ملي ٿو آئون ان کي ٻنهي هٿن سان ڀري
وٺندي آهيان.“ اهو چئي هوءَ وري مون لاءِ مشروب
کڻڻ وئي هئي.
”مون توکي ٻڌايو هو نه ته هيءَ ٿوري ٿوري چري
آهي.“
”ڪاش! دنيا جا سڀ انسان گلينا جيان ٿورا ٿورا چريا
ٿي پون.“
مونکي اوڪسانه جي صورت ڌنڌلي ڏسڻ ۾ آئي ڄڻ
ويجهڙائيءَ ۾ ڪٿي برسات پئجي رهي هجي! |