سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :4

شريف ’شاد‘ سومرو

نثري نظم جو مختصر تاريخي پس منظر

 

(عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين)

 

 

 

 

جديد دؤر ۾ ويهين صديءَ جي شاعريءَ جي صنفن ۾ جيڪا ترقي جديد نظم ڪئي آهي، سا ٻئي ڪنهن صنف، شايد نه ڪئي هجي. جديد نظم جا ڪيئي روپ سامهون آيا آهن جن مان نثري نظم (Prose Poem) به جديد نظم جي اصنافِ سخن مان هڪ آهي. جديد نظم جا ڪيئي قسم آهن جن جي سڃاڻپ الڳ الڳ آهي؛ جيڪي پنهنجي جاءِ تي هڪ مڪمل صنف طور سڃاتا وڃن ٿا.

جديد نظم ۾ ڪئين تجربا ٿيا آهن، انهيءَ ڪري انهن جو نمونو، پنهنجي جاءِ تي هڪ جداگانه حيثيت جو حامل آهي. انهن صنفن ۾ نظم: (Verse)، طويل نظم (Stanza Poem)، بنا قافيي نظم (Blank Verse)، آزاد نظم (Free Verse)، ترائيل (Troilet) سانيٽ (Sonnet)، ڇنارو (ڪنڍلي)، ٽپو (Tappo) نظم (Poem)، مقفيٰ نظم (Rhymed Poem)، مختصر نظم (Short Poem)، نثري نظم (Prose Poem)، سينريو (چٽ) (Senrio)، واڪا (Waka)، ٽنڪا (Tanka) رينگا (Renga) هائيڪو/ ٽيڙو (Haiko)، (Nine Haikoes)، چؤنڪ (Four Lines)، پنجڪڙا (Five Lives)، هڪ سٽا (One Line)، ڏيڍ سٽا (11/2 Lines)

جديد نظم ۾ نثري نظم به نئين نموني اڀري آيو آهي. نثري نظم جا چار قسم آهن:

(1) ادب لطيف (2) نظمي نثر/ شاعراڻو نثر
(3) نثري نظم ۽ (4) تجريدي نظم.

هتي نثري نظم جو مختصر تاريخي پس منظر پيش ڪنداسين، جيڪو عالمي ادب کان وٺي سنڌي ادب تائين اچي اسان جي آڏو بيهندو.

ادبي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته نثري نظم جو وجود تمام پراڻو آهي، جنهن جا نقش ۽ عڪس آڳاٽي وقت جي لکڻين ۾ نمايان نظر اچن ٿا. سنڌ ۽ هند جي قديم لکڻين ۾ اهڙو اظهار ملي ٿو. دنيا جي قديم تهذيب يافته ملڪن ۾ اهڙا تجربا ملن ٿا.

مصر جو قديم ادب، پيپرس (Papyrus) جي ٻوٽي مان تيار ٿيل ڪاغذ تي مليو آهي. اهڙو ادب گهرن جي ديوارن تي سليقي سان ٽنگيل ميلو آهي ۽ قبرن ۾ به حفاظت سان رکيل، مليو آهي. انهيءَ ادب ۾ جيڪو ڪجهه مليو آهي، سو گهڻو ڪري نثري نظم جي صورت ۾ مليو آهي. جنهن کي ماهرن نثر ۽ نظم جو سنگم سڏيو آهي. ان مان واضح ٿئي ٿو، ته نثري نظم جا تجربا قديم آهن ۽ اهو قديم زماني کان وٺي اظهار جو ذريعو رهيو آهي.

قديم سنڌي نثري نظم جا جيڪي آثار ملن ٿا، انهن مان اسان کي موهن جي دڙي مان لڌل تختين ۽ ديوارن تي لکيل تحريرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو پر موهن جي دڙي جي ٻولي جيڪا اڃا تائين معمو بڻيل آهي، پر منهنجي اندازي مطابق، ٿي سگهي ٿو، ته نثر ۽ نظم جو گڏيل اظهار هجي. جنهن کي اسان نثري نظم سڏي سگهون. هونئن به قديم زماني ۾ انسان جي اظهار جو ذريعو به نظماڻي انداز ۾ هوندو هو، نه ڪي نثر جي صورت ۾. هونئن به نثر اهو آهي؛ جيڪو گرامر جي اصولن مطابق تحرير ڪيو وڃي، مکر گرامر جديد دؤر جي پيداوار آهي. ٻوليءَ جي ڳالهائڻ جا اصول جديد دؤر جي انسان مرتب ڪيا آهن پر گرامر ٻوليءَ جو محتاج آهي؛ نه ڪي ٻولي گرامر جي محتاج آهي.

قبل مسيح ۾ ’رگ ويد‘، رامائڻ، گيتا، مهاڀارت، ڌماپد (ٻڌڌرم وارن جو ڪتاب؛ جيڪو گوتم ٻڌ (سڌارٿ) جي تعليمات تي مشتمل آهي)، توريت، زبور، بائيبل (انجيل) جا ڪافي ٽڪرا اهڙا آهن؛ جيڪي نثري نظم جي صورت ۾ آهن. انجيل جون ڪي آيتون جن کي ’آزاد نظم‘ جو نالو ڏنو ويو آهي، پر حقيقت ۾ ڏٺو وڃي، ته انجيل جا ڪجهه حصا شاعراڻي نثر ۾ لکيل آهن.

زبور جا گهڻا حصا ته بلڪل نثري نظم جي صورت ۾ آهن. توريت جا ڪجهه ٽڪرا، جن کي نثري نظم چئي سگهجي ٿو. ان کان علاوه پاڪ ڪتاب ’قرآن مجيد‘ جنهن ۾ ٽيهه پاره آهن. ٽيهن ئي پارن جي باري ۾ عالمن جو رايو آهي، ته اهي نه نثر ۾ آهن ۽ نه نظم ۾ پر ڪن عالمن ’نثر ۽ نظم‘ جو ميل ڪوٺيو آهي. اسان قرآن مجيد جي مطالعي مان اهو واضح ڪري سگهون ٿا، ته هن جي هر لفظ ۾ گهرائي ۽ فلاسافي آهي جيڪا ڳالهه نظم ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿي، سا قرآن شريف سان لاڳو ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن قرآن مجيد جي تحرير نه نثر آهي ۽ نه نظم آهي، ته پوءِ ڪهڙي صنف آهي؟ قرآن مجيد عربي ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيل آهي، جيڪو نه عربي ٻوليءَ جي اصولن مطابق، نه نثر سان پورو ٺهڪي اچي ٿو، نه وري عربي شاعريءَ جي اصولن سان ٺهڪي اچي ٿو. عربي زبان، هڪ تمام وسيع زبان آهي، جنهن ۾ قرآن مجيد بين الاقوامي حيثيت رکي ٿو، جنهن مان اسان اهو ثابت ڪري سگهون ٿا، ته قرآن مجيد جي سموري تحرير نثري نظم جي صورت ۾ آهي. اهڙو نثري نظم جيڪو ڪوبه لکي نٿو سگهي ۽ نه ئي ان جي تحرير کي ڦيري سگهي ٿو. اها هڪ لازوال خدا ئي تحرير آهي.

مشرق جي قديم ڪتابن ۾ نثري نظم:

مشرق جي قديم ڪتابن مان ’ويد‘ ئي قدامت جي لحاظ کان پهريان ڪتاب آهن. ’ويد‘ اصل ۾ سنسڪوت زبان ۾ لکيا ويا هئا. ويد سنڌوءَ ڪناري تي لکيا ويا آهن.

لفظ ’ويد‘ جي معنيٰ آهي- ’علم‘ ويدن ۾ چار ڪتاب دعائن ۽ نعتن جا آهن ۽ چار ڪتاب فقه يا نثري هدايتن تي مبني آهن. ان کان سواءِ ٻه ڪتاب جيڪي خالص مذهبي هدايتن تي مبني آهن، سي نظم ۾ آهن. رگ ويد گهٽ ۾ گهٽ ٽي هزار سال پراڻو آهي.

ڀڳوت گيتا: گيتا، شري ڪرشن چندر جو ڳايل گيت آهي. دنيا جي مشهور گرنٿ آهي. هيءُ ڪتاب مهاڀارت جي ’پيشم پَررُ‘ جي پنجويهن (25) کان ٽي هزار هڪ سؤ ٻائيتاليهه (3142) ياؤ مان مول  ست سؤ 700 شلوڪن ۾ نڪتل آهي. گيتا جا شلوڪ رسيلا آهن. هن جي لکت جو انداز يا اسلوب شاعراڻي نثر ۾ آهي. جنهن کي اسان نثري نظم جي زمري ۾ آڻي سگهون ٿا. هن جي تحرير ۾ علامتي انداز ملي ٿو. جنهن ڪري تجريدي عنصر هن ۾ گهڻو نظر اَچي ٿو. هيٺ هڪ نموني طور مثال ڏجي ٿو:

’ست رشي، هرهڪ شرير ۾ رکيا ويا آهن، ڄڻڪه هيءُ شرير ستن رشين جو آشرم-

ڪن ٿا، بناڀل جي-

اهي ست رشي هن آشرم جي رکشا

ست نديون سمهڻ واري جي جاءِ تي

وڃن ٿيون واپس-

سمي انهيءَ کان اڳ،

يگيه ۾ ٻه ديو ننڊ نه ڪندي، رهن ٿا جاڳائيندا.“ (2- 58)

مذڪوره مثال مان پتو پوي ٿو، ته نثري نظم پنهنجي اهڃاڻي حيثيت سان پڌرو پيو آهي. اڪثر ڪري قديم ڪتاب نثري نظم جي ئي انداز ۾ لکيا ويا آهن. مٿيون نظم تجريدي نظم به سڏي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن نظم ۾ ست رشي، نڪ، چپ، اکيون، کل، ڪن، واڻي ۽ من کي سڏيو ويو آهي. اهڙي طرح سموري نظم ۾ تجريديت روشنيءَ جي ڪرڻن يا ترورن وانگر چمڪندي نظر اچي ٿي. تجريدي عنصر جي ڪري، ٽي- ايس- ايليٽ ۽ ازراپائونڊ ته گيتا جا قاري هئا.

مهاڀارت:

هندن جو هيءُ مکيه ڪتاب آهي. جنهن کي پنجون ويد به مڃيو وڃي ٿو. هن ۾ ڪورِوَ (Korve) ۽ پانڊوَ (Pandve) مرڪزي ڪردار آهن. تقريباً پنج هزار سال پراڻو آهي. هيءُ دنيا جو سڀ کان ڊگهو نظم آهي. هن ۾ هڪ لک ويهه هزار شلوڪ آهن. شلوڪن جي لکڻ جو انداز ۽ نمونو نثري نظم جهڙو آهي. هيٺ هڪ مثال ڏجي ٿو:

”اي!

ساري جڳت جا سوامي!

منهنجي پوڄا جا پاتر!

منهنجي وشواس جا ڌڻي،

تون ئي منهنجو رکوالو،

مان تنهنجي بناري،

ڪرپا ڪري،

مون نڌر جو آڌار ٿي،

تون منهنجي لڄ رک،

تون منهنجي رکيا ڪر!“

ڌماپد:

هيءُ ڪتاب، گوتم ٻڌ جي تعليمات تي مشتمل آهي. عالمگير انساني محبت جو پيامبر گوتم ٻڌ، جنهن جو زمانو 483- 563 ق.م جو آهي. هيءُ ڪتاب اصل پالي زبان ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿيو. هتي هڪ مثال ڏجي ٿو، جيڪو سمورو نثري نظم جي صورت ۾ اظهار ٿيل آهي:

”مون ائين ئي،

بيڪاريءَ ۾-

زندگي ۽ موت کي

تلاش ڪرڻ لاءِ،

ڪئين جنم ورتا.

۽ مسلسل گردش ۾ رهيس،

زندگيءَ جو الميو ڪيترو بي بها آهي!

آخرڪار،

اسان کي مرڻو آهي،

پر- هاڻي مون،

توکي ڏسي ورتو آ!

اي معمار!

اي خالق!!

هاڻي، تون هن گهر کي-

وڌيڪ تعمير نه ڪري سگهندين.

گناهه جا شهتير ٽُٽي چڪا آهن،

جهالت جو ٿنڀو-

تباهه ٿي ويو آ،

خواهش جو بخار لهي چڪو،

ڇو ته،

منهنجي ذهن نروان (فنافي الله جا مقام) جا

ابدي مسرت حاصل ڪري ورتي آ.....!

جديد عربي ادب ۾ نثري نظم:

جديد عربي ادب ۾، آزاد نظم جي تاريخي  پس منظر ۾ ٻڌائي آيو آهيان، ته عربي ادب ۾ آزاد شاعري داخل ٿي چڪي آهي. عربي ادب ۾ مصر جي شاعرن تمام وڏو انقلاب آندو، انهن ۾ امين ريحاني (1940ع- 1876ع) ۽ خليل جبران (1941ع- 1883ع) عربي ادب ۾ نثري نظم لکڻ شروع ڪيا. جنهن کي امين ريحاني ’شعر منثور‘ ۽ ’قصيده النثر‘ جو نالو ڏنو آهي ۽ انهن ئي نالن سان متعارف ڪرايو ۽ جديد عربي شاعري پنهنجو رشتو انهن ٻنهي سان ڳنڍي ٿي.

امين ريحاني پنهنجو ڪلام 1911ع ۾ ’ريحانيات‘ جو ٻيو جلد شايع ڪيو، جنهن ۾ نثري نظم به شامل هئا. نثري نظم جي باري ۾ ريحاني وضاحت سان لکندي چوي ٿو ته:

”نثري نظم جي تحريڪ مون کي والٽ وٽمن جي آزاد نظم کان ٿي“ جنهن جو هن عربيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هو ۽ هن جي باري ۾ لکيو ته:

”هن کي پنهنجو بحر آهي، جيڪو خود نظم ۾ موجود مختلف آهنگن سان ملي ٺهي ٿو.“

ريحاني انهيءَ انداز ۾ نظم لکي، عربي شاعريءَ ۾ هڪ هلچل مچائي ڇڏي. انهن نظمن ۾ هن هيئت جي مروج نظم کي ترڪ ڪيو، جيڪو ٻن هم وزن مصرعن، رديف ۽ قافيه جا پابند هوندا هئا. قرآن شريف جي آيتن جيان هن جي نثري نظمن جون سٽون مطابقت نه رکن ٿيون ۽ نظمن جا ٽڪر بغير بحر وزن جي بي ترتيب آهنگ ۾ آهن. هن جو اسلوب ۽ آهنگ روزمرهه جي زبان جهڙو آهي.

ريحاني ۽ خليل جبران جي نثري نظمن ۾ لينڊاسڪيپ گهڻو ملي ٿو، جنهن جو اظهار هن نظم ۾ ڪيو آهي:

”مان مشرق آهيان،

مون وٽ فلسفا آهن، مذهب آهن،

ڪير مون کان هوائي جهازن جي بدلي،

اهي سڀ وٺندو؟“

اهي ٻئي شاعر نيويارڪ (آمريڪا) ۾ رهندا هئا جيڪي انگريزي ۽ عربي زبانن ۾ شاعري ڪندا هئا. هنن باقاعده طور عربي ادب ۾ انگريزيءَ مان سڌو سنئون ترجما ڪيا ۽ عربي ادب ۾ متعارف ڪرايا.

قديم چيني ادب ۾ نثري نظم:

عالمي ادب ۾ قديم چيني ادب اهم حيثيت رکي ٿو. چيني ادب ۾ شروع کان وٺي نظم جو لاڙو رهيو آهي پر هنن وٽ لوڪ شاعري، لوڪ گيت تمام گهڻو مشهور ۽ مقبول آهن. جيئن سنڌي ادب ۾ لوڪ شاعري ۽ لوڪ گيت مشهور آهي.

قديم چيني ادب جو بنياد رکندڙ ڪنفيوشس (Confucious) (551 ق.م- 479 ق.م) آهي. جيڪو گوتم ٻڌ جو همعصر هو. سندس هڪ ڪتاب شاعريءَ ۾ ملي ٿو. جنهن جو انگريزي ترجمو مسٽر گرامر بينگ (Mr Grammer Byng) ڪيو آهي. جيڪو، ’نغمات ڪنفيوشس‘ جي نالي سان مشهور آهي. هن ڪتاب جا چار حصا آهن. ڪتاب ۾ اسان کي ڪنهن به عروض جي پابندي نظر نٿي اچي. هن جي ردم سان لبريز آزاد شاعريءَ ۾ نثري نظم جو اولڙو چٽو پٽو نظر اچي ٿو. قديم چيني شاعري، جديد چيني شاعريءَ جي آزاد شاعريءَ سان ٺهڪي اچي ٿي.

ان کان پوءِ چوپؤان (403 ق.م- 221 ق.م) جي شاعري به نثري نظم جي انداز ۾ ٿيل آهي. هن جو چيني ادب ۾ ايترو ئي مقام آهي، جيترو يوناني ادب ۾ هومر جو. تقريباً قديم چيني شاعريءَ ۾ جديد نظم داخل ٿي چڪو آهي.

قديم يوناني ادب ۾ نثري نظم جا اهڃاڻ:

يونان جو قديم ادب، اسان کي انگريزي ادب جي معرفت متعارف ڪرايو ويو آهي. آڳاٽي يونان جي ادب ۾ فڪر جي گَهِرائي ۽ تخيل جي بلندي ملي ٿي. نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي.

يونان جي قديم شاعريءَ ۾ هومر (Homer) جو نالو اهم آهي. هن جا ٻه ڪتاب، شاعريءَ جا مشهور ڪتاب آهن: (1) ايليڊ (Iliad) ۽ اوڊيسي (Odyssey). ٻئي رزميه شاعريءَ تي مشتمل آهن. ٻنهي ڪتابن ۾ ڪل اٺاويهه هزار شعر آهن. جيڪي نثري نظم جي انداز ۾ لکيل آهن.

افلاطون (Plato) (427 ق.م- 347 ق.م) جو ڪتاب ريپبلڪ (Republic) جڳ مشهور ڪتاب آهي. هن ۾ افلاطون پنهنجو اظهار مڪالمن جي صورت ۾، نثري نظم جي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن ۾ ڪيترائي موضوع بيان ڪيا ويا آهن. بقول، شملي جي: ”افلاطون جي منطق ۾ جيڪڏهن "Enthusiasm of Poetry" شاعريءَ جو ذوق مليل نه هجي ها ته حڪمت پنهنجي اڌ دلربائي وڃائي ويهي ها!“

ان کان سواءِ ارسطو (Aristotle) (384 ق. م- 322 ق.م) جو نالو اچي ٿو. هيءُ افلاطون جو شاگرد هو. سياست سان گڏ شاعري ڪندي نظر اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ بيپناهه گهرائي ۽ وسعت آهي.

ارسطو جي جڳ مشهور ڪتاب پاليٽڪس (Politics) ’سياسيات‘ آهي، پرتنقيد جي حوالي سان سندس ڪتاب بوطيقا (Poetics) اهم آهي. هيءُ ڪتاب، فن شاعري ۽ الميه ڊرامي تي دنيا جو پهريون ڪتاب آهي. ارسطوءَ جي شاعريءَ جو انداز، نثري نظم جي هيئت (Form) ۾ آهي. ارسطوءَ جو اهم نظم اڄ به مشهور آهي، جيڪو هن پنهنجي دوست، ميزبان شاگرد هرمپاس جي موت تي لکيو هو.

انهن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي شاعر ملن ٿا، جن جي شاعريءَ جو انداز نثري نظم جهڙو آهي. شاعريءَ جي باري ۾ جيڪو ڪجهه ارسطو لکيو ۽ راءِ قائم ڪئي، اڄ به اهي رايا جديد ادب سان لاڳو آهن. جن قدرن کي ارسطو قائم ڪيو. نقاد، اڄ به ان کي نظر انداز نه ڪري سگهيا آهن.

قديم لاطيني ادب ۾ نثري نظم :

لاطيني زبان، دنيا جي قديم ٻولين مان ليکي وڃي ٿي پر هن زبان جي ڳالهائيندڙ تي ڌارين گورن جو قبضو رهيو، جنهن ڪري هيءَ ٻولي دٻيل رهي.

هن ٻوليءَ جو عظيم شاعر ورجل (Virgil) (70 ق.م- 19 ق.م) جنهن لاطيني ٻوليءَ کي نيون عظيم وسعتون بخشيون، ائين جيئن يوناني شاعريءَ ۽ زبان کي ’هومر‘ وسعت عطا ڪئي.

هن جو پهريون شاعريءَ جو ڪارنامو دس پاسٽرول (Thus Pastrorl) نظم آهن، جيڪي 43 ق.م ۽ 37 ق.م جي دوران سرجيا. انهن نظمن ۾ ورجل عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جا نقش چٽيا آهن. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ورجل جي شاعريءَ ۾ بيپناهه نغمگي (Lyric) آهي. هر مصرع هر لفظ جهومندي ۽ جهونگاريندي نظر اچي ٿو. سندس عظيم ڪتاب اينيڊ (Aeneid) آهي، جنهن ۾ اِهي نظم شامل آهن. انهن ۾ بحر وزن ته ڪونهي، پر هن ۾ لفظي آهنگ ۽ تخيل تمام گهڻو ملي ٿو. جنهن ڪري اسان انهن کي نثري نظمن جو شاندار نمونو چئي سگهون ٿا. اهڙو نثري نظم، جيڪو ردم سان ڀرپور هجي. ورجل جي عظيم شاهڪار کي هنري هاورڊ نثري نظم جي انداز ۾ لکيو.

جرمني ادب ۾ نثري نظم:

جرمني ٻولي، دنيا جي ساهتي ٻولين مان ليکي وڃي ٿي. هن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجو منفرد لهجو آهي. هن ٻوليءَ ۾ تمام وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن، جن کي بين الاقوامي حيثيت حاصل آهي.

جڳ مشهور اديب ۽ شاعر گوئٽي (Goethe) (1749ع- 1832ع) جيڪو انگلينڊ جي عظيم شاعر شيڪسپيئر (Shakespeare) (1564ع- 1616ع) کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه هو. نه صرف جرمني لاءِ شيڪسپيئر آهي، پر جرمني لاءِ بيڪن (Bacon) به آهي. هن جو مشهور ڪتاب ’فائوسٽ‘ (Faust) آهي جيڪو ناٽڪ جي صورت ۾ آهي. هن ۾ اظهار جو طريقو جداگانه ۽ اسلوب منفرد آهي. سمورو ناٽڪ شاعريءَ جي انداز ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ڪري هن جي فن ۾ غنائيت ۽ ردم آهي. ان ڪري اسان هن کي نثري نظم، بلڪه طويل نثري نظم جو هڪ اعليٰ نمونو ڪوٺي سگهون ٿا.

شاعريءَ جي باري ۾ گوئٽيءَ جو نظريو آهي ته: ”شاعري جو نصب العين اهو هوندو آهي، ته هو انساني معاشري ۽ ان جي فردن جي زندگيءَ ۾ هم آهنگي ۽ ساز ڪاري جو وسيلو بڻجي.“

گوئٽيءَ کان پوءِ رائنرميريا رلڪي (Riner Meria Rilk) (1875ع- 1926ع) جرمني جو عظيم شاعر هو. جنهن جديد شاعرن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙا به سوال اٿاريا، جيڪي فلسفي سان تعلق رکندا هئا. سندس شاعريءَ جو پهريون ڪتاب 1895ع ۾ شايع ٿيو ۽ هن جو هڪ عظيم شعري ڪتاب ’ڊيونو ايلجيز‘ آهي. ان کان سواءِ ’دي بڪ آف هاورس‘ (The Book Of Hovours) ۽ ’دي بُڪ آف اميجز نيوپوئمس‘(The Book Of Imagesnew Poems) خاص طور تي قابلِ ذڪر آهي.

رلڪي جي نوحن جي خاص طرز (Fragmentary Poetry) جي جهلڪ به ملي ٿي ۽ ان کان علاوه خاص ڳالهه اِها به آهي، ته جيڪي پڙهندڙ اعليٰ ترين سطح جي نثري شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ جا خواهشمند آهي، ته اهي رِلڪي جي شاعريءَ جو خاص طور نوحن (ماتمي نظمن) جو مطالعو ڪن. رلڪي جرمنيءَ جو نثري شاعريءَ جو امام هو. ان کان پوءِ نوواليز ۽ ڪرسٽياني آلرٽ جون خدمتون اهم آهن.

اطالوي ادب ۾ نثري نظم جو عڪس:

اطالوي ادب ۾ دانتي (Alighieri Dante) (1321ع- 1265ع) جو ڪتاب ڊيوائن ڪاميڊي (Divine Comedy) ملي ٿو، جنهن ۾ نثري نظم جا عڪس ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن جي ڪتاب ’ڊيوائن ڪاميڊيءَ‘ ۾ جيڪي علامتون استعمال ڪيون آهن، اهي آفاقي به آهن، ته علاقائي به، ۽ شاعري جون ذاتي/ انفرادي علامتون به آهن. جنهن ڪري هن طويل نثري نظم ۾ ابهام پيدا ٿي پيو آهي. ان ڪري هن کي تمام گهٽ ماڻهن سمجهيو آهي.

’ڊيوائن ڪاميڊي‘ هڪ طويل نثري نظم آهي، جيڪو ٽن حصن تي مشتمل آهي: (1) جهنم (2) اعراف (بهشت ۽ دوزخ جو وچيون طبقو) (3) بهشت.

جهنم ۾ 34 ڪينٽوز (Cantos)، اعراف ۾ 33 ڪينٽوز ۽ بهشت ۾ 33 ڪينٽوز ڏنل آهن. اهڙي قسم جا ڪينٽوز ازراپائونڊ به لکيا هئا. سندس ٻيو ڪتاب ’وائٽا نووا‘ جي نالي سان رومانوي نظمن جو به ملي ٿو، وائٽا نووا جي معنيٰ آهي: ’نئين زندگي‘.

مٿي پيش ڪيل قديم حوالن مان معلوم ٿئي ٿو، ته نثري نظم، آڳاٽي زماني کان وٺي اظهارِ خيال جو ذريعو رهيو آهي. هاڻي اسين جديد دؤر جي نثري نظم تي ڳالهائينداسين، جيڪو هڪ صنف طور وجود ۾ آيو آهي.

جديد فرانسيسي ادب ۾ نثري نظم:

جديد شاعريءَ ۾ صنف طور نثري نظم جي ابتدا فرانس کان ٿي. ان کان اڳ بحر وزن کي ٽوڙڻ ۽ شاعريءَ ۾ نواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ مقرر بحر وزن، ۽ پدن ۾ انقلاب آندو ويو ۽ آزاد نظم طور دنيا جي آڏو هڪ نئين صنف آندي ويئي.

آزاد نظم ۽ نثري نظم کان اڳ واري فرينچ شاعري بحر وزن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئي ۽ تمام سخت قاعدا ۽ قانون هئس. اهڙن قانونن جي ضابطن جي پوئواري ڪرڻ واري کي ئي شاعر سمجهيو ويندو هو پر فرانسيسي انقلاب کان پوءِ فرانسيسي ادب ۾ انقلابي تبديلي اچي ويئي، انهيءَ الميي شاعرن ۽ اديبن کي جهنجهوڙي وڌو.

آزاد نظم بابت اسان پهريائين ڳالهائي آيا آهيون. آزاد نظم کان پوءِ نثري نظم وجود ۾ آيو. جنهن آزاد نظم کان به وڌيڪ شهرت حاصل ڪئي ۽ بين الاقوامي صنف طور ظاهر ٿي.

نثري نظم علامت نگاري واري دؤر جي اوڻيهين صديءَ جي آخر جي پيداوار آهي. نثري نظم فرانسي ادبي تاريخ جو اهم پهلو آهي. هن صنف کي علامت نگارن خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي.

فرانسي ادب ۾ ’جيڪس برٽرنڊس‘(Jacques Bertrands) جو نالو نثري نظم جي حوالي سان اهم آهي. سندس نثري نظمن جو پهريون ڳٽڪو گاسپرڊ آف دي نائيٽ (Gaspard of the night) جي نالي سان 1842ع ۾ منظر عام تي آيو، جنهن جي معنيٰ آهي: ”رات جو گلن جي ڪنڍي“.

فرانس کان اڳ اٽليءَ ۾ ’ٽريسي‘ (1550ع- 1478ع) نالي شاعر هڪ الميو لکيو، جيڪو نثري نظم جي انداز ۾ هو. مذڪوره تجربو پنهنجي وقت جو وڏو تجربو هو.

19 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ جڏهن اشاريت يا عداوت نگاريءَ جي تحريڪ زور ورتو ته بودليئر (Baudlaire) (1867ع- 1821ع) پنهنجو نثري نظمن جو ڪتاب  "Poems enprose"  (نثر ۾ ننڍا نظم) جي نالي سان 1869ع ۾ منظر عام تي آيو.

بودليئر هن صنف کي اهميت وارو مقام ڏياريو. ان کان پوءِ ساري دنيا ۾ باقاعده تحريڪ طور نثري نظم کي رائج ڪيو ويو. ان کان پوءِ سن 1876ع ۾ آرٿران بو (Rimbaud) (1854ع- 1891ع) پنهنجو مجموعو نثري نظم جي صورت ۾ اليومينيشن (Illumination) معنيٰ ”ڏيئو“ جي سري هيٺ پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ اسٽيفن ملارمي (Steefun Mallarme) (وفات: 1898ع) به پنهنجي نثري نظمن جو ڪتاب ڊيواگيشن (Divagations) ’عظيم ڳائڻي عورت‘ جي نالي سان 1898ع ۾ منظر عام تي آيو. ان بعد بودليئر جو ٻيو نثري نظمن جو ڪتاب: ’اسپلين ديپيرس‘(Le Spleen da Pares) يعني ’پيرس جو درد‘ به منظر عام تي اچي چڪو هو. لفظ اسپلين (Spleen) فرانسيسي ٻوليءَ ۾ هڪ مابعد الطبعياتي ڪرب (Metaphysical Distrees) يا خلش کي چوندا آهن.

رامبو جو ٻيو نثري نظمن جو ڪتاب 1874ع ۾ "Une Saison en enfer" جي نالي سان شايع ٿيو. هن کي انگريزيءَ ۾ 'A Season in the hell' جي سري هيٺ ترجمو ڪري ڇپايو ويو، جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ’جهنم جي هڪ موسم‘ جي نالي سان سڏي سگهون ٿا. مذڪوره ڪتاب عالمي ادب جو عظيم شاهڪار آهي. هيءُ ڪتاب اٺن بابت تي مشتمل هڪ طويل نثري نظم آهي. هن جو ترجمو، دنيا جي اڪثر زبانن ۾ ٿي چڪو آهي. ان کان سواءِ نروال جي نثري نظمن جو مجموعو ’روشن‘، اليومينز (Illumines) به اهم حيثيت رکي ٿو. ان کان علاوه پال واليري (Paul Valery)، پال ورلين (Paul Verlain) سندس نثري نظمن جو ڪتاب سرءُ جا گيت (Songs of Autumn) هڪ اهم تصنيف آهي. سينٽ جان پرس (Sainte John Perce) نثري نظم جو ٻيو وڏو شاعر آهي. جنهن کي جديد شاعريءَ ۾ اهم مقام حاصل آهي، سندس ڪتاب 1910ع ۾ ايلوگس (Eloges) يعني ’مئل ماڻهن جي اعزاز ۾ خطبو‘ جي سري هيٺ شايع ٿيو. اهو ئي ڪتاب وري 1910ع ۾ ’سينٽ ليجرليجر‘ جي عنوان هيٺ شايع ٿيو. هن جو وري ٻيو ايڊيشن 1925ع ۾ ’سينٽ جان پرس درجي‘ جي نالي سان ڇپيو. هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ٽي. ايس. ايليٽ (T.S.Eliot) (1965ع- 1888ع) سال 1930ع ۾ ڪيو.

انهن کان علاوه زان زيني، مورس ڊگيري (Maurice Deguery)، الفونس رب (Alphonse Rabbe)، لوتريامون (Lautreamout)، ريني شار (Rainey Cherl) پال ڪلاڊيل (Paul Kaladele)،  ليون پال فارگ (Lean Pacll Fargue)، پال فورٽ (Paul Forte) وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

مٿي ذڪر ڪيل شاعرن هن نئين صنف، نثري نظم جو تمام گرم جوشيءَ سان خوش آمديد چيو. اهڙن عظيم شاعرن پنهنجين ڪويتائن ذريعي، نثري نظم کي بلند درجي تي پهچايو.

انگريزي شاعريءَ ۾ نثري نظم:

انگريزي ادب تقريباً ساري دنيا جي ادب تي پنهنجا اثرات ڇڏيا آهن. انگريزي ادب ۾ ڪئين ادبي تحريڪون اڀريون جن انگريزي ادب تي تمام گهرا نقش چٽيا، جنهن ڪري ادب ۾ نئين جوت ۽ جدت پيدا ٿيندي رهي.

قديم انگريزي شاعريءَ جو اڀياس ڪبو ته انگريزي شاعري پنهنجين ريتن رسمن، رواجن ۽ پابندين ۾ جڪڙيل نظر اچي ٿي. جڏهن انگريزي ادب تي فرانسيسي ادب جا اثرات پيا، تڏهن کان انگريزي ادب ۾ نئون لاڙو پيدا ٿيو.

جديد انگريزي شاعريءَ تي نظر وجهنداسين ته اسان کي جديد انگريزي شاعريءَ ۾ ڪئين عڪس نظر ايندا. خاص طور تي آزاد شاعريءَ جو وجود انگريزي شاعريءَ لاءِ نوان رستا گهڙيا ۽ نيون راهون هموار ڪيون.

انگريزي شاعريءَ ۾ آزاد شاعري ۽ نثري شاعريءَ جي رواج جو دارو مدار ترجمن تي منحصر آهي. انگريزي شاعريءَ ۾ جن نثري نظم يا نثري شاعري ڪئي، انهن مان آسڪروائيلڊ (Oscar wilde) (1854ع- 1900ع) پهريون شخص هو، جنهن هن صنف کي وڏي هٿي ڏني. آسڪروائيلڊ فرانسيسي ادب کان واقف هو. ۽ هن فرانسيسي ادب جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو.

انگريزيءَ جي هن شاعريءَ جو محرڪ زياده تر فرانس جو رموزي (Symbolistic) ادب هو؛ جنهن جو بنياد ميفارج وڌو.

انگريزي ادب ۾ آسڪروائلڊ پهريون شاعر آهي، جنهن نثراڻي نظم جي امڪانن کي محسوس ڪيو ۽ ان کي اظهار جو وسيلو بڻايو. ان کان سواءِ ڊيلن ٽامس، جارج بارڪر، ڊيوڊ گيس ڪرائن، فلپ لارڪن، ٽامس گن، ٽيڊهن، اليزبيٿ جنگس جا نالا قابلِ ذڪر آهن. انهن کان علاوه ڪارل سئنبرگ (Carlsanburg)، وليم ڪارلس وليم: (William Carlos William) ماريان مور (Marianne Moore) ۽ وئليس اسٽيونس Wallace Stevens)) جا نالا به اهم آهن. جن نثري نظم کي زور وٺايو.

ارڙهين صديءَ ۾ وليم ڪانگريو 1670ع- 1829ع، نثري نظم جي انداز ۾ پنهنجو الميو: 'The Mourning Bridge' جي نالي سان لکيو.

انگريزي جي جديد شاعريءَ ۾ ٽي. ايس. ايليٽ ۽ ازراپائونڊ (1885ع- 1972ع) جا نالا به اهم آهن.

آمريڪي شاعريءَ ۾ نثري نظم:

آمريڪي ادب ۾ به نثري نظم، ترجمن جي ڪري ئي وجود ۾ آيو. آمريڪي جديد شاعريءَ ۾ ايڊگرايلن پو (Edg Allan poe)(1809ع- 1849ع) واحد ماڻهو هو جنهن نثري نظم جي انداز ۾ لکيو. هونئن گهڻو ڪري پو (Poe) افساني جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو پر آمريڪي انگريزي ادب ۾ پهريون شخص آهي، جنهن نثري نظم جو بنياد وڌو؛ سندس نثري نظمن جو ڪتاب يوريڪا (Eureka) تمام گهڻو مشهور آهي، اهو ڪتاب 1848ع ۾ پو خود شايع ڪرايو.

ڊينيل هوف مين (Dainel Hoffman) اڪيلو نقاد آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب: ”پوپو پو پو پو پو پو“ ۾ يوريڪا کي عظيم ڪارنامو سڏيو آهي. باقي نقاد هن سان متفق ناهن پو هن ڪتاب جو دائرو تقريباً لامحدود بنايو هو. هن ۾ طبعيات، مابعدالطبعيات، رياض، مادي ڪائنات ۽ روحاني ڪائنات جهڙا موضوع تجريد ۽ دعويٰ جي سطح تي موجود آهن. آمريڪا ۾ ’پو‘جي زماني کان وٺي نثري نظم لکڻ جو رواج پئجي چڪو هو. پو پنهنجي ڪتاب: ’يوريڪا‘ لاءِ چيو هو ته: ”هن کي ’نثري نظم‘ طور ئي پرکيو وڃي، نه ڪي ٻي طرح!“

ان کان پوءِ والٽ وٽمئن (Walt Whitman) (1892ع- 1819ع) جو نالو ملي ٿو، جنهن جي عظيم تصنيف: ليوز آف گراس (Leaves of Grass) ’گاهه جا پن‘ ۾ نثري نظم جو انگ ملي ٿو. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1855ع ۾ شايع ٿيو پر اهو ڪتاب پنج ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. هن جي نظمن جو ترجمو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ويلي گرئفن (Francis Viele Graffin) ڪيو. جيڪو خود آمريڪي هو. ان کان علاوه ’ڪارل شيپيرو‘ جا نثري نظم، وساري نه ٿا سگهجن. ڪارل شيپيرو جون نثري نظم لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، ان کان سواءِ ويهين صديءَ جا جديد شاعر جن نثري نظم کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو آهي. انهن مان رابوٽ اوويل، ٿيو ڊور رويٿڪي رينڊل جيريل،جان بيري مين، رچرڊ ولر،اين سيڪسٽن، سلويا پلاٿ، جيمس رائٿ، جيمس ڊيڪي، چارلس اولسن، امن گنبرگ ۽ ايريڪا زونڪ جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

ايريڪا زونڪ جي نثري نظمن جو ڪتاب پيار جا گيت (Poems of Love) اهم حيثيت جا حاصل آهن.

جديد لاطيني ادب ۾ نثري نظم:

جديد لاطيني ادب ۾ اوڪتاويوپاز (Octaviopaz) جنم: 1914ع) جو نالو اهم آهي. هن کي 1990ع ۾ نوبل انعام ڏنو ويو. نوبل انعام کيس نثري نظم جي ڪتاب ’عقاب يا چنڊ‘ (Anguilassol) تي ڏنو ويو. هن کان اڳ سندس نثري نظمن جو ڪتاب ’هيڪلائپ جا ور وڪڙ‘ جي عنوان سان ڇپجي چڪو هو. هن ڪتاب جو ترجمو تقريباً سڀني ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي.

ان کان پوءِ پئبلونرودا (Pablaneuruda) 1973ع- 1904ع جو نالو نثري نظم جي حوالي سان اهم آهي. سندس شاعريءَ جو پهريون مجموعو: ’محبت جا ويهه نظم‘ ۽ نااميديءَ جو هڪ گيت‘(Twenty Poems of Love And one Sony of Despair) جي سري هيٺ سن 1924ع ۾ منظر عام تي آيو. سندس ٻيو مجموعو 1933ع ۾ ’ڌرتيءَ تي گهر‘ (Residence on Earth) ڇپيو. هن ڪتاب ۾ پئبلونرودا سريئلسٽ (Surrealist) تحريڪ جو اثر قبول ڪيو. سندس شاعريءَ تي والٽ وٽمن ۽ ماياڪووسڪي جو تمام گهڻو اثر آهي.

يوگوسلاويه جي ادب ۾ نثري نظم:

هن جي ادب ۾ به جديد نظم داخل ٿي چڪو آهي. هن ملڪ ۾ جديد شاعريءَ جو آغاز 1918ع ۾ پهرين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. هن ملڪ جو آئينوو اينڊرچ (1892ع- 1975ع) جو نالو جديد نظم جي حوالي سان اهم ليکيو وڃي ٿو. سندس نظمن جو تخليقي انداز نثر جي صورت ۾ آهي. جنهن کي اسان شاعراڻو نثر (Poetic Prose) چئون ٿا. سندس اهڙيون تحريرون يوگوسلاويه جي ادب ۾ نثري نظم جو بنياد ثابت ٿيون. انهيءَ انداز ۾ سندس ٻه ڪتاب شايع ٿيا. هڪ ’بيچيني‘ (Nemiri) جي نالي سان ڇپيو، جيڪو ڊائري جي نوع ۾ لکيل آهي. سندس شاعريءَ کي اسان ادب لطيف يا نثر لطيف جو نالو ڏئي سگهون ٿا. جيڪو نثري نظم جو هڪ قسم آهي.

جديد ترڪي ادب ۾ نثري نظم:

ترڪيءَ جي ادبي تاريخن جو مطالعو ڪنداسين ته اسان کي ترڪيءَ جي قديم شاعري ’ديوان شاعري‘ نظر ايندي. جنهن ۾ موضوع توڙي اسلوب يا گهاڙيتو اهو ئي پراڻن ٻنڌڻن ۾ ٻڌل نظر اچي ٿو. بحر وزن جا بند ٻڌل نظرايندا. ترڪي ٻوليءَ جو لهجو ۽ انداز عربي ٻوليءَ کان گهڻو مختلف نظر ايندو. 1839ع ۾ ’تنظيمات‘ تحريڪ جي شروعات ڪئي ويئي. اها هڪ اصلاحي تحريڪ هئي جنهن تحت مغربي فڪر جو لاڙو شروع ٿيو. حقيقت ۾ قومي ادب جي تحريڪ 1911ع ۾ شروع ٿي. جنهن جو بنياد عمر سيف الدين (1884ع- 1920ع) وڌو.

ديوان شاعريءَ جي خلاف بغاوت فرانسيسي شاعريءَ جي `Boileus` نظم و ضبط جي روايت جي خلاف بغاوت جو مثال هئي. فرانسيسي شاعريءَ جا ترڪيءَ ۾ پهريائين ترجما 1859ع ۾ شايع ٿيا هئا.

جديد شاعريءَ جي حوالي سان عبدالحق حامد توهان (1851ع- 1927ع) جو نالو وڏي حيثيت جو حامل آهي. هيءُ پهريون شاعر هو؛ جنهن مصرع جي پابندي کي ٽوڙيو ۽ شاعريءَ کي نين هيئتن (Forms) کان روشناس ڪرايو. سندس ڪتاب ’دي ڪنٽري سائيڊ‘ (The Country Side) 1879ع ۾ شايع ٿيو؛ جيڪو جديد ترڪ شاعريءَ جي آغاز جو سنگ ميل ثابت ٿيو.

ترڪيءَ جو ٻيو عظيم شاعر ناظم حڪمت (1902ع- 1963ع) جو نالو به اهم آهي. هن کي بين الاقوامي شهرت حاصل آهي. سندس نظمن جو ڪتاب 1927ع ۾ ’835 لائينس‘ Lines 835) جي عنوان سان شايع ٿيو. جيڪو نثري نظم جو شاهڪار ڪتاب آهي. هن کان پوءِ جديد شاعر، تقريباً نثري نظم لکي رهيا آهن.

پولينڊ جي ادب ۾ نثري نظم:

پولينڊ آبادي جي لحاظ کان يورپ جو ستون ۽ دنيا جو ايڪيهون وڏو ملڪ آهي. هيءُ وچ يورپ ۾ واقع آهي. هيءُ ملڪ، سدائين انقلابن جي لپيٽ ۾ رهيو آهي. جنهن ڪري سندس اڪثر ادب، مزاحمتي (Resistena) رهيو آهي. هن ملڪ جو رومانوي قومي شاعر جان ڪو چانووسڪي (1520ع- 1584ع) تمام گهڻو مشهور آهي. هن غنايه ۽ رزميه نظم لکيا.

پولينڊ ادب ۾ جديد نظم ٻي جنگ عظيم کان پهرين ئي داخل ٿي چڪو هو، جنهن ۾ آزاد نظم کان وٺي نثري نظم تائين طبع آزمائي ڪئي ويئي آهي.

نثري شاعريءَ جي حوالي سان جوليوسز سواڪي (1809ع- 1849ع) جو نالو اهم آهي. پهريائين رومانوي تحريڪ وارن سان وابسته رهيو، پر پوءِ سمبولڪ (Symbolic) تحريڪ جو حامي رهيو. هن نثري نظم طويل انداز ۾ لکيو آهي. هڪ نظم`Anhelli` تخليق ڪيو ۽ ٻيو طويل نثري نظم:

`A Gamenno's` لکيو. هن جا سياسي نثري نظم تمام گهڻا مشهور ٿيا.

جديد چيني شاعريءَ ۾ نثري نظم:

جديد چيني شاعريءَ ۾ اظهار جو اڪيلو ذريعو ئي جديد نظم رهيو آهي. جنهن ۾ آزاد نظم، نثري نظم قابلِ ذڪر آهن. مجموعي طور چيني شاعري انقلابي شاعري رهي آهي. جنهن ۾ سماج جا چٽا عڪس آهن. جديد شاعرن ۾ ’لوهشن‘1881ع- 1936ع جو نالو خصوصيت جو حاصل آهي. لوهشن ڪل 23 نظم لکيا؛ جيڪي سڀئي نثري نظم آهن. انهن نظمن جو مجموعو ’جهنگلي گاهه‘ جي نالي سان، چيني ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ ’جودي‘(1886ع- 1976ع) جو نالو به اهم آهي. هن کي چيئرمين مائوزيتنگ ’عظمت عوام‘ جو لقب عطا ڪيو.

ان کان سواءِ تونگ پي  (1886ع- 1975ع) ڏاڍا ڊولائتا نثري نظم لکيا آهن. سندس هڪ نثري نظم 'Song of Eastern wind' تمام گهڻو مشهور آهي. هيءُ نظم ٽي. ايس. ايليٽ (T.s. Eliot) جي نظم ’دي ويسٽ لينڊ‘ (Waste Land) ۽ ٻيو نظم `Ode to West Wind` جي تتبع تي لکيل آهي.

خود مائوزيتنگ جا نثري نظم به چيني ادب ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. انهن کان علاوه ’لِي اِنگ سن ڪئي‘ ’هوچن‘، ’وانگ شهه سيانگ‘، ’جان اِيپنگ‘، ’ڇوئي چنگدين‘ وغيره جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

جديد روسي شاعريءَ ۾ نثري نظم:

روس ۾ به ڪافي جديد شاعرن نثري نظم لکيا آهن. انهن ۾ اڪثر شاعر اهڙا آهن جن روس جي انقلاب ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ نئين نظريي جي نه صرف حمايت ڪئي، پر پرچار به ڪئي، جنهن ۾ اليگزينڊر بلاڪ پهريون شاعر هو، جيڪو علامتي تحريڪ جو اڳواڻ هو. هن آزاد نظم لکيا، پر پوءِ نثري نظم به لکيا.

هن طويل نثري نظم: ’سائيٿينس‘ (Scythians) يعني ’ڏاٽا‘ لکيو. ٻيو نظم ’ٻارنهن‘ (Twelve) تمام گهڻو مشهور آهن. ان کان پوءِ ماياڪووسڪي (Mayokovosky) (1893ع- 1930ع) آزاد نظم ۽ نثري نظم لکيا. ’جنگ ۽ امن‘ (War and Peace)، پتلونن ۾ بادل (Clouds in Paints) وغيره جهڙا نثري نظم لکي، نثري نظم کي هٿي بخشي. ان کان علاوه يوگيني يوتو شينڪو (جنم: 1933ع) جو نالو اچي ٿو جيڪو والٽ وهٽمن جو پيروڪار هو. آندري وزني سينسڪي (جنم: 1933ع رابرٽ رزيسٽ وينسڪي (جنم: 1932ع) جا نالا نثري نظم جي حوالي سان اهم آهن.

جاپاني شاعريءَ ۾ نثري نظم:

جاپان جي جديد شاعري، آزاد نظم ۽ نثري نظم جي فارم ۾ لکي ويندي آهي. هتي پابند شاعري آهي ئي ڪونه. جاپان جي نثري شاعريءَ ۾ ايشي ڪاواتا ڪو بوڪو شن ڪچي، تاڪاهاشي، ۽ هيٽو مارو جا نثري نظم اهم آهن. ان کان سواءِ اوتاڊوڪان (1432ع- 1486ع)، نثري ايپڪ (Prose Epic) لکيا آهن ۽ يوسانو اڪيڪو اشيڪاواتا ڪوبوڪو، فوجيتا ڪوشيرو، ناڪانوشگي هارو، تسوبوءِ شگي جي، يوهرشينڪو، چي ماڪاتاوا، وغيره جا نالا نثري شاعريءَ ۾ اهم آهن.

مجموعي طور ڏٺو وڃي ته جاپاني شاعري ڪنهن به بندش آڏو جهڪيل ناهي. نه ئي اها ڪا هٿرادو پابنديون قبول ڪري ٿي. جاپان جي شاعري، دنيا جي آڏو آزاد شاعريءَ جو بهترين مثال آهي.

بنگالي ادب ۾ نثري نظم:

بنگالي ادب به آڳاٽي سمي کان وٺي ملي ٿو. هن ۾ ڪافي وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن. جديد بنگالي ادب جي تاريخ ڪا گهڻي پراڻي ڪونهي. جديد نظم جي حوالي سان ٽئگور (1861ع- 1941ع) جو نالو نهايت اهم جاءِ والاري ٿو. بنگالي ادب ٽئگور کان سواءِ ڇوري ٻار وانگر آهي. جيئن انگريزي ادب ۾ شيڪسپيئر ۽ چاسر کان سواءِ ۽ سنڌي ادب، شاهه لطيفؒ کان سواءِ.

ٽئگور سچ، سونهن ۽ فطرت جو شاعر هو. هن بنگالي ادب ۾ جدت پيدا ڪئي. سندس نثري نظمن جو ڪتاب ’گيتانجلي‘ (بهار جا گيت) 1910ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. هن ڪتاب تي ٽئگور کي نوبل انعام ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ باغي نذرالاسلام (1899ع (1976ع) جو نالو اهم آهي. هيءُ قومپرست شاعر هو. هن آزاد نظم ۽ نثري نظم لکيا. جيڪي مزاحمتي شاعريءَ جا دستاويز آهن. ’شط العرب‘ ۽ ’باغي‘ جهڙا عظيم نظم لکيا ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاعر آهن. جن نثري نظم لکيا آهن.

جديد فارسي شاعريءَ ۾ نثري نظم:

فارسي ادب جي تاريخن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم فارسي شاعري پنهنجن بحرن جي چؤگرد چڪر ڏيندي هئي، پرپوءِ عربي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيو ۽ ان ۾ عربي بحر وزن جا ماڻ ۽ ماپا به استعمال ڪيا ويا. ان ڪري مجموعي طور ايران جي شاعري ديوان شاعري ليکجڻ ۾ آئي. غزل ته ايران جي شاعريءَ جي محبوب صنف آهي. 1932ع ڌاري اسان وٽ ترقي پسند تحريڪ جو آغاز ٿيو پر ايران ۾ ’موج نو‘ جي نالي سان تحريڪ شروع ٿي. جنهن جو بنياد نيمايو شيج (1895ع- 1959ع) رکيو. ان تحريڪ جي حوالي سان ايران جي شاعريءَ ۾ نظم جو رجحان پيدا ٿيو. ان کان پوءِ باقاعده طور احمد شاملو (جنم: 1925ع) نثري نظم لکڻ شروع ڪيا. هيءُ پهريون شاعر هو، جنهن فارسي ادب ۾ نثري نظم لکڻ جو رواج وڌو. سندس ڪيترائي مجموعا ڇپجي منظر عام تي آيا آهن. انهن مان آهن هاوا حساس!، ’هوائي تازه‘، ’باغ آئينه‘ قابلِ ذڪر آهن. ’شاملو‘ جي منّ ۾، ’يدالله رؤياني‘، (جنم: 1932ع) ’فروغ فرخ زاد‘ (193ع- 1966ع) وغيره شامل ٿيا. فروغ، ايران جي پهرين شاعره آهي، جنهن نثري نظم لکڻ شروع ڪيا. هن يورپ جو ٽي ڀيرا سفر به ڪيو.

جديد هندي شاعريءَ ۾ نثري نظم:

هندستان اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي پر تنهن هوندي به هندستان جو ادب متعارف نه ڪرايو ويو آهي. ان جو واحد سبب، اسان جي ملڪ ۽ هندستان جي وچ ۾ نظرياتي ڪشيدگي ۽ متضاد حڪومتي پاليسيون آهن. جنهن ڪري گهڻو ادبي توڙي ثقافتي تعاون نه رهيو آهي. قريب هوندي به هڪ ٻئي کان ڏور آهيون. هن برصغير ۾ جديد نظم ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم جي شروعات هند کان ٿي ڏسجي. اسان تائين نثري نظم هندستان جي معرفت روشناس ڪرايو ويو. هندي، گجراتي ۽ اردوءَ ۾ خوب لکيو ويو آهي. هند ۾ ته نوجوانن جي اظهار جو ذريعو ئي نثري نظم ۽ آزاد نظم آهي.

سرويشور ديال سڪسينه (1927ع- 1983ع) جا چار ڪتاب نثري نظم ۽ آزاد نظم جي فارم ۾ ڇپيل آهن. (1) ڪويتائون (2) جهنگل جو درد (3) ڪوانونڊي ’ڪل تي ٽنگيل ماڻهو‘ قابل ذڪر آهن. ان کان سواءِ مراٺي ٻوليءَ جو شاعر: ڪوونڊ نائيڪ ڪرانڊيڪر (جنم: 1918ع)، هندي شاعريءَ ۾ سداماپاندي (ڌومل) (وفات: 1980ع) جو مجموعو: ’پارليامينٽ کان سڙڪ تائين‘، راجيش جوشي (جنم: 1946ع) جو ڪتاب: هڪ ڏينهن ڳالهائيندا حاجت مند‘، هن جا نثري نظم اسان وٽ مدد علي سنڌيءَ جي فن جي ترتيب جهڙا آهن.

اسد زيدي (جنم: 1944ع) جو نثري نظمن جو ڪتاب ’ڀينرون ۽ ٻيا نظم‘، منگليش ڊبرال (جنم: 1948ع) جي نثري نظمن جو ڳٽڪو: ’جبل مٿي بتي‘، هريڪانت جو: ’ايڪ ٽڪڙا اتهاس‘، امرتا پريتم جو: ’ڪاغذ ۽ ڪينواس‘ اهم ڪتاب آهن.

ڪشميري ادب ۾ نثري نظم:

هن ننڍي کنڊ ۾ ڪشميري زبان جو ذڪر اهم آهي. هيءَ زبان به قديم ٻولين مان هڪ آهي. هن جي ادب تي فارسي ادب جو اثر تمام گهڻو آهي. ڪشميري شاعريءَ کي چئن دورن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪشمير جي چوٿين دور ۾ جديد نظم جو شمار ٿئي ٿو. جيڪو ترقي پسنديءَ جو دور ليکيو وڃي ٿو. هن جديد دور ۾ پابند نظم، بنا قافيي نظم، آزاد نظم، نثري نظم ۽ ٻيون صنفون لکيون وڃن ٿيون. مجموعي طور ڪشميري ادب ۾ جديد نظم داخل ٿي چڪو آهي.

نثري نظم جي حوالي سان نادم (جنم: 1916ع)، غلام رسول سنتوش (جنم: 1929ع)، ۽ راهي (جنم: 1925ع) جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

نادم پهريون ڪَوي هو، جنهن ڪشميري ادب ۾ سڀ کان پهريائين نثري نظم متعارف ڪرايو. خاص نظم: ’جنگباز خبردار‘ ( جنگجو هوشيار) ’مي ڇم آش پگهچ‘ سرِفهرست آهن. راهي جو مجموعو: ’نوروز صبا‘ ۽ ’صبحڪ سودا‘ اهم آهن. هيءُ مارڪسي فلسفي جو قائل آهي.

نثري نظم تقريباً ساري دنيا جي ادب ۾ رائج ٿي چڪو آهي، جنهن اظهار جي آزاديءَ کي وڏي هٿي بخشي آهي. ٻاهرين دنيا سان گڏ پاڪستان ۾ به نثري نظم جو تجربو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪافي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، مگر انهن مان ستن ٻولين کي ادبي حيثيت حاصل آهي، جن مان سنڌي، اردو، پشتو، بلوچي، سرائڪي، براهوي ۽ پنجابي شامل آهن. اردو ۽ سنڌيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به پنهنجي لپي يا رسم الخط ڪونهي. هتي انهن ٻولين جي شاعريءَ ۾ نثري نظم جي حوالي سان ذڪر ڪيو ويندو.

براهوي ادب ۾ نثري نظم:

براهوي ادب پاڪستاني ادب ۾ اهم جڳهه والاري ٿو. هن جو جديد دور، ورهاڱي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو. براهوي ادب ۾ جن نثري نظم لکيا آهن، انهن مان: نادر قنبراڻي، افضل ميران، عارف ضياء، جوهر بروهي، وحيد زهير، عزيز مينگل، علي احمد شاد، ملڪ ظاهر شميم ۽ طاهره احساس جا نالا قابلِ ذڪر آهن.

پشتو ادب ۾ نثري نظم:

پشتو ادب جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو، ته پشتو ٻولي قديم زماني کان وٺي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ادب سرجيو وڃي ٿو. پشتو شاعريءَ جو قومي شاعر خوشحال خان خٽڪ عظيم ڪري ڪري ليکيو وڃي ٿو.

پشتو ادب ۾ آزاد نظم پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آهي پر نثري نظم کي اڃا تائين خاص اهميت يا مڃتا نه ملي سگهي آهي پر پوءِ به ارباب هدايت الله پهريون شاعر آهي، جنهن پشتو ادب ۾ نثري نظم متعارف ڪرايا آهن.

بلوچي ادب ۾ نثري نظم:

بلوچي زبان تمام پراڻي زبان آهي. هن کي پنهنجو خطو ۽ پنهنجي ثقافت آهي، پر هن کي پنهنجي رسم الخط ڪونهي. اردو لپيءَ ۾ لِکي ويندي آهي.

بلوچي شاعريءَ ۾ شروع کان ئي نظم جو رجحان رهيو آهي. 1970ع واري زماني کان پوءِ باقاعده طور آزاد شاعريءَ جو آغاز ڪيو ويو آهي، پر نثري نظم جو پهريون خالق عطا شاد کي قرار ڏنو ويو آهي. هن آزاد نظم به پهريائين بلوچي ادب ۾ متعارف ڪرايو. بلوچي شاعريءَ ۾ ٻاهرين ملڪن جي نثري نظمن جو ترجمو به 1985ع ۾ ’گِچين گنج‘ جي نالي سان ڇپيل ملي ٿو. هن کي پَرل هالِڪ ترجمو ۽ مرتب ڪيو آهي. هن ۾ 55 ملڪن جي جديد شاعرن جا نثري نظم ڏنا ويا آهن. ان کان علاوه افضل مراد جي نثري نظمن جو مجموعو، ’گِندار‘ جي نالي سان جنوري 1985ع ۾ منظر عام تي آندو ويو.

ان کان علاوه عبدالواحد آزات (1918ع- 1981ع) جو نالو اهم آهي. جنهن جو مجموعو ’مست توار‘ يعني ’مست جي للڪار‘ جي سِري هيٺ ڇپيو؛ جنهن ۾ اردو ترجمو به شامل هو. هن ۾ آزاد نظم ۽ نثري نظم به ڏنا ويا آهن ۽ هن وقت ڪيترائي نوجوان بلوچ شاعر، جديد شاعريءَ تي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن.

نثري نظم جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو، ته ساري دنيا ۾ نثري نظم ۽ آزاد نظم، جديد نظم جي دائري ۾ داخل ٿي چڪو آهي پر نثري نظم دنيا ۾ هڪ نئين چينل جو ڪم ڪيو آهي. دنيا جو ادب هڪ ٻئي جي قريب اچي رهيو آهي ۽ دنيا هڪٻئي جي ادب کان واقف ٿي رهي آهي.

نثري نظم دنيا ۾ هڪ پل جو ڪم ڏنو آهي، جنهن ست ئي کنڊ (Continent) پاڻ ۾ ملائي ڇڏيا آهن.

اسان عالمي ادب جي روشنيءَ ۾ ڏٺوسي، ته نثري نظم پنهنجي تاريخي حوالي سان قديم زماني کان وٺي اظهار جو ذريعو رهيو آهي، جيڪو اڄ ڪلهه جو سرجڻهار ان کي جديد انداز ۽ جديد فڪر سان پيش ڪري رهيو آهي.

اسين هاڻي پنهنجي سنڌي ادب جي طرف اينداسين ۽ ڏسنداسين ته سنڌي ادب ۾ نثري نظم ڪيتري جاندار صنف ٿي اڀريو آهي.

سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي اوسر (اوائل کان 2000ع تائين:

(Evolution of Poem in Sindhi Literature)

ڏٺو وڃي ته نثري نظم جا نقش ۽ اهڃاڻ دنيا جي قديم ڪتابن ۾ به ملن ٿا. خاص طور تي مذهبي ڪتاب قابلِ ذڪر آهن. سنڌوءَ ڪناري لکيل رگ ويد ۾ به نثري نظم وارو نمونو ملي ٿو پر باقاعده طور، صنف طور، نثري نظم جي ابتدا فرانس کان ٿي. جنهن جو پهريون مؤجد ’جيڪس برننڊس‘ آهي، جنهن جو مجموعو ’گارلينڊ آف دي نائيٽ‘ جي نالي سان 1842ع ۾ پڌرو ٿيو.

اسان وٽ سنڌي ادب ۾ نثري نظم چئن قسمن ۾ لکيو وڃي ٿو: (1) ادب لطيف (2) نظمي نثر/ شاعراڻو نثر (3) نثري نظم ۽ (4) تجريدي نظم.

جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نثري نظم، جديد صنف جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. عام طور ادبي حلقي ۾ ائين ٿو سمجهيو وڃي، ته نثري معنيٰ بحر وزن، رديف ۽ قافيي کان آزادي آهي. خراب  ۽ ڇڙواڳ نثر کي نثري نظم جو نالو ڏنو وڃي ٿو. آزاد نظم ۽ نثري نظم جي وچ ۾ جيڪو فني فرق آهي، ان کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادب ۾ سڀ کان پهريائين نظماڻي نثر جا آثار آخوند عزيز الله جي، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل قرآن مجيد ۾ ملن ٿا. هن کان پوءِ جا جيڪي به ڪتاب آهن، گهڻو ڪري مذهبي آهن، سي نظماڻي نثر ۾ لکيل آهن. 1932ع کان وٺي ’ادب لطيف‘ جي نالي سان ڇپيل تحريرون ملن ٿيون، جيڪي جهامنداس ڀاٽيا لکڻ شروع ڪيون هيون، جيڪي ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپيل ملن ٿيون. ادب لطيف جي حوالي سان کيئلداس فاني (شيخ اياز جو ادبي استاد)، ع.ق شيخ، ۽ امرتراءِ سام جئسنگهاڻي جا نالا قابلِ ذڪر آهن. جئسنگهاڻيءَ جو ڪتاب: ”پينوءَ جي سوغات“- 1955ع ۾ ڇپيو. انهن کان علاوه ادب لطيف ٻين شاعرن به لکڻ شروع ڪيو جيڪي ٽماهي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيل ملن ٿا. ان کان علاوه نئين زندگي رسالي ۾ به لکندا رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ ادب لطيف، شاعراڻي نثر لکڻ جو جواز پيدا ڪيو ۽ شاعراڻي نثر، نثري نظم لکڻ لاءِ ميدان هموار ڪيو. نثري نظم وڌندي وري تجريدي نظم کي پنهنجي ميدان ۾ جاءِ ڏني.

اصل ۾ نثري نظم ترجمي جي مدد سان ئي گهڻو رائج ٿيو. نثري نظم دنيا ۾ ترجمي جوئي احسانمند آهي. اهڙي طرح سنڌي ۾ اوائلي نثري نظم جو مثال ديوان ڏيارام گِدومل جي ڪتاب: ’چهبڪ من لاءِ‘ آهي، ان کان سواءِ سندس ڪتاب ’رهاڻ‘ به اهم آهي. لعلچند امر ڏنومل جڳتياڻي جو ڪتاب: ’سدا گلاب‘ 1947ع نثري نظم جو بهترين مثال آهي. هن ڪتاب ۾ پنهنجن نثري نظمن کان علاوه ٽئگور جي ڪتاب گارڊنر (Gardener) ’باغبان‘ جو ترجمو به شامل آهي. ٽئگور جي ڪويتائن جو ترجمو ڪرشن ڪرپالاڻي صاحب، به ’شاهه جهان‘ جي نالي سان ڪيو آهي، جيڪو سالياني مخزن ’انڊس‘ (Indus) ۾ ڇپيل ملي ٿو. انگريزي شاعر سرايڊون آرنولڊ جي ڪتاب `Light of Aria` جو سنڌي ترجمو نظماڻي نثر ۾ ’پورب سنديش‘ جي نالي سان 1937ع ۾ ڇپيل ملي ٿو، جنهن کي ديوان ڏيونداس ڪشناڻي ترجمو ڪيو آهي. 1940ع ۾ ٽئگور جي ڪتاب ’ڪريسنٽ مون‘ (Crescant Moon) جو سنڌي ترجمو ارجن ايسراڻي ’ٻال چندرما‘ جي نالي سان ڪيو. انهيءَ سال وري، ’پريت جا گيت‘ جي نالي سان منگهارام ملڪاڻي صاحب جو ترجمو ڪيل ڪتاب ملي ٿو. جيڪو ٽئگور جي ڪتاب ’گارڊنر‘ تان ترجمو ڪيو ويو. سن 1926ع ۾ جرمن جي عظيم ڪوي ’گوئٽي‘ جي ڪتاب فائوسٽ جو سنڌي ترجمو نظماڻي انداز ۾ ڄيٺمل پرسرام گلراج ڪيو. 1925ع ۾ ٽئگور جي نثري نظمن جو ڪتاب ’گيتانجلي‘ جو سنڌي ترجمو پروفيسر لطف الله بدوي صاحب ڪيو. هن ڪتاب تي ٽئگور کي نوبل انعام مليو هو. ان کان سواءِ سرڳواسي منگهارام ملڪاڻي صاحب ٽئگور جي ڪتاب گيتانجلي جو سنڌي ترجمو ڪيو، جيڪو 1942ع ۾ رتن ساهتيه منڊل وارن شايع ڪرايو. ان کان سواءِ سندس ٻيو نثري نظمن جو ڪتاب ”جوانيءَ جا جذبا پيريءَ جون يادون“ سال 1957ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. پروفيسر خوشيرام واسواڻي ٽئگور جي ٽن ڪتابن: ’ڪريسنٽ مون‘،  ’گارڊنر‘، ۽ ’گيتا نجلي‘ مان ڪيتريون ئي ڪويتائون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ماهوار ’سنڌو‘ شڪارپور ۽ ’ڦليلي‘ حيدرآباد سالياني مخزن ۾ ڇپايون ويون.

اسان کي ورهاڱي کان اڳ جي نثري نظم ۾ هڪ ڳالهه اهم نظر آئي، اِها هئي ترجمو. اسان اڳ ۾ جن به ڪتابن جو ذڪر ڪيو، اهي ترجمو ٿيل ڪتاب هئا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ترجمي جي مدد سان ئي، نثري نظم، سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو آهي. عالمي ادب جي تاريخ ۾ به نثري نظم جي وجود ۾ اچڻ جا امڪان ترجمو ئي ٻڌايا ويا آهن.

ورهاڱي کان پوءِ به جهامنداس ڀاٽيا، ادب لطيف لکندو رهيو. جيڪي مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالي ۾ ڇپجندا رهيا. ادب لطيف جي حوالي سان خليل جبران جي جڳ مشهور مجموعي ’دي پرافيٽ‘ (The Prophet) جو سنڌي ترجمو ’پيغامبر به اهم حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ستار صاحب ڪيو آهي. ان کان سواءِ منصور قادر جوڻيجو ۽ انور ضياء عباسي، قاضي نذرالاسلام جي ڪتاب  جو ترجمو ’منهنجي ڌرتي منهنجا گيت‘ جي عنوان سان ڪيو، جيڪو 1985ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

ادب لطيف جي حوالي سان عبدالواحد آريسر جو ڪتاب: ’چانڊوڪيون ۽ چيٽ‘ 1987ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کان علاوه اڪبر سومري جو ڪتاب ’ڪيسوڦل‘، جيڪو 1990ع ۾ شايع ٿيو. ادب لطيف جا اهم ڪتاب آهن.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌي هندو اديب ۽ شاعر هندستان لڏي ويا، جنهن ڪري 1948ع کان 1950ع تائين سنڌي ادب ۾ ماٺار ڇانيل رهي.

1956ع ۾ هريرام ماڙيوالا، ٽئگور جي ڇهاسي نظمن جو ترجمو نثري نظم جي انداز ۾ ڪيو. جيڪو ’ڦل چونڊ‘ جي سري هيٺ پڌرو ٿيو. ترجمي جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو صاحب انگريزيءَ جي عظيم پابند شاعر لارڊ بائرن جي ڪتاب، ”دي پرزنر آف شيلان“(The Prisoner of Chillon) جو سنڌيءَ ۾ ترجمو نثري نظم جي انداز ۾ ڪيو، جيڪو جون 1985ع ۾ شايع ٿيو. هي طويل نثري نظم آهي. ان کان سواءِ ترجمي جي حوالي سان رسول بخش پليجي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ’اوهان جي پڄاڻان‘ جي سري هيٺ سن 1991ع ۾ منظر عام تي آيو. هن ڪتاب ۾ دنيا جي مختلف شاعرن جا نظم، نثري نظم جي انداز ۾ ترجمو ڪيل آهن.

ترجمي جي حوالي سان ڊاڪٽر تنوير عباسي صاحب، جو نالو اهم آهي. جنهن سنڌي ادب ۾ مغربي شاعرن، خاص طور تي جديد شاعرن جو ڪلام، نثري نظم جي انداز ۾ آندو آهي. ان کان سواءِ ترجمي جي حوالي سان آدرش (ارشاد شيخ) جو نالو به وساري نٿو سگهجي، سندس ترجمو ڪيل دنيا جي سيبتن شاعرن جا نظم اهم آهن، جيڪي نثري نظم جي انداز ۾ ملن ٿا. سندس ڪتاب: ’نظمن جو البم‘ 1991ع ۾ پڌرو ٿيو.

ادب لطيف ۽ ترجمن جي حوالي کان پوءِ نثري نظم جو ذڪر بطور صنف ذڪر ڪنداسين جن ۾ طبعزاد نثري نظم جا ڪتاب شايع ٿيا. سنڌي ادب ۾ باقاعده طور هن صنف کي رواج ۾ آڻڻ لاءِ ورهاڱي کان پوءِ ’شيخ اياز‘ جو نالو ملي ٿو. آزاد نظم جي ميدان ۾ سنڌي ادب ۾ پهريون نالو شيخ عبدالرزاق راز جو ملي ٿو، پر سنڌيءَ ۾ نثري نظم کي رائج ڪرڻ لاءِ شروعاتي ڪوششون شيخ اياز ڪيون.

نثري نظم (Prose Poem) جي تخليق جي سلسلي ۾، خاص طرح ستر وارو ڏهاڪو اهم آهي. ان ۾ شيخ اياز کان علاوه ڊاڪٽر تنوير عباسي، ملڪ نديم، ڊاڪٽر نعيم دريشاڻي ۽ ايم.اي عالماڻي جون خدمتون قابلِ ذڪر آهن.

نثري نظم جي وسيع ميدان ۾ شيخ اياز جون خدمتون شروعاتي آهن، جنهن ۾ سندس ڇپيل ڪتاب: ”اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني“ اهم آهي. ان کان علاوه سندس ٻيا مجموعا به گهڻو دير سان منظر عام تي آيا. انهن مان، ’پتڻ ٿو پُور ڪري،‘ ’ٽڪرا ٽٽل صليب جا‘اهم آهن. ان کان علاوه شيخ صاحب جي ٻين ڇپيل شاعريءَ جي مجموعن ۾ به نثري نظم ڏنل آهن. جن مان ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘، راڄ گهاٽ تي چنڊ‘، ’شاعريءَ جو سجدو‘، ’دسرلوهيڙا ڳڀيا‘، ’ڏيئا جهمڪن‘، ’هرڻ اکي ڪيڏانهن‘، ’تون ڇپر تون ڇانوَ‘، ’اُٿي اور الله سان‘ (دعائون)، ’گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا‘ وغيره قابلِ ذڪر آهن.

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جون خدمتون، خاص طور تي آزاد شاعريءَ جي حوالي سان سندس لکيل مقالو اهم آهي. سندس ’شعر‘ (1970ع) نالي ڪتاب ۾ نثري نظم ملن ٿا. ان کان سواءِ سندس ڪتاب ’هيءَ ڌرتي‘ سال 1985ع ۾ شايع ٿيل ملي ٿو. هن ۾ به نثري نظم شامل آهن.

ملڪ نديم نثري نظم، سٺ واري ڏهاڪي کان لکڻ شروع ڪيا ۽ هن جا ڪجهه نثري نظم ستر واري ڏهاڪي ۾ شايع ٿيل ملن ٿا پر سندس ڪتابي صورت ۾ تمام گهڻو دير سان ڇپيا. تجريدي نظم جي نالي سان سندس تجريدي نثري نظم 1990ع ۾ پڌرو ٿيو. ان حوالي سان ملڪ نديم سال 1973ع کان تجريدي نظم (بطور صنف) جو خالق قرار ڏنو ويو ۽ هن سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نئين صنف متعارف ڪرائي.

نعيم دريشاڻي جو ڪتاب ’اوندهه جو ٻيٽ‘ 1976ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ سندس ٻيو ڪتاب ’آءٌ شهر آهيان‘ 1982ع ۾ منظر عام تي آيو. ايم.اي عالماڻي جا ڪتاب ’شاهه جو مختصر رسالو‘ (1986ع)، ’شاهه جو عشق‘، ’لطيف جو سال‘ ’ڀيڄ ڀٽائي‘ (1976ع) ۾، ’ساٿي‘ 1978ع ۾ پڌرا ٿيا. امداد حسيني جي شايع ڪيل ڪتاب ’امداد آهي رول‘ ۾ نثري نظم جو انگ ملي ٿو. هيءُ ڪتاب 1976ع ۾ ڇپيو. فتاح ملڪ جو ڪتاب: ’ڪنول پاڙون پاتال ۾‘ 1976ع ۾ ڇپيل ملي ٿو، جنهن ۾ به ڪجهه نثري نظم ملن ٿا. حليم بروهي جي نثري نظمن جو طنزيه مجموعو  1976ع ۾ ’شعر بازي‘ جي نالي سان ڇپيل ملي ٿو. هن جي نظمن ۾ ڪٿي ڪٿي بروهڪي لهجو به ملي ٿو.  واجد ناز جو ڪتاب ’منهنجا گيت زهر جي ڳيت‘ 1977ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. جنهن ۾ ٻي شاعري سان گڏ نظماڻو نثر به شامل آهي. حبيب بروهيءَ جو ڪتاب ’درد جون واديون‘ 1977ع ۾ واجد جي ڪتاب سان گڏ شايع ٿيل ملي ٿو. هن ۾ به نثري نظم ڏنا ويا آهن. الطاف عباسي جو ڪتاب ”جاڙا چنڊ“ (1979ع) ۾ به نثري نظم ڏنل آهن. رسول ميمڻ جو ڪتاب ’اوشا جي آشا‘ (1979ع) ۾ به نثري نظم ڏنا ويا آهن.

نصير مرزا جي ڪتاب: ’خوشبوءِ جي سنگ سنگ‘ (1980ع) ۾ به تمام سٺا نثري نظم ملن ٿا، جيڪي ردم سان ڀرپور آهن. نثار بزمي جو ڪتاب (1980ع) ۾ ’وڄن وراڪا‘ ۾ ڪجهه نثري نظم ڏنا ويا آهن. منور سلطانه جي ڪتاب ’ڳولا‘(1981ع) ۾ به نثري نظم ملن ٿا. زوار نقوي جي چوپڙي ’چراغ شام‘(1981ع) ۾ به نثري نظم  شامل آهن. سندس ٻيو ڪتاب (1987ع) ۾ ’پل اپل‘ ۾ به نثري نظم ۽ تجريدي نظم ڏنل آهن. مدد علي سنڌي جي نثري نظمن جي ڪتاب ’پنر ملن‘(1982ع)  ۾ تمام ڊولائتا نثري نظم ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ ٻي ڪا به شاعريءَ جي صنف شامل نه آهي. سموري ڪتاب ۾ نثري نظم آهن. ناگپال جو ڪتاب ’جيون تاءُ تتيءَ جو‘ (1983ع) ۾ نثري نظم ڏنا ويا آهن. تاجل بيوس جا ڪتاب، ’انبن جهليو ٻور‘ (1983ع) ۽ ’ڪاڇي مٿان ڪونج‘، (1990ع) ۾ جيڪي شاعراڻي نثر جا بهترين ڪتاب آهن. شرجيل جو ڪتاب، (1983ع) ۾ ’ڇوليون‘ اهم حيثيت رکي ٿو. سلطانه وقاصي جو ڪتاب ”دونهاٽيل درش“ (1984ع)، انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. پشپا ولڀ جو ڪتاب (1985ع) ۾ ’دريءَ کان ٻاهر‘، نثري نظم جو بهترين واڌارو آهي. مريم مجيديءَ جو مجموعو- ’سروم ردکم دکم‘ ۾ به نثري نظم ڏنل آهن. اهو ڪتاب 1986ع ۾ ڇپيو. حاتم مگسيءَ جو ڪتاب (1987ع) ۾ ”پڙاڏن پٺيان“ اهم آهي. تاج بلوچ جو ڪتاب ’خوشبو جوزهر‘ (1987ع) ۾ به ڪجهه نثري نظم ڏنا ويا آهن. يوسف شاهين جو ’شعوري سفر‘ اهم آهي. محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ’اکيون آلاچنڊ‘ سال 1988ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ صرف نثري نظم آهن. قمر شهباز جي شاعريءَ جو مجموعو چنڊ رهين ٿو دور سال 1988ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. جنهن ۾ صرف نثري نظم  ڏنل آهن. آڪاش انصاريءَ جو ڪتاب ’ڪيئن رهان جلاوطن‘ 1990ع ۾ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ ڪجهه نثري نظم ملن ٿا. ارم محبوب جي نثري نظمن جو مجموعو- ’منهنجي ڌرتي‘ سال 1990ع ۾ پڌرو ٿيو. عبدالغني اياز ڀٽي جي نثري نظمن جو مجموعو ’ٽانڊا گل غبار‘ سال 1991ع ۾ منظر عام تي آيو. نورالهديٰ شاهه جي نثري نظمن جو مجموعو ’قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ‘ سال 1992ع ۾ منظر عام تي آيو. هيءُ ڪتاب مزاحمتي شاعريءَ جو هڪ انمول دستاويز آهي.

آسي زميني جي شاعريءَ جو مجموعو ’مڃتا جي رڃ ۾‘ 1992ع ۾ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ ڪجهه نثري نظم ڏنا ويا آهن. اياز گل جي ڪتاب ’ڏينهن ڏٺي جا سپنا‘ (1984ع) ۾ نثري نظمن جو انگ ملي ٿو. ادل سومري جي ڪتاب: ’وليون وڻ ڦلاريا‘ (1984ع) ۽ ’سمنڊ جاڳي ٿو‘ (1994ع) ۾ سٺا نثري نظم ملن ٿا. مهر خادم جو ڪتاب ’منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو آهي‘ (1992ع) ۾ ڪجهه نثري نظم ڏنا ويا آهن. اياز گل جي ڪوتا ڪليات ۾ ”دک جي نه پڄاڻي آ“ (1997ع) ۾ ڪافي متاثر ڪندڙ نثري نظم ڏنل آهن.

عادل سخيراڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو- ”نيڻ ٿڪجي پيا“ جون 1992ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ ڪجهه نثري نظم ڏنا ويا آهن. ميمڻ روشن تبسم جي ڪوتائن جو ڪتاب ”سپنا ۽ رابيل“ 1990ع ۾ شايع  ٿيو، جنهن ۾ پابند ۽ نثري نظم  ڏنل آهن ۽ سندس ٻيو ڪتاب ”اکين ۾ ٿي ويهه“ 1992ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ به نثري نظم ڏنا ويا آهن. هنن کان اڳ سندس مجموعو  ”رڻ گجيو ۽ راڙو ٿيو“ 1988ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ به نثري نظم ملن ٿا.

ديدار بلوچ جو مجموعو ”چميا چنڊ گلاب“ سال  1986ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ڪجهه نثري نظم ڏنل آهن. ماٺيڻي اوٺي جو ڪتاب: ”وڇوڙي جا گيت“ ۾ به نثري نظم ملن ٿا. ڀون سنڌي جو مجموعو: ”سندري سپنا ۽ صليب“ ۾ به  نثري نظم ڇپيل ملن ٿا.

جولاءِ 1991ع ۾ استاد بخاري جي ڇپيل مجموعي ۾ نثري نظم آهن. استاد بخاري جي نثري نظمن جو انداز نرالو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي نئين واٽ ورتي آهي. پارس عباسي جو مجموعو ”ريشمي آواز“ جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو، ۾ نثري نظم شامل آهن. هن ۾ اظهار جو نئون انداز آهي. شبنم گل جو مجموعو: ’آخري لفظ‘ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو، ۾ نثري نظم ڏنا ويا آهن. هن ۾ اظهار جي بيباڪي آهي. واجد ”ناز“ جديد شاعرن ۾ شامل آهي، هن جو مجموعو: ”آءٌ اوهان جو ئي آهيان“ 1994ع ۾ ڇپيل ملي ٿو، جنهن ۾، نثري نظم ڏنا ويا آهن. 1950ع ۾ مقبول مارو جو مجموعو ”اکين ۾ ٿي ويهه“ ۾ نثري نظم آهن. ملڪه، فيض پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو جو گڏيل مجموعو ”اسٽوپا، سنڌو ۽ چنڊ“ جي نالي سان 1995ع  ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ ٽنهي جا ڇپيل نثري نظم ڏنل آهن. انهيءَ سال ۾ غلام نبي گل جو مجموعو- ”آئينو چپ آ“، ڇپيو، جنهن ۾ نثري نظم آهن. 1996ع ۾ صنوبر سيد جو ڇپيل مجموعو ”خواب اسان جا جنگي قيدي“ ڇپيو، جنهن ۾ سڀ نثري نظم آهن جيڪي شاعراڻي نثر جو اعليٰ نمونو آهن.

علي اظهار جو مجموعو ”اڃايل آبشار“ مئي 1996ع ۾ شايع ٿيو. جنهن ۾ ٻين صنفن سان گڏ نثري نظم به پيش ڪيل آهن. انهيءَ سال ئي رمضان نول جو مجموعو: ”جهيڻي روشنيءَ جا نظم“ ڇپيو، هن ۾ به سڀ نثري نظم آهن. سندس اظهار منفرد آهي. سندس ٻيو نثري نظمن جو مجموعو ”روح جا سجدا“ 1999ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ زندگي ۽ ان سان لاڳو مسئلا ۽ پيڙائن جا پڙلاءَ گونجن ٿا. وسيم سومري جو مجموعو ”ياد جي نيري ندي“ جي نالي سان 1996ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ پڻ نثري نظم آهن. مقصود احمد قاضي جو مجموعو، ”مند نه آهي ماٺ جي“ نالي سان 1997ع ۾ پڌرو ٿيو. جنهن ۾ ٻين شاعريءَ جي صنفن سان گڏ نثري نظم به ڏنل آهن. انهيءَ ساڳئي سال ئي عطيه دائود جو سنڌي اردو گڏ ڇپيل شاعريءَ جو مجموعو ”شرافت جي پلصراط“ جي نالي سان منظر عام تي آيو.

1997ع ۾ عبدالغفار تبسم جي شاعريءَ جو مجموعو، ”نيڻن جي آڳر ۾“ ڇپجي پڌرو ٿيو، 1997ع ۾ ”ڌرتي پيار سنيها“ جي نالي سان پنجن شاعرن جو گڏيل مجموعو ڇپجي منظر عام تي آيو. جنهن ۾ زبير مسرور ٻرڙي، حماد ٻرڙي، طارق ٻرڙي، گل عباسي ۽ عبدالوهاب ٻرڙي جي شاعري ڇپيل آهي، زبير ۽ حماد جا نثري نظم ڏنل آهن. گل عباسي ۽ عبدالوهاب ٻرڙي جا به نثري نظم شامل آهن.

چندر ڪيسواڻي جو ”زندگي خواب خودڪشي“ جي نالي سان سچيت اڪيڊمي ڪراچي وارن 1998ع ۾ مجموعو شايع ڪيو. جنهن ۾ گهڻا نثري نظم ئي آهن. هيءُ نثري نظم جو نمائنده شاعر آهي، جنهن ۾ نثري نظم تاثر ڀريا آهن.

لکا ڏنو خاصخيلي ”ڪلال“ هڪ پختو ۽ سيبتو شاعر آهي. سندس تخليقون تمام گهٽ اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيون آهن، مگر نثري نظم جي حوالي سان هڪ منفرد نانءُ آهي. هن جي شاعريءَ جو مجموعو ”پاڇا منهنجي پاند ۾“ 1998ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ ٻين صنفن سان گڏ ڪجهه نثري نظم به ڏنل آهن.

صوفي بکن باڊاهي جي شاعريءَ جو ڳٽڪو، ”نظمن جا خواب“ جي نالي سان سال 1999ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ نثري نظم جو انگ وڌيڪ آهي.

ج. ع منگهاڻي جي اظهار ۾ بيباڪي آهي، هن جي شاعريءَ جو مجموعو ”خوابن جا ايوان“ جي نالي سان سال 1999ع ۾ ڇپيو. سليم چنا جي شاعريءَ جو ڳٽڪو ”آواره آواز“ جي نالي سان ڊسمبر 1999ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ نثري نظمن جو سٺو انتخاب آهي.

اختر درگاهي جي شاعريءَ جو مجموعو: ”شاعري مرڪي ٿي“ جي نالي سان 2000ع ۾ شايع ٿيو. اختر جي شاعريءَ ۾ صوفيانه رنگ گهڻو آهي. مجموعي ۾ نثري نظم به ڏنل آهن. هونئن ته اختر پابند شاعريءَ جو شاعر آهي.

وفا منظور چوهاڻ جو مجموعو- ”آس اڌوري“ جي عنوان سان سال 2000ع ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سڀ نثري نظم ڏنل آهن. هن ۾ سندس اظهاري عڪس اوسي پاسي جي آرسي آهن. وفا چوهاڻ نثري نظم جي هيئت ۾ تجريدي نظم به سرجيا آهن.

امداد حسيني، سينيئر شاعرن مان هڪ آهي، جنهن جو مجموعو ”امداد آهي رول“، کان پوءِ، سندس ٻيو مجموع ”هوا جي سامهون“ 2000ع ۾ ڇپيو. امداد بنيادي طور غزل، گيت ۽ آزاد نظم جو شاعر آهي پر هن بنا قافيي نظم به لکيا آهن. هن نظم، جديد نظم جي ميدان ۾ وڏا تجربا ڪيا آهن. جن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. سندس بنا قافيي نظم ۾ ”شهر“ جي نالي 2000ع ۾ مجموعو ڇپيل آهي.

ڊاڪٽر قيوم طراز جي شاعريءَ جو مجموعو- ”پٽ جون ڳنڍيون ريشم ويڙها“ جي نالي سان ڊاڪٽر انورفگار هڪڙي مرتب ڪري، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ ٻين صنفن سان گڏ نثري نظم به ڏنل آهن پر بنيادي طور قيوم طراز گيت جو شاعر آهي پر هن غزل ۽ نظم به سٺا لکيا آهن.

عابد مظهر جي شاعريءَ جو مجموعو: ”وڇوڙي جو آٽو گراف“ جي نالي سان 2000ع ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ ڪجهه نثري نظم به ڏنا آهن.

حبيب جتوئي جي شاعري جو مجموعو،
”ڪاري رڃ، ٿڌا چشما“ جي نالي سان 2000ع ۾ منظر عام تي آيو، جنهن ۾ نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم ڏنل آهن. حبيب جتوئي نظم جو شاعر آهي، جنهن ۾ هن وڏي بيباڪيءَ سان اظهار ڪيو آهي. جنهن ۾ ڀٽڪندڙ روح جون رڙيون آهن. سماجي نا انصافيءَ خلاف هڪ رڙ آهي.

ممتاز عباسيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو
”خدا جيئن اڪيلا اڪيلا رهياسين“ جي نالي سان 2000ع ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن ۾ هن ٻين صنفن سان گڏ ڪجهه نثري آهن. هن جا پابند نظم به آهن، ته نثري نظم به آهن، جن ۾ هو ڪامياب ويو آهي. سندس مجموعو- ”اي چنڊ ڀٽائي کي چئجانءِ“ جي نالي سان ڇپجڻ جي انتظار ۾ آهي.

سحرامداد جو نالو  به نثري نظم جي حوالي سان اهم آهي، هن جا نثري نظم ٽه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيل ملن ٿا. حسن مجتبيٰ به نثري نظم جو بهترين شاعر آهي، هن جا نثري نظم ڪتابي صورت ۾ ته ڪونه ڇپيا آهن، پر سنڌ جي مختلف رسالن جي زينت ضرور بڻيا آهن.

حسن درس به نثري نظم جو سگهارو شاعر هو. سندس نظم ۾ ڏاڍا عميق خيال ملن ٿا.

ستار رند به نثري نظم جو نوجوان شاعر آهي. هن جا نثري نظم ماهوار توڙي پندرنهن روزه عبرت مئگزين ۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجي چڪا آهن.

قاسم ملڪ به هڪ پراڻو نثري نظم لکندڙ شاعر آهي، جنهن جا نثري نظم به ڏاڍا ڊولائتا آهن.

برڪت بلوچ، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ اهم نالو آهي، جنهن جا نظم ۽ نثري نظم ٽه ماهي”مهراڻ“
۾ ڇپيل ملن ٿا.

عورت ليکڪائن ۾، جن نثري نظم لکيا آهن، انهن ۾ شهزادي، گوري ولڀ، حميره نور، امر سنڌو، شمشاد مرزا، ڊاڪٽر فهميده حسين، انيس ميمڻ، بانو محبوب، شگفته شاهه، زبيده ميتلو، رخسانه پريت چنڙ، ريحانه چنڙ ، ماهين هيسباڻي، سنڌيا شاهه، نجمه نور، نجمه بخاري ۽ ٻيون ڪيتريون شاعرائون آهن جن پنهنجي قلم جي سگهه سان نثري نظم تخليق ڪيا آهن. مرد شاعرن ۾ نوجوان شاعر اڪثر پنهنجي تخليق، نثري نظم ۾ ڪن ٿا.

مجموعي طور نثري نظم، عالمي ادب کان سنڌي ادب تائين، سگهاري صنف بڻجي چڪو آهي ۽ هيءُ مستقبل ۾ وڌيڪ سگهاري اظهار جو اڪيلو ذريعو هوندو.

هند ۾ سنڌي نثري نظم جي اوسر:

سنڌ کان علاوه هندستان ۾ به سنڌي نثري نظم  لکيو ويو آهي. ورهاڱي کان پوءِ جيڪي به سنڌي هندو شاعر ۽ اديب سنڌ ڇڏي ويا، انهن هندستان وڃي، به پنهنجي ٻوليءَ کي نه وساريو. هنن جدوجهد ڪري ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي سنڌي پروگرامن لاءِ حڪومت کان وقت ورتو ۽ سنڌي اسڪول قائم ڪرايا. ان سان گڏ هنن سنڌي ادب جي به آبياري ڪندا رهيا آهن.

نثري نظم جي حوالي سان نارائڻ شيام جو نالو آڳاٽو آهي. هن سنڌيءَ ۾ نثري نظم لکڻ جو رواج وڌو سندس ڇپيل ڪتاب ’ماڪ ڦڙا‘ اهم آهي. هن ۾ نارائڻ جا لکيل نثري نظم به شامل آهن. ان کان پوءِ هريش واسواڻي جو نالو اچي ٿو، جنهن نثري نظم جي سڀ کان وڌيڪ تبليغ ڪئي آهي. سندس نثري نظم ’ڪونج‘ رسالي ۾ ڇپيل ملن ٿا. ان کان پوءِ شيام جئسنگهاڻي جو نالو ’نئين ڪويتا‘ جي حوالي سان اولين شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هند ۾ نثري نظم کي ’نئين ڪويتا‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. شيام جي نثري نظمن جو مجموعو ’گوئاٺي منظر‘ اهم ڪڙي آهي ۽ سندس ڪتاب ’وڇوٽيون‘ 1980ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. هريڪانت ڄيٺواڻي، هند ۾ پهريون ڪوي آهي، جنهن نثري نظم کي پنهنجي اظهار جو وسيلو بڻايو ۽ نثري نظم جي حوالي سان منفرد مقام رکي ٿو. سندس ڪتاب ’لپ ڀر روشني‘ 1987ع ۾ هن کان اڳ 1981ع ۾ ’اگهاڙا آواز‘ ۽ 1990ع ۾ سندس ٽيون ڪتاب- ’سچ جون صورتون‘ جي سري هيٺ پڌرو ٿيو. ٽيئي ڪتاب نثري نظمن جا ڪتاب آهن. انهن ۾ شاعريءَ جي ٻي ڪا به صنف شامل نه آهي. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي جو ڪتاب- ’سنٻنڌن جي سڙڪن تي‘ 1982ع ۾ شايع ٿيو. ڪلا پرڪاش جو ڪتاب- ”ممتا جون لهرون“ 1983ع ۾ شايع ٿيو. نثري نظم جي ميدان ۾ ڪلا پرڪاش جو فن هڪ سٺي حيثيت رکي ٿو.

ڪيرت مهرچنداڻي جو ڪتاب- ’اڌورا گيت‘ به نثري ۾ سٺو واڌارو آهي. ان کان علاوه ايم.ڪمل جو ڪتاب: ”ڳرندڙ برف جا نقش“ 1975ع به نثري نظم جي حوالي سان سٺو تجربو آهي. سندس ٻيو ڪتاب- ’ننڊ ۽ جاڳ‘ به اهم آهي. ٽيون ”سوچ جا پاڇا“ 1989ع ۾ ڇپيو، چوٿون ڪتاب: ”من مڙي نٿو“ 1995ع ۾ پڌرو ٿيو. ايشور آنچل هند ۾ رهي به سنڌي ٻوليءَ کي نه وساريو. هن جديد نظم جي ميدان ۾ نثري نظمن جو ڪتاب- ’خاڪ لپ‘ 1984ع ۾ شايع ٿيو ۽ سندس ٻيو نثري نظمن جو مجموعو ’سانجهيءَ جا پاڇولا‘ سن 1985ع ۾ منظر عام تي آيو. سندس رچنائون، نئين ڪويتا جي روپ ۾ شعوري شڪل رکن ٿيون. هيم ناگواڻي جو ڪتاب- ’سرل ريکائون‘ 1986ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. نامديو تارا چنداڻي جي نثري نظمن جو مجموعو ’اٺون سر‘ جي عنوان سان 1984ع ۾ ڇپيو. واسديو موهيءَ جو پهريون ڪتاب ”تضاد“ 1975ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ نثري نظم يعني نئين ڪوتا ملي ٿي. سندس ٻيو ڪتاب ”صبح ڪٿي آهي“ 1983ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. سندس رچنائون اڀياس جون مرهونِ منت آهن. ڪٿي ڪٿي تجريد ۽ ابهام جون شڪار ٿيل نظر اچن ٿيون. ٽيون ڪتاب ”مڻڪو“ 1992ع ۾ ڇپيو. قيمت هريسنگهاڻي جو ڪتاب 1986ع ۾ ’پنهوارن پچار‘ به آهي. نند جويري، ڀارت ۾ سنڌي ڀاشا جو عظيم ڪوي آهي. نثري نظم جي حوالي سان سندس ڪتاب- ’چؤواٽي تي‘1991ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ اڪثر نظم شڪارپور جي حوالي سان لکيل آهن. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: (1) مان (02) چؤواٽي تي (03) لوشڪارپور. نند جي نثري نظمن ۾ ابهام جو عنصر ملي ٿو. سندس علامتون اڪثر ڌنڌ ۾ ويڙهيل آهن.

گوپ ڪمل جو ڪتاب: ’سرحدن تي گل‘ 1988ع ۾ ڇپيو. انهن کان علاوه پوپٽي هيراننداڻي جي ادب لطيف ۽ ڪوتائن جو مجموعو به اهم آهي. موهن ڪلپنا جو ڪتاب ’جهاز جي ڊيڪ تي‘ 1983ع ۾ به بهترين واڌارو آهي. ڪرشن کٽواڻيءَ جو 1989ع ۾ ڪتاب:’هڪ ڊگهي سانت‘ جي سري هيٺ ڇپيل ملي ٿو.

مجموعي طور ڏسنداسين ته هند ۾ نثري نظم جو آئيندو روشن آهي. انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪوي آهن، جيڪي نثري نظم تخليق ڪري رهيا آهن. مجموعي طور هند جي نئين ڪويتا ۾ ابهام ۽ تجريديت جو عنصر زياده ملي ٿو. هنن وٽ علامتون (Symbols) انفرادي ۽ روايتي ملن ٿيون، پر انهن سان گڏ آفاقي علامتن جو استعمال به ملي ٿو.

ڊاڪٽر ديال آشا جي شاعريءَ جو مجموعو ’تخيل‘ سن 1986ع ۾ ڇپيل ملي ٿو. جنهن ۾ 25 صفحن تي نثري نظم ڏنا ويا آهن. هن ۾ نثري نظمن کي آزاد نظمن جو نالو ڏنو ويو آهي. رشمي راماڻي جي ڪوتائن جو ڪتاب: ”پڃرو“ جي نالي 1991ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڪتاب ڪڏهن ڪڏهن 1999ع ۾ پڌرو ٿيو.

اندرا شبنم پوناوالا جي شاعريءَ جو مجموعو: ’شبنمي قطرا‘ سال 1991ع ۾ منظر عام تي آيو. جنهن ۾ 43 صفحن تي نثري نظم ڏنا ويا آهن پر هن ۾ ڏنل نثري نظمن کي به آزاد نظم جو نالو ڏنو ويو آهي. موهن گيماڻي جو ڳٽڪو ”پوپٽ پڪڙيندي“
1993ع ۾ ڇپيو، هريڪانت جو 1995ع ۾ ”اوڻيهون اڌياء“ جي نالي سان شايع ٿيو. نرنجن دوداڻي جي شاعريءَ جو مجموعو، ”سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنواريان“ جي نالي سان 1995ع ۾ ڇپيو. جنهن ۾ نثري نظم به ڏنل آهن.

پريم پرڪاش جو نثري نظمن جو مجموعو ’ڀڳت‘ جي نالي سان 1997ع ۾ شايع ٿيو. ومي سدارنگاڻي جي شاعريءَ جو مجموعو ”سونهري رنگ جي ڪاراڻ“ جي نالي سان 1996ع ۾ ڇپيو.

پوپٽي هيراننداڻي جو ڳٽڪو: ”مان سنڌڻ“ جي عنوان سان پڌرو ٿيو. ان کان سواءِ ٻيو مجموعو ”دن هيٺان دٻلي“ به سندس منظر عام تي اچي چڪو آهي. موتي لعل جو تواڻيءَ جو ٻيو ڪتاب: ”عناصر جي سازش“ جي نالي سان شايع ٿيو. آنند کيماڻي جو مجموعو، ”بيمار پيڙهي“ به ڇپجي منظر عام تي اچي چڪو آهي. سندس ٻيو مجموعو: ”شمشان گهاٽ وٽان لنگهندي“، عنوان تحت ڇپجي چڪو آهي.

ڊاڪٽر ارجن شاد جو طويل نثري نظم تي ڪتاب ”وطن جي ياد“ جي نالي سان شايع ٿي چڪو آهي سندري اتم چنداڻي جو مجموعو ”هڳاءُ“ جي نالي سان 1993ع ۾ پڌرو ٿي چڪو آهي. موهن همٿاڻي جي ڪوتائن جوڪوتائن جو ڪتاب- ”گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاش“1998ع ۾ ڇپيو.

ڪرشن راهيءَ جو مجموعو ”ورق ورق ويچار“ ڇپيو. مهيش نيڻواڻي جي ڪوتائن جو ڪتاب: ”مان مان“ 1995ع ۾ ڇپيو.

ارون ٻاٻاڻي جو مجموعو- ”کڙ کٻيتا“ 2000ع ۾ شايع ٿيو، هند جي نئين ڪوتا (نثري نظم) هڪ تحريڪ طور اڀريو ۽ سماج ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو ۽ اظهار جو اڻٽر وسيلو بڻيو آهي.

مطلب ته نئين ڪوتا سنڌ، هند ۽ برصغير، انگلينڊ، آمريڪا کان وٺي وچ اوڀر تائين لکيو وڃي ٿو. نثري نظم هڪ بين الاقوامي طور نئين چينل جو ڪم ڏنو آهي. نئين ڪويتا کي پنهنجي سڃاڻپ آهي. نثري نظم جو لاڙو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. جيڪو اظهار جو نئون روپ آهي، نئون احساس آهي. مطلب ته احساسن جا عڪس نئين ڪويتا ۾ ملن ٿا. ان کان علاوه هند جي نئين ڪوتا ۾ تجريديت جو عنصر به جهجهو ملي ٿو.

 

مددي ڪتاب

سنڌي ڪتاب

1.                         آچاري چڪروتي راج گوپال، گاجراتاراچند پروفيسر (سنڌيڪار)- مهاڀارت (ڇاپو پهريون؟) مطبوعه: امرلوڪ پبليڪيشن، شيخ زيد ٽرسٽ بلڊنگ ڪراچي.

2.                       آخوند لطف الله- گل خندان- (ڇاپو پهريون): 1952ع مطبوعه: سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي.

3.                       آدرش- نظمن جو البم- (ڇاپو پهريون) نومبر 1991ع مطبوعه: سوڀ پبليڪيشن سکر.

4.                       آڏواڻي مهرچند ڀيرومل- قديم سنڌ- (ڇاپو پهريون) 1957ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد.

5.                        آريسر عبدالواحد- چانڊوڪيون ۽ چيٽ- (ڇاپو پهريون) مئي 1987ع مطبوعه: ٽوڙي پبليڪيشن ڪراچي.

6.                       آريسر عبدالواحد- ماڙين ماريس ڪينڪي- (ڇاپو پهريون) آگسٽ 1989ع مطبوعه: رني ڪوٽ پبليڪيشن حيدرآباد.

7.                       آسي زميني- مڃتاجي رڃ ۾- (ڇاپو پهريون): آڪٽوبر 1992ع مطبوعه: سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

8.                       ابڙو بدر- تنقيد نگاري: ارتقائي جائزو- (ڇاپو پهريون) آڪٽوبر 1985ع مطبوعه: سنڌي ادبي سنگت ڪراچي.

9.                       اڄڻ بدر- ٽي- ايس- ايليٽ: فن ۽ فڪر- (ڇاپو پهريون) ڊسمبر 1989ع مطبوعه: مهراڻ ڪلچرل سوسائٽي مورو

10.                اديب انقلابي- پشتو شاعريءَ جو سنڌي روپ- (ڇاپو؟) مطبوعه: سورٺ پبليڪيشن

11.                  ارم محبوب- منهنجي ڌرتي- (ڇاپو پهريون) اپريل 1990ع مطبوعه: ارم پبليڪيشن حيدرآباد.

12.                الانا غلام علي ڊاڪٽر- سنڌي نثر جي تاريخ- (ڇاپو ٻيو) 1972ع مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.

13.                انجيل شريف: نئون عهدنامو- مصنف؟- (ڇاپو؟) مطبوعه: پاڪستان بائيبل سوسائٽي لاهور.

14.                انصاري عثمان علي- يوناني فلسفه- (ڇاپو ٻيو) 1951ع مطبوعه: سنڌي اڪيڊمي ڪراچي.

15.                 انصاري آڪاش- ڪيئن رهان جلاوطن- (ڇاپو پهريون) جنوري 1990ع مطبوعه: موکي پبلشرز حيدرآباد

16.                اياز گل- ڏينهن ڏٺي جا سپنا- (ڇاپو پهريون) مئي 1984ع مطبوعه: سڳنڌ پبليڪيشن. لاڙڪاڻو.

17.                ايم.ڪمل- ڳرندڙ برف جا نقش- (ڇاپو پهريون) 1975ع مطبوعه: ڪلپنا ڪتاب گهرالهاس نگر بمبئي.

18.                بدوي لطف الله- تذڪره لطفي- (جلد پهريون ڇاپو ٻيو) ٻوي 55- 1954ع مطبوعه: آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.

19.                بروهي حليم- شعربازي- (ڇاپو پهريون) آڪٽوبر 1976ع مطبوعه: سٽيزن سوسائٽي حيدرآباد.

20.              بلوچ تاج- خوشبوءِ جو زهر- (ڇاپو پهريون) جون 1987ع مطبوعه: ڪلا اڪيڊمي ڪراچي.

21.                ٻوهيوالهداد ڊاڪٽر- تنقيدون- (ڇاپو پهريون) نومبر 1980ع مطبوعه: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو.

22.              ٻوهيوالهداد ڊاڪٽر- ادب جا فڪري محرڪ- (ڇاپو پهريون) جون 1984ع مطبوعه: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد.

23.              ڀٽي عبدالغني اياز- ٽانڊا گل غبار- (ڇاپو پهريون) جولاءِ 1991ع مطبوعه: شاهه ولايت آرٽس ڪلب نئون ديرو.

24.              تاجل بيوس- انبن جهليو ٻور- (ڇاپو پهريون) آڪٽوبر 1983ع مطبوعه: سنگم پبليڪيشن ڪراچي.

25.                 تاجل بيوس- ڪاڇي مٿان ڪونج- (ڇاپو پهريون) اپريل 1990ع مطبوعه: سنگم پبليڪيشن ڪراچي.

26.              تارا چنداڻي نامديو- اٺون سر- (ڇاپو پهريون) 1984ع مطبوعه: ديپ شڪار پبليڪيشن بمبئي.

27.                 تبسم عبدالغفار- مٽيءَ جا سر- (ڇاپو پهريون) جنوري 1991ع مطبوعه: سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتو ديرو.

28.              توريت، زبور، اورانجيل ڪي عظيم سچائيان- مصنف؟ (ڇاپو) 1984ع مطبوعه: ورلڊ هوم بائيبل ليگ لاهور.

29.              پٺاڻ محمد علي- اکيون آلاچنڊ- (ڇاپو پهريون) ڊسبر 1988ع مطبوعه: سنڌي ادبي سنگت شاخ بگي

30.              پشپاولڀ- دريءَ کان ٻاهر- (ڇاپو پهريون) جنوري 1985ع مطبوعه: ساهت چتر پبلشر حيدرآباد.

31.                پليجو رسول بخش- اوهان جي پڄاڻان- (ڇاپو پهريون) مئي 1991ع مطبوعه: سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

32.              جتوئي علي نواز حاجن خان- علم السان ۽ سنڌي زبان (ڇاپو پهريون) 1968ع مطبوعه: سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو.

33.              جويو تاج اياز گل- سوچون سرهاگل- (ڇاپو پهريون) 1978ع مطبوعه: سنڌ اشاعت گهر سڪرنڊ.

34.              جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر- سنڌي ادب جي مختصر تاريخ- (ڇاپو ٻيو) 1983ع مطبوعه:زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.

35.               جوڻيجو قادر- ڪوڙي دنيا سچا ماڻهو- (ڇاپو پهريون) 1983ع، مطبوعه: رابيل اشاعت گهر حيدرآباد.

36.              جويري نند- چؤواٽي تي- (ڇاپو پهريون) 1990ع مطبوعه: ديپ شکا پبليڪيشن بمبئي.

37.              جئسنگهاڻي شيام- گوئاني منظر- (ڇاپو پهريون) 1982ع مطبوعه: ديپ شکا پبليڪيشن بمبئي.

38.              حسيني امداد- امداد آهي رول- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1986ع مطبوعه: سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد.

39.              خليل جبران، ستار (مترجم)- پيغامبر- (ڇاپو پهريون) جون 1985ع مطبوعه: نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

40.              دريشاڻي نعيم- اوندهه جو ٻيٽ- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1976ع مطبوعه: سنڌي اڪيڊمي حيدرآباد.

41.                دريشاڻي نعيم ڊاڪٽر- آءٌ شهر آهيان (نثظ)- (ڇاپو پهريون) جنوري 1982ع مطبوعه: مصنف.

42.              رنگريز غلام حسين- وکر سووهاءِ- (ڇاپو پهريون) جون 1988ع مطبوعه: ارباب نور محمّد پليجو پبليڪيشن ٻنون ٺٽو.

43.              سخيراڻي عادل- نيڻ ٿڪجي پيا- (ڇاپو پهريون) جون 1992ع مطبوعه: سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ڪراچي.

44.              سنڌي مدد - پنرملن- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1982ع مطبوعه: آکاڻي پبلشرز حيدرآباد.

44. سنڌي يوسف- سدا سرهاگل- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1991ع مطبوعه: سنڌي سامت گهر حيدرآباد.

45. سومروادل- وليون وڻ ڦلارئا- (ڇاپو پهريون) مئي 1984ع مطبوعه: سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو.

46. سومرواڪبر- ڪيسوڦل- (ڇاپو پهريون) جنوري 1990ع مطبوعه: منصوراڪيڊمي حيدرآباد

47. شاهه نورالهديٰ- قيدياڻيءَ جون اکيون ۽ چنڊ- (ڇاپو پهريون) مئي 1992ع مطبوعه: نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

48. شرجيل- چوليون- (ڇاپو پهريون) ڊسمبر 1983ع مطبوعه: آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد.

49. شمشيرالحيدري- سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر (ڇاپو پهريون) آڪٽوبر 1987ع مطبوعه حيدري انسٽيٽيوٽ آف لٽريچر اينڊ آرٽس ڪراچي.

1.                         شيخ خليل محمد ابراهيم ڊاڪٽر تنقيد- (ڇاپو) 1949ع مطبوعه: آر. ايڇ احمد اينڊ برادرس حيدرآباد.

2.                       شيخ خليل محمد ابراهيم ڊاڪٽر- ’بلبل سنڌ‘ (ڇاپو) 1951ع، مطبوعه: جمعيت الشعراه سنڌ حيدرآباد.

3.                       شيخ الطاف- ڳالهيون تنهن جپان جون- (ڇاپو پهريون) جولاءِ 1982ع مطبوعه: آفتاب احمد نيو هالا سنڌ.

4.                       شيخ اياز- ٽڪرا ٽٽل صليب جا- (ڇاپو پهريون) نومبر 1984ع مطبوعه: سڳنڌ ڪتاب پبليڪيشن لاڙڪاڻو.

5.                         شيخ اياز- واٽون ڦلن ڇانئيون- (ڇاپو پهريون) جولاءِ 1985ع مطبوعه: سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻو.

6.                       شيخ اياز- خط انٽرويو: تقريرون- (ڀاڱو پهريون) ڇاپو پهريون جولاءِ 1987ع مطبوعه: نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

7.                       شيخ اياز- پتڻ ٿو پور ڪري- (ڇاپو ٻيو) آڪٽوبر 1990ع مطبوعه: نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

8.                       شيخ اياز- خط، انٽرويو، تقريرون- باڱو، (ڇاپو پهريون): اپريل 1991ع مطبوعه: نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد.

9.                       عالماڻي ايم- اي- ڀيڄ ڀٽائي نئون روپ نئون سينگار) (حصو پهريون)، (ڇاپو پهريون) مارچ 1976ع مطبوعه مصنف.

10.                عالماڻي ايم- اي- ساٿي- (ڇاپو پهريون) 1978ع مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.

11.                  عباسي الطاف- جاڙاچنڊ- (ڇاپو پهريون) 1979ع مطبوعه: سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽيڊ حيدرآباد.

12.                عباسي تنوير- شعر (1958ع- 1969ع) ترجما: (ڇاپو پهريون) اپريل 1970 مطبوعه: سنڌو ڪتاب گهر سکر.

13.                عباسي تنوير- هيءَ ڌرتي- (ڇاپو پهريون) مارچ 1985ع مطبوعه: سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد

14.                 عباسي تنوير- ترورا- (ڇاپو پهريون) جون 1988ع مطبوعه: سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد.

15.                  علي اَلپ اَرسيلان- بشيرمورياڻي (مترجم)- چونڊ ترڪي ڪهاڻيون- (ڇاپو پهريون) مئي 1989ع مطبوعه: انٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو.

16.                 قاضي نذراالاسلام، منصور قادر جوڻيجو ۽ انور ضياء عباسي (مترجم)- منهنجي ڌرتي منهنجا گيت (ڇاپو پهريون) 1985ع مطبوعه: رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻو.

17.                 قمر شهباز- چنڊ رهين ٿو دور- (ڇاپو پهريون) سيپٽمبر 1988ع مطبوعه: سنگم پبليڪيشن ڪراچي.

18.                 ڪلا پرڪاش- ممتا جون لَهرون- (ڇاپو پهريون) 1962ع مطبوعه: ڪونج پبليڪيشن بمبئي.

19.                 کٽواڻي ڪرشن- هڪ ڊگهي سانت- (ڇاپو  پهريون) 1989ع مطبوعه: سنيل پبليڪيشن دهلي.

20.               گرامي غلام محمّد مولانا- (ادبي اهڃاڻ) ڇاپو پهريون؟ مطبوعه: هاري حقدار پريس حيدرآباد.

21.                 گرامي غلام محمد- ’مهراڻ شاعر نمبر‘- (حصو پهريون) ڇاپو ٻيو 1990ع مطبوعه: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.

22.               گلراج ڄيٺمل پرسرام (مترجم)- فائوسٽ- (ڇاپو ٻيو) 1982ع مطبوعه: گوئٽي انسٽيٽيوٽ ڪراچي.

23.               لاسيلس ايبرڪرومبي، مراد علي مرزا (مترجم)- ادبي تنقيد جا اصول- (ڇاپو پهريون) جون 1981ع مطبوعه: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو.

24.              لارڊ بائرن، جويو محمّدابراهيم (مترجم)- شِلان جو باندي- (ڇاپو پهريون) جون 1985ع مطبوعه سنڌ فرينڊس سرڪل حيدرآباد.

25.                مرزا قليچ بيگ.. علم بديع ۽ علم عروض- (ڇاپو پهريون) 1953ع مطبوعه: اداره قليچ حيدرآباد.

26.              مرزا نصير- خوشبوءِ جي سنگ سنگ- (ڇاپو پهريون) نومبر 1980ع مطبوعه: آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد.

27.               مگسي استاد حاتم- پڙاڏن پٺيان- (ڇاپو پهريون) اپريل 1987ع مطبوعه: ڪراڙ پبليڪيشن ٽنڊو محمّد خان حيدرآباد.

28.               ملڪاڻي منگهارام پروفيسر- سنڌي نثر جي تاريخ- (ڇاپو پهريون) 1977ع مطبوعه: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد.

29.               ملڪ نديم- تجريدي نظم- (ڇاپو پهريون) مئي 1990ع مطبوعه:؟

30.               منور سلطانه- ڳولا- (ڇاپو پهريون) آگسٽ 1981ع مطبوعه: آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد.

31.                 مولائي شيدائي رحيم داد خان- تاريخ تمدن سنڌ- (ڇاپو پهريون) 1959ع مطبوعه: سنڌيونيورسٽي حيدرآباد سنڌ.

32.               مهر ممتاز- ويچار- (ڇاپو پهريون) 1980ع مطبوعه: آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد.

33.               مهر خادم- منهنجي من ۾ ڪوئي سپنو- (ڇاپو پهريون) نومبر 1992ع مطبوعه: پريت پبليڪيشن خيرپور.

34.              ميمڻ عبدالغفور سنڌي- عظيم سنڌي انسان- (ڇاپو پهريون) 1981ع مطبوعه: ماڊرن بوڪ اسٽور لاڙڪاڻو.

35.               ميمڻ سنڌي عبدالمجيد- علم ادب (اصول ۽ اهڃاڻ) (ڇاپو پهريون) 1971ع مطبوعه: عجائب اسٽور سکر.

36.              ميمڻ رسول- اوشاجي آشا- ڇاپو پهريون 1979ع مطبوعه: سنڌي ادبي سنگت سکر.

37.              مينگهاڻي مهاشيه رگهومل چوهڙمل- سٿتي پرگيه (گيتا اڌياو2) (ڇاپو پهريون) جون 1943ع مطبوعه: شري ڀراتري منڊل شهدادپور.

38.              ناگواڻي هيم- سرل ريکائون- (ڇاپو پهريون) 1986ع مطبوعه: ديپ شکا پبليڪيشن بمبئي.

39.               ناگپال- جيون تاءُ تتيءَ جو- (ڇاپو پهريون) جون 1983ع مطبوعه: مصنف.

40.               نثار بزمي- وڄن وراڪا- (ڇاپو پهريون) 1980ع مطبوعه: اداره شهباز پبليڪيشن حيدرآباد.

41.                 نقوي سيّد زوار- پل اپل- (ڇاپو پهريون) مئي 1987ع مطبوعه: جهانيان ادبي اڪيڊمي حيدرآباد.

42.              واجد ناز ۽ حبيب بروهي- منهنجا گيت زهر جي ڳيت ۽ درد جون واديون- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1977ع مطبوعه: نئين دنيا پبليڪيشن سکر.

43.              وقاصي سلطانه- دونهاٽيل درشن- (ڇاپو پهريون) جنوري 1984ع مطبوعه: آگم پبلشنگ ايجسني حيدرآباد.

44.              وليرام ولڀ- سداساوا پن- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1991ع مطبوعه: سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

45.               هريڪانت- لپ ڀر روشني- (ڇاپو پهريون) اپريل 1987ع مطبوعه: اَنيل ڄيٺواڻي ڪالڪا جي ايڪسٽينس نئي دهلي.

46.              هريڪانت- سچ جون صورتون- (ڇاپو پهريون) ڊسمبر 1990ع مطبوعه: سنيل پبليڪيشن دهلي.

اردو ڪتاب:

1. آزاد ابوالڪلام مولانا- محمّد اجمل خان (مرتب)- ترجمان آلقرآن- (جلد پهريون) ڇاپو پهريون فيبروري 1967ع مطبوعه: سنڌ ساگراڪادمي لاهور.

2. آزاد عبدالواحد- ڪشميري زبان اور شاعري- (جلد ٻيو) ڇاپو پهريون؟ مطبوعه: ڪلچرل اڪادمي سرينگر.

3. آفتاب احمد ڊاڪٽر- ن. م- راشد (شاعر اور شخص)- (ڇاپو پهريون) آگسٽ 1989ع. مطبوعه: ماورا پبلشرز- 3 بهاولپور روڊ لاهور.

4. اجمل ڪمال (مرتب) باره هندستاني شاعر- ڇاپو پهريون 1985ع مطبوعه: آج ڪي ڪتابين ڪراچي.

5. استاد احمد حسن زيات- سورتي طاهر عبدالرحمان (مترجم) تاريخ ادب عربي- (ڇاپو) 1961ع مطبوعه: انجمن ترقي عربي، پاڪستان)

6. امجد اسلام امجد- عڪس- (ڇاپو پهريون) جون 1976ع مطبوعه: مجلس ترقي ادب لاهور.

7- امرتا پريتم، احمد سليم (ترجمو ۽ ترميم)- ايڪ اداس ڪتاب- (ڇاپو پهريون) نومبر 1987ع مطبوعه: استعاره پبليڪيشنز ڪراچي.

8. انصاري ظ (مترجم)- سوويت يونين ڪي پندره شاعرون ڪا منتخب ڪلام- (ڇاپو پهريون) 1979ع، مطبوعه، دارالاشاعت ترقي ماسڪو.

9. بابري لئيق ڊاڪٽر (مترجم)- پيرس ڪا ڪرب- (ڇاپو پهريون) اپريل 1982ع مطبوعه: مجلس ترقي ادب لاهور.

10. بخاري محمّد يوسف ڊاڪٽر- ڪشميري زبان وَادب ڪي مختصر تاريخ- ڇاپو پهريون جون 1989ع مطبوعه: مقتدره قومي زبان اسلام آباد.

11. بودليئر، لئيق بابري ڊاڪٽر (مترجم)- پيرس ڪا ڪرب- (ڇاپو پهريون) اپريل 1982ع. مطبوعه: مجلس ترقي ادب لاهور.

12. ٽئگور رابندرناٿ، فراق گوکپوري (مترجم)- گيتانجلي- ڇاپو؟ مطبوعه: مڪتب اردو ادب لاهور.

13. پولينڊ (حقائق اوراعداد وَشمار). مصنف؟ (ڇاپو ٻيو) نومبر 1974ع مطبوعه: نيشنل پبلشنگ هائوس لاهور.

14. جالبي جميل ڊاڪٽر- ارسطوسي ايليٽ تڪ- ڇاپو چوٿون 1988ع مطبوعه: نيشنل بڪ فائونڊيش اسلام آباد.

15. خلاصه هريت- مصنف/ مرتب؟ ڇاپو؟ مطبوعه: اسڪرپچر گفٽ مشين فيروز پور لاهور.

16. خواجه حالي الطاف حسين مولانا- مقدمه شعروَ شاعري- ڇاپو؟ مطبوعه: ڪتب خانه علم وَ ادب دهلي.

17. خواجه حالي الطاف حسين مولانا، ڊاڪٽر احسن فاروقي اور سيد احتشام حسين (تنقيد و تبصرو) مقدمه شعروَ شاعري-  تنقيدي جائز (ڇاپو پهريون) 1984ع مطبوعه: پاپولر:هائوس لاهور.

18- رضوي سجاد باقر ڊاڪٽر- مغرب ڪي تنقيدي اصول- (ڇاپو پهريون) جون 1987ع مطبوعه: مقتدره قومي زبان اسلام آباد.

19. رضي عابدي- تيسري دنيا ڪا ادب- ڇاپو 1988ع مطبوعه: مڪتبه فڪر وَ دانش لاهور.

20. راشد- ن. م- جديد فارسي شاعري- (ڇاپو پهريون) فيبروري 1987ع مطبوعه: مجلس ترقي ادب لاهور.

21. رفعت علي احمد- عربي ادب- (ڇاپو پهريون) جنوري 1962ع مطبوعه: اردو ڪامي بهاولپور.

22 سبط حسن- ماضي ڪي مزار- ڇاپو پهريون 1969ع مطبوعه: مڪتب دانيال ڪراچي.

23. سبط حسن- شهرنگاران- (ڇاپو ٽيون) 1988ع، مطبوعه: مڪتب دانيال ڪراچي.

24. ستار طاهر- دنيا ڪي سو عظيم ڪتابين- (ڇاپو ٻيو) 1989ع مطبوعه: ڪاروان ادب ملتان.

25. سجاد ظهير- پگهلانيلم- (ڇاپو پهريون) 1974ع مطبوعه: مڪتب دانيال ڪراچي.

26. سرهندي وارث- جامع علمي اردو لغت- ڇاپو 1987ع مطبوعه: علمي ڪتاب خانو لاهور.

27. سليم اختر ڊاڪٽر- اردو ادب ڪي مختصر ترين تاريخ- ڇاپو پندرهون 1991ع- مطبوعه: سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور.

28. سيّد اصغر نديم- طرزاحساس- ڇاپو پهريون 1988ع مطبوعه: سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور.

29. سيّد جليل الرحمان اعظمي- ابوطيب متنبي- ڇاپو 1958ع مطبوعه: اداره تصيف وَتاليف آل پاڪستان ايجوڪيشنل ڪانفرس ڪراچي.

30. سيّد عبدالله ڊاڪٽر- اشارات تنقيد- ڇاپو پهريون، نومبر 1986ع مطبوعه: مقتدره قومي زبان اسلام آباد.

31. شبلي نعماني مولانا- شعرالعجم- حصو پهريون، ڇاپو پهريون 1963ع مطبوعه: ڪتب خانه انجمن حمايت اسلام لاهور.

32. شبلي نعماني مولانا- شعرالعجم- حصو چوٿون- ڇاپو پهريون 1963ع مطبوعه: ڪتب خانه انجمن حمايت اسلام آباد لاهور.

33. صديقي نظير- اردو ادب ڪي مغربي دريچي- (ڇاپو ٻيو) 1988ع، مطبوعه: نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد.

34. فريد الدين- قديم هندستاني فلسفه- ڇاپو پهريون 1985 مطبوعه: آگهي پبليڪيشنز حيدرآباد.

35. ڪليم الدين احمد- اردو شاعري پرايڪ نظر (نئين شاعري)- حصو ٻيو، ڇاپو پهريون 1987ع مطبوعه: نيشل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد.

36. محمّد ڪاظم- عربي ادب ۾ مطالعي- ڇاپو پهريون 1990ع مطبوعه: سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور.

37. مخدوم منور- نثري نظم ڪي تحريڪ- (ڇاپو ٻيو): مارچ 1982ع مطبوعه: تاوان ادب ملتان.

38. مختصر بائيبل رتوريت زبور اور انجيل ڪي عظيم سچائيان)- مصنف/ مرتب؟ ڇاپو 1984ع مطبوعه: ورلڊ هوم بائيبل ليگ پاڪستان بائيبل سوسائٽي لاهور.

39.ناگي ايس ڊاڪٽر- تصورات- (ڇاپو پهريون) 1990ع مطبوعه: فيروز سنز لميٽيڊ لاهور.

40. ناگي ايس- تصورات- ڇاپو؟ مطبوعه: جماليات پبليڪيشن لاهور.

41. نارگ گوپي چند ڊاڪٽر- ادبي تنقيد اور اسلوبيات- (ڇاپو پهريون) 1991ع مطبوعه: سنگ ميل پبليڪيشنز لاهور.

42. ندوي عبدالحليم ڊاڪٽر- عربي ادب ڪي تاريخ- جلد پهريون، ڇاپو 1989ع مطبوعه: فيمسن بڪس لاهور.

43. يحيٰ امجد- چيني شاعري- (ڇاپو پهريون) 1985ع مطبوعه: سنگ ميل پبليڪيشن/ لاهور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com