حافظ احمد الدين انڍڙ
دادو ضلعو- هڪ اڀياس
سنڌي ادبي بورڊ ويجهڙائيءَ ۾ ڪافي سٺا ڪتاب پڌرا
ڪيا آهن، جن ۾ ”دادو ضلعو- هڪ اڀياس“ به شامل آهي،
هيءُ ڪتاب، دادو سان تعلق رکندڙ جهوني اديب محمد
عرس ”اظهر“ سولنگي لکيو آهي. اصل ۾ هي ڪتاب دادو
تعلقو- هڪ اڀياس جو وڌايل ۽ ايڊٽ ڪيل نئون ايڊيشن
آهي جنهن کي نوجوان اديب ۽ محقق دين محمد ڪلهوڙي
ايڊٽ ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ واڌارا سڌارا ڪري مقدمو به
لکيو آهي. ڪتاب جي ابتدائي صفحن ۾ جناب پير
مظهرالحق شاهنواز، جناب مخدوم جميل الزمان ۽ جناب
نظر محمد ڳاهي جا پيغام، مسٽر دين محمد ڪلهوڙي جو
مقدمو، محترم عبدالغفار صديقي جو مهاڳ (پهرئين
ڇاپي جو)، پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ جا ٻه
لفظ (پهرئين ڇاپي جا)، مصنف جو نوٽ، (پنهنجي
پاران) ۽ ارپنا شامل آهي، ان کان پوءِ ڪتاب جو متن
شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ دادو، جوهي، خيرپورناٿن شاهه
۽ ميهڙ تعلقن سان واسطيدار مواد ڏنل آهي. ان کان
پوءِ دادو ضلعي بابت مختلف موضوعن تي سٺي ڄاڻ ڏني
ويئي آهي، ان بعد ضلعي جا اولياء ڪرام فقيہ معلم ۽
مدرس، اديب ۽ شاعر، سياستدان ۽ سياسي ورڪر، سياسي
تنظيمون، مزاحمتي تحريڪون، ادبي تنظيمون،
لائبريريون، سماج سڌارڪ، سماجي تنظيمون، صحافت،
پوليس جا شهيد جوان، ڳائڻا، فن جي دنيا، ملهه
پهلوان، متفرقه شخصيتون، آبپاشي نظام، زرعي
پيدائش، هنر (دستڪاريون) برساتون، ٻوڏيون، پتڻ،
ڍنڍون ۽ ڍورا، تاريخي ورثو، واهڻ ۽ وسنديون وغيره
جهڙا موضوع درج آهن، جن تي نهايت مناسب ۽ تحقيقي
معلومات ڏني ويئي آهي. دراصل هيءُ هڪ تحقيق تي ٻڌل
ڪتاب آهي، جنهن ۾ دادو ضلعي سان لاڳاپو رکندڙ اهم
علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي تحقيقي انداز
۾ سوانحي خاڪا لکيا ويا آهن. جيڪي هن ضلعي جي
اوائلي، وچئين ۽ موجوده دور جي حالتن تي چڱي خاصي
روشني وجهن ٿا ۽ خاص طور تي هن ڪتاب ۾ جيڪا
معلومات جاگرافيائي ۽ ثقافتي حوالي سان ڏني ويئي
آهي، اها به هن ضلعي جي پراڻي تاريخ جي اُجاگر ڪرڻ
سان گڏوگڏ نئين تاريخ کي پڻ ظاهر ڪري ٿي، جنهن سان
ڪي نيون حقيقتون ۽ ڪي سوال پڙهندڙن کي ملن ٿا.
ڪتاب جي مقدمي ۾ مسٽر دين محمد ڪلهوڙو ضلعي دادو
سميت سنڌ جي پوري تاريخي اُتهاس کي مختصراً بيان
ڪيو آهي، جنهن کي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ هن تذڪري جي
اهميت هيڪاري وڌي وڃي ٿي، مسٽر ڪلهوڙو سنڌ ۽
سنڌوءَ جي عظمت بيان ڪندي مقدمي ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌ امڙ اسان جي جيئري به پالنا ڪري ٿي، ته مُئي
به وساري ڪين ۽ پنهنجي مقدس وجود ۾ اسان کي جذب
ڪري ٿي. مَهان سنڌو جل ٿل بڻجي اسان جي لاءِ طرح
طرح جا ميوا، اناج، ڀاڄيون ۽ ٻيون بيشمار نعمتون
تيار ڪري اسان کي زندهه رکڻ جا نت نوان جَتن ۽
اسباب مُهيا ڪري ڏئي ٿو، عظيم سنڌ ۽ ان جو اسين
اولاد، مهان سنڌوءَ جي مرهونِ منت آهيون.“
سنڌو سڀيتا بابت ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:
”دنيا جي تاريخ شاهد آهي ته سنڌي ماڻهو هزارين نه
پر لکين ۽ ڪروڙين سالن کان هن ڌرتيءَ جا رکوال
رهيا آهن، هنن ئي ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“ جو بنياد
رکيو، سندن تهذيب و تمدن عالمگير اثر رکندڙ هئي،
هنن ماڻهن ”سنڌو سڀيتا“ کان اڳ وارا سڀئي دور ڏٺا،
جهنگ ۽ غارن ۾ رهڻ وارو دور، پٿر جو اوائلي دور ۽
پوءِ وارو دور، ڪِنجهيءَ جو دور ۽ لوهي دور به
ڏٺو.“
مسٽر ڪلهوڙو مقدمي ۾ دادوءَ جي جنم بابت هن طرح
رقم طراز آهي:
”دادو، عظيم سنڌ ۽ مهان سنڌوءَ جي دل رهيو آهي.
بظاهر ته دادوءَ واري ايراضي به ايتري ئي آڳاٽي ۽
قديم آهي، جيتري عظيم سنڌ امڙ… تاريخي ڪتابن،
تاريخي آثارن ۽ مليل سيني به سيني روايتن مان خبر
پوي ٿي ته هن شهر جو بنيادُ، سيد داد محمد شاهه
المعروف سيد دادو شاهه- ڪلهوڙن جي شروعاتي دور ۾
رکيو، سيد داد محمد شاهه نورجا جي آسپاس جو ويٺل ۽
ڪلهوڙن جو خاص ماڻهو هو… دادو شاهه هن نالي سان ٽي
ڀيرا ڳوٺ آباد ڪيو. پهريون ڀيرو، هو نورجا جي
ڀرسان ڪچي ۾ پنهنجي معتقدن سان ويٺو. ڪجهه وقت کان
پوءِ موج ڀريو سنڌو، مستيءَ ۾ اچي، اُن ڳوٺ کي
پائي ڇڏيو، سيد داد محمد اتان سڪونت ترڪ ڪري، ان
ئي ڳوٺ جي ويجهو ٻيو ڳوٺ آباد ڪيو، جيڪو ”دادوءَ
جا ڀاڻ“ جي نالي سان مشهور ٿيو، اها وسندي به ڪجهه
عرصي کان پوءِ درياء بادشاهه جي نذر ٿي ويئي ۽
ٽيون ڀيرو، سيد دادو شاهه، پراڻي گهاڙي جي ڪپ تي
موجوده ماڳ تي پنهنجن مريدن سان رهائش اختيار ڪئي،
جا اڳتي هلي دادو شاهه ۽ دادو جي نالي سان مشهور
ٿي.“
پهرئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ محترم عبدالغفار صديقي صاحب
لکيو آهي ته:
”ڪنهن به ڳوٺ، شهر، تعلقي ۽ ضلعي وغيره جي تاريخ
لکڻ ڪا معمولي ڳالهه نه آهي، هونئن به هر ڪنهن
انسان کي زندگيءَ ۾ ايترا مشاهدا ۽ تجربا ٿين ٿا،
جيڪي هڪ ته ڇا پر ڪيترن ئي ڪتابن لکڻ لاءِ ڪافي
هوندا آهن…“
پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري پنهنجي نوٽ ۾ لکيو
آهي ته:
”هن ڪتاب ۾ دادو جا ڳوٺ، انهن ۾ وسندڙ قبيلا،
ڌنڌا، اديب ۽ عالم، بزرگ اولياء ۽ ثقافتي پهلو ۽
آثارِ قديمه سڀ سمايل آهن. هن ڪتاب ۾ دادوءَ جي
ثقافتي ورثي ۽ سياسي سماجي ڪردارن کي قلمبند ڪري
وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي ويئي آهي…“
پنهنجي پاران ۾ ڪتاب جي مصنف هن طرح لکيو آهي ته:
”هن ڪتاب جو مواد اصل ۾ دادو تعلقي تائين محدود
هو، پر 2012ع ۾ عزت مآب سائين محترم پير مظهرالحق
شاهنواز صوبائي وزير تعليم ۽ خواندگي جي همٿ ٻڌائڻ
۽ ڪتاب ڇپرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائڻ، اديبن ۽ شاعرن
۾- مولانا غلام محمد گرامي، استاد بخاري،
ايم.ايڇ.پنهور، مولانا دين محمد اديب فيروزشاهي،
شمس الدين بلبل، ضياءالدين بلبل، حافظ احسن چنه،
علامه علي خان ابڙو، جمال ابڙو، بدر ابڙو، سرڪش
سنڌي، جان محمد ”فدا“ عباسي، احمد خان آصف،
عبدالله چنه، وفا ناٿنشاهي، آٿم ناٿنشاهي، محسن
ڪڪڙائي، نشتر ناٿنشاهي، سليم ڀٽو لطيفي،
اڪبرجسڪاڻي، عزيز ڪنگراڻي، حبيب الله صديقي،
عبدالغفار صديقي، سليم الله صديقي، پروانو ڀٽي،
پروفيسر عبدالله مگسي،
تاج صحرائي، غلام مصطفيٰ دادوي، گورڌن شرما، علي
محمد مجروح، نرمل جيوتاڻي، پاويل جوڻيجو، علي دوست
عاجز، اسحاق راهي، آزاد انور ڪانڌڙو، جوهر بروهي،
حاڪم علي بخاري، محمد عثمان ميمڻ، راز ناٿنشاهي،
احمد خان مدهوش، خليل عارف سومرو، الهنواز
رڪڻائي، بشير سيتائي، پروفيسر اعجاز قريشي، اسحاق
سميجو، منصور قادر، نصير ميمڻ، عرفانه ملاح،
ريحانه نذير، قمرالنساء ڀٽي، غلام حسين مشتاق
سچاروي، روزينا جوڻيجو، گلبدن جاويد، تنوير
جوڻيجو، زينت چنه وغيره شامل آهن.
اصل ۾ ڪي به تذڪرا پوءِ کڻي اهي علمي، ادبي، سياسي
هجن يا تاريخي، اهي سمورا ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان
تاريخ جي سياسي حالات ۽ واقعات جو عڪس ٿين ٿا،
انهن ۾ انسان پنهنجي علائقي جي ماضيءَ کي ڏسي سگهي
ٿو. هي تذڪرا رڳو پڙهي حظ حاصل ڪرڻ لاءِ نه هوندا
آهن، پر اهي حال کي بهتر رستي ڏانهن وٺي وڃن ٿا ۽
مستقبل کي موچاري ڪرڻ ۾ وڏي معاونت پڻ ڪن ٿا. اسان
جي پٺتي پيل سوسائٽي ۾ اهڙا رويا ۽ قدر اڃا پيدا
ٿي نه سگهيا آهن، جنهنڪري هن قسم جي تذڪرن کي اها
مڃتا نه ملي آهي، جن جا هو صحيح حقدار آهن. سنڌي
ادبي بورڊ سنڌي سماج جي پٺتي پيل انهيءَ سوچ کي
بدلائڻ لاءِ عملي ڪوششون وٺي رهيو آهي. هن اداري
خاص طرح سان سنڌ جي تاريخي تذڪرن کي اوليت جي
بنياد تي ڇاپڻ جو عهد ڪيو آهي. جناب مخدوم جميل
الزمان صاحب، جيئن ته پاڻ اهلِ علم ۽ اهلِ قلم به
آهن، سندن واسطو پڻ اهڙي علمي گهراڻي سان آهي،
جنهن گهراڻي جو سنڌ جي علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي
تاريخ تي وڏو اثر ۽ ڌاڪو رهيو آهي. انهيءَ حوالي
سان
مخدوم جميل الزمان صاحب جن پنهنجي چيئرمن شپ جي
دور ۾ سنڌ سان سلهاڙيل، علمي، ادبي ۽ خاص طور تي
تاريخي تذڪرن ۽ ڪتابن کي اوليت جي بنياد تي رکيو
آهي ۽ هيءُ تذڪرو پڻ ان سلسلي جو هڪ حصو آهي. علمي
۽ ادبي ادارا ڪنهن به قوم جا رڳو ترجمان نه هوندا
آهن، پر اُهي پنهنجي قوم کي جديد علم ۽ ادب سميت
فڪري ۽ شعوري جاڳرتا مهيا ڪندا آهن. هن تذڪري جي
ڪتابي صورت آڻڻ ۾ مخدوم صاحب سميت جناب پير
مظهرالحق صاحب جن جو به وڏو هٿ رهيو. جيڪڏهن پاڻ
ذاتي دلچسپي ۽ تحرڪ نه وٺن ها ته شايد هن قسم جو
تذڪرو اڄ ڇپجي پڙهندڙن کي نه ملي ها. تنهنڪري ان
چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته هن تذڪري جا اصل
محرڪ پير مظهرالحق صاحب ئي آهن، جن وقتاً بوقتاً
ڪم جي تڪڙي اُڪلاءَ لاءِ بورڊ جي انتظاميه کي مفيد
مشورا ۽ صلاحون ڏيندا رهيا ۽ هن تذڪري ڇپائڻ جا
اسباب مهيا ڪري ڏنا. اداري کي صحيح رُخ ۾ هلائڻ ۽
هڪ منظم ٽيم ورڪ سان ڪم ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ بورڊ
جي موجوده سيڪريٽري جناب الهڏتو وگهيو صاحب ڏانهن
وڃي ٿو، جنهن صاحب پنهنجي تجربي ۽ ٽيم ورڪ سان
سنڌي ادبي بورڊ جي اشاعتي ڪم کي تيزيءَ سان
اُڪلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن جو مثال
مذڪوره ڪتاب ۽ ٻيا ويجهڙ ۾ بورڊ طرفان آيل ڪتاب
آهن. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پڪي بائنڊنگ سفيد ڪاغذ ۽
شهيد مخدوم بلاول باغبان جي مقبري جي ٽائيٽل سان
سينگاريل 600 صفحن جي ڪتاب جي قيمت -/750 رپيا
آهي.
رپورٽ: محمد ارشد بلوچ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ٻي ورسي تي
منعقد ڪيل عالمي سيمينار
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم محقق، لوڪ ادب جي پارکو،
لطيفيات جي ماهر لغت نويس ۽ تاريخدان ڊاڪٽر نبي
بخش خان بلوچ جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي ڊاڪٽر
اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ آف هيريٽيج ريسرچ طرفان
حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ عالمي سيمينار منعقد
ڪرايو ويو.
هن سيمينار جو مقصد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪيل
خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ سندن تحقيقي ڪم
تي روشني وجهڻ هو. هيءُ عالمي سيمينار ٽن نشستن تي
مشتمل هو.
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جي صلاحڪار ڪاميٽي جي
چيئرمين ۽ اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالغفار
سومري هن سيمينار ۾ ملڪ ۽ مُلڪ کان ٻاهران آيل
مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ انسٽيٽيوٽ بابت ٻڌائيندي
چيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جون ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل
خدمتن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت 26 سيپٽمبر
2009ع تي ڊاڪٽر بلوچ جي نالي سان هيءُ انسٽيٽيوٽ
قائم ڪيو ۽ انهيءَ جي افتتاحي تقريب جي صدارت
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته شاهه
عبداللطيف ڀٽائي تي سڀ کان گهڻو ۽ معياري ڪم ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ڪيو آهي، جنهن شاهه صاحب جي پنجاهه قلمي
۽ سورهن ڇاپي رسالن کي پاڻ ۾ ڀيٽي اسان جي آڏو
جامع ۽ مستند شاهه جو رسالو ڏهن جلدن ۾ پيش ڪيو.
سيڪريٽري نوادرات کاتو حڪومت سنڌ، ڊاڪٽر ڪليم الله
لاشاري پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
ڪيل خدمتن کي ساراهيو ۽ چيو ته نوادرات واري کاتي
ڊاڪٽر صاحب جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ هيءُ ادارو
قائم ڪيو آهي ۽ اسان سندن ڏيکاريل واٽ تي هلون
پيا. هن پنهنجي مقالي ۾ مڪلي جي تاريخي قبرستان
بابت ٻڌايو ته ڪجهه سياحن انهي قبرستان ۾ ويهه لک
قبرون ۽ مقبرا هجڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن قبرن تي
فارسي ۽ عربي ٻولي ۾ ڪتبا لکيل آهن.
هن موقعي تي ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جي طرفان
اٺن ڪتابن جي رونمائي پڻ ڪئي وئي، انسٽيٽيوٽ جي
ڊائريڪٽر محمد يعقوب مغل انهن اٺن ڪتابن جو مختصر
تعارف پيش ڪيو، جنهن ۾ هن ڪتاب جي موضوع ۽ اهميت
تي روشني وڌي.
سيمينار ۾ جرمني کان آيل عظيم اسڪالر ۽ فارسي ٻولي
جي ماهر ڊاڪٽر نبي بخش قاضي پنهنجي مقالي ۾ چيو ته
ڊاڪٽر بلوچ جو ڪيل ڪم سائنسي بنيادن تي آهي، هو
ڪولمبيا مان ڊاڪٽريٽ ڪري آيو هو ۽ ريسرچ جي جديد
طريقي کان پوري طرح واقف هو، هن ۾ سندس اُستاد
علامه عبدالعزيز ميمني جو روح هو، جيڪو سڄي دنيا ۾
عربي جو ماهر سمجهيو ويندو هو. هن جا عربي ۾ لکيل
ڪتاب مصر ۽ شام ۾ اڄ ڏينهن تائين پڙهايا ويندا
آهن. هن پنهنجي مقالي ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي سڄي
دنيا ۾ وڏي اهميت آهي، بائيبل جي ترجمي ۾ ٽي ڀيرا
”سندان“ جو لفظ آيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سنڌ جو
ڪپڙو. اسريٰ يونيورسٽي جي چانسيلر ڊاڪٽر اسد الله
قاضي پنهنجي صدارتي خطبي ۾ چيو ته سنڌي لوڪ ادب،
سنڌي ٻولي، سنڌ جي تاريخ جو ڄاڻو، تعليمي نظام جو
پارکو ۽ علم جو روشن مينار اڄ اسان ۾ موجود نه
آهي، پر هن جون يادون اسان جي دلين ۾ هميشه سانڍيل
رهنديون. هن چيو ته بلوچ صاحب مون کي چوندا هئا ته
”اسد توهان پنهنجون تقريرون، افسانا ۽ بيت جيڪي
رسالن ۾ ڇپجندا
هئا سي سنڀالي رکيا آهن.“ مون چيو ته سائين مون وٽ
انهن جو ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي، تنهن تي بلوچ
صاحب جن چيو ته ”پوءِ اسد تنهنجي انهيءَ
ڪم جي ڪا به اهميت نه رهي، سواءِ انهيءَ جي جو تون
خوش ٿي وئين، ڪم لٿو ۽ ڪاغذ ڦاٽو.“ وڌيڪ چيائون ته
”هر لکيل شيءَ کي سانڍي رکڻ سان تاريخ ٺهندي آهي.
منهنجي توکي صلاح آهي ته تون پنهنجون تقريرون ۽
مضمون سانڍي رکندو ڪر باقي انهن جو ڇپجڻ يا نه
ڇپجڻ اهو تنهنجو نه پر ٻين جو ڪم آهي.“ اهائي سچي
عالم ۽ استاد جي نشاني هوندي آهي ته هو ٻين کي
راهه ڏيکاري ۽ انهن جي همت افزائي ڪري ۽ انهن کي
اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري.
هن موقعي تي عنايت بلوچ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب
سنڌ جا انسائيڪلوپيڊيا هُئا، سنڌ جا ماڻهو کين خط
و ڪتابت ڪري پنهنجي قبيلن، شهرن، ماڳن مڪانن ۽ سنڌ
جي تاريخ ذريعي ڄاڻ وٺندا رهندا هُئا ۽ ڊاڪٽر صاحب
انهن خطن جا جواب لکي انهن جي رهنمائي ڪندا رهندا
هئا. انهيءَ سڄي حقيقت جو اندازو توهان ڊاڪٽر صاحب
ڏانهن لکيل خطن واري ڪتابن کي پڙهي لڳائي سگهون
ٿا.
ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لکيل خطن جو پهريون ڪتاب ”پيارن
جا پيغام“ ڊاڪٽر صاحب جي حڪم تي 2004ع ۾ مون مرتب
ڪيو ۽ ٻيو خطن جو ڪتاب ”سانگين سنڀارون“ مون ڊاڪٽر
صاحب جي وفات کان
پوءِ مرتب ڪيو آهي ۽ جنهن جي اڄ رونمائي پڻ ٿي
آهي.
هن موقعي تي ڊاڪٽر محمد ادريس سومري چيو ته ڊاڪٽر
بلوچ وٽ تمام گهڻا قلمي ڪتاب موجود هئا، جن مان
961 ناياب قلمي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب سنڌ آرڪائيوز
ڪراچي کي ڏنا، جنهن جي لسٽ ۽ انهن جي تعارف کي مون
مرتب ڪيو آهي، جيڪو ڪتابي شڪل ۾ 2012ع ۾ ڊاڪٽر
صاحب جي پهرين ورسي جي موقعي تي ڇپيو هو. هن وڌيڪ
چيو ته انهن قلمي ڪتابن ۾ ڪجهه اهڙا نسخا به آهن
جيڪي دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نه آهن ۽ انهن مان ڪجهه
عالمن جا پنهنجي هٿن جا لکيل آهن تن جي تمام وڏي
اهميت هوندي آهي. اٽلي مان آيل ڊاڪٽر وليريا چيو
ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو آرڪيالاجي تي تمام گهڻو ڪم
آهي. هن پنهنجي مقالي ۾ وڌيڪ چيو ته ڀنڀور، مڪران
۽ جنيوا جا قديم واپاري تعلقات رهيا آهن. هن سڪن
(Coins)
۽ ڀنڀور ۽ مڪران جي آرڪيالاجيڪل جڳهن جو حوالو
ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ جو مغرب ۽ مشرق جي وچ ۾ پل جو
ڪردار رهيو آهي. سنڌ جي تهذيب روم ۽ جنيوا جيان
تمام پراڻي آهي. هن موقعي تي ڊاڪٽر خضر نوشاهي چيو
ته ڊاڪٽر صاحب هميشه اُن ڪم کي پنهنجي تحقيق ۾
آندو، جيڪو اڌورو هو يا مستند نه هو. هو ملڪ جو سڀ
کان وڏو تاريخدان هو، هن جيڪا به تحقيق ڪئي آهي
اُها وڏي جاکوڙ سان ڪئي آهي ۽ جيڪا مستند ۽ معياري
آهي.
محمد راشد شيخ چيو ته ڊاڪٽر بلوچ غريب ۽ يتيم
هوندي به تعليم حاصل ڪندو رهيو، پيرين اُگهاڙي
اسڪول ويندو هو، سخت مالي غربت جي باوجود به هن
پنهنجي تعليمي قابليت جي ڪري برٽش اسڪالرشپ حاصل
ڪري ڪولمبيا يونيورسٽي نيويارڪ مان 1949ع ۾
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ
سندس ڪيل خدمتن تي اسان کي فخر آهي. هن وڌيڪ چيو
ته ڊاڪٽر صاحب اردو ٻولي جي به تمام گهڻي خدمت ڪئي
آهي ۽ ڊاڪٽربلوچ صاحب جا پنج ڪتاب اردو ۾ به لکيل
آهن. ڊاڪٽر صاحب پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن
ڪيو.
پنجاب کان آيل ڊاڪٽر عارف نوشاهي پنهنجي مقالي ۾
چيو ته ڊاڪٽر صاحب چچ نامي، تحفة الڪرام ۽ بيگلار
نامه ڪتابن جا تفصيلي مقدمه لکي تمام وڏو تاريخي
ڪم ڪيو آهي. نوجوانن کي گهرجي ته اُهي به ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ جي ڪتابن جو مطالعو ڪن، جنهن سان
انهن جو تاريخ بابت ۽ ٻولي بابت ڄاڻ ۾ اضافو
ٿيندو.
اميمه بلوچ ڊاڪٽر صاحب جي سنڌي لوڪ ادب جي 42
ڪتابن بابت پنهنجي مقالي ۾ تفصيل بيان ڪندي چيو ته
ڊاڪٽر صاحب سنڌي لوڪ ادب کي ڳوٺن، ٿرن برن،
ڪوهستانن ۽ ريگستان ۾ رهندڙ سگهڙن ۽ اُتي جي ماڻهن
سان ڪچهريون ڪري پاڻ وٽ هر ڳالهه نوٽ ڪري، ڪتابي
صورت ۾ آڻي هميشه هميشه لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو. جنهن
سان اسان جون ڪيتريون ئي نسلون پنهنجي ريتن رسمن ۽
رواجن بابت ڄاڻ حاصل ڪنديون رهنديون، جيڪڏهن ڊاڪٽر
صاحب سنڌ جي تهذيب، ريتن ۽ رسمن تي 65 سال اڳ
ماڻهن سان ڪچهريون ڪري اهو سڄو مواد گڏ نه ڪري وڃن
ها ته اهو سڀ ضايع ٿي وڃي ها ۽ سگهڙن ۽ ماروئڙن
سان گڏ دفن ٿي وڃي ها ۽ اسان هن ايڏي وڏي علم کان
بي خبر ۽ اڻ واقف رهجي وڃون ها. دنيا ۾ لوڪ ادب تي
جيترو ڪم ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڪيو آهي اوترو ٻئي ڪنهن
به نه ڪيو آهي.
اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ
انسٽيٽيوٽ جي باني ڊائريڪٽر گل محمد عمراڻي چيو ته
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ننڍي کنڊ جو پهريون عالم آهي،
جنهن انٿرو پالاجي جي سبجيڪٽ کي متعارف ڪرايو، سنڌ
جي انٿرپالاجي کي ڊاڪٽر بلوچ ئي دريافت ڪيو. هن
لوڪ ادب جا 42 ڪتاب متعارف ڪرايا ۽ انهن جا تفصيلي
مقدمه سنڌي توڙي انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ لکيا ۽ انهن
کي عالمي علم جو حصو بڻايو ته جيئن دنيا جا ماڻهو
لوڪ ادب جي علم کي سمجهي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل ڏهن جلدن واري
ڪتاب رهاڻ هيرڻ کاڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي 50 سالن جي
بائيوگرافي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪردارن بابت تمام
گهڻي ڄاڻ ملي ٿي.
هن عالمي سيمينار ۾ ڊاڪٽر سفير اختر، ڊاڪٽر عاصمه
ابراهيم، ڊاڪٽر حميرا عارف دستي، عنايت بلوچ،
ڊاڪٽر فائزه زهريٰ مرزا، انعام ڪٻر ۽ معشوق علي
خواجه پڻ پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ ياسر قاضي هن
سيمينار ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض انجام ڏنا.
آخر ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل آيل مهمانن جو شڪريو ادا
ڪندي، هن عالمي سيمينار کي اختتام تي پهچايو.
مهمانن جو وڏو تعداد هن سيمينار ۾ آيل هو. اُن کان
پوءِ پاڪستان کان ٻاهران آيل ۽ پاڪستان جي چئني
صوبن مان آيل اسڪالرن کي شيلڊون ۽ ڊاڪٽر اين.اي
بلوچ ايوارڊ ڏنا ويا.
سيمينار جي پڄاڻي کان اڳ ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل هيٺيان ريزوليشنز (Resolutions)
پڙهي ٻڌايا، جيڪي يڪراءِ سان منظور ڪيا ويا.
1-
ڊاڪٽر اين.اي بلوچ انسٽيٽيوٽ ۾ تحقيق جي فروغ لاءِ
جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي، انهيءَ کي وڌيڪ وسعت ڏني
وڃي.
1-
جيڪي اسڪالر هن انسٽيٽيوٽ ۾ ريسرچ ڪري رهيا آهن،
هنن جي حوصله افزائي ڪئي وڃي ۽ سندس تحقيقي ڪم
شايع ڪيو وڃي.
2-
ڪانفرنسن ۽ سيمينارن جو سلسلو جاري رکيو وڃي ۽
انهيءَ لاءِ گهربل فنڊ انسٽيٽيوٽ کي سنڌ حڪومت
طرفان مهيا ڪيا وڃن. جيئن اهو سلسلو جاري رهي.
3-
انسٽيٽيوٽ ريسرچ پروجيڪٽس تي ڪم جاري رکي ته جيئن
اهي مقصد حاصل ٿي سگهن، جنهن لاءِ هيءُ ادارو قائم
ڪيو ويو آهي.
4-
انسٽيٽيوٽ ٽريننگ پروگرام ترتيب ڏيندو ته جيئن
طبعي هيريٽيج ۾ هيومن ريسورس کي ترقي ڏياري سگهجي.
انهيءَ مقصد لاءِ بجيٽ ۾ فنڊ رکيا وڃن.
5-
اهو به ريزوليشن پاس ڪيو ويو ته نوجوان اسڪالرس کي
انسٽيٽيوٽ طرفان فارين ٽريننگ لاءِ موڪليو وڃي.
آفريڪا هڪ تمام وڏو کنڊ آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي
نديون آهن. نيل ندي سڀ کان ڊگهي ندي آهي (اٽڪل
6700 ڪلوميٽر). ان کان پوءِ ٻي نمبر تي ڪانگو ندي
آهي جيڪا وچ آفريڪا مان وهي ٿي، ٽي نمبر تي
نائيجير آهي. جنهن تان انهن ملڪن جا نالا ڪانگو ۽
نائيجر پيا. ڪانگو ندي 4700 ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽
نائجر ندي 4200 ڪلوميٽر آهي. انهن کان علاوه
زمبيسي، ابانگي، ڪاسائي، آرينج، لمپوپو ۽ سينيگال
نديون مشهور نديون آهن جن جي ڊيگهه ڏيڍ هزار
ڪلوميٽر کان وڌيڪ آهي. سينيگال ندي ”سينيگال“ مان
وهي ٿي ۽ ان نديءَ تان ئي هن ملڪ جو نالو سينيگال
پيو آهي. جنهن جي گاديءَ جو شهر ۽ وڏو بندرگاه
ڊڪار آهي جتي اسان جا جهاز سڀ کان گهڻو ويا ٿي
آفريڪا کنڊ ڏٺو وڃي ته ذري گهٽ آسٽريليا وانگر ٻيٽ
آهي. هن جي چوڌاري سمنڊ آهي. آفريڪا کنڊ فقط مصر
وٽ ايشيا سان ڳنڍيل آهي باقي چوڌاري ڪو نه ڪو سمنڊ
آهي. آفريڪا کنڊ جا اتر هان ملڪ جهڙوڪ الجيريا،
ٽيونيشيا ۽ لبيا ڏٺا وڃن ته انهن جي چوڌاري
ميڊيٽرينين سمنڊ آهي. ان بعد مصر آهي. جنهن جي
ڪجهه حصي کي مٿيون ميڊيٽرينين سمنڊ ڇُهي ٿو. مصر
کانپوءِ سوڊان، اريٽيريا، جبوتي ۽ سوماليا جو ڪجهه
حصو ڳاڙهي سمنڊ تي آهي ۽ سوماليا جو باقي حصو،
ڪينيا، تنزانيا، موزمبق وغيره هندي وڏي سمنڊ جي
ڪناري تي آهن. ان بعد سائوٿ آفريڪا بلڪل هيٺ
پڇڙيءَ تي آهي. جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ
ملن ٿا ۽ آفريڪا جي اولهه ڪناري وارا سڀ ملڪ
ائٽلانٽڪ سمنڊ تي آهن. انهن ۾ نميبيا، ائنگولا،
ڪانگو، گئبن، ڪئمرون، نائيجيريا، ٽوگو، گهانا،
آئوري ڪوسٽ، لائيبيريا، سيريا ليون، گئمبيا، گِني
بسائو، سينيگال، ماريطانيا ۽ موراڪو وغيره اچي وڃن
ٿا
ڪتاب: “ممباسا شيدي باڇا همباشا” تان ورتل
ص 235، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو |