سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :10

استاد لغاري

 

 

 

 

مولوي عبدالقادر لغاريرح

  1. نسب نامو ۽ قبيلو:

مولوي عبدالقادر ولد مولوي خيرمحمد لغاري (احمداڻي) سن 1312 هجري مطابق 1895ع ۾، ڳوٺ ”ملابخشي لغاري“ تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي سکر ۾ جنم ورتو (1) هن جا اصل وڏا، ديري غازي خان جي طرف کان آيل هئا. سندس نسب نامو هن ريت آهي: مولوي عبدالقادر بن مولوي خيرمحمد بن ڪؤڙو خان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليو خان بن پليوخان بن ميئوخان بن مغروخان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد بن اسماعيل بن بندوخ بن گوارڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن رباح بن ڪباهه بن شاهن بن هارون بن رندو.(2)

ڪتاب ”رهاڻ هيرڻ کاڻ“ ۾ آهي ته ”مرحوم حاجي اسماعيل احمداڻي لغاري وڏو سجاڳ سگهڙ هو. هُو چوندو هو ته ’لغاري قبيلو رندو جو اولاد آهي.‘ يعني ’احمداڻي پاڙو‘ اولاد آهي ’احمد بن گورڻ‘ جو ۽ سندس نسب نامو هن طرح آهي: احمد بن گورڻ بن عالي بن نوح بن نواب بن ڪباهه بن رُباهه بن رندو.“(3)

”ڪليات حمل“ ۾ مشهور شاعر حمل فقير لغاري جو شجرو هن ريت لکيل آهي: حمل فقير بن رحيم خان بن محمد خان بن حاجي دليل خان بن مرزا خان بن بطل خان بن ڇته بن حسن بن بهلول بن بکر بن ٺينگي بن سيرڪ بن محمد بن پاهڙدين بن اڌينڪ بن حسن بن هيسب بن محمد خان بن اسحاق بن حسن بن پيروز بن شاهه مرد بن هوتڪ بن عالم خان بن ميررندو بن جلال خان (4)

تاج پور جا نواب لغاري پنهنجو شجرو هيٺين ريت لکن ٿا: ميرمڱڻ خان بن توربند بن لڌو بن صيفل بن صفل بن پهلوان بن عالي بن پاهڙدين بن اڌينڪ بن حسن بن آسيب (هيسب؟) بن شامي بن شاهه بن گل حسن بن پيروز بن حيران بن رند بن جلال خان (5)

”جنت السنڌ“ ۾، سنڌ جي سرحدي پرڳڻي ’گاج‘ ۾ رهندڙ لغارين جو شجرو هن ريت لکيل آهي: هوت بن غلام محمد بن نواب ولي محمد خان بن غلام حيدربن الهه يار بن حسين بن عزت بن فتح خان بن دريا خان بن حسين خان بن فتح خان بن قلندر بن غلام حيدر بن عالي بن مير رند بن جلال (6)

استاد عبدالرشيد لغاري، ڪتاب ’وهڻ مون نه وڙاءُ‘ ۾ پنهنجو شجرو، سائين جي ايم، سيد جي ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ ڏيکاريل، مولوي عبدالقادر لغاري جي شجري کان ٿورو مختلف ڏيکاري ٿو. جيڪو هن ريت آهي: عبدالرشيد بن حاجي عبدالڪريم بن مولوي خيرمحمد بن ڪؤڙوخان بن نورنگ فقير بن محمود بن وليوخان بن پليوخان بن ميئوخان بن مغزوخان بن شاهن بن سهتڪ بن احمد بن اسماعيل بن بندوهه بن رندوهه بن گوارڻ عالي بن نوح بن نباهه بن ڪباهه بن رباهه بن حسن بن جنگل بن عالي بن رندو..(7)

ڪتاب”ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا“ ۾ لکيل آهي ته ’لغارين جي‘ ’احمداڻي‘ پاڙي جو، مورث اعليٰ ’احمدخان‘ هو. جنهن جي نسبت سان اُهي ’احمداڻي‘ سڏجن ٿا. قمبراڻي ۽ ڪالواڻي به هِن پاڙي مان آهن.“(8) ڪتاب ۾ وري ٻئي هنڌ لکيل آهي ته ”لغاري ’رند‘ آهن.“ هڪ روايت موجب ”لغاري بن شاهه علي بن حسين بن رمضان بن رند بن ميرجلال خان آهي.“ ٻي روايت موجب ”لغاري، لفظ ’ليغا‘ مان ورتل آهي. ليغا بن نوبت بن حسين بن رمضان بن رند بن ميرجلال خان بلوچ.“ (9ـ ساڳئي ڪتاب ۾ وري اڳتي لکيل آهي ته ”لغاري يارنهن پاڙن ۽ سٺ قبيلن ۾ ورهايل آهن، جيڪي هن ريت آهن: آدماڻي، آلواڻي، احمداڻي، قمبراڻي، الهه يارخان، بالاچاڻي، بجاراڻي، بدوئي، براماڻي، براهماڻي، بزيراڻي، بنگلاڻي، بوزدار، بهلولاڻي، ڀرڳڙي، ٽرنگڙي، ڇتاڻي، ڇٽاڻي، جلالاڻي، حاصلاڻي، حسناڻي، حلباڻي، خدر، دتراڻي، دلواڻي، داداڻي، دوداڻي، رستماڻي، رندواڻي، رانجهاڻي، رٿاڻي، ساجناڻي، سريوال، سيرڪاڻي، سنجراڻي، شيراڻي، عالياڻي، عيساڻي، علوداڻي، ڦرڪارا، ڪرڪلي، ڪلوئي مٿواڻي، محبتاڻي، محمداڻي، مڱڻاڻي، ملخاڻي، مندراڻي، مندواڻي، منڪاڻي، نظاماڻي، ننگراڻي، نورنگاڻي، نهراڻي، هدياڻي، هڏوار، هيبتاڻي، ڪچاڻي، سهراباڻي، گلياڻي، ڪالواڻي ۽ دوستلاڻي. (10)

بلوچ پاڻ کي ’اميرحمزي‘ جو اولاد سڏائين ٿا. بلوچ اصل ’حلب‘ شهر (عربستان) جا ويٺل هئا. جي بغداد مان لنگهي، پهرين ڪرمان ۾ آيا ۽ پوءِ مڪران ۾. سن 680ع ڌاري، بني اُميه خليفي يزيد بن معاويه هنن کي اتان هڪالي ڪڍيو. هنن جو وڏو ڏاڏو ’هرين‘ نالي هو. جو ڪيچ مڪران ۾ رهندو هو. هن کي ٽي پٽ هئا. جلال خان، مير عالي ۽ نوس. جلال خان کي وري چار پٽ هئا ۽ هڪ ڌيءُ. رند، لاشار، هوت ۽ ڪورائي. سندس ڌيءَ جو نالو جتو هو. انهن مان بلوچن جون جدا جدا قومون پيدا ٿيون. رند قوم جون مکيه شاخون هيءُ آهن: رند، لغاري، ڊومبڪي، جکراڻي، کوسا، جمالي، بوزدا (۽ چاڪراڻي وغيره (11)

”جامع سنڌي لغات“ ۾ لکيل آهي ته ”لغاري لغار مڪران‘ مان آيل بلوچ قوم جي هڪ قبيلي جو نالو آهي. لغاري بلوچن جي ذات جا مکيه پاڙا ست آهن. جيڪي هن ريت آهن: آدماڻي، آلواڻي، بيراماڻي، ڀرڳڙي لغاري، بوزدار، بنگلاڻي ۽ هڏوار.“ (12)

لفظ ”لغاري“ صفت آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: لغار وارو، لغارهاڻو، لغارجهڙو، لغار لڳل، مرلڳل، ميرن ڪپڙن وارو، ميرو يا گدلو. چون ٿا ته مير چاڪر خان رند، اهو لقب محمد ابراهيم رند کي ڏنو هو، جو سدائين ميرن ڪپڙن سان رهندو هو.

خليفي نبي بخش جي رسالي ۾ لکيل آهي ته ”سيرڪاڻي لغاري، ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوائلي دور واري عرصي ۾، ديري غازي خان جي، ’لغاري تمن‘ مان لڏي سنڌ ۾ آيا.“ (13) ”سانگهڙ سووينيئر“ ۾ لکيل آهي ته ”ٽالپرن ۽ لغارين جا پهريان گهراڻا، ديري غازي خان مان لڏي، اچي ’اڀ پور‘ (سنجهوري تعلقي جي، جهول شهر جي اولاهين طرف) ۾ رهيا.“ (14)

ڪتاب لکن ٿا ته جملي ’لغار‘ اچي ديري غازي خان ۾ ويٺا هئا. مير چاڪر خان جي وفات بعد، پاڻ کي ’لغاري‘ سڏائي، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي معرفت اچي سنڌ ۾ داخل ٿيا. جن ۾ بهلولاڻي، سيرڪاڻي، بالاچاڻي ۽ عالياڻي لغاري نهايت گهڻو مشهور هئا. (15) هن وقت سانگهڙ ضلعي ۾ رهندڙ لغاري قبيلي جا مکيه پاڙا ۽ ذاتيون هن ريت آهن: احمداڻي، بهلولاڻي، سيرڪاڻي، طيباڻي، قاسماڻي، ڪالواڻي، ڪرماڻي، اُڀيچڙ، بُرٺا ۽ بيگ وغيره. لغارين جي طيباڻي پاڙي ۾، هن ويجهي پوئين دور جو هڪ بزرگ، ’حاجي صالح فقير لغاري‘ ٿي گذريو آهي. جيڪو رضا ۽ توڪل جو صاحب هو. الله وارو درويش، صوفي فقير ۽ عارف بالله پڻ هو. اهو، لغاري قبيلي جو شجرو، حضرت آدم عليه السلام تائين برزبان ٻڌائيندو هو ۽ چوندو هو ته ”لغاري، رند قبيلي جي مکيه شاخ آهن.“ مولوي عبدالقادر لغاري جو شجرو، سندس پڙ ڏاڏي نورنگ فقير کان هيٺ، هن ريت آهي.

مولوي عبدالقادر جا اصل وڏا، پهريان ديري غازي خان کان لڏي، رياست بهاولپور جي، ضلعي رحيم يار خان کان ٿيندا، اوٻاوڙي تعلقي جي اوڀرندي سرحد تي، ”دائود والا“ ۾ اچي ويٺا. اتان پوءِ ميرپورماٿيلي جي، داد لغاري جي ڳوٺ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائون. ان کان پوءِ، مولوي صاحب جي پڙ ڏاڏي نورنگ فقير ۽ سندس سوٽ بخشي خان، ”ملابخشي لغاري“ نالي سان، پنهنجو جدا ڳوٺ ٻڌو. مولوي عبدالقادر جو والد صاحب ميان خير محمد خان به انهي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. جنهن ديني تعليم، مولوي محمد امين لغاري کان، ڳوٺ داد لغاريءَ ۾ ورتي هئي. (16)

2. طالب علم جي حيثيت ۾:

مولوي عبدالقادر، (قرآن پاڪ ۽ فارسي جا ننڍا رسالا ۽ ڪتاب، پندنامه عطار) تائين، پنهنجي والد صاحب جن وٽ پڙهيو. سندن والد صاحب جو ارادو ٿيو ته فريضه حج ادا ڪجي. انڪري وڌيڪ تعليم لاءِ، مولوي عبدالقادر کي، عربي ۽ فارسي پڙهائڻ لاءِ، ڳوٺ داد ڀٽو، تعلقه اوٻاوڙو ۾، مولوي غلام قادر صاحب وٽ ويهاري آيو. جتي گلستان ۽ بوستان ڪتاب پڙهيائين. مولوي خيرمحمد صاحب 1326/ هجري مطابق 1909ع ۾، فريضه حج ادا ڪرڻ لاءِ، بمبئي بندر کان حرمين شريف ڏي روانا ٿي ويا. _اُن وقت سامونڊري جهازن لاءِ ڪراچي بندر (نه هو)

اٽڪل 1327 هجري مطابق 1910ع ۾، مولوي خيرمحمد صاحب، حج شريف ادا ڪري، خيريت سان ڳوٺ ”ملابخشي“ پهتا. ڪجهه عرصي بعد، پنهنجي فرزند مولوي عبدالقادر کي چيائون ته ”پيرسائين جهنڊي وارن جي ڳوٺ ۾ مدرسو آهي، اُتي عربي جي تعليم تمام چڱي ڏني وڃي ٿي ۽ ستن سالن ۾، سارو عربي علم پڙهائي، دستار بندي ڪرائي ٿا ڇڏين. توهان کي اتي پڙهڻ لاءِ ويهاري ٿا اچون.“

اهڙي طرح محمد ايوب ولد ميان جي عبدالرحمٰن لغاري ۽ دين محمد شيخ وارڻي شريف (بهاولپور) وارو ۽ مولوي عبدالقادر 05 شوال 1327 هجري مطابق 1910ع ۾، مدرسه دارالرشاد ڳوٺ
پير جهنڊي ۾، داخلا وٺي، باقاعده پڙهائي شروع ڪئي. ان وقت ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي رحمت الله عليه جن مدرسي جا مهتمم اعليٰ هئا. پاڻ صبح جو سوير قرآن پاڪ جو درس ڏيندا هئا ۽ سومر جي ڏينهن، ساڳين وڏن شاگردن کي، خاص تقرير ٻڌائيندا هئا. ننڍن شاگردن کي ان تقرير ٻڌڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ٻيا ڪتاب مولانا محمد صاحب (استاد الڪل) مولانا محمد اڪرم صاحب، مولانا احمد علي صاحب ۽ مولانا محمد الياس جمالي صاحب جن پڙهائيندا هئا. (17)

1328هجري مطابق 1911ع جي شوال مهيني ۾، استاد مولانا محمد الياس جمالي وٽ نحو،
مير شرح، مائة عامل وغيره پڙهڻ شروع ڪيائون ۽ سال ۾ جيترا به ڪتاب نصاب ۾ شامل هئا، اهي پڙهي پورا ڪيائون. مثلاً: تدريب الطلاب (ادب) عمدةالاحڪام (حديث) دستور المبتدي (صرف) ترجمہ پاره عم وغيره. ان وقت شاگرد امتحان ۾ پاس ٿيڻ ۽ سالانه موڪل جي خوشي ۾، چار چار آنا چندو ڪري، ڪلاس وارا پاڻ ۾ دعوت جو انتظام ڪندا هئا ۽ ان ۾ پنهنجي استاد کي به آڻيندا هئا. جنهن ۾ مدرسي جو مهتمم اعليٰ مولانا عبيدالله سنڌي صاحب ۽ استاد الڪل مولانا محمد صاحب احمداڻي لغاري کي به مدعو ڪَيو ويندو هو.

1330هجري مطابق 1912ع ۾، ڪن سببن ڪري، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي مدرسه دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو کان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ ساڳي دارالرشاد نالي سان نواب شاهه ۾ مدرسو کوليائون جنهن ۾ مولوي عبدالله لغاري (سانگهڙ وارو) ۽ مولوي احمد علي صاحب کي پڙهائڻ لاءِ مقرر ڪيائون ۽ پير جهنڊي وارن کي تاڪيد ڪيائون ته مولانا محمد صاحب احمداڻي لغاري کي (جيڪو ان وقت صدر مدرس، يعني استاد الڪل هئا) بلڪل نه ڇڏجو. جيستائين اهو هوندو ته مدرسو پيو هلندو. (18)

مولانا عبيدالله سنڌي صاحب، پير جهنڊي وارن جو مدرسو ڇڏي جو ويا هئا ته مولوي عبدالقادر لغاري جي مائٽن ۽ ميان جي محمد يعقوب ۽ ٻين دوستن مشورو ڪري، هڪٻئي جي مدد سان، پانڌي لغاري جي ڳوٺ، (تعلقه ميرپور (ماٿيلو) ۾ مدرسو کوليو ۽ مدرسي جو نالو رکيائون ”دارالهديٰ.“ هڪ استاد نالي مولوي فيض الله صاحب خشڪ بلوچ کي، تعليم لاءِ مقرر ڪيائون. جتي ٻين شاگردن سان گڏ، مولوي عبدالقادر لغاري پڻ، عربي جا ڪتاب هداية نحو، ايساغوجي وغيره پڙهيا. (19)

سن 1331 هجري مطابق 1913ع ڌاري، مولوي خيرمحمد لغاري (احمداڻي) ڳوٺ ”ملابخشي لغاري“ ضلعي سکر مان لڏي، سانگهڙ شهر کان اٺ ڪلوميٽر اوڀر طرف، ٽنڊو مٺاخان روڊ سان، ڳوٺ باکوڙو ۾، پنهنجو نئون ڳوٺ ٻڌو. جتان مفاصلي جي لحاظ کان، سهوليت ڏسي، مولوي عبدالقادر لغاري کي وري مدرسه دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريائون.

مولانا محمد صاحب احمداڻي لغاري جي وقت ۾ مدرسه دارالرشاد پيرجهنڊو ايتري ترقي ڪئي، جو سنڌ، بلوچستان، پنجاب، ايران ۽ مڪران جا بي شمار شاگرد پڻ هتي پڙهڻ لاءِ ايندا هئا ۽ هرسال طالب علم دستاربندي ڪندا هئا.

سال 1333 هجري مطابق 1915ع ۾، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب مدرسه دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو ۾ وري واپس اچي ويا. اُن وقت، اُن جي گرفتاري لاءِ حڪومت برطانيه جو تمام گهڻو زور هو. انڪري پاڻ پسِ پرده ڪابل ڏي هجرت ڪرڻ جي تياري ڪيائون. ان وقت شيخ عبدالرحيم مهاجر مدني، مولانا محمد ميان رڪن الدين جميعةالعلماء هند، ۽ ڊاڪٽر ضياءُ الدين پرنسپل علي ڳڙهه وارو به سندس ملاقات لاءِ آيا هئا. هن ملاقات کان ڪجهه عرصو بعد، حضرت مولانا عبيدالله سنڌي دين پور شريف کان ٿيندا، ڪوئٽه رستي، ڪابل روانا ٿي ويا. انهي هجرت ۾، مولانا صاحب سان هيٺيان چار ماڻهو گڏ هئا.
1، مولوي عبدالله لغاري، (بن نهال خان بن محمد خان بن رستم خان بن فتح محمد خان، پاڙو ڪالواڻي، جنهن جا پونير هن وقت تعلقي سانگهڙ ۾ ٽَڪَنَ واري دڙي تي ويٺل آهن) 2، مولوي محمدعلي. 3، مولوي عزيز احمد ۽ 4، عبدالرحمٰن عرف جمعدار دين پور شريف جي جماعت جو فقير. خدا جي مهرباني سان، سڀيئي خيريت سان ڪابل پهچي ويا ۽ انگريزي حڪومت جي گرفتاري کان بچي ويا. (20)

سن 1334 هجري مطابق 1916ع ۾، مدرسه دارالرشاد پير جهنڊي ۾، هيٺين شاگردن دستار بندي ڪئي:

  1. مولوي عبدالقادر لغاري (احمداڻي) سانگهڙ وارو

  2. مولوي رحيم بخش سومرو شڪارپور وارو                                               ڪن شاگردن حافظ ٿيڻ جي دستاربندي ڪئي، اُهي هي هئا:

  3. حافظ محمد قاسم منور ڪڇ ڀڄ وارو

  4. حافظ ابراهيم منڱيو، ڇتن شاهه سڪرنڊ وارو

  5. حافظ مولا داد بروهي، دوڙ. ضلعي نواب شاهه وارو (21)

مدرسي دارالرشاد مان پڙهي، فارغ التحصيل ٿيڻ بعد، ڪجهه وقت کان پوءِ، مولوي عبدالقادر لغاري صاحب، ساڳئي مدرسي ۾ مهتمم ٿي رهيو (22) سندن مهتمم ٿي رهڻ جو عرصو ڪافي سالن تائين محيط هو.

3.سياسي سماجي ۽ ديني خدمتون

مولوي عبدالقادر جي والد صاحب ۽ سندن خاندان جا، نواب سردار محراب خان تمندار بگٽي (نواب محمد اڪبر خان بگٽي جو والد صاحب) سان نهايت دوستاڻا ۽ پاڙيسرين وارا لاڳاپا هئا.
ڪوٽ نواب (تعلقي سانگهڙ) ۽ سندن جاگير آهي. مولوي صاحب جا عزيز و اوقارب، چاچا ۽ ماما سڀ انهن جا هاري هئا. هڪ ڀيري مولوي عبدالقادر پنهنجي والد مولوي خيرمحمد سان گڏجي نواب سردار محراب خان بگٽي سان ملاقات لاءِ، ڪوٽ نواب ۾ تشريف فرما ٿيا ته نواب صاحب، سرداري شان سان سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اهو رمضان المبارڪ جو مهينو هو. شام جو روزو به گڏ کوليائون نواب صاحب، مولوي عبدالقادر جي شخصيت کان ڏاڍا متاثر ٿيا جو ٻن ٽن ڏينهن بعد عيدالفطر جي موقعي تي، ڪوٽ نواب ۾ عيدالفطر جي نماز به مولوي عبدالقادر جن پڙهائي.

سن 1344 هجري مطابق 1926ع ۾، مولوي صاحب جا چاچا ۽ ماما ۽ ٻيا عزيز، حج شريف تي وڃڻ لاءِ تيار ٿيا. انهن کي ڪراچي تائين الوداع ڪرڻ لاءِ، مولوي عبدالقادر صاحب گڏجي هليو. نواب محراب خان بگٽي به هن سفر ۾ ساڻن گڏ هئا. مولوي عبدالقادر کي ٻين عزيزن سان گڏ ڏسي، نواب صاحب پنهنجي ڪمدار حاجي حامد خان کان پڇيو (جيڪو ان وقت نواب صاحب جو ڪمدار هو) ”مولوي صاحب حج تي تيار آهي؟“ هن چيو ”ها“ وري پڇيائين ته پئسو اٿس؟“ هن چيو ”نه“ پوءِ پنهنجي خاص منشي غلام محمد کي موڪليائين ته مولوي صاحب کان پڇي اچ ته ”ڪو دولت مند ماڻهو، ڪنهن غريب کي زڪوات جو پئسو ڏي ۽ غريب انهن پئسن سان حج ڪري اچي، ته ان غريب جو حج ٿيندو يا نه؟“ پوءِ مولوي صاحب ٻڌايو ته ”ان غريب جو حج ٿيندو.“

پوءِ نواب صاحب، مولوي عبدالقادر کي گهرائي، ان کان معلوم ڪيو ته ”اوهان هن وقت زڪوات وٺڻ جا حقدار آهيو يا نه؟“ مولوي صاحب چيو ته ”سائين! هن سال ته حقدار آهيان، آئينده جي الله کي خبر.“ پوءِ پنهنجي خزانچي کي گهرائي، حڪم ڏنائين ته مولوي صاحب کي 500 (پنج سؤ روپيا) ڏي. ۽ مولوي صاحب کي چيائين ته انهن مان چار سؤ روپيا اوهان جي حج مبارڪ جي سفر ۽ خرچ لاءِ آهن، باقي پنجاهه روپيه حرم شريف جي خادمن لاءِ خيرات ڏجو ۽ باقي پنجاهه روپيا روضي مبارڪ جي خادمن لاءِ خيرات آهن. ۽ اهو به چيائين ته ”اهي پئسا خيرات جا آهن، زڪوات نه آهي.“ ته الحمدالله! اهڙي طرح مولوي صاحب جي حج مبارڪ لاءِ، قدرت جي طرفان بندوبست ٿيو.

مولوي صاحب ٻيو حج شريف به ادا ڪيو ۽ اهو به نواب سردار محراب خان بگٽي صاحب جن جي توسب سان نواب صاحب، مولوي خيرمحمد لغاري کي چيو ته منهنجو ڀاءُ سردار سهراب خان بگٽي فوت ٿي ويو آهي. اوهان ان جي طرفان حج بدل پڙهي اچو. مولوي خيرمحمد، نواب صاحب کي ٻڌايو ته آئون ضعيف ٿي ويو آهيان. مون ۾ سفر جي طاقت نه رهي آهي. منهنجو پٽ مولوي عبدالقادر، جيڪو اڳ ۾ به اوهان جي دستِ سخا سان حج شريف ادا ڪري آيو آهي، ان کي موڪليو وڃي ته هُو سردار مرحوم جي طرفان حجِ بدل ڪري سگهي ٿو. نواب صاحب اها ڳالهه منظور ڪئي ۽ پنهنجي سوٽ نبي بخش خان بگٽي هٿان، سفر خرچ ڏياري موڪليو. اهڙي طرح سال 1358 هجري هجري مطابق 1939ع ۾، مولوي صاحب ٻيو ڀيرو حجِ بدل جي سعادت حاصل ڪئي.

1939ع ۾، حج بيت الله جي فريضي ادا ڪرڻ کان پوءِ، مڪي شريف ۾، مولوي عبدالقادر جي ملاقات، پنهنجي استاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب سان ٿي. ته مولانا صاحب ڪجهه علمي ۽ سياسي ڪاغذات مولوي صاحب کي پاڻ وٽ سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنا. بحري جهاز ”سفينه المدينه“ ۾، ٻين حجاج ڪرام سان گڏ، ٻنهي مولوي سڳورن، وطن واپسي جو سفر شروع ڪيو

هڪ ڏينهن مولانا عبيدالله سنڌي جهاز جي هيٺين طبقي ۾ لهي آيا ۽ اُتي ويٺل مولوي حبيب الله ٺيڙهيءَ واري وٽ اچي ويٺا. جنهن جي ڀر ۾، سفر دوران، مولوي عبدالقادر جن ويٺل هوندا هئا، ته ٽنهي مولوي سڳورن پاڻ ۾ ويهي گفتگو (ڪچهري) ڪئي.

انگريزن جي طرفان، مولانا عبيدالله سنڌي صاحب يا ٻين خلافت تحريڪ جي مولوين تي، ٻيا مولوي ئي سي- آءِ- ڊي ڪري رکيا ويندا هئا. ان صورتحال کي سامهون رکي، مولوي عبدالقادر صاحب گهڻو ڪري اهڙين ڪچهرين ۽ ملاقاتن کان اجتناب ڪندا هئا ته جيئن سرڪار کي مٿس ڪو وهم نه گذري.

غالباً ساڳئي سال 39/ 1938ع ۾، مولوي عبدالله لغاري، مولانا عبيدالله سنڌي صاحب سان حجاز مقدس ۾، علمي ۽ سياسي معاونت خاطر همسفر ۽ رفيق هئا. مولانا صاحب سان گڏ قيام دوران، مولوي عبدالله لغاري صاحب وڏي علمي خدمت سرانجام ڏني. مولانا عبيدالله صاحب انهي عرصي ۾ قرآن شريف، اسلامي علوم ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي جي تعليم ڏيندي، جيڪي به تقريرون ڪيون، سي مولوي عبدالله لغاري صاحب قلمبند ڪيون. مولانا عبيدالله صاحب جي سياسي ڊائري به قلمبند ڪيائين. لاهور مان جيڪي ڪتاب مولانا عبيدالله صاحب جي افڪار ۽ شاهه ولي الله جي فلسفي تي شايع ٿيا آهن، تن جو مواد درحقيقت مولوي عبدالله لغاري صاحب جي قلمي ڪشالي جو نتيجو آهي. جيتوڻيڪ انهن ڪتابن ۾، هن بزرگ جي خدمت جو ڪماحقہ اعتراف نه ڪيو ويو آهي. (23)

07 مارچ 1939ع تي، بحري جهاز ”المدينه“ ڪراچي بندر تي پهتو. مولانا عبيدالله سنڌي صاحب پنهنجي پيتي کڻي، جهاز مان هيٺ لهي هليا ويا. پيتي ۾ قرآن شريف، ٻه پراڻا ڪپڙا ۽ هڪ لوٽو موجود هو. مولانا صاحب کڏي (ڪراچي ۾) خيريت سان پهتا ته کيس جميعةالعلماء وارن، خاڪسارن، ڪانگريسين ۽ ٻين ماڻهن پاران سلاميون ڏنيون ويون. ايستائين، حڪمت عملي تحت، مولوي عبدالقادر لغاري صاحب جهاز ۾ ويٺا رهيا. جهاز مان دير سان لهڻ سبب، مولوي صاحب جا ڀائر ڊاڪٽر احمد خان احمداڻي صاحب ۽ ٻيا، جيڪي ان وقت ڊي-جي ڪاليج ڪراچي ۾ پڙهندا هئا، انتظار ڪري، واپس موٽي ويا. سمجهيائون ته شايد مولوي صاحب نه آيا آهن. هوڏانهن ڳوٺ مولوي خير محمد لغاري (باکوڙو) ۾، سندس والد صاحب ڪوٺين تي چڙهي چڙهي ڏٺو ٿي ته عبدالقادر ڪٿان ٿو اچي؟

ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ، ٻن هفتن بعد، مولوي صاحب ڳوٺ پيرجهنڊي پهتا ته انهي وچ ۾ مولانا عبيدالله سنڌي صاحب پنجاب ۽ هندوستان جي دوري تي نڪري ويا هئا. جڏهن واپس آيا ته سندن ملاقات لاءِ علماء ۽ احباب ايندا رهيا.

هڪ دفعي مولانا صاحب کي، اڪيلو ۽ فراغت ۾ ويٺل ڏسي، سندن علمي خزانو (ڪاغذات) جيڪو مڪي شريف ۾ سنڀالي رکڻ لاءِ ڏنو هئائون، جنهن ۾ ”التمهيدلائمہ التجديد“ ۽ ٻيا علمي رسالا به هئا، جن تي خاص نشان لڳل هئا، اُهي مولانا صاحب کي امانت باسلامت پيش ڪيائون. تڏهن مولانا صاحب اُهي ڏسي، اهڙا خوش ٿيا، ڄڻ نئين زندگي ملي وين. پاڻ فرمايائون ته ”اسان سمجهيو هيو ته اهي علمي ڪاغذ، مولوي عزيز احمد وٽ مڪي شريف ۾ رهجي ويا آهن، پر الله جو فضل آهي جو بغير نقصان جي، اوهان اسان کي حفاظت سان پهچائي ڏنا آهن.“ (24)

انهن ڪاغذن ملڻ بعد، مولانا صاحب کي ايڏي خوشي ٿي، جو هڪدم وري دهلي وڃڻ جو پروگرام ٺاهيائون ته اُتي وڃي، ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان مشورو ڪري، ”جامعيہ مليہ“ ۾، حضرت شيخ الهند مولانا محمود الحسن رحمة الله عليه جن جو يادگار  ٺاهينداسون

1939ع ۾ ”بيت الحڪمت“ ٺاهڻ جو سلسلو شروع ڪيائون ته ان ۾، شاهه ولي اللهؒ جا ڪتاب پڙهايا ويندا. پوءِ دهلي، لاهور دين پور (بهاول پور) ۽ مدرسه دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊي واري ۾، ۽ مدرسه ”مظهرالعلوم“ کڏي ڪراچي ۾ ”بيت الحڪمت“ جون برانچون قائم ڪيائون. جيڪي عالم
”بيت الحڪمت“ ڳوٺ پيرجهنڊي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اچي شريڪ ٿيا، انهن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن.

مولوي عبداقادر لغاري سانگهڙ وارو

مولوي بشيراحمد لڌيانوي

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي

مولانا علي احمد ڪاڪي پوٽو

مولانا عبدالحق رباني نصرپور وارو

مولانا محمد اڪرم صاحب هالائي

مولوي حافظ خليل احمد سجاول وارو

مولوي شيخ محمد مدني ڪلان ڪوٽ ڪراچي وارو

مولانا محمد نُور مرشد مڪي

مولوي عزيزالله جروار ۽

مولوي عزيز احمد ۽ ٻيا

حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب ”بيت الحڪمت“ ۾، قرآن شريف کانسواءِ، ٻين ڪتابن جو به درس ڏيندا هئا. جهڙوڪ: حجةالله البالغه، بدور بازغه، الطاف القدس سطعات ۽ حضرت شاهه اسماعيل جو عبقات. اهڙا پڙهائيندڙ استاد به رکيائون، جيڪي ماڻهن کي واڙين ۽ نارن تي به سبق ڏيڻ لاءِ ويندا هئا. هندو مسلمان جو شاگردي ۾ فرق نه هو. اوڏن کي به پڙهائيندا هئا. (25)

مولوي عبدالقادر جو والد صاحب، مولوي خيرمحمد لغاڙي (احمداڻي) 25 سيپٽمبر 1941ع تي، سانگهڙ شهر کان، پنهنجي ڳوٺ ايندي، رستي ۾، جلب واري قبرستان وٽ، اهلِ قبور جي مغفرت لاءِ دعا گهرندي شهيد ٿي ويا. اِنَالله وَاِنَا اِلَيهِ رَاجِعُون (26).

هن واقعي، ماڻهن ۾ عدم تحفظ ۽ خوف وحراس پيدا ڪري ڇڏيو. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي. بارونق ڳوٺ ويران ٿي ويا. ڳوٺ مولوي خيرمحمد به انهي اثر کان بچي نه سگهيو. مولوي صاحب جا ڀائر وڃي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيا ۽ ڪي وري واپس ڳوٺ ”ملابخشي لغاري“ ميرپورماٿيلي ۾ وڃي ويٺا. اهڙي طرح سندن ٻيا برادري جا ماڻهو مختلف شهرن ۽ علائقن ڏانهن منتقل ٿي ويا (27) جيڪي بعد ۾ 1943ع کان پوءِ، واپس پنهنجي ماڳن تي موٽي آيا. (28)

ورهاڱي کان پوءِ، مولوي عبدالقادر صاحب عملي طور سياست کان ڪنارو اختيار ڪيو ۽ باقي زندگي دين جي خدمت ۾ گذارڻ لڳو. مولوي عبدالقادر صاحب ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصي وٺڻ سان، سياست جي ميدان ۾ عملي قدم رکيو هو. پاڻ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي جي سياسي مڪتب فڪر جا عالم ۽ سياستدان هئا. پاڻ تحريڪ جي اول کان وٺي آخر تائين، اخلاقي توڙي مالي مدد ڪيائون. تحريڪ دوران خلافتي عالمن جڏهن ”ترڪ الموالات“ لاءِ فتويٰ جاري ڪئي ته هن به ان جي تصديق ڪئي. (29)

مولوي صاحب ”خلافت تحريڪ“ سان گڏ، ”جميعة العلماء“ سان به وابسته رهيا. سندس ئي ڪوشش سان، ميرپور خاص ۾ هن جماعت جي شاخ قائم ٿي، جنهن جو پاڻ ئي پهريون باني ناظم مقرر ٿيو.(30) اهڙي طرح مولانا عبيدالله سنڌي جي جوڙيل ”جمنا، نربدا، سنڌ ساگر پارٽي“ ۾ به شموليت اختيار ڪري، پنهنجون سياسي خدمتون سرانجام ڏيندا رهيا. (31)

مولانا عبيدالله سنڌي جي مشهور تصنيف ”شاهه ولي الله ۽ اُن جي سياسي تحريڪ“ جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيائون. هي ننڍڙو ڪتابچو 1975ع ۾، سنڌي ۾ شايع ٿيو.

مولوي عبدالقادر جا سنڌ جي مدبر سياسي اڳواڻ، سائين جي، ايم، سيد سان انتهائي دوستاڻا ۽ ويجهڙائپ وارا لاڳاپا هئا. جن جو ذڪر سائين جي، ايم، سيد پاڻ پنهنجي ڪتاب ”جنم گذاريم جن سين“ ۾ شاندار نموني ڪيو آهي. (32)

خلافت تحريڪ جي سرواڻ ۽ پنهنجي استاد حضرت مولانا عبيدالله سنڌي جي نالي جِي نسبت ۽ محبت سبب، پنهنجي هڪ فرزند جو نالو ”عبيدالله“ رکيائون. جيڪو پڻ وڏو نيڪ بخت، صالح، قدردان ۽ علم شناس انسان ٿي گذريو آهي. آئون (راقم) سال 1963ع ۾، پرائمري اسڪول ڳوٺ
مولوي خيرمحمد لغاري ۾، پٽيءَ کڻي، پڙهڻ لاءِ داخل ٿيو هوس. مون کي ياد آهي ته اُن وقت اسڪول ۾ پڙهندڙ پهرين کان پنجين درجي تائين، سوين شاگردن مان، جنهن به ٻار وٽ، ڪتاب، سليٽ، پين (سليٽ لکڻي)، پٽي يا مشق ڪاپي ڪونه هوندي هئي، ته اُهو شاگرد، استاد عبيدالله لغاري جي گهر ويندو هو، ته اُها شئي، اُن شاگرد کي، مفت ۾ ملندي هئي.

مولوي عبدالقادر جي وڏي فرزند جو نالو ”حاجي عطا محمد“ هو، جيڪو ”سيٺ صاحب“ جي نالي سان گهڻو مشهور هو. اُهو پڻ روزي ۽ نماز جو گهڻو پابند، متقي ۽ موحد ماڻهو ٿي گذريو آهي. سيٺ صاحب جي سوين خوبين مان هڪ خاص خوبي هيءَ به هوندي هئي ته پاڻ پنهنجي برادري، پاڙيسري، واسطيدار توڙي واقف ڪار ماڻهو جي وفات تي، (توڙي جو انهن جو ڪو معصوم ابهم ٻارڙو به ڇو نه هجي) فورن پهچي ويندا هئا. ان جي جنازي نماز ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ دُعا ۽ فاتحه پڙهي پوءِ موٽندا هئا. سيٺ صاحب 4 فيبروري 1919ع تي، ڳوٺ مولوي خيرمحمد لغاري ۾ جنم ورتو ۽ 28 فيبروري 2001ع تي، اربع جي ڏينهن 82 سالن جي ڄمار ۾، هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويا. مٿس الله جون رحمتون هجن.

منهنجو ڏاڏو حاجي عليمراد لغاري، جيڪو 18 رمضان المبارڪ موجب 4 ڊسمبر 2001ع تي، اڱاري جي ڏينهن 100 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو، اُهو چوندو هو ته ”منهنجو مرشد مولوي عبدالقادر آهي. جنهن مون کي، شريعت پاڪ جو سڌو رستو، حضور پاڪ  جن جي سُنت مطابق، احسن طريقي سان سمجهايو، ۽ اُن تي صحي هلڻ جي رهنمائي فرمائي.“ منهنجي ڏاڏي جو شجرو، مُون (راقم) کان وٺي، نورنگ فقير تائين هن ريت آهي: لقمان (استاد لغاري) بن محمد عالم بن حاجي عليمراد بن محمد اسماعيل بن رستم خان بن ڪؤڙو خان بن نورنگ فقير.

1963ع کان 1968ع تائين، پرائمري اسڪول مولوي خيرمحمد لغاري ۾ پڙهڻ دوران مون ڏٺو ته مولوي عبدالقادر صاحب ڳوٺ ايندا رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ظهر جي نماز يا جمع نماز به اسان سندس ئي پيش امامت ۾ باجماعت پڙهندا هئاسين. جهيڻي ۽ جهڪي آواز ۾ قرآن فرمائيندا هئا

عمر جي آخري سالن ۾، سانگهڙ شهر جي سعيد مارڪيٽ ۾، پُراڻي سبزي منڊي وٽ، طب ۽ حڪمت جو دواخانو کوليائون. جنهن ۾ يوناني ۽ ديسي دوائون ٺاهي، مريضن کي ڏيندا رهندا هئا. انتقال بعد اُهو دواخانو سندس فرزند استاد عبيدالله لغاري سنڀاليو ۽ اُن جي وفات بعد، سندس ڏوهٽو منيراحمد لغاري دوائون ٺاهي، ضرورت مندن کي ڏيندو رهندو هو. هي حڪمت خانو، هاڻي ختم ٿي ويو آهي.

مولوي عبدالقادر لغاري صاحب، قرآن پاڪ ۽ احاديث مبارڪ جا وڏا عالم ۽ مُفتي، عاشقِ رسول (ص)، شريعت ۽ طريقت جا ڄاڻو، بيدار مغز فلسفي، تصوف جا ماهر، پاڪ دل صوفي ۽ عارف بزرگ هئا. 05 رمضان المبارڪ، جمعي جي ڏينهن، سن 1395 هجري موجب، 12 سيپٽمبر 1975ع تي، 82 سالن جي ڄمار ۾، هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس آخري آرامگاهه، يوسف جي مياڻ لڳ، باکوڙو موريءَ جي اولهه پاسي، ”ڪَپُوريءُ“ قبرستان ۾ آهي.

حوالا

  1. مولوي عبدالقادر لغاري. شاهه ولي الله ۽ ان جي سياسي تحريڪ (ترجمو) ڇپيو سال 1975ع ۾. ص: 1 سوانح حيات ۾.

  2. سائين جي- ايم، سيد جنب گذاريم جن سين (ڀاڱو ٻيو) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. پهريون ڇاپو سال 1967ع: ص: 151

  3. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. رهاڻ هيرن کاڻ. (جلد ڏهون) ڇپائيندڙ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو. پهريون ڇاپو سال 2011ع ص: 109

  4. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڪليات حمل. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ڇهون ايڊيشن. سال 2004ع. ص: ا مقدمو

  5. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. ڪلام فقير نواب ولي محمد خان لغاري ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ بورڊ جام شورو، ٻيو ڇاپو، سال 1990ع، ص: 1 مقدمو

  6. رحيم دادخان مولائي شيدائي. جنت السنڌ. ڇپائيندڙ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي نئون ڇاپو. سال 2000ع. ص: 446

  7. عبدالرشيد لغاري. وهڻ مون نه وڙاءُ. ڇپائيندڙ سجاڳي پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ. پهريون ڇاپو. سال 2008ع. ص: 19

  8. خيرمحمد ٻرڙو سيوهاڻي. ذاتين جي انسائيڪلو پيڊيا. ڇپائيندڙ مُراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف پهريون ڇاپو سال 2005. ص: 694

  9. ايضاً. ص: 693

  10. ايضاً. ص: 695

  11. شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ. قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ٽيون ڇاپو. سال 1990ع ص: 404

  12. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جامع سنڌي لغات (جلد پنجون) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. پهريون ڇاپو.. سال 1988ع. ص: 2502

  13. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خليفي صاحب جو رسالو. ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ٻيو ڇاپو. سال 2005. ص: 8 مقدمو

  14. محمد شريف. سانگهڙ سووينيئر 1984ع. ڇپائيندڙ سانگهڙ ثقافتي ميلا ڪاميٽي. پهريون ڇاپو. سال 1984ع. ص: 17

  15. ڏسو حوالو نمبر 8. ص: 694

  16. ڏسو حوالو نمبر 2. ص: 151

  17. ڏسو حوالو نمبر 1. ص: 3

  18. ايضاً. ص: 5

  19. ايضاً. ص: 6

  20. ايضاً. ص: 8

  21. ايضاً. ص: 9

  22. ڏسو حوالو نمبر 2. ص: 151

  23. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. مهراڻ سوانح نمبر (حصو پهريون) ڇپائيندڙ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو. ٻيو ڇاپو. سال 1990ع. ص: 278

  24. ڏسو حوالو نمبر 1. ص: 22

  25. ايضاً. ص: 23

  26. ڏسو حوالو نمبر 7. ص: 20

  27. ايضاً. ص: 21

  28. ايضاً. ص: 21

  29. ڊاڪٽر مظهرالدين سومرو. تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي عالم جو حصو ڇپائيندڙ نقش پبليڪيشن ڪراچي. پهريون ڇاپو سال 2008ع. ص: 330

  30. ايضاً. ص: 331

  31. ايضاً. ص: 331

  32. ڏسو حوالو نمبر 2.ص: 151.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com