آزاد
قاضي
غزل
ڪڏهن غور سان تو ٻڌي ڳالهه آهي،
ڪڏهن تو پڇيو آ ڪهڙو حال آهي؟
نه آيو ويو ڪو، نه ڪائي خبر آهي،
جدائيءَ کي جانب ٿيو سال آهي.
اوهان ريءَ گهڙيون، ڀلا ڪيئن گذرن،
حياتي سموري ٿي جنجال آهي.
نه احساس جذبو، نه رشتو نه ناتو،
سڀن جو ٿيو ايمان، رڳو مال آهي.
نه ڪنهن کان پڇي ٿو، ڪو اوهي نه واهي،
گُڻن کان دنيا ٿي، وئي ڪنگال آهي.
مڻيادار ماڻهو الائي ڪڏي ويا،
ڪيڏو اڄ دنيا ۾، پيو ڪال آهي.
ڪري يار تان مون ڇڏيو آهه قربان،
سڀئي ڌن دولت مڏيون مال آهي.
عذابن جون گهڙيون ختم ڪونه ٿيون ٿين،
جيئڻ هُن بِنا ڄڻ ته جنجال آهي.
ٿا سنڌڙيءَ کي کائن پيا حيوان جيان،
منهنجي پوءِ جيجل ته خوشحال آهي.
دنيا ۾ هي ’آزاد‘ پيو ٿيلهجي،
ائين ڄڻ ته هو ٿيو ڪو فٽبال آهي.
غزل
توسواءِ ڪيئن منهنجي سري،
ڳالهه آهي ڳري، ڳالهه آهي ڳري.
جيئڻ توسوا ڄڻ ته جنجال آهي،
آءُ واپس وري، آءُ واپس وري.
گهڙي ڪانه هڪڙي سري توسوا،
خبر ناهي تنهنجي ڀلا ڪيئن سري.
هي ’آزاد‘ تو ريءَ اڪيلو اڪيلو،
يار ويندو مري، يارو ويندو مري.
غزل
نگاهن ۾ تنهنجي عجب رنگ آهي،
ادائن ۾ تنهنجي نئون ڍنگ آهي.
نوان رنگ ۽ ڍنگ تنهنجا ڏسي،
اندر ۾ وري پئي ڇڙي جنگ آهي.
نگاهن نشيلن سان مون ڏي ڏسي،
مُنهنجي من ۾، چوري وئي چنگ آهي.
خبر تنهنجي منهنجي هوائن هَلائي،
پکڙجي وئي سا، جهرجهنگ آهي.
رقيبن جي ڪهڙي ڪجي ڳالهه ڪائي،
اچي رنگ ۾ جن وڌي ڀنگ آهي.
ڀلا ڪوبه ’آزاد‘ پابند ڪيئن ٿيو،
انهيءَ ڳالهه ۾ ٿيو عقل دنگ آهي.
فڪر ڪوبه ناهي، نه ڳڻتي نه ڳارو،
ازل کان اسان جو ننگيءَ ننگ آهي.
غزل
اشارن اشارن ۾ ڪا ڳالهه چئي،
اسان کي ويو هو، وڇوڙو ڏئي.
سڀئي سور سختيون سٺا سين پئي سِر تي،
ڪڏهن ڪابه هيڻي نه ڪا ڳالهه ڪئي.
وڇوڙو سڄڻ جو ننڍي ڳالهه ناهي.
جانب جي جدائي ستائي پئي،
هنن جي وڃڻ سان ٿيو ويرانيون،
ڏکي زندگي آ پلئه ۾ پئي.
ويل وقت واپس ڪڏهن ڪين ورندو،
وئي زندگي سا، وئي سا وئي.
هي ’آزاد قاضي‘، آ پابند اوهان جو،
ڏسو آزمائي، ڪائي ڳالهه چئي.
ڪوثر هالائي
وائي
وڏا ويٺا ها،
ڪيئن ڳالهايون وچ۾؟
وڇايو ڄڻ وير جا،
تڏا ويٺا ها،
ڪيئن ڳالهايون وچ۾؟
کوٽي رشتن جي اندر،
کڏا ويٺا ها،
ڪيئن ڳالهايون وچ۾؟
طاقتور جي طرز تي،
جڏا ويٺا ها،
ڪيئن ڳالهايون وچ۾؟
لاهي اياڻپ جا،
لڏا ويٺا ها،
ڪيئن ڳالهايون وچ۾؟
شاهنواز خاصخيلي
غزل
ڪيڏي شام اداس لڳي ٿي،
هرڪا آس نراس لڳي ٿي!
هو ڏس گهرڙا ڊاهر ويئي،
ڪيئن نه، هوا بي قياس لڳي ٿي!
تو بِن هيءَ حياتي منهنجي،
بلڪل رات اماس لڳي ٿي!
سُندرتا هونئن آهه سکيءَ جي،
ڪنهن جي پر ميراث لڳي ٿي!
منهنجا ڳوڙها جهٽ ۾ پِي وئي!
ڌرتيءَ کي به پياس لڳي ٿي!
غزل
ميرڙيءَ شام ۾ ياد تنهنجي چَري،
اوچتو اوچتو دل تي آئي تري!
چَنڊُ مرڪي پيو پيار پنهنجي هٿان،
تون نه آئينءَ اڃا رات ساڳي وري.
يار! مون کان نه پڇ زندگيءَ جو سفر،
گهاوَ منهنجا ڏسي هانءُ پوندُ ئي ڳري!
ٿيو راڳُ جي بند ته بند ساهه ٿيندو،
ڇير ڇوڙين متان ڳاءِ او سانوري!
اڃا اثر آسا جو ناهي لٿو،
اِجها پئُه- ڦُٽي ڳاءِ ڀاڳيسري.
اُڀَ ساري مٿان ڪوبه ناهي ڪڪر،
ڪري ميگهه تون ئي وِسج بانوري!
ڪاشف حسين سومرو
آزاد نظم
گونج هن جي
ٽهڪ هن جا
فضائن ۾ رچيل آهن.
۽ نظارن ۾ چٽيل آهن
عڪس معصوميت سندا
ڪالهه جا کيتن ۾
هرڻيءَ جيان
ڇال ڏيندي
خوشيون نيندي
گيت چوندي
ڏسبي هئي
بي ڏوهه اڄ سا ماري وئي آ.
معصوم ناري ڪاري ٿي آ
نقش ان جي قدمن جا
چارن تي چٽيل آهن
بادل به رُنا آهن
وڻ ٽڻ به ڀنل آهن
پنڇي به ڊنل آهن
پر افسوس جو
هن شهر جا
انسان سُتل آهن
گونج هن جي
ٽهڪ هن جا
فضائن ۾ رچيل آهن
هوائن ۾ رچيل آهن.
آزاد نظم
او خوشي!
چلولي من موهڻي
ننڍڙي خوشي
ڪهي آئينءَ تنهنجا ڀال هن
پر ڪيئن رهي سگهندينءَ چري!
مون وٽ اٿئي
ڏک ڏولاوا فقط
ناڪاميون... مايوسيون
منهنجون رفيق
درد، پيڙا، عذاب، اڌما
وجود منهنجي سان
هر گهڙي گڏ
ٻُڌاءِ ننڍڙي خوشي تون مون کي
غمن جي هيڏي وڏي جهان ۾
اياڻي ڪيئن ڪندينءَ
چَئه! ڇا ڪندينءَ
هي درد سارا
حبيب منهنجا
رقيب تنهنجا!
ڪيئن ٿيندو گذارو تنهنجو
ٿيندينءَ ڏکي ڏاڍي هتي
تنهنڪري ننڍڙي خوشي
آئي جتان آهين
موٽي وَڃُ اُتي
منهنجي غمن جو
پوي ڪو پاڇو تو مٿان
ان کان اڳي تون وَڃُ هلي
او خوشي
چلولي، من موهڻي
ننڍڙي خوشي
تون وَڃُ هلي.....
سليم سهتو
غزل
دل تان غم جو بار پري ڪر،
ساجن هي ويسار پري ڪر.
چنڊ لڪائڻ واجب نه آهي،
مُنهن تي آيل وارَ پري ڪر.
ڇو ٿي ڇيڙين بحث اجايا،
ڏاهي ٿي تڪرار پري ڪر.
ڪيسين تائين پاڻ جلايان،
دورين جي هي ديوار پري ڪر.
بدليل آهي تنهنجو لهجو عِرفي،
وڇڙڻ جا آثار پري ڪر.
غزل
تنهنجي دل مان نڪري وياسين،
شايد توکان وسري وياسين.
تنهنجو شهر ته، بند پيل هو،
تنگ گلين مان گذري وياسين.
تيز هوا جي جهوڪي سان،
پن پن بڻجي وکري وياسين.
تنهنجي شهر کي سلام چئي عِرفي،
اداس نظرون کڻي، گذري وياسين.
قطعو
يادن ۾ اسين رهون، اهو احساس رکجو،
نظرن کان پري سهي، پر دل جي پاس رکجو،
ٿا چئو اسان سان، هميشه گڏ رهو،
پري ئي سهي، پر دعائن ۾ ياد رکجو. |