سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :12

فهيم نوناري

 

 

 

 

برگيڊيئر جنرل جان جيڪب جون سنڌ لاءِ خدمتون

برگيڊيئر جنرل جان جيڪب 11 جنوري 1812ع ۾ انگلينڊ جي سمرسيٽ (Somerset) ڪائونٽي جي وولونگٽن (Woolavington) شهر ۾، اسٽيفن لانگ جيڪب (Reverend Stephan Long Jacob) جي گهر ۾ جنم ورتو، هُن جي ماءُ جو نالو سوزنا (Susanna) هو. شروعاتي تعليم هن والد جي نگرانيءَ هيٺ حاصل ڪئي، بعد ۾ ڪيڊٽ طور ايڊيسڪومب ملٽري اڪيڊمي (Addiscombe Military Academy) ۾ داخل ٿيو، ۽ جواني جي شروعاتي مرحلي تي 16 هين جنم سال ۾ هيءَ ڪمشنڊ آفيسر طور بمبئي آرمي ۾
(
Bombay Artillery/ Bombay Army) شامل ٿيو، نتيجن جنوري 1828ع ۾ انڊيا موڪليو ويو، جتان وري ٻيهر انگلينڊ جي زمين، بهار جي موسم، وطن جا وڻ، ماڻهو ۽ انگلينڊ ۾ سياري جي موسم ۾ آسمان مان ريشمي ڪپهه جهڙي ڪرندڙ برف وري ڪين ڏسي سگهيو.

7 ست سال انگريز ريجمينٽ ۾ رهڻ بعد هن کي گجرات (هندستان) جي انگريز ڪليڪٽر جو اسسٽنٽ مقرر ڪيو ويو. سندس 1838ع ۾ پهرين افغان ائنگلو جنگ (First Afghan Anglo War) ڇڙڻ سبب هن کي بمبئي بٽالين (Bombay Colon) سان سنڌ، آرمي آف انڊس (Army of Indus) ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ موڪليو ويو. هُن پنهنجي مهم جُو فوجي زندگي ۾ عملي مشق اونهاري جي موسم ۾ 1839ع ۾ سَر جان ڪيئن
(
Sir, John Kean) جي اڳواڻي ۾ مٿين سنڌ (Upper Sindh) جي علائقن ڏانهن ڪاهه جي صورت ۾ ڏٺي، تنهن دور ۾ جان جيڪب هڪ پُرجوش نوجوان هو، ۽ هو ذهني طور تي گهڻو اڳڀرو هو، علمي، ملٽري سائنس ۽ سماجي جاڳرتا جي ڪمن ۾ فطري طور هن جي دلچسپي هُئي.

اڳتي هلي سن 1841ع ۾ هن کي سنڌ هارس


(Sindh Horse) جي ڪمانڊ سَر جيمس آئوٽرام (Sir, James Outram) طرفان سونپي ويئي ۽ 1942ع ۾ اضافي ذميواري طور سڄي ڪڇ فرنٽيئر جي سياسي سارسنڀال (Political Charge) حوالي ڪئي ويئي. هن بعد ۾ ٻئي سنڌ هارس (Sindh Horse Regment) ريجمنٽ ٺاهي. جيڪا بعد ۾ 28 نومبر 1946ع ۾ نيپيئر (Napier) رساله جيڪب (Jacob Horse) جي نالي سان سڏي ويئي... سنڌ هارس جي 35 ۽ 36 ريجمينٽ جا ڪارناما فرانس، ڏکڻ ايشيا ۽ پوري هنڌ ۽ سنڌ ۾ مشهور هئا. جنرل جان جيڪب پنهنجي همعصرن (Contemporaries) ۾ نهايت دلير، بهادر ۽ تدبر وارو جنگي حڪمت عملي رکندڙ جنرل طور مشهور هو پڻ فوجي سائنس ۾ هن جي بيحد دلچسپي هوندي هئي، جو هُن ڌماڪيدار ڪارتوس ۽ ڌماڪو ڪندڙ شيل ايجاد ڪيا، ڌماڪيدار ڪارتوس بندوق ذريعي استمعال ٿيندا هئا، جيڪي 6 ميلن جي مفاصلي تائين مار ڪري سگهندا هئا.

سن 1847ع ۾ جنرل جيڪب کي فرنٽيئر، سرحدي علائقن جو پوليٽيڪل (سياسي) انچارج مقرر ڪيو ويو، جنهنجو هيڊڪوارٽر خانڳڙهه يعني موجوده جيڪب آباد کي مقرر ڪيو ويو. اڄ هي سنڌ- بلوچستان جو سرحدي شهر جيڪب جي نالي سان جيڪب آباد سڏيو وڃي ٿو.

انگريز حاڪم جنهن جي لاءِ مشهور آهي ته انگريز ”شينهن ٻڪري گڏ چاري ڏيکاريو“ اهو ڪم جان جيڪب ۽ چارلس نيپيئر پنهنجي دور ۾ سنڌ اندر ڪري ڏيکاريو، جيتوڻيڪ انگريز دور کي برصغير، هند ۽ سنڌ ۾ رُجعت پرستي وارو دور ليکيو وڃي ٿو، پر مجموعي طور انگريزن جي زماني ۾ امن، انصاف و عدل، تعليم ۽ انتظامي طور صورتحال بهتر هوندي هئي، چوري ٿيندي هُئي ته داد فرياد ٿيندو هو، ڦر ۽ ڌاڙو لڳندو هو ته F.I.R ڪٽبي هئي، قتل ٿيندو هو قاتل ٻَڌبو هو، ڪيس هلندا هئا ۽ مظلومن کي انصاف ملندو هو، انهيءَ ڪري گوري انگريز سامراج جي دور جو اڄ جي اونداهي دور سان تقابلي جائزي بعد عام انسان اهو چوڻ ۾ بجا آهي ته انگريز ”شينهن ٻڪري گڏ چاري ڏيکاري.“

يورپي ۽ آمريڪي بنيادي طرح مهم جو (Adventurist) قومون آهن ڇو ته تاريخ جي تمام ڊگهي دور ۾ يعني بنيادي ڇڙوڇڙ قبائلي نظام، خونخوار جاگيردار شاهي، آپيشاهي، مطلق لعنانيت واري اونداهي بعد نشاط ثانيه (Renaissance) روشن دور کان گذرندا سرمائيداري واري جديد ڪمپيوٽر واري دور ۾ پهتا، ماضيءَ واري قبائلي رولاڪ طبيعت جو جديد دور جي سنگم آمريڪي ۽ يورپ جي ماڻهو کي وڌيڪ مهم جو (Adventurist) بڻائي ڇڏيو، تنهن سبب انگريز رچرڊ برٽن، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ ۽ جان جيڪب کي اِهو اُتساهه بخشيو ته هن ٻين قومن ۽ خطن جي ڀلي (Social Welfare) سماجي بهبود لاءِ ڪجهه ڪن، انهي مهم جوئي جو ٻيو منفي (Negative) پاسو اهو به هئو ته عالمي سامراج جي ڀاڱي ڀائيوار برٽش راڄ دنيا جي ملڪن تي ڪاهون ڪري، قومن کي غلام بڻائي اتان جو ڪچو مال ميڙي ۽ ڳرا ٽئڪس هڻي برطانيه کي سياسي، معاشي ۽ فوجي طاقت طور دنيا ۾ سپر پاور باور ڪرايائون. ۽ ٻئي طرف مظلوم گروهه، طبقا ۽ قومون صدين تائين پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رهيا.

ايڏو اونداهو منڊ

جُگنو هڪ به نه جيئرو،

تارا سڀ تڙجي ويا،

چاري ناهي چنڊ،

شل ڪو تڙپي ترورو! (نامعلوم)

برصغير اندر انهي ڦرلٽ ۽ مهم جوئي ۾ انگريز گوري سرڪار طرفان لارڊ مائونٽ بيٽن، سرچارلس نيپيئر ۽ ان جا همنوا اڳڀرا هئا.

جڳ مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائن کي 70 ورهين جي ڄمار ۾ هڪڙي نوجوان خط لکيو: ”سائين مونکي ٻڌايو ته منهنجي زندگي جو مقصد ڪهڙو آهي؟ مان ڪير آهيان؟ مون کي هن جهان ۾ ڪنهن موڪليو آهي؟ آئنسٽائين نوجوان کي سڏ ۾ سڏ ڏنو. لکيائينس ته ”مان زندگي جو مقصد معلوم ڪرڻ واري تنهنجي جستجو کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهيان. منهنجي راءِ موجب جيڪڏهن اهو سوال ائين ئي ڪبو ته ان جو ڪوبه معقول جواب (Reasonable Answer) ڪونه آهي.“... دنيا جي هاڪاري سائنسدان البرٽ آئنسٽائن پنهنجي نقطي نگاهه جي وضاحت ڪئي ۽ آخر ۾ نوجوان کي نصيحت ڪئي ته ”البت اهو ڄاڻڻ نهايت مناسب ۽ تمام ضروري آهي ته انسان هن دنيا ۾ پنهنجي حياتي ڪيئن گذاري؟ منهنجي خيال موجب کين ٻين انسانن سان پنهنجا ناتا ۽ لاڳاپا، سوچ ويچارن جي هم آهنگي  ۽ دنيا کي خوبصورت بنائڻ جي جدوجهد جا بنياد قائم ڪرڻ کپن. (جهڙا گل گلاب جا، پهريون حصو غلام رباني آگرو، ص-46) البرٽ آنسٽائين جي معقولي تحت جان جيڪب پنهنجي زندگي سجائي گذاري.

سو ڳالهه پئي ڪيم ته انگريز به يورپ ۾ آمريڪي قومن واري تخليقي مثبت (Positive) مهم جوئي ۾ يورپ جي ٻين قومن کان گهڻا اڳڀرا هئا، جهڙي ريت قديم يونان مهم جوئي جو مرڪز هوندو هو، جتان افلاطون، سقراط ۽ سڪندر اعظم ڦٽي نڪتا. افلاطون ۽ سقراط جي واٽ ڏاهپ (Wisdom) واري هئي ته سڪندر اعظم (Alexander the Great) جي فوجي مهم جوئي يعني طاقت ۽ اقتدار جي حاصلات. اهڙي ريت انگلينڊ جي راڻي ڪئين الزبيٿ (Queen Elizabeth) جي شاهي سلطنت جون سرحدون وڌائڻ لاءِ آمريڪا، آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن ڏانهن برطانيه جي فوجن جون ڪاهون جاري رهيون. برگيڊيئر جنرل جان جيڪب کي 1848ع ۾ سرحدي علائقن جو انگريز سرڪار طرفان پوليٽيڪل ايجنٽ مقرر ڪيو ويو. جنهن جا اختيار ڪمشنر کان به گهڻا هئا. هُن خان ڳڙهه کي هيڊ ڪوارٽر مقرر ڪيو، جيڪو موجوده جيڪب آباد آهي.

جان جيڪب هاڻ يورپ ۽ ايشيا جي ماڻهن جي مزاجن جو گڏيل مطالعي ۽ مشاهدي بعد هڪ برجستي انتظامي صلاحيتن سان ڀرپور آفيسر طور سامهون آيو. هُن سڀ کان اول سنڌ- بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ امن امان جي بحالي لاءِ قدم کنيا. 35-36 گهوڙيسوار برگيڊ جنرل جان جيڪب جي ڪمانڊ هيٺ هوندي هئي، جيڪا سرحدي علائقن جي حفاظت لاءِ مامور هئي، انهيءَ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جي مختلف ملڪن ۽ پهرين جنگ عظيم (World War I) ۾ جنرل جيڪب جي گهوڙيسوار فوج مُهڙ واري جنگي دستن ۾ شامل هوندي هئي.

جان جيڪب نه رڳو جنگي حڪمت عملي ۾ مهارت رکندو هو. بلڪ سياسي ۽ سماجي تاڃي پيٽي جا سڀئي سبق ڄاڻندو هو. تنهن جا عملي مثال اسانکي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنرل جان جيڪب جي تاريخي رهائشگاهه ۾ هڪ وڏو گهڙيال مٿين ماڙ تي ٻيو اندر گهڙڻ واري ڪمري ۾ لڳل هوندو هو. اهي ٻئي گهڙيال جان جيڪب پاڻ ٺاهيا هئا. (سماجي اڀياس- جيڪب آباد جي ٽئين ڪلاس لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ 2011ع) ان کان سواءِ جيڪب آباد جي وچ شهر ۾ ٽاور ۽ ان ۾ لڳل گهڙيال انجنيئرنگ جا شاهڪار آهن. جان جيڪب جي اوائلي رهائشگاهه ۾ لڳل گهڙيال، جيڪي جان جيڪب پاڻ ٺاهيا هئا ۽ انهن مان نه رڳو وقت معلوم ٿيندو هو, پر مهيني، هفتي، ڏينهن ۽ تاريخ ۽ چنڊ جي اڀرڻ ۽ لهڻ جي خبر پوندي هئي (سماجي اڀياس IBD). جان جيڪب رهائش ۽ سرڪاري آفيسن لاءِ ٻه ماڙ عمارت جوڙائي، انهن کانسواءِ پکين جي پالنا ۽ پرگهور لاءِ ست طبقه ڪبوتر خانو ٺهاريو جيڪي عمارتون اڃا تائين موجود آهن.

جان جيڪب جي عملي ڪارنامن ۽ جيڪب آباد شهر دريافت ڪرڻ هڪ وڏي ڳالهه هو، جيڪو اڄ 200 ميلن جي فاصلي تي ڪوئٽه شهر ۽ سنڌ ۾ شڪارپور، سکر ۽ پنجاب جي شهرن جي وچ تي اقتصادي ۽ مواصلاتي طور تي مرڪز طور (جنڪشن) سڀني کي ملائي ٿو. ان بعد جيڪب جو ٻيو وڏو ڪارنامو هو جيڪب رسالا (Jacob Horse Brigade) جنهن پٺيان هر سال جيڪب آباد شهر ۾ هارس اينڊ ڪئٽل شو نالي پٺيان تمام وڏو علمي، ادبي ۽ ثقافتي ميلو منعقد ٿئي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com