سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :2

 

نظام الدين ڪلهوڙو

تصوف ۽ شاهه لطيف رحه

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تصوف سنڌي ادب جو اهم ۽ اعليٰ سرچشمو آهي، مگر اهو سنڌي نثر توڙي شاعريءَ جو ممتاز محرڪ پڻ آهي. سندس اثر سنڌي علم و ادب ۽ سماج تي گهرو ۽ گهڻو آهي. ليڪن سنڌي زبان ۽ ٻوليءَ ۾ کيس وڏو مرتبو حاصل آهي. ڇاڪاڻ ته تصوف هينئر سنڌي تهذيب ۽ تمدن، علم ۽ ادب جو خاص حصو بڻجي چڪو آهي. هن سرچشمي جو دائرو نهايت وسيع آهي ۽ دنيا جي شاعريءَ ۾ خاص طور عربي، فارسي ۽ هن ننڍي کنڊ جي زبانن ۾ صوفياڻين خيالن جي پوري اُپٽار ملي ٿي. اهوئي ڪارڻ آهي، جو تصوف جي نظرئي ۽ مطالعي جو پهلو ڏاڍو دلچسپ ۽ شايان شان رهيو آهي، جنهن جي هاڪ دنيا جي هر زبان، سماج ۽ علم و ادب ۾ پڻ نمايان طور ڪئي وڃي ٿي. اسان هاڻي تصوف ۽ صوفي مت جي لفظن تي ڪجهه روشني وجهنداسون، جيئن واضع ٿي وڃي ته تصوف جو بنيادي مقصد ۽ معنيٰ ڇا آهي؟

تصوف جي معنيٰ، مقصد ۽ ڪارج:

تصوف، عربي زبان جو لفظ  آهي، جو ”صفا“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي: صاف ٿيڻ- خالص ٿيڻ ۽ صوفي ٿيڻ. ”لغات القرآن“ (اردو) ۾ تصوف جو بنياد ”صفو“ ۽ ”صفا“ مان نڪتل ڏيکاريو ويو آهي ۽ معنيٰ اٿس: هر قسم جي آميزش کان پاڪ ۽ صاف ٿيڻ يا ڪنهن شيءَ جو صاف ۽ خالص حصو. ڪن جو رايو آهي ته: ”تصوف لفظ، يوناني لفظ، ”سوف“ مان نڪتو آهي، سندس معنيٰ آهي: حڪمت ۽ دانائي. ڪن محققن جو خيال آهي ته: تصوف، ”صوف“ مان نڪتل آهي. صوف هڪ قسم جو اونو ٿلهو ڪپڙو هوندو هو، جيڪو ترڪ دنيا ڪرڻ، سادگي، نهٺائي ۽ قناعت جي علامت سمجهيو ويندو هو. ڪن جو خيال آهي ته: تصوف ”صفا“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: دل جي صفائي ۽ پاڪائي. ليڪن عام طرح تصوف مان مراد، نفساني خواهشن کان پاڪائي، نفس جي صفائيءَ جو طريقو ۽ صوفين جو سليقو ورتي وڃي ٿي.

اهڙيءَ طرح حضرت داتا گنج بخشؒ پنهنجي مشهور ڪتاب، ”ڪشف المحجوب“ ۾ ڄاڻايو آهي ته، ”تصوف دل جي صفائي ۽ پاڪيزگيءَ جو نالو آهي.“ امام قشيري ؒ پنهنجي ڪتاب ”رسالا قشيريه“ ۾ لکي ٿو ته، ”تصوف، جنهن جي معنيٰ، دل جي صفائي آهي.“ امام غزاليءَ تصوف جو مقصد، نفس کي وس ۾ رکڻ، خرابين کان پاڪ ۽ صاف رهڻ، دل کي غيرالله کان پري رکڻ ۽ الله تعاليٰ جي ذڪر سان ان کي پاڪ ۽ صاف رکڻ ٻُڌايو آهي. سيد احمد رفاعيؒ جي چوڻ موجب، ”صوفي اهو آهي، جنهن جو باطن، دنيا جي سمورين خرابين کان پاڪ ٿي چڪو هجي ۽ ان تي به هو ٻين کان پاڻ کي ڀَلو نه سمجهي.“ بشربن حارث چيو آهي ته، ”صوفي اهو آهي، جنهن جي دل الله لاءِ صاف ۽ پاڪ هجي.“ ٻي بزرگ ”ڪتاب المع“ ۾ ڄاڻايو آهي ته، صوفي الله تعاليٰ جا مڪمل فرض پورا ڪندا آهن، منع ڪيل شين کان پاسو ڪندا آهن. اَجاين ڳالهين کان پري رهندا آهن. اهي سمورا واسطا ۽ تعلق ٽوڙي ڇڏيندا آهن، جيڪي انهن جي مطلوب ۽ مقصود جي آڏو اچن. سندن مطلوب ۽ مقصود فقط الله آهي. جيئن شاهه لطيف چيو ته:

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،

تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو.

ان کانسواءِ، ابو علي قزويني ؒ تصوف کي ”وڻندڙ اخلاق“ سڏي ٿو. ابو محمد الجريري چيو آهي ته، تصوف جي معنيٰ آهي: ”هر نيڪ خصلت اختيار ڪرڻ ۽ سمورين بُراين کان دل کي پاڪ رکڻ.“ محمد بن القصاب جي راءِ آهي ته: تصوف، ”سُهڻي اخلاق“ جو نالو آهي ڪتاني فرمائي ٿو ته، تصوف “خُلق“ جو نالو آهي، جيڪو شخص توکان سُهڻي اخلاق ۾ وڌيڪ آهي، اهو تو کان دل جي صفائيءَ ۾ به وڌيڪ آهي. بهرحال، تصوف تزڪيهءِ نفس ۽ سهڻي اخلاق جو نالو آهي، نه فقط ايترو، پر تصوف جي ذريعي قرب الاهي به حاصل ٿئي ٿو ۽ صوفي پنهنجو اندر اُجاري صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته صوفيءَ جو منزِل مقصود الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ آهي، شاهه صاحب فرمايو:

صوفي چائين، سڌ ڪرين! صوفين اِي نه صلاحَ

ڪاٽي رک ڪُلاههَ، وِجههُ اُڇلي آڳِ ۾.

گويا تصوف، دل جي صفائي، اندر جي پاڪيزگي، ظاهر جي صفائي، نفس کي ضابطي ۾ رکڻ، الله پاڪ جي مخلوق سان سُهڻي نموني هلڻ، انهن جي خدمت ڪرڻ، الله تعاليٰ سان محبت ۽ ان جي ذڪر ڪرڻ جو نالو آهي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف فرمائي ٿو ته:

اکر پڙهه الف جو، ورق سڀ وسار

اَندر تون اُجارِ، پنا پڙهندين ڪيترا

ٻئي هنڌ اهڙي قسم جي تلقين ڪندي، شاهه صاحب چوي ٿو ته:

ڪَڍُ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سچ

محبت سندو من ۾، ماڻڪ ٻارج مَچ

ان پر اُٿي اَچ، ته سودو ٿيئي سڦڙو

مطلب ته تصوف دل کي ڌوئي صاف ڪرڻ، سهڻا اَخلاق پيدا ڪرڻ، احسان ڪرڻ ۽ الاهي عشق ۾ گم ٿيڻ جو نالو آهي. جڏهن ته صوفي سڳورن تصوف جي روشنيءَ ۾ انسانيت کي اخلاقي قدرن، اخلاص ۽ وحدانيت جو  درس ڏنو آهي، پر نبي ڪريم ﷺ سان محبت ڪرڻ ۽ سندن پيروي ڪرڻ جو پيغام پڻ ڏنو اٿن. البت صوفين ”فنا ۽ بقا“ جو مسئلو به نهايت وضاحت سان سمجهايو آهي. هو چون ٿا ته: ”ڪائنات جي هر شيءَ فاني  آهي. ان کي بقا ڪانهي. انهيءَ لحاظ کان انسان به فاني آهي.“

تصوف جي تاريخ:

تصوف جي تاريخ ۽ مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته صوفي لقب جو رواج ٻي صدي هجريءَ جي اختتام وقت نظر اچي ٿو. اهو لقب سڀ کان اول ابو هاشم صوفيءَ کي نصيب ٿيو. هِن کان اڳ حضور صلعم جن جي زماني ۾ صحابه جو لقب رائج هو ۽ انهن بزرگن کي حضور اڪرم ﷺ جن جي صحبت جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ نموني ”صوفيءَ جو لقب“ بعد جي پيداوار آهي. ان کان اڳ ۾ اسلامي تعليم ۾ ”احسان“ لفظ ملي ٿو؛ جنهن کي تصوف جي هم معنيٰ سمجهيو وڃي ٿو.

هن نظرئي جو باني شيخ محي الدين ابن عربي هو. کيس ”شيخ الاڪبر“ به ڪري سڏيندا هئا. هن هڪ ڪتاب بعنوان: ”فصوص الحڪم“ تحرير ڪيو. هِي هڪ وڏو عالم، مفڪر ۽ فيلسوف هو. هن اهو نتيجو ڪڍيو ته: ”خدا ۽ ڪائنات ٻئي هڪ ئي آهن. خدا، ڪائنات کان ٻاهر يا جُدا نه آهي. انساني دل خدا جو گهر آهي.“ تصوف جو اهو نظريو اڪبر اعظم جي زماني تائين مشهور رهيو. هن نظرئي کي وڌائي، ابهام ۾ آندو ويو ۽ انگريزيءَ ۾ (Monoism) مونوازم ڪوٺيو ويو. يونانين جو نظريو ۽ فلسفو به هن نظرئي سان ڳنڍيو ويو ته قديم هندستاني ڪتابن وَيدن ۽ اَپنشدن کي به هِن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ چيني تائواِزم کي به هن سان ملايو ويو.

(2) وحدت الشهود:

هن نظرئي جو اڳواڻ شيخ احمد سرهندي مجدد الف ثاني هو. هن نظرئي وحدت الوجود جي فڪر کي رد ڪيو. هن نظرئي جو بنيادي مقصد هو  ته: ”خدا ۽ ڪائنات ٻه جُدا جُدا شيون آهن. انسان ڇا به ڪري، خود خدا نه ٿو ٿي سگهي. خدا جو وجود عرش عظيم تي آهي. ۽ ڪائنات الڳ تخليق ڪئي ويئي آهي. ڪائنات ۽ خدا ۾ اصل ٻه جُدا شيون آهن، جيڪي نه اڳ ڪڏهن هِڪُ هيون، نه آئندو ڪڏهن هِنن جي هِڪُ ٿيڻ جو امڪان آهي.“ هن نظرئي ۾ اضافا پڻ ڪيا ويا ۽      (Dualism) ڊيوئلزم سڏيو ويو. هن نظرئي جو سڀ کان وڏو فائدو اورنگزيب بادشاهه حاصل ڪيو؛ جنهن هن نظرئي جو بنياد مطابق پنهنجي حڪومت ترتيب ڏني. هِنن ٻنهي نظرين جي اثرات ۾ پوري دنيا اچي چڪي هئي. جڏهن تاريخ جو دؤر اورنگزيب تائين پهچي ٿو ته شاهه لطيف ؒ به انهيءَ زماني ۾  پيدا ٿيو. شاهه لطيف ؒ انهيءَ نظرئي کي پسند نه ڪيو، پر هو وحدت الوجودي نظرئي کان متاثر ٿيو. سندس ڪلام ۾ اهو ئي وحدت الوجودي نظريو چڱيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو.

مطلب ته صوفي بزرگن جي ٻن مکيه نظرين، وحدت الوجود وحدت الشهود کي وڏي اهميت حاصل آهي. وحدت الوجود جو باني ابن عربي هو ۽ وحدت الشهود جو اڳواڻ امام رباني مجدد الف ثاني پڻ هو. وحدت الشهود وارا چون ٿا ته: ”همه اوست يعني سڀ ڪجهه اها ئي ذات آهي.“ وحدت الشهود وارا چون ٿا ته: ”همه اوست يعني سڀ ڪجهه انهيءَ ذات کان آهي.“ وحدت الوجود جي فڪر موجب ذات واحد کانسواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ کي حقيقي وجود ڪونهي. ليڪن هرهنڌ انهيءَ ذات جو جلوو موجود آهي.

صوفياڻا سلسلا ۽ طريقا:

سنڌ توڙي هند ۾ صوفي سڳورن جا جيڪي مختلف طريقا ۽ سلسلا وجود ۾ آيا. تن جي باري ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر لکي ٿو ته: ”چوٿين صدي هجري يا ڏهين صدي عيسويءَ ۾ صوفي سڳورن تزڪيهءِ نفس جي لاءِ مختلف طريقا وضع ڪيا، جن کي ”سلسلا“ چيو وڃي ٿو. انهن مان ڪيئي شاخون ڦٽي نڪتيون ۽ انهن شاخن جو وري الڳ الڳ باني به هيو. ليڪن سڀني سلسلن کي هرڪو وڃي حضرت علي ڪرم الله وَجہ جي ذات تائين پهچائي ٿو. صرف هڪ سلسلو نقشبندي اهڙو آهي؛ جنهن جي ابتدا حضرت ابوبڪر صديق ؓ سان منسوب ڪئي وڃي ٿي.“ پر تنهن هوندي به انهن سلسلن جو مختصر جائزو هيٺ ڏجي ٿو.

قادري سلسلو ۽ طريقو:

هن سلسلي جو باني غوث اعظم شيخ عبدالقادر جيلاني آهي. جنهن هن سلسلي جو بنياد مشهور صوفي بزرگ جنيد بغداديءَ جي تعليم تي رکيو. هن سلسلي سان نه صرف ڪيتريون ئي درس گاهون ۽ درگاهون تعلق رکن ٿيون، مگر وڏا بزرگ ۽ صوفي شاعرن به قادري سلسلي سان واسطو رکن ٿا. جن ۾ لعل شهباز، يوسف الدين، سيد محمد، شيخ مخدوم محمد غوث، لطف الله قادري، شاهه ڪريم، شاهه حبيب، شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، محمد راشد روضي ڌڻي، سچل، صديق سومرو، رکيل شاهه، چيزل شاه، بيدل، بيڪس، مصري شاهه، عثمان فقير سانگي، علي محمد قادري، اياز قادري وغيره ۽ ٻيا پڻ اچي وڃن ٿا. انهيءَ حقيقت مان معلوم ٿيو ته شاهه صاحب جا وڏا قادري طريقي جا هئا ۽ وحدت الوجود جي نظرئي جا قائل پڻ هئا.

سهروردي سلسلو ۽ طريقو:

هِن سلسلي جو باني شيخ ابوالنجيب عبدالقاهر سهروردي هو. مگر هن جي شهرت شهاب الدين جي ڪري گهڻي ٿي. هن سلسلي سان صوفي بزرگ توڙي عالم لاڳاپيل هئا. جهڙوڪ: شيخ بهاءُ الدين، غوث بهاءُ الحق، مخدوم بلاول ۽ مخدوم نوح، مولانا رومي، سيد جلال شاهه، قطب الدين ابهري، نجيب الدين فردوسي ۽ صفي الدين وغيره.

نقشبندي سلسلو ۽ طريقو:

هن سلسلي جو باني حضرت بهاءُ الدين نقشبندي بخاري آهي. سنڌ ۽ هندستان ۾ انهيءَ سلسلي خواجه بالله ۽ امام احمد رباني مجدد الف ثاني سرهنديءَ جي ڪري زور ورتو. مخدوم آدم ٺٽوي، محدوم ابوالقاسم، مخدوم محمد زمان لنواري، عبدالرحيم گرهوڙي، مخدوم معين ٺٽوي ۽ سيد محمد بقا لڪياري وغيره. انهيءَ سلسلهءِ نقشبندي طريقت جا مکيه بزرگ هئا. ان کان علاوه، سعد الله ۽ مخدوم محمد هاشم به وابسته هئا.

چشتي سلسلو ۽ طريقو:

هن سلسلي جو پهريون بزرگ خواجه ابواسحاق چشتي آهي. جنهن جي طريقت جو سلسلو حضرت خواجه حسن بصريؒ  جي ذريعي حضرت علي ڪرم الله وجه تائين پهچي ٿو. هند ۽ سنڌ ۾ حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري هي سلسلو رائج ڪيو. هن سلسلي جا پويان بزرگ وحدت الوجود جا قائل هئا. هن سلسلهءِ طريقت جو جيتوڻيڪ سڌيءَ طرحَ سنڌ تي اثر نه پيو، پر تڏهن به سنڌ، اَڻ سڌيءَ طرحَ اُن کان مستفيد ٿيندي رهي. سنڌي زبان جو اديب، شاعر ۽ ديني عالم مولانا عبدالڪريم چشتي پڻ هن سلسلي سان واسطو رکندو هو.

بهرحال، سنڌ جا سڀئي بزرگ ۽ صوفي شاعر، تصوف جي رنگ ۾ رڱيل نظر اچن ٿا. ڪو سهروردي سلسلي سان لاڳاپيل آهي، ته ڪو نقشبنديءَ سان، ڪو قادري سلسلي جي سحر ۾ مبتلا آهي، ته ڪو چشتي سان جُڙيل آهي، پر شاهه لطيفؒ هڪ اهڙو بُلند پايه شاعر آهي، جنهن جو فڪر، مٿي ذڪر ڪيل چئني تصوف جي سلسلن کي پاڻ ۾ سمائي ٿو. شاهه صاحب پنهنجي فڪر ۽ عمل کي ڪنهن هڪ سلسلي جي طريقت تائين محمدود نه رکيو، پر هن انهن چئني سلسلن جي فڪر منجهان انسانيت جي ڀَلائي وارن بنيادي نڪتن کي پنهنجي عوام جي بهتريءَ لاءِ اختيار ڪيو. انڪري ئي شاهه صاحبؒ کي شاعرن جي سرتاج هئڻ واري حيثيت حاصل آهي.

مطلب ته برِصغير ۾ تصوف جي مختلف سلسلن جي انهيءَ مٿئين مختصر جائزي ۽ مطالعي مان واضح نظر ايندو ته سنڌ ۾ عوام کي اسلامي جي طرف مائل ڪرڻ ۾ جيترو ڪردار صوفين ادا ڪيو آهي، ايترو ڪردار ٻئي ڪنهن به مسلمانن ۽ عالمن جي مڪتبهءِ فڪر نه ڪيو آهي. صوفي پنهنجي نهٺائيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي سبب، انسان جي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي ٿو. هو ٻين ۾ عيب نه ٿو ڳولهي، پر پنهنجي نفس جو محاسبو ڪري ٿو. هُو هر ڪنهن جي مزاج ۽ فطرت کي نظر ۾ رکي، ان جي روحاني تربيت ڪري ٿو. هر صوفي پنهنجي ذوق مطابق ڪوئي خاص مقام اختيار ڪري ٿو ۽ انهيءَ مقام ۾ ترقي ڪندي، ڪنهن مٿئين مقام تي پهچي ٿو. ڪوئي جهد جي مقام تي آهي، ته ڪوئي محو جي عالم ۾ آهي، ڪنهن تي وري اثبات جو غلبو آهي. هو پنهنجي روح جي ايتري قدر صفائي ڪن ٿا، جو ڪنهن به غيرالله جو اثر سندن دل تي نه ٿو رهي. هو حقيقت جي حال کان واقف ٿي وڃن ٿا. درحقيقت تصوف ۾ فنا جي درجي کي وڏي اهميت ۽ اوليت حاصل آهي. تنهنڪري صوفي فنا جي برڪت سان وحدت جي درياءَ ۾ مستغرق ۽ فيض باب ٿي وڃن ٿا، جن کي نه ڪنهن قسم جو خوف آهي نه غم. ڇاڪاڻ جو سندن ايمان ۽ اعتقاد پختو ۽ يقيني آهي.

گويا قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته: ”هو شروع کان آهي ۽ اهو ئي آخر تائين رهندو ۽ اهوئي ظاهر ۽ پوشيده آهي. الله جو نُور هيٺ مٿي، اندر ٻاهر، ساڄي کاٻي، هر طرف مُحيط آهي.“ اهو نور تمام طبقات ۽ ڪائنات تي ساري ۽ طاري آهي. جيئن شاهه لطيفؒ فرمائي ٿو ته:

سِڀ ڪنهن ڏانهن، سامهون ڪو هنڌ خالي ناه

اَحدا جي اَرک ٿيا، سي ڪانئر ڪبا ڪانہ،

مُحب منجهين من مانہ، اُڄاڻنديءَ آُجهيو

ڪائنات جي هر شيءَ انهيءَ ذات حقيقيءَ جو مظهر آهي، انهيءَ ڪري صوفي بزرگ چون ٿا ته: ”ڪثرت جو حقيقي وجود ڪونهي، بلڪه ڪثرت، وحدت مان ئي وجود ورتو آهي.“ انهيءَ نموني شاهه لطيفؒ فرمايو ته:

وَحدت تان ڪَثرت ٿي، ڪَثرت وَحدت ڪُلُ

حق حقيقي هيڪڙو، ٻولي ٻيءِ مَ ڀُلُ

هوُ هُلاچو هُلُ، باالله سندو سڄڻين

بهرحال، صوفيءَ جو طريقو اهوئي آهي ته، هر قول ۽ فعل ۾ هڪ جهڙو ٿيڻ، اصولن کي عملي شڪل ڏيڻ، عبادت ۾ اخلاص، الله ۽ ان جي بندي سان محبت ڪرڻ، سچائي ۽ سادگيءَ سان زندگي گذارڻ، هٺ، وڏائي ۽ بُراين کان پاسو ڪرڻ، پاڻ سڃاڻڻ، حقيقي مالڪ جي قانونن ۽ قاعدنن تي هلڻ جي جانفشاني ڪرڻ ئي آهي. ساڳيءَ طرح تصوف جو هِي مطلب آهي ته قلب کي صفا ڪرڻ ۽ صفا رکڻ، جيئن حقيقي محبوب جو مشاهدو ماڻي سگهجي ۽ سندس قرب حاصل ٿئي.

تصوف جي ورقن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي صوفي درويشن ۽ بزرگن ۾ گهڻا شاعر اچي وڃن ٿا. انهن ۾ شهباز قلندر، قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه ڪريم، لطيف الله قادري، صاحب ڏنو فاروقي، شاهه عنايت شهيد، شاهه رضوي، شاهه لطيف، محمد زمان لنواري، سامي، عبدالرحيم گرهوڙي، حمل فقير، روحل، سچل، بيدل ۽ بيڪس جا نالا اهم آهن. انهن عظيم انسانن ۽ مفڪرن، تصوف جي تعليم شاعريءَ ذريعي ڏني آهي؛ جنهن ۾ باهمي رواداري، محبت جي فضا، امن، اتحاد ۽ اِلاهي عشق جو عنصر به موجود آهي.

هاڻي اسان تصوف ۽ شريعت تي ڪجهه روشني وجهنداسون، جيئن واضح ٿي وڃي ته تصوف ۽ شريعت جو پاڻ ۾ ڪهڙو ناتو ۽ ڳانڍاپو آهي؟

تصوف ۽ شريعت:

تصوف، شريعت وانگر ٻن شين جو مرڪب آهي. يعني علم ۽ عمل، پر منجهن ايترو فرق آهي ته شريعت ۾ علم کان پوءِ عمل جو وارو آهي ۽ تصوف ۾ وري عمل کان پوءِ علم پيدا ٿئي ٿو. علم شريعت ۽ علم تصوف هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن. يعني شريعت، دستور ۽ قوانين نافذ ڪري ٿي ۽ احڪامات موجب عمل ڪرائي ٿي تصوف شريعت کان جدا شيءِ نه آهي. ڇا ڪاڻ ته تصوف، شريعت جو جزو آهي. جزو، ڪُل کانسواءِ بي معنيٰ ۽ ڪُل، جزو کان سواءِ نامڪمل رهي ٿو. حضور اڪرم جن فرمايو آهي ته: ”ڪوئي شخص ان وقت تائين مؤمن ٿي نه ٿو سگهي، جيسين سندس خواهش انهيءَ شريعت جي تابع نه آهي، جيڪا مون آندي آهي.“

جيئن ته شيخ ابن عربيءَ فرمايو آهي ته: ”جنهن شخص ۾ شريعت جو احترام نه هجي، ان جي پيروي هرگز نه  ڪئي وڃي، چاهي هُو پنهنجي حال ۾ سچو هجي.“ جنيد بغداديءَ چيو آهي: ”مخلوق لاءِ سڀ رستا بند آهن، سواءِ انهيءَ هڪ جي ته، هُو رسول اڪرمﷺ جي نقش قدم تي هَلنِ.“

مٿيان قول نبي ڪريم ۽ تصوف جي بانيڪارن جا آهن، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته تصوف، شريعت کان جُدا ۽ ٻاهر نه آهي. شريعت ظاهري ۽ باطني احڪام جي جامع آهي. وري باطني ڪارگردگي تي عمل ڪرڻ لاءِ طريقت جو درجو آهي.

تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته تصوف، شريعت کان الڳ نه آهي ۽ شريعت، طريقت کان جُدا نه آهي. اسلامي تصوف جو بنياد ئي شريعت جي حڪمن جي دل ۽ جان سان بجا آوري،  شريعت جي ڪامل پابنديءَ کانسواءِ طريقت، حقيقت ۽ معرفت جي منزل تي هرگز هرگز پهچي نه سگهبو.

معلوم هجي ته صوفين، سلوڪ جون چار منزلون مقرر ڪيون آهن. اول منزل شريعت آهي،  ٻي طريقت، ٽئين حقيقت ۽ چوٿين معرفت آهي، جا آخري منزل آهي. اهڙيءَ طرح لطيف سائين چيو ته:

ساري سکُ سبق، شريعت سندو سُهڻي

طريقتئون تِکو، وهي حقيقت جو حق

معرفت مَرڪُ، اصل عاشقن کي

الله تعالي جي عاشقن ۽ سچن صوفين جو ڪو مذهب يا دين ڌار ڪونهي، بلڪه انهن جو اسلام، قرآن شريف ۽ سُنتِ رسولﷺجي سچائيءَ سان تابعداري پڻ آهي. الله تعاليٰ جو عشق اهوئي آهي، جو سندس حڪمن جي پيروي ڪئي وڃي ۽ ان جي ڪلمن کي بُلند ڪيو وڃي. ان کانسواءِ، ٻئي ڪنهن سان دلي محبت نه  رکي وڃي ۽ سارو توجهه ان ڏي هجي. ڇو ته شريعت جي رستي ٻانهو، پنهنجي بندگيءَ جو اظهار ۽ خدا تعالي جي خدائيءَ جو اقرار ڪري، ان جو ثبوت ڏيئي ٿو، بلڪه هو جهاد في سبيل الله ۾ هر گهڙي مصروف پڻ رهي ٿو، پر البت ماءُ، پيءَ جي خدمت ڪندي، پنهنجو سک ڦِٽائڻ، مِٽنِ ۽ مائٽن سان ڏک سک ۾ واهر ڪرڻ، پاڙي وارن ۽ يتيمن جي پرورش ڪرڻ، بيواهن جي پَرگهور لهڻ، بُکين کي کاڌو کارائڻ، مسڪين اُگهاڙن کي ڪپڙو ڏيئي پهرائڻ، معذورن، لنگڙن لولن جي مدد ڪرڻ ۽ ڀُليل انسانن کي گس ڏيکارڻ وغيره. اهي سڀ الله تعاليٰ جا ڪم ۽ سندس رضامندي حاصل ڪرڻ جا رستا آهن، جيڪي هن کي بجا آڻڻا آهن. نماز پڙهي، ڪنهن جي امانت کائي وڃڻ، شراب پيئڻ، ماءُ- پيءَ  کي رنجائڻ ۽ الله پاڪ جي مخلوق سان بد سلوڪي ڪرڻ وغيره. اهي سڀئي عمل حقيقي محبوب جي مشاهدي ماڻڻ کان روڪيندڙ آهن ۽ اهڙا بُرا ڪَمَ نماز ۽ روزي، خيرات ۽ زڪوات جي ثواب کي برباد ڪندڙ آهن. انڪري شيخ سعديؒ چيو آهي ته: ”بادشاهه کي راضي ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهي جي دل وٺڻ گهرجي. الله تعالي جي بخشش گُهرين ٿو ته خدا جي خَلقَ سان چڱائي ڪر.“

اسلامي شريعت جو عقيدو آهي ته، حقوق الله سان گڏ حقوق العباد به ٻانهي ۽ بندي تي فرض آهي. اهڙيءَ طرح بوعلي سينا جو قول آهي ته: ”انسان، الله جا بندا آهن. انسان کي بندو بڻجي، پنهنجي هِيءَ دنيا ۽ آخرت موچاري ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ رب تعاليٰ جي نازل ڪيل قرآن جي حُڪمن ۽ سندس پيغمبر جي هر فرمان جي پوريءَ ريت پيروي ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي بساط کان ٻاهر پير نه ڌرڻا آهن.“

مقصد ته رب تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ بلڪل چٽيءَ ريت انسانن کي رستو ٻُڌائي ڇڏيو آهي ته انسان جو خالق سان، مخلوق وارو تعلق آهي، ان کان وڌيڪ بلڪل نه. ڇاڪاڻ ته خدا هِن دنيا جو خالق آهي ۽ ڪائنات جو مالڪ آهي. هو واحد، خدا آهي. هُو لاشريڪُ آهي. هن جو ڪو به شريڪُ نه آهي. اوهان اُن خالق اڪبر لاشريڪ جا بندا ۽ ٻانها آهيو. اوهان کي فقط ربّ العالمين جي سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ گهرجي

ساڳيءَ طرح خداپاڪ دنيا جي هر شيءِ جهڙوڪ: چنڊ، تارا، سج، جبل، درياءَ، نديون، نيون، ڍنڍون، سمنڊ، جهنگ، وڻ ٽڻ، رڻ پٽ، جانور ۽ پکي وغيره. اوهان جي ڀَلائي ۽ فائدي لاءِ خلقيا ويا آهن؛ بي مقصد ۽ بي فائدي ڪونه پيدا ڪيا ويا آهن. اوهان غور ڪري، انهن مان فائدا حاصل ڪيو ۽ رب پاڪ جو شڪريو ادا ڪيو.

جهڙيءَ طرح نماز، روزو، حج، زڪوات، جهاد، همدردي، خلق جي خدمت ڪرڻ، حلال روزي ڪمائڻ، والدين ۽ پاڙي وارن سان احسان ڪرڻ وغيره نيڪيءَ جي عملن ۾ شامل آهن. تهڙيءَ طرح قتل، چوري، ڪوڙ، فساد، شر، خيانت ۽ غلط ڪمن کان پاسو ڪرڻ وغيره پڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته اهي ئي انساني معاملا ۽ ڪم هر مسلمان جي ”مسلمان هجڻ“ جي پرک آهن. تنهنڪري الله پاڪ، رسول اڪرمﷺ ۽ انسان جا حق پوريءَ ريت ادا ڪرڻ گهرجن. ائين ڪرڻ سان قلب کي قرار ايندو، بلڪه هن دنيا ۽ آخرت ۾ پڻ انسان ڪامياب ۽ سرخرو ٿيندو.

بهرحال، اسلامي شريعت ۽ تصوف جي روشنيءَ ۾، انسان کي نه دنيا ترڪ ڪرڻ جو حڪم آهي، نه مسجدن، نمازن ۽ مسلمانن جي جماعت کي ترڪ ڪري، خانقاهون ۽ رباطون قائم ڪري، پنهنجي خيال موجب ڌار ڌار وڃي عبادت ڪرڻي آهي. نه ئي وڃي بُکون ۽ اُڃون ڪاٽي چلا ڪڍڻا آهن. اهڙا ڪم ۽ عمل سراسر نا جائز آهن ۽ عقل جون گمراهيون آهن.  انڪري تصوف جو مدار اسلامي شريعت تي هئڻ گهرجي. لطيفؒ چيو آهي ته:

وَحده لاشريڪ لَہ، اِهو وهائج وِيُ

کٽين جي هارائئين، هنڌ تنهنجو هِيءَ

پاَڻان چَوندءِ پِيءُ، ڀَري جامُ جَنتَ جو

واضح رهي ته الله پاڪ جا خاص توڙي عام ٻانها شريعت جي اصولن کان هڪ اِنچُ قدمُ به هَٽي نه سگهندا آهن ۽ نه ئي ان جي مخالفت ڪندا آهن. ڇو ته شريعت ئي سندن جزوي ۽ ڪُلي طور زندگيءَ تي حاوي ۽ ڇانيل پڻ هوندي آهي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته: ”خدا توهان جي لاءِ هِن نظام زندگي يا قانون حيات کي نمايان ۽ واضح ڪيو آهي.“ ٻي جاءِ تي ارشاد فرمايو اٿس: ”بيشڪ رب تعاليٰ جو احسان آهي، جو هِن خود هِنن مان ئي رسول چونڊي موڪليا، جي هِنن کي خدا جون آيتون ۽ حڪمت جون ڳالهيون ٻُڌائي کين ”تزڪيهءِ نفس“ جا بندوبست ڪن ٿا ۽ نصيحون ۽ هدايتون ڪن ٿا.“

اهو احوال پوري وثوق سان ڪري سگهجي ٿو ته انسان، خدا جي باري ۾ جو ڪجهه سمجهڻ چاهي ٿو ته ان جي فطري قانونن کي به سمجهڻو پوندو، جيڪي خارجي دنيا ۾ ڪارفرما آهن ۽ وحي جي قانونن (قرآن) کي به، جيڪي سندس دنيا متعلق آهن. جڏهن انسان انهن ٻنهي قانونن کي سمجهي وٺندو ته اها حقيقت سندس سامهون اچي ويندي ۽ اِهي ٻئي قانون درحقيقت هڪ ئي اصل جون شاخون پڻ آهن. مگر انسانيت کي انهن قانونن تي عمل ڪرڻ گهرجي ۽ اها ئي شريعت آهي.

تنهنڪري هاڻي ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪو تصوف اسلامي شريعت سان مطابقت رکي ٿو، اهو اسلام جي زمري ۾ پڻ شامل آهي، پر جيڪو تصوف شريعت جي مخالفت ڪري ٿو، سو اسلامي نگاهه توڙي دين جي اصولن جي نابري واري ٿو. لهٰذا، اهڙي تصوف کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو جنيد بغداديؒ قرآن ۽ شريعت کانسواءِ ٻي ڪنهن به ڳالهه کي جائز ڪونه سمجهندو هو. هن نيڪ عالم سڳوري جو قول آهي ته: ”الله اصل کان آهي ۽ انسان بعد جي پيداوار آهي. توحيد بهترين رستو آهي، جنهن تي قائم رهي، انسان سڌي رستي تي هَلي سگهي ٿو.“

اهوئي سبب آهي، جو سچا ٻانها ۽ صوفي اهي ئي آهن، جيڪي مرڻ گهڙيءَ تائين الله تعاليٰ جي تابعداري ڪندا آهن ۽ پنهنجو جسم الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان پڻ ڪندا آهن

وحده جي وڍيا، اِلاالله اڌ ڪيا

محمَّد رسول چئي، مسلمان ٿيا

عاشق عبداللطيف جي، اِنهين پہ پيا

تيلان ڌڻي ڌئا، جيلان ويا وحدت گڏجي

بهرحال، اسلامي تصوف، توحيد، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو سچو رستو ڏيکاري ٿو، پر هو هر طالب کي سڌي واٽ تي هلڻ جي پڻ تلقين ڪري ٿو. اسلامي تصوف ۾ فقط الله تعاليٰ جو قرب  ڪيئن حاصل ڪجي. ان جو رستو قرآن شريف بلڪل پڌريءَ طرح ٻن لفظن ۾ ٻُڌايو آهي. ”والسجدو واقترب“ (يعني، سجدو ڪر ۽ ويجهو ٿيءُ.) قرآن پاڪ قرب حاصل ڪرڻ جو صحيح ۽ سچو رستو صرف اسلام جي صحيح تابعداري ۽ بندگيءَ کي مقرر ڪيو آهي. گويا اسلامي تصوف جو بنياد خالص توحيد، قرآن شريف ۽ سنت نبويءَ تي بيٺل آهي. قرآن شريف جي حڪم جي ٿوري به اَنحرافي، صوفي سالڪ يا عالم ٻانهي کي گمراهه ڪري ٿي ڇڏي. مگر جيڪي صوفي ۽ بندا شريعتِ اسلام جي حد اورانگهي ۽ سنت نبويءَ جي تابعداري نه ٿا ڪن يا شريعت جي عزت نه ٿا رکَن، سي نيٺ گمراهه پڻ ٿين ٿا. ڇو ته اهو عمل ۽ تصوف، اسلام جي قانونن ۽ اصولن جي انحرافي ۽ نابري واري ٿو. لهٰذا، اهڙا صوفي توڙي انسان سزا جي مستحق آهن. ڇاڪاڻ ته اسلامي شريعت کي وڏي اهميت حاصل آهي. حضور اڪرم ﷺ هيڏي اؤج، عزت ۽ تقرب هوندي به فرمائي ٿو: ”انا بشر مثلکم“ (يعني، مان به توهان جهڙو بشر آهيان.) تصوف جي ماهيت ۾ الله جي نالي جو ڪثرت سان ذڪر به آهي ته، ان جي حڪم ۾ وري نماز ۽ قرآن سان به تعلق ڳنڍڻ جي تعليم آهي. ان اعتبار سان ڏٺو وڃي ٿو ته معلوم ٿيندو ته حقيقي تصوف (احسان) اسلام جو جزو آهي.

اسلام ۾ هڪ طرف ايمان آهي، ته ٻئي طرف شريعت آهي.

   تنهنڪري انهن ٻنهي شين جي مجموعي کي ”اسلام“ چئجي ٿو. انهن مان ڪنهن به پهلوءَ کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. اسلامي تصوف ۾ بگاڙ تڏهن آيو، جڏهن عجمي علائقن ۾ رائج ”ويدانيت يا ايراني تصوف“ سان هن جو واسطو پيو ۽ ڪن فلسفيانه ۽ ڪلام ذوق رکندڙ فردن، تصوف کي پنهنجي قلم جو جولان گاهه بڻايو، پر البت تصوف اخلاصِ نيت ۽ سُٺيون ڪيفيتون پيدا ڪندڙ علم آهي. جنهن جي مدد سان فردن جي روحاني قوت بيدار ٿئي ٿي ۽ سٺا اخلاق پيدا ٿين ٿا. تنهن ڪري ائين چئجي ته  اسلامي تصوف انسانيت نوازي، رواداري، محبت ڪرڻ، الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي تابعداري ڪرڻ، دشمنن سان احسان ڪرڻ، معاف ڪرڻ ۽ وحدانيت کي ياد ڪرڻ جو سبق سيکاري ٿو.

اهڙيءَ طرح قرآن پاڪ ۾ فرمايل آهي ته: ”واذکراسم ربک و تبتل اليہ تبتيلا“ (يعني، ۽ پنهنجي رب جو نالو ياد ڪندا رهو، سڀني کان پاسيرو ٿي، انهيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو.) ٻئي هنڌ قرآن مجيد ۾ آهي ته: ”ادفع با التي هي احسن فاذاالذي بينک وبينہ عداوة کانہ ولي حميم.“ (يعني، بُرائي جي جواب ۾ ڀَلائي ڪر، پوءِ تون ڏسندين ته جيڪو تنهنجو دشمن آهي، اهو تنهنجو جِگرِي دوست بڻجي ويندو.)

اهو بيان قابل غور آهي ته اصل ۾ اسلام هڪ ڪامل ۽ مڪمل دين آهي، جيڪو عقائد، عبادتن، معاملن ۽ اجتماعي زندگيءَ بابت مڪمل تفصيل ڏئي ٿو ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح اسلامي عبادتن جو هڪڙو ظاهري نظام (جسم) آهي ته ٻيو وري ان جو روح آهي. ظاهري نظام ۾ نماز، روزو، زڪوات ۽ حج وغيره اچي وڃن ٿا. انهن عبادتن جو اصل مقصد الله جي محبت پيدا ٿيڻ، اخلاص ۽ تقويٰ حاصل ٿيڻ، آخرت لاءِ تياري جو فڪر پيدا ٿيڻ، دنيا ۾ نيڪ ۽ سٺو ٿيڻ، الله جي محبت جي زير اثر ٻانهنِ سان محبت ڪرڻ ۽ ٻانهن جي حقن جي ادائيگي لاءِ روحاني، باطني ۽ اخلاقي قوت جو پيدا ٿيڻ آهي، پر جيڪڏهن عبادتن مان اهو مقصد حاصل نه ٿو ٿئي، ته پوءِ اهي عبادتون بي معنيٰ ٿي وڃن ٿيون، بلڪل ائين، جيئن روح کانسواءِ، انساني جسم بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو. انڪري اسلام هڪ ”مڪمل ايڪائي“ پڻ آهي.

مطلب ته اسلامي تصوف، شريعت جي هرگز مخالفت نه ٿو ڪري، مگر هو شريعت جي احڪامن جي پيروي ڪرڻ ۾ به مدد گار ثابت ٿئي ٿو. ان جي برعڪس، جيڪو تصوف، اسلام جي اصولن کان پري ڪري ٿو يا دين جي ڳالهه ۽ افاديت کي لِڪائي ٿو، اهو تصوف، غير اسلامي پڻ آهي. جنهن جي اسلامي معاشري توڙي صوفين جي نظر ۾ ڪا به اهميت ۽ حيثيت نه آهي. اهوئي سبب آهي، جو صوفي بزرگن ۽ نيڪ انسانن اسلامي قانونن ۽ قاعدن جي پاسداري ڪئي آهي، بلڪه انهن تصوف جي ذريعي ڀٽڪيل انسانن کي سنئين واٽ تي هلائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي آهي

بايزيد بسطاميءَ فرمايو آهي ته: ”جيڪڏهن توهان ڪنهن کي ڪرامت وارو ڏسو، حتيٰ ڪه هو هوا ۾ اُڏامندو رهي، ڪڏهن به دوکو نه کائجو، جيستائين اهو نه ڏسو ته امرونهي، حفظ حدود ۽ پابنديءِ شريعت ۾ ڪيئن آهي.“

ان کان علاوه، حضرت نظام الدين اولياءَ جو چوڻ آهي ته، ته ”بايزيد بساميؒ هڪ فعو، ”سبحاني مااظم شاني“ (مان پاڪ آهيان، منهنجو شانُ ڪيڏو نه بُلند آهي.) چيو هو.“ بعد ۾ جڏهن کين اهي ڪلما ٻُڌايا ويا ته، چيائون ته:”مان اهي شرڪ جا ڪلما چئي اسلام جي دائري کان ٻاهر نڪري چڪو آهيان. ان ڪري ڪلمو پڙهي، نئين سري سان مسلمان ٿيان ٿو.“

ساڳيءَ طرح منصور حلاجؒ پنهنجي وقت جو وڏو صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هُو توحيد جو قائل پڻ هو. سندس قول آهي ته: ”توحيد، وحدانيت جو اقرار آهي، وحدانيت ۾ غير جو تصور سمائجي نه سگهندو ۽ خدا جي ذات کانسواءِ، هن صفت جو موصوف ڪونه ٿي نه سگهندو.“ منصور جو مقصد اهو هو ته: ”سمورا انسان خدا ۽ واحد جي ربوبيت جي پاڇي ۾ حياتي گذارين ۽ اسلام، پنهنجي حقانيت سان انسانن تي ظاهر ٿي وڃي.“ ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته، ”منصور محويت جي عالم ۾ بي باڪ ٿي، ”اَناالحق“ جو نعرو هنيو هو.“ ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته، اَناالحق جي معنيٰ اها آهي ته، ”حق موجود آهي ۽ مان نه آهيان.“ ان کان علاوه، ڪن عالمن جو رايو آهي ته، ”منصور حلاج جي ”اناالحق“ واري حڪايت، سندس ڪردار ڪشيءَ جو حصو آهي.“ حق ۽ انصاف لاءِ جدوجهد ڪرڻ وارن ۽ جان جو نذرانو ڏيڻ وارن انقلابين جي اصل شڪل ۽ روپ کي ڄاڻي ٻُجهي لِڪايو ويو آهي، اهو ئي ڪجهه منصور سان به ٿيو آهي. منصور حلاج هڪ حُجري نشين صوفي نه هيو، نه وري گودڙي ويڙهي، ”الله الله“ ڪندو هيو، بلڪه منصور علم ۽ عمل جي تلوار سان ظلم، ڏاڍ، ناانصافيءَ ۽ جهالت خلاف جهاد ڪندڙ به هيو. بهرحال، ان وقت جي سياسي ڌرين، رياستي اقتدار تي قابض ٽولن، رائج الوقت مذهبي انتها پسندن ۽ عدالتي قانوندانن شريعت جي آڙ ۾ ”ڪفر، بغاوت ۽ الحاد جي فتويٰ“ ڏيئي، منصور کي نه صرف عبرت ناڪ سزا ڏني، پر انهن منصور جهڙي جليل القدر ۽ عظيم صوفيءَ کي ڦاسيءَ تي پڻ چاڙهي ڇڏيو! اهڙيءَ طرح لطيفؒ چيو آهي ته:

سُوري آهه سينگار اڳهين عاشقن جو

مُڙڻ، موٽڻ ميهڻو، ٿيا نظاري نروار

ڪُسڻ جو قرار، اصل عاشقن کي

گويا شاهه لطيفؒ وحدانيت جي فڪر سان سلهاڙيل هو ۽ وحدت الوجود جي نظرئي جو قائل هو.  ليڪن سندس ڪلام کي پڙهندي اهو معلوم ڪجي ٿو ته، شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪٿي به انانيت ۽ جَلاليت جو عنصر نظر نه ٿو اچي، پر سچن عاشقن ۽ صوفين جي ڳالهه هن ريت پيش ڪري ٿو ته:

عاشقن الله جي محبت رکي منِ

سندي سڪ پرين، تن ۾ آهي تن جي

مطلب ته شاهه لطيفؒ جو ڪلام، تصوف جي خزاني سان ڀريل آهي. جنهن ۾ هن الله تعاليٰ ۽ رسول ڪريمﷺ سان محبت جو اظهار نهايت ئي سُهڻي طريقي سان ڪيو آهي، بلڪه هن اهڙي نفيس ۽ لطيف انداز سان ساڳي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪا وحدت الوجود جا ٻيا عظيم صوفي بزرگ ڪري ويا آهن، مگر لطيف صاحبؒ جو انداز جَلالي نه، پر اجمالي آهي:

ووڙيم سڀ وٿاڻ، يار ڪارڻ جَت جي

والله بڪل شيءِ محيط، اي آرياڻيءَ اُهڃاڻ

سڀ ۾ پنهون پاڻ، ڪينهي ٻيو ٻروچ ري

بهرحال، ٻانهي کي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي مقرر ٿيل ٻانهپ جي حد کان مَٿي نه وڃڻو آهي، جيڪو مَٿي ويندو، اهو ٻانهو، بلڪه پنهنجي بادشاهه جو قانون ٽوڙيندڙ، نافرمان ۽ باغي پڻ سڏبو. ان جي اها سزا آهي، جا هڪ باغيءَ لاءِ مقرر ٿيل آهي. صوفي هجي يا ولي الله، يا عارف ڪامل، اسلامي فرض، نماز ۽ روزي وغيره کان ڪڏهن به ڇُٽل ٿي نه ٿو سگهي. مطلب اهو آهي ته عارف جيڪو ڪيڏي به وڏي منزل تي پهچي يا محويت جي ڪهڙي به حالت ۾ هجي، ليڪن تنهن هوندي به کيس الله تعاليٰ جا فرض ضرور ادا ڪرڻا ۽ بجا آڻڻا آهن:

روزا ۽ نمازون، اِيءُ پڻ چڱو ڪم،

ڪو ٻيو فهم، جنهن سان پسين پرينءَ کي

بصيرت جي نگاهن ۾، صوفي اهوئي آهي، جيڪو فڪري بنياد ۽ طريقي کي، توحيد ۽ رسالت تي رکي ٿو ۽ شريعت جي پابنديءَ کي ضروري سمجهي ٿو، جيئن هو چوي ٿو ته:

جوڙي جوڙ جهان جي جڏهن جوڙيائين

خاوند خاص خلقي مُحمَّد مُڪائين

ڪلمو تنهن ڪريم تي، چِٽو چيائين

ڏِکي ڏِنائين، ٻئي سَرائون سيد چئي.

جيئن تصوف دل جي پاڪيزگي ۽ صفائي، سهڻي روشن ۽ اخلاقي طاقت پيدا ڪرڻ جو نالو آهي، تيئن صوفيءَ جو الله تعاليٰ ۽ اُن جي پياري پيغمبر محمد ڪريمﷺ تي ايمان آڻڻ لازمي آهي. تنهن لاءِ ڀٽائيءَ چيو ته:

ميم رکجانءِ من ۾، الف تنهن اڳيان

چتان چوريجاهه، اِها لات لطيف جي

اسلامي تاريخ ۾ صوفي بزرگن جو قدر به انڪري ئي آهي، جو اهي شريعت جي بنيادي ۽ اهم حصي يعني ايمان کي وڌائڻ ۽ ان جي ٻج کي طاقتور بنائڻ جو ذريعو آهن، پر جيڪي صوفي بزرگ قرآن ۽ سنت جي تعليم جي خلاف آهن يا ان کي غير ضروري ٿا سمجهن ته انهن کي اسلام ۽ اسلامي تاريخ ۾ ڪوبه مقام حاصل نه رهيو آهي. تصوف جي اهڙن علمبردارن جي علماءِ حق هر دؤر ۾ سخت مخالفت پئي ڪئي آهي. تصوف جڏهن شريعت جو غلام ۽ ان جي ماتحت ٿي ڪري هلي ٿو، تڏهن ته ان کي ”اسلامي تصوف“ چئي سگهجي ٿو. ورنه شريعت کان ٻاهر تصوف مشرڪانه ۽ غير اسلامي آهي. ڇاڪاڻ ته اسلام جو معيار ۽ پرک قرآن ۽ سنت آهي. قرآن ۽ سنت جي تعليم ۽ ان جي مزاج سان مطابقت نه رکندڙ شيون ڪنهن به صورت ۾ اسلامي ٿِي نه ٿيون سگهن

انڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته جيڪو تصوف شريعت کان بي نياز ڪري، شرعي احڪامن کان مستقل پري ڪري ڇڏي، ان کي غير اسلامي ۽ ڪافرانه تصوف ته چئي سگهجي ٿو، پر اسلامي تصوف هرگز نه ٿو چئي سگهجي. اسلامي تصوف، شريعت تي هلڻ ۾ استقامت پيدا ڪري ٿو، نه ان کان ٿيڙي ڇڏي ٿو. اهوئي سبب آهي، جو اسلامي تصوف، شريعت جي ابتڙ نه آهي، نه وري هو شريعت جي مخالفت ڪري ٿو، ڇو ته: ”کل حقيقة ردتہ الشريعت فهو زندقہ.“

يعني: هر اها شيءِ، جنهن کي شريعت رد ڪري ڇڏيو هجي، سا بي ديني آهي

اصل ۾ شريعت جي ضرورت انڪري آهي، جو ماڻهن کي گڏيل  عملي زندگيءَ ۾ اهڙي اصولي ۽ بنيادي تعليم جي حاجت آهي، جنهن سان زندگيءَ جون مشڪلاتون حل ٿين ۽ انسان سياسي، معاشرتي ۽ تهذيبي طور بنا رڪاوٽ جي، اڳتي وڌندو رهي ۽ انسانيت هڪٻئي سان وڙهڻ، هڪٻئي مٿان غلبو حاصل ڪرڻ ۽ حيواني ۽ جبلي قوتن جي ٽڪراءَ کان بچي سگهي. اهو مذهب ئي آهي، جيڪو ان معاملي ۾ سندس رهنمائي ڪري ٿو. اسلامي شريعت جا بنيادي ماخذ، ڪتاب ۽ سنت محفوظ صورت ۾ موجود آهن.

تصوف جيئن ته اسلامي جي روح تائين پهچائڻ جو ذريعو آهي. قرآن، سنت ۽ الله جي ذات سان محبت پيدا ڪرڻ جو واسطو آهي.

اهوئي سبب آهي، جو صوفي بزرگن، ٻانهي جو تعلق مالڪ حقيقيءَ سان جوڙڻ لاءِ وَسان ڪين گهٽايو آهي. انهن پنهنجن و عظن يا نيڪ نصيحتن سان انسان کي ڪوڙ ۽ ڪُپت کان پاسي رهڻ لاءِ تلقين ڪئي آهي، ته ٻئي پاسي وري حق جي راهه تي هلڻ لاءِ هدايت جي واٽ ڏيکاري آهي. ڀٽائي صاحب انسان کي غفلت، ننڊ ۽ سُتي کان سُجاڳ ڪندي، خبردار ڪيو آهي ته:

سُتي نه سَرندياءِ، ڪَر پَچَار پرينءَ جي

وِهامي ويندياءِ، گهڻا هڻندين هٿڙا

بهرحال، اسلامي تصوف جي تعليم اها آهي ته توحيد جي اقرار کان پوءِ رسول اڪرم جي نبوت جي اقرار جي ذميداري عائد ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته وحدانيت جي پيروي سان گڏ، رسالت جي تابعداري لازمي پڻ آهي. الله تعاليٰ جي راهه شريعت کانسواءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ پر عبادت ۽ رياضت جي ذريعي ئي رب پاڪ سان ملڻ جي راهه هموار ٿئي ٿي. عبادت ۾ نماز ۽ روزي جو خاص تاڪيد آهي. توحيد ۽ رسالت جي اقرار کان پوءِ اهو لازمي آهي ته پنج وقت نماز پڙهجي. ٽيهه روزا رکجن. انهيءَ عمل کانسواءِ منزل تي پهچڻ محال نه، پر ناممڪن آهي. هو شريعت ذريعي طريقت ڏانهن گامزن ٿئي ٿو. ورنه طريقت جو ملڻ مشڪل آهي. جيئن لطيف فرمائي ٿو ته:

جي ڀانئين جوڳي ٿيان، ته پر ڪلمي جي پار،

پنجن سان پورو رهه، آيا ٽيہ مَ ٽار،

تڏهن ڌاڳا ڌار، جڏهن راهه سڃاڻي رب جي

ياد رهي ته تصوف جي سلسلي ۾ مرشد جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته مرشد جو مقام بلڪل بلند آهي. سندس توجهه جي زير اثر طالب کي حيات روحاني نصيب ٿئي ٿي. انهيءَ ڪري مرشد جو احترام ۽ عزت، ان سان محبت ۽ عقيدت لازمي شيون بڻجيو پون. وري مرشد جي بي التفا تي ۽ بي توجهي طالب لاءِ سوهان روح بڻجي پوي ٿي. صوفي مسلڪ موجب، بي ادب ۽ گستاخ طالب ڪڏهن به منزل مقصود تي پهچي نه ٿو سگهي. تنهنڪري عاجزيءَ ۽ نيازمنديءَ جو طريقو اختيار ڪجي ته بهتر آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو هُو نهايت انڪساريءَ ۽ عاجزيءَ سان محبوب جي درٻار ۾ پنهنجي عزت ۽ احترام جو مقام حاصل ڪري ٿو، مگر هو محبوب کي نه صرف ياد ڪري ٿو، پر هو به کيس ياد ڪري ٿو. شاهه لطيفؒ  چيو:

تو جنين جي تاتِ، تن پڻ آهي تنهنجي

فاذ کروني اذکرک م، اي پڙوج بات

هَٿِ ڪاتي ڳُڙ واتِ، پُڇڻ پَرِ پرين جي

اسان سنڌ جي ڪامل ولي ۽ عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ جو مختصر جائزو وٺنداسون، جيئن ثابت ٿي وڃي ته شاهه صاحب، تصوف سان ڪيتريقدر لاڳاپيل هيو، جنهن جو ذڪر پيش ڪجي ٿو.

تصوف ۽ شاهه لطيف:

سنڌي طبيعت ۾ تصوف جو خمير اهڙي نموني خلط ملط ٿي ويو آهي، جو سنڌي عوام ڪنهن به وقت ٻئي نظرئي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اها شيءِ سنڌي ذهن تي ايتريقدر نقش ٿي ويئي آهي، جنهن جو اثر مستقل ۽ ديرپا آهي. ڪيترن درويشن ۽ فقيرن وٽ معرفت جو فيض به عام جام رهيو آهي. جنهن مان ڪيترائي سيراب ٿي ويا آهن. لطيفؒ به اهڙي قسم جو رهنماءُ هيو. جنهن سموري مخلوق خداونديءَ کي هڪ نظرسان ڏٺو. شاهه صاحب جي عظيم شخصيت ۽ ڪلام، انساني ذهن کي مسحور ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس عظمت ڏينهن و ڏينهن بلنديءَ جي معراج ڏانهن وڌندي رهي ٿي. ماڻهن کيس قبول ڪري اکين تي رکيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ جيستائين اسان سمجهيو آهي ته، نه ڪو سندس ثاني آهي نه همسر. صدين گذرڻ کان پوءِ به سندس ذڪر ۽ ڪلام ۾ اهڙو تاثير ۽ دلربائي آهي، جا هر انسان جي دل لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي ٿي. تحقيق شاهه جي شاعريءَ ۾ اهي مڙيئي خوبيون موجود آهن. جنهنڪري انسان خود بخود اُن جي طرف مائل ٿي وڃي ٿو ۽ اهوئي مقام- منتها آهي.

شاهه صاحب جي ڪلام کي پڙهڻ مان پتو پوي ٿو ته هِن گُمراهيءَ کان بچڻ ۽ هدايت کي سمجهڻ لاءِ مُحمَّد رسول اللهﷺ جي تعليم کي ضروري ڄاتو آهي. هو چوي ٿو ته:

وَحده لاشريڪ لَہُ، جَن اُتوسين ايمانَ

تن مڃيو مُحمَّدُ ڪارَڻي، قلب ساڻ لِسانَ،

اُوءِ فائق ۾ فرمانَ، اَوَتڙ، ڪنهن نه اَوليا

شاهه صاحب  قرآن پاڪ کي حڪمت جو مخزن ۽ اسم اعظم جو منبع سمجهي ٿو ته: ”جيڪڏهن غور ۽ فڪر سان، ان ۾ نگاهه ڪبي ته ٻين درن تي وڃڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي.“ تنهنڪري اهڙو اظهار هن ريت پيش ڪيو اٿائين:

فڪر سين فُرقان ۾، اسم اعظم ڏور

ٻيا در وڃي مَ ووڙ، اي امل ائائين سپجي

شاهه صاحب جتي تصوف جا نڪتا ۽ روحاني راز بيان ڪيا آهن، اُتي شريعت جا مسئلا، عبادت ۽ ذڪر، انساني ڪيفيتن جا ڌار ڌار رنگ ۽ روپ ظاهر ڪيا آهن، جن ۾ اخلاقي سبق ۽ تصوف جا موضوع سمايل آهن.

ياد رهي ته ڀٽائي گهوٽ، پنهنجي شاعريءَ وسيلي رب پاڪ سان يڪرنگ ٿيڻ جا راز، روحانيات جا اونها اشارا ۽ جماليات جا ازلي لاڳاپا پڻ نشانبر ڪيا آهن، بلڪه هن پنهنجي ڪلام ۾ تصوف جا مختلف مسئلا نهايت چٽيءَ طرح سمجهايا آهن ۽ ٻُڌايو آهي ته، ”اهائي زندگي، سجائي ۽ سڦلي آهي، جيڪا ذڪر ۽ فڪر ۾ گذري ٿي.“ پنهنجي روحاني ڪيفيت بيان ڪندي، چيو اٿس:

رَڳون ٿيون رَبابُ، وَڄنِ ويل سڀ سڀڪنهين

لُڇڻ ڪُڇڻ نه ٿيو، جانبُ رِي جَبابُ

سوئي سڌيندم سپرين، ڪَيسِ جنهن ڪبابُ

سوئي عين عذابُ، سوئي راحت روح جي

اهوئي سبب آهي، جو شاهه صاحب جي ڪلام ۾ تصوف جا دلڪش رنگ جَهلڪن ٿا، جيڪي طالب کي بلڪل هدايت ۽ حق جو  رستو ڏيکارين ٿا. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ نه صرف صوفياڻا عقائد ۽ مسائل جو تذڪرو آهي، بلڪه سندس شاعريءَ جو لب ولهجو پڻ صوفياڻو آهي. حتيٰ ڪه ان جي شاعريءَ تي صوفياڻي زندگيءَ ۽ ذهن جي ڇاپ لڳل آهي. ڇاڪاڻ ته شاهه جي صوفياڻي زندگيءَ جو سندس شاعريءَ تي گهڻو اثر آهي. شاهه صاحب معرفت جي راهه ۾ روحاني جدوجهد، ڪائنات جي مطالعي، حقائق جو مفڪر ۽ عارف هو. عام صوفين وانگي شاهه رهبانيت جي تعليم جو قائل هرگز نه هو. شاهه لطيفؒ جا هِن مادي دنيا سان به لاڳاپا هئا. هن نه خود رهبانيت اختيار ڪئي، نه ان جي تلقين ڪيائين، پر الله تعاليٰ سان عشق ۽ نينهن جا ناتا پڻ ڳنڍيائين:

ڇاکي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو

وَٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو

سؤکو هوندو سو، جنهن جو  عشق الله سين

شاهه صاحبؒ بيشڪ هڪ صوفي درويش، عالم، باعمل ۽ شريعت جو پابند هو. جيئن مولانا دين محمد وفائيءَ چيو آهي ته: ”پيغمبري سنت موجب سڀ کان پهريائين هِن صاحب (شاهه صاحب) مسجد جو بنياد وِڌو ۽ پنهنجن هٿن سان مسجد جي مرمت ۾ ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. هميشه پنج وقت نماز پابنديءَ سان مسجد ۾ ادا ڪندو هو. روزا به رکندو هو. زندگيءَ جا پورا ڏهه ورهيه سياحت کي ترڪ ڪري، ڀٽَ تي گذاريائين. اتي ئي ماڻهن کي فيض پهچائيندا هئا ۽ سندن ظاهري ۽ باطني ڪم ڪاريون ڪندا هئا. هي بزرگ رضا جي مقام ۾ فنائيت جي درجي تي رسيل هو. فيض جي طالبن کي فرمائيندو هو ته: پنهنجي سيني کي آئيني وانگي صاف ڪري رکو، ان تي اِلاهي حُسن جو اَولڙو از خود پوندو رهندو.“

مٿئين بيان مان پڌرو ٿيو ته شاهه صاحب ڀِٽَ تي آستانو ڪيو ۽ پهريون ڪم مسجد جي تعمير جو سرانجام ڏنائين. مسجد جي تعمير مسلمانن ۾ باهمي اتحاد ۽ اتفاق جو واحد مقصد آهي. جماعت ۽ اجتماع، ذڪر ۽ عبادت جي تنظيم لاءِ مسجد جو قيام ٿئي ٿو. اِها هڪ وڏي ديني خِدمت ۽ سنتِ رسولؐ آهي.

مطلب ته شاهه لطيفؒ خود شريعت جي پاسداري رکندو هو. پنج وقت نمازون ادا ڪيائين ۽ روزا رکيائين. اهوئي سبب آهي، جو شاهه صاحب هڪ اهل الله، عارف بالله، باشريعت، اهلِ دل ۽ اهلِ نظر هو. سندس ڪلام جو مقصد به وحدانيت ۽ رسالت جو پيغام آهي. جنهن کي پاڻ ڪيترن ئي سُرَنِ، داستاننِ ۽ قصن ۾ پيش ڪيو اٿس.

بهرحال، شاهه صاحب جو طريقو بيشڪ صوفي هو، پر اهو تصوف جيڪو خاص قرآن شريف جي تعليم ۽ سنتِ رسول الله ﷺ جي پيرويءَ تي آهي. جيئن پاڻ هِن هِن بيت ۾ فرمائي ٿو ته:

وحده لاشريڪ لہُ، چؤ چوندو آءُ،

فرض واجب، سنتون تنئون ترڪمَ پاءِ،

توبہ سندي تسبيح پڙهي سا پُڄاءِ،

نگا پنهنجي نفس کي ڪا سنئين راهه سونهاءِ،

سپريان جي ڳالهڙي هِيءَ هنين سين لاءِ،

ته سندي دوزخ باهه، تو اَوڏيائي نه اچي

شاهه صاحب انهيءَ بيت ۾ توحيد، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو سچو رستو ڏيکاري ٿو، بلڪه هو توبه ڪرڻ، فرض، واجب سنت نه ڇڏڻ ۽ نفس کي چڱي راهه ڏيکارڻ جي هدايت به ڪري ٿو، اهو آهي صحيح اسلامي تصوف، جنهن جي وضاحت شاهه لطيفؒ سُهڻي نموني سان پڻ ڪئي آهي.

جيئن ته صوفيءَ تي صبر ۽ شڪر، توڪل ۽ رضا، قناعت ۽ تواضح جي حقيقي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي. جنهن جي ڪري هُو سراپا حال بڻجي پوي ٿو ۽ اصلاح قلب ۽ نفس جو سامان مهيا ٿيو وڃي، پر البت هڪ سچو صوفي ڪائنات کي فقط ان لاءِ ڏسي ٿو، جو اُن مان سربستا رازن ۽ اسرارن جو انڪشاف ٿئي ٿو. مگر ان لاءِ به هو ڏسي ٿو ته کيس ان جي ذري ذري ۾ حُسن مطلق جي جَهلڪ نظر اچي ٿي. اهڙيءَ طرح شاهه لطيف صوفين جي نفسياتي ڪيفيتن کان واقف هو، بلڪه هن انهن جي تصويرڪشي به خوبصورت انداز سان ڪئي آهي:

جَنِ کي دؤر درد جو، سبق سُور پڙهنِ

فِڪر فرهي هَٿَ ۾، ماٺِ مُطالع ڪَنِ،

پَنو سو پَڙهنِ، جنهن ۾ پَسنِ پرينءَ کي

ليڪن صوفين جي جدا جدا منزلن ڏانهن به شاههؒ اشارا ڪري ٿو، هو چوي ٿو ته:

راهه شريعت هليا، تفڪر طريقون

حال حقيقت رسيا، معرفت ماڳون

ناسوت، ملڪوت، جبروت، اِي انعام لڌون

پس لاهوت لنگهيون، هاهوت مٿي هليا

مٿي بيا ڪيو ويو آهي ته: ”شاهه صاحب بيشڪ هڪ صوفي درويش، عالم، باعمل ۽ شريعت جو پابند هو.“ تنهن هوندي به ظاهري طرح ماڻهن جي صحيح هدايت لاءِ شريعت جا سڀ حق پوريءَ ريت بجا آڻيندو هو. باطن ۾، توڙي ظاهر ۾، هڪ ڪامل هادي ۽ رهبر هو. سندس هدايت آهي ته:

ڪر طريقت تڪيو، شريعت سُڄاڻ،

هنئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻِ

هوءِ ثابوتي ساڻ، ته پسڻا پالهو رهين.

شاهه لطيفؒ جي نظر ۾ تصوف، دل جي پاڪيزگي ۽ وحدانيت جي واريءَ جو نالو آهي، سندس ڪلام مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اسلامي تصوف جو بنياد ماخذالقرآن حڪيم ۽ احاديث نبوي آهي. يعني اسلامي تصوف جو بنياد ماخذالقرآن حڪيم ۽ احاديث نبوي آهي. يعني اسلامي تصوف، شريعت کان جدا نه آهي، پر شريعت تي، پُرخلوص عمل جو نالو اسلامي تصوف آهي. تنهنڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته شاهه صاحب جي سموري ڪلام جو بنياد، توحيد، رسالت، وحدتِ انساني ۽ تصوف تي ٻَڌل آهي، جنهن جي پڙهڻ سان، مٿين لازمي ۽ بنيادي اصولن جي وضاحت ۽ ڪيترن اجزاءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته توحيد جي اقرار کان پوءِ مذهبي نظام ۾ عبادت جو نظام آهي. هو ظاهري طور تي شريعت جو پابند هو.

جيئن ته اسلام جي تعليم به اها ئي آهي ته غيرالله جو خيال، قلب مان صفا ڪڍي ڇڏڻ، هروقت اُٿي، ويٺي، کائڻ، پيئڻ، نماز، روزا، عبادتون، جيئڻ، مرڻ، سڀ الله تعاليٰ جي رضامنديءَ ۽ سندس قرب کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهڻ ۽ ٻين جي اڳيان سرُ نه جُهڪائڻ وغيره. هيٺين بيت ۾ شاهه صاحب چيو آهي ته:

وَحده لاشريڪ لَہُ، اِيُ هيڪڙائيءَ حقُ

ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو، سي ورسيا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com