برڪت جيهو
سنڌ جو لوڪ ادب عالمي لوڪ ادب جي تناظر ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- سنڌ جو لوڪ ادب ۽ عالمي
لوڪ ادب جو جائزو
سنڌ ويهين صديءَ ۾ هڪ گوهر ناياب ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ جي روپ ۾ پيدا ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جو جنم 16
ڊسمبر 1917ع تي ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ جعفر خان
لغاريءَ ۾ ٿيو. هيءُ ڳوٺ تعلقي سنجهوري ۾ آباد
آهي. ڊاڪٽر صاحب جي والد جو نالو علي محمد خان هو
۽ سندس ڏاڏي جو نالو عرض محمد خان هو.
ڊاڪٽر صاحب جا وڏا اصل ۾ ديري غازي خان واري پاسي
جا هئا. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران سرائڪي
علائقن مان جيڪا لڏپلاڻ ٿي، ڊاڪٽر صاحب جا وڏا به
ان لڏ پلاڻ جو حصو بڻيا. سندس تعلق لغاري خاندان
سان آهي. هن خاندان جي عزت ڪلهوڙا دؤر ۾ ته هئي،
پر ٽالپر دؤر ۾ پڻ سرس هئي.
ڊاڪٽر صاحب ابتدائي تعليم جا پهريان اکر ڀائي
وَسُومَل کان سکيا جيڪي اصل ۾ واڻڪا يا هٽڪا اکر
هئا. انهن واڻڪن يا هٽڪن اکرن پڙهڻ بعد ڊاڪٽر کي
اکرن سڃاڻڻ جي پروڙ پئي. اها ڳوٺ واري خانگي
پڙهائي اڻ هوند ۾ هوند برابر هئي.
سن 1924ع ۾ جڏهن ڳوٺ پليو خان لغاريءَ ۾ پرائمري
اسڪول کليو ته ڊاڪٽر صاحب کي سندس چاچي ولي محمد
خان اتي داخل ڪرايو، جتي سندس حقيقي نموني تعليم ۽
تربيت جي شروعات ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
چواڻي مطابق ته ”پرائمري اسڪول پليو خان لغاريءَ
جا استاد محترم سومر خان لغاري، محمد يوسف سومرو،
محمد قاسم ڀٽي، محمد عثمان خشڪ، قادر بخش جتوئي ۽
استاد محترم ڄيٺا نند حقيقي معنيٰ ۾ روشنيءَ جا
منارا هئا ۽ جن استادن جي زندگيءَ جو مقصد ئي
پڙهائڻ هو.“
ڊاڪٽر صاحب 1929ع ۾ سنڌ جي مشهور شهر نوشهري فيروز
مدرسي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ
داخل ٿيو، جتي هو بورڊنگ هائوس ۾ رهيو. انهن
بورڊنگ جي ڏينهن متعلق ڊاڪٽر صاحب جو چوڻ هو ته
”اتي تمام سٺا ڏينهن گذريا“ نوشهري فيروز مدرسي
هاءِ اسڪول جي جن استادن وٽ وزير تعليم رهيو انهن
۾ جناب عثمان
علي انصاري، مخدوم امير احمد، آخوند ڪريم بخش،
استاد گل محمد پٺاڻ ۽ مسٽر هڱوراڻي شامل هئا. جن
استادن جي تعليم ۽ تربيت جي طفيلي ڊاڪٽر صاحب جي
علمي ذوق ڏانهن رغبت وڌي.
ڊاڪٽر صاحب نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ ڀرپور
زندگيءَ واري تعليم، تربيت جيڪا راندين روندين سان
ڀرپور هئي گذاري، نوشهري مدرسي هاءِ اسڪول ۾ ڊاڪٽر
صاحب هڪ هوشيار ۽ ڏاهي شاگرد واري حيثيت ماڻي.
ڊاڪٽر صاحب 1936ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ
جو امتحان پاس ڪيو. گريجوئيشن لاءِ پهريان ڊي جي (D.J)
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ۽ پوءِ
بهاءُ الدين ڪاليج جهونا ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. 1941ع ۾
بي.اي، آنرس فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين ۽ ڪاليج ۾
پهريون نمبر آيو ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ ٽيون نمبر
آيو. وڌيڪ تعليم لاءِ مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه ۾
داخل ٿيو. جتي 1943ع ۾ علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان
ايم.اي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ۾ پاس ڪيائين.
ايل.ايل.بي به علي ڳڙهه مان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس
ڪيائين.
ڊاڪٽر صاحب عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ جو
مقالو لکي پورو ڪرڻ وارو هو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم
ڪاليج کليو جنهن لاءِ قابل استادن جي گهرج پيئي.
پير الاهي بخش صاحب جيڪو تنهن دؤر ۾ وزير هو، ان
جي زور ڀرڻ تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب پنهنجو
ڊاڪٽريٽ جو مقالو جنهن جو عنوان هو ”سنڌ تحت سطرة
العرب“ (سنڌ ۾ عرب حڪمراني) اڌ ۾ ڇڏي سنڌ مسلم
ڪاليج ۾ ڪجهه وقت لاءِ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا.
سنڌ مسلم ڪاليج ۾ هوندي ئي برٽش گورنمينٽ (British
Govt of India)
برٽش گورنمينٽ آف انڊيا مرڪزي اسڪالرشپ جو اعلان
ڪيو. ڊاڪٽر صاحب ان اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ فارم
ڀريو ۽ پوري هندستان مان آل انڊيا سطح تي اها
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو ۽ سرڪاري طور تي
ڪولمبيا يونيورسٽي (نيو يارڪ) ۾ سندس داخلا ٿي،
جتي کيس ريسرچ جو ڀرپور موقعو مليو.
ڊاڪٽر صاحب 16 آگسٽ 1946ع تي بمبئي مان تعليم جي
حصول لاءِ آمريڪا روانو ٿيو ۽ هن سفر ۾ ئي ڪتاب
”ٻيلاين جا ٻول“ جي تاليف جي شروعات ڪئي.
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي جيڪو موضوع
مليو، ان جو عنوان هو ”تعليمي نظام ۽ انتظام“
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ئي ڊاڪٽر صاحب ايم. ايڊ ۽
”ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن“ جون ڊگريون امتياز سان پاس
ڪيون. ڊاڪٽريٽ ڪرڻ دوران ڊاڪٽر صاحب کي تعليم ۽
تحقيق جو بهترين موقعو مليو. ڪولمبيا ۾ ڊاڪٽر صاحب
کي تعليم ۽ تربيت واسطي بهترين استاد مليا. جن
پروفيسرن جي رهبريءَ ۾ خاص نصابي ڪم ۽ ٿيسز مڪمل
ڪيائين. اهي هئا ڊاڪٽر ڪيئرسن جيڪو غير ملڪي
شاگردن جي رهبري ڪندو هو ۽ ڊاڪٽر صاحب سندس
رهنمائي ۽ شفقت کي ڪڏهن به حياتيءَ ۾ ڪونه وساريو.
ٻيو ڊاڪٽر ٽيوڪسبري هو جيڪو بين الاقوامي ثقافتن
جي ڪورسن جو معاون هو. ٽيون ڊاڪٽر ٿامپسن هو، جيڪو
ڪريڪيوليم ڪورسن ۾ ڊاڪٽر صاحب جي رهنمائي ڪندو هو
۽ هڪ ٻيو استاد مسٽر ڪائونٽس صاحب هو، جيڪو
عالماڻا ليڪچر ڏيندو هو.
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
تحقيقي مقالي جو موضوع هو.
(A Programe of Teacher Education for the New
State of Pakistan)
ڊاڪٽر صاحب جي هن تحقيقي مقالي (ٿيسز) جي تياريءَ
جا صلاحڪار هئا، ڊاڪٽر اي.ايس ايوينڊن ۽ ڊاڪٽر
ڪارل ڊبليو بِگلو (Dr.
Karl.W. Bigelow)
ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر آف ايڊيوڪيشن ۾
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي اقوام
متحده ۾ نوڪريءَ جي آڇ ٿي، پر پاڻ اها آڇ ٺڪرائي
1949ع ۾ سنڌ موٽيو.
ڊاڪٽر صاحب کي راڳ جو به گهڻو شوق هو. سندس ڳوٺائي
فقير الهڏنو هن فن ۾ سندس استاد هو. کيس سيپٽمبر
1950ع ۾ حڪومت پاڪستان انفارميشن براڊڪاسٽنگ ڊويزن
کاتي ۾ او.ايس.ڊي (O.S.D)
مقرر ڪيو. ان بعد مرڪزي پبلڪ سروس ڪميشن کيس ڪلاس
ون ۾ چونڊيو ۽ کيس وچ اوڀر مشرق ۾ تعلقات عامه جي
شعبي ۾ دمشق ۾ مقرر ڪيو ويو.
هڪ سال دمشق ۾ گذاري تعليم سان چاهه ۽ علامه آءِ
آءِ قاضي صاحب جي اسرار تي اهو مٿيون عهدو ڇڏي
استعيفا ڏيئي سيپٽمبر 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾
تعليم جي شعبي جو پهريان پروفيسر ٿيو ان بعد سنڌي
شعبي کولڻ لاءِ اعزازي پروفيسر ۽ سربراهه ٿيو.
سنڌي شعبي ۾ تحقيقي بنياد ۽ تحقيق سندس ڪوششن جو
نتيجو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڪوششن سبب ئي سنڌ
يونيورسٽيءَ ۾ ايم.اي فائينل (سنڌي) لاءِ مڪمل
ٿيسز (اصلي يا ترجمو) جو سلسلو هليو، ان جو اهو
ثمر سنڌ کي ان صورت ۾ مليو جو 1953ع کان 1961ع
تائين پنجاهه (50) ٿيسز لکيون ويون، جن مان 35،
مشهور انگريزي ڪتابن جا نوٽن ۽ حاشين سان ترجما
آهن ۽ 15، طبعزاد آهن.
ڊاڪٽر صاحب 1958ع تائين سنڌي شعبي جو سربراهه
رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبي جي علمي حيثيت
ڊاڪٽر صاحب جي علمي معيار سبب قائم ٿي. سنڌ
يونيورسٽي جي تعليم جو شعبو جيڪو پهريون هڪ
ڊپارٽمينٽ هو، سو پوءِ انسٽيٽيوٽ بڻيو. انسٽيٽيوٽ
۾ ڊاڪٽر صاحب پهريان پروفيسر ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر
رهيو. اهو عرصو 1951ع کان 1976ع تائين رهيو. ان وچ
۾ ڊاڪٽر صاحب ڊسمبر 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو
وائيس چانسلر مقرر ٿيو، جتي 1976ع تائين خدمتون
سرانجام ڏنائين. 1973ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي نيشنل ميرٽ
پروفيسر جو درجو مليو.
1976ع کان 1977ع تائين ڊاڪٽر صاحب
اسلام آباد ۾ وفاقي وزارت تعليم ۾ سيڪريٽري گريڊ ۾
ڪم ڪيو، ان عرصي ۾ ڊاڪٽر صاحب فيڊرل پي ڪميشن (FEDRAL
PAY COMMISION)
جو ميمبر رهيو. 1977ع کان 1979ع تائين وزارت
ثقافت، آثار قديمه، رانديون ۽ سياحت ۾ مقرر ٿيو.
ان وچ ۾ اپريل 1977ع کان جنوري 1979ع تائين وفاقي
رويو بورڊ (FEDRAL
REVIEW BOARD)
جو ميمبر رهيو. 1 جولاءِ کان 10 آڪٽوبر 1979ع
تائين قومي ڪميشن تحقيق، تاريخ ۽ ثقافت جو چيئرمن
رهيو جتان ڊاڪٽر صاحب 22 نومبر 1980ع تي اسلاميه
يونيورسٽي اسلام آباد جو باني وائيس چانسلر مقرر
ٿيو. هن عهدي تي 1983ع تائين رهيو. ڊاڪٽر صاحب
تاريخي ۽ ثقافتي تحقيق جي قومي ڪميشن جو چيئرمن به
انهيءَ وچ ۾ رهندو آيو.
1979ع کان 1982ع تائين ڪميشن جي نئين سر اڏاوت ۾
به ڊائريڪٽر رهيو. ڊاڪٽر صاحب 1983ع کان 1989ع
تائين نيشنل هجره ڪائونسل اسلام آباد جو ڊائريڪٽر
به رهيو ته مشير به. ڊاڪٽر صاحب 1991ع ۾ سنڌي
ٻوليءَ جي بااختيار اداري (سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ)
جو چيئرمن مقرر ٿيو، جتي 1993ع تائين خدمتون
سرانجام ڏنائين.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هو ته اتي
تعليم، درس ۽ تدريس جا شاندار نتيجا سنڌ کي مليا.
تحقيق ۽ لکڻ پڙهڻ جو سمورو دؤر ڊاڪٽر صاحب هڪ مُهم
جو شخص وانگر گذاريو جيڪو به ڪتاب يا رِٿا هٿ ۾
کنيائين ته اُن کي توڙ تائين نڀايائين.
ڊاڪٽر صاحب 1985ع ۾ هڪ علمي دؤري تي سعودي عرب،
ڪويت، شام، تيونس، الجزائر ۽ مراڪش کان پوءِ لنڊن
پهتو ته محنت ۽ سفر سبب سندس صحت خراب ٿي پئي. 10
مئي 1985ع تي سندس دل جو آپريشن ٿيو، جنهن ۾ پاڻ
صحتمند ٿي وطن وريو. ۽ ساڳي مشغلي تحقيق ۽ تاليف ۾
جُنبيل رهيو ويندي ساهه جي آخري پساهن يعني 6
اپريل 2011ع تائين. ڊاڪٽر صاحب جو وڇوڙو سنڌ لاءِ
ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو سنڌ جو جاکوڙي ۽ باعمل عالم جو
لاڏاڻو سنڌي علم ۽ ادب لاءِ ڪاپاري ڌڪ ثابت ٿيو.
سندس جسد خاڪيءَ کي علامه آءِ.آءِ قاضي صاحب جي
مزار جي پيرانديءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي وصيت مطابق
رکيو ويو. سندس اولاد ۾ 5 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب کي ڪيترائي اعزاز پڻ مليا ملڪي صدارتي
ايوارڊ، تمغه امتياز حسن ڪارڪردگي ”اعزاز ڪمال“
”ستاره امتياز“ ۽ ”هلال امتياز“ شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو علمي مرتبو ۽ تحقيق انهن ايوارڊن
کان تمام مٿاهين ۽ اعليٰ هئي.
هي جيڪو اسان مٿي بيان ڪري آياسين اهو ڊاڪٽر صاحب
جي زندگيءَ ۽ عمل جو مختصر نموني جو تعارف هو. پاڻ
ايڏا وڏا عالم، اسڪالر، اديب محقق ۽ داناء دانشور
هئا، جيڪي سنڌ صدين پڄاڻان مشڪل سان پئدا ڪندي.
پاڻ عالمي ليول جا اسڪالر ۽ محقق هئا.
بقول ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي ته ”ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ وانگر انهن
اسڪالرن مان آهي جن هڪ صدي عيسويءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو
۽ ٻي صديءَ ۾ پهتا. عام ڳڻپ ڪجي ته مرزا قليچ بيگ
80-1879ع کان لکڻ شروع ڪيو ۽ 1929ع تائين مصروف
عمل رهيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب اندازاً 1945ع کان لکڻ
شروع ڪيو ۽ 2011ع تائين لکندو رهيو.“
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ اهم ڪارنامو:
سنڌي لوڪ ادب جي وصف مقرر ڪرڻ:
سنڌي ٻهراڙيءَ وارو عوامي ادب جيڪو سنڌي ماڻهو
قديم زماني کان پنهنجي سينن ۾ سانڍيو آيا آهن ۽
اهو عوامي ادب اهي زمانن کان پنهنجن پوين ڏانهن
منتقل ڪندا آيا آهن. ان ادب تي ڊاڪٽر صاحب کان اڳ
سنڌ جي عالمن مان ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، جناب
عطا حسين شاهه موسوي ۽ ٻين ڪن عالمن سهيڙڻ جو ڪم
ڪيو آهي، پر اهي عالم به ان سنڌ جي سڀني ڀاڱن ۾
ٽڙيل، پکڙيل ۽ منتشر عوامي ادب کي ڪو خاص نالو ڏئي
نه سگهيا ۽ خود ڊاڪٽر صاحب به پنهنجي پهرين ڪتاب
”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ اهڙي شاعريءَ کي ”عام سنڌي
شاعري“ سڏيو آهي.
جڏهن ته دنيا ۾ اهڙي قسم جي شاعريءَ کي فوڪ لور (Folk
lore)
جو نالو ڏنل آهي جنهن متعلق خود ڊاڪٽر صاحب لکيو
آهي ته ”مغرب جي اڌ شهري ۽ نيم ڳوٺاڻي زندگي واري
سرجيل ادب کي بعينہ فوڪ لور (Folk
lore)
جو نالو ڏنل آهي.“ جڏهن ته سنڌي ماڻهو اڃا ڳوٺ ۾
رهي ٿو سنڌ جون ٻهراڙيون، زمانن جي پنڌ پڄاڻان به
ساڳيءَ حالت ۾ ساڳي هنڌ بيٺل آهن، جن جا ڪافي
سماجي ۽ سياسي سبب آهن، جڏهن ته دنيا جي سڌريل
ملڪن جي ٻهراڙيءَ ۽ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ زمين
آسمان جو فرق آهي ۽ ان فرق جي ئي ڪري اتان جي فوڪ
لور ۽ سنڌ جي لوڪ ادب ۾ به زمين آسمان جو فرق آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکيل مهاڳ، لوڪ ڪهاڻيون
(بادشاهن ۽ راڻين، شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون)
جو هي ٽڪرو پڙهڻ بعد اسان کي دنيا جي فوڪ لور ۽
سنڌ جي لوڪ ادب ۾ فرق سمجهه ۾ اچي ويندو. اچو ته
ڏسون ڊاڪٽر صاحب ان سلسلي ۾ ڪجهه هيئن اسان کي
سمجهائي ٿو.
”سنڌي ٻوليءَ جي علم ادب جون اهي جملي جنسون جيڪي
هن وقت تائين ٻهراڙيءَ جي عوام ۾ مقبول ۽ مروج
آهن، تن کي ”لوڪ ادب“ جو ذخيرو تسليم ڪيو ويو آهي.
انهيءَ ذخيري ۾ سنڌي ادب جون معياري جنسون پڻ شامل
آهن مثلاً مداحون، مولود، ٽيهه اکريون، ڪافيون،
وغيره: مگر اهي هن وقت تائين ٻهراڙيءَ ۾ عام مقبول
۽ مشهور آهن. انهيءَ ڪري انهن کي پڻ ”لوڪ ادب“ جي
دائري ۾ شمار ڪيو ويو آهي. انهيءَ لحاظ سان هن
تجويز هيٺ گڏ ڪيل ”لوڪ ادب“ کي بعينہ فوڪ لور
Folk lore
جي مغربي مفهوم سان تعبير ڪرڻ صحيح نه ٿيندو. اسان
جي ملڪ ۾ شهري زندگي اڃا وسعت يا خاص نوعيت اختيار
نه ڪئي آهي جو اها خواص جي زندگيءَ ۽ تمدن جا يا
”معياري ادب“ جو سرچشمو بڻجي. سنڌي زندگيءَ جو
مرڪزي دائرو اڃا تائين ڳوٺ آهي ۽ انهيءَ ڪري سنڌي
ادب جو وڏو ذخيرو اهوئي آهي جو عوام جي زندگيءَ جو
آئينو آهي انهيءَ ڪري هن مرحلي تي سنڌي ٻوليءَ جي
”لوڪ ادب“ ۽ ”معياري ادب“ جي وچ ۾ حد فاصل قائم
ڪري نٿي سگهجي.“
”سنڌي لوڪ ادب“ رٿا کان اڳ ڊاڪٽر بلوچ صاحب لسٻيلي
طرف جي سپورنجن جي ذخيري کي ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب
لکي چڪو هو، جيڪو ڪتاب ڊاڪٽر صاحب لسٻيلي جي سگهڙ
عوامي شاعرن ۽ ڄاڻون سپورنجن سان ملڻ بعد لسٻيلي
جي سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن جي جوڙيل ڪلام سميت لوڪ
ادب جي ڌار ڌار صنفن کي ڌار ڌار عنوانن مطابق گڏ
ڪيو ۽ ان سموري مواد تي هڪ عالماڻو ۽ تحقيقي،
تنقيدي، تبصرو ڪيو آهي ۽ ان تي هڪ يادگار مقدمو به
لکيو آهي جنهنڪري لسٻيلي ۾ رهندڙ لوڪ ادب جا سنڌي
شاعر، سنڌ ۾ پهريون دفعو متعارف ٿيا ۽ اهڙيءَ طرح
”ٻيلاين جا ٻول“ نالي ڪتاب تيار ٿيو ۽ ان ڪتاب ۾
ڊاڪٽر صاحب جو مهاڳ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾
علمي خزاني کان گهٽ نه آهي، اهو مهاڳ پڙهڻ سان
ڊاڪٽر صاحب جي سخن شناسي، بياني قوت ۽ اسلوب جي
طاقت کي وساري نٿو سگهجي ڇو جو ان ڪتاب ۾ آيل
سگهڙن جي انهيءَ سرمائي کي سڀ کان پهريان نالو
”عام سنڌي شاعري“ جو ڏنو ۽ اهو ابتدائي نالو ڄڻ ته
بعد واري مقبول نالي ”لوڪ ادب“ جو ارتقائي ڏاڪو هو
ان سلسلي ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جو مقدمو جيڪو پاڻ
”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ لکيو ان جا ڪجهه ٽڪرا پڙهندڙن
جي علم ۾ آڻيون ته لوڪ ادب جي مقرر ڪيل بلوچ صاحب
طرفان وصف اسان اڳيان نه صرف ظاهر ٿيندي، پر ان
وصف جا بنيادي مرحلا ۽ ارتقائي ڏاڪا پڻ سمجهه ۾
اچي ويندا اچو ته ڪجهه ٽڪرا ان مقدمي جا هيٺ
پڙهون.
”سنڌ جي دهڪاني شاعري يا نج سنڌي شاعري خاص طرح
سنڌين جي حيات جو آئينو آهي جنهن ۾ اک وجهڻ سان
اهل سنڌ جي رهڻي ڪهڻي جي اصليت پنهنجي سڄي جوڀن،
جنسار، رنگ، روپ، خيال و حظ خوبين توڙي خامين سميت
سربستي نظر اچي ٿي. (مقدمو ٻيلاين جا ٻول)
ٻيلاين جا ٻول ڪتاب ۾ مقرر ڪيل ”عوامي شاعري“ جي
وصف مقدمي ۾ ڊاڪٽر صاحب جيڪا مقرر ڪئي آهي تنهن جو
بيان هن طرح ڪري ٿو.
”سنڌ جي نج عوامي شاعري هڪ اعليٰ ۽ عجيب فن آهي.
جنهن کي قابل استادن سموهي سينگاري، هڪ مستقل علم
يا سائنس جي درجي تي پهچايو آهي. هن فن جون گونا
گون شاخون آهن، سٽاءَ جي لحاظ کان ڳاهه، بيت ۽
ڪافي ٽي مکيه قسم آهن ۽ معنوي لحاظ کان ڏِٺ، معما،
هنر، ڏور، مولود ۽ سينگار مڙيئي هن فن جا مظهر آهن
وري هن کي پکيڙڻ ۽ پڌري ڪرڻ لاءِ به سمجهه وارن جو
هڪ خاص نظام آهي. هڪڙا شاعر جي اڻ سُهپون ۽ اڻ
ڏٺيون ڳالهيون پنهنجن شعرن ذريعي نروار ڪن. ٻيا
سگهڙ يا انهن جا راوي جي شاعرن جي گفتن ۽ بيتن کي
ياد ڪري ٻين تائين پهچائين. سڻڻ ٻڌڻ وارن مان هڪڙا
”سالڪ“ جي ڳالهه جو سُر صحي ڪن ۽ گفتن جي معنيٰ ۽
مراد ڪڍن: ٻيا ”سمجهو“ جي ٻڌي سمجهي واهه واهه ڪن
۽ ٽيان ”نالي ماڻهو“ جي سڻن، پر سمجهن ڪين. اهڙن
اڻ ڄاڻن کي عام شاعرن جانورن برابر ڪيو آهي ته
”رڍن اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا.“
ان مان معلوم ٿئي ٿو ته لوڪ ادب جي وصف ۽ سگهڙن،
شاعرن، سالڪن جي ڪلاس بندي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
صاحب کان اڳ ڪنهن به محقق مقرر ڪونه ڪئي هئي، پر
اها وصف مقرر ڪرڻ ئي نه، پر ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب جي
شاعرن ۽ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي ڪلاس بندي
به ڪئي ۽ لوڪ ادب واري ذخيري ۾ ڪم آندل ٻوليءَ جي
خوبين بابت معلومات ۽ علمي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي آهي.
لوڪ ادب جي صنف ۾ آيل ٻوليءَ جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب
لکي ٿو ته:
”عام شاعري لغت جي اڻ کٽ کاڻ آهي. عام جو شاعر سر
زمين سنڌ جي هر خطي ۽ هر ماحول جو نيپاج آهي، هو
عام فهم زبان جي اصطلاحن جي علاوه، پنهنجي تر ۽
جوءِ جي خاص لفظن ۽ محاورن جو به ماهر آهي، جن کي
هو پنهنجي شعر ۾ فطري طور، ان جي اصلي ۽ حقيقي
خواهه اصطلاحي معنيٰ ۾ استعمال ڪري ٿو. اهڙي طرح
هر ماحول ۽ هر ڀاڱي جي شاعرن پنهنجي ٻوليءَ کي شعر
جي ماٽيءَ ۾ ولوڙيو ۽ ڪيترن ئي نون ۽ انوکن لفظن
کي مکڻ جي ڦٽين مثال پنهنجي کٽي مٺي جهڻ گاڏيون،
پارکن جي آڏو پيش ڪيو آهي، جيڪڏهن ملڪ جي هر ونهين
ولوڙيندڙ شاعر وٽان، انهي مهيءَ ۽ جَهڻ جي ورڇ
وٺجي ته هوند سنڌي زبان سائي سرهي ۽ سڻڀي ٿي پوي.
(مقدمو ٻيلاين جا ٻول)
عوامي شاعرن متعلق ساڳي ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ جي
مقدمي ۾ لکي ٿو ته: ”عام جا شاعر، اصلي ۽ نج سنڌي
ٻوليءَ جا ابا آهن. هنن جي اردگرد، روزمرهه جي
گفتگوءَ ۾ لفظن جي وڍ ٽڪ ۽ اصطلاحن جي فطري ڀڃ
گهڙ لڳي پئي آهي. نوان محاورا ۽ الفاظ برجسته
زبانن مان نڪري، عام ڪچهرين ۾ پچي، پختا ٿي پيا
ٿي، پيا رواج ۾ اچن، ٻوليءَ جو اصلي لفظن جو ذخيرو
به نج ٻهراڙين ۾، جن کي شهري هوا اڃا گندو ڪونه
ڪيو آهي، محفوظ ۽ سلامت آهي ۽ وڏڙن جي صدري دفتر ۾
سمايل آهي ۽ پشت به پشت موروثي طور هلندو اچي هر
ڪنهن فن ۽ ڌنڌي جي اطوارن، اوزارن، محاورن ۽
معنائن جا نج سنڌي نالا اصلي سنڌي ڪاريگرن وٽ
محفوظ ۽ مروج آهن. لوهارن، واڍن، ڪورين، ڪنڀارن ۽
ملاحن وٽ انهن فني نالن جون فهرستون موجود آهن.
انهن ٿورڙن مثالن مان پڙهندڙ پاڻ محسوس ڪندو ته
سنڌي لوڪ ادب ڇا آهي؟ ۽ ڊاڪٽر صاحب ان لوڪ ادب جي
تشريح ڪهڙي نه صحيح ۽ چٽي نموني ڪئي آهي ۽ ڊاڪٽر
صاحب جيڪا عوامي ادب جي وصف ۽ سڃاڻ ”لوڪ ادب“ جي
سڀاويڪ نالي طور ڪئي آهي اها وصف ڏاڍي مقبول ٿي
جنهن کي نه صرف پاڪستان ۾ ساراهيو ويو، پر دنيا ۾
به ان کي مڃتا ملي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو پهريون محقق
آهي جنهن سنڌي لوڪ ادب جي وصف ۽ ڪي اصول مقرر ڪيا
جيڪي اڳتي بلوچ صاحب جي ڪوششن سبب وڌيا ۽ ترقي
ماڻيائون.
لوڪ ادب رٿا، بلوچ صاحب جو ٿيل ڪم ۽ ڇپيل ڪتاب:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سنڌ ۾ پکڙيل لوڪ ادب
جيڪو منتشر حالت ۾ هو ان کي نه رڳو سوڌيو ۽
سموهيو، پر ان ذخيري کي هڪ رٿابنديءَ تحت محفوظ پڻ
ڪيو جيڪو سنڌ لاءِ فخر جي لائق آهي. هونئن به
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو سمورو ڪم پوءِ اهو
سنڌي ٻوليءَ تي هجي، سنڌي ادب، سنڌي لغت، سنڌي
لکت، تاريخ، موسيقي يا لطيفيات تي هجي اهو سمورو
ڪم هڪ رٿا تحت ڪيو. ان سبب ئي ڊاڪٽر صاحب کي
يونيسڪو جهڙي مانواري اداري خاص ڪميٽيءَ ۾ ميمبر
طور کنيو.
آخر اها “لوڪ ادب” رٿا آهي ڇا؟
اچو ته ڊاڪٽر صاحب جي لکت موجب ان رٿا کي سمجهون.
لوڪ ڪهاڻيون-7 ڳاهن سان ڳالهيون جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر
صاحب لکيو آهي ته ”سنڌ جي لوڪ ادب“ کي سهيڙڻ لاءِ
هڪ تفصيلي تجويز سنه 1955ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي
سامهون رکي وئي، جا 1956ع جي آخر ڌاري بورڊ بحال
ڪئي، ۽ ان جي عملي نگراني ۽ تڪميل بنده جي حوالي
ڪئي.
ان تجويز مطابق جنوري 1957ع کان لوڪ ادب سهيڙڻ جو
ڪم شروع ڪيو ويو: انهيءَ سلسلي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن
مقرر ڪيا ويا ته ڏنل هدايتن موجب ٻهراڙيءَ مان
مواد گڏ ڪري موڪلين. سنڌ يونيورسٽي ۾ ”سنڌي لغت
آفيس سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪئي وئي ۽
ڪارڪن مقرر ڪيا ويا ته مقامي طور گڏ ڪيل، توڙي
ٻاهران آيل مواد کي هدايتن موجب ورڇي ورهائي، ڀيٽي
صاف ڪري ڇپائڻ لائق بڻائين. پهريان ٻه سال 1957ع ۽
1958ع لوڪ ادب جي مواد سهيڙڻ ۾ صرف ٿيا. انهيءَ
عرصي ۾ تعلقيوار ڪارڪنن، ڳوٺن مان گهربل ڳالهيون
هٿ ڪيون: مرڪزي آفيس جي عملي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان
ضروري مواد اتاريو: ۽ بنده ڪوشش ڪري سنڌ جي هر
ڀاڱي جو گشت ڪري، سڄاڻ سگهڙن سان ڪچهريون ڪيون، ۽
عام سنڌي ادب جي هر پهلوءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص
ذخيري کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ سعيي ۽
همت، بلڪ جذبي ۽ محبت سان قدري ايترو مواد گڏ ٿيو،
۽ ٿي رهيو آهي، جو ان جي آڌار تي، عام سنڌي ادب جي
هر ڀاڱي بابت، نموني طور هڪ ڪتاب مرتب ڪري سگهجي
ٿو.“
لوڪ ادب اسڪيم ۾ ڊاڪٽر صاحب سان جيڪي ساٿي ساٿ ۾
هئا انهن ۾ جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو، محمد اسماعيل شيخ، سردار علي
شاهه ۽ رشيد احمد لاشاري صاحب سرفهرست هئا.
ڊاڪٽر صاحب ۽ سندس ساٿين جي ساٿ سان جيڪي ڪتاب
ڇپيا انهن ۾ ”مداحون ۽ مناجاتون“
1959ع پهريون ڪتاب هو. بعد ۾ ”مناقبا“ 1960ع،
”معجزا“ 1960ع، ”مولود“ 1961ع، ”ٽيهه اکريون ڀاڱون
پهريون“ 1960ع، ٽيهه اکريون ڀاڱون ٻيو“ 1961ع،
”هفتا ڏينهن راتيون ۽ مهينا“ 1961ع، ”مناظرا“
1961ع ۽ ”واقعاتي بيت“ 1961ع. اهي جملي نو (9)
ضخيم جلد ڇپجي سنڌ وارن جي هٿن ۾ پهتا ۽ سڄي سنڌ ۾
واهه واهه ٿي وئي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ هيڏو سارو ڪم حاسدن جو ڏٺو ته اهي
ڊاڪٽر صاحب تي ڏمريا انهن حاسدن ۾ پنهنجا به هئا
ته پراوا به، غير سنڌي پريس به انهن سان شامل هئي.
انهن سڀني گڏجي ڊاڪٽر صاحب مٿان نامناسب ۽ تعصب
ڀريا هُل هُلايا. ڳالهه ايستائين پهتي جو ڊاڪٽر
صاحب کي ڪورٽ تائين ڇڪيو ويو، جنهن سبب ”لوڪ ادب“
اسڪيم رولڙي جو شڪار رهي. ياد رهي ته هن سموري ڦڏي
جو ڪارڻ بڻيو لوڪ ادب رٿا جو ڪتاب ”مناظرا“. ڪورٽ
۾ شاهديون پوريون ڪونه بيٺيون ۽ ڊاڪٽر صاحب سوڀارو
ٿيو. ”مناظرا“
ڪتاب تي به بندش ڪانه پئي، ها البته ان ڦڏي سبب
لوڪ ادب اسڪيم رنڊڪ جو شڪار رهي، پر پوءِ ڊاڪٽر
صاحب جي ڏاهپ ۽ سچائي سبب رڪيل اسڪيم ٻيهر شروع ٿي
۽ ساڳيو سلسلو جڙيو ۽ 36 سالن جي وڏي محنت ۽
جفاڪشيءَ بعد سنڌي ادبي بورڊ لوڪ ادب تي 42 جلد
مختلف صنفن جي مد ۾ ڇاپي ظاهر ڪيا جن ۾ جنگناما،
واقعاتي بيت، سنڌي سينگار، پروليون ڏٺون معمائون ۽
ٻول، ڳجهارتون، ڏور، ڳيچ 2 جلد، لوڪ گيت، بيت، نڙ
جا بيت، قافيون 3 جلد، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون ست جلد،
سنڌي قصا رزميه داستان دودو چنيسر 2 جلد، موکي
متارا، سهڻي ميهار، ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي
پنهون، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ ۽ هير رانجهو،
عمر مارئي، ڍول مارو، مورڙو ۽ مانگر مڇ، ٻاهريان
قصا ۽ عشقيه داستان، رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ، سنڌي
هنر شاعري.
اهي جملي 42 ڪتاب جيڪي لوڪ ادب رٿا تحت آهن. ان
کان لاوه سندن ذاتي تاليف ٿيل ٽي 3 ڪتاب ”لوڪ ادب“
تي آهن. (1) ”ٻيلاين جا ٻول“ 1951ع جيڪو سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد ڇپايو، (2) لاکو ڦلاڻي (3)
هرگنيو جنهن جو مؤلف آخوند عبدالرحيم هو جيڪو ڪتاب
ٻولي اٿارٽيءَ ڇپايو.
لوڪ ادب تي سنڌي ادبي بورڊ واري اسڪيم کان علاوه
به ڪافي ڪم ڊاڪٽر صاحب جو متفرقه موضوعن تي ٿيل
آهي. جنهن جو تاڃي پيٽو ساڳيو ”لوڪ ادب“ وارو ئي
آهي جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب اچي وڃن ٿا.
(1) سڀ رنگ 1968ع مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد.
(2) سنڌ جي مڇي (مٺي جي مڇيءَ جو مطالعو 1993ع
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد).
(3) سنڌ جي مڇي (کاري جي مڇيءَ جو مطالعو 1995ع
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
(3) اسان جو ڳوٺ جعفر خان لغاري 1999ع خليل ڪتاب
گهر خيرپورميرس.
ان کان علاوه هيرن جي کاڻ يعني ”رهاڻ هيرن کاڻ“
جا 10 جلد جيڪي مختلف پبلشرن ڇپايا، جيڪي ڪتاب
ڊاڪٽر صاحب جي 50 سالن جي سنڌ جي سگهڙن ۽ سپورنجن
سان ڪچهرين جا احوال آهن، جن ۾ سنڌ جي سماج، سنڌي
آسمان، سنڌ جي رسمن، سنڌ جي ذاتين، قبيلن، ظرافت
وغيره جا احوال آهن. انهن رهاڻين ۾ ڊاڪٽر صاحب جتي
جتي سنڌ ۾ ويو جن جن سگهڙن سان مليو انهن جا احوال
ڏنا اٿس، مال وندن جا احوال، نسب ناما سنڌ جي چڱن
مڙسن جا احوال هنن هيرن کاڻين ۾ ڊاڪٽر صاحب بيان
ڪيا آهن.
عالمي سهيڙيل فوڪ لور
Folk lore
دنيا ۾ سهيڙيل ”لوڪ ادب“ جو مختصر جائزو:
آءٌ دنيا ۾ ٿيل قدمي ۽ جديد تهذيبن جو مختصر جائزو
پيش ڪيان ٿو. ان ۾ منهنجا ٻه مقصد آهن هڪ ته
پڙهندڙ دنيا جي لوڪ ادب
(Folk
lore)
مان واقفيت حاصل ڪري ۽ منهنجو لوڪ ادب تي ٿيل ڪم
جو ۽ دنيا ۾ ٿيل
Folk lore
جي ڪم، يعني ٻنهي جو پاڻ ۾ موازنو ڪن ۽ نتيجي تي،
بيهن ته بلوچ صاحب جو ٿيل ڪم وڌيڪ يا دنيا جي
سڌريل ۽ وڌيل ملڪن جي ٻولين ۾ ٿيل ڪم
هن مختصر جائزي ۾ قديم مصر
Egypt،
قديم عراق
Iraq،
قديم هندستان، چين، يونان، عرب، فارس ۽ انگريز
دنيا جي ٻولين ۾ ٿيل لوڪ ادب جو وچور ڏينداسين.
اچو ته ڏسون ته دنيا ۾ لوڪ ادب تي ڪهڙي عالم ڪهڙي
نموني جو ڪم ڪيو آهي.
قديم آثارن جي ماهرن کي قديم مصر
Egypt
جي لکيتن مان جيڪي عبارتون مليون آهن اهي ماهرن کي
”لوڪ داستان“ ۽ نيم تاريخي انداز ۾ مليون آهن انهن
لکيتن کي ”ديوي ام هوتپ“ ڏانهن منسوب ٿيل پڙهيو
ويو آهي.
قديم عراق جنهن کي ميسوپوٽاميا جي نالي سان سڏيو
ويندو هو اتي قديم آثارن جي ماهرن کي مٽيءَ جي وڏن
بلاڪن جا ڊگها داستان اُڪريل مليا آهن، جيڪي
برطانيه جي لکت جي ماهرن پڙهي اها راءِ جوڙي آهي
ته اڄوڪي قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن واري انداز وارا
آهن. انهن لکيتن مان ”گلي گاميش“ جو داستان مليو
آهي، جيڪو ماهرن جي چوڻ مطابق قديم تهذيبن ۾ اڄ
ڏينهن تائين لڌل داستانن مان تمام ڊگهي ۾ ڊگهو آهي
۽ آثار قديم وارن ان داستان جوڙيندڙ جو به پڙهيو
آهي، جنهن جو نالو ”ايرڪ“ هو ۽ اهو قصو هوبهو
بائيبل واري آدم جي قصي جهڙو آهي جنهن ۾ نوح جي
ٻوڏ جو به ذڪر آهي.
بائيبل ۾ آيل ڪهاڻين ۽ داستانن متعلق اولهه جي
مذهبيات تي لکندڙ مائي ”ڪيرن آرم اسٽرانگ“ جو چوڻ
آهي ته ”اهي قصا ۽ ڪهاڻيون بني اسرائيل جي بزرگ
ڌنارن جون ڳالهيون آهن جن صدين جي سفر پڄاڻا
هُلاءُ ڪري مذهب جو روپ ڌاريو.“
محترمه ڪيرن آرم اسٽرانگ ايترو به چئي ٿي ته بني
اسرائيلن آدم جو قصو عراقين جي قصي ”گليگاميش“ تان
ورتو آهي جڏهن انهن جا پيغمبر عراق ۾ پهتا هئا ته
اهڙو قصو ٻُڌو هئائون.
قديم يونان ۾ لکيت جو رواج تمام پراڻو آهي خاص
ڪري، تاريخ، آرٽ، ڊرامن ۽ داستانن جي لکيت جو رواج
قبل مسيح کان اٺ سؤ سال پراڻو آهي ”هومر“ نيم
تاريخي داستان ”ايلڊ“ ۽ ”اوڊيسي“
لکيو جيڪو لوڪ ادب جي ئي دائري ۾ اچي ٿو. هومر
ٻنهي قصن ۾ اڌ سچيون ۽ اڌ ڪوڙيون گاڏڙ نيم تاريخي
حقيقتون ۽ فڪشن گڏائي لکيو آهي. ايسپ به يونان ۾
قصا ڪهاڻيون جوڙيندڙ ٿي گذريو آهي ۽ مسيح کان اڳ
جو آهي. جاپان ۾ لوڪ ادب تي پڻ ڪافي ڪم ٿيل آهي.
جاپاني فوڪ لور
Folk lore
تي مسٽر اوباقي، مسٽر بيڪ چوچن، مسٽر يوڪائي، مسٽر
ڪاراڪاسا ۽ مسٽر ستو موگامي وغيره ڪم ڪيو آهي.
ياد رهي ته انهن جاپاني عالمن جا ٻن يا ٽن کان
وڌيڪ ڪتاب فوڪ لور
Folk Lore
تي ڪونه آهن.
روسي لوڪ گيتن ۾ ”ڪڙمين جا گيت“ مشهور آهن. روايت
اها آهي ته روس ۾ لڻيل فصل جي آخري گَڏي کي کڻي
روسي عورتون رومال ۽ چادر پارائينديون هيون، پوءِ
عورتون هڪ ٻئي جا هٿ جهلي ان گَڏي جي چوڌاري ڦيرا
پائينديون هيون ۽ هي گيت ڳائينديون هيون.
اڄ آهي لابارو
اسان جي ٻنين ۾
ٿورائتا آهيون رب جا
هڪڙي ٻني لبي وئي
هاڻي ٻيءَ جي ٿي واهر
ٿورو آهي رب جو.
روس ۾ انقلاب کان اڳ
Folk lore
تي مسٽر سوڪولو، ايم جي فراهن
M.J. Frahan
۽ پشڪن ڪافي ڪم ڪيو، پر بعد ۾ 1928ع ۾ اسٽالن لوڪ
ادب
Folk lore
کي ختم ڪرڻ لاءِ پنج ساله منصوبو جوڙيو جنهن ۾
اسٽالن حڪمنامو جاري ڪيو ته روس ۾ لوڪ ادب تي ڪم
نه ڪيو وڃي. سبب اهو ڄاڻايو ويو ته اهي قصا
ڪهاڻيون انساني شعور کي پوئتي ڌڪين ٿيون تنهنڪري
روس ۾ لوڪ ادب تي پابندي مڙهي وئي.
پولينڊ جو لوڪ ادب به دنيا جي ٻولين ۾ نهايت آسودو
ڳڻيو ويندو آهي ڇو جو پولينڊ جون ٻهراڙيون اڄ به
پنهنجي فطري حسن ۽ قدرتي ڍنڍن ڍورن سبب حقيقي
ٻهراڙين وارو ڏيک ڏيندڙ آهن منهنجي دوست انجنيئر
جاويد احمد ڀٽو پولينڊ جي فوڪ لور
Folk lore
کي ڪِلِڪ ڪيو ته شروعات هن عنوان سان ٿيل هئي
POLISH LEGENDS, FOLK LORE MYTH AND STORIES
ان عنوان تحت جيڪو لکيل هو سو سنڌيءَ ۾ ڪجهه هيئن
بيهي ٿو. ”هر قوم جيان پولينڊ وارن کي پڻ پنهنجيون
روايتون آهن، اهي روايتون ڏند ڪٿائون ۽ افسانا
پولينڊ جي معاشري جو اڻ ٽٽ حصو آهن. اهي روايتون
پولينڊ جي قومي ورثي جو هڪ اهم حصو آهن. اهي
افسانا پهريان زباني ۽ بعد ۾ لکت جي صورت ۾ هڪ نسل
کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪيو ويون آهن. انهن مان
ڪيترائي افسانا هزارن سالن کان وٺي ارد گرد پئي
موجود رهيا آهن. اهي افسانا ۽ ڏند ڪٿائون پولينڊ
جي قومي علامتن جهنڊي، انهن جي اوائلي حڪومت ۽
پهرين بادشاهه ”ڪراڪو ازدها“ ۽ انهن مان ٻيا ڪيترا
افسانا حقيقي طور وجود ۾ آيا آهن.“
پولينڊ جي لوڪ ادب تي مسٽر جان بليڪنگ، انا چيڪا
نوسڪا ۽ مسٽر ريمنڊ برٽن ڪم ڪيو آهي پولينڊ جو لوڪ
ادب چند ڪتابن تائين محدود آهي.
اٽليءَ جي لوڪ ادب ٽي مسٽر ڊميٽريءَ ڪم ڪيو آهي.
انگلستان جو لوڪ ادب پڻ چڱو شاهوڪار آهي. انگلش
فوڪ لور تي مسٽر ڪئڪسٽن، مسٽر جان گي (John
Gay)
مسٽر اوگلي، مسٽر ڪروڪسال، مسٽر ٿامس جيمس، مسٽر
سي هئلن، مسٽر هئسنرت، ڪارپس ۽ مسٽر جئمبري شامل
آهن پر انهن سڀني عالمن جا لوڪ ادب تي هڪ کان وڌ ۾
وڌ چئن ڪتابن تائين سهيڙ ٿيل آهي. جرمن فوڪ لور تي
به ڪافي سارو ڪم ٿيل آهي. جن عالمن جرمنيءَ ۾ لوڪ
ادب تي ڪم ڪيو تن مان مسٽر ايفريم ليسنگ ۽ مسٽر
جيڪب گرم مشهور آهن، مسٽر جيڪب گرم صاحب جرمنيءَ
جي لوڪ ادب جي شانائتي نموني سهيڙ ڪئي. جنهن سهيڙ
۾ ساڻس گڏ سندس ڀاءُ وليم گرم صاحب به گڏ هو. هنن
ٻنهي گڏجي 1816 کان 1818 تائين جرمن جنگي شاعري (Epic)
کي ڪٺو ڪيو جيڪڏهن جرمنيءَ جو سمورو فوڪ لور گڏ
ڪجي ته به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سهيڙ ڪيل
دودو چنيسر جي ٻن جلدن کان گهٽ بيهندو.
جرمنيءَ ۾ ارڙهين صديءَ کان اڳ واري اڻ لکيل ۽
سيني به سيني سفر ڪندڙ لوڪ ادبي روايتن ڪهاڻين،
گيتن ۽ ڏند ڪٿائن ۽ ٻاراڻين ڪهاڻين تي ٻنهي ڀائرن
ڪم ڪيو انهن کي سهيڙيو. هنن ٻنهي ڀائرن کي جرمن
لوڪ ادب جو وڏو ذخيرو هٿ لڳو جيڪو هنن ڇپايو آهي.
ياد رهي ته اهو ساڳيو ئي جناب جيڪب گرم صاحب آهي
جنهن هندستان جي آڳاٽي پراڪرت
(Proto
Prakart)
ٻوليءَ جو گرامر جوڙايو هو.
هن صاحب هندستان ۽ ان جي ڀرپاسي جي ملڪن جي سماجن
۽ ساهت جي اثر کي پرکي اهو نظريو ڏنو هو ته ”اساسي
(ڪلاسيڪي، لوڪ ادب تي پوري دنيا جي ڪلاسيڪل ادب جو
اثر آهي ۽ اهو ئي ادب معياري ادب کي بنياد فراهم
ڪري ٿو.“
فرانسيسي لوڪ ادب تي مسٽر جان ڊي لافنٽين ڪم ڪيو
آهي. ان کان علاوه جناب مسٽر تورولد جو مرتبو
فرانسيسي فوڪ لور سهيڙيندڙن ۾ مٿانهون آهي.
فرانسيسي لوڪ ادب ۾ آيل آهي ته ”جڏهن پهرين زمين
جي تخليق پئي ٿي ته خدا فرانس کي پهريان ٺاهيو ۽
بعد ۾ فرانسيسي ماڻهوءَ کي“ فرانسي لوڪ ادب ۾ جيڪي
به خيال آيل آهن تن کي سموري اولهه اکين ۾ جاءِ
ڏني آهي. فرانسيسي لوڪ ادب تي 8 کان 10 ڪتاب ڇپايل
آهن.
فرانس ۾ فرانسيسي لوڪ گيت ڏاڍا مقبول آهن جن کي
فرانسيسي ٻوليءَ ۾ ”رولان جا گيت“ سڏيو ويندو آهي
اهي گيت اڳ ۾ ته سيني به سيني هلندڙ هئا، پر انهن
کي مسٽر تورولد صاحب سن 1120ع کان 1125ع تائين
مرتب ڪيو. هي گيت ”شارليمان“ ۽ ان جي ٻارهن 12
درٻارين ۽ سردارن جي ڪارنامن تي لکيل آهن. انهن ۾
بعد ۾ واڌارا ٿيندا آيا. انهن گيتن کي عوامي گويا
(منگتا) مختلف اميرن جي محلن، عبادت گاهن ۾ انڪري
ڳائيندا هئا جو انهن ۾ فرانس جي عام انسانن جي
روزمرهه جي زندگيءَ جو بيان هو، انهن گيتن ۽ نظمن
جا موضوع نيم تاريخي واقعا، عام قصا، ڪهاڻيون،
عوامي زندگي ۽ انهن جي حقيقت آهي.
لاطيني لوڪ ادب کي مسٽر جوونال (Juvenal)
مرتب ڪيو جيڪي ڪل ٻن ٽن ڪتابن کان وڌيڪ نه آهن.
دينمارڪ جي فوڪ لور
Folk lore
تي مسٽر جي.ايل راسموسين
(J.L Rasmussen)
جو ڪم ٿيل آهي.
اسپين ۾ لورڪان جي لکيتن مان فوڪ لور جي خوشبو
ڦهليل آهي. لورڪان اسپين جي خانه بدوش قبيلن مان
هو.
ترڪماني لوڪ ادب کي جناب احمد ذڪي وليديءَ سهيڙيو.
بلغ جي لوڪ ادب تي ابوزيد احمد بن سهل بلخيءَ جو
هڪ اڌ ڪتاب آهي.
دنيا ۾ عربي زبان فصاحت ۽ بلاغت کان مشهور آهي.
عربي لوڪ ادب دنيا جي لوڪ ادبن ۾ شاهوڪار ڳڻيو
ويندو آهي. الف ليل وليلة داستان سموريءَ دنيا جي
ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي. انگريزي زبان ۾ مسٽر فرانس
رچرڊ برٽن الف ليلا جي داستانن جو 14 واليومن ۾
عربيءَ مان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. عربي لوڪ ادب تي
علي بن صالح جو ڪافي ڪم ٿيل آهي.
پر جيڪڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب ۽ عربي لوڪ ادب جي پاڻ
۾ ڀيٽ ڪجي ته سنڌي لوڪ ادب جي ڀيٽ ۾ عربي لوڪ ادب
هڪ چوٿائي وڃي بيهندو.
تاريخ طِبريءَ جي صفحي 123 تي حضرت عليؑ جي حوالي
سان هڪ روايت درج ٿيل آهي ته جڏهن قابيل هابيل کي
قتل ڪيو هو ته حضرت آدمؑ هيءَ شاعري ڪئي هئي.
شهر ۽ ان جي رهڻ وارا تبديل ٿي ويا زمين تان مٽيءَ
جو طوفان اٿيو زمين بي حقيقت ٿي وئي
هر ذائقي واري شيءِ بي ذائقي
۽ هر رنگ واري شيءِ بي رنگ ٿي
حسن جي تازگي جهَڪي ٿي وئي.
آمريڪا ۾ سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ وارن، ريڊ انڊين جي
لوڪ ادب تي ڪم ڪيو آهي ۽ سموري ريڊ انڊين جي فوڪ
لور
Folk lore
تي ڪُل ڏهه ڪتاب ڇپايل آهن. آمريڪا ۾ لوڪ ادب تي
مسٽر جان اوويسٽ
John. O West
اسٽٿ ٿامپسن
Stith Thompson،
مسٽر
Joshua B Lippincott،
مسٽر
Alfanz Gritz
۽
Alamson Buck
وغيره ڪم ڪيو.
ميڪسيڪو جي لوڪ ادب تي
Mr. Gonzalez
۽ مسٽر
William Handerson
وغيره ڪم ڪيو.
اسپيني لوڪ ادب تي
Mr. Aurelio. M. Espinosa
محترمه ماريه هريريه
Mrs. Maria Herrera
وغيره ڪم ڪيو.
روم جي لوڪ ادب تي مسٽر هينري ڊي اسپيڊنگ
Mr. Henry D. Spaiding،
مسٽر ايڊورڊ چيمپئن
Mr. Edward Champin
وغيره ڪم ڪيو. روم جي لوڪ ادب تي 6-7 ڪتاب آيل
آهن. هاڻي اسين هندستان جي لوڪ ادب تي نظر
وجهنداسين قديم تهذيبن مان هندستان جي تهذيب ۽
ثقافت پڻ قديم آهي. هندستان جو لوڪ ادب پڻ پراڻو
آهي ۽ ان جو به تمام گهڻو ذخيرو آهي.
هندن جا ويد به لوڪ ادب جي زمري ۾ اچن ٿا، جن ۾
آيل قصا ڪهاڻيون فوڪ لور واري انداز ۾ آهن چيو
ويندو آهي ته آرين ويد سنڌؤ جي ڪناري لکيا هئا، ۽
اهو به چيو ويندو آهي ته اصل ۾ ويد آرين کان اڳ
قديم وادي سنڌ جي ماڻهن جا چيل هئا جن کي پوءِ
آرين وڌايو ويجهايو. ويدن جو سرجيندڙ ”وياس ڀٽ“
هو.
سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ لوڪ ادب جو ڪافي ذخيرو جمع ٿيل
آهي. ان ذخيري ۾ مهاڀارت، گيتا، رامائڻ، اپنشد ۽
پراڻ شامل آهن.
سنسڪرت لوڪ ادب تي قديم زماني ۾ ۽ پوءِ بعد ۾ جن
عالمن ڪم ڪيو انهن ۾ شامل آهن. نارائڻ ڀڳت، برهمڻ
وابليشم، ياديو آشرم، پنڊت بشن شرما، يا وشنوشرما،
ناڀاداس يا نارائڻ داس، پنڊت رام بنارس ڪاليج
وارو، راميشور ڀٽ ۽ پنڊت چندرسين شامل آهن.
هندي لوڪ داستان هتوپديس کي ايتري پذيرائي مليل
آهي جيتري يونان ۾ ايسپ جي آکاڻين کي. ايسپ جي
آکاڻين جو جيئن دنيا جي تقريباً سڀني ٻولين ۾
ترجمو ٿيل آهي تيئن هتو پديش پڻ سموري دنيا جي
سڌريل ٻولين ۾ ترجما ٿيل آهن.
سنسڪرت جي هن داستان جو، جوڙيندڙ نارائڻ ڀڳت آهي،
فارسيءَ ۾ هن داستان کي مفتي تاج الدين هن داستان
کي چندريسن جي هندي ترجمي تان ترجمو ڪيو.
دنيا جي جن ٻولين ۾ هن داستان جا ترجما ٿيا سي
ڪجهه هن طرح آهن ۽ جن عالمن اهي ترجما ڪيا انهن
مان
انگريزيءَ ۾: مسٽر سر وليم جونز، مسٽر جانسن، مسٽر
ايڊون آرنلڊ،
Mr. Helewartham
لنڊن.
فرينچ ٻوليءَ ۾:
Mr. Langles،
Mr.Lanceren.
جرمن ٻوليءَ ۾: جناب ميڪس مولر صاحب 1844ع،
Mr. Durest،
Mr. Gaude.
مسٽر گيڊ ٻن حصن ۾ ترجمو ڪيو پهريون حصو ڪليلہ و
دمنہ ۽ ٻيو حصو هتو پديش
Mr. L. Fritre.
يوناني ٻوليءَ ۾:
Mr. Demetrios،
Mr. Galamos،
Mr. G.K. Thyplados.
فارسي زبان ۾ ڪليلہ و دمنہ جي نالي سان هتوپديش جو
ترجمو ٿيو.
سنڌيءَ ۾ سيد علي مير شاهه ترجمو ڪيو.
اڙدو زبان ۾ هتو پديش جو ترجمو
مير بهادر علي حسينيءَ ”اخلاق هنديءَ“ نالي ڪتاب
سان ڪيو. مير بهادر علي حسيني اڙدؤ جي ڪلاسيڪل ادب
۾ خاص حصو ولاري ٿو.
ان کان علاوه هندي لوڪ ادب تي بلڀڌرمشر، سندر،
پياري لعل، حبيب الرحمٰن، ملڪ محمد جائشيءَ ڪتاب
لکيا.
هندستاني لوڪ ادب تي جن انگريز عالمن ڪم ڪيو تن
مان مسٽر برائيڊل ڪيٿ ۽ مسٽر سي آئي ڪنڪيڊ شامل
آهن.
سي آئي ڪنڪيڊ صاحب سنڌي لوڪ ادب تي به ٻه ڪتاب
لکيا جيڪي آهن.
(1) Tales of Old Sind
(2) Folk Tales of Sind and Gujrat
پهرين ڪتاب
Tales of Old Sind
جو سنڌي زبان ۾ محترمه خانم خديجه دائودپوٽه صاحبه
به ترجمو ڪيو جنهن جو نالو ”سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون“
جيڪو پڻ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي.
هندستاني لوڪ ادب تي سي آئي ڪنڪيڊ پڻ ٻه ڪتاب لکيا
جيڪي آهن.
(1) Deccan Nursery Tales
(2) Tales of Tulsi Plant
سي آءِ ڪنڪيڊ صاحب آئرلينڊ جي مشهور گهراڻي ڪنڪيڊ
جو فرد هو. پاڻ هندستان ۾ ڄائو هو. هندستان ۽ سنڌ
تي لوڪ ادب کان علاوه پڻ ڪافي ڪتاب انگريزيءَ ۾
لکيل اٿس.
هندستان ۾ سنسڪرت ۽ هنديءَ کان علاوه ٻين ڀاشائن ۽
اپ ڀاشائن ۾ به لوڪ ادب تي ڪم ٿيل آهي.
ناگپور يونيورسٽيءَ ۾ اپڀرنش شعبي جي صدر جناب
ڊاڪٽر جئن صاحب اپڀرنش لوڪ ادب تي لکيو آهي.
قديم ٻوڌي لوڪ ادب تي چندر بردئي جو ڪم ٿيل آهي
جنهن ٻوڌي قصن، ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن کي سهيڙيو.
هندستان جي پيڙهيل جاتين ۾ دلت به اچي وڃن ٿا. دلت
لوڪ ادب تي ڪونڊي رام ۽ مسٽر گوپال بابا ولانگ ڪم
ڪيو آهي.
راجسٿاني ۽ ڊاٽڪي لوڪ ادب جو شاعر ۽ روايت ڪندڙ
آهي. ڪوي بهاري لال جيڪو سينگار جو وڏو شاعر ٿي
گذريو آهي.
سنڌ کان علاوه پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ به ٿورو ڪي
گهڻو ڪم ٿيل آهي ان جو ڪجهه تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.
پنجابي ۽ سرائيڪي لوڪ ادب تي ”ڊاڪٽر فقير محمد
فقير“ ڪم ڪيو آهي.
پوٽوهاري لوڪ ادب تي ڊاڪٽر شهباز ملڪ لکيو آهي.
پشتو لوڪ ادب ۽ شاعريءَ کي مولانا عبدالقادر پشتو
اڪادميءَ جي پليٽ فارم تان هڪ اڌ ڪتاب ڇپايا آهن.
آزاد ڪشمير ۾ گوجري لوڪ ادب تي ”گوجري لوڪ بارين“
ڪتاب ”بابا فضل محمد تمغه امتياز“ ڇپايو آهي.
بَلتستان سلسلي ڪوهه هماليه ۽ قراقرم جي وچ ۾ اوچن
برفاني چوٽين وادين ۽ قدرتي منظرن تي مشتمل علائقو
آهي. بَلتستان جي تاريخ ۽ اتان جو لوڪ ادب ڏاڍو
دلچسپ ۽ قديم آهي.
بَلتستان جو لوڪ داستان ”ڪيسر“ تمام گهڻو مقبول
آهي ”ڪيسر“ داستان هونئن ته صدين کان اتان جي
ماڻهن جي سينن ۾ سانڍيل هو. جناب عبدالرحمٰن مامر
صاحب ان مقبول ترين داستان کي قلمبند ڪيو. ياد رهي
ته هي داستان انهن ڪوهه هماليه جي اوچن پٽن
قراقرم، بلتستان کان علاوه تبت، لداخ، منگوليا،
وادي هنزه، آزاد ڪشمير ۽ ڄمون ڪشمير ۾ به اوترو ئي
مقبول آهي.
يونيورسٽي آف بُون (مغربي جرمنيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف
اورنٽئل اسٽڊيز جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڪلاز سگاستر
جيڪو (Tibetologist)
آهي ان ڪيسر داستان ۽ تبت جي لوڪ ادب تي ڪم ڪيو
آهي.
بلوچي لوڪ ادب تي ۽ لوڪ روايتن تي مسٽر لانگ ورٿ
ڊيمز پاپولر پوئٽري آف بلوچز لکي ۽ مير مٺا خان
مريءَ ڄام درڪ جي شاعريءَ تي ڪم ڪيو آهي.
اڃا جيڪڏهن آفريڪا، چائنا، ايران، افغانستان،
آسٽريليا وغيره ۾ ٿيل لوڪ ادب تي لکون ته تمام وڏو
دفتر لکجي ويندو.
اسان جو مقصد مٿي عالمي لوڪ ادب تي ٿيل ڪم کي ڏيڻ
جو اهو آهي ته مون انٽرنيٽ ۽ مختلف ذريعن مان
عالمي فوڪ لور
Folk lore
کي پڙهيو ۽ پرکيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته
اسان جو لوڪ ادب دنيا جي لوڪ ادب تي ڀاري آهي،
جنهن جي شاهدي منهنجو پيش ڪيل مٿيون عالمي فوڪ لور
جو جائزو ڏيندو.
اسان سنڌي وڏا خوش نصيب آهيون جو دنيا جي قومن ۾
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لوڪ ادب سلسلي ۾ سنڌي
قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڏيکاريو آهي. جنهن لاءِ سموري
سنڌ سندس جي هميشه لاءِ ٿورائتي رهندي.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪري ئي اسان ايترو چئي سگهون
ٿا ته لوڪ ادب ۾ اسان سپر پاور آمريڪا کان به
آسودا آهيون. آمريڪا جي سونين انسٽيٽيوٽ وارن ريڊ
انڊين تي صرف 10 ڪتاب ڏنا آهن جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ
صاحب 42 ضخيم واليوم ته صرف سنڌي ادبي بورڊ جي
اسڪيم تحت سنڌي ٻوليءَ کي ڏنا آهن.
مددي ڪتاب
1. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مهراڻ نمبر
2. اڙدو ڪي نثري داستانين ڊاڪٽر گيانچند
3. اخلاق هندي (اڙدو) مير بهادر الحسيني
4. سنڌ جون لوڪ آکاڻيون محترمه خانم خديجه
دائودپوٽو
5. ”مناظرا“
6. ٻيلاين جا ٻول
7. جنگناما
8. لوڪ ڪهاڻيون-7
9. داستان کي داستان (اڙدو) محترمه ڪيرن آرم
اسٽرانگ
10. گوجري لوڪ بارين (اڙدو) بابا فضل محمد
11. تاريخ طبري
12. ادبيات جا مختلف پرچا اڪادمي ادبيات
13. انٽرنيٽ تي جن دوستن هن مضمون ۾ منهنجي مدد
ڪئي انهن ۾ انجنيئر جاويد احمد ڀٽو، ياسر ڪوريجو،
غلام مصطفيٰ ابڙو ۽ جناب يحيٰ کهڙو صاحب شامل آهن.
نظم
ڪانڊيري نالي هُو هاري،
ڪالهه مري ويو سيءَ تپ ۾،
ڪانڊيري جو ڏاندن جوڙو،
پر سياري ۾ چورن ڪاهيو،
جنهن تي ڪُتي ڪيڏو باهيو،
ها پر رات به ڪاري آهي،
جنهن کان توبهه زاري آهي،
ڇا ڇا ٿي تاريخ ڦلهوري،
چورن جا ٿي پيرا ڊاهي،
هن جي زال ته رلهيون ٺاهي،
ڪيڏيون پياريون ڀليون ٺاهي،
جنهن ۾ هن هئي ننڊ به ٽانڪي،
پنهنجو سارو نُور به ٽوپيو،
ڄڻ هن سارو ديس سبيو هو،
سي به وڏيرين کي ته وڻي ويون،
جيڪي آخر مفت کڻي ويون،
هن کي رئيس وڏي وٽ وهندي،
پورو سال هي نائون ٿيو هو،
هيل فصل به ته ڍلو ٿيو هو،
هن کي ڪڏهن خط نه آيو،
هن کي ڪڏهن تار نه آيو،
هن جي ڪا ايڊريس نه هئي،
هن جو گهر آ واٽر ڪپ ۾،
ڪالهه مري ويو، سيءَ تپ ۾،
ڪانڊيري نالي هڪڙو هاري.
حسن
درس |