سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :11

ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو

 

 

 

 

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه

هن جي سوچ به نرالي هئي ته لوچ به منفرد هئي. هن جو پڙهڻ ۽ ڪڙهڻ به پنهنجي نوعيت جو هو. هن جو ظاهر ظهور هڪڙو هو ته باطن ان کان گهڻو گَهرو ۽ شال هو. هن جي پرواز به اتاهينءَ کان اتاهين تائين! هن ۾ جيڪي به گڻ ۽ گوهر هئا. سي گيڙوءَ رتن گودڙين جي صحبت ۽ سنگت مان پرايا هئائين. هو ساهت جي سمندر تي ويدانت جي ويران سان وهنتو ۽ چانڊوڪين سان چمڪيو هو.

هن جا انسان ۽ ڪائنات، زندگي ۽ موت لاءِ ويچار به پنهنجي رنگ جا هئا. ڄڻ ريشمي تاڪين جهڙا هئا، زرق برق هئا!

هو زندگيءَ لاءِ چوي ٿو ته:

زندگي! اوزندگي!! تون ڇا آهين؟ ڪٿ آهين؟ ڪٿ ڳولي ڪئن ڳوليان؟ چون ٿا ته زندگي اٿاههُ آهي؛ اُٿان ان جو آهي ايڏو، جيڏو آهي جهان! هڪ ٻئي پٺيان جيت، جانور، پکي پرندا، انسان حيوان، گل ڦل، رنگ روپ هلندا ٿا هلن، اهي مڙيئي زندگيءَ جي رنگين شادماني جي سرگس يا ڪاروان جا اداڪار آهن. انهن مڙني ۾ زندگي رهي ٿي، مگر ته به زندگي ملاقات جي تات لهي نٿي. وسيع آهي وٿاڻ زندگيءَ جو! ساگر ساڻس بَرُ ميچي نه سگهندو! ۽ نه نيلو آسمان کيس ڀاڪر ۾ جلهي سگهندو. (ڀاٽيه 1956ع ص8) اها ريشمي تاڪي مان هڪ تند توکي ڪيئن لڳي؟

هن جا ويچار ڳوڙها ته هئائي. پر ڪومل ۽ ڪلپنا ڀريا هئا. اهي ويچار جڏهن ويهي ونڊيندو هو، تڏهن پنهنجو ڌيان گيان قلم تي اوتي، ان جي ئي وسيلي وياکيان ڪندو هو. لفظ لفظ لعل گوهر ته جملو جملو جلويدار! جيڪو پرهي، اهو سمورا لاڳاپا لاهي، نويڪلو ٿي ڌيان ڌري ۽ گيان وٺي. دم دم واهه واهه ۽ آهه آهه ڪري! اهو سمورو ڪرشمو  هن جي لکاوٽ جي هنر ۾ ئي هو، جو هنر هن هردي سان حاصل ڪري هورا کورا ۽ هُرکُر پائي Reflective Prose يعني ڌياني نثر منجهه سمائي ساهت کي سينگارڻ جا جتن ڪيا هئا. ان ئي نثر ۾ خيال ۽ ويچار جي شَڪتي سَرسُ ۽ چٽي ٿي شاعراڻو پرواز پائي، نثر جي روح کي ڪويتا جي آتما سان سنگم ڪرائي ساهت جي سنسار کي سڳند ۽ سرهاڻ سان واسي، هو ويچار ۽ اظهار لاءِ جنهن حسين صنف جو انتخاب ڪري انفرادي حيثيت حاصل ڪري ويو، تنهن ادبي صنف کي ”ادب لطيف“ چيو وڃي ٿو. ان پياري پنٿ تي هلندي هو ڪڏهن به ڪونه ٿَڪو! هن کي هرڏيک ۽ ڏسا ۾ هڪ حُسن پئي ڏسڻ ۾ آيو. حسن کي هو ڇا ٿو سمجهي، ان لاءِ ڇا ٿو ويچاري؟ هُو چَوي ٿو ته:

”حُسن جو هڳاءُ هو پاسي کان پيو اَچي؛ هَسَ رَسَ ۽ وَسَ جا ويس ڪري پيونچي: ڪٿ ڏس ته اک مڌر آلاپ پئي آلاپي، ته وري ڪٿ ڳَلَ هَڪَلَ ڪيون پيا هونگارين ۽ جهونگارين؛ مگر حضرت حُسن ته مُرڪ ۽ لُڙڪ ۾ لهيو، سينگار جو سمورو سَماج ۽ رومان جو راڄ آڻيوالٽائي.

حُسن موجود آهي مڪان ۾، ته به لامڪان آهي، هر زمان ۾ آهي سندس شان، ته به بي زمان آهي، وجود آهي، ته به بي وجود آهي. پوءِ به انسان کيس ڳوليندو ٿو رهي. ڪٿ؟ جت جاءِ نه آهي جُهدَ سان پهچڻ جي

ڏسڻ وارا ڏسي ٿا وٺن کيس: لبيس ۾ نه، مکر الستي ويس ۾، عشق جي ديس ۾ سرمو سَلَمَ جو اکين ۾ واري، هو ٻهاري ٿا وٺن حسن سارو.

حُسن آيو ته درد ڄايو

حُسن وصل ۾ نه آهي، وڇوڙي ۾ به نه آهي، سفيدي ۾ به نه آهي، ته وري سوجهري ۾ به نه آهي، چمڪ ۾ نه آهي، ته ڇمڪ ۾ به ڪينهي؛ گهيري ۾ نه آهي، ته وري ڪوڦيري ۾ آهي ڪئن؟ جي ڊول ۾ نه آهي ته ڊيل ۾ آهي ڪئن؟ لڪ ۾ نه آهي، ته کول ۾ به ڪينهي: آهي به ات، نه آهي به ات،..... تڏهن آهي ڪٿ؟

حسن سوربه آهي، ته نور به آهي، خالي به آهي، ته ڀرپور به آهي، رحمت به آهي ته زحمت به، گنج به آهي ته رنج به مطلب ته بي انت بي پايان آهي حسن جو خزانو توشه خانو، نشانو به وري آهي بلند.“ (ڀاٽين 19ع ص 48) اهي سڀ گيڙوءَ رتا گفتا، جن ۾ سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جو هڳاءَ هينئڙي ۾ هُري وڃي ٿو، سي هتان  جي تصوف ۽ ويدانت جي ان صدين جي ماحول جو تسلسل آهن، جيڪو ويدن جي رشين، سنڌوءَ جي صوفين ۽ اماروءَ جي اندر جي اور اونگر اسانجي دل جو آواز آهن، سي ڪنهن جا ٿي سگهن ٿا. اهي آهن اسان جو سائين جهامنداس ڀاٽيه جا ويچار!

زماني ڪهڙا به رنگ بدلايا پر اسان جي پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جي مٿان ڪو ٻيو رنگ چڙهي ئي ڪين سگهيو. اهوئي گيڙوءَ رتو روح! اهائي اڇي اجري آتما! صوفين ۽ سنتن سان سنگ ۽ درويشن ڏانهن دل جو لاڙو. اهو اثر الائي شهر جي آبهوا جو هو يا پنهنجي پريوار جي پريت جو پرتوو هو. سندس ڪڙم ۽ ڪُلَ ۾ به شعور ۽ ساڃاهه جا ڏيک ڏسجن پيا. دادا دوارڪا داس پٽ سيٺ مينگهراج اصل ڀاٽيه ڪُل سان واسطو رکندڙ چِنڊُ شڪارپوري وڏي مال ملڪيت وارو هو، جو دادا جهامنداس جو پتا هو. جنهن پنهنجي چالاڻي کان اڳ ۾ پنهنجي ملڪيت جي ورهاست لاءِ جيڪو ستن صفحن تي مشتمل وصيت نامو لکيو، تنهن مان سندس شڪارپور جي جاين، باغن ۽ پلاٽن توڙي ڪارخانن کان علاوه لاڙڪاڻي جي فيڪٽرين ۾ حصن پتين جي ڄاڻ ته پوي ٿي، پرهن جي خانداني فرض شناسي، ڏاهپ ۽ دانشمندي جا به پَرا پون ٿا. بيشڪ هو هڪ ذهين ۽ صاف دل انسان هو، جنهن نهايت ايمانداري ۽ انصاف سان پنهنجي ملڪيت وارثن ۾ ورهائي وڏي نفاق ۽ نفرت کان پوين کي پري رکيو. لڳي ٿو ته هو پنهنجي پريوار کي پريت جي پيچن ۾ پختو پسڻ گهرندو هو. بيشڪ هو پنهنجي ڪٽنب ۽ ڪُلَ جو اهڙو دورانديشن ۽ دانشمند وڏڙو هو، جنهن ۾ وڏي مَڻيا هئي. هو اول مختيار ڪار ٿي رهيو ۽ پوءِ ٺيڪيداري ڪيائين. سيٺ دوارڪاداس ٻه شاديون ڪيون هيون، جن مان پنج پٽ: هرهڪ اوڌلداس، ٺاڪرداس، جهامنداس، ريجهومل ۽ ڇڳومل ۽ هڪ ڌيءَ ڌرمي ٻائي پڻ اولاد هو. اسان جي سنڌي زبان جو نهايت ناميارو ۽ ناليوارو اديب جهامنداس ڀاٽيه اولاد ۾ ٽيون نمبر پرٻي زال پري ٻائيءَ جو پهريٽي پٽ هو. اها ڳالهه هن جي وصيت نامي مان چٽي ٿئي ٿي ته سندس پهريان ٻه وڏا پٽ پهرينءَ زال مان هئا.

ڄم: مون پنهنجي پي ايڇ. ڊي جي تحقيقي مقالي ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ (1843 کان 1970ع) (ص 677) ۾ جهامنداس ڀاٽيه جي ڄم جي تاريخ 19 جولاءِ 1898ع ڄاڻائي آهي. جيڪا هندو سنڌي اسڪول نمبر پهرين جي جنرل رجسٽر تان نقل ڪئي هيم. ان کان پوءِ به منهنجو ڌيان سرڪاري رڪارڊ تي رهندو آيو. گذريل سال هندو سنڌي اسڪول نمبر ٻيو (جيڪو 60 سال اڳ بند ٿي ويو هو.) جو پراڻو رڪارڊ گورنمينٽ پرائمري اسڪول قاضي محله جي اسٽور روم ۾ جو وڃي اٿلايم ته جنرل رجسٽر نمبر 530 تي جهامنداس دوارڪاداس ڀاٽيه جي ڄ۾ جي تاريخ 9 مئي 1897ع آچر ڏينهن 29 ويساک 1954 ڏسي حيرت ۾ پئجي ويس. پوري هڪ سال ٻن مهينن ۽ ڏهن ڏينهن جو اهو تفاوت ڏسي تجسس وڌيو ۽ سندس ٻن ننڍن ڀائرن ريجهي مل ۽ ڇڳي مل جي ڄم جي تاريخن جي ڳولها ۾ لڳي ويو. ڪجهه ڪوشش کان پوءِ بهتر ٿيو، جو اهي به ملي ويم. ريجهومل پهرين هئي 1902ع موجب ويساک 1959 جمعي ڏهاڙي ڄائو ۽ ڇڳو مل 19- آڪٽوبر 1904ع موجب 4 ڪَتِي 1961 اربع ڏينهن ڄائو. ريجهومل ۽ ڇڳومل اڳتي هلي پڙهي هاءِ اسڪول جا استاد ٿيا ۽ پنهنجي محنت ۽ لگن سان ناماچار ۽ ناموس پاتائون. هڪڙو پاڻ کي سي. ڊي گانڌي سڏائيندو هو ته ٻيو آر- ڊي گانڌي. جهامنداس ڀاٽيه کي پورن پنجن سالن جي ڄمار ۾ 9 مئي 1902ع تي هندو سنڌي اسڪول نمبر 2 ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان 11 سيپٽمبر 1903ع تي سندس سرٽيفڪيٽ وٺي، ڪنهن ٻي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. اسڪول جي رڪارڊ ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻاهر ويو. 15 آڪٽوبر 1903ع تي موٽي اچي ساڳئي اسڪول ۾ داخل ٿيو. 24 مئي 1904ع تي وري اسڪول ڇڏي وڃي ورنيڪيولر اسڪول نمبر پهرين ۾ داخل ٿيو، جتان پرائمري تعليم پوري ڪري وڃي شڪارپور هو پفل اڪيڊميءَ ۾ داخل ٿيو، جتي هن تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ حصو ورتو. پنهنجي مزاج موجب هن علم ادب سان دلچسپي رکندي، اسڪول مان مئي 1914ع کان شايع ٿيندڙ ”هو پفل اڪيڊمي ميگزين“ ۾ لکڻ لڳو. اسڪول انتظاميه سندس قلم کي پختو محسوس ڪندي کيس ”هو پفل اڪيڊمي ميگزين“ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر مقرر ڪيو.هو نهايت محنتي ۽ هوشيار هو. سن 1913ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ ڪراچيءَ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو، جتي به پنهنجي تعليمي جدوجهد سان گڏ ادبي چاهه برقرار رکندو آيو ۽ مختلف موضوعن جدوجهد سان گڏ ادبي چاهه برقرار رکندو آيو ۽ مختلف موضوعن تي مضمون لکندو رهندو هو.، جي ڪاليج مسيلني ۾ شايع ٿيندا هئا. فيبروري 1913ع جي شماري ۾ سندس شايع ٿيل مضمون: ”حياتيءَ جي حقيقت مقبوليت حاصل ڪئي. هوان ئي ڪاليج مان 1919ع ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري شڪارپور آيو. شڪارپور ۾ هن پنهنجي فطري گهرج مطابق پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندي، مشهور اديب ۽ ناٽڪ نويس ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻيءَ سان گڏ نيشنل هاءِ اسڪول قائم ڪري سن 1921ع کان تعليم جو سلسلو جاري ڪيو، پر ٿوري ئي عرصي ۾ هن کي اهو 1924ع ۾ منقطع ڪرڻو پيو. سندس محنت ۽ لگن کي شڪارپور جي برهه مچارين چڱيءَ ريت ڏٺو ۽ پرکيو هو، تنهن ڪري کيس شڪارپور برهمچاريه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. برهمچاريه هاءِ اسڪول ۾ رڳو سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي، تنهن ڪري هن جي اندر ۾  جيڪو وديالا ساگر ڇوليون ماريندو، سو ڪيئن ٿو بوند ۾ سمائجي! اهوئي ڪارڻ هو، جو اهو آشرم به ڇڏي، پنهنجي پتا جي پير تي هلندي، ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. ٺيڪي ۾ خساري ۽ ناڪاميءَ کيس شڪارپور ڇڏائي ۽ ڪنڊياري اچي هاءِ اسڪول جو وائيس پرنسپال ٿيو. يارهن سال ساندهه اها سروس ڪرڻ کان پوءِ سن 1946ع ۾ شڪارپور جي سي اينڊ ايس ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿيو. سن 1947ع کان پوءِ هو انگريزي ۽ سنڌي پڙهائيندو رهيو، جيستائين کيئلداس فاني سنڌي جو استاد مقرر ٿي آيو.

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه سن 1957ع تائين ڪاليج ۾ پڙهائڻ کان پوءِ رٽائر ٿيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ هو وڃي خاموش ٿي ته ڪونه ويٺو، پر علم ۽ ادب جون وڄون سندس وجود تي هميشه جيان وسنديون رهيون. هو ٻوليءَ جي ڇولين ۾ ڇوهه پيدا ڪرڻ لاءِ چنڊ جيان چمڪندو رهيو هو. هن جي سرير ۾ سنڌ جي تصوف ۽ ويدانت وارو گيڙوءَ رتو روح هو، جنهن جو پهريون دلي درس آهي، ”نمي کمي نهار، تون البت ٿيندي آدمي.“ چيو وڃي ٿو ته سندس هاٺيءَ ۾ هٺ ته هوئي ڪونه! هن جي نياز ۽ نمرتا اڃا پئي واکاڻ پائي. هن جو مطالعو ۽ مشاهدو، اتفاق ۽ اختلاف، يقين ۽ حاصلات کيس لکڻ لاءِ پيا اتساهيندا ۽ آماده ڪندا هئا. هُو جڏهن ادراڪ ۽ احساس کي اتاهين تي پائيندو هو، تڏهن قلم هٿ ۾ کڻي ڪڏهن ڪهاڻي ته ڪڏهن مضمون ته لکندو ئي هو، پر ادب لطيف جي ان انفرادي فن ۾ هي اڪيلو انسان فڪر جي پيشڪش ۾ ائين هو جيئن اياز چوي ٿو ته:

جي تو سڌ سڳندجي، آءُ، وٽيءَ ڏي وَڌُّ!

مُلَهه مهانگو مَڌُّ، چُڪيءَ چُڪتُو جيئرو.

تصنيفات:

مرڪندڙ مکڙيون:

سن 1945ع ۾ هي مجموعو ويرومل بيگراج جي تلڪ پريس مان ڇپجي منظر عام تي آيو. ان کان اڳ اهي مکڙيون ويرمل جي ئي ’سنڌي‘ اخبار ۾ مرڪيون. پروفيسر ڀاٽيه لکي ٿو ته: ”مرڪ سان نه لڙڪ سان، جيوت جي سفر جو پنڌ ڪرڻو آهي. آکاڻين ۾ اهائي رمز رکيل آهي. اميد اهائي آهي ته جنهن جي گود ۾ ويهي اهڙي رمز هٿ ڪئي اٿم. اها هيءَ سوکڙي سڪ جي نه ڇڪ جي قرب مان قبوليندي. اها ئي جيوت منهنجي جو مول انمول، ٽول بي بها ڍول. پوڄا جو ذڪر ٿي پئي رهي آهي. مثال ٻالڪ به پنهنجي جنبي ۽ جنم ڀوميءَ جو کير سڦلو ڪن ۽ مرڪ سان حياتيءَ جو حساب ڏين (ڀاٽيه 1945ع).

پروفيسر ڀاٽيه جو هي مجموعو چوٽيهن صفحن تي ٻڌل آهي ۽ منجهس 9 مکڙيون مرڪندڙ آهن.

سائين قطب شاهه:

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جوهي ڪتاب جهانيان خاندان جي مشهور بزرگ قطب شاهه جي زندگيءَ تي لکيل آهي. هي ڪتاب 1947ع ۾ خوبچند اينڊ سندس بڪ سيارس، اينڊ پبلشرشڪارپور پاران ڇپايو ويو. هڪ نوي صفحن تي مشتمل ڪارائون سائيز جي هن ڪتاب لاءِ پروفيسر لالسنگهه اجواڻي لکي ٿو ته: ”جس آهي، پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه کي، جنهن هن ڪٺن سمي محنت ڪري هڪ مرد خدا جي جيوني ۽ واڻيءَ جي محبت جو تحفه سنڌين اڳيان ڀيٽ رکيو آهي. سندس عبادت ۾ به نثر ۽ نظم ائين ملي جهلي ويا آهن جو هڪ ٻئي کان جدا ٿي نٿا سگهن ۽ جيتوڻيڪ اها طرز لکڻ جي هاڻوڪي ڍنگ جي نه آهي، ته به مضمون جي ڪري بيشڪ پوري پيئي لڳي. مسٽر جهامنداس ڀاٽيه جي پستڪ مان اهو رس اچي ٿو، جو ڪنهن صوفي سماگم مان اچي.“ (اجواڻي 1947ع) .

پروفيسر لطف الله بدوي جورايو قابل توجه آهي. هو لکي ٿو ته: ”عقيدت ۽ ارادت اهي شيون آهن، جن جو معيار مقرر ڪرڻ عقل جي راهه کان گهڻو پري آهي. مشرق پنهنجي روحاني ارادت کان گهڻو مشهور آهي. مريد ۽ مرشد جي تعلقات تي ڪيئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جي مشرق جي علم و ادب جو هڪ مکيه جزو ڳڻيا وڃن ٿا. هي ڪتاب به ان عقيدت جو مظاهر آهي. (بدوي 1947ع)

درويش:

ڳڙهي خيري جي سنت هريچند جو هرمل جي جيون ڪهاڻيءَ تي مبني ايڪٽيهن صفحن جوهي ڪتاب هري شيواست سنگ روهڙيءَ وارن جي سهڪار سان همدرد پريس سکر ۾ ڇپيو. پاڪيٽ سائيز جوهي ڪتاب پروفيسر ڀاٽيه جي اسلوب ۽ انداز جو هڪ نمونو آهي. ايسر لعل (عشق، آکاڻي، آلاپ، اوراڻا) روهڙيءَ ۾ ايسر  جي ٽڪاڻي جي سڀا پتي ۽ سنت جي ”ايسر آکاڻي“ جي عنوان سان شايع ٿيل هي ڪتاب رانو تي ڳوٺ جي ايسر لعل پرمانندر ڄم 1835ع جي هڪ سؤُ پنجن صفحن جي جيون ڪٿا سان گڏ سندس ڪلام ”ايسر جا آلاپ“ پڻ ڇهانوي صفحن تي موجود آهن. هي ڪتاب هزاري شيوا سنگت روهڙيءَ پاران سن 1964ع ۾ ڪوهنور پريس شڪارپور ۽ انقلاب پريس سکر مان ڇپجي پڌرو ٿيو. مولانا غلام محمد گرامي جي بقول ان ڪتاب تي کيس پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران 200 روپيه انعام ميلو هو. (گرامي 1977ع ص 205).

ايئا جا آواز:

هي ننڍڙو ڪتاب اصل انگريزي ٻوليءَ ۾ هو، جوسن 1929ع ۾ دادا واسواڻي جي مهاڳ سان گڻيش اينڊ ڪمپني مدراس ۾ ڇپيو. سن 1944ع ۾ ان جو سنڌي ترجمو  پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ صوفي ڌڻي بخش ڪيو. جو اڪبر آشرم ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. جون 2010ع ۾ ان جو ٽيون ڇاپو پروفيسر امير علي قادري، سيڪريٽري سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي حيدرآباد پاران پڌرو ڪيو.

ديوان ڪوڙومل ڌرماتما:

سن 1917ع ۾ جهامنداس ڀاٽيه جو لکيل هي ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪنهن ڇپايو؟ تنهن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪجي. هيستائين اهو معلوم ٿي چڪو آهي ته ڪتاب جي ڪاپي لنڊن جي انڊيا آفيس لئبرري ۾ موجود آهي ۽ لکمڻي کلاڻي اتي ڏسي آيو آهي. (کَلاڻي 2009. ص 98) The Pilgrim: جهامنداس ڀاٽيه سنڌي کان سواءِ انگريزي ۾ پڻ ٻه ڪتاب لکيا آهنن. پهريون دي پلگرام جي نالي سان آهي، جنهن جي مطالعي کان پوءِ ايڇ. ٽي سورلي پنهنجي راءِ ڏيندي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته:

Your little pamphlet "the Pilgrim" strikes meas being veru beautiful and very well expresses and the standard of English writing in it is high. I have not the privilage of knoking the origonals and so can not say to what extent you have caught the scirit of them.but the pamphlet reads very well as it is and sems imimburd with agood deal of the spirit of transcendentol mysticism of the kind common in Indaia. it is typical of a good deal of the work being done and forms part of a distinct school of exprcssion with  differs considerably, of course, from mystical expression in other lands in culturcs with adifferent historical back ground. (sorly 1936)

”اوهان جو ننڍڙو ڪتاب The Pilgrim مون کي ڏاڍو پسند آيو. ان ۾ موضوع جي تمام چڱيءَ طرح وضاحت ڪيل آهي ۽ انگريزيءَ جو تمام اوچو معيار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مون کي ماخذات ڏسڻ جو وجهه نه مليو آهي، تنهن ڪري چئي نٿو سگهان ته اوهان انهن مان ڪيترو استفادو ڪيو آهي. ڪتابڙي جي تحرير ۾ ڏاڍي رواني آهي ۽ لڳي ٿو ته هندستان ۾ جنهن قسم جي تصوف جو تصور آهي، ان جي روح جي، ان ۾ (ڪتابڙي ۾) خاصي ترجماني ڪيل آهي. اهو گهڻي قدر انهن تحريرن جهڙو ئي آهي ۽ ان مخصوص فڪري مڪتب جي نمائندگي ڪري ٿو. جيڪو انهن ملڪن ۾ تصوف تي ٿيندڙ ڪم کان گهڻي حد تائين مختلف آهي، جن جو تهذيبي ۽ تاريخي پس منظر جدا جدا آهي:

The Pilgrim آڪٽوبر 1933ع ۾ شايع ٿيو. اهو نولراءِ فتح چند جي ”ڀارت پرنٽنگ پريس“ رام باغ روڊ ڪراچي ۾ ڇپيو

مٿين ڪتاب کان سواءِ "The Songs of Desert" لکيو اٿائين، جنهن ۾ سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪل ۽ صوفي شاعرن شاهه ڪريم، شاهه لطيف، بيدل، بيڪس، قطب شاهه ۽ پارو شاهه جي حياتي ۽ شاعري جي احوال ۽ فڪر توڙي فن جي چکي اوڪ ڊوڪ ڪئي آهي. سندس اهو ڪتاب اڻڇپيل مسودي جي صورت ۾ رويندر ايل جهاوٽ ٻين اڻڇپيل ڪتابن: ا. بيدل ۽ بيڪس جي حياتي، 2 رندرنيڀراج روهڙيءَ واري جي جيوني) 3. شاعر ۽ 4. شاعر مشرق. سان گڏ موجود آهي.

سامي جا سلوڪ: پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه سامي جي جيون ۽ سلوڪن تي سالن جا سال تحقيق ڪندو ترتيب ڏيندو رهيو. جيڪو نور نچويائين تنهن جي نتيجي ۾ چڱو خاصو مايو معياري صورت وٺي بيٺو. اهو سمورو مواد ”سنڌي ادبي بورڊ“ حيدرآباد/ ڄامشورو پاران ڪمپوز ڪرايو ويو آهي. اميد ته ترت ڇپجي منظر عام تي ايندو.

پروفيسرجهامنداس ڀاٽيه ’سنڌو‘ رسالي جي خاص لکندڙن ۾ ليکبو هو، جنوري 1932ع کان جيئن ’سنڌو‘ نڪتو، تيئن پهرين پرچي ۾ ’سنڌو‘ جي عنوان سان ليک ڇپيس. پوءِ رابرنيدر ناٿ ٽئگور جي آتم ڪهاڻي ترجمو ڪيائين، جا فيبروري 1932ع کان جون 1932ع تائين پنجن قسطن ۾ ڇپي. ان کان پوءِ هو وقت بوقت پيو مختلف عنوانن تي لکندو رهندو هو.

پروفيسر ڀاٽيه سن 1936ع کان روهڙيءَ مان هڪ هفتيوار اخبار سنڌي ۽ انگريزي زبانن ۾ ”روشني  وڌيڪ روشني“ Light More Light جي نالي شايع ڪندو رهيو. اها اخبار 14 صفحا سنڌيءَ ۾ ۽ 2 صفحا انگريزيءَ ۾ هوندي هئي. ميگزين سائيز جي اها اخبار ”امرپرنٽنگ پريس سکر ۾ ڇپجي هئي ۽ ڀڳوانداس نندو سنگهه ميران اسڪول روهڙيءَ مان پڌري ڪندو هو

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه سن 1947ع کان 1951ع تائين هند جنرل پئنچات شڪارپور جو صدر رهيو. هو ڪيترو عرصو Royal society of of Teachers of landonرائل سوسائٽي آف ٽيچرس آف لنڊن جو ميمبر رهيو. ان سوسائٽيءَ جا سنڌ ۾ ٻيا ٻه ميمبر  هئا: آسانند مامتورا ۽ آغا تاج محمد خان. هو ڪيترو عرصو بمبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو Examiner رهيو ۽ يونيورسٽي پاران مئٽرڪ جي سنڌي نصاب ۾ سندس هڪ مضمون ”سڌارٿ“ پڻ شامل ڪيو ويو هو. اهڙيءَ طرح هو سنڌ يونيورسٽي جي Board of study for Riligion جو ميمبر رهيو. سن 1964ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيل Pakistan Philosophical congerss ۾ مستقل ڊيليگيٽ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، فلاسافيءَ تي نهايت علمي مقالو پيش ڪيو هئائين، جنهن کي ماهرن گهڻو پسند ڪيو هو.

پروفيسر جهامنداس نهايت بي لوث اديب هو، هن جي علمي ۽ ادبي خدمتن جو محرڪ جذبو اسان کي سونهن سچ ۽ درد ئي نظر اچي ٿو. هن نه ڪڏهن شهرت خاطر پاڻ پتوڙيو نه پئسي لاءِ پريشان ٿيو. هو هميشه ڄاڻ لاءِ سرگردان رهندو هو ۽ درويشن، صوفين، سنتن ۽ دردمندن جي صحبت ۽ سنگت ۾ رهڻ کي پسند ڪندو هو. هن نه ڪڏهن ڪنهن لقب حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪئي نه ڪنهن اعزاز جي انتظار ۾ وقت وڃايو. قدردان هن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن جو هميشه قدر ڪندا رهندا هئا. سنڌ ۽ هند ۾ شايع ٿيندڙ رسالن جا ايڊيٽر سندس لکڻين شايع ڪرڻ جي اوسيڙي ۽ انتظار ۾ رهندا هئا. سندس تحرير حايل ڪرڻ لاءِ کيس خط لکندا هئا ۽ دعوتون ڏيندا هئا. هن جيڪي به ڪتاب قلمبند ڪيا، سي سڀ مختلف اشاعتي ادارن ڇپائي پڌرا ڪيا. هن ڪوبه ڪتاب پنهنجي خرچ تي ڪونه ڇپايو. پاڪستان ۾ جڏهن رائيٽرس گلڊ جو بنياد پيو، تڏهن اديبن ۽ شاعرن جي قدردانيءَ لاءِ ڪتابن جي اشاعت ۽ نقد انعام ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ سن 1963ع ۾ جن چوڏهن اديبن کي انعام ڏنو ويو، انهن ۾ هڪ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه به هو، جنهن کي اڍائي سَؤُ روپيه ڏنا ويا هئا

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه جي ادب لطيف جي ڪيترين تحريرن جو انگريزي ۽ جرمني ٻولين ۾ ترجمو ٿيو، وقت بوقت اهي ترجما پروفيسر ليوپڪي پاران ريڊيو تان پيش ڪيا ويندا هئا، جن کي جرمن عوام پسند ڪندو رهيو.

سنڌ جو هي منفرد انداز اديب سن 1965ع ۾ بلڊپريشر جي موذي مرض ۾ مبتلا رهڻ لڳو. ساڳئي سال 11 سيپٽمبر 1965ع تي کيس سکر جي سينٽرل جيل ۾ قيد ڪيو ويو، جتان ٻن مهينن ٽيويهن ڏينهن کان پوءِ آزاد ڪيو ويو

سنڌي ٻوليءَ جي ادبي تاريخ هن عالم جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي. ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جو مصنف لکي ٿو ته :

”سنڌي جوهي بزرگ اديب نهايت گهري مطالعي وارو هو. صوفين ۽ درويشن جي شخصيت ۽ ڪلام سان گهڻو شوق هوس. ادب لطيف ۾ جهامنداس جي تحرير ۾ جيڪا اٿل هوندي هئي، سانثر جي زمين کي ٻوڙي نظم جو روپ وٺرائيندي هئي. 1947ع ۾ ”سائين قطب علي شاه“ جي ڪلام ۽ سوانح تي هڪ ڪتاب لکيائين. ان کان پوءِ ان نوعيت جو ٻيو به گهڻو ڪم ڪيائين. “سائين ايسرداس“ تي به هڪ ڪتاب لکيائين. جيتوڻيڪ سندس شخصيت جا ڪيترا اهڃاڻ سنڌي ادب ۾ ملن ٿا، پر ادب لطيف ئي جهامنداس جي سڃاڻڦ آهي.“ (جوڻيجو ڊاڪٽر 1983ع ص 183. سنڌي نثر جي تاريخ جو مصنف پروفيسر منگهارام ملڪاڻي لکي ٿو ته: 1947ع ۾ ”پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه،“ سائين قطب شاهه نالي سان حيدرآباد واري ان ڪامل صوفي فقير جي زندگيءَ جو احوال، سندس ڪرامتن ۽ ٻين روايتن سميت، قفصيلوار ڏنو هو، ۽ سندس ڪجهه ڪلام جي مشابهت شاهه، سامي، سچل ۽ بيدل ۽ ٻين صوفي شاعرن جي ڪلام سان ڪئي هئائين. پروفيسر صاحب جي لکڻيءَ جي طرز جذباتي، لئه ڀري ۽ قافيه دار هئي.“ (ملڪاڻي 1977ع ص: 408)

"International Eneyclopaolia of Indian Literature

جو مصنف گنگارام گرگ لکي ٿو ته:

Jhamandas Bhatia (1902- 65) write whowas born at shikari pur. Afler his retirement from Goverment Service as professor of English> he wroto mostly pretic prose, which has been translates in to germon and published in Indo Asia and Irin magazines of german language

is a vesantist and mostly writes on the topic concerning his ideas. He is the author of sain Qutub shah (edited) sain Isarlal and kauromal sain Qutubshah (siritual mastter Qutubshah) is a book on the great sofi poet this work appeared in  1947. (GARG 1991

پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ٿورو عرصو مليل رهڻ کان پوءِ اَٺهٺ سالن ستن مهينن ۽ ايڪيهن ڏينهن جي ڄمار ۾ 30 ڊسمبر 1965ع تي ديهانت ڪيائين. سندس جدائي تي سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي دلي درد پهتو. ڪيترن هن جي پٽ پروفيسر لجپت گانڌي کي تعزيتي خط لکيا جي اڄ به سندس پوٽي ريويندر وٽ موجود آهن.

حوالا:

  1. ڀاٽيه مهامنداس: ’زندگي‘: ’مهراڻ‘ 2/ 1956ع: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

  2. ڀاٽيه جهامنداس: ’حسن‘: ٽماهي ’مهراڻ‘ 2/ 1958ع: سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ص 48 ص 68

  3. ڀاٽيه جهامنداس: ”مرڪندڙ مکڙيون“ 1945ع

  4. اجواڻي لال سنگهه پروفيسر: مهاڳ: سائين قطب شاهه: خوبچند اينڊسنس شڪارپور

  5. بدوي لطف الله: رايو: سائين قطب شاهه: خويچند اينڊ سنس شڪارپور.

  6. گرامي غلام محمد: ”وياسي وينجهار: ”سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1977 ص 205

  7. کلاڻي لکمي: ”لنڊن جي برٽس لئبرري ۾ محفوظ سنڌي ڪتاب“ (مضمون) سنڌي ٻولي (تحقيق جرنل: آڪٽوبر- ڊسمبر 2009ع ص 98.

  8. sorly.h.i latter to mr- ihamandar bhatia from: prnaoctober . 1936، . 21 بحواله نئين زندگي حيدرآباد مئي 1990ع

  9. جوڻيجو عبدالجبار ڊاڪٽر: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1983ع ص 138.

  10. ملڪاڻي منگهارام پروفيسر: ”سنڌي نثر جي تاريخ“: زيب ادبي مرڪز حيدرآباد 1977ع: ص 408

  11. GARGe Gangaram: International Encyclopardia of Indian Literature: volvii Sindh: Mittal pulications New Delhi 1991 p: 70

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com