غلام حسين ”مشتاق“ سچاروي
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 95
سالگره جي موقعي تي
يادگيريون بلوچ صاحب جون
دل جي ڌڙڪن سان گڏ پيون ڌڙڪن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون،
هڪ گهڙي پل پهر نٿيون وسرن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون.
محفلون مجلسون ڪچهريون سڀ، توبنا اڄ لڳن اڌوريون
ٿيون،
دوستن جي ڏنيون ڏکن سڏڪن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون.
ٿي ادارا يتيم ويا سارا، سرپرستي ڪئي ٿي تو جن جي،
سوز سڪ ساڻ ساريون سڄڻن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
جامعہ سنڌ اداس ٿي ڏسجي، قاضي چيئر به آهي
ڪُوماڻيل،
ڀٽ ڌڻي جي رسالي ۽ بيتن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
لوڪ ادب لسانيات لغت، محب ممنون تنهن جي محنت جا،
بي مثل بيشمار مضمونن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
انجمن جون به رونقون جنهن سان، جنهن جي دم سان هيا
متل ميڙا،
گڏجي محسوس ڪيون گداشاهن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون.
بند تحقيق جا ٿيا ڄڻ در، مرد جاکوڙي موڪلائي ويو،
ڪاغذن ۽ قلم ڪتبخانن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
محفلون مچ تي جنهن مچايون ٿي، رات گذري رهاڻ ۾
ساري،
سُر وکيريندڙن سڄڻ سگهڙن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون.
ذات پنهنجي ۾ انجمن هو ڄڻ، هڪڙو ماڻهو هو مٽ هزارن
جي،
اڄ به دانشورن قلمڪارن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
پنهنجي اخلاق عادتن ۾ هيو، صاف سادو سٻاجهڙو سنڌي،
نوجوانن ٻڍن ٻچن ٻارن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
تنهن جو وڇڙي وڃڻ مٺا سائين، آهي علم و ادب جو
لاڏاڻو،
شاعرن اديب علمائن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
اڄ جنم ڏڻ پنجانوي تنهنجو، مان تنهنجي ۾ ٿا
ملهايون پيا،
مائٽن دوستن ۽ شاگردن، يادگيريون بلوچ صاحب جون.
جاءِ جنت ۾ شل ملي توکي، آهي ”مشتاق“ جي دعا دل
سان،
ديندارن سان گڏ دنيادارن، يادگيريون بلوچ صاحب
جون.
ڊاڪٽر عابد لغاري
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 95 سالگره جي موقعي تي
ڊاڪٽر نبي بخش خان تي مثنوي
دل تي تري اچين پيو، سهڻا بلوچ سائين
تون وقت جو مدبر، ادبي ابو سدائين
تاريخ سنڌ ۾ تون، سونا اکر لهين پيو
سينن ۾ تنهنجون يادون، محسن سچو لڳين پيو.
هي سنڌ ساري توکي، جنت نما لڳي ٿي
ان کي ڏٺو تو ووڙي، فردوس ڄڻ مڃيو ٿي.
تون علم جو اڪابر، ايڏو هئين اي سائين
ڪيئي ڪتاب تنهنجا، ثاني نٿو چوائين.
هڪڙي طرف اي سائين، تاريخ هي لکان پيو
خود خواب ۾ تون آئين، تصديق سا ڪيان پيو
سورهين ڊسمبر سترهن اوڻيهه سؤ ۾ آئين
جعفر لغاري ڳوٺ ۾ سانگهڙ ۾ تون ڄائين
والد علي محمد الله ڏي روانو
جلدي يتيم ٿي وئين، غربت مليو خزانو
تنهنجي حياتي سائين، نقشِ قدم جي لائق
جيڪو هليو آ ان تي، سوئي رهيو آ فائق
هي سنڌ تنهنجي نالي، قربان پئي وڃي اڄ
جنهن ڀي ڏٺو توکي، توتي فدا رهي اڄ
سگهڙن جو مان جيڪو، تنهنجي هٿان وڌيو هو
ڪافي ادب انهن کان، توئي مٺا سموهيو
تاريخ کي نمايان، بيشڪ ڪيو تو جاني
سارا دڙا ڀڙا ڀي، جاڳي اٿياسي فاني
هرڪا رهاڻ تنهنجي، هيرا ۽ لعل موتي
ڪيئي ڪتاب تنهنجا، شاهد سي لعل موتي
سهڻي لطيف تي ڀي، ايڏو ڪو ڪم ڪيو آ
ڏهه جلد ۾ رسالو، لاثاني ڪم ٿيو آ
سهڻو ڀٽائي خود ڀي، شاباس توکي ڏيندو
مولا به ان جي حامي، خاتم نبي به چمندو
”عابد“ دعا ڪري ٿو، فردوس جا اي باسي
تون سنڌ لئه دعاگو، هر فرد تنهنجو آسي
خليل کوسو
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾
نبي بخش نيارو
جو سنڌ مٿان ادب جو، چمڪيو پئي ستارو،
۽ ڪين ڏٺو يار تنهن، سيارو ايا اونهارو،
اُتر کان لکئين سنڌ ويندي ڪڇ ڪنارو،
ڪاڇو ۽ ڪوهستان وچولو به ۽ نارو،
سو وقت پنهنجي ۾، وڄائي وير ويو وارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
ڪاپي ۽ قلم پاڻ، توڙي ڏُک هجي ڏِک،
وڻڪار لکئين، وير لکئين، وار لکئين وِک،
درياهه جا لکئين آر، لکئين تار، لکئين تِک،
سُرمان به لکئين، هار ۽ سينگار، لکئين سِک،
ڏينهن رات اها تات، رڳو لک لکان لِک،
سو مچ ڪچهرين ۾ هو، محفل جو موچارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
تاريخ ويو آ سنڌ جي، تحقيق سان توري،
سسئي ٿي سهي سور سو، ڏونگر به ويو ڏري،
ڪِٿ سنڌ، سگهڙ ساڻ پيو، احوال هو اوري،
ٻيجل ٿي ڏياچن جي اڳيان، چنگ ويو چوري،
سو سِڪ منجهان سنڌ مٿان، پاڻ ويو گهوري،
ڇا ڇا نه لکيو، تنهن آ لکيو، ڪنڌ ڪٽارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
ڏس لوڪ ادب ۾ هو، ڪهڙا ٻول لکي ويو،
اخلاق ادب جا هو، ڀري جهول لکي ويو،
سو لوڪ ڪهاڻيون ۽، مارو ڍول لکي ويو،
ڇا ماپ سنڌي تور ۽، تڪ تول لکي ويو،
اقوال زري قيمتي ۽، قول لکي ويو،
ڪِٿ ڳالهه چِٽي ۽، ڪٿي عاقل جو اشارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
رهاڻ هيرن کاڻ ۾، ڪئين رنگ لکي ويو،ڱ
جانٺا ۽ ٻِلهڻ، ملهه سندا انگ لکي ويو،
هن ديس تي اي دوست، ڪري دنگ لکي ويو،
هن جُوءِ جي جوڌن جي، وڏي جنگ لکي ويو،
۽ سِير ۾ سهڻيءَ جا، ڪانڌي ڪنگ لکي ويو،
ڇا تخت تماچي جو ۽، نوريءَ جو نظارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
سو سنڌ لاءِ محبتي مضمون لکي ويو،
هر سِٽ سونهري، سا گوناگون لکي ويو،
توتي به لکي ويو نه چئو ”مون نه“ لکي ويو،
هي ڀونئر ڀنڀوليا، ۽ پاڻي پُون لکي ويو،
مولود مداحون به، سي موزون لکي ويو،
مخدوم، ميان، مير، سيد، پير پاڳارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
تنهن ڳوٺ لکيا سنڌ جا ۽ شهر لکي ويو،
ميدان ڀِٽون رڻ، ڏونگر ڏهر لکي ويو،
هي پڊ پوٺا بر بينا بحر لکي ويو،
سو ٽاڪ منجهند شام صبح سحر لکي ويو،
ڇا سنڌ جي موسم ۽ پلڪ پهر لکي ويو،
ٽيڙو ۽ ڪَتيون سج لُڌا چنڊ ۽ تارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
ڏس ريت رسم راڳ سنوڻ ساٽ لکي ويو،
هاري ۽ جوڙو هر کٻيءَ جاٽ لکي ويو،
سو رنڀ ۽ اوناڙ ۽ ٻيڪاٽ لکي ويو،
اوٿر ۽ ڪڪر وِڄ جا چمڪاٽ لکي ويو،
اونداهه ۾ اُميد جي هو لاٽ لکي ويو،
تنهن گس لکيو پنڌ لکيو رَند ۽ چارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
ڏس ڏِٺ پروليون سي پهاڪا ۽ ڳجهارت،
ڇا سنڌ جي ٻولي به لکئين ساڻ مهارت،
بيباڪ برابر هو بصيرت ۽ بصارت،
ماڻي ويو سو مانوارو وِير وزارت،
ڪيڏ ڪيو تنهن قلم سان جهاد جسارت،
رمل هجي جڦر هجي يا ڦال يا ڍارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
توتي به لکئين، ڀِٽ ڌڻي پاڻ چئي ڏي،
ڏهه جِلد لکيا توتي ڪنهن، تون پاڻ چئي ڏي،
بيتن جي منهنجي ٿي آهي، ڇنڊڇاڻ چئي ڏي،
منهنجي ته ڪري واهه ويو، واکاڻ چئي ڏي،
اڄ داد جو ڪو بيت تون، هُن ڪاڻ چئي ڏي،
تڪيو به لکئين تنهنجو، ۽ اوطاق اوتارو،
هو شمس علم جو، سو نبي بخش نيارو.
غلام علي
چانگ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي 95 سالگره جي موقعي تي
بهاري ۾ بلبل ڇڏي وئين چمن کي
غمن گوندرن ۾ گڏي وئين گلن کي.
ڏسي تنهنجو چهرو چمن چهڪيو ٿي
ٻڌي گفتگو تنهنجي گل مهڪيو ٿي.
هي ٻوٽا ٿي ٻهڪيا ٻڌي تنهنجي ٻولي
هئڻ ساڻ تنهنجي هئي گلشن ۾ هولي.
پسي توکي پر پوپٽن ٿي پکيڙيا
ڦٽي باک بادِ صبا ساز ڇيڙيا.
وئين خوشبو کڻي پاڻ سان گڏ گلن جي
رسي ويئي رنگت سموري چمن جي.
وڃڻ ساڻ تنهنجي ٿيو ويران گلشن
ٽلي ڪانه ٽاري نه مُکڙيون ٿيون مُرڪن.
ٿو گلشن جو هر گل هنجون تولاءِ هاري
ڀري سڏڪا سوسن ۽ سنبل ٿو ساري.
۽ ڳوڙها ڳڙن ٿا گلن جي ڳلن تان
ڪرن ماڪ سان گڏ ٿا پٽ تي پنن تان.
گهران روز رب کان ٿو دمدم دعائون
اچين جي تون موٽي ڪريان عيد آئون.
اهي ڏينهن آهن ۽ ساڳيون ئي راتيون
ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون نه بلبل جون باتيون.
چمن چانگ جيسين هي آباد رهندو
نبي بخش نالو سندءِ ياد رهندو.
عبدالقيوم صائب
نظم
ڏيهه سان ڏاڍي ڪئي، |
|
ڪانئرن شبخون هڻي- |
|
پر ستل ناهن سڄڻ، |
ڏيهه جا ڏاها ڌڻي، |
چند آهن اڄ اُٿيا، |
غير جا پيرا کڻي، |
سنڌ ڇڏبي ڪينڪي، |
هيڪلي ۽ هڪ ڄڻي، |
|
هڪ هڪائي ئي ڪبي- |
|
اُسريو، نعرو بڻي. |
صرف نعرن مان وريو، |
|
ناهه ڪنهن کي اِي مٺا- |
|
ڪو مناسب ڪر اُٿي، |
ويڙهه لئه سعيو سَٺو، |
غير کان ڊڄبو به ڇا! |
آهه ڌرتيءَ جو مَٺو، |
سو شهيدن ۾ ڳڻيو، |
جو وطن لئه ٿي ڪُٺو، |
|
ماءُ جي ٿڃ کي سدا- |
|
آهه قرباني وڻي. |
وقت هوشوءَ جو ويو، |
|
هاڻ تنهنجو وقت آ، |
|
موت مهڻو ناهه پر، |
موت کي ملهائبو، |
پير تي پختو بهي، |
سنڌ کي ورنائبو، |
مردِ ميدان ٿي هلي، |
پير پڙ ۾ پائبو، |
|
سڀ ڪبو، سڀڪي ڪبو- |
|
ساهه تان آهو کڻي.
|
زور سان ۽ جبر سان، |
|
آيلن ها وڍ وڌا- |
|
قرب جو نالو ڳنهي، |
دشمني پاڙين پيا، |
هي منافق، هر سخا، |
پاڻ ڏي لاڙين پيا، |
ماڻهپو، ٻڪري ڪري، |
واڙ ۾ واڙين پيا، |
|
ڪَر کڻي اُٿندو اچي- |
|
تنهنڪري ئي ڌر ڌڻي. |
نوش نقشا سنڌ جا، |
|
سڀ مٽيندا پيا اچن- |
|
جا نه ٻولي ملڪ جي، |
سا مڙهڻ چاهين ٿا، |
باز کان بڇڙا رهي، |
غير سان راهين ٿا، |
غير جي ڏڍ تي لڳي، |
ور ڏئي ساهين ٿا، |
|
هي ڇڏيندا ڪينڪي- |
|
ماڳ وارن لئه ڪڻي. |
پونج وادين جو غلام، |
|
حق پرستيءَ جو نظام- |
|
ڪوڙ جو سندرو ٻڌل، |
هو ڪپت جو ڪاربند، |
وقت خود سوڙهو ڪبو، |
آهه اُنجو راهه رند، |
بيوسن مان اڄ اُٿيا، |
نامور ڪي يار چند، |
|
سي ئي آهن ڳڻ ڳڻيا- |
|
جن کي ڳڻتي هئي گهڻي. |
وقت صائب هي ڏکيو، |
|
ڄاڻ پهتو نند تي، |
|
ٿي وکا پڌرا پيا، |
دڳ مڙئي آهن چٽا، |
هن جو رستو هو جدا، |
واٽ پنهنجي آ جدا، |
سنڌ جي سٿ ۾ رهن، |
سڀ کي ساڃهه ڏي خدا، |
|
ٿيو سپوتو هڪ طرف، |
|
يار يارن جا بڻي. |
مير محمد پيرزادو
گيت
جنهن جي ڪنهن کي اُونءَ نه پُونءَ،
نچي ٿي شايد ان لئه ڀونءَ!
آڌيءَ ويلي ساڌ ٻيلي ۾ ڪنهن لئه مور مچائي گونج!
ڪوهه ڪفا ڪا وڇڙي آيل اُڀ ۾ ڪرڪي ڪنهن لئه ڪونج!
سڏجي ان کي راڳ ڀلا يا سڏجي ان کي سانت،
ماٺ سڄو ماحول هئو پر لئين پکين جا لات،
انهيءَ سان ڪانڊاري آ لونءَ!
نچي ٿي شايد ان لئه ڀونءَ!
بوند پوڻ سان سار سڄڻ جي هردو هرکائيندي آهي،
جنهن ريءَ موسم ڄڻ ته ميارون ڏيندي رهندي آهي!
نچيو هو جهرڻي ۾ جيئن چنڊ، نچيو هوا ۾ وڻ،
سڀ ڪنهن هن کي پئي اچڻ لئه آهه ريجهايو ڄڻ،
ڪنديس آءٌ به بلڪل اُونءَ!
نچي ٿي شايد ان لئه ڀونءَ!
بهار اچڻ سان ٽار وڻن جي پيار ڪري ٿي گلڙن سان،
لوڏون لُڏندي، گهيرا ٺاهي ٻار ڊڪن ٿا هُلڙن سان،
ماڪ، ڪنول جي پنکڙين تي چپ رکيو پئي آهي،
مون لئه ڏيئي پيار پتر ڪانويلي وئي آهي!
اچان هان تون وٽ ڇا لئه هُونءَ!
نچي ٿي شايد ان لئه ڀونءَ!
رات به ڌرتي ٽانڊاڻن سان جهڄي ڏئي ٿي اُڀ جو ڏيک-
جنهن ۾ چمپا، چندن، چنبيلي خوشبوئن جا ڦهلن تيک-
سينڌ سنڌر سان ڪاهڪشان جئين منڊي آ بيٺي مَنڊُ-
اڱڻ مٿان جو آهه گهميو هو سمجهي ويٺا چَنڊُ-
ڪئي ايئن تارن چُونءَ پَچُونءَ!
نچي ٿي شايد ان لئه ڀونءَ!!
اياز گُل
گيت
مٽيءَ جيان هوا ۾، اُڏاري ڇڏيئه نه!؟
وِساري ڇڏيئه نه!؟
اسانجي اندرَ ۾، اَلئي ڪيڏا ٿُوهر،
اُڀاري ڇڏيئه نه!؟
وِساري ڇڏيئه نه!؟
وڌياسين پئي زندگيءَ ڏي اَڃا ته
بيهاري ڇڏيئه نه!
وِساري ڇڏيئه نه!؟
ڀلا ڇا گهُريو هو؟ رُڳو چار لمحا!
ڌُتاري ڇڏيئه نه!؟
وِساري ڇڏيئه نه!؟
هيو ڄڻ ته ڪچرو سندءِ زندگيءَ جو
ٻُهاري ڇڏيئه نه!؟
وِساري ڇڏيئه نه!؟
مٽيءَ جيان هوا ۾، اُڏاري ڇڏيئه نه!؟
وِساري ڇڏيئه نه!؟
غزل
اوهان کي هُئي غلط فهمي، جُدا ٿي سُکَ ماڻيا پئي،
دُکن جي تيز آنڌيءَ بس، وَهيءَ جا ڦول ڇاڻيا پئي.
جتي ٽَهڪن ۽ مَهڪن جو، هُيو ميڙو مَتل هردم،
اسان جا لُڙڪ ويچارا، اُتي ڪاٿي اگهاڻيا پئي؟
اڃا ڀي سونهنَ رِلهيءَ جان، اَندرَ ۾ ٽوپجي پيئي،
اڃا ڀي عشق ها ڪيڏا، اَکين ۾ خوابَ واڻيا پئي.
سُڳنڌن ۽ صدائن کان هئا ناراض ايڏا جو،
اسان جي شهر جي ماڻهن، هوا تي تيرَ تاڻيا پئي.
عجب ئي وقت آيو هو، هئي بازار سينگاريل،
ننڍن ننڍڙن مفادن تي، وڏا ماڻهو وِڪاڻيا پئي.
اڃا سنڌُ، جِندُ ئي آجي، ڪرائي ڪينَ پوين مان،
نوان پنجوڙَ پئدا ٿيا، نوان صدما ساماڻيا پئي.
”سدائين سنڌُ کي پنهنجن، خيالن ۾ کڻي هلجو“
ڀٽائيءَ، ڀِٽ تان بيهي، اهي نياپا اُماڻيا پئي.
شبنم گل
عورت
ڏيئي جي لاٽ
جيڪا اونداهي ۾
رهي ٻين کي روشني ڪري ٿي
اڻ کٽ لڙڪن جو سمنڊ
جنهن جي آهن مان
بادلن جو دامن تر ٿئي ٿو
۽ هو بيخود ٿي
وسندا رهن ٿا
زمين جي اُڃ اُجهائين ٿا
ڌرتي جڏهن مرڪي ٿي
هر طرف ساوڪ جي
سونهن وکري وڃي ٿي
عورت ڌرتيءَ جيان آهي
مهربان ۽ عطا ڪندڙ
ڏک ۽ نراسائي جي
لمحن کي سيراب
ڪندي رهي ٿي.
لينڊز اسڪيپ
سرمئي پهاڙن جي پراسرار
خاموشيءَ جي پٺيان
سج لهي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي ان سانت ۾
ڀڳو ٺوڙهو جي ان شام ۾
هڪ صدين جي خاموشي آهي
جيڪا سمنڊ کان به گهري آهي.
جنهن ۾ ادراڪ جا پل به آهن
گل جي بند پنکڙين جهڙو
لڪل ڪو راز به آهي
هڪ گم ٿيل تهذيب جو پڙلاءُ آهي
جيڪو پهاڙن جي ميرانجهڙي
رنگ ۾ رنڱجي ڪا پراڻي
ياد ورجائي ٿو
سرمئي رنگ ۾ شفق جي لالي
ڄڻ ڪجليون اکيون هجن
درد جي گداز ۾
ڀڳو ٺوڙهو جي ان شام ۾
وجد جو خمار آهي ان سانت ۾
سنڌو جنهن جي ڀرسان وهي ٿي
لڪي ۽ آمري جي ثقافت جو سنگم
خاموشي به همڪلام آهي
ڪا ته ديوانگي آهي ان مجاز ۾
ڀڳو ٺوڙهو جي ان شام ۾
ننڍپڻ جون چند يادون آهن
پوپٽ، چنڊ ۽ ستارا آهن
بادلن جهڙو جيون آهي
ڪوڪندي ريل هلي ٿي
ڀڳو ٺوڙهو جي پهاڙن مان
ذهن ۾ وڃائجي ويل ننڍپڻ
جيئرو ٿي پوي ٿو ان پل
هاڻ روڊ ڪناري هلندڙ
گاڏيءَ مان جڏهن سرمئي
پهاڙن کي ڏسان ٿي
ته ماضي حال ۽ مستقبل يڪجا
ٿي پون ٿا.
وقت ڄڻ گذريو ئي نه هجي
لمحا بيٺل ٿا محسوس ٿين ان پل
هڪ پراسرار خاموشي آهي
جنهن ۾ وقت لڙهي چڪو آهي
وقت گذرندو پيو وڃي.
هڪ سانت آهي هرطرف
سرمئي پهاڙن جي پراسرار خاموشي پٺيان
سج لهي ٿو هوريان هوريان
هڪ حسن آهي ان سانت ۾
ڀڳو ٺوڙهو جي ان شام ۾
نادر علي شاهه فراق
غزل
اُڃايل اکيون!
اڃايل جون اکيون اڃيون، سدا سهڻي کي سارن ٿيون،
وسن برسات وانگر ٿيون هميشه لڙڪ هارن ٿيون.
اداس آهن اکيون تنهنجي ڏسڻ خاطر پرين پيارا،
وري وَر وَر سي واجهائي ڏکي دل کي سي ڏارن ٿيون.
نهارن ٿيون جڏهن تنهنجون نگاهون نينهن وارن ڏي،
ادائن سان ڪرن حيران اشارن سان مارن ٿيون.
اگرچ ديد دلبر جي دونالين کان آه دل مجروح،
اڃا ڀي زخم کائڻ لئه ستمگر ڏي نهارن ٿيون.
فراق آهي رڳو تنهنجي فراق و وصل ۾ حيران،
جدايون تنهنجون مارن ٿيون ملاقاتيون جيارن ٿيون.
غزل
نرالو ۽ الڳ بلڪل آ انداز فغان منهنجو،
جدا ڪيڏو نه دنيا کان ٿيو درد نهان منهنجو.
لڪايو مون تبسم سان ڏکن ۽ ڏاکڙن کي آ،
ائين ئي زندگي جو ٿو هلي بس ڪاروان منهنجو.
رڳن جو خون پهتو ڪين منهنجي راز دل تائين،
ڀل سمجهي سگهي ڪهڙي طرح پوءِ رازدان منهنجو.
خودي جو راز ڪهڙو آهي ڇا کي بيخودي چئجي؟
خودي جو ڳجهه نهان يا بيخودي سرنهان منهنجو.
اڃا ڪکڙا گڏي مون ڪين ٺاهيو آه آکيرو،
تڪين ٿي ڪوه اي بجلي اڌورو آشيان منهنجو.
فراق يار ۾ هر دم ڪريان آه فغان ويٺو،
چمن وارن کي وٺڻو آه شايد امتحان منهنجو.
ª
غزل
سورن ۾ ٿو گذاريان منهنجا دلبر،
توکي ڪيئن وساريان منهنجا دلبر.
سهڻل ٻاجهون ٻيو نه وڻي تو،
راهون هننجون نهاريان منهنجا دلبر.
پل نه پري هڪ مون کان ٿي تون،
توريءَ ڪيئن ٿو گهاريان منهنجا دلبر.
نيڻ نماڻا مارن مڙگان،
تو ڏي ڪيئن نهاريان منهنجا دلبر.
پنهنجي فراق کي جيار او جاني،
پيو ٿو روز پڪاريان منهنجا دلبر.
غزل
آشنا ئي غم ته آهي پر علاج غم نه آ،
باغ ۾ ٻوٽا گهڻا پر قطره شبنم نه آ.
ٿي حيات مختصر تي ايڏو باور ڇا لئه،
زندگي آهي مگر زنده رهڻ جو دم نه آ.
ڪيئن رهن عشاق قيدي تنهنجي گيسوئن جي
زلف آهن پر انهن ۾ هڪ به پيچ و خم نه آ.
مان ڪلهي سان ڏيئي ڪلهو ان سان هلان پر،
مون ۾ ايڏو هوش ناهي ۽ ڪو ايڏو دم نه آ.
چوسٽو
رات فرقت ۾ گذاري مون سڄڻ!
هر پفا پنهنجي وساري مون سڄڻ،
لڙڪ وهندا رهيا انتظاري ۾،
جوت آخر ٻاري مون سڄڻ.
مرزا ڪاظم رضا بيگ
غزل
سڄڻ دل جي اٿم خواهش اڄوڪي رات ترسي پئو،
اها ئي آهي بس منهنجي ٿي وائي وات ترسي پئو.
ٿيا جي پيار جا ويري ۽ دشمن از ازل آهن،
اڄوڪي رات ڏيڻي آهي تن کي مار ترسي پئو.
حسينن ۾ حَسين آهين پريوش ماهوش آهين،
خدا کان حسن جي توکي ملي سوغات ترسي پئو.
چمن ۾ چهچها جيئن ٿي ڪري بلبل اگر تئين ڀي،
جي چهڪين تون ته چوندس واهه تنهنجي لات ترسي پئو.
اکين مان ننڊ وئي اڳ ئي نه دل کي چين ڪو آهي،
سندءِ جهوليءَ ۾ اک لڳندي اڄوڪي رات ترسي پئو.
چوان ڇا حُسن تنهنجو آهي ڇا اي ماهه رو منهنجا،
حسينن جي رهي محفل ۾ تنهنجي تات ترسي پئو.
سوالي حُسن جي سرڪار ۾ تنهنجي ٿيس جو آءٌ،
ڪرين جي مِهر ڏيڻ لئي حسن جي خيرات ترسي پئو.
اُڃايو آهيان جام حُسن جو تنهنجي خدارا اڄ،
پيارڻ شربت ديدار تا پرڀات ترسي پئو.
چوان سهڻي ويا مومل ويا سسئي ويا سورٺ،
ويا ڪا حُسن جي ديوي ويا سمات ترسي پئو.
نه تنهنجو آهي ڪو ثاني نه تو جيئن آهي ڪو جاني،
ڪيا ڪي ئي حَسين هِت حُسن تنهنجي مات ترسي پئو.
پيو تڙڦائي فرقت جو سندءِ دل ۾ اٿم جو گهاءُ،
صبح کان شام تائين رات تا پرڀات ترسي پئو.
شروع ٿي وئي ڦوهار آهي لڳي ڏس هير پئي ڪهڙي،
چيو مڃ پنهنجي ڪاظم جو هي منجهه برسات ترسي پئو.
مختيار ملاح
گيت
تُنهنجي پريت منهنجو جياپو!
نيڻن ڪِيو نيڻن سان سياپو!
دِيدُن سان سرهاڻيون اکڙيون،
محبت ۾ مهراڻيون اکڙيون،
نرمل نينهن ڏنو آ نياپو!
نيڻن ڪِيو نيڻن سان سياپو!
لهِر لهِر لُڏي ٿي جهُومي،
سِنڌوءَ جي ڪنڌي ٿي جهومي،
ٻيڙيءَ ۾ ٻهڪي ٻيڙياتو.
نيڻن ڪِيو نيڻن سان سياپو!
سانت، رات جون ٻوليون پنهنجون،
نهر نچايون، ڇوليون پنهنجون،
چنڊ هيو ڄڻ ”تنهنجو کنياتو.
نيڻن ڪِيو نيڻن سان سياپو!
ماريو آ مختيار کي هاڻي،
سسئيءَ جهڙا سور نه آڻي،
ڏيرن جي ڏکڙن جو ڏِياپو،
نيڻن جو نيڻن سان سياپو!
ôôô
غزل
وڄي ٿي وري بانسري سانت ۾،
ساهه ٿڌڙا ڀري ڪا وري رات ۾!
رُنيِ ڪيترو پِيرَ پوڄي هُئي،
محبوبن جي آهي مُٺي مات ۾.
اناالحق نعرو سهارو وڏو آ،
اِها آهه وائي گُڻَهَه-وات ۾!
سڀئي لفظ منهنجا امرتا بڻيا،
اسان کي اوهان جي ڏنل ڏات ۾.
اي مختيار! مجبور ٿيندا وَڃون،
اوهان جي پرين ئي رُڳو تات ۾!
يوسف لغاري
غزل
ڪويل ڪوڪي تاڙو ٻولي،
منهنجو منڙو توکي ڳولي.
تاڙي کي جئن تاس تپائي،
پياس ايئن ٿي تنهنجي رولي.
آرهڙ ۾ ڀي توکي ڳوليان،
جهوري جيءَ وڌو آ جهولي.
ڳيرو گهُوگهو ڳائي ويٺو،
پرڙا پنهنجا وڻ تي کولي.
يادن تنهنجن گهيريو اهڙو،
چاڪ چڪي پيا هولي هولي.
ڳولي ڳولي پيس ٿڪي مان،
اوٽ وڻن جي ويهي اولي.
ڪهڙي جاءِ وسين ٿو جانان،
ڌرتي جي هِن ڪهڙي گولي.
”يوسف“ هڪڙو عشق رُلايو،
ٻيو ته رلايو بُک جي لولي.
غزل
ڪارونجهر تي مور ٽهوڪي،
منهنجي من جو چور ٽهوڪي.
موسم ڪيڏي وڻندڙ آهي،
ڀيڄ ڀني گهنگهور ٽهوڪي.
لوڏي ٻانهن هلي ٿي سُهڻي،
هرڻن جهڙي ٽور ٽهوڪي.
سسئي-پنهون اَچڻا آهن،
شهر سدا ڀنڀور ٽهوڪي.
يوسف لغاري شعرن ۾ ڀي،
شاهه لطيف ٽئگور ٽهوڪي.
|