اها هئي شاهه لطيفؒ جي تعليم، جو پنهنجن مريدن ۽
سالڪن کي ڏيندو هو، جيڪا شرڪ کان پاڪ هئي ۽ عين
شريعت جي مطابق هئي. اهڙيءَ طرح هو چوي ٿو ته:
جُسي ۾ جَبار جو، خفي خيمو کوڙِ
جَلي تون زبان سين، چارئي پهرچورِ
شاهه صاحب جيڪا توحيد جي تعليم ڏني آهي، ان ۾
”مان“ جو عنصر نه ٿو اچي. شاهه جي تعليم ۽ شاعريءَ
جو مدار، اسلامي شريعت ۽ اِلاهي عشق تي آهي. هو
تصوف جي نڪتن مان ٻُڌائي ٿو ته جيسين ”مان يا
آئون“ جو تصور، انسان جي جي ذهن مان نه ٿو نڪري،
تيستائين وحدانيت جي راهه ماڻي نه سگهندو. هيٺيون
بيت سندس انهيءَ تعليم جي تصديق ڪري ٿو، هو چوي ٿو
ته:
”آئون“ سين ان پار، ڪڏهن تان ڪونه پئو
اِنَّ اَلله وِتريحب الوِتر نيئي ٻيائي ٻار
هيڪڙائي وٽِ هارِ، هنجون جي هئڻ جون
شاهه صاحب هڪ روشن ذهن انسان هو. هو ڪنهن به هڪڙي
طريقي جي قاعدن، قانونن ۽ دستورن جي روايتي اصولن
کان وڌيڪ ”انسان جي فطرت“ جي اڀياس ۽ انسان جي
ذاتي ذهني سطع کي سامهون رکي، ان جي تربيت ۽ رب جي
ذات ڏانهن مائل ڪرڻ جو حامي هو.
جڏهن ته شاهه صاحب وحدت الوجود جونه فقط قائل هو،
پر سندس رڳ رڳ ۾ وحدت الوجود جو عقيدو پڻ سمايل
هو. سندس هيٺين شعر کي پڙهڻ ۽ غور ڪرڻ سان معلوم
ٿيندو ته شاهه لطيفؒ جي عقيدي ۾ خدا جو تصور ڪيترو
ته بُلند ۽ اعليٰ آهي:
ڪوڙين ڪايائون، تنهنجون لِکَن لکَ هزار
جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سين، درسن ڌارون ڌار
پريم! تنهنجا پارَ، ڪهڙا چئي ڪيئن چوان
مگر ڪٿي به اها دعويٰ نه ڪئي اٿس، جنهن ۾ مذهبي
ماڻهن کي منجهانئس ڪفر جي بوءِ ايندي هجي، ڇو ته
شاهه صاحب پاڻ به خانداني طور مذهبي ماڻهو هو.
انڪري اسلام جي سڀ کان اهم قدر توحيد جي اُپٽار
اِجهو هنن لفظن ۾ فرمايو اٿس:
اَول الله، عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي
قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديمُ
والي، واحد، وحده، رزاق، رَبُّ، رَحيمُ
سو ساراهه سچو ڌڻي، چَئي حَمدُ حڪيمُ
ڪري پاڻ ڪريمُ، جوڙوُن جوڙ جهان جي
شاهه لطيفؒ ٻئي هنڌ الله پاڪ ۽ رسول ڪريمؑ جن تي
ايمان آڻڻ لاءِ به قرآن شريف جي روشنيءَ ۾ فرمايو
آهي ته:
وحده لاشريڪ لَہُ، جان ٿو چَئين اِيئن
تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن
کان تون وڃئو ڪيئن، نائين سر ٻين کي
پرين پاڻ ۾ آهي، ان کي ٻاهر ڳولهڻ نامناسب آهي،
اندر ۾ جهاتي پائجي ته ان جو مشاهدو پاڻ ئي پَسي
سگهجي ٿو، هو چوي ٿو:
هوت تنهنجي هنج ۾، پُڇين ڪوهه پرياڻ،
ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد، تنهنجو توهين ساڻ
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي
اهڙيءَ طرح ٻي جڳهه تي شاهه صاحب هيئن فرمايو ته:
وڃين ڇو وڻڪار، هِت نه ڳولهئين هوت کي
لِڪو ڪين لطيف چئي ٻاروچو ٻئي پار،
ٿِي سَتي، ٻَڌ سَندرو، پرت پنهونءَ سين پار
نانئَي نيڻَ نِهار، تو ۾ ديرو دوست جو
سچو صوفي ڳجهوَ توڙي پڌرو ڌڻيءَ جو اسم پيو اچاري
۽ ٻئي ڪنهن به در نه ٿو وڃي، پر وحدانيت جي واٽ ۾
ئي محو رهي ٿو ته محبوب ۽ سڄڻ، ان سان گڏ پڻ هوندو
آهي ۽ ساڻس ساه ۾ ساڻ هوندو آهي:
چَئهُ تون الله هيڪڙو، ٻي وائي وساري ڇڏ،
اوتان توسين گڏ، سڄڻ ساهه پساهه ۾.
ساڳيءَ طرح سچن صوفين جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هو چوي ٿو
ته، ”هُو (صوفي) توحيد جي رستي تي هلڻ جا عادي
آهن؛ ليڪن اُهي شريعت جي قانون جو احترام ۽ عزت به
ڪن ٿا.“ انهن جي ترجماني ڪندي، ٻُڌايو اٿس:
وحده جي وڍيا، اِلالله سين اورينِ
هِنيون حقيقت گڏيو، طريقت تورينِ
معرفت جي ماٺ سين، ڏيساندر ڏورينِ
سک نه سُتا ڪڏهين، ويهي نه ووڙين
ڪُلهنيون ڪورينِ، عاشِق عبداللطيف چئي.
مطلب ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ اسلام جو
پيروڪار، پڪو ديندار، نبي ڪريم جي تابعداري
ڪندڙ، صوفي بزرگ ۽ دنيا جو عظيم شاعر هو. هن ساري
زندگي خدا جي مخلوق ۽ عوام جي خدمت ڪئي. نه فقط
ايترو، پر شاهه صاحب صبر، توڪل، شڪر، حقيقت
پسنديءَ، اخلاقيات، انسان دوستيءَ ۽ امن جو پيغام
سنڌ واسين توڙي دنيا جي ٻين ماڻهن ۽ سماجن تائين
پهچايو آهي. سندس ڪلام ۾ تصوف جا انيڪ رنگ سمايل
آهن. شاههؒ جو تصوف، قرآن شريف ۽ سُنتِ رسول ﷺ تي
مبني آهي، پر ان جو بنياد، اسلامي نظرئي ۽ ڪردار
تي مشتمل پڻ آهي. شاهه لطيفؒ هڪ طرف سياحت ڪئي، ته
ٻئي طرف ماڻهن سان لاڳاپا ۽ واسطا وڌايائين. ڇو ته
هو هڪ سماجي سڌارڪ انسان، ماڻهن سان گڏجي رهڻ جو
قائل، عالمن جي صحبت جو ڪوڏيو ۽ انساني نفسيات جو
پارکو به هو.
شاهه لطيف گويا وحدت الوجود جي نظرئي جو حامي هو،
سندس شاعراڻو انداز جَلالي نه، پر اِجمالي پڻ آهي؛
منجهس ڪُفر ۽ شِرڪ جي بُوءِ هرگز هرگز نه آهي، هو
چوي ٿو ته:
عاشقن الله جي، سدا وائي وات
فاذکروني اذکرکم، تن ۾ اِها تات
ان کان ڪا نه ساعت، سڄڻ ويل نه وسري
شاهه صاحب کي هميشه ٽي ڪتاب جهڙوڪ: قرآن مجيد،
روميءَ جي مثنوي ۽ شاهه ڪريم جو رسالو وغيره ساڻ
هوندا هئا. ليڪن هو حديث جو به ڄاڻو هو. انڪري
سندس ڪلام ۾ اسلامي تصوف موجود آهي. شاهه لطيف هڪ
ڪامل ولي، الله لوڪ، عوامي زندگيءَ جو علمبردار،
انساني همدرد، سماجي ڀَلائيءَ جو گهڻگهرو، هر
دلعزيز، اسلام جي اطاعت ڪندڙ، تصوف جو ڄاڻو ۽ آلِ
نبي ڪريم ﷺ سان محبت ڪندڙ انسان هو. سندس ڪلام جو
اَڀياس ڪندي، اهو معلوم ڪجي ٿو ته هن جي شاعري،
تصوف جي عميق نڪتن ۽ مختلف رنگن سان ڀريل آهي.
شاهه جو صوفياڻو ڪلام، انسانيت جي راهه لاءِ
اِلاهي عشق جو درس ۽ قرب جو موجب پڻ آهي. تنهنڪري
ائين چئجي ٿو ته شاهه لطيفؒ هڪ عظيم شاعر هجڻ سان
گڏ، انساني هدايت جو هادي، نصيحت جو نمائندو ۽
تصوف جو مُفڪر هو. جنهن جي علمي نگاهه، ادبي
بصيرت، ديني سمجهاڻي ۽ تصوف جي سرواڻيءَ کان دنيا
جا ذي شعور انسان باخبر آهن. اهڙيءَ طرح لطيفؒ جو
لاڳاپو ۽ رشتو پوري انسانيت ۽ اُلوهياتي انس سان
بيحد ۽ اَٽُوٽ هو. هو هدايت ڪري ٿو ته:
سا سِٽ ساريائون، الف جنهن جي اڳ ۾،
”لا مقصود في الدارين“ ان پر اُتائون
سڳرُ سوٺائون، ٿيا رَسيلا رحمان سين
ياد رهي ته روحاني عمل ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي
آهي ته الله پاڪ کي ياد ڪجي ۽ پاڻ کي سڃاڻجي ته،
هُو توهان ۾، توڙي توهان جي سامهون آهي. انڪري
لطيفؒ هيئن چيو ته:
تنُ کڏي، مَنُ حُجرو، ڪيمَ چاليها رکُ
ڪوه نه پوڄيو پوڄئين، اٺئي پهر اَلکُ؟
تان تون پاڻ پرکُ! سڀ ڪنهن ڏانهن سامهون
مطلب ته شاهه لطيف، اهو ادبي ۽ روحاني آفتاب آهي،
جنهن جي چؤڌاري ٻيا ادبي گرهه، ستارا ۽ سيارا،
دائما گردش ڪندا رهن ٿا ۽ ان جي دائمي روشنيءَ مان
علمي ۽ ادبي فيض حاصل ڪندا رهن ٿا ۽ ان جي سهاري
جِيئنِ ٿا.
لطيف جو ڪلام، سنڌ جي عام انسان، اَٻوجهه ۽ ساده
مزاج سنڌيءَ جي سمجهڻ لاءِ آسان لفظن ۾ وحدت
الوجود جو هڪ وڏو اونهو اسرار آهي. جيڪڏهن شاهه
صاحب جي ڪلام کي سِڪ، عقيدت، غور ۽ فڪر سان پڙهبو
ته محسوس ٿيندو ته لطيفؒ جو سارو ڪلام، هرهڪ سُر،
هرهڪ بيتُ، وحدت الوجود جو پيغام آهي، جيڪو آسان ۽
عام فهم تمثيلن سان سمايل آهي. الله رب ڪريم ۽
سندس دل جي سچائي ۽ اندر جي اوجر جو ذريعو
آهي. تصوف جا گوناگون رنگ ڏَسڻُ ۽ وحدت الوجود جون
رمزون سمجهائڻ، اهو لطيف جوئي ڪمال آهي.
بهرحال، لطيفؒ جو ڪلام، روحانيت ۽ تصوف جو هِڪُ
آسان سبق آهي. وحدت الوجود جي سمجهاڻين کي نهايت
آسان لفظن ۾ سمجهائي، لطيف هڪ اعليٰ استاد جو درجو
۽ مرشد ڪامل، منزل ماڻي ٿو. پاڻ ئي هيئن چيو
اٿائين ته:
الله جيئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو
خالق! تنهنجي کاند جو، پرو پاند نه ڪوءِ
نالو رب! سندوءِ، رهيو آهم روح ۾
مددي ڪتاب ۽ رسالا:
-
غلام احمد پرويز، علامه: ”لغات القرآن“ (اردو)-
جُلد ٻيون- طلوع اسلام ٽرسٽ- لاهور، 2000ع.
-
غلام احمد پرويز، علامه: ”لغات القرآن“- (اردو)-
جُلد ٽيون طلوع اسلام ٽرسٽ- لاهور، 2001ع.
-
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: ”جامع سنڌي لغات- جُلد
ٻيون“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ، 1981ع.
-
شيخ، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر ۽ شيخ عبدالرزاق
راز: مشرقي شاعريءَ جو تنقيدي مطالعو“ سنڌ نيشنل
اڪيڊمي ٽرسٽ، حيدرآباد، 1993ع.
-
شيخ، محمد ابراهيم خليل، ڊاڪٽر: ”ادب ۽ تنقيد“
مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، سنڌ، 2001ع.
-
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت تي
اسلامي اثرات“ مهراڻ اڪيڊمي، ڪراچي، سنڌ 1989ع.
-
ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جو تنقيدي
اڀياس“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 1996ع.
-
سوڍر، شاهنواز، ڊاڪٽر: ”سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف“
شاهه لطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد سنڌ،
1991ع.
-
جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر: ”سنڌي ادب جي مختصر
تاريخ“ روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، سنڌ، 1994ع.
-
الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“
سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ،
2006ع.
-
سيد - جي- ايم: ”پيغامِ لطف“ جي- ايم- سيد، اڪيڊمي
سن، دادو، 2005ع.
-
نور محمد سنڌي، مولوي: ”تصوف جي تاريخ“
-
گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، سنڌ، 1995ع.
-
ڀٽو، محمد موسيٰ: ”جيڪي ڏٺو آهه مون“ سنڌ نيشنل
اڪيڊمي، ٽرسٽ حيدرآباد، سنڌ، 1994ع.
-
قليچ بيگ، ميرزا، (مرتب): ”شاهه جو رسالو“ سنڌي
ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 2007ع.
-
آڏواڻي، ڪلياڻ، (مرتب): ”شاهه جو رسالو“ مڪتبه
بُرهان اردو بازار ڪراچي، 1976ع.
-
منگت رام، فتح چند: ”مناجات شاهه“ گلشن پبليڪيشن،
حيدرآباد، سنڌ، 1994ع.
-
اديب، يونس، سنڌي ترجمو، چانڊيو: ”منصور حلاج“
موهن جو دڙو پبلشنگ ايجنسي لاڙڪاڻو، سنڌ. 2001ع.
-
ماهوار، پيغام“ ڪراچي، اپريل 2005ع.
-
ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد- جنوري- فيبروري-
2006ع.
-
ماهوار ”سنڌ رويو“ ڪراچي- اپريل- 2003ع.
-
پندرنهن روزه ”عبرت مئگزين“ 16- جنوري- 2011ع.
ميرزا فياض علي بيگ
بزم خليل جا شاعر ۽ سامعين
بزمٖ خليل جو مفصل احوال ”مهراڻ 3/2012ع“ جي پرچي
۾ شايع ٿيو ۽ هاڻي هيءُ اُن مقالي جو ٻيو حصو آهي،
جنهن ۾ بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندڙ شاعرن
مان ڪجهه شاعرن جو احوال اختصار سان رقم ڪيو اٿم.
جڏهن بزمٖ خليل وجود ۾ آئي، تڏهن تازو تازو ملڪي
آزادي حاصل ٿي چڪي هئي ۽ ننڍو کنڊ ٻن حصن ۾
ورهائجي ويو؛ جنهن ۾ هڪ حصو هندوستان ۽ ٻيو حصو
پاڪستان جي نالي قائم ٿيو. سنڌ مان ڪيترائي هندو
شاعر، اديب، محقق ۽ عالم حالات جي پيش نظر سنڌ جا
وڻ ۽ پنهنجا وَسندا گهر ڇڏي هندوستان هليا ويا!
جنهن ڪري ڪجهه عرصو علمي ادبي دنيا ۾ به ماٺائي
اچي وئي. هيڏانهن وري هندوستان مان ڪيترائي شاعر ۽
اديب حضرات هجرت ڪري سنڌ ۾ آيا ۽ سنڌ جي مختلف
ضلعن ۾ جنهن کي جتي اَجهو مليو ان اتي مٿو لڪايو.
پوءِ سال سَوا ۾ حالات ۾ ڪجهه ٺاپر آئي ته، سنڌي
علمي، ادبي ۽ شاعرانه ذوق رکندڙن ترت ئي پنهنجا
پير سنڀالي ورتا ۽ نئين ٽهي جا اديب ۽ شاعر اُنهي
خال کي پُر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي
خدمت کي لڳي ويا. ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘ ۽
ٻيا اُن دور جا شاعر ۽ اديب جن جو چاهه پنهنجي
سنڌي ٻولي ۽ سنڌي علم و ادب سان هو، تن سڀني گڏجي
هڪ هنڌ يڪ مشت ٿي سنڌي شاعري کي کڻي ورتو؛ انهيءَ
خيال کان ته ان دور جي اديبن جو شاعري ڏي گهٽ
توجهه هو، جنهن ڪري ئي بزمٖ خليل جو بنياد وجهي
اديبن ۾ شاعري جو شوق پيدا ڪيو ويو. جتي شروع ۾ ته
رڳو سنڌي زبان ۾ مشاعرا ٿيندا هئا، پر پوءِ جيئن
جيئن انهن مشاعرن ۾ اردو زبان جا شاعر اچڻ لڳا ته
پوءِ اردو ۽ فارسي ۾ به مشاعرا ٿيڻ لڳا.
هِتي هڪ ڳالهه لکندو پوءِ پنهنجي اصل مقصد تي اچان،
ته سنڌ جي هندن ۾ وڏا وڏا ناليوارا اديب، مؤرخ،
محقق، ٻولي جا ماهر ۽ نثرنگار هر دور ۾ پيدا ٿيندا
رهيا، مگر هُنن مان ڪنهن جو به شاعري سان دلي شوق
ذوق ڪونه هو. هنن پنهنجو سڄو ڌيان نثرنگاري تي
ڏنو، جنهن ۾ هو ڪامياب ٿيا ۽ سنڌي ادب کي اُهي ته
املهه ماڻڪ ڏنائون، جن سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي حيات
جاودان بخشي تاقيام قيامت مالا مال ڪري ڇڏيو آهي؛
۽ وري ائين به نه آهي ته سنڌي هندن ۾ شاعر ڪونه
هئا. هئا ضرور، پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا! نالا پڙهو:
ليکراج ڪشنچند، عزيز مير چنداڻي، ڪشچند بيوس،
هرومل سدارنگاڻي، پرسرام ضيا، رام پنجواڻي، هري
دلگير، جئسنگاڻي سام، کيئلداس فاني، جهمٽمل
ڀاوناڻي ۽ ڪجهه ٻيا شاعر. جهمٽمل ڀاوناڻي ته فن
شاعري تي ڪتاب ”سنڌي شعر“ لکيو. جنهن جو پهريون
حصو ڇند سڳند سال 1953ع ۾ ۽ ٻيو حصو عطر عروض
1954ع ۾ شايع ٿيو. هندن سنڌ ۾ ڪڏهن به ڪا بزمٖ
مشاعره قائم ڪونه ڪئي. پر جڏهن هندوستان ويا ته،
اُتي هنن ڀرپور نموني ۾ شاعري ۾ حصو ورتو ۽ تمام
سٺا شاعر ايوان شاعري ۾ نڪري آيا. جتي ٻه- چار
اديب شاعر گڏيا اتي بزمٖ مشاعرا قائم ڪيائون ۽
وڏيون وڏيون ڪانفرنسون، ادبي ميڙ، محفلون ۽ مشاعرا
ڪرايا ۽ اڄ تائين ڪرائيندا اچن.
ورهاڱي کانپوءِ بزمٖ خليل سنڌ ۾ شاعرن جي پيڙهه جو
پٿر هو، جنهن تي سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين بزمٖ ادب
(مختلف نالن سان) مضبوط عمارت ٺاهي ڇڏي؛ جنهن جي
نتيجي ۾ اڄ سڄي سنڌ ۾ شاعري پوري عروج تي پرواز
ڪري رهي آهي. انهن ئي مشاعرن جي طفيل سنڌي شاعرن
مختلف اصنافٖ سخن جهڙوڪ: غزل، نظم، رباعي، قطعو،
گيت، سانيٽ، ترائيل وغيره کي سنڌي جهڙي مٺي زبان
جي مٺاس سان اهڙو ته مٺو بنائي ڇڏيو، جو ان مان
ڌاريائپ صفا نڪري وئي ۽ نج سنڌي شاعري بنجي هميشه
لاءِ سنڌ جو ورثو بنجي وئي.
بزمٖ خليل ۾ بلاتفريق بلا امتياز سڀ شاعر شريڪ
ٿيندا هئا. بزمٖ خليل ۾ جتي سنڌي شاعرن کي عزت ۽
مانُ ملندو هو، ته اُتي اردو جي شاعرن جي پڻ پيار
۽ محبت سان خوش آمديد ڪئي ويندي هئي. منهنجي نظر
۾ سواءِ ٻن چئن شاعرن جي ٻيو اهڙو ڪو به اُن وقت
جو شاعر نه آهي، جنهن هڪ ٻه دفعو بزمٖ خليل ۾ منهن
نه وڌو هجي. دنيا ۾ اِهو شروع کان ئي رواج هلندو
پيو اچي ته، ڪنهن به اداري، انجمن يا ادبي مرڪز
وغيره ۾ طرفين جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا رهيا آهن.
پوءِ اِهي اختلاف علمي ادبي هجن يا نظرياتي؛ سي
ڪڏهن ته ختم ٿيو وڃن، ته ڪڏهن وري سنگين صورت
اختيار ڪري ڌرين ۾ ويڇا وجهيو ڇڏين ۽ نتيجي ۾ اهي
ادارا، انجمنون ۽ بزمون وغيره اختلافن جي نذر ٿي
ختم ٿيو وڃن.
بزمٖ خليل جي باني ڊاڪٽر ’خليل‘ سان ڪنهن به اديب
يا شاعر جا ذاتي اختلاف ڪونه هئا. بلڪه تمام ٿورا
نه هجڻ برابر ڪي نظرياتي اختلاف هئا، جيڪي ختم ٿي
سگهڻ جهڙا هئا. پر افسوس جو ڪنهن به اديب ۽ شاعر
ان پاسي ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ۽ آخر بزمٖ خليل به
اختلافن جي نذر ٿي پنهنجي پڄاڻي تي پهچي تمت
باالخير ٿي...!
سرٖ دست مون کي بزمٖ خليل جي جن جن سنڌي ۽ اردو
شاعرن جو احوال ملي سگهيو آهي، سو هِن مقالي ۾ ڏنو
اٿم. اڃان به منهنجي ڪوشش جاري آهي ته، بزمٖ خليل
بابت جيتري وڌيڪ معلومات مون کي ملي سگهي، اوهان
پڙهندڙن جي پيش خدمت ڪريان. آخر ۾ آئون پنهنجي ٻن
نهايت اهم ادب دوست بزرگن محترم عبدالقيوم ’صائب‘
۽ محترم پروانو ڀٽي جن کي گذارش ڪندس ته کين بزمٖ
خليل بابت جيڪا به ڄاڻ يا ان ڏَسَ ۾ وٽن ڪو قلمي ۽
ڇاپي مواد يا سندن ياداشت موجب ڪو احوال هجي يا ڪا
ڪمي پيشي هِن ٻن مقالن ۾ رهجي وئي هجي ته ان کي
پورو ڪري وڌيڪ معلومات لکي ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع
ڪرائن يا وري مون کي مهرباني ڪري عنايت فرمائين ته
آئون سندن ئي شڪريي سان وڌيڪ احوال لکان، ته جئين
سندن معلومات کان پڙهندڙ محروم نه ٿين ۽ پوري ڄاڻ
حاصل ڪن. اميد ته عرض کي شرف مقبوليت بخشي راقم کي
ممنون احسان ڪندا.
بزم خليل جا شاعر:
ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم ’خليل‘
بزمٖ خليل جو باني، محمد ابراهيم شيخ ولد محمد
يوسف شيخ 24- ڊسمبر 1900ع تي ڪراچي ۾ ڄائو. پاڻ
ابتدائي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان حاصل
ڪري، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ايم.
بي. بي. ايس. پاس ڪري ڊاڪٽري جي سَند وٺي حيدرآباد
۾ آيو ۽ سال 1924ع ۾ پنهنجي خانگي اسپتال حاجي
ڏوسل واري بلڊنگ صدر بزار حيدرآباد ۾ کولي، جتي
1982ع تائين باقاعده استپال هلائيندو رهيو. سال
1928ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي سول استپال ۾ سرڪاري نوڪري
ملي، جتان بدلي ڪرائي مينٽل هاسپيٽل ۾ سپرنٽينڊنٽ
مقرر ٿي آيو. ڪجهه وقت ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي ۽
لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ پروفيسر به رهيو ۽ سال 1954ع
۾ خيرپور مان ڊائريڪٽر آف هيلٿ جي عهدي تان رٽائر
ٿيو.
ڊاڪٽر ’خليل‘ 14 سالن جي عمر کان شعر چوڻ لڳو ۽
’غافل‘ تخلص سان 1932ع تائين شعر چوندو رهيو. پوءِ
پنهنجي استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي خواهش تي
’خليل‘ تخلص اختيار ڪيائين. پاڻ جيئن ئي حيدرآباد
۾ آيو ۽ ادبي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو ته پاڻ آخري
دم تائين سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ باقاعده شرڪت
ڪندو رهيو. اِهو ئي سبب هو جو پاڻ حيدرآباد ۾
شاعرن جي ڪمي محسوس ڪندي بزمٖ خليل جو بنياد وڌو،
جنهن طرفان سالن جا سال باقاعده تمام سٺا مشاعرا
ٿيندا رهيا. ڊاڪٽر صاحب لاڙڪاڻي ۾ شاعرن جي وڏي
جماعت ”جمعيت
الشعراء سنڌ“ جو 14 سال صدر ٿي رهيو ۽
حيدرآباد ۾ سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي جو پاڻ سالن جا
سال وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو.
ڊاڪٽر ’خليل‘ شاعري سان گڏ نثر ۾ پڻ ڏهاڪو کن ڪتاب
لکيا آهن. کيس جيترو علم عروض ۽ شاعري تي عبور
حاصل هو، ايتري ئي نثرنگاري تي به دسترس حاصل هئس.
سندس لکيل ڪتابن مان ”رهنمائي شاعري“ (ٽي ڀاڱا) ۽
”عبرت ڪده“ (افسانا) تمام بهترين ڪتاب آهن.
پاڻ 19- نومبر 1982ع تي حيدرآباد ۾ هِن فاني جهان
مان لاڏاڻو ڪري هميشه جي لاءِ اميدن ڀرئي مقام ۾
وڃي مقامي ٿيو.
محمد بخش ’واصف‘ حيدرآبادي
محمد بخش ’واصف‘ ولد محمد عثمان سال 1892ع ڌاري
ڳوٺ راضي جتوئي تعلقو سڪرنڊ ۾ جنم ورتو، پاڻ اصل
حيدرآباد جو هو. ’واصف‘ پنهنجي دور جو مشهور شاعر
۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي. سندس تصنيفات مان شاعري
۾ ”ديوان واصف“، ”رباعيات واصف“ ۽ نثر ۾ ”شرح
لطيفي“، ”تذڪرة الشعراء“ ۽ ٻيا ڪتاب مشهور آهن.
سندس تعلق ڊاڪٽر ’خليل‘ سان 1925ع کان رهيو، جيڪو
آخر تائين قائم رکندو آيو. جيئن ته بزمٖ خليل نئين
نئين وجود ۾ آئي هئي، جنهن ۾ نئين ٽهي جي شاعرن
سان گڏ اُن دور جا بزرگ شاعر ۽ اديب به شريڪ ٿيندا
رهندا هئا ۽ ’واصف‘ مرحوم به بزمٖ خليل جي ٻن ٽن
مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو. پاڻ 24- نومبر 1952ع ۾ هِن
فاني جھان مان لاڏاڻو ڪيائين.
ڊاڪٽر قاضي علي احمد ’علي‘
ڊاڪٽر قاضي علي احمد ولد قاضي شمس الدين 30-
سيپٽمبر 1892ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. هيءُ اصل ۾ پاٽ
ضلعي دادو جو هو. سندس نانو قاضي امام علي
حيدرآباد ۾ فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو، جيڪو فقير جي
پِڙَ جي چاڙهي چڙهندي ابراهيم شاهه گهٽيءَ وٽ
پنهنجي جاءِ ۾ رهندو هو، اتي ئي سندس ڪورٽ به هئي.
کيس ٻه پٽ قاضي امداد علي (علامه آءِ. آءِ. قاضي)
۽ قاضي فخرالدين هئا. قاضي علي احمد انهيءَ قاضي
صاحب واري جاءِ ۾ جنم ورتو. جتان ترت ئي قاضي شمس
الدين لڏي ڪلرآباد موجوده ٻڪرامنڊي جي اڀرندي طرف
اچي رهيو.
قاضي شمس الدين کي ٻه پٽ قاضي علي احمد ۽ قاضي
غلام مصطفيٰ هئا، جن ٻنهي سرڪاري وڏن عهدن تي پهچي
وڏي منزل ماڻي. قاضي علي احمد ڊائريڪٽر هيلٿ سروس
۽ قاضي غلام مصطفيٰ ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتا.
قاضي غلام مصطفيٰ کي ابتدا ۾ ڪجهه وقت مشاعرن جو
شوق هو، پر پوءِ سندس ان پاسي کان ڌيان هَٽي ويو.
باقي قاضي علي احمد ڀرپور نموني ۾ علم و ادب ۽ شعر
و شاعري ڏي توجهه ڏنو. قاضي صاحب جو ڊاڪٽر ميرزا
مدد علي بيگ دلي دوست هو، جنهن ڪري پاڻ ننڍپڻ کان
ئي ٽنڊي آغا امام بارگاه علي آباد ۾ ايندو هو. جتي
وقت به وقت علمي، ادبي ۽ مذهبي محفلون، مجلسون،
مشاعرا ۽ ڪچهريون ٿينديون هيون، جن ۾ پاڻ به ڀرپور
حصو وٺندو هو. ميرزا قربان علي بيگ جي بهترين
خطاطي ڏسي کيس به خوش خطي جو شوق جاڳيو ۽ پوءِ
ميرزا قربان علي بيگ جي شاگردي ۾ تمام بهترين خوش
خط ثابت ٿيو. سندس لکيل هڪ قلمي بياض جو ناياب
نسخو ميرزا نجم الحسن جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي، جو
قابل ديد آهي.
قاضي علي احمد تمام بهترين نثر نويس هئڻ سان گڏ و
گڏ سٺو شاعر به هو. سندس ڊاڪٽر ’خليل‘ سان دوستانه
تعلقات هئا. هي
جمعيت الشعراء
سنڌ جو به ميمبر هو ته بزمٖ خليل جو به
شاعر هو. بزمٖ ’خليل‘ جي ٻن ٽن مشاعرن جي صدارت به
هِن ڪئي، جن مان هڪڙو يادگار مشاعرو روٽري ڪلب
حيدرآباد ۾ ٿيو. قاضي صاحب سرڪاري نوڪري جي سلسلي
۾ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهيو، پوءِ جڏهن ڪراچي ۾
ويو، ته هميشه لاءِ اتي ئي رهيو ۽ اتي 27 جنوري
1970ع ۾ وفات ڪيائين.
ميرزا گل حسن بيگ ’احسن ڪربلائي‘
ميرزا گل حسن بيگ ولد ميرزا دوست محمد بيگ 01-
مارچ 1897ع ۾ ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ ڄائو. هِن
ابتدائي ۽ ثانوي تعليم حيدرآباد جي مقامي اسڪولن
مان حاصل ڪري سال 1917ع ۾ سنڌي ڪاميٽي جو امتحان
پاس ڪيو ۽ سال 1918ع ۾ حيدرآباد ميونسپل کاتي ۾
نوڪري ڪئي. جتان 1953ع ۾ آڪٽراءِ انسپڪٽر جي عهدي
تان رٽائر ٿيو. جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو اسٽيشن قائم
ٿيو، تڏهن اُتي اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت سان ملازمت
شروع ڪيائين. جتي پاڻ آخر تائين فرائض سرانجام
ڏيندو رهيو.
’احسن ڪربلائي‘ سال 1914ع ۾ شاعري جو آغاز ڪيو؛
پهرين ته پنهنجي ڪلام ۾ ’ظفر‘ تخلص آندو، پر پوءِ
’احسن‘ تخلص ڪيائون ۽ ادبي دنيا ۾ ’احسن ڪربلائي‘
جي نالي سان مشهور ٿيو. پاڻ امام بارگاه علي آباد
ٽنڊو آغا ۾ مذهبي محفلن، مجلسن ۽ مشاعرن ۾ ڀرپور
حصو وٺندو هو. انهيءَ ئي زماني ۾ محمد بخش واصف جي
دعوت تي ڪورين جي پِڙَ ۾ به ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ
ٿي غزل پڙهندو هو. سندس ڊاڪٽر ’خليل‘ سان به
دوستانه تعلقات هئا ۽ پاڻ اڪثر ڊاڪٽر صاحب وٽ
ويندو رهندو هو. جڏهن بزمٖ خليل قائم ٿي ته ان ۾
هِن ڀرپور حصو ورتو ۽ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾
شريڪ ٿي غزل پڙهندو هو. پاڻ جمعيت الشعراء سنڌ جي
مشاعرن ۾ به شرڪت ڪندو هو.
’احسن ڪربلائي‘ شاعري سان گڏ نثر لکڻ ڏي به توجهه
ڏنو. ان سلسلي ۾ هِن ڪيترائي تاريخي، تحقيقي،
سوانحي ۽ مذهبي مضمون ۽ مقالا لکيا ۽ ان کان علاوه
افسانه ۽ ڊراما به لکيائين، جيڪي مخلتف رسالن ۾
وقت بوقت شايع ٿيندا رهندا هئا. سندس لکيل مقالن
مان ”ٽالپر حاڪمن جا علمي ڪارناما“
هڪ تحقيقي ۽ تاريخي مقالو آهي، جيڪو سال 1954ع
ڌاري ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار شايع
ٿيو. اڳتي هلي جنهن به اديب، محقق ۽ تاريخدان
حيدرآباد جي ٽالپر حڪمرانن تي لکيو ته ان اهوئي
مقالو بنياد بنائي لکيو آهي. پاڻ بهترين ڪاتب به
هو. سندس لکيل بياض قابل ديد آهن، جن تي مصوري جا
شاهڪارَ بي مثال آهن. پاڻ 28- اپريل 1962ع تي هِن
فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو.
ميرزا فيض علي ’افقر‘
ميرزا فيض علي ولد ميرزا جعفر علي 1897ع ڌاري
حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ مئٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد
۾ پرائي. هي صدر ۾ ڪراچي هوٽل جي مٿان هڪ جاءِ ۾
رهندو هو، جتي آئون پنهنجي ناني مرحوم ميرزا علي
محمد بيگ سان گڏجي ٻه- ٽي دفعا ويس. مون کي سندس
علمي ڪچهري گهڻو متاثر ڪيو.
ميرزا فيض علي جو ڏاڏو ميرزا مخلص علي پهريون
مسلمان صحافي ۽ اخبار نويس هو، جنهن ”مفرح القلوب“
نالي اخبار جاري ڪئي ۽ ان اخبار کي ان وقت سٺي موٽ
ملي. سندس والد ميرزا جعفر علي سنڌ مدرسة الاسلام
ڪراچي ۾ فارسي جو استاد هو. ميرزا مخلص علي
شڪارپور جو رهاڪو هو ۽ سندس قبر به شڪارپور ۾ آهي.
ميرزا جعفر علي ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽
پوءِ ڪراچي نوڪري جي سلسلي ۾ هليو ويو.
ميرزا فيض علي وٽ تمام سٺي لئبريري هئي، جنهن ۾
ڪيترائي ناياب ڪتاب هئا ۽ اخبار ”مفرح القلوب“ جا
پورا فائل موجود هئا. پاڻ هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو
اسحاق هو، ان کي پاليو، ڇاڪاڻ جو کيس پنهنجو نرينه
اولاد ڪونه هو. منهنجي محترم ۽ مهربان دوست ضياءُ
الله غلام علي گهڻي ڪوشش ڪئي، ته ان اسحاق جي
معرفت ڪجهه ڪتاب هٿ ڪجن، مون پاڻ به ان ڏَسَ ۾
گھڻي ڪوشش ڪئي، پر اسحاق هڪ پنو به ڏيڻ ته ڇڏيو پر
ڏيکارڻ کان ئي پڙ ڪڍي بيهندو هو. هاڻي ميرزا فيض
علي به جهان ڇڏي ويو ۽ اسحاق به لاڏاڻو ڪري ويو.
لئبريري جو ڇا حشر ٿيو، سو خدا بهتر ٿو ڄاڻي!
ميرزا فيض علي علمي گهراڻي جو فرد هو، جنهن ڪري هن
جو پڻ علم و ادب سان گهڻو چاهه هو ۽ ’افقر‘ تخلص
سان شعر چوندو هو. هن جا ڊاڪٽر خليل سان دوستانه
تعلقات هئا، جڏهن 1942ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪوشش سان
حاجي شاهه جي درگاهه وٽ مشاعرن جو سلسلو شروع ٿيو،
تڏهن کان هن ڀرپور حصو انهن مشاعرن ۾ ورتو ۽ وري
جڏهن بزمٖ خليل قائم ٿي ته ان ۾ باقاعده شريڪ
ٿيندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هي ترنم ۾ شعر پڙهندو هو ته
سڄي محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو.
عبدالعزير قند هاري
هر وقت کلندو رهندو هو، انتهائي کل مک؛ توڙي جو
چِڙ جو تيز به هو، پر هميشه منهن تي خوشي واري
مُرڪ هوندي هئس. ڪتابن ۽ اخبارن جي مطالعي جو تمام
گهڻو شوقين هوندو هو. سندس لئبريري ۾ ناياب ڪتاب
موجود هئا، جيڪي هن جي وفات کانپوءِ هن جي وڏي پٽ
۽ حيدرآباد جي مشهور وڪيل شيخ عبدالستار سنڌ
يونيورسٽي حيدرآباد کي ڏنا. ان خيال کان، هڪ ته
اتي محفوظ رهندا ۽ ٻيو عام ماڻهو ان مان استفادو
حاصل ڪري سگهندو.
عبدالعزيز پهرين ته نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد
۾ فارسي جو استاد مقرر ٿيو، پوءِ ايڪسائيز کاتي ۾
ملازمت شروع ڪيائين ۽ اتان ئي رٽائر ٿيو. هن کي
علمي ادبي ذوق شوق ڪجهه سوايو هوندو هو. مولانا
غلام محمد گرامي ۽ ٻيا اديب شاعر روزانو شام جو
ڪراچي هوٽل ۾ اچي ادبي منڊلي مچائيندا هئا. هي به
لڪڻ ٽيڪيندو اتي پهچي ويندو هو. شوقيه شعر چوندو
هو، سو به کلائڻ جهڙو. وقتي ته شعر ۾ نه بحر نه
وزن، پر پڙهي ويندو هو. نثر تمام سٺو لکندو هو، ان
سلسلي ۾ ڪي ڪتاب ترجمه ڪيائين ۽ ڪي خود به
لکيائين. شاعريءَ جي شوق هن کي بزمٖ خليل جي شاعرن
جي صف ۾ آڻي بيهاريو. هي ڊاڪٽر خليل کان به ڪجهه
سال عمر ۾ وڏو هو، جنهن ڪري ڊاڪٽر صاحب خود به هن
جو احترام ڪندي ڪافي شاعرن کان پوءِ هن کان شعر
پڙهائيندو. ان خيال کان به ته هي پنهنجي مخصوص
انداز ۾ کلندي کلندي شعر پڙهي محفل کي گرمائي
ڇڏيندو هو. ائين شاعرن جو ٿڪ به ڀڄي پوندو هو، جتي
باقي شاعرن جي شعر ٻڌڻ لاءِ دل سان آماده ٿي
مشاعري جي آخري شاعر جو شعر ٻڌي پوءِ پنهنجي گهرن
ڏي روانا ٿيندا هئا.
سيد الطاف حسين شاهه ’احقر‘
سيد الطاف حسين شاهه بخاري ولد سيد جميل حسين شاهه
سال 1900ع ڌاري لاهور ۾ ڄائو ۽ اتي ئي تعليم حاصل
ڪيائين. پاڻ حڪمت سان خانداني دلي لڳاءُ رکندڙ هو،
ان ڪري هي خود به حڪمت سکيو ۽ حڪيم حاذق جي سَندَ
حاصل ڪيائين. شاهه صاحب 1923ع ڌاري حيدرآباد ۾
آيو. هتي سندس پهرين ملاقات راقم الحروف جي ناني ۽
حيدرآباد جي معروف شخصيت ميرزا علي محمد بيگ سان
ٿي. ٿيو ائين جو شاهه صاحب جا ڪجهه واقفڪار ريلوي
۾ ملازم هئا. جڏهن هو حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي
لٿو ته ريلوي ٽڪيٽ بابو جيڪو سندس واقفڪار هو ۽
ميرزا علي محمد بيگ جو دوست هو، ان هنن ٻنهي جي
پاڻ ۾ ملاقات ڪرائي. ميرزا علي محمد هن کي آڻي
امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾ رهايو، جتي هي
5-6 مهينا رهيو. ميرزا علي محمد جي ڪوشش سان شاهه
صاحب پي. ڊبليو. ڊي ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ گڏ و گڏ هن کي
صدر ۾ رهڻ لاءِ جاءِ به ڏياري. اتي هن حڪمت لاءِ
پنهنجو دواخانو کوليو. شاهه صاحب 1956ع ۾ رٽائر
ٿيو ۽ ڪجهه وقت ٺيڪداري به ڪيائين.
شاهه صاحب کي علم و ادب سان به شوق هو، کيس
ڪيترائي شعر ياد هوندا هئا. ميرزا علي محمد جي
والد ميرزا قربان علي بيگ هن ۾ شاعرانه صلاحيتون
پَرکي کيس شعر چوڻ ڏي مائل ڪيو ۽ کيس ’احقر‘ تخلص
جو مشورو ڏنو. پوءِ شاهه صاحب باقاعده شعر چوڻ لڳو
۽ ان ۾ ميرزا قربان علي بيگ کان اصلاح وٺندو هو.
سال 1928ع ۾ آل انڊيا شيعه ڪانفرنس سکر ۾ ٿي، جنهن
۾ هيءُ ڊاڪٽر ميرزا مدد علي بيگ، ميرزا قربان علي
بيگ ۽ ٻين سان گڏ شريڪ ٿيو، اتي هن اردو ۾ قومي
نظم پڙهيو. امام بارگاهه علي آباد ۾ ٿيندڙ مجلسن ۾
هي مذهبي شعر قصيدا، منقبت ۽ سلام اردو ۽ سنڌي
زبان ۾ پڙهندو هو. شاهه صاحب ڪڏهن ڪڏهن ترنم ۾ به
تمام سٺو شعر پڙهندو هو. هن جو شعر تمام بهترين
هو، سندس ڪلام ۾ حمد، نعت، منقبت، رباعيون، غزل ۽
نظم وغيره هئا. پاڻ هڪ مثنوي ”معراج جي ڪهاڻي
جبرئيل جي زباني“ لکڻ شروع ڪئي، جنهن بابت ميرزا
علي محمد ٻڌايو ته جڏهن به شاهه صاحب سان ملاقات
ٿيندي هئي ته کائنس مثنوي جو پڇندو هئس ته چوندو
هو ته اڃان مڪمل ڪونه ٿي آهي. ان مثنوي بلڪه شاهه
صاحب جي سڄي ڪلام جو ڇا حشر ٿيو، سو خدا بهتر ٿو
ڄاڻي!
شاهه صاحب حيدرآباد ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌي ٻولي سکيو
۽ هي سنڌي، اردو ۽ فارسي ۾ شعر چوندو هو. شاهه
صاحب پنهنجي علمي ذوق کي پوري ڪرڻ خاطر ”ساحره“
نالي ماهوار رسالو به ڪڍيو. صدر ۾ رهندي سندس
ملاقات ڊاڪٽر خليل سان ٿي، جنهن جي خواهش تي هي
بزمٖ خليل ۽ ٻين مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيڻ لڳو. جيڪب
آباد ۾ جيڪا جمعيت الشعرا سنڌ طرفان ڪانفرنس ۽
مشاعرو ٿيو، ان ۾ هي شريڪ ٿيو ۽ اردو ۾ نظم پڙهيو.
سال ياد نه ٿو پوي، پر ايترو ياد اٿم ته، راحت
سئينما جي سامهون هڪ گهٽي ۾ سندس گھر هو، جتي چهلم
واري جلوس تان موٽندي ميرزا علي محمد بيگ هُن سان
ملڻ هليو، آئون به ساڻس گڏ هئس ۽ مون پهريون ڀيرو
ئي کيس ڏٺو؛ عمر رسيده هو ۽ آواز ڳرو هئس. ڪلاڪ کن
هن سان ڪچهري ڪري پوءِ گهر موٽياسين.
حاجي محمود ’خادم‘
حاجي محمود خادم
ولد محمد بچل تنيو 4- جنوري 1895ع تي لاڙڪاڻي ۾
جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي مان حاصل
ڪيائين.
ننڍپڻ کان شاعري سان دلي شوق هئس، جنهن شوق کيس ان
منزل تي پهچايو، جو پاڻ علم عروض تي ”رياض بلاغت“
نالي ڪتاب لکيائين، جيڪو سال 1926ع ۾ شايع ٿيو.
سندس اَڻ ٿڪ ڪوشش ۽ محنت سان جمعيت الشعراء سنڌ جا
مشاعرا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٿيندا رهيا. پاڻ جمعيت
الشعراء سنڌ جو سيڪريٽري به رهيو. حاجي صاحب جڏهن
به حيدرآباد ۾ ايندو هو، تڏهن ڊاڪٽر ’خليل‘ وٽ
رهندو هو ۽ بزمٖ خليل جي ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿي
شعر پڙهندو هو.
سندس انتقال 9- جنوري 1960ع تي ٿيو.
آغا تاج محمد
آغا تاج محمد ولد آغا عبدالمجيد خان 16- سيپٽمبر
1904ع تي باگڙجي ضلعي سکر ۾ تولد ٿيو. پاڻ اعليٰ
تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ آيو ۽ جڏهن حيدرآباد
۾ سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، تڏهن آغا صاحب ان جو
رجسٽرار مقرر ٿيو. جنهن عهدي تي پاڻ 1959ع تائين
فائز رهيو. آغا صاحب سال 1927ع ۾ ميرزا علي محمد
بيگ جي دعوت تي امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ۾
آيو. ان وقت ميرزا قربان علي بيگ ۽ ڊاڪٽر ميرزا
مدد علي بيگ عالم، اديب ۽ شاعر هِن خاندان جا
مشهور هئا. ميرزا قربان علي بيگ، آغا صاحب جو علمي
ادبي ذوق پرکيندي کيس تقرير ڪرڻ لاءِ چيو، جنهن
پهريون ڀيرو امام بارگاهه علي آباد ۾ مذهبي تقرير
ڪئي ۽ ان بعد هِن تقرير ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو.
آغا صاحب تمام بهترين مقرر، شاعر، نثرنگار ۽ بي
مثال منتظم هو. آغا صاحب ڪيترائي ڪتاب نثر ۾ لکيا
آهن ۽ تمام سٺو شاعر پڻ هو، پاڻ ’آغا‘ تخلص سان
شعر چوندو هو. ڊاڪٽر ’خليل‘ سان سندس تمام قريبي
تعلقات هئا. وقتي موقعو ملندي آغا صاحب به بزمٖ
خليل ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو. هِن 10- آڪٽوبر
1959ع تي وفات ڪئي.
حافظ احسن چنا
حافظ احسن چنا ولد
جمع خان چنا
12- اپريل 1900ع تي ڳوٺ ملڪاڻي ضلع دادو ۾ ڄائو.
هِن مڪمل تعليم مدرسي مان حاصل ڪري سال
1918ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مدرسو کوليو. هِن
کي علم و ادب ۽ شعر و شاعري سان دلي ذوق هو، سندس
ديوان ۽ ٻيا شعري مجموعا ڇپيل آهن. جميعت الشعراء
سنڌ سان سندس وابستگي هئي. ڊاڪٽر ’خليل‘ سان سندس
دوستانه تعلقات هئا. پاڻ جڏهن حيدرآباد ايندو هو
ته ڊاڪٽر ’خليل‘ سان ملاقات ٿيندي هئس ۽ بزمٖ خليل
جي مشاعري ۾ شريڪ ٿيندو هو.
پاڻ 19- جون 1986ع تي انتقال ڪيائين.
عبدالله ’خواب‘ حيدرآبادي
عبدالله ڀٽي ولد ميان علي بخش ڀٽي 29- ڊسمبر 1903ع
تي ڄائو ۽ 21- فيبروري 1981ع تي هِن فاني جهان مان
لاڏاڻو ڪيائين. هي دينو جي پڙ حيدرآباد جو رهاڪو
هو. هِن مختصر تعليم حاصل ڪئي. سال 1927ع ۾ مسلم
ادبي سوسائٽي جي قائم ٿيڻ سان هيءُ مشاعرن ۾ شرڪت
ڪرڻ لڳو. سندس والد وٽ سيد حافظ حيات شاهه رهندو
هو، جيڪو بهترين شاعر هو ۽ ان کان علاوه سندس وڏو
ڀاءُ محمد موسيٰ راز به سٺو شاعر هو. جن جي محبت ۽
شاگردي ۾ ’خواب‘ تخلص سان شاعري ڪرڻ لڳو ۽ باوجود
ٿوري ڄاڻ جي به شعر تمام سٺو چوندو هو. پاڻ عين
جواني جي عالم ۾ حيدرآباد مان لڏي ڪڇ جي طرف هليو
ويو، جتي سندس ساهرا رهندا هئا. جتان وري 1942ع
ڌاري حيدرآباد ۾ موٽيو ۽ موٽڻ سان شاعرانه محفلن
جون پڇائون ڪرڻ لڳو. تن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر خليل، ميرزا
فيض علي ۽ ٻيا گڏجي درگاهه حاجي شاهه لڳ هڪ جاءِ ۾
مشاعرا ڪندا هئا، جن ۾ هي به اچي شريڪ ٿيو ۽ شعر
پڙهي داد سخن حاصل ڪندو هو. ’خواب‘ بزمٖ خليل جي
مشاعرن ۾ باقاعده شريڪ ٿيندو هو ۽ طرحي توڙي غير
طرحي شعر پڙهندو هو.
سندس دوڪان تلڪ چاڙهي جي مٿان انتخاب ٽيلر نالي
سان اديبن شاعرن جي بيٺڪ هو. جتي آئون به وٽس
ويندو رهندو هئس ۽ سال 1966ع کان 1969ع تائين مون
پنهنجو ڪلام ’خواب‘ کان اصلاح ڪرايو. علي اڪبر
شائق ولايت شاهه جي پڙ ۾ ’خواب‘ جي صدارت ۾ هڪ
مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ مصرع طرح ”اڃان ڀي تون ڀلي
ڪر پيو رهيل جيڪا سزا آهي“ ڏنل هئي. ان ۾ آئون ۽
منهنجو محترم دوست مرحوم دين محمد اڪرم ٻورڙائي
شريڪ ٿياسين ۽ پنهنجا شعر پڙهياسين. سڀني شاعرن
مان دين محمد ۽ خواب صاحب جي شعر پڙهڻ جو انداز
نرالو هو.
مظفر حسين ’ جوش‘
مظفر حسين حيدرآباد جي نامور شخصيت خانبهادر حسن
علي آفندي جي خاندان مان هو. سندس والد جو نالو
حاجي محمد حسين هو. پاڻ ڊسمبر 1919ع تي خيرپور ۾
ڄائو، جو سندس پيءُ خيرپور ۾ ملازم هو. هيءُ
خيرپور ۽ حيدرآباد جي مختلف اسڪولن مان تعليم حاصل
ڪري، پري مئٽرڪ تائين پهتو. پهرين ته فوج ۾ ملازم
ٿيو ۽ پوءِ ايمپلائيمينٽ ايڪسچينج کاتي ۾ نوڪري
ڪيائين. وري پي. ڊبليو. ڊي. کاتي ۾ نوڪري ڪيائين ۽
آخر 1958ع کان سالن جا سال ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
۾ اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو
رهيو.
’جوش‘ سال 1938ع کان شاعري شروع ڪئي ۽ سيد غلام
علي شاهه ’مخمور‘ کان پنهنجي شعرن ۾ اصلاح وٺڻ
لڳو. جيئن ئي بزمٖ خليل وجود ۾ آئي ته ’جوش‘ ڊاڪٽر
خليل جي ساٿ ۾ رهيو ۽ پاڻ بزمٖ خليل جو نمايان
شاعر هو. سندس ادبي اثاثو سال 1989ع ۾ حيدرآباد ۾
جيڪي هنگاما ٿيا، تن ۾ دهشت گردن هٿان سڄو تباهه
ٿي ويو! هِن ڪيترائي ڀيرا مون کي اچي چيو هو ته،
اوهان وٽ ڪيترا رسالا، مخزنون ۽ اخبارون وغيره
آهن، انهن مان منهنجو ڇپيل شعر نقل ڪري ڏيو بلڪه
ٻي ڪنهن هنڌان به ملي سگهي ته مونکي هٿ ڪري ڏيو.
پر اهو ڪم منهنجي لاءِ ناممڪن هو، جنهن ڪري کيس
اهڙو آسرو ڪونه ڏنم. اهڙي ريت هڪ ٻه دفعو پاڻ
عبدالقيوم ’صائب‘ کي به چيائين، جنهن به هام نه
ڀري!
سرور علي ’سرور‘
سرور علي ’سرور‘ سلاوٽ قوم مان هو، سندس والد جو
نالو حاجي نظر محمد هو. هيءُ سال 1907ع ڌاري ڪراچي
۾ ڄائو ۽ اتي ئي ابتدائي تعليم ڪاميابي سان طئي
ڪري ايل. ايل. بي. جي آخري سال ۾ ڪاليج ڇڏي
حيدرآباد هليو آيو ۽ ريلوي ٺيڪيدار جي حيثيت سان
ڪم ڪرڻ لڳو. حالانڪ بابا مير محمد بلوچ ۽ محمد
هاشم گزدر جيڪي سندس هم ذات ۽ هم قوم هئا، تن هن ۾
سياسي صلاحيتون پَرکيندي کيس سياست ۾ آڻڻ چاهيو،
پر هن ان ڏي توجهه ئي ڪونه ڏنو.
’سرور‘ 1930ع ۾ شاعري جو آغاز ڪيو ۽ ڊاڪٽر خليل جي
خواهش تي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳو. پاڻ بزمٖ خليل جو
نمائندا شاعر هو ۽ هميشه هر مشاعري ۾ شريڪ ٿي شعر
پڙهندو هو. هي سنڌي ۽ اردو زبان ۾ شعر چوندو هو.
پاڻ بزمٖ خليل جو تقريباً ڏهه سال سيڪريٽري به
رهيو. سندس ڪلام سندس پونئرن وٽ موجود آهي. جن جي
خواهش تي محترم عبدالقيوم ’صائب‘ سنڌي ادبي بورڊ
کي گذارش ڪئي ته بورڊ طرفان سندس ڪلام شايع ڪيو
وڃي؛ پر سندس اها گذارش ان وقت حالات جي پيش نظر
قبول نه پئي. ڪاش! سرور جا پويان پنهنجي بزرگ جي
ڪلام کي شايع ڪرائين ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي. جنهن جا
ٻه بهتر نتيجي نڪرندا هڪ ته هن جي محنت ضايع ٿيڻ
کان بچي ويندي ۽ ٻيو سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين ڪتاب جو
واڌارو ٿيندو.
رئيس ضياءُ الدين ’ضيا‘
رئيس ضياءُ الدين 15- ڊسمبر 1910ع تي
ميهڙ ضلعي دادو
۾ جنم ورتو.
پاڻ سنڌ جي مشهور مزاحيه شاعر ۽ نثر نويس شمس
الدين ’بلبل‘ جو پُٽ
هو.
هِن ميٽرڪ لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي ۽ 1938ع ۾ ايم.اي
(فلاسفي) ۾ ڪري ايل. ايل. بي. عليڳڙهه مان پاس
ڪيائين. پاڻ 1943ع ۾ مسلم ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر
ٿيو، پر جلد ئي ملازمت ترڪ ڪري اچي دادو ۾ وڪالت
شروع ڪيائين.
’ضيا‘ ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ شعر سان گڏ نثر ۾ به
لکندو رهيو. سندس ڪيل ادبي خدمتون ساراهه جوڳيون
آهن؛
هِن پنهنجي والد جي ياد ۾ ميهڙ ۾ ”بزمِ بلبل“ نالي
بزم قائم ڪئي، جنهن طرفان ماهوار مشاعرا ٿيندا
هئا. ڊاڪٽر ’خليل‘ سان سندس گهرا تعلقات هئا،
پاڻ جڏهن به حيدرآباد ۾ ايندو هو، ته ڊاڪٽر ’خليل‘
سان ملندو هو ۽ جي بزمٖ خليل جو مشاعرو هوندو ته
پاڻ اُن ۾ شريڪ ٿي شعر پڙهندو هو. ’ضيا‘
14- سيپٽمبر 1966ع تي هِن جھان مان لاڏاڻو ڪيو.
ميرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘
ميرزا علي بخش بيگ، ميرزا دوست محمد بيگ جو ٽيون
نمبر پٽ هو. هُن ٽنڊو آغا حيدر آباد ۾ 27- ڊسمبر
1911ع تي جنم ورتو. پاڻ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري
پهرين انڪم ٽيڪس آفيس لاڙڪاڻي ۾ ڪلارڪ ٿيو ۽ پوءِ
سول اسپتال حيدرآباد ۾ نوڪري ڪيائين. جتي ترقي
ڪندو هيلٿ کاتي ۾ ايڊمنسٽريٽر آفيسر جي عهدي تائين
پهتو ۽ نوڪري دوران 8- آگسٽ 1961ع تي وفات ڪيائين.
ميرزا علي بخش کي ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعري سان
گهڻو شوق هو ۽ هن ’عاصي‘ تخلص سان ايوانٖ شاعري ۾
قدم رکيو ۽ پوءِ ’ڪوثر‘ تخلص سان شاعري جي ميدان ۾
مشهور ٿيو. جڏهن ڊاڪٽر ’خليل‘ بزمٖ خليل جو پايو
حيدرآباد ۾ وڌو، تڏهن کان هي اُن جو سرگرم بلڪ
نمايان شاعر طور هر مشاعري ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. پاڻ
پنهنجي ڪليات ٻن حصن ۾ ”ڪاسهء ڪوثر“ ۽ ”جام ڪوثر“
جي نالي سان مرتب ڪيائون.
ميرزا حامد علي بيگ ’حامد‘
ميرزا حامد علي بيگ ولد ميرزا علي نواز بيگ
ڪربلائي 19- مارچ 1925ع تي ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾
جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم آسودومل پرائمري
اسڪول مان پاس ڪري نور محمد هاءِ اسڪول مان
انگريزي تعليم حاصل ڪئي ۽
پوءِ سنڌي ڪاميٽي جو امتحان پاس ڪري 1939ع مختلف
سرڪاري کاتن ۾ نوڪري ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و
شاعري ۽ مطالعي سان تمام گھڻو شوق رهيو. پاڻ ميرزا
علي محمد بيگ جي محبت ۽ شاگردي ۾ سال 1939ع کان
شعر چوڻ شروع ڪيو. جنهن ۾
پنهنجي پڦاٽ ميرزا علي بخش بيگ
’ڪوثر‘ کان به اصلاح وٺندو هو
۽ 1942ع کان ڊاڪٽر ’خليل‘ کان پنهنجي ڪلام ۾ اصلاح
وٺڻ لڳو. پاڻ سنڌي ۽ اردو ٻولي جي نامور افسانا
نگارن ۽ ناول نگارن جا ناول ۽ افسانا پڙهندو هو.
اردو جي نامور ناول نگار ايم. اسلم سان ته ايترا
گھرا دوستانا تعلقات هئس، جو هُو کيس پنهنجو هر
نئون ناول پنهنجي دستخط ۽ خط سان گڏ موڪليندو
رهندو هو، جيڪي اڄ سندس فرزند (راقم الحروف) وٽ
محفوظ آهن.
ڊاڪٽر ’خليل‘ جڏهن بزمٖ خليل قائم ڪئي، تڏهن کان
ميرزا حامد علي بيگ اُن مشاعرن ۾ شريڪ ٿي طرحي ۽
غير طرحي غزل پڙهندو هو.
پاڻ شعر ۾ ڪڏهن ’ساقي‘ ته ڪڏهن ’منظور‘ ۽ ’حامد‘
تخلص آڻيندو هو.
سندس سنڌي ڪلام جو ڪجهه حصو
سندس فرزند
ميرزا فتح علي بيگ
’شاهد‘
مرتب ڪيو، جيڪو سال 1994ع ۾ گلشن پبليڪيشن
حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو. سندس مڪمل ڪلام جي ڪليات
کي راقم الحروف مرتب ڪيو آهي. پاڻ جهڙو شاعر بي
مثال هو، تهڙو ئي نثرنگاري ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو.
نثر ۾ افسانا ۽ ڪجهه مضمون لکيا اٿس. پاڻ بهترين
خوش خط به هو، سندس فارسي توڙي سنڌي خط تمام سٺو
آهي.
پاڻ هِن فاني جھان مان 21- ڊسمبر 1991ع تي لاڏاڻو ڪيو.
سيد منظور نقوي
نالو، سيد لطف علي شاهه تخلص ’منظور‘، ’مُنجو‘ ۽
’سبق‘ سان دنيا ئي ادب ۾ مشهور ٿيو. سندس والد جو
نالو سيد حسين علي شاهه هو. پاڻ جهانيان خاندان ۾
1924ع ڌاري جنم ورتو. کيس طب سان دلي شغف هو، جنهن
ڪري طب ۾ مهارت حاصل ڪري شاهي بازار حيدرآباد ۾
پنهنجو مطب کوليائين ۽ جڏهن مطب ڇڏيو ته، پوءِ
هميشه لاءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ
رائيٽر جي حيثيت سان سالن جا سالن خدمات سرانجام
ڏيندو رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شاعري جو شوق هو.
جڏهن بزمٖ خليل قائم ٿي ته، کيس بزمٖ خليل ڏي ئي
رخ رکڻو پيو. پاڻ بزمٖ خليل جي هر مشاعري ۾
باقاعده شريڪ ٿيندو رهيو ۽ هر مصرع طرح تي شعر
ٺاهي پڙهندو هو. چند بزمٖ خليل جا مشاعرا هن جي
دواخاني تي به ٿيا. شاهه صاحب نظم سان گڏ نثر به
لکندو هو، سندس هڪڙو ناياب ڪتاب ”سنڌ جي مدنيت“
سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.
رشيد احمد لاشاري
رشيد احمد لاشاري ولد زرڪ خان لاشاري 18- اپريل
1922ع تي ڳوٺ ملگزار تحصيل نصيرآباد، ضلعو سبي،
بلوچستان ۾ ڄائو
۽ اُتي ئي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. 1936ع ۾
ورنيڪيولر سنڌي فائنل پاس ڪيائين ۽ 1941ع ۾ عربي ۽
فارسي پڙهڻ لڳو. 1947ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان اديب
فاضل اردو جو امتحان پاس ڪيائين. 1948ع ۾ فيض هائي
اسڪول گمبٽ ۽ بعد ۾ خيرپور ۾ استاد مقرر ٿيو ۽
پوءِ هميشه لاءِ اچي ڪراچي ۾ رهڻ لڳو. 1953ع ۾ سنڌ
يونيورسٽي مان اديب عالم جو امتحان پاس ڪيائين.
ڪجهه وقت اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار به
رهيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ ۾ سنڌي لغت جي سلسلي ۾
اسسٽنٽ به ٿي رهيو. 1960ع ۾ نئين زندگي جو مدير
معاون ٿيو ۽ ڪجهه وقت
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ اسڪرپٽ رائيٽر جي حيثيت
سان به نوڪري ڪيائين.
رشيد احمد لاشاري هفت زبان شاعر هو، جن ٻولين تي
هن کي سٺو عبور حاصل هو. شاعري ۾ ته اعليٰ مقام
حاصل هئس ۽ شعر تي ايڏي دسترس هيس جو ائين کڻي
چئجي، ته شعر تي حاوي هو. قلم کنيئن ۽ بنا روڪ جي
ويندو شعرن مٿان شعر لکندو. هِن جي شعري مجموعن کي
سندس فرزندِ رشيد مختار احمد لاشاري ”ڪلامٖ رشيد“
(سيپٽمبر 1998ع) ۽ ”لڙڪ ۽ مرڪ“ (سيپٽمبر 2000ع) جي
نالي سان شايع ڪرايو آهي.
رشيد جيئن حيدرآباد ۾ ايندي ادبي ايوان ۾ قدم رکيو
تئين سندس ساٿ ڊاڪٽر خليل سان رهيو، جو آخري دم
تائين قائم رکندو آيو. بزمٖ خليل جي شاعرن مان هي
انهن موتين جي لڙهي مان هڪ بي بها موتيءَ داڻو هو.
پاڻ
19- سيپٽمبر 1970ع تي انتقال ڪيائين.
ميرزا سلطان حيدر بيگ
ميرزا سلطان حيدربيگ ولد ميرزا علي بيگ ’مظفر‘ 16-
سيپٽمبر 1927ع تي ٽنڊو آغا حيدرآباد ۾ ڄائو. پاڻ
مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري جڊيشري کاتي ۾ نوڪري
ڪندي ناظر سول ڪورٽ حيدرآباد جي عهدي تان رٽائر
ٿيو. ميرزا سلطان حيدر پهرين ’ظفر‘ ۽ پوءِ ’سلطان‘
تخلص سان ڪافي شعر چيو آهي. پاڻ بزمٖ خليل جي
ڪيترين طرحن تي غزل چيا اٿس.
شاعري جي سِکيا پنهنجي والد کان ورتي ۽ پوءِ پنهنجي مامي
ميرزا علي بخش بيگ ’ڪوثر‘ ۽ ڊاڪٽر ’خليل‘ کان به
شعر ۾ اصلاح وٺندو هو.
هِن بزمٖ خليل جي آخري مشاعري ۾ راقم الحروف سان
گڏ شرڪت ڪئي، جيڪو مشاعرو خليل بلڊنگ لطيف آباد
نمبر-2 ۾ جناب مخدوم طالب الموليٰ جن جي صدارت ۾
ٿيو هو.
شاعري کان علاوه پاڻ ادبي ۽ مذهبي حوالي سان به
ڪيترائي تحقيقي ۽ معلوماتي مضمون لکيا، جيڪي مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهندا
هئا.
06- فيبروري 2005ع تي هِن فاني جھان مان لاڏاڻو
ڪيائين.
عبدالقيوم ’صائب‘
عبدالقيوم پيرزادو ولد نبي بخش سال 27- جولاءِ
1927ع تي گرو ننگر محله حيدرآباد ۾ ڄائو. هِن
پرائمري کان ايل. ايل. بي. تائين مڪمل تعليم
حيدرآباد جي مقامي اسڪولن، ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽي
مان حاصل ڪئي ۽ تعليم دوران مختلف نوڪريون ڪندي
آخر وڪالت جي سَندَ وٺي وڪالت ڪندو اچي. کيس ننڍپڻ
کان ئي شعر و شاعري ۽ مطالع جو گهڻو شوق رهيو آهي.
هِن ’راهب‘ تخلص سان شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ اُن وقت
پنهنجو شعر عبدالله خواب کان اصلاح ڪرائيندو هو.
پوءِ سال 1943ع کان ڊاڪٽر ’خليل‘ کان پنهنجي ڪلام
۾ اصلاح وٺڻ لڳو ۽ ان کان ئي علم عروض جي سِکيا
حاصل ڪيائين. اڳتي هلي هِن کي علم عروض تي ايتري
دسترس حاصل ٿي جو هن سنڌي ۾ ”عروض جا اهڃاڻ“ نالي
ڪتاب لکيو، جنهن کي زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سال
1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. مولانا غلام محمد گرامي
سندس تخلص ۾ تبديلي آڻي’صائب‘ تجويز ڪيو ۽ هي
پنهنجي شعرن ۾ ’صائب‘ تخلص اختيار ڪندو اچي. سندس
ڪلام جو هڪ مجموعو ”ڏکندو ڏور ٿئي“ سنڌي ادبي بورڊ
طرفان سال 1995ع ۾ شايع ٿيو.
هِن شاعري سان گڏ و گڏ نثر ۾ به ڪيترائي ڪتاب لکيا
آهن. جن مان ڪيترا ته ڇپيل آهن ۽ ڪي اڻ ڇپيل آهن.
هن جي اڻ ڇپيل ڪتابن مان هڪ اهم ڪتاب ”حيدرآباد جي
ادبي تاريخ“ وڏي حيثيت جي حامل آهي، جيڪا پاڻ وڏي
محنت ۽ جاکوڙ سان لکي آهي. مگر ڏسجي ته اها ڪڏهن
ٿي دنيائي ادب ۾ ڪر موڙي.
بزمٖ خليل قائم ٿيندي ئي ’صائب‘ اُن جو سرگرم پيش
پيش شاعر ٿي رهيو. هِن ابتدا کان انتها تائين بزمٖ
خليل سان توڙ نڀائي. ڪيترا بزمٖ خليل جا شاعر وقت
جي وهڪري ۾ وهي ويا، پر هي هڪ هنڌ تي بيٺو رهيو.
ڪيئي سال ادبي دنيا ۾ وڏو منڌاڻ متل هو، مگر هِن
اصل لوڏو ڪونه کاڌو.
عبدالقيوم ’صائب‘ بزمٖ خليل جي باقيات شاعرن مان
به فضل پروردگار حيات آهي
۽ هن وقت عمر جا 85 سال پورا ڪري 86هين سال ۾ پير
ڌريا آهن.
پروانو ڀٽي
بزمٖ خليل جي باقيات شاعرن مان هيءُ ٻيو شاعر آهي،
جنهن ترت ئي بزمٖ خليل کي خيرآباد چئي خير سلامتي
سان پويان پير ڪيا.
ميوو خان ولد گل محمد ڀٽي ٽنڊو محمد خان ۾ 16-
فيبروري 1934ع تي ڄائو. پاڻ سنڌي فائنل جو امتحان
پاس ڪري پهرين پرائمري ماستر ٿيو ۽ پوءِ تپيداري
امتحان پاس ڪري تپيدار ٿيو. جتان ”هلال پاڪستان“
اخبار ۾ آيو. اتان ئي هِن صحافت جي ميدان ۾ قدم
رکيو ۽ پوءِ سالن جا سال روزانه اخبار ”عبرت“ ۾
فرائض منصبي سرانجام ڏيندو رهيو. پاڻ ڪجهه وقت
پبلڪ اسڪول لطيف آباد نمبر-3 ۾ به ملازمت ڪندو
رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي شعر و شاعري سان دلي لڳاءُ
هو ۽ هِن شعر جي شامياني هيٺ ايندي ڪڏهن ’ميول‘ ته
ڪڏهن ’آزاد‘ تخلص سان شعر چيو. پوءِ اها آزادي
حاصل ڪندي وڃي ’پرواني‘ جي منزل تائين پهتو ۽ ادبي
دنيا ۾ ”پروانو ڀٽي“ جي نالي سان روشناس ٿيو.
بزمٖ خليل جڏهن قائم ٿي، ته پروانو ڀٽي حيدرآباد ۾
آيو ۽ پرواني جيئان شعر جي محفل ۾ ڦيرا ڏيڻ لڳو.
تڏهن کيس بزمٖ خليل ۾ شمع محفل ٻريل نظر آئي ته
يڪدم اتي پهچي ويو. بزمٖ خليل ان وقت جي نؤ آموز
شاعرن لاءِ هڪ بهترين تربيت گاه جي حيثيت رکندي
هئي، اتان ئي هِن مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ جو آغاز ڪيو.
پاڻ پنهنجي ابتدائي دور ۾ ڊاڪٽر ’خليل‘ کان شعرن ۾
اصلاح وٺڻ لڳو ۽ بزمٖ خليل جي شاعرن ۾ شمار ٿيڻ
لڳو. پر پوءِ هي جلدي بزمٖ خليل کان الڳ ٿي ويو ۽
حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت به قائم ٿي چڪي هئي،
پوءِ اتان ئي هن پنهنجي شعرن سان ايوان شاعري کي
معطر ڪري ڇڏيو. هن جو ڪلام وقت به وقت مختلف
اخبارن، مخزنن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي.
اسان جي سنڌ جي هن محترم بزرگ شاعر کي پڻ قطع لکڻ
تي سٺو عبور حاصل آهي. هِن هزارين قطعات لکيا آهن،
جن مان ڪجهه ڇپيل آهن. هِن تمام گهڻو شعر چيو آهي؛
کيس شعر چوندي به اٽڪل سٺ سال ٿي چڪا آهن. ان عرصي
۾ هن ڪيترو شعر چيو هوندو سو لامحاله تمام گهڻو
هوندو! جيترا سال هن کي شعر چوندي ٿيا آهن،
ايترائي سال هِن کي مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾ شريڪ
ٿيندي گذريا آهن. پاڻ ڪيترن مشاعرن ۽ ادبي محفلن ۾
اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض به سرانجام ڏيندو رهيو
آهي. پر افسوس! جو پرواني صاحب جو سڄو ڪلام هڪ هنڌ
منهنجي خيال موجب، جمع ٿيل ڪونه آهي ۽ نه ئي ڪلام
جو ڪو هڪ- ٻه مجموعو ڇپيل آهي. هاڻي هئڻ ته ائين
گهرجي ته پروانو صاحب پنهنجو سڄو ڪلام پاڻ خود
مرتب ڪري، پنهنجي مڪمل علمي ۽ ادبي سوانح حيات سان
اشاعت لاءِ ڪنهن اداري سان پيش رفت ڪري ڇپائي ڇڏي،
ته جيئن اِهو علمي ادبي سرمايو ضايع ٿيڻ کان بچي
وڃي.
پروانو ڀٽي منهنجو انتهائي محترم بزرگ آهي، منهنجي
جي ساڻس وڌيڪ حجت نه به آهي ته نيازمندي ته گهڻي
آهي، جو سال 1964ع کان اڄ 2012ع تائين ساڻس يا
عليؑ مدد ڪندو اچان. هي چند الفاظ ان اميد سان
لکيا اٿم ته منَ پروانو صاحب هاڻي ان اهم اثاثي ڏي
توجهه ڏيئي اهو اثاثو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي بيهي
خواهن جي جهوليءَ ۾ وجهي.
تنوير عباسي
نور نبي ’مغموم‘ بزمٖ خليل ۾ بحيثيت شاعر جي شامل
ٿيو. اڃا هِن جا ان بزم ۾ مس پير کُتا ته تنوير
عباسي بنجي موٽ کاڌئين ۽ وڃي سنڌي ادبي سنگت جي سٿ
جو ساٿي بنيو.
نور نبي ولد گل حسن عباسي رياست خيرپور جي ڳوٺ
سوڀي ديري ۾ سال 1934ع ۾ جنم ورتو.
پاڻ ابتدائي تعليم مئٽرڪ تائين ڳوٺ ۾ حاصل ڪري
حيدرآباد آيو،
جتي ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪري ڊاڪٽري جو هنر حاصل
ڪيائين. اهو تعليم ۽ ڊاڪٽري جو ابتدائي دور هيءُ
ٽنڊي آغا ۾ رهيو ۽ پوءِ واپس خيرپور هليو ويو. اتي
هن پنهنجي خانگي اسپتال کولي جتي سندس شريڪ حيات
ڊاڪٽر قمر عباسي گڏ هم پيشه رهي.
تنوير عباسي حيدرآباد جي ادبي ماحول کان متاثر ٿي
ادبي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ شروع ۾ پنهنجو پورو لاڙو
شاعري ڏانهن رکيائين.
هِن پهرين ’مغموم‘ تخلص تجويز ڪيو ۽ پوءِ’تنوير‘
تخلص اختيار ڪيائين ۽ ادبي دنيا ۾ ”تنوير عباسي“
جي نالي سان مشهور ٿيو. تنوير فن شاعري جي قديم
صنفن سان گڏوگڏ جديد صنفن ۾ به طبع آزمائي ڪئي.
سندس شاعري جا چار مجموعا، 1-
رڳون ٿيون رباب، 2- شعر، 3- سج تري هيٺان ۽ 4- هي
ڌرتي،
هڪ ئي جلد ۾ ”تنوير چئي“ جي نالي سان سنڌالاجيءَ
سال 1989ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.
شاعري کان علاوه هن جا نثر ۾ ڪيترائي مضمون،
مقالا، خاڪا، سفرناما ۽ ناول لکيل آهن.
تنوير عباسي 25 نومبر 1999ع تي اسلام آباد انتقال
ڪيو.
برگ يوسفي
شفيع الله خان يوسفي ولد نثار الله خان يوسفي 05-
مئي 1924ع تي فتح پور سيڪري ضلعو آگري ۾ ڄائو. هن
انگريزي ”مئٽرڪ“ اردو ”ڪامل“ ۽ فارسي ”فاضل“ تائين
تعليم حاصل ڪئي. پروفيسر مغيث الدين فريدي کان علم
عروض سِکيا حاصل ڪري شعر چوڻ لڳو ۽ شعرن ۾ ان کان
اصلاح وٺندو هو. هن ’برگ‘ تخلص سان شاعري جو آغاز
ڪيو. سال 1947ع ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو ته هي تن
ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ مستقل طور حيدرآباد ۾ رهڻ لڳو
۽ مسلم هاءِ اسڪول ۾ اردو جي ٽيچر جي حيثيت سان
ملازمت ڪرڻ لڳو. حيدرآباد ۾ اچڻ ساڻ ئي هِن سڀ کان
پهرين بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوءِ اردو
شعبي جو سيڪريٽري به ٿيو. ’برگ‘ بزمٖ خليل ۾ اردو
۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي ۾ به شعر پڙهندو هو. سندس چيل
سنڌي غزل جا چند بيت هتي ڏجن ٿا:
يادگار بزم فرزانه ٿي ۽ ديوانه ٿي |
شمع بنجي ڇا ڪندين حاصل دل پروانه ٿي |
غرق ٿيندو ڪيف ۾ اندم نظام سرخوشي |
گاهي گاهي هڪ چراغ بزم ماتم خانه ٿي |
عشق جون خاموشيون بنجي پون شرح جنون |
جو نگاهن سان عبارت ٿي اهو افسانه ٿي |
غرق ٿي دل ۾ نگاه حسن کي ايندو سڪون
|
وڃ ڪٿي آسودگي حاصل اهو ڪاشانه ٿي |
’برگ‘ جي ڀي اشڪ خون دل جي تاثيرون ڏسي
اڄ ته تون آغوش زندان خانه هڪ گل خانه ٿي |
رزي جيپوري
محمد اسماعيل خان ولد منشي فضل نبي خان ’شفا‘ 21-
آگسٽ 1900ع تي ڄائو، پاڻ يوسف زئي پٺاڻ هو ۽ سندس
آبائي وطن رياست جيپور هو. جتان هو سال 1947ع ۾
سنڌ ۾ آيو ۽ ڪوٽڙي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هِن سڄي
تعليم جيپور ۾ حاصل ڪئي ۽ 1919ع ۾ تعليم کاتي ۾
ملازمت ڪئي، جتان 1947ع ۾ رٽائر ٿيو. کيس ننڍپڻ
کان ئي شاعري سان لڳاءُ هو. هن اردو ۽ فارسي زبان
۾ تمام اصنافٖ سخن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ شاعري
سان گڏ نثرنگاري تي به عبور حاصل هئس. سنڌ ۾ اچڻ
سان ئي هي بزمٖ خليل ۾ شريڪ ٿيو ۽ اردو ۾ شعر
پڙهندو هو.
سعيد
محمد سعيد خان ولد مولوي محمد عالم خان 01- جولائي
1908ع تي قائم گنج ۾ ڄائو. هي قائم گنج ضلع فرخ
آباد يو پي مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪري 1928ع
۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ريجنل سنڌي زبان ۽ اردو شارٽ هينڊ
جا امتحان ڪراچي مان پاس ڪيائين. 1930ع کان ڪراچي
۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ سال 1942 ۾
حيدرآباد ۾ آيو. جتي سندس ملاقات ڊاڪٽر خليل سان
ٿي. تڏهن کان هي حيدرآباد ۾ مشاعرن ۾ اچڻ لڳو ۽
بزمٖ خليل ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو.
صادق دهلوي
سيد محمد صادق علي ولد سيد محمد وزير علي 10-
آڪٽوبر 1895ع تي دهلي ۾ ڄائو. هِن اتي ئي تعليم
حاصل ڪري فوج ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جڏهن پاڪستان
جڙيو ته هيءُ به 1947 ۾ حيدرآباد ۾ آيو. هِن سال
1910ع کان شعر چوڻ شروع ڪيو ۽ مولوي منظور احمد
محزون کان پنهنجي شعرن ۾ اصلاح وٺندو هو. پاڻ جڏهن
حيدرآباد آيو ته بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ
لڳو، کيس بزمٖ خليل جي اردو شعبي جو صدر منتخب ڪيو
ويو. هي ڪورين جو پڙ حيدرآباد ۾ رهندو هو، جتي هي
پنهنجي جاءِ ۾ به مشاعرا ڪرائيندو هو.
عظيم الڪريم ’عظيم‘
عظيم الڪريم عباسي ولد قاضي غلام محي الدين احمد
01- مئي 1906ع تي دموه (سي. پي.) هندوستان ۾ ڄائو
۽ سال 1924ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري الله آباد
۾ گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي ۽ 1929ع ۾ بي.
اي. پاس ڪري 1931ع ۾ ايل. ايل. بي. پاس ڪيائين.
پاڻ 1948ع ۾ ڪراچي ۾ آيو، جتان پوءِ مستقل طور اچي
حيدرآباد ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هي سٽي آرٽس
ڪاليج ۾ اردو جو پروفيسر مقرر ٿيو. پاڻ مزاحيه شعر
چوندو هو. بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ ايندو رهندو هو.
سيد حشمست حسين ’حشمت‘
سيد حشمت حسين جو اصل نالو محمد مختار هو ۽ سندس
والد جو نالو ممتازالحسن هو. پاڻ 26- فيبروري
1915ع تي نارنول هندوستان ۾ ڄائو. پنجاب يونيورسٽي
مان منشي فاضل جو امتحان پاس ڪيائين. 1947ع ۾
حيدرآباد ۾ آيو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي شاعري ڏي راغب
هو ۽ پهرين سيد رضوان حسين ’رضوان‘ کان ۽ پوءِ
قاضي نور احمد ’تنوير‘ جيپوري کان پنهنجي ڪلام ۾
اصلاح وٺندو هو. پاڻ بزمٖ خليل جي مشاعرن ۾ اڪثر
شرڪت ڪندو رهندو هو.
احمد
ڀائي
احمد ڀائي جو اصل نالو ته هو احمد نبي بخش شيخ؛ پر
سڀ سڏيندا هئس ”احمد ڀائي“ ڪري. پاڻ ڊاڪٽر خليل جي
قريبي عزيزن مان هو ۽ حيدرآباد جو مشهور و معروف
بُڪ بائينڊر هو ۽ ان کان علاوه سٺا ڪتاب ڇپائيندڙ
پڻ هو.
احمد ڀائي 1927ع ڌاري ڪراچي ۾ ڄائو ۽ حيدرآباد ۾
سال 2011ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ 8-9 سالن جي ڄمار ۾
حيدرآباد ۾ آيو ۽ پنهنجي چاچي پير محمد شيخ جي
ڪتاب گهر آزاد بوڪ ڊيپو صدر حيدرآباد تي ڪم ڪرڻ
لڳو. هن جو يو.پي. بُڪ بائينڊر نالي سان جلدن ٻڌڻ
جو به ڪاروبار هو. هن پاڪستان بنجڻ وقت جمعدار
ڪوڙو ناريجو روڊ تي پنهنجو الڳ دوڪان ”رحمٰن بُڪ
بائينڊر“ نالي سان کوليو، جتي پاڻ آخر تائين
بائينڊنگ جو ڪم ڪندو رهيو. کيس سنڌي ڪتابن ڇپائڻ
جو دلي شوق هوندو هو، اهوئي سبب هو جو هن ”زيب
ادبي مرڪز“ نالي سان پريس ٺاهي، جنهن طرفان تمام
بهترين سنڌي ڪتاب شايع ٿيندا رهيا.
احمد ڀائي پاڻ ته شاعر ڪونه هو، پر علمي ادبي
محفلن ۽ مشاعرن ۾ باقاعده شريڪ ٿيندو هو. هن جو
دوڪان ”رحمٰن بُڪ بائينڊر“ شاعرن، اديبن ۽ عالمن
جي بيٺڪ هئي، جتي وڏا وڏا شاعر، اديب ۽ عالم ايندا
رهندا هئا. سندس علم و ادب سان چاهه ۽ عالمن اديبن
سان تعلقات جي ڪري ئي بزمٖ خليل طرفان ٿيندڙ
مشاعرن جي دعوت ڏيڻ جو اهم ڪم سندس حوالي هو، جنهن
کي پاڻ باقاعدگي سان سرانجام ڏيندو هو. احمد ڀائي
پُر خلوص ۽ دوستن جو دوست هوندو هو. ذرا طبيعت ۾
تيزي هيس، جنهن مان سچائي پئي بکندي هئي. مگر اِها
تيزي ٿوري وقت لاءِ هوندي هئي ۽ وري ساڳي پيار ۽
محبت سان ڪچهريون پيو ڪندو هو.
مددي ڪتاب:
1)
مهراڻ شاعر نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1990ع.
2)
دُرٖ ناياب عرف يادٖ رفتگان، مرتب: مخدوم طالب
الموليٰ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1994ع.
3)
سندھ
کے
جدید
اردو شعراء، از: مشتاق علی
جعفری،
سال 1961ء
4)
تذکرہ
شعرائے
اُردو حیدرآباد،
از: مولانا محمد انوارالحق ’نہال‘
اجمیری،
بزمٖ فروغ ادب حیدرآباد،
جنوری
1970ء
|