سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2/ 2013ع

مضمون

صفحو :5

 ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

 

 

 

 

ترجمي جي فن جو تعارف: اهميت، افاديت

۽ سنڌي  نثر ۾ ترجمانگاري

علم ادب انساني اُمنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪري ٿو. جنهن جي ترقيءَ ۾ ٻوليون اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سان ئي ٻوليون وڌن ۽ ويجهن ٿيون، ته گڏوگڏ منجهن علمي ادبي شاهوڪاري پڻ عمل ۾ ايندي آهي. دنيا جي ڪابه قوم اهڙي نه آهي، جنهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه ادب نه هجي. ها! ادب  جي ترقيءَ ۽ ترويج جي لحاظ کان تبديليون اينديون رهنديون آهن، جن کي ڪجهه ملڪن، قومن ۽ سماجن قبول ڪيو آهي ته ڪجهه اڃان به تبديليءَ جي عمل مان گذرندڙ آهن.

علمي طور پسمانده ملڪن ۽ قومن جو علم ادب ڄاڻ جي لحاظ کان نت نون تجربن کان وانجهيل هوندو آهي ۽ ان جي برعڪس سڌريل قومن جو ادب ترقي يافته ۽ هلندڙ حالتن مطابق Advance هوندو آهي. ۽ اهڙو ادب بين الاقوامي ادبي وايومنڊل تي حاوي ٿي پوريءَ دنيا جي ٻولين ۾، ترجمن جي صورت ۾ مختلف ماڻهن ۽ تهذيبن  ۾ پکڙجي ويندو آهي.

ڏٺو وڃي ته ادب جي پکڙجڻ ۾ ترجمي جي عمل جي وڏي اهميت آهي. ترجما ڪيئن عمل ۾ اچن ٿا؟ يا ادب ۾ ترجمن جي ڪهڙي افاديت آهي؟ انهيءَ لاءِ اچو ته ڏسون ته ترجمي جو فن ڇا آهي؟ ان جون فني ۽ علمي گهُرجون ڪهڙيون آهن؟ ۽ ڪامياب ترجمي جا اصول ڇا آهن؟

انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمي جي عمل کي Translation ۽ ترجمي ڪندڙ کي Translator سڏيو وڃي ٿو.

Translation

The process of changing 5th that is written or spoken to another language.

Translator

Noun a person who translate writing or speech in to a different Language. Especially as a job, she works as a translator of technical texts- compare INTERPRETER. (Oxford dictionary-p-1382)

اردو ٻوليءَ ۾ ترجمي جي لفظ جي وضاحت هن ريت ٿيل آهي.

ترجمہ: ایک زبان سے دوسری زبان میں بیان کیا ہو۔ ترجمہ نویس یا مترجم معنیٰ لکھنے والا۔

ترجمان: شارح، مُفسّر، تعبیر کرنے والا، کسی مقُرّر کی تقریر کافی البدیہہ ترجمہ کرنے والا۔ وہ شخص جو دو مختلف زبانیں بولنے والے افراد کے درمیان رابطے کا کام کرے اور ایک دوسرے کو مفہوم و منشا سمجھائے (مولوی فیروزالدین: 1980ء)

مطلب ته ترجمي جو عمل هڪڙي ٻوليءَ مان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ تحريري ۽ زباني طور ٿئي ٿو ۽ مترجم ٻنهي ٻولين ۾ رابطي جو فرض سرانجام ڏئي ٿو، هاڻي اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ترجما ڪيئن عمل ۾ اچن ٿا ۽ ادب ۾ ڪهڙو رول ادا ڪن ٿا؟ يا انهن جي اهميت ۽ افاديت ڇا آهي؟

انسان سماجي جانور ۽ قومون سماجي گروهه آهن، سماج ۾ ڪابه قوم يا ڪوبه فرد، اڪيلي سر حياتي نٿو گهاري سگهي، ٻوليون ئي سماجي ضرورتن جي پورائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. انساني سماج جي سڌريل ٻولين ۾ ادب جو مطالعو، ان قوم جي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ معاشرت جو مطالعو آهي. سماجي گروهن جي هڪٻئي سان ٻوليءَ جي سهڪار واري عمل سبب ئي دنيا جون قومون ترقي ڪن ٿيون. دنيا ۾ ٻولين جي باهمي رابطي ۾ ترجمي جو عمل هڪ اهم وسيلو آهي.

مختلف ٻولين جو ادب جڏهن هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ ترجمي ذريعي عام ٿئي ٿو، تڏهن ان جي اهميت ۽ افاديت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. ادب ۾ ترجمن سان ٻين ملڪن جي قدرن، نظرين ۽ اصولن جي واقفيت ٿيندي آهي ۽ انهن ملڪن ۽ قومن جي نظرياتي ۽ عملي جدوجهد، طبقاتي جاکوڙ، قومي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي حالتن سان گڏ ادبي فن جي نون لاڙن، نون اسلوبن ۽ نون نمونن، نون خيالن، نون معنائن ۽ تجربن سان واقفيت ٿيندي آهي، ۽ گڏوگڏ ترجمي جي عمل سان ٻولين جي باهمي رابطي جون اهميتون ۽ وسعتون وڌنديون آهن ۽ انهيءَ ريت مترجمن جي صلاحيتن ۽ فڪر سان گڏ سندس قارئين جي فڪر ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو آهي، جيڪو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾ پڻ فائديمند آهي.

حقيقت ۾ ترجمو اصل جو نقل آهي، پر اصل جو ڏيک ڏيندڙ ترجمو ئي ڪامياب ترجمو آهي. جنهن ۾ ليکڪ جي لکيل اصل (Original) فن پاري جو روح گهڻي ڀاڱي قائم رهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته مترجم کي ٻنهي زبانن تي عبور حاصل هجي ته جيئن هو اصل ماسٽر پيس (Master Piece) جي ڪاريگري ۽ ڪوملتا کي (سهڻن لفظن ۽ جملن جي آهنگ سان) پڙهندڙن ڏانهن منتقل ڪري، پر فقط زبان ڄاڻڻ ئي ڪافي نه آهي. جنهن ماحول يا مزاج تحت ليکڪ لکيو انهيءَ جي معلومات، انهيءَ وقت ۽ ادبي ماحول جي ڄاڻ به مترجم کي هئڻ کپي. اهي سڀ عوامل هڪ هنڌ جمع ٿيڻ تحقيق مشڪل پڻ آهي. پر ترجمي جي اصليت کي برقرار رکڻ لاءِ يا ترجمي جي فن کي سهڻائيءَ سان عمل ۾ آڻڻ لاءِ، نقادن، محققن ۽ مترجمن جي ڏسيل اصولن ۽ راين تي عمل ڪرڻ سان آساني ٿيندي. ترجمي جي ٻن طريقن يعني آزاد ترجمو ۽ لفظي ترجمو تي ڪجهه روشني وجهجي ٿي. هتي اسين صرف ادب جي نثري ۽ نظمي ترجمن جي گهُرجن (Requirements) ۽ اهميت و افاديت تي بحث ڪنداسين.

آزاد ترجما:

مختلف ادبي صنفن جي ڪتابن جا ڪيا ويندا آهن، جن ۾ نثر ۽ نظم جون صنفون شامل آهن.

ادب جي مختلف صنفن کي ترجمي جي عمل مان گذارڻ مهل انهن صنفن جون گهُرجون الڳ الڳ آهن، انهيءَ لحاظ کان معيار ۽ ماپا مقرر ٿيل آهن، ترجمي جو اهم اصول آهي ته ترجمو اصل مطابق هجي. مترجم تي اها ٻٽي جوابداري آهي ته هو نقل کي به اصل جهڙو ڪري پيش ڪري، انهيءَ لاءِ وٽس لاڳاپيل صنف جي وسيع ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي لفظن جو وڏو ذخيرو ۽ ان جي ڪارائتي استعمال جو ڏانءُ هئڻ گهرجي.

بعضي ائين به ٿيندو آهي ته مترجم پنهنجن ويچارن، وهمن ۽ ذاتي نظرين سميت ترجمي ۾ داخل ٿيندو آهي. انهيءَ سان سندس ذاتي لکڻيءَ جي ڇاپ ترجمي ۾ ڪاهي پوندي آهي ۽ وڌاءَ ۽ مواد ۾ تبديليءَ سبب اصل جي متاثر ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ ٿي ويندا آهن. ترجمي ڪرڻ مهل اصل فن پاري جي روح کي قائم رکڻ لاءِ مترجم ورائي ورائي جيڪڏهن ان تحرير کي پڙهندو ته ٻنهي ٻولين جي لفظن جي وسعت ۽ اديبانه اپروچ کي پهچي سگهندو. اهو مترجم جي ذاتي سوچ، محنتن ۽ صلاحيتن تي مشتمل آهي ته هو اصل فن پاري سان وفادار آهي يا پنهنجو پاڻ سان. بعض اوقات اصل ڪتاب تمام ڪارائتو هوندو آهي، پر مترجم ان کي بي سوادو بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اصل ڪتاب ايترو اثرائتو نه هوندو آهي، پر مترجم منجهس پنهنجي قلم جي ڪمال ۽ تخليقي قوت سان پڻ حسين رنگ پکيڙي ڇڏيندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن ڪو ترجمو مختلف ٻولين مان ٿيندو ويندو آهي ۽ گهڻين ٻولين مان گذرڻ کان پوءِ انهيءَ جي اصليت (Originality) کي وڏو ڌڪ لڳندو آهي. انهيءَ لاءِ نجم عباسيءَ جي ڪتاب ”پهاڙن ۾ پڪار“ جو مثال پيش ڪيان ٿي. خليل جبران جو اصل ڪتاب ”ارواح المعتمريده“ جي عنوان سان 1920ع ۾ عربي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو انگريزي ترجمو Spirits Rebellious 1948ع ۾ شايع ٿيو ۽ انگريزيءَ تان اردوءَ ۾ حبيب اشعر ”سرکش روحين“ جي عنوان سان ترجمو ڪيو ۽ ابوالعلا چشتي به ساڳئي ڪتاب جو اردو ترجمو ”دلهن کي سيج“ جي عنوان سان ڪيو، ۽ نجم عباسي انگريزي ۽ اردو ڪتابن تان ملائي 1996ع ۾ ”پهاڙن ۾ پڪار“، جي عنوان سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهيءَ تي عباسي صاحب لکي ٿو ته ”هر مترجم پنهنجي پنهنجي نموني تي دست اندازي ۽ ڦيرگهير ڪندو رهيو جيڪڏهن خليل جبران جيئرو ٿي پوي ۽ سنڌي سکي ۽ پنهنجي عربي ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڙهي ته شايد هيءَ لکڻي سڃاڻي به نه سگهي.“ (عباسي نجم ڊاڪٽر: 1996ع، ص 4)

ادبي ڪتاب اکر با اکر ترجمو ٿيڻ مشڪل آهن. انهيءَ تي ”راسيلاس“ ناول جا مترجم اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي ۽ نولراءِ شوقيرام آڏواڻي ڄاڻائين ٿا ته:

”هيءُ ڪتاب اصل مشڪل انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، جي حرف به حرف ترجمو ڪجي ها ته جيڪر سمجهه ۾ ڪين اچي ها تنهنڪري جيترو ٿي سگهيو آهي اوترو صاف سنڌيءَ ۾ ڪيو ويو آهي.“ (مهاڳ) (ٿانورداس اُڌارام: 1958ع، ص 2)

ڪٿي ڪٿي ڪي اصطلاح، روايتي لفظ ۽ تشبيهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي مترجم جي نظر ۾ اهم هوندي هو ترجمي جي عمل ۾ آڻيندو ته آهي ته فني ۽ علمي گهُرجن جي پورائي نه هئڻ سبب مطمئن نه ٿي سگهندو آهي، انهيءَ تي ڊاڪٽر سارلي لکي ٿو ته:

”منهنجو ترجمو اصل جي مطابق آهي، پر وزن جي ضرورت ڪري ڪجهه ڊيگهه ناگريز ٿي ويئي آهي. اصل ڪتاب ۾ (شاهه جو رسالو) ۾ جيڪي استعارا ۽ تشبيهون آهن سي قائم رکيا ويا آهن، پوءِ ڀلي اهي انگريزي پڙهندڙن کي اوپرا ۽ عجيب ڇو نه لڳن؟“

اڳيان هلي اهو به اعتراف ڪن ٿا ته:

”سچي ۽ صحيح ڳالهه اوهان کي ٻڌايان ته سنڌي نسخي جي اختصاري ۽ لفظن جي ٿورائيءَ کي جيئن جو تيئن آڻڻ مون لاءِ ناممڪن هو. ڪن هنڌن تي مون انگريزي شاعريءَ ۾ تجربا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. جيڪي گهڻو ڪري جديد شاعريءَ جي طريقي ۾ آهن. (سارلي ڊاڪٽر، 1992ع، مهاڳ)

(مٿيون سٽون سارلي صاحب شاهه جي رسالي کي انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمي ڪرڻ جي باري ۾ چيون آهن).

هرمن هريس جي انگريزي ناول ”سڌارٿ“
 (جنهن جا يورپ ۽ آمريڪا ۾ پنجاهه کان گهڻا ڇاپا ڇپيا آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ وڪرو ٿيو آهي ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي) کي سنڌي ترجمو ڪندي، فضل احمد بچاڻي لکي ٿو ته ”ترجمي جي حق ادا ڪرڻ جي پوري ديانتداريءَ سان ڪوشش ڪئي اٿم. ترجمو مڪمل آهي، پر البت ڪي ٽڪرا جي بنهه غير ضروري ۽ ورجاءُ وارا هئا سي ڇڏي ڏنا اٿم، اهڙيءَ طرح جو ڪهاڻيءَ ان جي تسلسل تي ذرو به اثر نه پوي.“ (بچاڻي فضل احمد: 1991ع، ص 8)

مٿين حوالن مان ثابت ٿئي ٿو ته مترجم باوجود ڪوشش جي به اصل کي ساڳيءَ ريت برقرار رکي نٿو سگهي، پر ڪامياب ليکڪ ۽ مترجم، جنهن کي ٻنهي زبانن تي مڪمل عبور حاصل آهي، سو اصل جي روح کي قائم رکڻ ۾ گهڻي حد تائين ڪامياب ٿي وڃي ٿو.

لفظي ترجما:

لفظي ترجما لغتن ۽ گرامر وغيره جي ڪتابن جا ڪيا ويندا آهن. لفظي يا آزاد ترجمو ڪرڻ انهيءَ ڪتاب جي گهُرج تي دارومدار رکي ٿو، ڪنهن به ادبي فن پاري جو لفظي ترجمو ان جي بيهڪ ۽ سونهن ۾ نه فقط فرق آڻيندو، پر مافي الضمير واضح ٿيڻ ۾ به وڏو فرق اچي ويندو. As it is يعني جهڙو آهي تهڙو جي بنياد تي ڪوبه ادبي فن پارو ترجمو ٿي نٿو سگهجي. هر ٻوليءَ جو گرامر ۽ ان جي بيهڪ پنهنجي پنهنجي طريقي جي آهي. اکر با اکر، يا لفظي ترجمي سان ان فن پاري جي اصليت ۽ حسن جي متاثر هئڻ جو امڪان آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو ترجمو ڪيو ويندو ته ان جو مزو يا اثر زائل ٿي ويندو. انهيءَ ڪري لفظي ترجما سائنسي، علمي، لغت يا گرامر جي ڪتابن جا ڪيا ويندا آهن، جنهن ۾ لفظ کي اکر با اکر ترجمو ڪيو وڃي ٿو.

ادب ۾ ترجمي جي اهميت ڄاڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اهو معلوم ڪيو وڃي ته ٻين ٻولين جي لکڻين ۽ خاص ادبي تحريرن جا ترجما ڇو ڪيا ٿا وڃن؟ انهيءَ لاءِ هيٺ چند نُڪتا پيش ڪجن ٿا:

(1)       ڪڏهن به ڪو مترجم اديب (جيڪو ترجمي جي صلاحيت سان نوازيل هجي) ڪو ادبي شاهپارو پڙهندو آهي ته ان کي ترجمو ڪري پنهنجي ديس واسين اڳيان اهو شاهڪار آڻڻ چاهيندو آهي. انهيءَ ڪري ترجمي جو فن عمل ۾ ايندو آهي.

(2)     دنيا جي وڏن دانشورن، عالمن، مفڪرن، شاعرن ۽ سڄاڻن جا ويچار عام ڪرڻ واسطي ادب ۾ ترجما ڪيا ويندا آهن.

(3)     عموماً مترجم ڪي اهڙيون لکڻيون ترجمو ڪندا آهن، جن ۾ سندن قوم ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪي نظرياتي، عملي ۽ ڪارائتيون ڳالهيون کين معلوم ٿينديون آهن.

(4)     ترجمي ذريعي مترجم اهو به ڏيکارڻ چاهيندو آهي ته جيڪي ڪجهه هو سڌوسنئون نٿو بيان ڪري سگهي سو ٻين ملڪن جي حالتن يعني (انهيءَ فن پاري) جي اوٽ ۾ پنهنجي ڏيهه واسين کي بيان ڪندو آهي ۽ اهو ثابت ڪندو آهي ته سندس جهڙا ويچار ٻين ملڪن جي اديبن، شاعرن ۽ عالمن جا آهن. ترجمي ذريعي مترجم اديب انهن تحريرن جي لکڻيءَ جي تهه تائين پهچي ٿو، جو عام جي مٿاڇري مطالعي سان گهٽ ممڪن آهي.

ترجمن سان ٻين قومن ۽ ملڪن جي ليکڪن جي سوچ ۽ ڄاڻ جي پروڙ پوندي آهي. ٻين ملڪن جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جنگين، ملڪي معاملن، عوامي سوچن ۽ طبقاتي فرقن ۽ انهن لاءِ ڪيل جاکوڙن جي معلومات ملندي آهي.

ترجمي جي عمل سان مترجمن جي ڏيهه واسين کي وڏا فائدا ملندا آهن. جن ۾ ٻين ملڪن جي عملي جدوجهد، طبقاتي جاکوڙ، قومي نظريا ۽ قومي جنگين جا احوال، ملڪن جا معاشي، سياسي، سماجي ۽ علمي و ادبي ويچار معلوم ٿين ٿا ته سندن علم دوستي، ادب پروريءَ جي مزاج ۽ رويي ۾ پختگي اچي ٿي ۽ کين گهڻين ٻولين سکڻ ۽ پوريءَ دنيا جي علم و ادب سان واسطو رکڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو.

مٿئين جائزي کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج ۾، ترجما نه فقط اهم رول ادا ڪن ٿا، بلڪ ترجمي جي عمل سان ادب کي وڏو فائدو رسي ٿو. تخليقي عمل سان ٻولي ۽ علم و ادب جي جهول ۾ وسعت ايندي آهي، پر ادبي اوسر جي عوامل ۾ ترجمو، تحقيق ۽ تنقيد خاص حيثيت رکن ٿا. تحقيق ماضيءَ جي گُم ٿيل ادبي ورثن، قدرن، نظرين ۽ اصولن جي تلاش ڪرڻ جو عمل آهي. جنهن سان نه رڳو شاندار ماضيءَ سان واقفيت ٿئي ٿي. بلڪه نئون نسل، قديم لاثاني قدرن، نظرين ۽ اصولن سان شناسائيءَ ۾ احساسِ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ ريت ادبي تاريخن جو ٽُٽل ڪڙيون ملنديون رهنديون آهن. ساڳيءَ ريت تنقيد جو عمل اديب ۽ ادب جي سنوار ڪري ٿو ته ترجمي جو عمل پوريءَ دنيا جي علمي ۽ ادبي ماحول جي نظرين سان واقفيت ڪرائي ٿو. جنهن سان نون ادبي اصولن جي ڄاڻ سبب ڏيهي ادب جي اوسر ۽ ارتقائي عمل ۾ مثبت تبديلي اچي ٿي.

ادب ۾ ترجمي جي عمل جي اهميت ۽ افاديت ڄاڻڻ کان پوءِ اچو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ۽ خاص طور نثر ۾ ٿيل ترجمن تي هڪ نظر وجهون:

جيئن ته سنڌ خطي جي قدامت ۽ عظمت مڃيل آهي. هتان جي شاهوڪار سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ادب جا وڏا خزانا موجود آهن. هن زبان ۾ لفظن جو اڻکٽ ڀنڊار آهي. جنهن جي وسيع هئڻ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته اسان وٽ هڪ ئي لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون آهن ته ڪيترن ئي معنائن لاءِ هڪ لفظ استعمال ٿئي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي وسعت سبب، ڪيترائي ٻين ٻولين جا لفظ سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن. جيئن گلاس، ڪٻٽ، ريڊيو، ٽيليويزن، اسڪول وغيره. اهڙي عمل سان ٻوليون وڌن ويجهن ٿيون. ڌارين قومن جي آبادڪاري، پرڏيهي حڪمران، ايراضيءَ جي وسعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا لاڳاپا، قومن جي لڏپلاڻ، واپاري لاڳاپن ۽ ٻين سببن سان دنياوي ٻوليون هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ اينديون آهن.

ٻوليءَ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ اهم سبب علم و ادب جي ترجمي جو عمل آهي، جنهن ۾ جاندار ۽ زندهه ٻوليون ئي حصو وٺي سگهنديون آهن. سنڌي ٻوليءَ جو شمار به اهڙين جاندار ٻولين ۾ ٿئي ٿو. جيڪي ٻين ٻولين جي لفظن جي ذخيري کي پنهنجو ڪري پنهنجي ٻولي ۽ ادب کي وڌائين. لفظن جي مٽ سٽ جي طريقي سان ترجمي جي عمل کي به هٿي ملي ٿي. اها تبديلي ايتري ته غير محسوس طريقي سان ٿئي ٿي، جو انهن لفظن ۾ ڌاريائپ جي بوءِ پڻ محسوس نه ٿيندي آهي، انهيءَ عمل ۾ اڻ ٺهڪندڙ لفظ خوبخود متروڪ ٿي وڃن ٿا ۽ سهڻا ۽ ٻوليءَ جي سٽاءُ سان ٺهڪندڙ لفظ عوام جي پسند ٿي قائم رهجي ويندا آهن. معنيٰ ته دنيا جون ٻوليون لفظن جي مٽاسٽا جي عمل کان وٺي ادبي شهپارن جي مٽاسٽا تائين هڪٻئي سان سهڪار ڪن ٿيون ۽ هڪٻئي جي ضرورت رهن ٿيون. انهيءَ ڪري ڪنهن به ٻوليءَ جي اڀياس مهل ترجمي جي عمل کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

مٿئين تمهيد ڏيڻ جو مطلب آهي ته، سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ جڏهن ترجمي جي عمل جي پرک ڪريون ٿا تڏهن اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن لاکيڻيءَ ٻوليءَ جي وارثن، پنهنجي لساني حڪمت عملي، علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جو پورو پورو ثبوت پيش ڪيو آهي. هن علمي ۽ ادبي ٻوليءَ ۾ دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين مان ناياب شاهڪار ترجمو ٿيا آهن. جن ۾ خاص طور عربي، فارسي، ترڪي، هندي، گجراتي، بنگالي، انگريزي، تامل، هندڪو ۽ اردو ٻوليءَ جا ڪتاب شامل آهن، اهڙيءَ ريت اسان جو علمي ۽ ادبي ذخيرو ترجمن جي ماڻڪ موتين سان مالامال آهي. هتي وڏا وڏا اهلِ علم، ٻولين تي دسترس رکندڙ ڄاڻو، هفت زبان شاعر ۽ عظيم اديب ۽ مترجم رهيا آهن. جن جو فن سنڌي ادب لاءِ فخر جوڳو آهي. سندن ڪيل ترجمن ۾ ڪيترائي نظم ۽ نثر جا علمي ۽ ادبي ڪتاب اچي وڃن ٿا.

سنڌي نثر جي لکت جي شروعات قرآن پاڪ جي ترجمي سان ٿي آهي، پوءِ ديني مسئلن ۽ مذهب سان لاڳاپيل ڪتابن جا ترجما ٿيا. انهيءَ کان پوءِ عربي، فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين مان، طب، تاريخ، جاگرافي، نجوم ۽ ٻين علمن جا ڪتاب ترجمو ٿيا. انگريزن جي دور کان خاص طور سنڌي الف- ب جي صورتخطي مقرر ٿيڻ کان پوءِ ادبي ڪتابن جو وڏو تعداد ترجمي جي عمل مان گذريو، جنهن ۾ خاص طور درسي، علمي، ادبي، تاريخي ۽ ڪجهه ديني ڪتاب شامل آهن.

انگريزن جي دور ۾ نثر جي ادبي صنفن ۾ ترجمن جي شروعات ٿي. ميران محمد شاهه (اول) ”سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو“ هندي قصي ”سنبودي ڪبودي“ تان 1855ع ۾ ترجمو ڪيو. آخوند لطف الله، هندي قصي ”فسانهء عجب“ کي ”گُل خندان“ جي نالي سان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو انهيءَ کان علاوه ”طوطي نامو“، ”حاتم طائي“، ”ممتاز دمساز“، ”الف ليليٰ“ ۽ ٻيا قصا فارسي ۽ عربي ٻولين تان ترجمو ٿيا.

ناول نگاريءَ جي صنف ۾ پهريون سنڌي ناول، ”راسيلاس“ شمار ٿئي ٿو جو ديوان اڌارام ٿانورداس مير چنداڻي ۽ ديوان نولراءِ شوقيرام آڏواڻي، ڊاڪٽر جانسن جي ناول ”پرنس آف ايبيسينا“ تان 1868ع ۾ ترجمو ڪيو.

مضمون نويسيءَ ۾ پهريون مضمونن جو مجموعو ”مقالاتِ الحڪمت“ شمار ٿئي ٿو. جو شمس العلماء مرزا قليچ بيگ فرانسس بيڪن جي ڪتاب ”بيڪنس ايسيز“ (Bacon’s Essays) تان ترجمو ڪيو. ناٽڪ نويسيءَ ۾ ”ليليٰ مجنون“ پهريون طبعزاد ناٽڪ شمار ٿئي ٿو، پر هن ناٽڪ ۾ هندي ڏوهيڙا ڏنل آهن ۽ مرزا صاحب جو ٻيو ناٽڪ ”خورشيد“ ترجمو آهي. يعني سنڌي ناٽڪ نويسيءَ جي شروعات ۾ پڻ ترجمو جو عمل دخل رهيو آهي. ڪيترن ئي ناٽڪ نويسن، هندي، سنسڪرت، بنگالي، اردو ۽ انگريزي تان ناٽڪ ترجمو ڪيا. مرزا صاحب ته گهڻن انگريزي ڊرامن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو.

شروع دور ۾ جن مترجمن، ترجمن کي هتي ڏياري، انهن ۾ ديوان ننديرام سيوهاڻي، ميران محمد شاهه (اول)، آخوند لطف الله، اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي، ديوان ڪوڙومل، شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، لال چند امرڏنومل، احمد غلام علي چاڳلا، عثمان علي انصاري، خانچند درياڻي، منگهارام ملڪاڻي، محمد عثمان ڏيپلائي، ميلارام سنگترام واسواڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا.

پوءِ جي دور ۾ علامه آءِ.آءِ.قاضي، شمس العلماء دائودپوٽو، سيد حسام الدين راشدي، مخدوم امير احمد، مولائي شيدائي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، ممتاز مرزا، محمد حنيف صديقي، احسان بدوي، پروفيسر اڪرم انصاري، اياز قادري، تاج صحرائي، نياز همايوني، رسول بخش پليجو، رشيد احمد لاشاري، ولي رام ولڀ، فضل احمد بچاڻي، رشيد ڀٽي، نجم عباسي، علي احمد بروهي، نورالدين سرڪي، امداد حسيني، بدر ابڙو، بشير مورياڻي، محبوب علي چنا، حيدر سنڌي، گورڌن ڀارتي، تنوير عباسي، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عطا محمد ڀنڀرو، نصير اعجاز، قاضي خادم، عمر ميمڻ، ممتاز بخاري، زيب سنڌي، يوسف سنڌي، دادا سنڌي، رئوف نظاماڻي، حسين بادشاهه، غلام نبي ميمڻ، محبوب علي جوکيو، تاج بلوچ، سليم چنا ۽ ٻين اديبن ۽ شاعرن ترجمي جي عمل کي اڳيان آندو، جنهن ۾ ڪجهه مترجمن جو ڪم ته تمام قابلِ تحسين آهي، خاص طور تي ولي رام ولڀ ۽ عطا محمد ڀنڀرو جون خدمتون تمام اهم آهن.

ولي رام ولڀ سنڌي ادب ۾، ڪهاڻيون، ناول، آتم ڪهاڻيون، جيون ڪٿائون، خط، انٽرويوز لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. ان کانسواءِ تاريخ، فلسفي ۽ مذهب سان گڏ درسي ڪتابن جي حوالي سان سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڪم ڪيو اٿن. مترجم جي حيثيت سان ولي رام صاحب اردو، هندي، پنجابي، انگريزي، فرينچ، روسي ۽ ٻين ٻولين جي نثر مان ترجما ڪيا آهن. پاڻ ”غدار،، ”سيتا هرڻ“، ”ڌاريو“، ”ٽين دنيا جون ڪهاڻيون“، ”ٿڪل سريت“، ”بهشت ۽ دوزخ“، ”مون وٽ نڪا پيتي نڪا ڪُلف ڪنجي“، ”سنڌ ڪهاڻي“ ۽ ٻيا ڪافي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿن.

عطا محمد ڀنڀري جو شمار سنڌ جي وڏن مترجمن ۾ ٿئي ٿو. پاڻ تاريخ، تهذيب، جاگرافي، سياست، سماجيات ۽ ادب ۾ هڪ سؤ کان مٿي ڪتاب ترجمو ڪيا اٿن، جن جي ٻولي تمام عام فهم ۽ وڻندڙ آهي. سندن گهڻا ڪتاب انگريزي ٻوليءَ مان ترجمو ٿيل آهن، جن ۾ ”سنڌ منهنجي نظر ۾“، ”حُر گوريلا جنگ“، ”سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو“، ”سنڌوءَ جي ڪناري وساريل شهر“، ”سنڌ جو مهراڻ“، ”سنڌوءَ جو سفر“، ”ڀٽ جو گهوٽ“، ”سرتاج شاعر“ ۽ ٻيا، ترجمو هوندي به اصل جي سڳنڌ ڏين ٿا. اهڙيءَ ريت عالمي فڪري روين ۽ ادبي روايتن کي سنڌ واسين اڳيان آڻڻ ۾ اسان جي مترجمن وڏيون محنتون ڪيون آهن، جنهن سان سنڌي نثر ۾ ترجمن جي ڪتابن جو هڪ وڏو انگ جمع ٿيو آهي، جنهن جو مختلف رُخن سان تحقيقي جائزو وٺڻ سان اهم نُڪتا نروار ٿي سگهن ٿا، (سنڌي ادب جي ترجمن متعلق معلومات تي هن وقت ڪوبه تفصيلي احوال موجود نه آهي).

ضروري آهي ته هن اهم موضوع تي مختلف رُخن جي حوالي سان عمل ۾ آڻجي، اها ڇنڊڇاڻ ڪجي ته اسان وٽ ترجمو ٿيل ادب جو ڪيترو مواد موجود آهي؟ جنهن ۾ نثر ۽ نظم جي الڳ الڳ موضوع وار ورهاست ڪئي وڃي. انهيءَ مقدار جي معيار جي ڪٿ ڪرڻ پڻ لازمي آهي. معلوم ڪيو وڃي ته ترجمي جي عمل جي ماهيت، اصليت، خوبيون ۽ خاميون ڪهڙيون آهن؟ پوريءَ دنيا ۾ جيڪي ترجما ٿي رهيا آهن، ڇا اسان جي نثري ادب ۾ انهيءَ جا ترجما ٿي رهيا آهن؟ ۽ انهن سان سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ خاص طور ادبي ماحول تي ڪهڙا اثر مرتب ٿيا آهن؟

ڇا ترجمن جي عمل کي اڃان وڌيڪ مضبوط نيٽ ورڪ سان وڌائي نه ڇڏجي؟ ته جيئن سنڌ واسي هلندڙ وقت جي جديد روين سان آشنا هجن ۽ گڏوگڏ منجهن علم دوستي ۽ ادب پروريءَ جو رجحان تيز ٿئي. ازانسواءِ سنڌي ادب جي شاهڪار فن پارن کي ٻين ٻولين خاص طور اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ تي پڻ ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن سنڌ واسين جا ويچار، نظريا ۽ آواز اردو ۽ انگريزيءَ معرفت پوري پاڪستان ۽ پوريءَ دنيان ۾ پهچي. علامه آءِ.آءِ.قاضي ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا هن ڏس ۾ لکن ٿا ته:

”سنڌي زبان جي بقا لاءِ هڪ مؤثر طريقو آهي ته سنڌين ۾ قوتِ فڪر پيدا ٿئي جيئن اهي نئين خيال ۽ نئين معنيٰ کي سنڌي زبان ۾ قلمبند ڪن. ائين ڪرڻ سان سنڌي زبان جي بقا ۽ زندگيءَ جو سوال پاڻيهي حل ٿي ويندو.“

”سنڌي زبان ۾ چڱا ۽ بنيادي معلوماتي ۽ فني (Technical) نوعيت جا ڪتاب ۽ مواد بلڪل ڪونهي. انڪري اسان جو سمجهدار طبقو اردوءَ ۾ اهڙي مواد جي تلاش ڪري ٿو ۽ خريد ڪري ٿو اهو عمل سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيل غير ملڪي ۽ ملڪي زبانن جي ادب جي مڪمل معلومات ڏني وڃي ۽ ملڪي زبانن ۾ سنڌي ادب جي ڌار ڌار صنفن جي ترجمن جي مڪمل معلومات جمع ڪئي وڃي.“ (علامه آءِ.آءِ.قاضي ۽ الانا ڊاڪٽر، 1992ع، ص 191 ۽ 193)

اها حقيقت چِٽيءَ طرح پڌري آهي ته سنڌي نثر  جو بنياد ترجما نگاريءَ تي ٻَڌل آهي. ٽالپرن جي دور ۾ ٿيل قرآن پاڪ جي ترجمي کان وٺي، موجوده وقت تائين هزارن جي تعداد ۾ مختلف موضوعن تي ڪتاب ترجمو ٿيا آهن، جن ۾ نثر جي ادبي صنفن، جيئن ناول، ناٽڪ، افسانا، مضمون، مقالا، آتم ڪهاڻيون، سوانح عمريون ۽ ٻين صنفن ۾ پڻ ڪافي ترجمو ٿيل مواد ملي ٿو. اڃا به ضرورت آهي ته نون موضوعن تي ترجما ڪيا وڃن ۽ هن مَدَ ۾ مڪمل ڄاڻ رکي وڃي.

حوالا

(1)                      Oxford Advanced Learner’s Dictionary 1990, Urdu bazaar Karachi, P.1382.

(2)        فيروزالدين مولوي، ”فيروز اللغات“، 1980ع، اردو بازار لاهور.

(3)        عباسي نجم ڊاڪٽر، (مترجم) ”پهاڙن ۾ پڪار“ 1996ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص 4.

(4)        مير چنداڻي، اڌارام ٿانورداس ۽ آڏواڻي نولراءِ شوقيرام، ”راسيلاس“، 1958ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص 2

(5)        سارلي، ايڇ.ٽي، ڊاڪٽر (مترجم) عطا محمد ڀنڀرو، ”ڀٽ جو شاهه“ 1992ع، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، (مهاڳ).

(6)        بچاڻي، فضل احمد، (مترجم) ”سڌارت“، 1992ع، نيوفيلڊس پبلييڪشن، حيدرآباد، ص 8

(7)        الانا غلام علي ڊاڪٽر ۽ قاضي، علامه آءِ.آءِ، ”ٽه ماهي مهراڻ“ 1-2/1992ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، ص 191 ۽ 193.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com